مدراس گورنمنٽ جو اعتراف
ان سلسلي ۾، مدراس گورنمنٽ 1873ع ۾ هن امر جو
اعتراف ڪيو:
”موجوده طرز تعليم جو خاڪو هندن جي ضرورتن آهر
بنايو ويو آهي ۽ مسلمانن کي يڪسر نظر انداز ڪيو
ويو آهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مسلمانن جي گهٽتائي ڪو
حيرت انگريز امر نه آهي بلڪه مٿين حالتن ۾ انهن
مسلمانن جو زنده رهڻ ۽ باقي رهڻ وڌيڪ حيرت انگيز
آهي!“ (تاريخ تعليم: سيد محمود ص 155)
سر جيمس جي راءِ
سر جيمس، جو مسلمان باغين ۽ بلوائين جي سرڪوبي ۽
تحقيقات لاءِ مقرر ٿيو هو، ۽ جنهن جي تحقيقات جي
نتيجي ۾ هزارها مسلمان، ڪاري پاڻيءَ جي سزا وٺي
چڪا هئا، سو به هن طرح ٿو فرمائي:
”اسان ائين نه ٿا چئي سگهون ته مسلمانن جي بي
اطميناني، ڪا بي بنياد آهي. سالن جا سال، لاڳيتو،
مسلمانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. انهن جي وجود ۽
اطاعت کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو آهي. انهن جي
تعليم جي طرف، غفلت ڪئي وئي ايتري قدر جو مسلمانن
جي اوقاف، جنهن جي آمدنيءَ مان اسلامي ڪاليج هلندا
هئا، سي به رد ڪري ڇڏيا ويا ۽ اهي رقمون ٻين ڪمن ۾
استعمال ڪيون ويون. اميد آهي ته موجوده غفلت کان
پوءِ عاقلانه ۽ فياضانه حڪمت عمليءَ کان ڪم ورتو
ويندو!“ (ڪلڪته رويو 21 آڪٽومبر 1870ع ص 195 ۽
روشن مستقبل از طفيل احمد بنگلوري ص 166).
ايتري شاهدين کان پوءِ به هيءَ حقيقت تحقيق طلب
رهجي وئي ڇا، ته مسلمانن جي تعليمي زوال جا اسباب
ڪهڙا هئا؟
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته هن ڪتاب ۾، آل انڊيا
مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي ڪراچيءَ واري اجلاس
منعقد 1907ع جي ڪارگذاري ۽ ٺهرائن جي روشنيءَ ۾
مسلم تعليم جا مسئلا بيان ڪيا ويا آهن.
ان دور ۾، فقط اهو ئي هڪ ادارو هو، جو پنهنجي بي
سروسامانيءَ، ۽ عوام ۽ خواص جي مخالفت ۽ سرڪار جي
سر مهديءَ جي باوجود، چراغ اميد کي ٻاريندو آيو.
اڄ سندس روشنيءَ کان، برصغير هند و پاڪ جو ڪو به
حصو خالي نظر نه ٿو اچي. جديد علوم ۽ فنون جي
تحصيل ۽ تڪميل گاهون ۽ درسگاهون نظر اچن ٿا، اهي
ان هڪ اجتماعي اداري جي جدوجهد جو تاريخي يادگار
آهن.
اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته برصغير هند و پاڪ
جي مختلف علائقن ۾، باوجوديڪ پس ماندگيءَ ۽ مفلوڪ
الحاليءَ جي، سنڌ ان تحريڪ جي نه فقط حوصله افزائي
ڪئي، پر عملي طرح ان ڪانفرنس ۾ روح ڦوڪيو. سنڌ جي
ان سبقت اليٰ الخير واري عملي قدم جو ذڪر اڄ به
”ڪانفرنس جي تاريخ“ ۾ سونهري لفظن ۾ درج ٿيل موجود
آهي.
آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي تاريخ 1886ع
کان شروع ٿئي ٿي. ان ايتري قديم ۽ عظيم تعليمي ۽
اصلاحي اداري جنهن يقين محڪم ۽ عمل پيهم سان، اهل
اسلام جي تعليمي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي
آهي، اها فراموش ڪرڻ جهڙي نه آهي ان جي مختلف
ادارو ۽ مراحل جو مطالبو دلچسپيءَ ۽ افاديت کان
خالي نه آهي.
جڏهن سر سيد احمد مرحوم و مغفور پنهنجي جدت
پسندانه عقائد جي تبليغ سان گڏ مسلمانن جي ادبار ۽
زوال، مذلت ۽ پس ماندگيءَ لاءِ تعليم ۽ نصاب ۾
انقلاب آفرين اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن سندس
ديني عقائد جي مخالفت جي پس منظر ۾ سندس تعليمي ۽
اصلاحي عمل ۽ حرڪت جي ڪري مخالفت به همه گير نموني
۾ هلائي وئي.
اهڙي حوصله شڪن ماحول ۾، سر سيد احمد جنهن مخلصانه
جدوجهد ۽ عملي اقدام سان ڪم ڪيو ان جو داد اڄ
پنهنجن سان گڏ پراوا ۽ ڌاريا به ڏئي چڪا آهن.
