سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :5

اي بسا آرزو که خاک شده!

آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس 1907ع جا ٺهراءُ

 

ان باب ۾، مٿين ڪانفرنس جا ٺهراءُ پيش ڪيا ويا آهن. اها ڪانفرنس، جئن مٿي لکي چڪا آهيون، 1907ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي هئي. انهن ٺهرائن لاءِ بلبل لکيو آهي؛

”مسلمانان سنڌ جي تعليم به نسبت، آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس، جا سال 1907ع تي، ڪراچي ۾ ٿي هئي، تن جي عرضداشت تي به سرڪار کي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن صورت ۾ هاڻي سرڪار جو خيال پڻ ٿيو آهي. ڇو ته ايڏي ميڙ جي ڪابه ڳالهه، يا ڪو به ٺهراءُ مصلحت کان خالي ناهي.“

ٺهراءُ هي آهن.

1.                ”فارسي کي مدرسن ۽ اسڪولن ۾ رائج ڪيو وڃي.“

اهو ٺهراءُ بلبل پيش ڪيو هو ان جي تائيد سڀني حاضرين ڪئي هئي. ۽ اها تقرير في البديه فارسي ۾ ڪري ڪانفرنس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. ان جو ترجمو، بلبل هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان جي مزبد مرزا صادق علي بيگ ڪئي هئي.

2.           نصاب مان ديني عقيدن جي خلاف عبارتون خارج ڪيون وڃن. تحريڪ ڪندڙ: مسٽر حسين شيخ وڪيل (سابق گورنر سنڌ) تائين ڪندڙ ’بلبل‘

3.                نصاب ٺاهڻ لاءِ سنڌ لٽرري ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آڻجي. تحريڪ ڪندڙ مرزا قليچ بيگ، تائيد ڪندڙ ’بلبل‘

4.                مسلمان ماستر ۽ ممتحن وڌايا وڃن.

5.                انگريزي اسڪول ۾ بورڊنگ قائم ڪيا وڃن.

6.                هر ضلعي ۾ هڪ مسلمان ڊپٽي انسپيڪٽر رکيو وڃي.

7.                تعليم مفت ڏني وڃي.

8.                لازمي تعليم رائج ڪئي وڃي.

4 کان 8 تائين، مکيه ٺهراءُ ’بلبل‘ جا پيش ڪيل آهن؛ انهن جي تائيد تقرير به ’بلبل‘ ڪئي آهي. اهي سڀ ’بلبل‘ مرحوم، تفصيل سان، هن ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهي. ان پوري مواد پڙهڻ سان اهو معلوم ٿو ٿئي ته اڄ کان اڌ صدي اڳ به نصاب ۽ نظام تعليم متعلق اهي ئي مشورا ڪيا ٿي ويا، جن جي اڄ به ضرورت آهي.

آخر ۾ ضروري ضميمو ڌيان طلب جي عنوان سان ’بلبل‘ جي قلم مان آهي، اهو بمبئي سرڪار جي انگريزي پمفلٽ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. ان ۾ مفصل نموني ۾، انگن اکرن سان سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جا مسئلا بيان ڪيا ويا آهن. ان طول طويل ضميمي ۾ ’بلبل‘ نهايت محنت سان، دلائل گڏ ڪري، بمبئي سرڪار کي لاجواب ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ جا سرڪاري پڌرائي ڪڍي وئي آهي، اها محض فطل تسلي آهي. ان تي عمل ڪرڻ سان، سنڌ جي مسلمانن جا تعليمي مسئلا ۽ مطالبا حل ٿي نه سگهندا. ان ضميمي جي زبان توڙي انداز بيان نهايت لذيذ ۽ علمي آهن.

بهرحال، مسلمان ۽ تعليم پنهنجي تاريخي ۽ افادي حيثيت سان نهايت معلومات افزا ڪتاب آهي، جنهن جي مطالعہ ڪرڻ سان، اڄ کان مني صدي اڳ جي سڌي مسلمانن جا تعليمي مسئلا اڳيان اچن ٿا ۽ هڪ تاريخي باب تازو ٿئي ٿو.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڪراچي ڪانفرنس (1907ع) ۾ هيءَ استقباليه نظم پڙهي هئي، جنهن ۾ نواب محسن الملڪ جي وفات ڏانهن پڻ اشارو ڪيل آهي. مناسب سمجهي هت اها نظم پيش ڪجي ٿي. 1907ع جي جذبات جي ترجماني، ڪهڙي نه دلسوزيءَ ۽ نماڻائيءَ سان ڪئي وئي آهي. فارسيءَ جي قديم انداز کان پڻ آگاهي ٿئي ٿي.

 

ماوشما

مرحبا اي صاحبانِ هند ذولعزو وقار،

مرحبا اي اهل علم و عقل و حکم و اختيار.

 

شدز تشريفِ شما هم سنده را حاصل شرف،

شدز تدبيرِ شما هم سنديان را افتخار.

 

مي شنيدم از زبانِ خلق، تعريفِ شما،

بهر تنظيمِ شما، بس مي کشيديم انتظار.

 

شکرلله، شد نصيبِ ما، ملاقاتِ شما،

هست ليکن، بر دل ما داغِ حسرتِ لاله وار.

 

در فراقِ ’محسن الملک‘ آن نوابِ محترم،

با دلِ افگار هستيم اشکبار و سوگوار.

 

چون که محروميم از ديدار فيض آثار او،

مي کنيم افسوس از دل، اي عزيزان صد هزار.

 

رحمت حق برروانش، باد يا روزِ جزا،

به که اکنون عرض بگذاريم احوالِ فگار.

 

گرچه با فتحِ عرب، اسلام اين جا شد شروع،

هست دو اقليمِ هند، امروز حالِ سنده زار.

