مهاڳ
جڏهن 1907ع ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس
ڪراچي ۾ ٿي تڏهن اتي مسٽر ٽي ايڇ مولئنس ۽ ڪانفرنس
جي جنرل سيڪريٽري مسٽرڪي.
اي.
دهلويءَ خط لکي بلبل کان سنڌ جي مسلمانن جي تعليم
متعلق رپورٽ حاصل ڪئي بلڪه کيس خاص دعوت ڏيئي اها
رپورٽ ڪانفرنس جي کلئي اجلاس ۾ پيش ڪرائي اها
رپورٽ اهڙي ته مقبول ٿي جو سموري هڪ مستقبل
ريزوليشن جي صورت ۾ پيش ڪري متفقه طور پاس ڪئي
ويئي ان جو ذڪر ڪانفرنس جي رپورٽ سال 1908 مطبوعه
علي ڳڙهه جي 52 صفحي تي آيل آهي اسڪولن جي نصاب ۾
فارسي داخل ڪرڻ جو ريزوليشن جو بلبل جي رپورٽ تان
ورتل هو، ان جو محرڪ خود کيس بنايو ويو. بلبل
مولانا حالي جي استدعا نواب وقار املڪ جي اصرار تي
نهايت رنگين ۽ فصيح فارسي ۾ بر محل برجسته ۽ پر
زور تقرير ڪئي. جنهن جو داد ڪانفرنس جي رپورٽ
1908ع جي لکت موجب خود حالي ۽ وقار الملڪ پاڻ ڏنو.
ان ٺهراءَ جي تائيد خود نواب وقار الملڪ پاڻ ڪئي ۽
اهو پاس ٿيو ان کان پوءِ ساري هندستان جي ڪاليجن ۽
يونيورسٽين ۾ فارسي لازمي طرح سان نصاب ۾ داخل ٿي
جا اڄ تائين مروج آهي. مسلمانن جي تعليم ۾ تربيت
جي سلسلي ۾ اهو فيض بلبل جو آهي.
اسان جي هم وطن دوست جناب مولانا غلام محمد گرامي
صاحب اهو ڪتاب دوباره ايڊٽ ڪيو آهي ۽ مٿس آل انڊيا
ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۽ اهل اسلام جي تعليمي زوال جي
سببن تي عالمانه مقدمو لکيو آهي. ان مقدمي جي
مطالعه سان ان دور جو تاريخي ۽ تعليمي پس منظر
اڳيان اچي ٿو.
الله کيس ان خدمت تر اجر عظيم ڏئي، اسان جي هم وطن
۽ عزيز جي علمي خدمت کان زبان ۽ ادب کي وڌيڪ
مستفيد ٿيڻ جو موقعو عطا فرمائي. ان سلسلي ۾ ’سنڌي
ادبي بورڊ‘ پڻ تهنيت جو لائق آهي، جنهن مرحوم شمس
الدين ”بلبل“ جي ڪتابن کي جديد طرز سان ايڊٽ
ڪرائي، فني مقدمن شامل ڪرڻ کان پوءِ شايع ڪرڻ جو
ڪم منظور ڪيو آهي.
ميهڙ، سنڌ
ضياء الدين. ايس. ’ضيا‘
15 اپريل 1964ع
ابن
رئيس شمس الدين ”بلبل“
مقدمو
مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ جي هن جامع تعليمي ڪاوش
(سن؛ اشاعت 1914ع) جي افايت ۽ اهميت کي سمجهڻ جي
سلسلي ۾ اڄ کان مني صدي اڳ جي ماحول ۽ ان دور جي
تعليمي ۽ اصلاحي تحريڪن سان گڏ انگريزن جي اوائلي
تسلط ۽ تشدد وارين ڪار گذارين کي مطالعہ
ڪرڻ ضروري آهي.