اهڙي مخلفانه ماحول ۾، جن چند حساس ۽ بلند حوصله
تعليمي ماهرن، ليڊرن، قومي ڪارڪنن سندس عملي طرح
سان تائيد ڪئي، تن ۾ سنڌ جو حصو به قابل قدر آهي.
سنڌ جي ڪيترن مخلص ۽ ايثار پسند ماڻهن جنهن
استقلال ۽ مستعدي سان، سر سيد جي افڪار ۽ تعليمي
مشاغل جي تائيد ڪئي آهي، انهن جا نالا تعليمي ۽
اصلاحي دنيا ۾ اڄ به زرين لفظن ۾ لکيل آهن.
سنڌ ۾ سر سيد احمد جي نصب الدين تي مرحوم خان
بهادر حسن علي آفنديءَ جيڪا جدوجهد ڪئي آهي، جيڪا
جدوجهد ڪئي آهي، ان کان هر اهل علم واقف آهي. ”سنڌ
مدرسة الاسلام“ پنهنجي ديرينه روايت سان آراسته اڄ
به موجود آهي اهو فخر ان اداري کي حاصل آهي جنهن
قائد اعظم جهڙو زيرڪ، دانشمند، سياستدان ۽ قومي
هيرو پيدا ڪيو، جو اڄ بابائي ملت سڏيو وڃي ٿو.
سنڌ مدرسہ
جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ جن مخلص اراڪين جا نال اچن ٿا
تن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن، جي مرحوم آفنديءَ سان
بانهن ٻيلي رهيا: مثلاً خان بهادر ميان غلام حسين،
غلام حسين چاڳلا، امراءُ خان پٺاڻ، قاضي محمد اشرف
هلالي، خان بهادر خداداد خان، ميان غلام دستگير،
علي ڀائي ڪريم جي، مرزا آصف، سردار بهادر محمد
يعقوب، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘، مولوي الله
بخش ’اٻوجهو‘، خان بهادر قادرداد خان طيب جي، مرزا
مخلص علي ۽ مرحوم آفندي جو صاحبزادو ولي محمد خان
وغيره.
ان سلسلي ۾، ڪروڙن اسماعيلين جو روحاني امام اعليٰ
حضرت هزهائينيس سر آغا خان رحمہ
الله عليه جو اسم گرامي به تاريخ ۾ موجود آهي،
جنهن مرد جليل جي سواريءَ جي گاڏي، لاهور ۾ نواب
وقارالملڪ ۽ خواجه حاليءَ پارن ڇڪي، سندس عزت
افزائي ڪئي هئي. ”آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو
پهريون اجلاس 1886ع ۾ سڀ کان اول علي ڳڙهه ۾ ٿيو،
جنهن ۾ برصغير هند و پاڪ جي روشن ضمير ۽ روشن
خيال، عالمن ۽ دانشمندن جوش ۽ خروش سان شموليت
ڪئي.
ڪانفرنس جي اوائلي تشڪيل ۽ دستور العمل جي رسمي
جوڙجڪ کان پوءِ ڪانفرنس مختلف صدين ۾ پنهنجا اجلاس
ڪندي آئي. هر اجلاس ۾ لکن ماڻهن تائين تعليم کي
حاصل ڪرڻ جو پيغام پهچايو ويو.
سنڌ به ان سلسلي ۾ ڪانفرنس جو تعاون ڪيو پنهنجي
پسماندگيءَ جي هوندي، ايثار ۽ قربانيءَ جا جوهر
ڏيکاريائين.
سنڌي مسلمان جي تعليمي بدحاليءَ ۽ معاشي زوال جو
سڀ کان اول ذڪر ”آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس“
جي سورهين اجلاس ۾ ٿيو. اهو اجلاس دهليءَ ۾
ڪاروينشن دربار جي موقعي تي 1902ع ۾ ٿيو. ان اجلاس
جي صدارت هزهائينس سر آغا خان جن فرمائي هئي.
ان اجلاس ۾ مسٽر علي محمد خان دهلوي، بئريسٽر
ڪراچيءَ واري (جو اڳتي هلي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽
کيس سر جو خطاب پڻ مليو) سنڌ جي تعليمي حالتن
ڏانهن توجهه ڇڪايو، سندس ڪوشش ۽ نواب محسن الملڪ
جي تائيد سان، هيٺين رٿ منظور ڪئي وئي.
”هن ڪانفرنس لاءِ لازم آهي ته پنهنجي تعليمي ۽
اصلاحي ڪم جي دائري کي، وسيع ڪري ۽ سنڌ جي انهن
مسلمانن سان شرڪت ڪري، جي سنڌ ۾ تعليم جي اصلاح
لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهن، ڇو ته صوبه سنڌ جي حالت
تمام خراب ٿي چڪي آهي.“
ان تجويز تي عمل ڪندي، ڪانفرنس جي رهنمائن، سنڌ جا
دورا ڪيا ۽ حالات کان واقفيت پيدا ڪري، ڪانفرنس کي
رپورٽ ڏني.