 

مانده در علم و هنر، پس ترز ديگر ملکها،

آمده در سيم و زر، مفلس ترين از هر ديار.

 

طاقتِ خدمت گذاري، کاش اگر مي داشتيم،

برشما بيشک همين کرديم گوهرها نثار

 

ما نياورديم پاران شرط مهماني بجا،

زان سبب پيشِ شما هستيم از بس شرمسار.

 

 

بلکہ اين مفلسي و عجز با اخلاصِ دل،

از شما داريم ما اميدهاي بي شمار.

 

حق شما را دولت علم و عمل کرده عطا،

واجب آمد ٿا دران سازيد مارا حصه دار.

 

در زکوة علم ما هستيم ياران مستحق،

زان سبب گشتيم، در جودِ شما اميدوار.

 

عمرها شد خواب خرگوش است، مارا دوستان،

وقت بيداري ست، بنمائيد، مارا هوشيار.

 

کاروان رفت و ميانِ دشت پس مانديم ما،

خضر راهِ ما شويد آريد مارا برکنار.

 

در ترقي ديگران شد، در تنزل روي ما،

همتي اي دوستان، وقتِ مدد باشيد يار

 

صاحبان! کوشيد درتعليم و در تاديبِ ما،

مشورت سازيد، بهرما، در اين اصلاح کار.

 

تا مگر چون ديگران، بهتر شود هم حالِ ما،

آيد از لطفِ شما ما بيقراران را قرار.

 

ما همه مرهونِ احسان شما، خواهيم شد،

بادل وجان خير خواه و مدح خوان و حق گذار.

 

بيش ازين لازم نه باشد، عرض احوال اي ”قليچ“

سامعان، هم دين و رهمدرد ند و غمگينِ گسار.

 

حيدرآباد سنڌ                                     غلام محمد گرامي

10 آگسٽ 1970ع                     ايڊيٽر سماهي مهراڻ

                                                                    سنڌي ادبي بورڊ

 

مسلمان ۽ تعليم

 

مؤلف

مرحوم شمس الدين ”بلبل“

 

مسلمانن جي ترقي جو راز ڇا ۾ آهي؟

 

پهريائين پهريائين اسان کي هي ڏيکارڻو آهي ته مسلمانن جي تعليم نسبت، مسلمانن جي اڳواڻن جا ڪهڙا خيال آهن؟ هڪڙن جو هي چوڻ آهي ته هڪ هڪ مسلمان تي فرض آهي، جو انگريزيءَ جي تعليم مٿانهين درجي تائين حاصل ڪري ۽ جيترو ٿي سگهي، اوترو سرڪاري نوڪرين ۾ جايون وٺي يا ڪو اهڙو ڌنڌو ڪري، جنهن مان هو پئسي وارو ۽ بيٺل ٿئي، ڇو ته عزت آهي پئسي سان؛ نه ته جيڪڏهن مسلمان سڃا ۽ ڪنگال هوندا، جيئن اڄڪلهه گهڻا ان حال ۾ آهن ته قومي حيثيت ۾ بلڪل گهٽ ۽ ڪين جهڙا ليکجن ٿا، پر جي عهديدار يا مالدار هوندا ته البته قومي عزت سان ڏسبا. نه رڳو ايترو، پر هر ڪنهن قوم جو مذهب به انهن جي بيٺلائي ۽ عزت جي لحاظ سان پرکبو آهي تنهن ڪري مسلمانن جو واڌارو ۽ سڌارو ۽ چاڙهو رڳو انگريزي تعليم تي آهي، جنهن کي چنبڙي پون، باقي رڳو دين جي علم سکڻ مان سندن عمر به ويندي ۽ سواءِ محتاجي يا ٻين تي بار پوڻ ۽ هٿ ٽنگن کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيندو. ڄڻ ته فقيرن جو عدد وڌيو ۽ هٿان بيٺل ماڻهن تي انهن جو به وڌيڪ بوجو پيو ته هنن کي کارائين پيارين، جهڙو اڄڪلهه مولوين جو حال آهي ته علم پڙهي پوءِ زميندارن جا محتاج ٿا رهن ته من ڪنهن مسجد ۾ ٻارن پڙهائڻ جي خدمت ملي ۽ خرار ٻه خرار پيٽ جي ماني سال ۾ جڙي ته گنج ٿيو. تنهن ڪري مسلمانن لاءِ ڪلمو بس آهي ۽ ٻيا جيڪي مسلماني ٿلها عقيدا آهن. تن جي ڄاڻڻ ۽ ويساهه رکڻ تي مسلماني خير صلاح مهر الله هاڻي زماني جي ضرورت موجب علم پرائڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو پاڻ کي زماني جي لائق ڪندو سوئي سکيو گذاريندو، جو چوڻي آهي ته ”جهڙي واءُ لڳي تهڙي ڏجي پٺ.“ دين به دنيا سان سهڻو آهي دنيا دولت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. هن زماني ۾ مسلمانن کان ٻيون قومون جي چڙهي ويون آهن، سي رڳو انگريزي تعليم جي ڪري تنهن ڪري مسلمانن تي فرض آهي ته هو ان علم کي اهڙو ته چنبڙي پون جو ان کان سواءِ ٻيو کين خيال ئي نه هجي ۽ اڄڪلهه جنهن کي ڪو خير خيرات يا مدد ڪرڻي هجي، سو رڳو ان تعليم جي پرائڻ لاءِ مسلمانن کي ڏئي ۽ مدد ڪري ۽ پڙهائي ته اهڙي خدمت قوم جي ٻي ڪانهي. جيڪڏهن مسلمانن ڀانئين ته اسين هن جهان ۾ هستي ۽ عزت سان رهون ته رڳو هن تعليم تي زور ڏين. ٻين ماڻهن جو چوڻ آهي ته نه اسلام جي قائم رکڻ لاءِ ۽ سچي واڌاري يا سڌاري لاءِ علم دين جي ضرورت آهي ۽ اسان تي حق آهي ته اسين پنهنجي قوم ۾ اهڙن عالمن سڳورن جو عدد وڌايون. سچن پچن عالمن کي گذران جي محتاجي ڪانه ٿيندي آهي. هنن جي پنهنجي رب تي پوري توڪل آهي، روز ۽ رزق جو ضامن رب سائين آهي. هنن جو ڪنهن تي به بار ڪونهي، دنيا ۾ دولت ۽ عزت ۽ سک ڪونهي پر سڄي عزت ۽ سچو آرام ديني علم ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ آهي، جنهن مان اخلاق سڌرن ٿا ۽ ان ۾ روحاني ترقي ٿئي ٿي. دنيا جي ترقي ڪهڙي ڪم جي آهي جنهن ۾ هدايت نه هوندي ۽ تنهن کان سواءِ دنيا جي حياتي ٿورا ڏينهن آهي تنهن ڪري آخرت جي سدائين واري حياتي لاءِ ڪو بندوبست نه ڪرڻ ۽ رڳو ٿورن ڏينهن جي چاڙهي لاءِ مٿو هڻڻ بيوقوفي آهي. تنهن هوندي به رڳو دنيائي علم يا دولت گڏ ٿيڻ مان به انسانيت ۽ آرام ڪين حاصل ٿيندو، تنهن ڪري مسلمانن کي اول دين جو علم سکڻ گهرجي ۽ ان علم جا عالم ۽ قابل ماڻهو پيدا ڪجن ته اسلام ۽ مسلمانن جي رونق ان ۾ آهي، پوءِ ٻيون ڳالهيون.

