سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :4

ڪشمير

ان اهم موقعي تي، ڪشميري مسلمانن کي به ياد ڪيو ويو. ڪشمير جي مسلمانن ۽ سندن تعليمي زوال تي رنج جو اظهار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪشمير جي راجا ۽ سندس حڪومت کي هن طرح درخواست ڪئي وئي:

”هن ڪانفرنس کي هي معلوم ڪري سخت افسوس ٿيو آهي، ته جڏهن ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي مردم شماري موجب ٻين قومن کان گهڻي آهي، تاهم اهي تعليم جي ميدان ۾ گهڻو پوئتي رکيا ويا آهن ۽ انهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اميد ته سرڪار، ڪشمير جي اهل اسلام متعلق ان پاليسيءَ کي بدلائيندي. ان طرح حضور راج ڪشمير ۽ سندس سرڪار کي ادب سان استدعا آهي ته پنهنجي رعايا جي هن ڪثير التعداد گروهه جي تعليمي مسئلن تي چڱيءَ طرح سان غور ڪيو وڃي.“

انهن ٺهرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته برصغير هند و پاڪ جي تعليمي مسئلن جي سلسلي ۾ ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جي اهميت تاريخي طور نمايان آهي ۽ ايندڙ دور تائين سندس افاديت ۽ اثرات قائم رهندا.

ڪراچيءَ جي ان اجلاس کان پوءِ، سنڌ ۾ مرحوم حسن علي آفنديءَ ۽ سندس مڪتب فڪر وارن ساٿين، جيڪي تعليمي ڪوششون ڪيون، اهي گهڻي ڀاڱي بار آور ٿيون.

هڪ طرف مسلمان شاگردن لاءِ اسڪولن ۾ ڪافي تعليمي سهولتون پيدا ٿيون ۽ ٻئي طرف ساري صوبي ۾ هاءِ اسڪول کوليا ويا. ان طرح تعليمي نصاب کي به ڪافي طرح سان سڌاريو ويو.

ڪراچيءَ جي ڪانفرنس ڪامياب ٿي، ان جو اثر همه گير ثابت ٿيو، پر ڪانفرنس جيڪي ٻيا اجلاس برصغير هند و پاڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪيا، اتي به سنڌ جي مسئلن جي اهميت کي نظرانداز نه ڪيو ويو، چنانچه هر هنڌ ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ پاس ٿيل ٺهرائن تي زور ڏنو ويو.

مثلاً، سنڌ جي مسلمان زميندارن کان ڍل تي، رپيه تي هڪ پيسي وٺڻ جي جيڪا رٿ ڪراچيءَ ۾ پاس ڪئي ويئي هئي اها، ڪانفرنس جي23 اجلاس رنگون جهڙي دور دراز شهر ۾ پڻ دهرائي وئي. رنگون ڪانفرنس جي صدارت مهاراجا علي محمد خان، راجه آف محمود آباد ڪئي هئي.

پيسي سيس بل جي رنگون واري تجويز هن طرح آهي:

”هيءَ ڪانفرنس، هند سرڪار ۽ گورنمنٽ بمبئيءَ جو توجهه ڪانفرنس جي ان ريزوليشن جي طرف مبذول ڪرائي ٿي، جو ڪراچي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمان زميندارن جي اولاد جي تعليم لاءِ ’پيسه سيس بل‘ جي ذريعي تعليمي فنڊ قائم ڪرڻ جي باري ۾ پاس ٿيو هو ۽ جنهن کي سنڌ جي مسلمانن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو.“

ان کان پوءِ ڪانفرنس جو 24 اجلاس 1910ع ۾ ناگپور ۾ علامه عبدالله يوسف عليءَ جي زير صدارت ٿيو.

ان ڪانفرنس ۾ هڪ زوردار ريزوليشن پاس ڪري هند جي سرڪار ۽ بمبئي گورنمينٽ تي زور آندو ويو ته هو ڪراچي ڪانفرنس جي سڀني ٺهرائن تي عمل ڪن.

هڪ تجويز ۾، بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن کي تاڪيد ڪيو ويو ته ”هو سنڌ جي مسلمانن ۽ سندن تعليمي مسئلن کي پوريءَ طرح سان پيش ڪندا رهن.“

ان کان پوءِ 25 اجلاس دهلي ۾ 1911ع ۾ تاجپوشيءَ واري دربار جي موقعي تي ٿيو، ان جي صدارت نواب عماد الملڪ مولوي سيد حسن بلگرامي ڪئي.

صاحبزاده آفتاب احمد خان جي تحريڪ ۽ منشي تاج محمد رئيس اعظم گيسوپور ضلع بلند شهر جي تائيد سان هڪ تجويز منظور ٿي، جنهن ۾ گورنمينٽ تي زور آندو ويو ته ”سنڌ جي مسلمانن جي تعليم لاءِ، پيسه سيس بل تي عمل ڪيو وڃي.“

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ان وقت پيسه سيس بل کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ، اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري چڪو هو.