آخرڪار، جڏهن ”آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو
ويهون اجلاس، 1906ع ۾، ڊاڪا ۾ ٿيو، تڏهن سردار
محمد يعقوب وزير خيرپور ميرس سنڌ جي مسلمانن جي
تعليمي پستيءَ ۽ حالت زار تي نهايت دردناڪ رپورٽ
پيش ڪري سينٽرل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي درخواست ڪئي
ته آئينده اجلاس سنڌ ۾ ڪيو وڃي. ان وقت سنڌ جي ڪل
آبادي 32 لک 10 هزار، 9 سؤ 10 ماڻهن تائين محدود
هئي. انهن مان 24 لک 36 هزار چار سئو 79 يعني ٽي
ڀاڱي چار کان به وڌيڪ آبادي مسلمانن تي مشتمل هئي.
سردار محمد يعقوب خان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو:
”ڪنهن به صوبي جي مسلمانن جي تعليمي حالت ايتري
قدر ڪريل ناهي، جيتري سنڌ جي مسلمانن جي آهي. سنڌ
۾ ٻن سون گريجوئيٽن جي مقابلي ۾ ساري سنڌ ۾ فقط
ڏهه مسلمان بي. اي آهن.“
ان کان به وڌيڪ تلخ ۽ دکدائڪ حقيقت اها هئي ته
انهن ڏهن مسلمانن گريجوئيٽن ۾، سنڌي فقط 2 هئا،
باقي 8 غير سنڌي هئا، جي ٻاهران تجارت جي خيال کان
اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا هئا.
ان طرح ڊاڪٽري سائنس ۽ انجنيئرنگ جي سلسلي ۾ سردار
محمد يعقوب خان لکيو هو ته:
”ويهن هندن جي مقابلي ۾، صرف هڪ مسلمان ڊگري يافته
آهي. بيرسٽر، ايل. ايل. بي ۽ يا پليڊر هن صوبي ۾
ٻن سون کان مٿي آهن، پر انهن ۾ مسلمان صرف ويهه
آهن. گذريل سال انٽر ۾ هڪ سو ويهه طالب ڪامياب
ٿيا، تن ۾ مسلمان فقط ٻارنهن هئا.“
سردار محمد يعقوب مزيد بحث ڪندي ظاهر ڪيو ته:
”مسلمانن ۾ تعليم جي نه هجڻ ڪري سڀ نوڪريون سندن
هٿن مان نڪري چڪيون آهن. اهو ساڳيو حال هنر صنعت ۽
واپار جو آهي. سنڌ ۾ هڪ هندو سيشن جج ۽ هڪ اسسٽنٽ
جج آهي، مگر ان درجي جو ڪو عهدو، ڪنهن مسلمان جي
هٿ ۾ نه آيو آهي. روينيو ۾ ويهه ڊپٽي ڪليڪٽر آهن،
جن ۾ مسلمان فقط ٽي آهن، باقي سترنهن ئي هندو
آهن.“
1906ع ۾ ڪانفرنس جي ڪميٽي اصلاح
تمدن جي هڪ ميمبر، سنڌ جي تمدني ۽ تعليمي حالت تي
ٻه مضمون لکيا، جن ۾ ٻڌايو ويو ته:
”سنڌ جي مسلمانن جي تمدني ۽ تعليمي حالت، هندوستان
جي سڀني صوبن کان وڌيڪ ڪريل ۽ ناگفته به آهي. مگر
الله جو شڪر آهي ته زمانو آهسته آهسته، سنڌي
مسلمانن کي ترقيءَ ڏانهن مائل ڪري رهيو آهي. هاڻي
کين پنهنجي دردناڪ تنزل جو احساس پيدا ٿيو آهي.
گورنمنٽ به هاڻي سندن ڪجهه خيال ڪرڻ شروع ڪيو آهي
۽ سندن بنيادي حقن تي غور ڪرڻ لاءِ آمادگيءَ جو
اظهار ڪيو آهي. ڪراچيءَ جو اسلامي مدرسو، جو مرحوم
خانبهادر حسن علي صاحب جي ڪوشش سان برپا ڪيو ويو
هو، اهو ترقي ڪري رهيو آهي. خاص طرح سان جڏهن کان
مستر وائنس هن مدرسي جو پرنسيپال مقرر ٿيو آهي،
تڏهن کان وٺي خاطر خواهه نتيجي نڪري رهيا آهن. ان
طرح لاڙڪاڻي ۾ اتي جي زميندارن جي ڪوشش سان، ۽ اتي
جي ڪليڪٽر مسٽر پيٽر، آئي سي. ايس. جي خاص توجهه
سان هڪ مدرسو کوليو ويو آهي، جنهن ۾ پنجن درجن
تائين انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو
آهي. ان سان گڏ هڪ بورڊنگ هائوس پڻ آهي.
1902ع ۾ مسٽر علي محمد خان دهلوي، بيريسٽر ايٽ لا
جي ڪوشش سان، لوڪل محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو
جلسو ٿيو، ان جا نتيجا به چڱا نڪري رهيا آهن.