هاڻي اوهان ٻنهي ڌرين جا خيال ٻڌا ته اڄڪلهه مسلمانن جي تعليم نسبت ٻن جماعتن جون اهي ٻه رايون آهن، جي هڪ ٻين جي بر خلاف آهن. جيستائين اسان جي هڪ راءِ نه ٿيندي تيستائين چاڙهو ڪونه ٿيندو، ڇو ته ڪي ماڻهو هوڏي ٿيندا آهن. ته ڪي هوڏي، پر جيستائين اسان ڪا راءِ مقرر ڪريون تيستائين انهن ٻنهي ڌرين جي خيال مان هي نتيجو ڪڍون ته ٻئي ڌريون مسلمانن جي تعليم جون ته حامي آهن، پر ڪهڙي تعليم ڏجي، تنهن ۾ سندن ڌار ڌار راءِ آهي، هڪڙن تعليم کي رڳو دنيا جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيو آهي ۽ ٻين انسانيت ۽ روحاني ترقي جي لاءِ تنهن ڪري تعليم جي جنس به ڌار ڌار مقرر ڪئي اٿن.

 

اسلام جي تعليم بابت ڇا راءِ آهي

 

                پر جڏهن ته اسين مسلمان آهيون، ۽ مسلمانن جي ئي تعليم لاءِ هي جتن ڪري رهيا آهيون، تڏهن اول اسين پنهنجي مذهب کان ته پڇون ته اهو ڪهڙي فتويٰ ٿو ڏئي ته علم جو نتيجو ڇا آهي- پوءِ اسين ٻين جا رايا ۽ پنهنجا دليل ڪم آڻينداسين.

مذهبي حڪمن سان ته ائين معلوم ٿو ٿئي ته علم پنهنجي ڌڻي جي سڃاڻڻ جو وسيلو آهي ۽ علم جي حاصلات مان، انسان، انسان ٿو بڻجي ۽ چڱيون عادتون ٿو پرائي. هاڻي سوال آهي ته اهڙو ڪهڙو علم آهي، جنهن مان اهي ٻئي ڳالهيون حاصل ٿين. اُن جو ضرور اهو جواب ٿيندو ته اهو ديني علم آهي، ٻيو نه. اسان جي مذهب ديني علم جي جيڪا تعريف ڪئي آهي سا به ڪجهه ڪجهه اوهان کي ٻڌايون. اول اول اسان جي خالق مالڪ، پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ شاهدي ڏني آهي ته ڌڻيءَ جي هيڪڙائي کي ڌڻي ته پاڻ ڄاڻي ٿو، پر اول ملائڪن ڄاتو پوءِ عالمن اهڙي طرح اسان جي سردار ڪريم رسول مقبول عالمن کي نبين جو وارث مقرر فرمايو آهي. نبوت کان وڌيڪ ڪو ٻيو مٿانهون مرتبو ۽ درجو انسان لاءِ ڪونهي، تنهن جو وارث ٿيڻ وڏائي جي حد ٿي چڪي! پاڻ فرمايو اٿن ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪا به خلقت آهي، سا دين جي عالمن لاءِ مرهه پئي گهري. هڪڙي هنڌ فرمايو اٿن ته ايمان ڄڻ اگهاڙو آهي، ان جا ڪپڙا، پرهيزگاري ۽ ان جو سينگار حيا ۽ ان جو ڦل علم آهي. اسلامي حڪمن ۾ به علم جي سکڻ جو ثواب ڌڻي جي واٽ ۾ وڙهڻ ۽ مارجڻ کان وڌيڪ آهي، وڏا غازي، عالم ئي ليکيا ويا آهن، جو انهن جي لکڻ جي مس شهيدن جي رت سان گڏ ترندي، جن پنهنجا سر اسلام لاءِ ڏنا آهن پر انهن کان به علم جي سيکارڻ ۽ پڙهائڻ ۾ جيڪي عالم لکن ٿا تن جي مس جو شان وڌيڪ آهي ڇو ته هڪ اصحابي سڳوري حضرت ابن مسعود فرمايو آهي ته اي ماڻهو دين جو علم سکو متان دين جا عالم اوهان کان هليا وڃن ۽ قسم آهي خدا جو ته قيامت جي ڏينهن، غازي شهيد، عالمن جو مرتبو ڏسي ريسون ڪندا. نه رڳو ايترو پر عابدن زاهدن کان به عالمن جو شرف وڏو آهي، حضرت مولا علي سائين ٿو فرمائي ته عابد، روزيدار، رات جاڳيندڙ ۽ جهاد ڪندڙ کان به عالم جو مرتبو وڏو آهي. سندن فرمان آهي ته عالمن کان سواءِ ٻيا سڀ ماڻهو مئل آهن.