ان کان پوءِ ڪانفرنس جو 26 اجلاس 1912ع ۾ لکنوءَ ۾ سيد حسن بلگراميءَ جي صدارت ۾ ٿيو. ان ۾ هڪ زوردار ريزوليشن پاس ڪري گورنمينٽ کان تقاضا ڪئي وئي ته هوءَ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي پيسه سيس بل کي قانوني صورت ڏئي، فوراً نافذ ڪري.

بهرحال ڪانفرنس ”سنڌ سيس بل“ کي هرڪنهن اجلاس ۾ دهرائيندي آئي، ان طرح بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن پڻ ڪافي ڪوشش ورتي ليڪن، ايترين دانهن ڪوڪن ڪوششن ۽ ڪاوشن جي باوجود هند سرڪار توڙي بمبئي گورنمنٽ، ننڊ ۾ رهي ۽ عملي طرح سان ڪجهه به نه ڪيو ويو.

آخرڪار ڪانفرنس جو 26 اجلاس 1914ع ۾ راولپنڊيءَ ۾، زير صدارت مولوي رحيم بخش، صدر ڪائونسل بهاولپور جي ٿيو، ان ۾ براهه راست بمبئيءَ جي گورنر سان هڪ وفد جي ملاقات لاءِ، ”سينٽرل اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ“ کي خاص اختيار ڏنا ويا.

ان اجلاس ۾ صاحبزاده آفتاب احمد خان جي تحريڪ ۽ مولوي نياز علي، اسپيڪٽر محڪمه تعليمات پنجاب جي تائيد سان، هيٺين تجويز پاس ٿي:

”هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ نهايت ضروري آهي ته گورنمنٽ بمبئي، خاص خيال رکي، پيسه سيس بل جو 1907ع ۾ ڪراچي ڪانفرنس، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ لاءِ پاس ڪيو هو، جنهن موجب هڪ ’خاص فنڊ‘ جمع ڪرڻو هو، ۽ جنهن متعلق 1907ع کان 1914ع تائين مسلسل سلسله جنباني ۽ ياد دهاني پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن جي تائيد ۽ متابعت ۾ بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن باقائده بل پيش ڪيا هئا، ان کي جلد تر منظور ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي عملي ڪار گذاريءَ کان پڻ اسان کي آگاهه ڪيو وڃي.“

”هي اجلاس سينٽرل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ کي اختيار ڏئي ٿو ته جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، هڪ قائم مقام وفد منتخب ڪري جو بمبئيءَ جي گورنر جي خدمت ۾ حاضر ٿي، سنڌ جي مسئلن ڏانهن سندس توجهه ڇڪائي.“

ان کان پوءِ 28 اجلاس (مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس صوبه سنڌ از حافظ محمد رحيم دهلوي مطلبوع العلم جلد 1- جولاءِ 1951ع ص 25-34) 1919ع ۾، ڪانفرنس جو اجلاس خيرپور ڪانفرنس جو اجلاس خيرپور ميرس ۾ ٿيو، ان ڪانفرنس ۾ به سنڌ جي تعليمي مسئلن تي زوردار ٺهراءُ پاس ٿيا، اهو سارو احوال اڄ به ”ڪانفرنس جي تاريخ“ ۾ موجود آهي- اُن کي مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ هن ڪتاب کي پڻ ان پس منظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

هن ڪتاب جي مولف مرحوم ’بلبل‘ خيرپور ڪانفرنس کان هڪ سال پوءِ 1920ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان 27 سال پوءِ پاڪستان وجود ۾ آيوـ

بهرحال، مرحوم ’بلبل‘ جو هي ڪتاب سنڌ جي تعليمي زوال جي هڪ تاريخ آهي، جنهن ۾ اڌ صدي اڳ جي حالات ۽ واقعات متعلق اهل اسلام، باالخصوص سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي جدوجهد جي تاريخ سمايل آهي.

بلبل مرحوم 1907ع ڪانفرنس جي روشنيءَ ۾ اهم ٺهرائن جي تائيد ۾ نهايت دلڪش ۽ اثر انگيز اسلوب ۾ معلومات پيش ڪئي آهي ۽ عجيب غريب بحث ڪيا آهن.

اهو به ياد رهي ته ڪراچي ڪانفرنس 1907ع ۾ سڀ کان اهم ۽ مشهور معرڪة آرا مسئلو هو فارسي زبان جوـ اهو ٺهراءُ مرحوم بلبل پيش ڪيو هو، جنهن ۾ چيل هو ته:

”برصغير هند و پاڪ ۾، خصوصاً سنڌ جي نصاب ۾ فارسي نصاب رکيو وڃي، جنهن سان ديني ۽ اخلاقي روح پيدا ٿئي ٿو.“

اهو ٺهراءُ ٻڌي، مولانا حاليءَ از راهه مزاح فرمايو ته:

”بلبل صاحب! فارسي ٺهراءُ لاءِ تقرير به فارسيءَ ۾ ڪئي وڃي ته بهتر!“

ان تي مرحوم بلبل في البديهه ۽ برجسته انداز ۾ فارسيءَ ۾ تائيد ڪندي جا تقرير ڪئي، ان جو داد نواب وقارالملڪ ۽ مولانا حالي پارن ڏنوـ اها ان ٺهراءُ جي ڪاميابي آهي، هو اڄ تائين ”فارسي“ نصاب ۾ موجود آهي.