بر صغير هند و پاڪ جي زوال جو پهريون ڏينهن اهو هو
جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني، پنهنجا ناپاڪ قدم هت
گهمايا؛ ۽ واپارين جي لباس ۾، ڦورو ۽ لوٽو ٿي،
سارو ملڪ لٽي ويا. اهو سارو تاريخي داستان نهايت
دلگداز آهي. خاص طرح سان 1857ع جي آزادي جي جنگ کي
بغاوت سڏي، انگريزن جنهن بيدردي سان مسلمانن کي
زندگي جي هر پهلوءَ ۾ تباهه ڪيو، سو هڪ عبرت
انگريز تاريخي واقعو آهي. مسلمانن جي تعليمي
تباهيءَ جا اسباب به ان دور ۾ پيدا ٿيا. ظاهر آهي
ته ’سنڌ‘ به ان تباهيءَ کان بچي نه سگهي. اڳتي
هلي، سر سيد احمد جي تحريڪ، برصغير هندو پاڪ جي
مسلمانن ۾ نئين سر ’حياتي‘ جو روح آندو، جنهن جا
اثرات سنڌ ۾ به آيا. سنڌ جي تاريخ جو اهو باب
تاريخي طور بلبل ئي قلمبند ڪيو آهي. مرحوم بلبل
سنڌ جي تعليمي زوال تي جا اشڪ شوئي ڪئي آهي ۽ جي
انگ اکر گڏ ڪري، دانهون ڪوڪون ڪيون آهن اهي
معلومات افزا به آهن، پر ان سان گڏ دلگداز به آهن
بلبل مرحوم ان زوال لاءِ برطانيه جي نظام تعليم
سان گڏ، ان دور جي سرمايه دارن زميندارن عالمن ۽
اهل علم خاندانن جي بي توجهيءَ ۽ غفلت کي سبب قرار
ڏنو آهي.
افسوس هي آهي جو مني صدي کن اڳ به هتي جي وڏن
ماڻهن جو حال ناگفته به هو. زماني جي هوا کي سمجهي
سوچڻ ۽ تياري ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. زمانو کين
ڌونڌاڙي ۽ اٿاوي رهيو هو؛ پر هي خواب غفلت مان نه
اٿيا سي نه اٿيا. نه ڪو عالمن سڳورن جديد دور جي
مقتضيات ۽ حالات کي اڳيان رکي عوام کي علم ۽ فن جي
تحصيل لاءِ ترغيب ڏني.
سر سيد احمد جي مخالفت ۾ اچي ڪري، ملڪ جي تمام
گهڻن مشهور عالمن، جديد تعليم جي خلاف فتوائون
ڏنيون، تاهم چند روشن دماغ ۽ باصيرت عالمن، اعتدال
جي روش اختيار ڪئي ۽ تعليم متعلق ’ڪفر‘ جي فتوائن
کان نه فقط احتراز ڪيو، پر پنهنجي حال آهر جديد
تعليم جي تائيد ڪيائون.
هن باب کي مطالعہ
ڪرڻ لاءِ ان دور ۾، برصغير هندو پاڪ جي نظام تعليم
جي ناقدانه تجزيه ڪرڻ کان پوءِ ’بلبل‘ ۽ ان جي
ساٿين جي چيخ و پڪار جو تاريخي پس منظر معلوم ٿي
سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ ناقدن ۽ محققن تمام گهڻي ڇنڊڇاڻ ۽
عالمانه تحقيق ڪئي آهي، پر افسوس اهو آهي ته سنڌ
جي زوال متعلق ڪابه معياري تاليف پيدا نه ٿي سگهي
آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ها ته دور برطانيه جو نظام
تعليم ۽ ان جو پس منظر ڇا آهي. جديد تعليم جو سنگ
بنياد ڪهڙن مقصدن ۽ ڪهڙن ارادن سان رکيو ويو هو ۽
مسلمانن خاص طرح سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستيءَ
جا اسباب ڪهڙا آهن.
ان مسئلي تي ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو واضع ڪرڻ ضروري
ٿو سمجهان ته هن قسم جي تاريخي بحث ڪرڻ مان منهنجو
مقصد قدامت ۽ تجدد پسنديءَ جو تزاع ۽ مولوين ۽
مسٽرن جي پراڻي ويڙهه ناهي. مان انهن ٻنهي گروهن
کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي عزت جي نگاهه سان
ڏسان ٿو. واقعات ۽ تاريخي حقيقتون ئي معيار آهن.
حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪچ کي تاريخي ڪسوٽي تي پرکي سگهجي
ٿو.
عالمن طرفان، جديد تعليم ۽ مغربي تهذيب جي مخالفت
هڪ خاص سياسي ماحول ڪري هئي. ان طرح جديد تعليم
يافته ماڻهن جي قدامت پسند گروهه يعني علماء ڪرام
سان تزاع به خاص ماحول ۽ خاص نموني جي خيالات رکڻ
ڪري پيدا ٿيو هو. علماء ڪرام انگريزن جي سياسي جنگ
۽ مخالفت ۾ اهڙا ته جاگرافي سائنس ۽ حڪمت سڀ کي
انگريزي علوم ڪري سمجهيائون، حالانڪه علوم ۽ فنون
ساري انسان ذات لاءِ آهن. ڪنهن خاص قوم، نسل ۽
حڪومت جي اجاره داري ۽ تسلط علم ۽ فن تي ڪين آهي.