حضرت ابن مبارڪ کان ڪنهن ماڻهو پڇيو ته سائين ماڻهو ڪنهن کي چئجي؟ پاڻ جواب ڏنائون ته عالم کي. هڪ مشهور ولي حضرت فتح موصلي، ماڻهن کان سوال ڪيو ته اي ماڻهؤ! جيڪڏهن اوهين پنهنجي ڪنهن بيمار ڀاتي کي ماني يا پاڻي يا دوا نه ڏيو ته پوءِ ان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ انهن عرض ڪيو ته قبلا! اهو ته مري ويندو. پاڻ فرمايائون ته هائو بابا! اوهان پنهنجن دلين جو به ساڳيو حال ڄاڻو. جيڪڏهن اوهان ان کي ٽن ڏينهن تائين دين جي علم ۽ حڪمت جو کاڄ نه ڏنو ته مري ويندي! اهڙيون ڳالهيون لکجن ته ڪيئي ڪتاب ٿي وڃن. مطلب ڳالهه جو هي آهي ته مذهب اسلام موجب، علم جي سکڻ جو هي نتيجو لکيو ويو آهي، ته آدمي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڃاڻي ۽ ان جي حڪمتن ۽ سببن مان، جي جهان ۾ آهن، واقف ٿئي ۽ انسانيت ۽ اشرافيت جو مرتبو حاصل ڪري ان جو عقل ۽ دماغ ۽ ذهن کلي، روحاني برڪتون منجهس ظاهر ٿين، تنهن ڪري علم ۽ عالمن جي ايڏي ساراهه ڪئي وئي آهي.

 

قوم جي هستيءَ لاءِ ڪنهن جو ضرور آهي؟

هي ته هو علم جو بيان. هاڻي اچو ته اسين عالمن جو حال به ڏسون ته مذهب اسلام موجب، انهن جو هئڻ رڳو پاڻ لاءِ چڱو آهي، يا ذات مسلمانن لاءِ به فائدي وارو آهي. انهن جو تيار ڪرڻ ۽ کين قائم رکڻ ۽ سندن واهر ڪرڻ اسان تي فرض آهي يا ڪيئن؟ ان بابت اسان جي هادي سردار ڪريم جو هي فرمائڻ آهي ته منهنجي امت ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، جي اهي سڌريل آهن ته ساري امت سڌريل ٿيندي، جي اهي بگڙيل آهن، ته ساري اُمت بگڙيل خراب ٿيندي: اُهي ڪير آهن- هڪ حاڪم، ٻيا عالم! ان مان سمجهبو ته عالمن سان ساري قوم جي سڌار ۽ سنوار ٻڌل آهي. ٻئي هنڌ پاڻ فرمايو اٿن ”جيڪڏهن قبيلن جا قبيلا مري وڃن ته اهڙو ارمان ڪونهي مگر شال هڪ عالم نه مري.“ حضرت مولا علي سائين جو فرمان آهي ته ”عالم جي مرڻ کان اسلام ۾ اهڙو خال ٿو ٿئي، جو وري به ان جو نائب ڀري ته ڀري، نه ته رهجي ٿو وڃي.“ ان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته امت محمدي جي هستي قائم رکڻ ۽ انهن کي اسلام تي بيهارڻ ۽ انهن جي ديني دنياوي ڀلائي لاءِ دين جي عُلمائن جو هجڻ ضروري آهي ۽ انهن جو وڌائڻ اسان تي فرض آهي.

               

دولت ۽ عزت علم جو محتاج آهي، يا علم انهن جو؟

ان کان پوءِ وري هيءَ ڳالهه به پنهنجي اسلام موجب جاچيون ته مال ۽ دولت ۽ عزت، علم جا تابع آهن يا علم انهن جو محتاج آهي؟ دين جا جيڪي عالم آهن، تن جي گذران لاءِ ڪهڙو اپاءُ آهي. انهن واسطي به دنيا ۽ عزت آهي يا نه؟ ان بابت اسان جي سردار هاديءَ () جو هي حڪم آهي، جو فرمائين ٿا ته: ”جو شخص دين جي علم جي پڄاڻي ڪري ٿو ته ڌڻي ان کي دنيا جي ڏک ۽ بک کان بچائي ٿو ۽ ان کي اهڙي هنڌان ججهو روز ملائي ٿو، جو ڪنهن کي اوڏانهن گمان به ڪونه ٿو ٿئي.“

ٻيو سندن قول آهي ته، ”دين جو علم شريف ماڻهوءَ جي وڏائيءَ کي زور وڌائي ٿو ۽ ان کي دنيا ۾ به اهڙو مرتبو حاصل ٿئي ٿو، جهڙو بادشاهن کي رعيت تي آهي.“

اهڙيءَ طرح حضرت مولا علي سائينءَ جو فرمان آهي ته: ”علم مال کان ڀلو آهي ڇو ته علم ماڻهو جي نگهباني ڪري ٿو. ٻيو ته مال ۽ دولت علم جا محتاج آهن، پوئلڳ آهن، ڇو ته مال خرچڻ سان گهٽجي ٿو، ۽ علم خرچڻ سان هٿان وڌي ٿو.“