گورنمينٽ ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ تي نهايت شفقت
آميز ريزوليشن پاس ڪيو آهي ۽ هڪ ڪميٽي نالي ”محمدن
ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ به مقرر ڪئي آهي. جنهن جي
تجويز سان هڪ ننڍو ريزيڊيشنل (اقامتي مدرسو نوشهره
هاءِ اسڪول) ضلع حيدرآباد جي اتر ۾ تعمير ڪيو ويو
آهي.“
سردار محمد يعقوب خان پنهنجي رپورٽ ۾ ان عنوان تي
گهڻو ڪجهه پيش ڪيو هو. چنانچه سردار بهادر ٻڌايو
هو:
”ٻيو مدرسو حيدرآباد جي ڏکڻ ٽنڊو باگو مدرسه ۾ کلي
رهيو آهي ۽ ٽيون ڪلارڪ آباد ۾ ۽ چوٿون انهن سڀني
جي مقابلي ۾ سڀني کان وڏي پيماني تي ”پٿوري“ ضلع
ٿرپارڪر ۾ کلي رهيو آهي، جنهن جي عمارت به تعمير
ٿي چڪي آهي. پنجون سکر ۾ کلي رهيو آهي، ۽ ان جي
لاءِ زمين به ورتي وئي آهي: ان طرح هر ضلعي ۾ هڪ
مدرسي جاري ڪرڻ جو سامان پيدا ٿي چڪو آهي. خاص طرح
سان حيدرآباد ۾ ٻه مدرسا جلدي قائم ڪيا ويندا.“
سردار محمد يعقوب جڏهن ته سرڪاري امداد تي ويهي
رهڻ کي مصلحت ۽ دانشمنديءَ جي خلاف تصور ڪري چڪو
هو. تڏهن ان لاءِ امدادي وظائف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش
شروع ڪيائين. سرمايي کي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ظاهر
ڪيائين ته:
”ذڪر ڪيل مدرسن جي لاءِ پيسن جي سخت ضرورت آهي.
رڳو ڪراچيءَ جي مدرسي واري بورڊنگ هائوس وڌائڻ
لاءِ- جنهن ۾ زيادهه شاگردن جي گنجائش ناهي- گهٽ ۾
گهٽ 50 هزار رپين جي ضرورت آهي، جن مان 6 هزار
خيرپور رياست ڏنا آهن ۽ 20 هزار عام چندن مان هٿ
ڪيا ويا آهن.“
مسٽر علي محمد خان دهلويءَ جي دعوت ۽ سردار محمد
يعقوب خان جي درد انگيز تعليمي رپورٽ تي ڊاڪ
ڪانفرنس ۾، نواب محسن الملڪ طئي ڪيو ته 1907ع جو
ايندڙ اجلاس سنڌ جي دارالحڪومت ڪراچي ۾ منعقد ڪيو
وڃي.
خدا جي قدرت اها ٿي جو ان اعلان کان پوءِ ستت ئي
سردار محمد يعقوب خان وفات ڪئي، ۽ ان سان گڏ
ڪراچيءَ ۾ اجلاس ڪرڻ جي تجويز ڏيندڙ نواب محسن
الملڪ به وفات فرمائي. انهن ٻنهي بزرگن ۽ دانشمندن
جي اوچتي وفات کان پوءِ اها اميد ئي نه رهي ته ڪو
ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس جو اجلاس ٿي سگهندو.
خوش قسمتيءَ سان نواب محسن الملڪ جي جاءِ تي نواب
وقارالملڪ آيو. جنهن ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس ڪرڻ جي
تياري ڪئي. ان مهم ۾ ساڻس صاحبزادو آفتاب احمد خان
ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو هت سنڌ ۾ سردار محمد يعقوب جي
جاءِ تي شيخ صادق علي وزير مقرر ٿيو، جنهن نواب
وقارالملڪ سان گڏجي، ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ جي
ڪوشش شروع ڪئي.
اول سنڌ ۾ ڪارڪنن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن کي
ڪانفرنس جي انعقاد ۽ اهتمام جو ڪم سونپيو ويو. ان
ڪميٽيءَ جي ذميدارانه فرائض ۾ اهو فرض به رکيو
ويو. ته هوءَ، سنڌ مان گهڻي ۾ گهڻا با اثر ۽ همدرد
ماڻهو آڻي. ان ڪميٽيءَ جو صدر شيخ صادق علي ٿيو ۽
ان جو سيڪريٽري علي محمد خان دهلوي بيرسٽر مقرر
ٿيو.
ڪانفرنس ۾ تقريباً تيرنهن سؤ مهمانن شرڪت ڪئي.
ڊسمبر جي آخري تاريخن ۾ اهو اجلاس ڪراچيءَ ۾ سڏايو
ويو هو، پر 22 ڊسمبر کان مهمانن جي شرڪت شروع ٿي
ويئي، ڊيليگيٽس ۾ 700 کان وڌيڪ سنڌ مان، 300 پنجاب
مان، 150 يو- پيءَ مان، 50 سابق متحده بنگال مان ۽
100 کن بمبئيءَ، دکن ميسور، راجپوتانا ۽ رنگون مان
اچي شريڪ ٿيا.
ڪانفرنس جي ڪيمپ سيٺ اي. ايم. جيوڻ جي وسيع ۽
رونقدار باغ ۾ لڳائي ويئي. اهو باغ پنهنجي محل
وقوع جي لحاظ سان، ڪراچيءَ ۾ هڪ مشهور تفريح گاهه
جي حيثت سان مشهور هو.
ڪيمپ کي صوبه وار نموني ۾ ورهايو ويو. سڀني ڪيمپن
جي وچ ۾ ڊائيننگ روم جي طور تي، هڪ وڏو شاميانو
لڳايو ويو، جو باهمي مشورن ۽ ملاقاتن لاءِ خاص طرح
سان ڪم آندو ويو. ان جي ڀر سان اخباري نامه نگارن
جي ڪيمپ لڳائي وئي.