چند انتها پسند عالمن جي ان ذهنيت ۽ فتويٰ مسلمانن
کي جديد علوم جي تحصيل ۽ تعليم کان روڪي ڇڏيو ان
ڪري ڪافي نقصان پهتو آهي، جنهن جي تلافي ڪرڻ اسان
جي هٿ وس کان ٻاهر آهي.
اڄ اسان جو وطن پاڪستان معياري ۽ بلند پايه عالمن
۽ فني ماهرن کان خالي آهي. عالمن جي ان سختيءَ ۽
رجعت پسنديءَ قدامت نوازيءَ ۽ انتها پسنديءَ جي
مقابلي ۾ جديد تعليم يافته پيش پيش رهيا. عالمن ۽
مسٽرن جون فڪري ۽ علمي، ديني ۽ دنياوي لڙايون،
اسان جي برصغير هندو پاڪ جي سياسي تاريخ جو اهم ۽
قابل توجہ
باب آهن، جن جو تفصيل ناگفته به آهي. آءٌ ٻنهي
گروهن جي عزت ٿو ڪريان:
دل کو روئون يا مين جگر کو مير
ميري دونون سي آشنائي هي.
منهنجي خيال ۾ ٻنهي گروهن جي نيڪ نيتيءَ ۽ مقصد
طريق ڪار ۽ نصب العين جو قدر نه ڪرڻ مناسب ناهي.
اسان وٽ عام طور ائين چيو ويندو آهي ته مسلمانن کي
عالمن جديد تعليم کان روڪيو آهي ۽ اهي ئي عالم
سڳورا برصغير هند و پاڪ جي مسلمانن جي تعليمي
پسماندگي لاءِ جوابدار آهن. پر ان لاءِ ايترو چوڻ
ڪافي آهي ته تاريخ ۽ تحقيق ان نظريي جي ترديد ٿي
ڪري.
مختصر طرح سان چئجي ته امام الهند شاهه ولي الله
محدث دهلويءَ جي فرزند حضرت شاهه عبدالعزيز محدث
دهلويءَ کان وٺي مولانا رشيد احمد گنگوهي، مولانا
عبدالحئي لکنوي، فرنگي محلي (وفات 1887ع ) غلام
شبلي، حڪيم الامت مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا
محمد قاسم نانوتوي (باني دارالعلوم ديو بند) شيخ
الهند مولانا محمود الحسن، امام انقلاب مولانا
عبيد الله سنڌي، وغيره عالمن، انگريزي تعليم جي
جائز هجڻ لاءِ فتوائون ڏنيون آهن.
مولانا عبدالحئي لکنويءَ 1887ع ۾ جڏهن انگريزي
تعليم جي پڙهڻ جي جواز جي فتويٰ ڏني هئي، ان دور ۾
سر سيد احمد جي تعليمي تحريڪ جي ابتدا ٿي چڪي هئي.
عالمن صاف صاف لکيو آهي ته ڪابه لغت، زبان ۽ ڪو به
علم ۽ فن نه حرام آهي ۽ ناجائز بلڪه زبانن جو
اختلاف به نعمت آهي. جيئن قرآن ۾ آهي:
خلق السماوات والارض واختلاف السنتکم
والوانڪم ان في ذالڪ لآيات اللعالمين (رعد)
ان ۾ صاف ٻڌايو ويو آهي ته جيئن زمين ۽ آسمان الله
تعاليٰ جي تخليق جا شاهڪار آهن، تيئن زبان ۽ رنگن
جو اختلاف به سندس تخليقي شاهڪار سمجهڻ گهرجن ۽
انهن ۾ جهانن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
عالمن جي ان وسعت نگاهه لاءِ ائين چوڻ شايد ڪافي
ٿيندو ته ڪانگريس پاران آندل وديامندو اسڪيم ۽
وارڌا اسڪيم کي پڻ عالمن، چند ترميمن سان قبول ڪيو
هو. خير، ٻيا ته ٺهيو، خود سيد احمد پڻ عالمن جي
ان روش جو ذڪر ڪيو آهي. فرمائي ٿو:
”وڏن وڏن قدوسي عالمن، گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ
تجويز ڪئي آهي ته انگريزي تعليم سان گڏ، مذهبي
تعليم به ڏيڻ گهرجي ۽ درسي ڪتاب مان عقائد، فقہ،
اصول تفسير، اصول حديث علم ڪلام به انگريزي سان گڏ
پاڙهجي، جيئن مذهبي عقيدا به پختا ۽ درست ٿين.“
(تهذيب الاخلاق ص 153)
مٿئين حوالي ۾ انگريزي تعليم سان گڏ، مذهبي تعليم
هجڻ جي خبر خود سر سيد احمد پڻ ڏني آهي. سر سيد
احمد ان تجويز تي راءِ زني ڪندي لکيو آهي:
”مگر تقصير معاف! اها انڌي تقليدي مذهبي تعليم ته
عقيدن جي نقصان کان ڪونه بچائي سگهندي. اهي درسي
ڪتاب لامذهبيءَ جو علاج نه ٿا ڪري سگهن، بلڪه اهي
مذهبي ڪتاب، انگريزي تعليم ۽ مغربي علوم سان گڏ
پڙهائڻ سان، ان کان به وڌيڪ لامذهبي بداعتقادي
پيدا ڪندا.“ (تهذيب الاخلاق، ص 153 ۽ روشن مستقبل
203)
سر سيد احمد صاف ٻڌايو آهي ته عالمن جا تقليدي ۽
مذهبي ڪتاب، انگريزي تعليم سان گڏجي، ”لامذهبي ۽
بداعتقادي“ پيدا ڪندا. سر سيد جي اها راءِ گهڻي
ڀاڱي نهايت درست آهي ان جو مشاهدو اڄ ڪلهه ڪري
رهيا آهيون.
