سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :6

ولايت ۾ تعليم پرائڻ تي رايا

اها ڳالهه ڇڏي، وري هاڻي اسين ٻيءَ ڳالهه تي ٿا اچون، جو اسان ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا به آهن، جي هتي جي يونيورسٽين جي تعليم کي اڻ پورو ڄاڻي، ولايت جي تعليم ۽ امتحان کي ڪاميابي ۽ ترقي جو وسيلو ڄاڻن ٿا، جنهن تي اڄ تائين اسان جي مسلمانن جا ڪروڙها روپيا خرچ ٿي ويا آهن، ۽ پيا ٿين. هيستائين ته اسان هتي جي روڳي ۽ رکي تعليم جا اڇا، ڪارا پڙهندڙن جي اڳيان رکيا. هاڻي اچو ته ولايت جي تعليم جا به پدا پڌرا ڪيون، ته ان ۾ ڪهڙا ٽپڙ آهن.

ان لاءِ مسلمانن جي وڏي خير خواهه ۽ هڏ ڏوکيءَ ۽ اڳواڻ ۽ مشهور داناءُ ۽ قابل، سر سيد احمد خان مرحوم جي راءِ جو حوالو ڏيون، جو انگريزي تعليم جو سڀ کان وڏو حامي هو ۽ مسلمان ۾ ان تعليم جو بنياد ئي ان وڌو.

ٿيو هيئن، جو کانئس ڪن ماڻهن لکي پڇو هو ته اسين پنهنجي ٻارن کي ولايت موڪليون يا نه؟ تنهن بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ انهن سڀني لاءِ سر سيد صاحب هڪ مضمون پڌرو ڪيو سو هي آهي. هن لکيو ته اسان جي نظر ۾ ٻارن کي ولايت ڏي تعليم واسطي موڪلڻ لاءِ ٻه مطلب آهن؛ هڪ هيءَ ته يا اهي اهي شاگرد اعليٰ درجي جي تعليم يا ڪنهن اهڙي هنري تعليم جي شاخ پرائي اچن يا ايترو سکن جو هت اچي ڪنهن روزگار ڪمائڻ جهڙا ٿين. سو تجربي مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي آهي ته پهرين مطلب لاءِ اڄ تائين ڪو ڪو نه ويو آهي. جنهن جي اسان جي مسلمان کي ضرورت آهي ۽ جنهن ۾ ذاتي عزت آهي، ڇو ته بي. اي يا ايل. ايل. بي يا بئريسٽر اعليٰ درجي جي تعليم ۾ داخل ناهي ۽ نه ان مان ذاتي لياقت حاصل ٿئي ٿي اڄڪلهه به هندوستان ۾ اهڙا ماڻهو پيا آهن، جن ولايت جي واءَ به نه ڏٺي آهي سي ولايت جي تعليم وارن کان هزار درجا وڌيڪ لائق ۽ قابل آهن. نه ته ولايت ۾ تعليم وٺڻ ڪري هيترو ته ٿئي جو هو ڪنهن به هنر يا شاخ جي ڪم ۽ اهڙو قابل ٿي اچي، جنهن جو مثال هندوستان ۾ نه هجي يا گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٿي اچي، جو هتي جي تعليم وارن کان لياقت ۽ فضيلت ۾ ته وڌيڪ هجي. نه ته ايڏن خرچن ڪرڻ ۽ ڏکن ڀوڳڻ مان ڪهڙو فائدو؟

مسلمانن ۾ تعليم جي اهڙي ڪمي آهي جو اڄ تائين ولايت مان جيڪي ٿي آيا آهن، تن ۾ ايتري به لياقت ڪانهي جو ڪو اهڙو عمدو مضمون لکن، جنهن کي ڏسي دل خوش ٿئي ۽ جيڪي هتي جا قابل ۽ لائق لکندڙ آهن، تن کان وڌيڪ هجي؛ تنهن ڪري، جيڪڏهن ڪو ڏيهي ماڻهو ولايت مان پڙهي ۽ ڪا ڊگري وٺي اچي ۽ ان تي ڦنڊي ته هو وڏو تعليم يافتو آهي، سو بلڪل ڀليل آهي.

باقي رهيو پوريون مطلب ته هو ولايت مان پڙهي هت اچي ڪو روزگار ڪمائي، تن لاءِ هيٺان امتحان آهن.

پهريون: سول سروس، ٻيو: بئريسٽري. هتي جا سڀ ماڻهو، انهن ٻن ڳالهين لاءِ ولايت وڃن ٿا، ۽ گهڻو ڪري ته سڀني جو زور بئريسٽريءَ تي آهي. اهي ٻئي ڳالهيون، يا ٻئي امتحان اسان جي نظر ۾ ڪجهه به ناهن، نه اها علم جي ترقي آهي ۽ نه ان مان مال دولت گڏ ٿي ٿو سگهي ۽ نه ڪو ذاتي عزت.

ٽيون: ايگريڪلچر، يعني پوک جو علم، اهو اسان جي ملڪ لاءِ ڪمائتو ناهي.

چوٿون: انجنيئري، جو اڄ تائين اسان اهڙو ڪو ڏيهي ماڻهو نه ڏٺو، نه ٻڌو، جو اهڙو علم ولايت مان پرائي آيو هجي، ۽ هت اچي ڪامياب ٿيو هجي.

پنجون: ڊاڪٽري جنهن مان رڳو نوڪري جو غرض هجي.

هاڻي اچو اول سول سروس تي ان تعليم مان روزگار شرطي آهي ۽ چڱو شرطي آهي ۽ چڱو عهدو ملي ٿو، پر ان ۾ اصلي ۽ ذاتي عزت ڪانهي نه قوم لاءِ ان مان ڪو فائدو آهي. هٿان ان جو خرچ ۽ ٽيپ ٽاپ اهڙا ته وڌن ٿا، جو پگهار پيٽ ۾ پوري.

ٻيو بئريسٽري، هي ته اهڙو اجايو ۽ بي فائدي ڪم آهي جنهن مان هڙ هلاڪ ۽ پيسا پاڻي! ايتري خرچ ڪرڻ سان به بئريسٽر ڌڪا ٿاٻا کائيندا وتن. انهن کان وڌيڪ هتي جا نامور وڪيل ايترو ماهوار ٿا ڪمائن، جو انهن کي سال به نصيب نه ٿو ٿئي.