بهرحال نهايت سليقي سان مختلف دفتر قائم ڪيا ويا.
پوسٽ آفيس، تار گهر، اسپتال، سيڪريٽري جي آفيس،
زالن جي نمائش گاهه، ڪانفرنس جو دفتر، انتظامي
ڪميٽيءَ جو دفتر، ڊائننگ هال، پنڊال وغيره.
ڪانفرنس جي ڀر سان ڪيمپ جي آمهون سامهون سرڪاري
گيسٽ هائوس هو، جو مهمانن لاءِ کوليو ويو. ان ۾
نواب وقارالملڪ، خليفو سيد محمد حسين، وزير پٽياله
رياست، سر آدم جي پير ڀائي، جسٽس شاهه دين، ميجر
سيد حسن بلگرامي ۽ سر علي امام جهڙا ليڊر رهايا
ويا.
گورنمينٽ ريسٽ هائوس ۽ سيٺ جيوڻ جي باغ کان جيڪي
مهمان وڌي ويا، تن کي ”مدرسه اسلاميه“ ۽ ”سنڌ
هوٽل“ ۾ رهايو ويو.
قومي نمائندن جي ڪثرت ۽ تعليم يافته ماڻهن جي
گهڻائيءَ جي ڪري هيءَ ڪانفرنس، پنهنجي گذريل اجلاس
کان گوءِ کڻي وئي.
ڪانفرنس کي بمبئيءَ جي گورنر، همدرديءَ ۽ خير
خواهيءَ جي تار موڪلي ۽ شرڪت کان معذرت ظاهر ڪندي
ڪاميابيءَ لاءِ دعا موڪلي. گورنر جي پاران سنڌ جي
ڪمشنر باقاعده هر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، بلڪه تقرير
ڪندي پنهنجي تعاون جو اظهار ڪيائين، ۽ سڀني آيل
نمائندن ۽ مهمانن کي گورنمنٽ هائوس ۾ گارڊن پارٽي
پڻ ڏنائين. ان طرح ڪراچيءَ جي يورپين مردن ۽ زالن
به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پوري هندوستان جي تعليمي
ڊائريڪٽرن ۽ سنڌ جي تعليمي ڊائريڪٽر به شرڪت ڪئي ۽
تقريرون پڻ ڪيون.
ان اجلاس جي صدارت شمس العلماء خواجه الطاف حسين
’حالي‘ ڪئي. سنڌ ۾ انگريزي تعليم جو ته نالو نشان
ڪونه هو مولانا حالي ان طرف نهايت لذيز ۽ مزاحيه
انداز ۾ ارشاد ڪيو. چيائين:
”حضرات! اوهان اڄ ’آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل‘
ڪانفرنس جي صدارت ڏئي، جا مون کي عزت ڏئي آهي،
تنهن مون کي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جيستائين مون
غور ڪيو آهي، ايستائين ان خيال جي ته، جيئن سنڌ ۾
انگريزي تعليم جو ڪو نالو نشان به ڪونه آهي، تيئن
ان لاءِ شايد اهو ئي مناسب سمجهيو ويو آهي ته ان
موقعي تي صدر به ان کي بنائجي جو انگريزيءَ جو اکر
به نه ڄاڻي!“
مولانا حالي پنهنجي دلچسپ صدارتي خطبي ۾ ڪيئي ٻڌل
سڌل ڳالهيون به ڪيون، جي دلچسپيءَ کان خالي نه
آهن. مثلاً فرمايائين:
”مون کي معتبر ذريعن سان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي
مسلمانن ۾ نه فقط انگريزي تعليم جي گهٽتائي آهي،
پر ان سان گڏ عربي ۽ فارسي، تان جو خود ’سنڌي
زبان‘ ۾ به سندن تعليم جو تقريباً ساڳيو حال آهي!“
”سوَ تي هڪ يا ٻن کان وڌيڪ ڪو لکي پڙهي نه ڄاڻي!
ان جي خلاف، هندن نه فقط انگريزي تعليم ۾ ترقي ڪئي
آهي، پر ان سان گڏ قديم زماني کان فارسي تعليم به
منجهس آهي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري ملازمتون،
خاص طرح سان هندن جو حصو بنجي چڪيون آهن.“
سنڌ ۾ مذهبي ۽ ديني پستيءَ متعلق مولانا حاليءَ
نهايت دلچسپ انڪشاف ڪيو، جنهن کان ساري ڪانفرنس
زعفران زار بنجي وئي چيائين:
”مون سان منهنجي هڪ اعتبار جوڳي دوست ڳالهه ڪئي ته
سنڌ ۾ هڪ موقعي تي ٽن نوجوان مسلمانن سان ملڻ
ٿيون. مون اسلامي روايات کان سندن نا واقفيت کي
محسوس ڪري، آزمائش طور سوال ڪيو ته اوهان کي خبر
آهي ته اوهان جو نبي ڪهڙو آهي؟
”هڪ چيو ته امام حسين. ٻئي ٻئي ٻڌايو ته مير فيض
محمد خان ٽالپر والي رياست خيرپور ٽئين چيو ته پير
پاڳارو! ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾
مذهبي تعليم جو ڪهڙو حال آهي، جي ماڻهو ڪراچي يا
حيدرآباد ۾ رهن ٿا، سي هن حڪايت کي ٻڌي عجب ۾ پون
پر جي ماڻهو ديهاتي ماڻهن جي حالات کان واقف آهن،
ته کي ته ڪوبه عجب نه لڳندو!“
ڪراچي ۾ ڪانفرنس ۾ سنڌ کان سواءِ، 1182 ڪانفرنس جا
ميمبر ۽ 374 وزيٽرس هئا. ان مان 8097 روپيه فيءَ
جي طور رقم وصول ڪئي ويئي.