بلبل مرحوم ڪانفرنس جي ٺهراءُ موجب، تصنيف تاليف ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. پاڻ ديني ۽ اخلاقي نصاب تي، ”اوائلي ديني تعليم“ جو سلسلو به لکيو هئائين، جنهن ۾ پهرين کان اٺين ڪلاس تائين ڪتاب موجود آهن، پر اهي سرڪار پنهنجي مطلب جي خلاف قرار ڏناـ

هن ڪتاب ۾ مرحوم بلبل سرڪار تي سخت حملا به ڪيا آهن، خاص طرح بمبئي سرڪار جي سرڪيولر تي سخت نقطه چيني ڪئي اٿس، جا ڪتاب جي آخر ۾ آيل آهي. سندس تحرير ۾ طول بياني آهي، جا سندس اخلاص ۽ دلسوزيءَ تي دليل آهي. بهرحال، اسان هن دور ۾ پنهنجن وڏڙن جي ڪوشش کي نظرانداز ڪريون، ته اها هڪ قسم جي احسان فراموشي چئجي!

سنڌ جا مسلمان، پنهنجي تعليمي زوال جا اسباب 1914ع ۾ بيان ڪيل) دوبارهه مطالعو ڪري ڏسندا ته سندن امروز و فردا ۾ ڪو فرق پيدا ٿيو آهي يا نه؟ سندن حال ۽ ماضيءَ ۾ ڪو امتياز ڪري سگھجي ٿو يا نه؟

ان سلسلي ۾، سنڌ جي تعليمي زوال جي اسباب تي مرحوم ’بلبل‘ هن ڪتاب ۾ ڪافي بحث ڪيو آهي. مرحوم بلبل هن ڪتاب ۾ جي باب قائم ڪيا آهن، اهي هي آهن: (1) ”مسلمانن جي ترقيءَ جو راز ڇا ۾ آهي؟“ (2) ”اسلام جي تعليم بابت ڇا راءِ آهي؟“ (3) ”قوم جي هستيءَ لاءِ ڪنهن جو ضرور آهي؟“ (4) ”دولت ۽ عزت علم جو محتاج آهي، يا علم انهن جو؟“ (5) ”تعليم تي انگريزي مدبرن جا رايا“ (6)”هاڻوڪي تعليم جي باري ۾ يونيورسٽيءَ جي مالڪن ۽ سرڪار جا رايا“ (7) ”ولايت ۾ تعليم پرائڻ تي رايا“ (8) ”انگريزيدان ۽ عالم ڇو مخالف آهن، ۽ ڪيئن ٺهن؟“ (9) ”يورپ ۽ هتي جي تعليم جي ڀيٽ.“ (10) ”مسلمان ڇو خاص طرح تعليم ڏيارڻ جا حقدار آهن.“ (11) ”سرڪار کي تعليم لاءِ ڪهڙا اپاءُ ڪرڻ گھرجن.“ (12) ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس.“ هر باب قيمتي معلومات تي مشتمل آهي ۽ اهو سارو مواد، آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو مرهون منت آهي. ان تحريڪ ئي برصغير هند و پاڪ ۾ مسلمان جي تعليم لاءِ جدوجهد ڪئي. هيءَ جا ٿوري گھڻي تعليمي ڪاميابي نظر اچي رهي آهي، اها ان دور جي مسلمان مخلص تعليمي ماهرن جي جدوجهد جي برڪت آهي. صاحب تحرير مرحوم بلبل، هن ڪتاب کي جنهن فني جامعيت سان مرتب ڪيو آهي، ان جو داد ته اهي ئي ڏئي سگھن ٿا، جن ڪڏهن هن قسم جي خشڪ موضوع تي قلم سنڀاليو هوندو. هن ڪتاب جي تاليف ۽ ترتيب مان پتو پوي ٿو ته سنڌي سليميءَ ۾، جديد نموني جي طرز تاليف جو بنياد به ’بلبل‘ ئي وڌو.

بلبل مرحوم هي ڪتاب اصلاحي ۽ تبليغي انداز ۾ لکيو آهي. هڪ طرف اهل اسلام کي، علمي ۽ ديني دليلن سان، جديد علوم جي تحصيل ڏانهن رغبت ڏياري اٿس، ته ٻئي طرف سرڪار جو توجهه پڻ انگن اکرن سان ڇڪايو اٿس، ۽ ٻڌايو اٿس ته مسلمانن جهڙي پس مانده قوم لاءِ، سرڪار پاران، ڪي به اهڙا اپاءُ نه ورتا ويا آهن، جن جي موجودگيءَ ۾ چئي سگھجي ته مسلمان به تعليم حاصل ڪري، ملڪ ۽ ملت لاءِ مفيد بنجي سگھندا.