حضرت ابو اسود رضه جو قول آهي ته، ”علم کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شئي ۾ عزت ڪانهي، ڇو ته خود بادشاهه ملڪ جا به، علم واري جو ادب ۽ لحاظ ڪن ٿا. “

حضرت سليمان عليہ السلام کي اختيار ڏنو ويو ته: ”علم ڌڻي يا مال تنهن تي ان علم کي ڌُڻيو ته مال ۽ مرتبو ۽ بادشاهي به هٿ آيس، جهڙي ٻئي ڪنهن کي به نصيب حاصل نه ٿي.“

هڪ صاحب جو چوڻ آهي ته، ”جا عزت علم سان مضبوط ناهي سان ڪنهن به ڪم جي ناهي، نه ڪا ان کي بيهڪ آهي.“

ڪنهن شخص پنهنجي پٽ کي لکي موڪليو هو ته ”بابا! تون رڳو دين جي علم سکڻ ۾ لڳو رهه، ڇو ته پوئينءَ وهيءَ ۾ جيڪڏهن تون سڃو ٿيندين ته اهو علم تنهنجو مال ٿيندو ۽ جي مال وارو ٿيندين ته هي علم وري تنهنجي مال جي  زينت ٿيندو.“

مٿين قولن مان ثابت ٿيو ته علم هر حال ۾، مال ۽ دولت کان ڀلو آهي، ڇو ته مال دولت ۽ عزت سڀ علم جا محتاج آهن. علم کان سواءِ اهي هڪ ڪوڏي به نه لهن.

مٿيون ٽئي ڳالهيون، جيڪي اسان بيان ڪري آيا آهيون. يعني علم جو نتيجو ڇا آهي، ڇا جي لاءِ حاصل ڪرڻ آهي، ۽ دنيا جو مال ۽ مرتبو علم کان وڌيل آهي يا علم.

دين جي عالمن جو گذران ڪيئن ٿيندو ۽ ٿيڻو آهي، تن جا جواب هيستائين پنهنجي اسلامي ۽ ديني حڪمن موجب ڏنا ويا آهن، ڇو ته  مسلمانن لاءِ اول وڏو حڪم ته اسلام جو آهي، جنهن جي مڃڻ لاءِ هو ٻڌل آهي اسلام ۾ ڪنهن به حڪم واسطي، نه ڪنهن دليل جي درڪار آهي ۽ نه سبب جي، پر اڄڪلهه اِهي مسلمان ڪاٿي جو ڪوبه حڪم ٻڌن ته هڪدم کڻي ڪنڌ نمائن. نه سبب پڇن نه دليل. اسلام جي معنيٰ ئي اها آهي ته ڪنڌ نمائڻ ۽ هائو ڪرڻ مگر هن زماني ۾ اسلام جو فقط نالو آهي ۽ اسين جن لاءِ هي ڪتاب لکي رهيا آهيون يا گهڻو ڪري انگريزي علم تي مسلمانن جي مار ماران ۽ بڇ بڇان آهي، جو نئين ٽهي اهو علم پڻ پڙهي تنهن لاءِ انگريز فلاسفرن جا قول اثر وارا ٿين ٿا.

ڌڻيءَ جي حڪمت ۽ زماني جو پيرو ڏسو ته جيڪڏهن مسلمانن کي هن وقت ڪنهن به نصيحت ڪرڻ يا رٿ ڏيکارڻ لاءِ اسلامي حڪمن يعني قرآن، حديث ۽ امامن، راوين جي قولن جا حوالا ڏجن ٿا ته اهي سندن دل سان ئي نه ٿا لڳن. ڪي ته ظاهر ظهور چئي ٿا ڏين ته اهي ڳالهيون هاڻوڪي زماني لاءِ نه آهن يا عقل موجب پوريون نه ٿيون پون يا سائنس سان ثابت نه آهن، ڪي وري جي ظاهر نه ٿا چئي سگهن ته به انهن جي دل ۾ اثر نه ٿو ٿئي جو اها ڳالهه سندن هيانو ۾ گهڙي وڃي، سي ماٺ ڪري گسائي ٿا ڇڏين. تنهن جو سبب آهي ته اسان ۾ اسلام جو اهو نور ڪونهي.

هاڻوڪي وقت ۾ اسلامي مسئلا ۽ ڳالهيون اهڙا ته ردي ۽ خسيس ڄاتا وڃن ٿا، جو انهن جي ڪا عزت اسان جي دلين ۾ ڪانهي. جيڪڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ اوهان ڪنهن آيت يا حديث يا حضرات ابن عباس، ابن مسعود ، امام ابو حنيفه (رحمت ڪرين خدا) جي قولن جو مثال ۽ حوالو ڏيندو ته جنٽلمين مسلمان خيال سان نهاريندا به ڪين، پر جي لارڊ بيڪن يا سر آئزڪ نيوٽن يا سسٽر گليڊسٽون يا ڊاڪٽر جانسن يا لارڊ ميڪالي يا ڪنهن به يورپي فلاسفر، فلاڻي الاڻي، ٽيري مٽيري جو قول پيش ڪندو ته پوءِ پتلون کان ٻاهر ٿي ويندا. اهو هو... اها ها، ها...... جو نعرو هڻي، ويري گڊ، ويري گڊ پيا ڪندا.

ان ڳالهه جي عزت ۽ اثر سندن دل تي اهڙو ويهندو، جهڙو اڳين مسلمانن تي قرآن ۽ حديث جو.