ايگريڪلچر لاءِ مٿي چيو ويو آهي ته، هن ملڪ جي ڊول جو ناهي، باقي انجنيئري علم بيشڪ چڱو آهي مگر ان ۾ به هي رولو آهي ته اهو اهڙو ٿئي، جو هتئون جي ساڳئي علم وارن کان وڌيڪ روزگار ڪمائي؛ تڏهن سندس پورهيو ساب پئي.

ڊاڪٽريءَ مان پنهنجو ۽ ملڪ جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اها به نوڪري لاءِ پرائجي ته پوءِ ان کان وڌيڪ خراب ڪم ٻيو ڪونهي. (اتي سر سيد جو لکيو پورو ٿيو)

ان ڳالهه کي به ڇڏي، وري هيءَ ڳالهه به ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي ته جن ماڻهن مسلمانن جي چاڙهي ۽ واڌاري جو سبب ۽ ڪارڻ، انگريزي تعليم کي ڄاتو آهي، سي ۽ سڀ انگريزدان ۽ ٻيا به جيڪي مسلمانن جا خير خواهه، ڪهڙي به قسم جا آهن، سي جڏهن پنهنجن تقريرن يا وعظن ۾ لکن مسلمانن کي اڀاريندا آهن ۽ همٿائيندا آهن، تڏهن انهن کي اڳئين زماني جي ناليرن ۽ وڏن بزرگن مسلمانن جا مثال ۽ احوال ياد ڏياريندا آهن، چوندا آهن ته ڏسو اوهان جا وڏا ۽ اڳيان مسلمان ڪهڙا نه زور وارا هئا ڪيڏا ملڪ فتح ڪيائون، ڪهڙا وڏا ڪم ڪيائون. اوهان همت ڇو هاري آهي؟ ڇو آرسي ۽ ٽوٽي ٿيا آهيو؟ اٿو، علم ۽ هنر پرايو، پنهنجن وڏن جهڙا ٿيو.“

ان تي اسان جو سوال آهي ته انهن اسان جي وڏن، جن جو دهڪو ساري جهان ۾ هو ۽ جن جو نالو اڃان تائين ياد آهي، تن ڪهڙو علم پڙهيو هو! ڇا انگريزي پڙهي هئائون يا ولايت ويا هئا! يا رڳو ديني علم ۽ عمل کان اها وڏائي ۽ حڪومت ۽ مرتبا هٿ ڪيا هئائون.

انهن جي تعليم جو نتيجو ۽ مت رڳو دنيا پوڄڻ ۽ ٽڪن ڪمائڻ ۽ مال ميڙڻ ۽ نوڪرين وٺڻ لاءِ هو ۽ هر طرح سندن تن من مال متاع خلق جي ڀلي ۾ قربان هو.

هت متان ڪي ماڻهو، هي ڦڌو وجهن ته گذريل زماني ۾ مٿيون ڳالهيون ٺهي ٿي سگهيون ۽ اهو وقت به اهڙو هو، هاڻي مال، دولت، عهدن ۽ اختيارين ۽ ڀڀڪي سان قوم جو عروج ٿيڻو آهي، تنهن ڪري اهڙيون شيون هٿ ڪرڻ ضروري آهن.

بيشڪ، پر ان لاءِ، اسان هاڻوڪي انگريزن جي مسلماني ڪاليجن ۽ مدرسن جا جيڪي استاد آهن، تن جو لکيو پيش ڪيون ٿا.

مسٽر ليٿوڊوروبڪ، علي ڳڙهه ڪاليج جو اڳوڻو پرنسيپال پنهنجي پوئين لکئي ۾، طالبن کي هيءَ وصيت ڪئي هئي ته:

”اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تنهنجو جواب ته سولو آهي، يعني مطلبي ٿيڻ کان سواءِ همت ڪريو ۽ پنهنجن اڳواڻن جون ڳالهيون، اڳيان آڻي، انهن جهڙيون عادتون ۽ همتون سکو. اسان ٻڌو آهي ته اوهان جو نبي ڪريم () هفتي تائين، ڪنهن ڏينهن ۾ ٻه دفعا کاڌو نه کائيندو هو. حضرت علي ننڍڙائيءَ کان وٺي سر گهور بهادريءَ سان سندن ٻيلهپي ۾ رهندو هو. حضرت عمر هڪ سپاهي وانگر رهي، ملڪ جي بادشاهي هلائي ۽ زماني جون سختيون به صبر سان سٺيون. ان مان سمجهو ته ڪهڙو به شخص ڪهڙي به حالت ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهي ٿو، پر اوهان ڳالهين جي بدران ڪم ڪري ڏيکاريو.“

هاڻي ته سڀ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته حضرت علي سائين ۽ حضرت امير عمر سائينءَ جهڙا ماڻهو، ڪهڙي نموني جا هئا. ڇا اهي صاحب، جاڪٽ، پتلون، نيڪٽائي، بوٽ پائي، ۽ رڳو پنهنجي فرنيچر ۽ اسباب ۽ رهڻ جي جاءِ تي هزارها روپيا خرچيندا هئا! يا پنج وقت نماز جي بدران ٽي بريڪ فاسٽ، لنچ ڊنر، ڪرڪيٽ، فٽ بال ۾ گذاريندا هئا. يا هو اهڙا ماڻهو هئا جو رڳو پنهنجن پيٽ پالڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ڌنڌو ڪندا هئا يا اهي دنيا کي دين کان وڌيڪ ۽ ضروري ڄاڻندا هئا.

پوءِ ڪو چئي سگهندو ته اڳوڻن مسلمانن جهڙا لڇڻ ۽ همتون هن تعليم مان حاصل ٿينديون، ڪڏهن به نه! اهڙو خيال ڪرڻ، ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهن.

هاڻوڪي تعليم يافتن جي ۽ ٻين ماڻهن جي حالت ڀيٽڻ مان، هاڻي چڱي طرح سان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته مسلمانن جي چاڙهي ۽ واڌاري، سنوار ۽ سڌار لاءِ مذهبي علم دنيا علم کان وڌيڪ ڪمائتو ۽ ضرورائتو آهي.