 

مسلمان جي ترقيءَ جو راز ڇا ۾ آهي؟

 

پهرئين باب ۾، دلڪش ۽ پرڪشش انداز بيان ۾، مسلمانن کي هن طرح ترغيب ڏني آهي، ۽ جديد تعليم ۽ قديم عالمن جو نقشو هن طرح پيش ڪيو آهي:

”هڪڙن جو چوڻ آهي ته هڪ هڪ مسلمان تي فرض آهي ته جو انگريزي تعليم مٿاهين درجي تائين حاصل ڪري، جيترو ٿي سگھي، اوترو سرڪاري نوڪرين ۾ جايون وٺي.... جنهن مان هو پيسي وارو ۽ بيٺل ٿئي. ڇو ته عزت آهي ئي پيسي سان، نه ته جيڪڏهن مسلمان سڃا ۽ ڪنگال هوندا، جيئن اڄڪلهه گھڻا ان حال ۾ آهن، ته قومي حيثيت ۾ بلڪل گھٽ ۽ ڪين جهڙا ليکجن ٿا. پر جي عهديدار يا مالدار هوندا ته البت قومي عزت سان ڏسبا.“

ان کان پوءِ پراڻي قسم جي درسيات ۽ فارغ التحصيل عالمن لاءِ لکي ٿو:

هر ڪنهن قوم جو مذهب به انهن جي بيٺلائيءَ ۽ عزت جي لحاظ سان پرکبو آهي، تنهنڪري مسلمانن جو واڌارو ۽ سڌارو ۽ چاڙهو رڳو انگريزي تعليم تي آهي، جنهن کي چنبڙي پون. باقي رڳو دين جي علم سکڻ مان، سندن عمر به ويندي ۽ سواءِ محتاجيءَ يا ٻين تي بار پوڻ ۽ هٿ ٽنگڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيندو. ڄڻ ته فقرن جو عدد وڌيو ۽ هٿان بيٺل ماڻهن تي، انهن جو به وڌيڪ بوجو پيو، ته هنن کي کارائين پيارين. جهڙو اڄڪلهه مولوين جو حال آهي ته علم پڙهي، پوءِ زميندارن جا محتاج ٿا رهن، ته من ڪنهن مسجد ۾ ٻارن پڙهائڻ جي خدمت ملي، ۽ خرار ٻه خرار پيٽ جي ماني سال ۾ جڙي ته گنج ٿيو ! تنهنڪري مسلمانن لاءِ ڪلمو بس آهي. ٻيا جيڪي مسلماني ٿلها عقيدا آهن، تن جي ڄاڻڻ ۽ ويساهه رکڻ تي مسلمانيءَ جو مدار آهي، ٻيو خير صلاح مهر الله !

ان مذاقيه انداز سان تنقيد کان پوءِ لکي ٿو:

”هاڻي زماني جي ضرورت موجب علم پرائڻ گھرجي. جيڪو ماڻهو، پاڻ کي زماني جي لائق ڪندو، سوئي سکيو گذاريندو. جو چوڻي آهي ته جهڙي لڳي واءُ تهڙي ڏجي پٺ! دين به دنيا سان سهڻو آهي، دنيا دولت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.“

ان کان پوءِ انهن قدامت پسندن جي راين تي بحث ڪيو اٿس، جن جو اهو زور آهي ته هر حال ۾ ديني تعليم حاصل ڪجي. زماني جي حالات سان هلڻ يا رزق ۽ آبرو جي آرزو کي اڳيان رکڻ دين ۽ توڪل علي الله جي خلاف آهي. اڳتي هلي بلبل لکي ٿو:

”جيستائين اسان ڪا راءِ مقرر ڪريون تيستائين انهن ٻنهي ڌرين جي خيالن مان هي نتيجو ڪڍيون ته ٻئي ڌريون مسلمانن جي تعليم جون ته حامي آهن، پر ڪهڙي تعليم ڏجي تنهن ۾ سندن ڌار ڌار راءِ آهي. هڪڙن تعليم کي رڳو دنيا جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيو آهي، ۽ ٻين انسانيت ۽ روحاني ترقي جي لاءِ.“

 

اسلام ۽ تعليم

باب 2 ”اسلام جي تعليم بابت ڇا راءِ آهي؟“ ۽ باب 5 ”قوم جي هستيءَ لاءِ ڪنهن جو ضرور آهي؟“ ۾ بلبل مرحوم ديني علوم جي تحصيل ۽ عالمن جي شرف ۽ شان متعلق قرآن جي آيات ۽ احاديث نبويه مان استدلال طور آيات ۽ احاديث کي پيش ڪري، ديني علوم ۽ عالمن جي فضيلت بيان ڪئي آهي، ’بلبل‘ لکي ٿو:

”اسان جي سردار ڪريم رسول مقبول، عالمن کي نبين جو وارث مقرر فرمايو آهي. نبوت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مٿاهون مرتبو ۽ درجو انسان لاءِ ڪونهي! تنهن جو وارث ٿيڻ وڏائي جي حد ٿي چڪي!“

ان کان پوءِ چند احاديث هن طرح آنديون اٿس:

”زمين ۽ آسمان جي وچ ۾، جيڪا به خلقت آهي، سا دين جي عالمن لاءِ مره پئي گهري.