هڪ صاحب مسٽر محمد علي چشتي، پنهنجي اکين ڏٺي ڳالهه بيان ٿو ڪري، (جنهن جي تقرير جو گهڻو خلاصو هن ڪتاب ۾ آهي) ته: ”هڪ گريجوئيٽ جنٽلمين مسلمان سان ڪنهن ڏينهن منهنجو بحث ٿي پيو، جنهن جو چوڻ هو ته وياج بئنڪ جو جائز آهي، مسلمان کي وٺڻ گهرجي، نه ته انهن جو هن زماني ۾ گذارو مشڪل ٿيندو.“ ان بابت عقلي دليل پڻ ڏيڻ لڳو، ڀرسان ڪو مولوي صاحب به ويٺو هو، تنهن اهو بحث ٻڌي، وياج جي حرام هجڻ بابت آيتون ۽ حديثون پڙهيون تنهن تي هو چٿرون ڪرڻ لڳو. ان پاڪ ڪلام جي صدقو، ان کي به هڪ بيوقوف ڄاتائين پر مون  جيڪي کيس عقلي جواب ٿي ڏنا سي به اڻ ٻڌا ڪيو، پنهنجي هٺ تي قائم رهيو.

نيٺ جڏهن مان ڪڪ ٿيس، تڏهن چيومانس ته ميان صاحب تنهنجو لارڊ بيڪن به وياج کي نندي ٿو، ان جا گهڻا عيب ۽ نقصان ڄاڻايا اٿس. تنهن تي رڙ نڪري ويس ته هان! مگر لارڊ بيڪن اهڙو بيوقوف نه آهي، جو ائين لکندو. مون چيومانس ته جيڪڏهن ان جو لکيو ڏيکاريائين ته پوءِ ڪيئن؟ چيائين ته پوءِ بيشڪ مڃيندس ۽ پنهنجي هٺ تان ڏيکاريو مانس پوءِ ماٺ ۾ اچي ويو. چيائين ته شايد مون هيستائين پورو ويچار نه ڪيو آهي، هي داناءُ فلاسفر جو لکيو بيشڪ مڃڻ جي لائق آهي.

هاڻي مسلمانن جي ڪم بختي ته ڏسو ته قرآن شريف جي آيت يا حديث سڳوري يا پاڪ ۽ ڪامل ولين ۽ اصحابن جا قول ٻڌايو ته ذرو به خيال ۾ نه ٿا آڻن، پر جي هڪ انگريز جو نالو ۽ لکيو ٻڌن ته ڪنڌ کڻي نمائن!

هيءَ ڳالهه به ڪتاب جي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهو لارڊ بيڪن ڪير هو، جنهن جي لکيئي جو اسان جي انگريزدانن تي اهڙو اثر ٿو ٿئي؛ جو قرآن ۽ حديث کان به وڌيڪ، ان تي ويساهه اٿن.

پڌرو هجي ته لارڊ بيڪن اول سرڪاري وڪيل هو ۽ قاعدي ۾ ڀڙ هو جو نيٺ پوءِ ولايت جي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو پر هنن اهڙي وڏي عهدي کي اهڙو خراب ۽ بدنام ڪيو جو وڍي وٺڻ لڳو، نه هڪ ڌر کان پر ٻنهين ڌرين کان جنهن تي مٿس مقدما به هليا. مقدمي ۾ ته قبولدار به ٿيو ته مون برابر ٻنهين ڌرين کان رشوت ورتي آهي، سو هن ڪري ته ٻنهين ڌرين جو هڪجهڙو انصاف ڪريان، جو منهنجي ڪيس هلائڻ مان اها ڳالهه ثابت آهي ته مون ڪنهن جي پاس خاطري نه ڪئي آهي، جيئن ته ان جو اهو سبب ڪورٽ ۾ ساب نه پيو، نيٺ کيس قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملي ۽ وڪالت جي سند به کسي وڌائونس، جو باقي ڄمار وري ماڻهن ڪنڌ کڻي نه گهميو ۽ اهڙي رديءَ حالت ۾ مري ويو!

هاڻي اسلام ۾ قرآن، حديث ۽ حضرات اصحابن ۽ امامن جو مرتبو ۽ شان ته تمام گهڻو وڏو آهي، پر رڳو اسلام جي پونين ولين جي چال ۽ حال جي ڀيٽ لارڊ بيڪن جي چال سان ڪري ڏسو ته ڪاٿي ٿي بيهي. ڪيڏو تفاوت آهي! جهڙو واري جو ذرو سج سان ڀيٽجي يا ڪو ڀنگي بادشاهه سان.

اهڙي تعليم جي مسلمانن تي جيترو ماتم ڪجي، جيترو روئجي، پٽجي، اوترو ٺهي ٿو، مگر انهن کي پنهنجي قوم مان ڪڍي ته به ڇڏبو جو هو رحم جي لائق آهن. نيٺ ڌڻي هدايت ڪندن ۽ سڌاريندن.

هاڻي مٿين ڳالهين بابت اسلامي حڪمن کان سواءِ اسين وري انهن انگريز بزرگن جا قول ۽ رايا به ٻڌايون ته اهي ان بابت ڇا ٿا چون، جن تي اسان جي انگريزي دانن جو وڏو ويساهه آهي.

               

تعليم تي انگريزي مدبرن جا رايا

مسٽر هر برٽ سپنسر، تعليم ۽ ان جي پرائڻ تي هڪ وڏو ڪتاب لکيو آهي، تنهن جي راءِ آهي ته: ”علم پرائڻ جو اهو نتيجو آهي ته موجود شين جي پوري سڃاڻپ حاصل ٿئي.“

پروفيسر هيڪسلي جي راءِ آهي ته: ”تعليم وٺڻ جو اصل مطلب هي آهي ته قانون، قدرت ۽ زماني جي موجود شين جي سڃاڻپ پيدا ڪجي. ۽ سڀ کان وڌيڪ هي نتيجو هئڻ گهرجي ته تعليم واري ماڻهو جا لڇڻ تمام عمدا ۽ سٺا هجن، جو هو دنيا جي سڀني مشڪلاتن کي سهڻي ڊول سان منهن ڏئي ۽ ڏکيائي جي وقت ۾ به سنئون سڌو ۽ سچو صاف هلي.“