اڃا اوهان کي هيءَ ڳالهه ٻڌي به عجب لڳندو ته جيئن انگريزي تعليم جي حمايت وارن جو چوڻ آهي ته مسلمانن کي ديني علم پڙهائي، پنهنجي قوم ۾ فقيرن ۽ پينن جو عدد وڌائڻو آهي تيئن سرڪاري آفيسر ۽ يونيورسٽين جي اختياري وارا هي دانهون پيا ڪن ته سال به سال ۾ جو گريجوئيٽن جو عدد وڌندو ٿو وڃي سي پنهنجي قوم تي به ٻوجهه آهن ۽ حڪومت لاءِ به چڱا نه آهن. اهي گريجوئيٽ سواءِ هن جي ته هو نڪمن رولو يا بوکڙو جماعت جي برٿي وڌائن، ٻئي ڪنهن ڪم جا نه ٿيندا. پر انهن کان ته پينو به نه پڄندو، پوءِ ضرور ڏوهن جا ڪم ڪندا، تنهنڪري، پنهنجي قوم ۽ سرڪار لاءِ هر طرح خوفائتا ثابت ٿيندا.

جي ماڻهو هن سوداءَ ۾ پيل آهن ته مسلمانن جو چاڙهو انگريزي تعليم کان سواءِ نه ٿيندو، اهي ڪو هي خيال ڪن ٿا ته جيڪڏهن سيڪڙي تي، ڏهه، ويهه، ٽيهه ماڻهو، پڙهيا ته انهن مان قوم سڌريل ۽ چڙهيل ڪين ليکبي، ته ڪي وري 6 ڪروڙ مسلمان، سڀ گريجوئيٽ ٿي سگهندا ڇا، اها ڳالهه ته ٿيڻي ناهي.

پر جي کڻي سڀ تعليم وٺن ته پوءِ به ڇا ٿيندو! انهن سڀني کي نوڪريون ملنديون ڇا؟ جي نه ملنديون ته پوءِ اهي ڇا ڪندا ڇو ته اهي گريجوئيٽ، سواءِ نوڪريءَ ڪرڻ جي ته ٻئي ڪنهن ڪم جا نه آهن. وڏو وس ته جن کي نوڪري نه ٿي ملي، سي وڪالت ڏي ڊوڙن ٿا، پر هاڻي ئي وڪيلن جو ايترو عدد ٿي ويو آهي، جو اهي به بک ٿا مرن! مون، ڪي ته روپئي، ٻن لاءِ به هلاڪ ڏٺا آهن. ان ڌنڌي مان به سندن پورائي نه ٿيندي، جو هاڻي ئي ان جو مان ڪونه رهيو آهي. باقي رهيو هنر ۽ واپار، سو انهيءَ پاسي ته مسلمانن جو خيال ئي ڪونهي. نه ڪي گريجوئيٽ ان ڪم جا لائق ٿين ٿا، ته پوءِ ڪهڙي منهن سان اهي ماڻهو چون ٿا ته مسلمانن جو چاڙهو، انگريزي تعليم مان ٿيندو! يا اها تعليم مال، دولت، عزت، آسودائيءَ ۽ بيٺلائيءَ جو ڪارڻ آهي!

حال اهو آهي جو هاڻي ئي خير سان ويچارا گريجوئيٽ ويهن پنجويهن روپين جي نوڪريءَ لاءِ حيران، پريشان آهن، پوءِ ته کين پٽيوالي به ڪانه ملندي! برخلاف ان جي مسلمانن ۾ جهڙوڪ ميمڻ، ۽ وونرا (بوري) ڪڇي، جي انگريزي تعليم به نه ڄاڻن، رڳو واپار جي ڌنڌن ۾ لڳل آهن ۽ پنهنجي اولاد کي به اُن ڪم تي وجهن ٿا، ته ڪهڙا ۽ ڪيڏا آسودا ۽ دولت وارا آهن جو گريجوئيٽن جهڙا وٽن ڪيئي نوڪر آهن  ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي قوم کي به فائدو پهچائي سگهن ٿا جو انهن جي تعليم يا مسافرخانو، يتيم خانن، اسپتالن وغيره، خير جي ڪمن لاءِ لک روپيا خيرات ٿا ڪن ۽ مسڪينن حاجين کي به وڏي مدد ٿا ڏين. بعضي انگريزيدان جي ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندا آهن؛ ته انگريزي تعليم کان سواءِ، قومي همدردي نه ٿي ٿئي ۽ ان کان سواءِ، ٻيا ماڻهو قوم جي ڪا مدد نه ٿا ڪري سگهن، مگر آزمودي مان ته هيستائين اسان کي هيئن پئي معلوم ٿيو آهي ته انگريزيدان قومي همدردي رڳو وات سان ڪنهن ليڪچر يا تقرير وسو ڪندا آهن. باقي هو پنهنجي پيٽ پالڻ ۽ ٽيپ ٽاپ ۾ پورا نه آهن، سي ڇا ڪندا ۽ ڇا ڪيو اٿن؟ اهي خود به ٻين مسلمانن ديندارن ۽ انگريزيءَ جي اڻ تعليم ورتلن جي پيسن تي پليا ۽ پڙهيا آهن، جو علي ڳڙهه ڪاليج يا هڙن ٻين قومي مدرسن يا ڇندن يا اسڪالر شپن ۾ مڙيئي ٻين مسلمانن جا پيسا ڏنل آهن، انگريزيدان گريجوئيٽن کي اهڙي سگهه ۽ ڇاتي آئي ڪٿان جو هو ٻين مسلمانن وانگي هزارن جا هزار، سون جا سو، اهڙن خيراتي ۽ قومي ڪمن ۾ ڏين. هن ڳالهه کان ڪوئي انڪار نه ڪري سگهندو ته ڪنهن به اسلامي يا قومي خدمت ۽ ڪمن ۾ جيترو حصو يا واسطو ٻيا مسلمان وٺن ٿا، اوترو گريجوئيٽ ويچارا، انهن جي پتيءَ ۾ به نه آهن.