ان اجلاس ۾ جيڪي مختلف رٿون بحال ٿيون تن کي پيش
ڪندڙ ۽ تائيد ڪندڙ هيٺان هئا، شمس العلماءِ مرزا
قليچ بيگ دپٽي ڪليڪٽر، شيخ صادق علي وزير خيرپور،
علي محمد خان دهلوي بيريسٽر، رئيس شمس الدين
’بلبل‘، نواب وقارالملڪ، حاجي فضل الله قاضي ٺٽوي،
غلام حسين وڪيل حيدرآباد (جو بعد ۾ سر ٿيو، ۽ سنڌ
جو وزير اعظم ٿيو)، صاحبزاده آفتاب احمد خان، شيخ
عبدالقادر بيرسٽر (جو پوءِ سر ٿيو ۽ انڊيا ڪائونسل
جو ميمبر ٿيو، سندس فرزند منظور قادر پاڪستان جو
وزير قانون رهيو، ڊاڪٽر ايس. جي. حاجي، سيٺ رام جي
ڀائي، منشي محبوب عالم، ايڊيٽر ’پيسه‘ اخبار
لاهور، شيخ عبدالله وڪيل علي ڳڙهه، مسٽر محمد شفيع
بيرسٽر لاهور، سيٺ طيب علي ڀائي ڪراچي، مير الله
بخش، حاجي عبدالله هارون (سر ٿيو ۽ پاڪستان تحريڪ
جو علمبردار هو) عبدالسلام رفيقي، خانبهادر شيخ
صادق علي، رئيس اعظم امرت سر، خان بهادر مولوي
رحيم بخش وزير اعظم رياست بهاولپور ميجر سيد حسن
بلگرامي، آنريبل سيد نواب علي چوڌري رئيس ڪلڪته،
وغيره جا نالا ذڪر جي قابل آهن،
هي اهي ماڻهو هئا، جي سٺ سال اڳ، برصغير هند و پاڪ
۾ مسلمانن جي تعليمي اصلاح لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا،
جن جا نالا برصغير هند و پاڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين
موجود آهن.
ان ڪانفرنس ۾ جيڪي ٺهراءُ پاس ٿيا، تن جو مفصل ذڪر
” آل انڊيا محمدن ايجوڪيشننل ڪانفرنس جي تاريخ“ ۾
موجود آهي، ان کي مطالع ڪرڻ گهرجي.
چند ضروري تجويزن جي تائيد ۾ مرحوم ’بلبل‘ هي ڪتاب
تيار ڪيو، جو ان مٿئينءَ ڪار گذاريءَ جي روشنيءَ ۾
پڙهڻ گهرجي.
ڪانفرنس جا ڪجهه اهم ٺهراءُ هن طرح هئا.
پيسو
”جڏهن ته سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ لاءِ
پيسي جي ضرورت آهي، تڏهن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته
گورنمنٽ کي درخواست ڪئي وڃي ته اها سنڌ جي مسلمان
زميندارن کان ڍل تي رپئي تي هڪ پيسو تعليمي ٽيڪس
ڪري اڳاڙي. ان طرح جا رقم گڏ ٿئي، اها مسلمانن جي
تعليم تي خرچ ڪئي وڃي.“
مسلم يتيم خانه
جڏهن ته ساري سنڌ ۾ مسلمان لاءِ ڪو هڪ به يتيم
خانو ڪونه هو، تنهن ڪري ڪانفرنس هيءُ ٺهراءُ پاس
ڪيو.
”هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ هن ڳالهه جي ڏاڍي ضرورت آهي
ته سنڌ ۾ مسلمان يتيم ٻارن جي تعليم ۽ پرورش لاءِ
يتيم خانو قائم ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سرمايي گڏ ڪرڻ
لاءِ ڪميٽي ٺاهي وڃي.“
هڪ ڪميٽي ٺاهي ان تي زور ڏنو ويو ته اها سنڌ جي
تعليمي نظام ۾ مسلمانن جي حقن ۽ مطالبن جي نگهداشت
ڪندي رهي.
جڏهن ته سنڌ ۾ مسلمان اڪثريت ۾ هئا ۽ سندن مقابلي
۾ غير مسلم افراد اٽي ۾ لوڻ وانگر به نه هئا، ان
هوندي به مسلمانن مان وصول ٿيل تعليمي فنڊ مان
وظيفا وغيره ڪنهن به فرق ۽ امتياز کان سواءِ ڏنا
ٿي ويا، جنهنڪري مسلمانن کي فائدو ٿي پهتو ان
سلسلي ۾ هيٺين تجويز پاس ڪئي وئي.