مسٽر گليڊسٽون جي راءِ آهي ته: ”ماڻهوءَ جي روح کي فنا ڪانهي، پوءِ ان کي فاني دنيا ئي تعليم سيکارڻ ڪهڙي نه بيوقوفي آهي اهڙي دنيائي تعليم ڏيڻ ۾ ڄڻ ته اسين پنهنجي ڀائرن سان دوکو ۽ ٺڳي ٿا ڪريون، جو هو اسان کان ماني پيا گهرن ته اسين کين ڀتر کڻي ٿا ڏيون. يعني هو اسان کي چون ته سچي پچي تعليم ڏيو ۽ اسين انهن کي اهڙو علم پڙهايون، جو نه ضروري آهي ۽ نه قابليت جي لائق آهي.“

مسٽر سيموئيل ڪالرج، جو انگلستان جو هڪ مشهور شاعر ۽ قابل ڪتاب جوڙيندڙ آهي، سو ٿو چوي ته: ”ٻارن کي اول پيار ۽ محبت ۽ حڪم مڃڻ ۽ چڱن لڇڻ سڌارڻ جي تعليم ڏجي. جا انهن لاءِ سڀ کان ضروري آهي.“

مسز ويسٽ، جا به ولايت ۾ مشهور ڪتاب لکندڙ آهي، سا چوي ٿي ته ٻارن جو بنياد مذهب تي قائم ڪن، جو نه رڳو هن دنيا ۾ کين ڪم اچي، پر اڳئين جهان ۾ هميشگيءَ واري حياتيءَ لاءِ به ڪمائتو ٿئين.“

ساڳيو لارڊ بيڪن چوي ٿو ته؛ ”ماڻهن جي وڏي ڀل هي آهي، جو هو تعليم جي اصل مطلب کي نه ٿا پروڙين. ڪي مشغولي لاءِ ڪي وڏائي لاءِ گهڻو ڪري ته مال دولت ميڙڻ لاءِ ماڻهو تعليم ٿا وٺن، نه ته اصلي تعليم جو اهو مطلب آهي ته ماڻهن کي فائدو پهچائجي ۽ انهن کي سڌارجي. ڌڻي جي هيڪڙائي ۽ وڏائي ۽ ان جا حڪم مٿن پڌارا ڪجن.“

مسٽر ايليسين جو چوڻ آهي ته ”تعليم جو اصلي مطلب هيءُ آهي ته اول ڌڻي جي حڪمت ۽ رحمت خلق تي ظاهر ڪجي، ٻيو ماڻهن کي سڌارجي، ٽيون پنهنجي طاقتن ۽ ذهني صلاحيتن کي وڌائجي ۽ کولجي.“

مسٽر ورڊس ورٿ جو انگلستان ۾ شاعرن جو سرتاج ٿي گذريو آهي، تنهن پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته افسوس جو جيئن اسان جي سرڪار جي سدائين هيءَ سڌ رهندي آهي ته سڀ رعيت سندس مطيع ۽ وفادار هجي، تيئن جيڪڏهن هوءَ اهڙو قاعدو پاس ڪري ته تعليم سان گڏ مذهبي ۽ اخلاقي نور سان ٻارن جا دماغ روشن ڪجن ته واهه!“

هن کان وڌيڪ مثالن ۽ قولن لکڻ جو ضرور نه آهي. انهن سڀني جو مت هيءَ آهي ته تعليم علم جي پرائڻ لاءِ وٺجي نه رڳو نوڪري يا مال ميڙڻ لاءِ، ڇو ته علم جو مطلب آهي، ماڻهو جي لڇڻ جو سڌرڻ ۽ اندرين طاقتن ۽ ذهن يا دماغ جو کلڻ. ان ۾ اهڙي خوشي ۽ لذت آهي، جو اڄ تائين نه رُکي تعليم وارن کي نصيب ٿي آهي، نه اڻ تعليم وارن کي.

 

هاڻوڪي تعليم جي بابت، يونيورسٽي جي مالڪن ۽ سرڪار جا رايا

اهڙيءَ طرح هندوستان ۾، جيڪي ئي پنج يونيورسٽيون آهن، يعني، ڪلڪتو، مدراس، بمبئي، الهه آباد ۽ پنجاب، تن سڀني جي چانسلرن، ڊگرين ڏيڻ وقت، جيڪي به تقريرون ڪيون آهن ۽ ڊگري وارن کي سمجهاڻيون ڏنيون آهن، تن سڀني جو حاصل مطلب هي آهي ته:

”ڏيهي ماڻهو هن ڳالهه ۾ ڏاڍو ڀليل آهن، جو هو تعليم کي رڳو خاص نوڪري جي لاءِ وٺن ٿا. اهو خيال نه ٿا ڪن ته ايتريون جايون ڪٿان اينديون،“ نه رڳو ايترو پر وقت جي وڏن حاڪمن، جهڙوڪ وائسرائن ۽ گورنرن به ڪيترو پنهنجن تقريرن ۾ ائين ئي پئي ظاهر ڪيو آهي ته:

”هندوستان ۾ جو ڏيهي ماڻهن کي اهو سوداءُ ويٺو آهي ته تعليم رڳو نوڪري لاءِ آهي سا ڳالهه حڪومت جي لاءِ به خوفائتي آهي، ڇو ته جڏهن هيترن ماڻهن کي جي سال سال ۾ سو هزار ٿا نڪرن سرڪاري نوڪريون نه ملنديون ته پوءِ هو ضرور بگڙندا ۽ فساد ڪندا ته اسان هيتري محنت ڪري هيڏي تعليم ورتي آهي ته ڇو اسان کي نوڪريون نه ٿيون ملن. سرڪار کي وري ايتريون جايون ڪٿان اچن، جو انهن کي ڏئي، نتيجو اهو ٿيندو جو سرڪار کان ناراض ٿي باغي ٿيندا ۽ راڄ ڊوهي جا خيال پکڙيندا، جيئن بنگال ۾ ٿيو هو.“