اسان جي مٿئين لکڻ سان، متان ڪو ائين سمجهي ته اسين انگريزي تعليم جي ابتڙ آهيون، جنهن جي هيتري ساري گلا ڪئي اٿئون، پر اسان رڳو ٻنهين علمن جي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ ان بابت ٻنهين علمن جي وڏن جا رايا ڏيکاريا اٿئون، جنهن مان پڙهندڙن کي خبر پوي ته علم ڇا جي لاءِ ٿو پڙهجي ۽ ان جو ڇا مطلب آهي ۽ سندس نتيجو ڇا آهي، نه ته انگريزي تعليم جو حامي، سنڌ ۾ هن ڪتاب جي لکندڙ کان وڌيڪ ڪونه هوندو. جنهن جو دلي مطلب آهي ته نتيجو ڪجهه به ٿئي، مگر مسلمانن کي ان علم مان واقف ٿيڻ ضرور آهي، جو هن حياتيءَ جون ضرورتون ۽ گهرجون هن علم ۽ زبان جي وسيلي ۽ ڄاڻڻ ڪري، چڱيءَ طرح آسانيءَ سان پلجي سگهن ٿيون.

جي ماڻهو انگريزي تعليم جي برخلاف آهن، يا سستي ٿا ڪن، سي چڱو نه ٿا ڪن.

جيڪڏهن مسلمان، انگريزي پڙهي ڪنهن نه ڪنهن نوڪريءَ ۾ ٿيندا ته جيتوڻيڪ هو قومي عزت ۽ ساک نه وڌائن، پر پنهنجي پيٽ پالڻ لائق ٿيندا ۽ عام طرح رواجي سڌريل ته ڄاڻبا، يعني ڪنهن قطار ۾ ته ليکبا، يا جي چڱا مڙس ٿيا ته پوءِ پنهنجي نوڪريءَ ۾ به پنهنجي قوم جي ڪجهه نه ڪجهه خدمت ڪري سگهندا، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ اسان جا ڪي مسلمان اهڙا لائق ٿي گذريا آهن، جو باوجود ان تعليم ۾ وڏن عهدن جي، پنهنجي مذهبي لباس ۽ حڪمن موجب، تمام دورهي ۽ قوم کي فائدو پئي پهچايو اٿن.

اسان جو مطلب فقط هن ڳالهه جي ڏيکارڻ جو هو ته هروڀرو انگريزي تعليم قوم جي چاڙهي ۽ واڌاري، يا مال دولت ۽ عزت حاصل ڪرڻ جو وسيلو يا ڪارڻ نه آهي ۽ نه وري اهو مطلب آهي ته سڀ مسلمان ديني علم پڙهي، عالم فاضل ٿيندا، سو به ٿيڻو نه آهي. مگر اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته دين مذهب جي پوري وقوفيت سان انگريزي تعليم پڙهون ۽ ان کي نوڪري جو لازمو نه سمجهون. بلڪه وقوفيت پيدا ڪرڻ ۽ پاڻ کي لائق بنائڻ ۽ لڇڻن سڌارن ۽ قوم يا ملڪ جي ڀلي ڪرڻ لاءِ سکون، جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجو عادتون سڌاريون. هروڀرو انگريزي پڙهي انگريزن جي چال نه وٺون. انهن جون جيڪي چڱيون عادتون هجن سي سکون نه ته جيڪي چڱي کان چڱيون عادتون ۽ لڇڻ ۽ ماڻهپو آهي سو ته رڳو دين اسلام جي حڪمن ۽ ان جي پيروي ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. هاڻوڪي چال جيڪا انگريزي دانن ورتي آهي، سا نڪمي ڪنهن نه ڪمن جي، جنهن مان نه هو آسودا ٿيندا ۽ نه کين سندن ڪمائي مان ڪا بچت ٿيندي، جو اوکي مهل کين ڪم اچي ۽ نه وري کانئن ڪو خير جو ڪم ٿي سگهندو نه ڀائرن جي مدد پڄندي. رڳو لباس ۽ جاءِ جي آرائش سامان ۽ آڪڙ رکائڻ مان ڇا ورندو؟

ان ۾ ڪا عزت ڪانهي. اهڙيءَ طرح اسان جا نيم ملان؛ جن کي دين جي علم جي دعويٰ آهي تن جا حال به اهڙا ئي آهن، سي به پاڻ کان سواءِ ٻين کي بي دين، دوزخي، ڪافر سمجهيو وتن. دعوتن ۽ نذرانن ۽ خدمتن ۽ غسل ڪفن، نڪاحن کي پنهنجي روزگار جو سبب پيا ڄاڻن. پرهيز گاري منجهن ذرو به نه لڀي تن جي علم ۽ ان جي نتيجي حاصل ڪرڻ ۾ به ايتري کوٽ آهي، جيتري اسين مٿي اڄڪلهه جي انگريزي تعليم ۾ ڏيکاري آيا آهيون ۽ نه وري ائين ٿي سگهندو ته سڀ ماڻهو يا انگريزي تعليم جي پڄاڻي ڪري سگهندا يا دين جي علم جي تنهن ڪري اسان جي اسلام ۾ به ٻه فرقا مقرر ڪيا آهن. هڪڙا عام ۽ ٻيا خاص عام ماڻهن تي فقط هيترو فرض آهي ته هو اسلام جا اصول ۽ ضروري مسئلا سکي ياد ڪن ۽ ان مان ضرور واقف هجن. سندن عقيدا برابر ۽ سالم هجن. شريعت جي هر هڪ حڪم ۽ دين جي علمائن جو ادب ۽ تعظيم رکن. گهٽ ۾ گهٽ نماز روزي تي ضرور قائم رهن، آسودائي هجين ته حج ڪن ۽ زڪات ڏين. جنهن به نوڪري يا ڌنڌي ۾ رنڀيل هجن، تنهن ۾ امانت ۽ ايمانداري سان هلن. قناعت ۽ سادگي سان گذران ڪن ته ٻيا جيڪي خاص آهن سي رڳو ڌڻي جي عبادت ۾ مشغول رهن. خلق کي هدايت ڪن سنئين واٽ ڏيکارين، توڪل، صبر ۽ رضا سندن مکيه عادتون هجن. هميشه کان وٺي اڄ تائين اهي فرقا هليا ٿا اچن ۽ هليا ايندا، سڀ خاص ڪين ٿيندا پر عام ماڻهو انهن جي تابع رهندا. اسان کي پٽڻو ته هن ڳالهه جو آهي جو جهڙي عام ماڻهن جي حالت ردي آهي اهڙي خاص ماڻهن جي آهي عام ماڻهن جو اهو حال آهي جو دين اسلام جي ذرو به کين خبر ڪانهي، نه ڪا کين حلال حرام جي پروڙ آهي. نماز روزي کان بيزار نشن ۽ بدعلتن ۾ گرفتار عالمن ۽ ملن تي ٽوڪون، مسخريون، انهن جي پوشاڪ ۽ هلت تي نقلون، چٿرون نه رڳو ايترو خود اسلامي حڪمن کي به ڪين جهڙو ٿو ڏسجي. جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو گذرجي، ظاهر ظهور بدعت ۽ گناهه جا ڪم بي پرواهي سان ڪجن ٿا ۽ انهن تي ڦينڊجي پيو مرڪجي.