”ايمان ڄڻ اگهاڙو آهي؛ ان جا ڪپڙا- پرهيزگاري ۽ ان جو سينگار- حيا، ۽ ان جو ڦل ’علم‘ آهي.

”شهيد جي خون کان عالم جي مس شرف واري آهي.

”علي سائينءَ جو ارشاد آهي ته عابد، روزيدار ۽ رات جاڳندڙ کان ۽ جهاد ڪندڙ کان به عالم جو مرتبو وڏو آهي.

”عالمن کان سواءِ ٻيا سڀ ماڻهو مئل آهن.“

ان جي آخر ۾ ’بلبل‘ لکي ٿو:

”مذهب اسلام موجب، علم جي سکڻ جو هي نتيجو ليکيو ويو آهي ته آدمي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڃاڻي ۽ ان جي حڪمتن ۽ سببن مان، جي جهان ۾ آهن، واقف ٿئي ۽ انسانيت ۽ شرافت جو مرتبو حاصل ڪري؛ ان جو عقل ۽ دماغ ۽ ذهن کلي، روحاني برڪتون منجهس ظاهر ٿين، تنهن ڪري علم ۽ عالمن جي ايڏي ساراهه ڪئي وئي آهي.“

باب 3 ۾، عالمن جي ضرورت تي هيءَ حديث آندي اٿس: فرمائن ٿا: ”منهنجي امت ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. جي اهي بگڙيل آهن ته ساري امت بگڙي خراب ٿي ويندي. اهي ڪير آهن؟ هڪ حاڪم ۽ ٻيا عالم!“

ٻي حديث آندي اٿس:

”جيڪڏهن قبيلن جا قبيلا مري وڃن ته اهڙو ارمان ڪونهي مگر شال هڪ عالم نه مري!“

حضرت عليءَ جو قول هن طرح آندو اٿس:

”عالم جي مرڻ سان اسلام ۾ خال پيدا ٿئي ٿو جو وري به ان جونائب ڀري ته ڀري، نه ته رهجي ٿو وڃي.“

ان طرح بحث ڪرڻ کان پوءِ ’بلبل‘ ان تي زور ٿو ڏئي.

”امت محمديءَ جي هستي قائم رکڻ ۽ انهن کي اسلام تي بيهارڻ ۽ انهن جي دنياوي ۽ ديني ڀلائيءَ لاءِ دين جي عالمن جو هجڻ ضروري آهي ۽ انهن جو وڌائڻ اسان تي فرض آهي.

 

دولت ۽ عزت علم جا محتاج آهن يا علم انهن جو

ان باب ۾ بحث ڪندي ’بلبل‘ مرحوم هيٺين حديث تي زور ڏنو آهي:

”ارشاد آهي: جو شخص دين جي علم جي پڄاڻي ڪري ٿو، ته ڌڻي ان کي دنيا جي ڏک ۽ بک کان بچائي ٿو، ان کي اهڙي هنڌان ججهو رزق ملائي ٿو، جو ڪنهن کي اوڏانهن گمان به ڪونه ٿو ٿئي.“

علي سائينءَ جو هن طرح قول آندو اٿس:

”علم، مال کان ڀلو آهي، ڇو ته علم ماڻهوءَ جي نگهباني ڪري ٿو، ۽ مال جي وري اهو مالڪ نگهباني ڪري ٿو ٻيو ته مال ۽ دولت، علم جا محتاج آهن، ڇو ته مال خرچڻ سان گهٽجي ٿو، ۽ علم خرچڻ سان هٿان وڌي ٿو.“

بلبل جديد دور جي مسلمانن جي ان روش تي تنقيد ڪندي لکي ٿو، جي دين جي علم ۽ عالمن جا قائل ناهن.

”هن زماني ۾ اسلام جو فقط نالو آهي يا گهڻو ڪري انگريزي علم تي مسلمانن جي مار ماران ۽ بڇ بڇان آهي. جو نئين ٽهي اهو علم پڻ پڙهي تن لاءِ انگريزي فلاسفرن جا قول اثر وارا ٿين ٿا. قرآن حديث ۽ امامن رواين جي قولن جا حوالا ڏجن ٿا ته اهي سندن دل سان ئي نه ٿا لڳن، ڪي ته ظاهر ظهور چئي ٿا ڏين ته اهي ڳالهيون هاڻوڪي زماني لاءِ ناهن يا عقل موجب پوريون نه ٿيون ٿين يا سائنس سان ثابت نه آهن.... اوهان ڪنهن آيت يا حديث يا امام ابو حنيفه جي قولن جو مثال ۽ حوالو ڏيندؤ ته جينٽلمين مسلمان خيال سان نهاريندا به ڪين. پر جي لارڊ بيڪن سر آئزڪ نيوٽن، گليڊسٽون، يا ڊاڪٽر جانسن يا لارڊ ميڪالي يا ڪنهن به يورپي فلاسفر، فلاڻي الاڻي، ٽيري مٽيري جوقول پيش ڪندو ته پوءِ پتلون کان ٻاهر ٿي ويندا. اهو هو ۽ ’اها ها ها‘ جو نعرو هڻي ويري گڊ، ويري گڊ پيا ڪندا!“