”سنڌ ۾ انهن قومن سان، جي تمام اقليت ۾ آهن وظيفن
۽ في جي معافي ڏيڻ ۾ جا رعايت ڪئي وڃي ٿي، ان م
مسلمانن ۽ ٻين قومن جي وچ ۾ ڪو به امتياز نه ٿو
قائم ڪيو وڃي. حالانڪه ٻيون قومون، مردم شماريءَ
جي لحاظ سان مسلمانن کان تمام گهڻو گهٽ آهن.
مسلمان هن ملڪ جي گهڻي آباديءَ تي مشتمل آهن.
”ٻيو ته گذريل پنجاهه سالن کان تعليمي فنڊ جو وڏو
حصو به مسلمانن کان ئي وصول ڪيو ويو آهي. ان لحاظ
سان موجوده تعليمي طريقي ۾، وظيفن ۽ فيءَ جي معافي
وارو تناسب ورهاڱو انصاف موجب درست ناهي. هن
ڪانفرنس جي راءِ ۾ گورنمنٽ کي درخواست ڪئي وڃي ته
هوءَ مسلمانن جي آباديءَ ۽ مردم شماري جي نسبت سان
خاص تعداد ۾ وظائف مقرر ڪري ۽ في معاف ڪرڻ جي
معاملي به مسلم آباديءَ جي تناسب کي خيال ۾ آڻي.“
هڪ تجويز ۾ مسلمان آفيسرن جي وڌائڻ جي تقاضا ڪئي
وئي جيئن انهن جي ڪوشش سان گهڻي ۾ گهڻا مسلمان
شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن. تعليم کاتي ۾ مسلمان
آفيسر وڏن عهدن تي آندا وڃن.
سنڌ جڏهن ته زراعتي صوبو آهي، ۽ بمبئيءَ سان
وابسته ٻين صوبن جي به نسبت سنڌ جو چوپايو مال
نهايت مضبوط ۽ ٺاهوڪو ٿئي ٿو، پر زميندارن ۽ هارين
جي زبون حاليءَ ڪري، سنڌ جي مال جي پرورش چڱي
نموني ۾ نه ٿي آهي، ان لاءِ هيٺيون ٺهراءُ پاس ڪيو
ويو:
”جڏهن سنڌ هڪ زراعتي صوبو آهي ۽ چوپائي مال جي
پالنا ۽ پرورش جي ضرورت ملڪ جي هر صوبي ۾ محسوس
ڪئي وئي آهي. ٻيو ته سنڌ جو مال گذريل دور کان
وٺي، بمبئي ۽ ان سان محلق سڀني صوبن کان بهتر
هوندو هو، اهو روز بروز زوال پذير ٿيندو پيو وڃي.
ان ڪري خطرو آهي ته اِهو نسل، هن صوبي مان صفا ناس
نه ٿي وڃي. تنهن ڪري سخت ضرورت آهي ته مال جي
حفاظت لاءِ گورنمنٽ کي درخواست ڪئي وڃي ته اها
واري فن ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري
ڏئي.“
هڪ تجويز ۾ يونيورسٽين جي تعليمي نصاب ۾ تجارتي
ڪورس شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ”جيئن
مختلف علوم و فنون ۾ ڊگريون ڏجن ٿيون، تيئن تجارتي
ڊگريون به ڏجن.“
هڪ تجويز ۾ علي ڳڙهه ۾ ”محمدن يونيورسٽي“ جي قيام
تي زور ڏنو ويو.
هڪ تجويز ۾ ڪانفرنس جي پاران سنڌ لاءِ ”لوڪل
ڪميٽيءَ“ ٺاهڻ تي زور ڏنو ويو جا هر سال سنڌ جي
تعليمي حالات متعلق رپورٽ ڏيندي رهي.
هڪ تجويز ۾ مسلمان انسپيڪٽر ن ۽ ماسترن وڌائڻ تي
زور ڏنو ويو، جيئن مسلمان شاگردن جي جذبات جي
پرورش ٿئي.
امتحان ۾ وهندڙ اميدوارن لاءِ انهي ڪانفرنس ۾ ئي
اها تجويز پاس ڪئي وئي، جنهن موجب اميدوار لاءِ
فرض نالي يا رول نمبر رکڻ جي ضرورت کي تسليم ڪيو
ويو، جيئن اڄ ڪلهه مروج آهي.
سنڌي زبان ۾ مروج ڪورس ۾ اصلاح تي به هڪ تجويز بحث
ڪيو ويو ته:
”مروج سنڌي ڪورس ناڪافي آهي، ان جي جاءِ تر نوان
ڪتاب آڻڻ گهرجن.“
ان طرح هڪ ٺهراءُ، ’مذهبي ڪورس‘ متعلق پاس ڪري
تقاضا ڪئي وئي ته ”مسلمانن شاگردن جي اخلاقي اصلاح
لاءِ، ضروري آهي ته مسلمانن جي ڪورس ۾ قرآن، حديث
۽ اخلاقيات تي مشتمل نوان دلچسپ ڪتاب لکيا وڃن، ۽
انهن کي پڙهائڻ لاءِ مسلمان استاد پيدا ڪيا وڃن.“
هن ٺهراءُ تي مرحوم بلبل، هن ڪتاب ۾ ڪافي بحث ڪيو
آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ان لاءِ ڪهڙا ڪيترو نه سرد
مهريءَ سان پيش آئي ۽ ’مذهبي نصاب تعليم‘ جي
ڪميٽيءَ ڇا ڇا عملي طرح سان ڪيو ۽ ڪهڙا ڪتاب لکيا
ويا انهن جو حسر ڇا ٿيو، وغيرهه.