نماز، روزو، حلال، حرام ڇڏي رڳو ورثي- ترڪي، نڪاح- طلاق ۾ به شريعت جو ڪو لحاظ يا ڪا پرواهه نه ٿي رکجي. ورثن لاءِ ڪورٽن ۾ دعوائون ٿيون ڪجن ۽ ڪيترا خرچ ۽ وڪيل ڪري شريعت جي برخلاف ملڪيت هٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. جي هروڀرو ڪورٽ به شريعت وانگر حڪم ٿي ڪري ته وري رسم رواج کي پيش ڪجي ٿو ته اسان ۾ اهو رواج ڪونهي، جنهن تي مقدما کٽيو وڃن، نڪاح ۾ ڪوئي مائٽن جي مرضي ۽ مڃتا جو ڪو لحاظ ڪونهي، نڪاح ٿيو ته واهه نه ته ائين ئي ورهين جا ورهيه ويهاري اولاد پيا ڄڻين جي ڪاوڙ مان طلاق ڏني ته وري سواءِ پڇا ڳاڇا جي آڻي ويهاري ڇا جي طلاق، ڇا جو حلالو، اهي اهڙيون ايتريون خرابيون اسان جي قوم ۾ هلن چلن ٿيون جن جو ڪيترو بيان ڪجي، سڀ ڪو ڄاڻي ٿو.

هاڻي وري اچو خاص ماڻهن تي، جن ۾ عالم ۽ پير ۽ فقير اچي وڃن ٿا. سچا پچا عالم جهان ۾ ٿورا آهن، تنهن لاءِ اسان جي هن ڪتاب جو مکيه مطلب آهي ته جڏهن ساري جهان جي سڌار جو مدار عالمن تي آهي، تڏهن انهن جي پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ، جي ڳڻتي اسان کي هئڻ گهرجي. باقي هينئر جيڪي عام مولوين ۽ ملن جا حال آهن سي به سڌرڻ جي لائق آهن. انهن جي هلت ته عام ماڻهن جي دل بد ڪئي آهي جو انهن جي ڪري اسلام جا حڪم به هو ڪين جهڙا ڪري ٿا ڄاڻن باقي رهيا پير فقير تن جي ڳالهه ته پچارڻ کان پري آهي جو انهن ٻنهين فرقن، پليگ ۽ زهر وانگي پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ اعمالن کان خلق کي خواب ۽ گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي ئي صدقي عالمن يا شريعت جو مان ۽ عزت گهٽ ٿي آهي. اها سڀ جوابداري انهن جي ذمي آهي ۽ جن جي هلت عام ماڻهن کان به ردي آهي.

انهن به وياج خور واڻين وانگي پنهنجي ٺڳيءَ ۽ مڪرن سان خلق جي ميڙي ڪمائي چٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ دين کان ڌار ڦيرائي ڇڏيا آهن، ٻئي جهان چٽ!

اهي فرقا به جيستائين عالمن ۽ دين جو تابع رهي، يا پاڻ عالم ٿي، پاڻ کي نه سڌاريندا، تيستائين اسان جي خلق ۽ قوم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندا ۽ ڪيترن به حيلن سان، قوم ڪين سڌرندي. تنهن ڪري بهرحال اسان جي قوم کي، پنهنجي سڌرڻ ۽ قوميت قائم رکڻ لاءِ دين جو علم سکڻ ضروري بلڪه فرض آهي.

مال دولت يا عزت ۽ مرتبي جي واڌاري لاءِ به ضروري آهي ته دين جي حڪمن موجب هلي، مسلمانن ۾ اسلام جي حب ۽ پاڻ ۾ ڀائپيءَ جي خيالن کي زور وٺائجي، ڇو ته اسان جي دين اسلام ۾ اوائلي اول زماني جي هلت ۽ عزت سان رهڻ جون واٽون ۽ ريتون ڏيکاريل آهن.

هت وري اسان کي هي ڏيکارڻو آهي ته ڇو اسان جا مسلمان دين جي عالمن ۽ اسلام جي حڪمن کان بيپرواهه آهن ۽ ڇو اسان جا سچا عالم عام ماڻهن کان ٽهن ۽ ڀڄن ٿا، جن ۾ انگريزي دان ۽ کوٽا پير فقير به اچي ٿا وڃن.

 

انگريزيدان ۽ عالم ڇو مخالف آهن ۽ ڪيئن ٺهن؟

دين اسلام ۾ سڀ ڪنهن ڪم جون حدون ۽ ٿاڻا مقرر آهن. ڪن ڳالهين لاءِ موڪل آهي ۽ ڪن لاءِ روڪ جهل آهي. پر بيدينيءَ ۾ ڇڙواڳ آهي جا نفس کي وڻندڙ آهي؛ تنهن ڪري عام ماڻهو، دين جي اڻ واقفي کان ڇڙواڳي ۾ خوش آهن ۽ جهل پل ۾ ارها ٿين ٿا، يا اها ڳالهه نه ٿا مڃين ته پوءِ عالمن کي مٺيان ٿي لڳي، تنهن ڪري هڪ ٻين کان بيزار رهن ٿا.

ٻيو ته انگريزدارن به پنهنجي بيوقوفيءَ کان ديني حڪمن جي رمزن ۽ چڱاين کان اڻ ڄاڻ آهن سي وري ان جي سکڻ يا انهن ۾ ويچار ڪرڻ کي عيب پيا ڄاڻن ۽ اجايو وقت پيا وڃائن ۽ عالمن کي ديوانو پيا ڀانئين. انهن جو اهڙو لحاظ به نه ٿا رکن جهڙو ڪنهن سڪي سڙئي ڪرستان جو ڪرستاني مذهب وارا ٿا رکن تڏهن ته عالم به انهن کي کريل ۽ بي دين ڄاڻي نه ٿا ليکين.