ان کان پوءِ ’بلبل‘ هڪ لطيفو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته، هڪ مسلمان وياج جي حرام ٿيڻ جي آيتن ۽ حديثن کان متاثر نه ٿيو، پر لارڊ بيڪن جي قول کي تسليم ڪيائين!

 

تعليم تي انگريزي مدبرن جا رايا

ان تي هڪ مستقبل باب ٻڌو اٿس. ان باب ۾ هيٺين عالمن جا قول نقل ڪيا اٿس، جن ۾ ٻڌايو اٿس ته يورپ جا عالم به ’تعليم‘ جو مقصد اخلاقي ترقي سمجهن ٿا، رڳو روزگار جو ذريعو ڪري تسليم نه ٿا ڪن:

هربرٽ سپنسر جو قول آندو اٿس:

”تعليم ۽ علم جو اهو نتيجو آهي ته موجودهه شين جي معرفت حاصل ٿئي.“

هيڪسلي جو قول هن طرح آندو اٿس:

”تعليم جو اصل مطلب آهي ته قانون قدرت ۽ زماني جي موجود شين جي معرفت علم واري جا لڇڻ عمدا هجن.“

گليڊسٽون جي راءِ آهي ته:

”ماڻهو جي روح کي فنا ڪانهي، پوءِ ان کي رڳي فاني دنيا ئي تعليم سيکارڻ ڪهڙي نه بيوقوفي آهي.“

ان طرح ڪالرج، مسزويسٽ، بيڪن، ايليبسن، ورڊس ورٿ جا رايا آندا اٿس:

”افسوس جو جيئن اسان جي سرڪار جي سدائين هيءَ سڌ رهندي آهي ته سڀ رعيت سندس مطيع ۽ وفادار هجي، تيئن جيڪڏهن هوءَ اهڙو قاعدو پاس ڪري ته تعليم سان گڏ مذهبي ۽ اخلاقي نور سان ٻارن جا دماغ روشن ڪجن ته واهه!“

آخر ۾ بلبل چوي ٿو:

”تعليم علم پرائڻ لاءِ وٺجي نوڪري يا مال ميڙڻ لاءِ نه. ڇو ته علم جو مطلب آهي ماڻهونءَ جي لڇڻ جو سڌرڻ ۽ اندرين طاقتن ۽ ذهن ۽ دماغ جو کلڻ!“

 

رايـا

ان کان پوءِ ”هاڻوڪي تعليم جي بابت يونيورسٽين جي مالڪن ۽ سرڪار جا رايا“ عنوان تي ملڪ جي مشاهير ماهران تعليم جا رايا ڏنا اٿس، جن جو حاصل مطلب اهو آهي ته علم ۽ تعليم جو مقصد، رڳو نوڪريون ناهن، انسان رڳو پيٽ پوڄا لاءِ ناهي، پر انسان جي زندگيءَ جو مقصد نهايت اعليٰ آهي.

’بلبل‘ انهن سڀني جي ترجماني ڪندي، سندن راين کي سندن لفظن ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ، هن طرح لکيو آهي:

”ڏيهي ماڻهو هن ڳالهه ۾ ڏاڍو ڀليل آهن، جو هو تعليم کي رڳو خاص نوڪري لاءِ وٺن ٿا. اهو خيال نه ٿا ڪن ته ايترن ماڻهن کي ڪٿان نوڪريون ملنديون؟ ايتريون جايون ڪٿان اينديون؟“

وائسراءِ هند لارڊ منٽو ۽ سر لوئيس ڊين ليفٽيننٽ گورنر جا رايا هن طرح بيان ڪيا اٿس:

”طالب علمن کي مذهبي ۽ اخلاقي تعليم جي وڏي گهرج ۽ ضرورت آهي!“

تعليم جي مقصد ۽ ان دور جي بي سود هجڻ تي تبصرو ڪندي ’بلبل‘ لکيو آهي:

”اڄلڪهه جيڪا رکي ۽ ڦڪي تعليم ملي ٿي، سا ڳالهه خود يونيورسٽيءَ يا سرڪاري عهدن جي آفيسرن کي به نه ٿي وڻي، جو ظاهر ظهور سندن راءِ آهي ته هاڻوڪن گريجوئيٽن ۾ اصل علم جو مادوئي ناهي! هو رڳو چتونءَ وانگر ڪتاب پڙهي، ڊگري حاصل ڪن ٿا، پر ان جي لائق نه ٿا ٿين، ته نوڪريءَ کان سواءِ پنهنجي علم جي صدقي ڪنهن دنيا جي ڪاروبار ۾ لڳي پيٽ پالين ۽ آسودو گذارين!“