هڪ تجويز ۾ اها تقاضا ڪئي وئي ته مروج تعليمي نصاب
۾، ڪيتريون عبارتون مسلمانن جي عقائد جي خلاف
موجود آهن انهن کي فوراً رد ڪيو وڃي.
تجويز هن ريت آهي:
”جڏهن ته هن ڪانفرنس کي معلوم ٿيو آهي ته سنڌي
زبان جي موجودهه نصاب ۾، ڪي عبارتون اهڙيون آهن،
جي مسلمانن جي عقيدن جي خلاف آهن، ۽ ڪي حوصله شڪن
آهن، جن ۾ مسلمانن کي ۽ سندن مشاهير کي گهٽ وڌ
ڳالهايو ويو آهي، ان ڪري انهن کي فوراً رد ڪري
بهترين ڪتاب تيار ڪرايا وڃن، جي مسلمانن جي عقائد
۽ خيالات سان موافق ثابت ٿين.“
هڪ تجويز ۾ ”سنڌ مسلم لٽرري ڪميٽي“ ٺاهڻ تي زور
ڏنو ويو، جنهن ۾ منتخب سنڌي عالمن ۽ اديبن کي رکيو
وڃي، جي مسلمانن ۽ اخلاقي ڪتابن ٺاهڻ جو ڪم ڪن.
ان رٿ تي، هن ڪتاب ۾ ’بلبل‘ مرحوم ڪافي بحث ڪيو
آهي.
هڪ تجويز ۾ ميونسپل ۽ لوڪل بورڊ طرفان اسڪولن ۾
مفت تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.
هڪ تجويز ۾ پنجن سون رپين کان وڌيڪ ڍل ڏيندڙ
مسلمان زميندارن جي ٻارن لاءِ ابتدائي تعليم کي
لازمي قرار ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. تجويز هيءَ آهي:
”جڏهن ته گورنمنٽ ۽ قوم جون سموريون ڪوششون سنڌ جي
مسلمانن ۾ تعليم ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ ناڪام ثابت
ٿيون آهن، تنهن ڪري ڪانفرنس جي زوردار تقاضا آهي،
ته اهي مسلمان زميندار، جي پنجن سون کان وڌيڪ ڍل
ڀرين ٿا، تن جي ٻارن لاءِ ابتدائي تعليم، لازمي
قرار ڏيڻ گهرجي. جيئن ميرن جا ٻار ڪراچي ۾ تعليم
حاصل ڪن ٿا تيئن سنڌ جي زميندارن جي ٻارن لاءِ
لازمي تعليم جو بندوبست به ڪراچي ۾ ڪرڻ گهرجي.“
هڪ تجويز ۾ سنڌ جي ديهاتي اسڪولن جي نصاب ۾ ترميم
جي اهميت تي زور ڏنو ويو، جيئن اهي شاگرد امتحان
پاس ڪرڻ کان پوءِ شهرن ۾ اچي پرائمري کان اعليٰ
تعليم تائين تعليم حاصل ڪري سگهن.
ان طرح باقي نيون تجويزون اهڙيون آهن، جن متعلق هن
مختصر مقدمي ۾ تفصيل سان بحث ڪري نه ٿو سگهجي.
انهن متعلق هن ڪتاب ۾ مرحوم بلبل ڪافي بحث ڪيو آهي
اهو ڏسڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ ڪيتريون تجويزون سنڌ کان علاوه باقي
برصغير هند و پاڪ جي مسلمانن سان واسطو رکندڙ آهن،
جي مختصر طرح سان هي آهن:
1. بنگال جي ابتدائي تعليم جي صلاح لاءِ درخواست
ڪئي وئي.
2. استادن جي تربيت لاءِ وظيفن وڌائڻ جي گهر ڪئي
وئي.
3. انجنيئرنگ لاءِ وظيفن جي تعداد وڌائڻ لاءِ عرض
ڪيو ويو.
4. انجنيئرنگ ڪورس لاءِ، مسلمانن جي آباديءَ موجب
گهڻي ۾ گهڻين جاين ۽ وظيفن جي گهر ڪئي ويئي.
5. يو پيءَ جي اردو- هندي ريڊرن ۾ مترجم جي ضرورت
جو اظهار ڪيو ويو.
6. هر ڊويزن ۾ انگريزي هاءِ اسڪول ۽ هر سب ڊويزن ۾
بورڊنگ هائوس قائم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي وئي.
7. علي ڳڙهه ڪاليج ۽ ان سان تعلق رکندڙ ادارن ۾
’ڪنڊر گارٽن‘ طريقي کي رواج ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
8. ديهاتي اسڪولن لاءِ مسلمان تعليمي ماهرن ۽
انسپيڪٽر رکڻ جي تقاضا ڪئي وئي.
( آل انڊيا مسلم ايجيوڪيشنل ڪانفرنس جي
رپورٽ مطبوع علي ڳڙهه ص 52).
|