(2) انگريزيدان: ڪنهن جڏي سڏي نالي جي پير فقير توڙي انڌي، منڊي، سنڌي- پارسي دان کي ڪجهه به ٿو سمجهي، جوشد بد شريعت کي ڄاڻي ٿو هرو ڀرو ان ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق ٿو سمجهي ته اسان جي راءِ ۾ ائين ناهي، يا ائين ڇا هوندو! هي سڀ ملن جا ٺاهه آهن يا طريقت ۽ معرفت، شريعت کان مٿانهين آهي. شريعت وارن ويچارن کي معرفت ۽ طريقت جي منزل جي ڪهڙي خبر! شريعت کَل آهي. معرفت مغز آهي ۽ جي وري انهن سڳورن جي طريقت ۽ معرفت جاچجي ته پوءِ آلا نور، مٿي جا سور، سانجهي صبح ڀنگ جا پيال چاڙهي، وڏيون مڇيون رکائي، چرس جا سوٽا چاڙهي، آفيم جو اهڙو ته روڙو رڙڪي ويندا جو گهڙي کن کان پوءِ چوڏنهن ئي طبق اوندهه!

حلال حرام جي خبر ڪانه. بڇڙائي ته سندن سُتيءَ ۾ پيل آهي. حسن پرستيءَ ۾ سندن رياضت اصل تونهين تون لڳي پئي آهي. سي ڀنگوڙي، بيوقوف به شريعت جي حڪمن ۽ ڳالهين تي ٽوڪون پيا ڪن ۽ ملن جي گلا ۾ ڪافيون پيا ٺاهين ۽ چون. پوءِ ڇو نه عالم سونهارا انهن کي ڌڪاريندا يا انهن کي ڇا چوندا ۽ ڇا سمجهائيندا.

ارمان ته اهو آهي ته ٻئي سڀڪنهن ڌنڌي ۽ هنر ۽ ڪم ۾ سڀڪو ماڻهو ان ڪاريگر ۽ ڌنڌي واري جو محتاج ۽ پوئلڳ رهي ٿو ۽ ان ۾ ڪابه ٻٽاڪ سٽاڪ نه ٿو هڻي، نه ان سان ڪو مقابلو ڪري؛ باقي علم جهڙي عجيب ۽ نازڪ شئي سان، ۽ جا دين جي شريعت خدا ۽ رسول کان آئي آهي، ۽ جنهن ۾ هزار حڪمتون ۽ رمزون، هدايتون ۽ اسرار آهن، تنهن ۾ لنڊي ٻوٽي، انڌو منڊو، مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته هيئن نه آهي، هونءَ آهي!

مثال لاءِ هن زماني ۾ جيتوڻيڪ عام يا خاص ماڻهو ڪيڏا ڪيڏا اڪابر، پڙهيل، داناءُ آهن، پر جيڪڏهن انهن جو ڪم ڪنهن ڊاڪٽر يا انجنيئر يا وڪيل يا ڪنهن ڪاريگر ۾ پوندو ته پوءِ پنهنجو عقل، خيال، دليل سڀ ڇڏي، ان جا اهڙا محتاج ٿيندا جو جيئن هو چوندا تيئن ڪندا. پوءِ اها صلاح يا ڳالهه غلط به ڇو نه هجي، ڇو ته سندن دل ۾ اهو خيال ويٺل آهي ته هن ڪم ۾ اسان جو ايترو دخل ڪونهي. هو پنهنجي پنهنجي ڪم کي چڱي طرح ڄاڻن سڃاڻن ٿا، تنهن ڪري ضرور آهي ته انهن جي صلاح تي هلڻو پوندو. مگر انصاف هيءَ ته دين جي علم ۾ سو مقابلي ۽ بحث ڪرڻ لاءِ سڀڪو تيار آهي!

جيڪو زور جاهل ۽ اڻ ڄاڻ، جنهن رڳا ترجما ڏٺا هوندا، سو به دين جي ڳالهين ۾ راءِ ڏيڻ جو پاڻ کي حقدار ۽ لائق پيو سمجهي ۽ علمائن سان تڪرار پيو ڪري. عام پڙهيل جي رڳو سنڌي فارسي يا اردو ڄاڻڻ يا اسڪول ۾ جيڪي شاگرد ميٽرڪ تائين تعليم پيا وٺن سي به ديني ڳالهين ۾ دست اندازي ڇو يا ڇا ڪرڻ کان نه ٿا مڙن.

 (3) ته عام ماڻهو يا انگريزيدان، علمائن سڃاڻڻ ۾ ڀل ٿا ڪن. جنهن کي ٿورو گهڻو ملپيءَ جو ڪم ۾ ٿا ڏسن، يا جي ويچارا پاڻ ايترو علم دين جو نه ڄاڻن، تن جي حال ۽ افعال تي راءِ قائم ڪن ٿا ته علمائن جا هي حال آهن. يا انهن جي پوري ۽ غلط جواب سوال کان خود دين جي ڳالهين مان سقم ٿا ڪڍن. مگر انهن جو عالمن سان ڪم ئي نه پيو آهي. نه اهڙا عالم هو ڏسن ٿا ۽ نه وري اهڙا ۽ ايترا محقق ڪتاب انهن پڙهيا ۽ ڏٺا آهن، جنهن ڪري ساري علم دين مان واقف ٿي سگهن. تنهن ڪري به هو عام طرح عالمن کان يا دين جي ڳالهين کان بد گمان آهن جا سندن ئي غلطي آهي.