اڄ ڪلهه جيڪا رکي ۽ ڦڪي تعليم ملي ٿي، سا ڳالهه خود يونيورسٽي يا سرڪاري عهدن جي آفيسرن کي به نه ٿي وڻين، جو ظاهر ظهور سندن راءِ آهي ته هاڻوڪي گريجوئيٽن ۾ اصل علم جو مادو ئي ناهي! هو رڳو چتونءَ وانگر ڪتاب پڙهي ڊگري حاصل ڪن ٿا، پر ان جي لائق نه ٿا ٿين ته نوڪري کان سواءِ پنهنجي علم جي صدقو، ڪنهن دنيا جي ڪاروبار ۾ لڳي، پيٽ پالين ۽ آسودو گذارين.

وڏي ڳالهه هيءَ ته هو، پاڻ به اهڙا رکا ۽ بي حيا ٿين ٿا جو پنهنجي وڏن ۽ ملڪ جي ماڻهن جو ذرو به لحاظ ۽ ادب نه ٿا ڪن ۽ انهن کي سمجهن ئي نه ٿا ته ڪهڙي باغ جي موري آهن!

هن کان اڳي لارڊ ڊفرن، اڳوڻي وائسراءِ هڪ سرڪيولر ڪڍيو هو ۽ لوڪل سرڪارين ڏي موڪليو هو، ائين ته هن بابت نوڪر غير نوڪر ۽ سياڻن ماڻهن جي مجلس ڪري رپورٽ ڪريو ته ڇو گريجوئيٽن جا لڇڻ چڱا نه ٿا ٿين، جهڙا هئڻ گهرجن.

جيئن ساڳي ميان محرم علي صاحب چشتي راءِ ڏني هئي ته ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ مقرر تعليم جي وقت کان سواءِ شاگردن کي مذهبي تعليم ڏيارجي، جو ڪثرت راءِ ڪري سرڪاري طرح ته اها ڳالهه منظور نه ٿي مگر تڏهن ۽ هاڻي اسان جا يورپي حاڪم هيءَ ڳالهه قبول ڪري رهيا آهن ۽ سندن دلي خيال آهي ته بيشڪ جيڪڏهن خانگي وقت ۾ شاگردن کي مذهبي تعليم ملي ته ڏاڍو چڱو ٿئي، جيئن ته سنڌ جي مسٽر لارينس صاحب بهادر ڪليڪٽر جو ان تي ڏاڍو خيال هو ۽ آهي.

جڏهن آنريبل سر ڊيننر فلٽر پٽرڪ صاحب پنجاب جو ليفٽيننٽ گورنر هو، تڏهن گورنمنٽ گذٽ پنجاب ۾ هي سرڪيولر ڪڍيو هئائين:

”گهڻو ڪري ڏسجي ٿو ته ڏيهي شاگرد نه پنهنجن وڏن جهڙي چال هلن ٿا نه پاڻ تي ڀروسي رکڻ جهڙيون عادتون انهن جون سکن ٿا، برخلاف ان جي يورپي پنهنجن وڏن جو برابر ادب ۽ لحاظ رکن ٿا، ڏيهي طالب علم يونيورسٽي جي ٿوري تعليم پرائي پوءِ اهڙا ته هٺيلا آڪڙ باز هر هڪ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ وارا ٿين ٿا، جو بلڪل ان رهت ۽ هلت جي ابتڙ آهي، جا شريفاڻي چئي سگهجي. اها کوٽ انهن ۾ پهرين ڏسڻ شرط معلوم ڪري سگهجي ٿي.“

اهڙي طرح حضور لارڊ منٽو صاحب بهادر وائسراءِ ۽ سر لوئيس ڊين ليفٽيننٽ گورنر به پنهنجا عام خيال ظاهر ڪري ويا آهن ته ”طالب علمن کي مذهبي ۽ اخلاقي تعليم جي وڏي گهرج ۽ ضرورت آهي“ سبحان الله هڪ ته اهو وقت هو جو مذهبي تعليم کي ساڙي ۽ اڻ ڄاڻائي جو سبب ۽ هاڻوڪي نموني جي واڌاري کي روڪيندڙ ڄاڻبو هو پر اڄ سڀيئي وڏا وڏا انگريز حاڪم ۽ قابل دهل تي ڏونڪو هڻي ٻڌائي رهيا آهن ته انسانيت حاصل ڪرڻ لاءِ جماعتن يا قومن کي سرڪار جي وفادار مڃيندڙ رعيت بنائڻ لاءِ مذهبي تعليم کان سواءِ ٻيو ڪو علاج ڪونهي.

تنهن کان سواءِ هن حڪومت جي اوائل ۾ ڪن حاڪمن جا اهي خيال به هئا ته مذهبي تعليم هٿان مسلمانن کي سرڪار جي برخلاف ڪري ٿي ۽ انهن جا عالم ۽ ملان سرڪار جا دشمن ۽ تاخير گهرندڙ آهن ۽ اڄ وري هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سرڪار جو خير خواهه ۽ دوست بنائڻ ته ديني ۽ مذهبي تعليم جو ئي ڪم آهي، ڇو ته آزمائش ۾ سرڪار جا خير خواهه ۽ دوست اسلام جي پراڻي فيشن جا ماڻهو ثابت ٿيا ۽ جن ماڻهن بنگالي يا هندوستان ۾ فساد مچايو، راڄڊوهي خيال پکيڙيا، بم گولا ٺاهيا ۽ اڇلايا، سي سڀ انگريزي تعليم يافته هئا؛ مذهبي ماڻهو سدائين پنهنجي حاڪم وقت جو خير گهرندڙ هوندو، جو مذهب جو اهو ئي حڪم آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org