اسان وٽ قديم رائج الوقت درسيات ۾ رياضي هيئت،
جديد سائنس، فلسفي، جديد نفسيات، تاريخ عالم ۽
جاگرافيءَ تي اهڙا ڪتاب ڪين آهن، جن جي مطالعہ
سان هڪ شاگرد، انگريزي تعليم يافته جي معلومات ۽
معيار تي پهچي سگهي. ان جي مقابلي ۾ فقہ
۽ حديث سان گڏ، منطق ۽ يوناني فلسفي جا سٽيل ڪٽيل
نظريا ۽ بحث آهن، جن کي هن جديد دور ۾ رد ڪيو ويو
آهي. اڄوڪو انسان، جديد سائنس جي معلومات ۽ تجربات
جي آڌار تي خلائي سفر ڪري رهيو آهي. سج ۽ چنڊ،
مريخ ۽ زهره سندس آماجگاهه بنجي چڪا آهن. خلائي
مسافر، فضا ۽ خلا ۾ پکين وانگر اڏري رهيا آهن، ان
جي جاءِ تي پراڻو فيثا غورث جو نظريه ڪائنات ڪيئن
مڃڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ چيل آهي ته ’آسمان هڪ ڇت
وانگر آهي، جنهن ۾ سج چند تارا، گره ۽ سيارا
شمعدان وانگر جڙيل آهن!‘
تاهم ائين چوڻ ته علماءِ ڪرام، مطلقاً، جديد علوم
۽ انگريزي تعليم جي خلاف رهندا آيا آهن، تاريخي
طور تي درست ناهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ماڻهو
اختلاف ۽ ضد جي وقت تي، اعتدال تي قائم رهي نه
سگهندا آهن، ان ڪري گهڻو تڻو عالم سڳورا انگريزيءَ
جي مخالفت ڪندي اعتدال کان مجاوز ۽ سخت گير ٿي چڪا
هئا. جڏهن ته اهو دور هڪ قسم جو ڄڻ ته انقلابي
بحران جو دور هو، انگريزن نهايت ظلم ۽ تشدد، بي
ايمانيءَ ۽ مڪاريءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي آڙ
۾ مسلمانن جي هڪ هزار ورهين واري تخت ۽ تاج کي ختم
ڪيو هو، ان ڪري اهڙي دور ۾ غيرت ۽ مذهبي جذبي
وارا عالم ۽ مولوي، انگريزن جي تهذيب ۽ تعليم ته
ڇا، انهن جي نالي کان به خائف ٿي چڪا هئا.
ان سلسلي ۾، انگريزي تعليم جي خلاف سندن نفرت ۽
حقارت حد کان ٻاهر نڪري چڪي هئي. سندن اها غير
معتدل نفرت انساني فطرت موجب واجبي هئي. دشمن جي
ترار سان به دشمني ٿئي ٿي ۽ ترار جو وڍيل قلم کان
به ڪنبندو آهي!
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته چڱو، عالمن به جديد
تعليم کان منع نه ڪئي هئي، ته پوءِ ڀلا، مسلمانن
جي تعليمي زوال جو اصل جوابدار ڪير آهي، جنهن جي
خلاف وقت بوقت عالمن ۽ اديبن صداءِ احتجاج بلند
ڪئي آهي.
ان جو جواب به ٻڌڻ جهڙو آهي. اها هڪ درد انگيز ۽
خونچڪان ٽريجڊي آهي، ۽ ان سان گڏ سبق آموز آهي ۽
عبرت خيز پڻ!
|