 (4) جيڪي وري سچا پچا عالم آهن، سي اهڙن عام جاهل ماڻهن يا انگريزيدانن کي به نه ٿا ليکين ۽ ساڻن منهن نه ٿا ڏين ۽ ائين نه ٿا ڄاڻن ته هو رحم جي لائق آهن يا بيمار آهن تن جو علاج دل وٺڻ ۽ پيار سان ڪجي يا جيڪي انهن کي پنهنجي اڻ ڄاڻپ کان شڪ شبها پوندا آهن تن جو جواب کين نه ٿو ڏجي جيئن هو سمجهن ڇو ته اسان جي شرع ۽ دين جي ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جنهن لاءِ عقلي دليل نه هجن شريعت کان وڌيل ٻي ڪنهن علم ۾ عقل نه آهي. پورو پورو عقل شريعت آهي پر سڀ ڪنهن کي ته ايترو عقل ڪونهي جو ان کي پروڙي تنهن ڪري حڪم آهي ته شريعت يا دين اسلام جو ڪو به حڪم اکيون پوري مڃڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪنهن ۾ اهڙي سمجهه هجي ته هو عقلي دليل پروڙي سگهي ته ان کي اهڙي طرح سمجهائڻ گهرجي ته ٻنهين ڌرين کي هڪ ٻين مان اها ٻيائي ٽهڻ دور ٿي وڃن.

 (5) جيڪي اڃان وري ڪجهه مٿڀرو انگريزي پڙهيل آهن، يا جيڪي فارسي ۽ اردو جو گهڻو مطالعو ڪري، پاڻ کي ڀائيندا آهن ته هو سڀني علمن کي کائي پي ويا آهن يا زماني ۾ ڪجهه بيٺل ۽ وڏا ماڻهو اختياري وارا آهن سي وري پنهنجي نفساني سڌن موجب دين جي دائري کي وڌائڻ يا گهٽائڻ گهرندا آهن ۽ هروڀرو عالمن تي زور وجهندا آهن ته ضرور هيئن هوندا، هيئن ٿيڻ گهرجي، جيئن ته اسلامي حڪومتن ۾ به بادشاهن جي زور ۽ سڌن کان ڪجهه نه ڪجهه اسلامي مٿاڇري ڳالهين ۾ البت گڙٻڙ ٿي پئي آهي. باقي ان جا اصول سڀ اهڙي جا اهڙا قائم ۽ موجود آهن تنهن ڪري اسلامي حڪم موجب ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ته اسلام جي دائري کي ڪو وڌائي يا گهٽائي، چاهي ڪو رنج ٿئي يا اسلام کان نڪري دين کي نه مڃي، ته نه سهي مگر سڀني مسلمانن کي اسلام جي دائري اندر حڪم سان اچڻو آهي نه ته اسلام کي! ماڻهو اسلام جا تابع آهن ۽ نه اسلام ماڻهن جو اهڙن لکن مسلمانن کان، جي اسلام کي پنهنجي سڌن جو تابع ڪرڻ گهرن تن کان فقط پنج مسلمان سچا پيدا ڪرڻ به وڌيڪ فائدي وارا آهن جي سمورا اسلام جا تابع هجن، ڪنهن به قوم جي چڱائي ۽ عزت جو اندازو انهن جي حال چال مان سمجهي سگهجي ٿو نه انهن جي گهڻي ڳاڻيٽي مان.

مطلب ته گهڻو ڪري اهي سبب دليل آهن، جو ماڻهن جو اسلام ۽ علماءَ اسلام ڏي رجوع ڪونهي يا انهن کي پنهنجي دين جو علم ڪونهي تنهن ڪري هو اسلامي حڪمن کان اڻ ڄاڻ آهن يا جن جي خبر اٿن ته ان تي عمل ڪونهي سو به بيوقوفي ۽ کوٽي عقل کان انهن کي غير ضروري ٿا ڄاڻن. تنهن ڪري اسان جي قوم جو نڪو آهي چاڙهو نه ڪو سڌارو، نه ڪا عزت نه ڪو نالو ۽ نڪا هستي. سڀ قومون ان تي پيون کلون ڪن نه ته جيڪڏهن مسلمان پنهنجي پير تي هجن ۽ اسلامي حڪمن موجب هلن ته سڀ قومون انهن جي ريس ڪن ۽ هٿان پاڻ انهن تي کلون ڪن نه ته اڳي اهي ساڳيون قومون هن ملڪ ۾ هيون ۽ اسان جا مسلمان به هوا، پر جڏهن ته مسلمان اسلام جي پوري پيرن تي هوا ته سڀ قومون انهن جي هٿ هيٺ رهيون. خود انگريزي به انهن کان علم ۽ هنر سکيا ۽ اڄ تائين جيڪو انهن جي حڪومت جو انتظام جوڙجڪ، بندوبست هلت چلت جا قانون آهن سي سڀ اسلام جا حڪم ۽ اسلام وارن جا ٺاهيل ۽ ڪڍيل آهن. ارمان ته مسلمان پنهنجي گهر جو ٻوڙ پلاءَ ڇڏي ٻين جي رکي ماني تي مستان ۽ حيران ٿيا وتن نه ته سڀ ڪي سندن گهر ۾ موجود آهي.

هاڻي جڏهن سرڪار ۽ مسلمانن کي هي خيال ٿيو آهي ته مسلمانن جي تعليم کي ڪيئن سڌارجي ۽ ان لاءِ شايد سنڌ ۾ ڪا ڪميٽي به صلاح مصلحت جي ٺاهن. تنهن لاءِ مناسب آهي ته ڪا راءِ پنهنجي جهڙي تهڙي عقل موجب پيش ڪجي، من سرڪار يا تعليم کاتي وارا يا مسلمانن جا خانگي مدرسا اهڙو اپاءُ ڪن. تنهن کان اڳي هي به ضرور آهي ته اول اسين يورپ ۽ هتئون جي تعليم جي ته ڀيٽ ڪريون ته هت ڪيئن تعليم ٿي ڏجي ۽ هِت ڇا حال آهي.

 

يورپ ۽ هتي جي تعليم جي ڀيٽ

ولايت ۾ تعليم، ان ٻاهرينءَ ترقيءَ جو نالو ناهي، جو رڳو لکڻ پڙهڻ ۽ سرسري معلوميت تي قائم هجي، پر اصل ۾ تعليم انهن ڳجهن طاقتن کي ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي، جي قدرت انسان ۾ امانت رکيون آهن.

ساٿيڪولاجيءُ يعني علم نفس جي اصول تي، جو اڄڪلهه يورپ ۾ تعليم جو رواج آهي، تنهن جو اهو مطلب رکيل آهي ته ان خيال کي اول عملي صورت ۾ آڻي، پوءِ عملي درسگاهه بڻائجي.

اڳي اتي تعليم جو هي مت هو ته ان کي ڪوشش سان حاصل ڪجي ۽ انسان کي محنت ۽ ڪوشش جو عادتي بڻائجي، مگر هاڻي ان جو اصول پاڻ کي ۽ ٻين کي فائدي پهچائڻ جو رکيو ويو آهي.

تعليم جو بنياد هن ڳالهه تي رکيو اٿن ته آمادگي، آزمائش ۽ گهڻي معلومات سان انساني طاقتن کي ترقي ڏيارجي.

درسگاهن تي ڏاڍي سخت نظر آهي، انهن جا ماستر به تهذيب ۽ اخلاق جو پورو نمونو ۽ مثال ٿا رکن جنهن ڪري پنهنجي فرض پاڙڻ ۾ ڪامياب ٿا رهن.

شاگردن تي ڏاڍي مهرباني جي نظر ٿيندي آهي انهن جي ذهني ۽ دماغي حالتن جو لحاظ ٿئي ٿو ۽ هر هڪ شاگرد جي طبعيت جي مد نظر رکبي آهي ان موجب کيس تعليم ڏبي آهي.

ابتدائي تعليم جو تمام پورو بندوبست آهي.

تعليم جي مت هڪ شاگرد کي ترقي يافته بنائڻ جي آهي. يعني تعليم اهو فرض آهي جو اهڙي طرح ڏجي، جو هڪ هڪ شاگرد، پنهنجي عقلي ۽ ذهني ۽ طبعي طاقت موجب، دلجاءِ جهڙي ترقي ڪري تنهن ڪري، اتي تعليم جا هي اصول رکيا اٿن.

 (الف) تعليم جو اصل مت، شاگردن کي پورو تيار ڪرڻ ۽ سندس فڪر وڌائڻ تي رکيل آهي.

 (ب) هر هڪ برانچ ۾، اول سادي سرسري اصول سان تعليم ڏئي، پوءِ درجي وار، وڏن ۽ اونهن مسئلن تي پهچائن ٿا.

 (ج) هر هڪ مسئلو جيستائين شاگرد پورو نه سمجهي؛ تيستائين اڳتي نه هلائيندا.

 (د) تعليم جو ڊول رڳو عقل تي آهي؛ علم جي بحث ۾ شاگردن جي دماغ تي زور نه ٿا وجهن، نه مذهبي ڳالهين کي ان سان ملائن ٿا ته متان انهن جي دل ۽ دماغ پريشان ٿين.

 (هه) هر هڪ شاگرد جي ذاتي ذاتي عزت جو ڏاڍو لحاظ رکجي ٿو.

 (و) تعليم جو هي نتيجو ثابت ڪري ٿا ڏيکارين ته شاگردن ۾ جي ڳجهيون طاقتون آهن، سي ظاهر ٿين؛ ائين نه ته ٻيون نيون قوتون ان ۾ داخل ڪجن.

 (ز) طاقت کي معلومات ۽ ذهن کي تعليم سان ٿا وڌائن.

 (ح) شاگرد ۽ استاد پاڻ ۾ هر هڪ جي عزت ۽ مرتبي موجب هلن ٿا.

 (ط) تعليم جو خاص مطلب نفس سڌارڻ لاءِ ڄاتو وڃي ٿو.

يورپ جي سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾، تعليم انهيءَ طرح ڏجي ٿي. هاڻي ٿورن ڏينهن منجهه وري ان ۾ به سڌار ڪئي اٿن، سا هيءَ آهي:

 (الف) جڏهن ته تعليم جو اصل مطلب ۽ غرض هي آهي ته شاگردن جو عقلي طاقتون وڌن مگر ان لاءِ ڪا آسان ۽ سولي واٽ ڪانه هئي، هاڻي ان جي هيءَ حد مقرر ڪئي اٿن ته فقط ڪم ڪن، جي سمجهي سگهن.

 (ب) اڳي سڀني کان وڌيڪ علم طبعي ڄاڻندا هوا. هاڻي به ان کان انڪار نه اٿن، پر تڏهن به وڏن عالمن جي راءِ آهي ته زبان جي سڌار يا بگاڙ کان قومون سڌرن يا بگڙن ٿيون تنهن ڪري علم طبعي کان به علم تحرير ۽ تقرير تي وڌيڪ زور ٿا ڏين.

 (ج) اڳي جاگرافي ۽ حساب ۽ سائنس تي زور هو هاڻي زبان ۽ علم تحرير ۽ تاريخ تي زور آهي.

 (د) هاڻي نفسي تعليم سان فزيڪل سائنس به رکي اٿن.

جڏهن ته يورپ ۾ اهڙن اصولن تي تعليم ڏني وڃي ٿي تڏهن ته زپلين ۽ مارڪوني بيڪر ۽ ڊگسن جهڙا اتي پيدا ٿين ٿا.

تعليم هڪ وڻ جي مثال آهي جنهن جي ننڍڙي ٻج ۾ سارو وڻ لڪل رهي ٿو جو پوءِ پاڻي ڏيڻ سان وڌي ۽ ڦري پنهنجي سبزي ۽ بهار ڏيکاري ٿو. اهڙي طرح ٻج وانگر اهي طاقتون ٻارن ۽ ڳجهيون آهن جو تعليم جي پاڻي سان وڻ وانگي وڌي پنهنجي بهار ڏيکارين ٿيون.

پر هت وري جيڪا تعليم ٿي ڏجي، تنهن وري الٽو اثر ڪيو آهي جو ٻارن جي دماغ تي بار وجهي، انهن جي طبعيت ۽ ذهن ڪند ڪري ٿي ڇڏي ۽ منجهن اڀرڻ جون طاقتون دٻجي ٿيون وڃن.

هيترا سال ماڻهن کي تعليم ورتي ٿيا آهن، پر اڄ تائين ڪنهن به تعليم يافتي، اعليٰ تعليم جو مت ۽ نتيجو به سهي ڪونه ڪيو آهي.

اسلام ۽ تعليم جو پاڻ ۾ قدرتي لاڳاپو آهي، جو هر هڪ مسلمان مرد توڙي زال تي علم سکڻ فرض آهي. مگر افسوس ته مسلمان وري ان کان ايتري قدر غافل ۽ بي پرواهه آهن، جو ان کي ٻين قومن وانگي ضرور نه ٿا ڄاڻن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org