 

ولايت ۾ تعليم پرائڻ تي رايا

ان عنوان هيٺ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ان دور ۾، ديسي ماڻهو، جن جي تعليم ۽ مطالعہ جو بنياد ناقص هو. سي ولايت وڃي، شُدبُد سطحي پڙهي، پنهنجي دين ۽ ڌرم، تهذيب ۽ معاشرت کي وڃائي ظاهري تراش خراش، هار سينگار ۽ پيٽ پوڄا ۾ عمر وڃائي ڇڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ سر سيد احمد خان جي راءِ تفصيل سان بيان ڪئي اٿس. سر سيد چيو آهي:

”اسان جي نظر ۾، ٻارن کي ولايت ڏي تعليم واسطي موڪلڻ لاءِ ٻه مطلب آهن. هڪ هيءَ ته يا هي شاگرد اعليٰ درجي جي تعليم يا ڪنهن اهڙي هنري تعليم جي شاخ پرائي اچن؛ يا ايترو سکن جو هت اچي، ڪنهن روزگار ڪمائڻ جهڙا ٿين.

”سو تجربي مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي آهي ته پهرين مطلب لاءِ اڄ تائين ڪو ڪونه ويو آهي، جنهن جي اسان مسلمانن کي ضرورت آهي ۽ جنهن ۾ ذاتي عزت آهي.

”ڇو ته بي. اي- ايل. ايل. بي يا بئريسٽري، اعليٰ درجي جي تعليم ۾ داخل ناهي ۽ نه ان مان ذاتي لياقت حاصل ٿئي ٿي.“

 

يورپ ۽ هتي جي تعليم جي ڀيٽ:

ان باب ۾ پڻ ڪافي دلچسپ حقيقتون بلبل بيان ڪيون آهن، لکي ٿو:

”ولايت ۾ تعليم ان ٻاهرئين ترقي جو نالو ناهي، جو رڳو لکڻ پڙهڻ ۽ سرسري معلوميت تي قائم هجي، پر اصل ۾ تعليم انهن ڳجهين طاقتن کي ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي جي قدرت انسان ۾ امانت رکيون آهن.“

بلبل مرحوم جو اهو هڪ نقطو ئي لک لهي. علم جي حقيقت ۽ مقصد خودشناسي ۽ خدا شناسي آهي.

مسلمان ڇو خاص طرح تعليم ڏيارڻ جا حقدار آهن:

ان باب ۾ تفصيل سان بحث ڪندي دليل دلائل بيان ڪيا اٿس. لکي ٿو:

”سنڌ ۾ مسلمانن جو وڌيڪ عدد آهي، جن مان گهڻن جو پيشو آبادگاري آهي، جنهن تي بادشاهيءَ جو مدار آهي. باقي ڀاڱو يا ٿوري گهڻي ڪسب تي آهي، يا مزوري ۽ ڇوٽڪي پورهئي تي. انهن ٻنهي فرقن کي تعليم ڏيارڻ ضروري آهي، ڇو ته مسلمان زميندارن مان رڳو سرڪار کي ڍل جي پيدائش آهي. مگر سڀني سرڪاري ڪمن ۾ مسلمان زميندار ئي مدد ڏين ٿا، هندو زميندار اهڙي مدد ڪڏهن به ڏئي نه سگهندا، جنهن ڪري انتظام چڱو نه هلندو.“

سرڪار تي حُجت قائم ڪندي هڪ مورخ جو هن طرح قول نقل ڪيو اٿس:

”مسلمانن کان اسان علم سکيا آهيون، هاڻي جيڪڏهن اسين انهن کي علم سيکارينداسون ته ڄڻ پنهنجو قرض لاٿوسي.“

 

سرڪار کي تعليم لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن

ان باب ۾، مرحوم ’بلبل‘ سرڪار اڳيان ڪي معقول تجويزون رکيون آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته مسلمانن جي لاءِ خاص تعليم فنڊ جمع ڪيو وڃي ۽ ڍلن مان خاص رقم الڳ ڪري صرف ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾، سندس تجويز آهي ته تعليم سيس بل موجب هڪ روپئي تي هڪ پيسو، زميندارن کان ورتو وڃي.

بلبل وڌيڪ هن طرح تجويزون ڏنيون آهن:

1. پرائمري تعليم لاءِ خانگي مڪتب ۽ سرڪاري اسڪول وڌايا وڃن.

2. ٽيچرس ڪاليجن ۾ نظام ۽ نصاب بدلايو وڃي، هاڻوڪا نڪما ڪاليج سڌاريا وڃن.

3. اڌ کان مٿي، مسلمان ماستر ۽ ممتحن مقرر ڪيا وڃن.

4. ٽريننگ ڪاليجن ۾ اڌ کان مٿي مسلمان ماستر ۽ شاگرد رکيا وڃن.

5. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪورس جا ڪتاب بدلايا وڃن، جن سان شاگردن جي زبان ۽ تحرير سڌري ۽ دماغ ۽ ذهن کلي.

6. ڪتابن ۽ ڪورس ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪجي، جنهن ۾ سرڪاري نوڪرن کان قابل ماڻهن جو عدد زيادهه هجي.

7. ڪورس ۾ مذهبي تعليم جو ڀاڱو زيادهه هجي.

8. مسلماني خانگي مدرسا ۽ اسڪول وڌائجن، ۽ سارو ڪاروبار انهن جي هٿن ۾ ڏجي.

9. بورڊنگ وڌائجن ۽ انهن جو نظام مسلمانن جي حوالي ڪجي.

10. مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن، ميونسپل ۽ لوڪل اسڪولن ۾ في معاف ڪئي وڃي.

11. خانگي مڪتب سڌارجن ۽ وڌائجن گرانٽ جي بدران کين پگهار ڏجن.

12. قرآن جي تعليم سان گڏ ديني ۽ اخلاقي ڪورس ٺاهجن.

13. تعليم کاتي ۾ مسلمان ڪلارڪ وڌائجن.

14. سيڪنڊري تعليم ۽ اعليٰ تعليم يورپ جي طرز تي هلائجي.

15. ڪورس ڪتاب، جديد نموني ۾، دلچسپ ۽ معلوماتي ٺاهيا وڃن.

ان بحث کي ختم ڪندي ’بلبل‘ لکي ٿو:

”ڪورس جا ڪتاب دلچسپ ۽ معلوماتي هجن. انهن ۾ اجائي اينگهه ۽ پٽاڙ نه هجي، نه ڪو اجايا سجايا خوشامندي بادشاهي گيت ۽ ڪلام منجهس هجن. هن ملڪ جي حالتن آهر ۽ سندن حال چال آهر اهڙا سهنجا ۽ سهڻا سبق هجن، جن جي پڙهڻ سان منجهن سجاڳي پيدا ٿئي. رڳو اهڙا بيسود ۽ بيڪار سبق نه هجن جي کين وڌيڪ لوليون ڏيئي سمهاري ڇڏين.“

اصل ۾ بلبل جو اهو نظريو، هر جديد ماهر تعليم جو نظريو آهي. تعليم اها ئي ڪارائتي ۽ اثرائتي ثابت ٿي آهي، جنهن جو نصاب ۽ نظام، دلڪش، ڪشش انگيز ۽ ٻارن جي نفسيات آهر ٺهيو آهي، جنهن نصاب کي پڙهندي، ٻار سرور ۽ دماغي حَظ به محسوس ڪن ٿا ۽ سندن ذهني نشو نما ۾ به مدد ملي ٿي، بلبل جو ڪجهه اڄ کان اڌ صدي اڳ چيو آهي، اهو سڀ هن دور سان پڻ وابسته آهي.

 

ڪميٽيءَ جي راءِ

ان باب ۾ مرحوم ’بلبل‘ ان ڪيميٽيءَ جي ڪار گذاري بيان ڪئي آهي، جا مرحوم شيخ صادق علي وزير رياست خيرپور جي انتظام سان ڪوٺائي وئي هئي.

ان ڪميٽي نصاب جي باري ۾ هڪ دستورالعمل ٺاهي، ان تحت ڪتاب تيار ڪرايا. اهي ڪتاب وري هڪ ٻي ڪميٽيءُ وٽ اصلاح ۽ نظرثاني لاءِ پهتا. مرحوم ’بلبل‘ ٻنهي ڪميٽين جو سرگرم ۽ مکيه هو، نظرثاني ڪندڙ ڪميٽي هيٺين راءِ ڏني:

”سنڌ ۾ 24 لکن مسلمانن جي آبادي آهي. اهي باوجود تعليمي اسباب موجود هجڻ جي، هلندڙ رواجي تعليم کان جو محروم رهجي ويا آهن، تنهن لاءِ ٻين سببن سان گڏوگڏ وڏو سبب اهو به آهي. موجود تعليم مان مذهبي ۽ اخلاقي تعليم نه ٿي سگهي.

”اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي، ڪيترن عالمن، علي ڳڙهه ڪاليج ۽ انجمن حمايت اسلام لاهور جي مسلماني ۽ درسي ڪتابن مان مدد وٺي، پهرين کان اٺين ڪتاب تائين ڪتاب تيار ڪيا آهن. اسان جي نظر ۾ اهي ڪتاب نهايت مفيد آهن ۽ موجوده زماني ۾ مسلمان شاگردن کي جيتري مذهبي ۽ اخلاقي واقفيت جي ضرورت آهي، سان انهن اٺن ڪتابن جي پڙهڻ مان بخوبي حاصل ٿي ويندي.“

ان کان پوءِ، انهن ڪتابن جي تيار ڪرڻ وقت جي ڳالهيون خاص طرح سان مد نظر رکيون ويون هيون، سي بيان ڪيون ويون آهن. انهن مان چند هن طرح آندل آهن.

1.                            مسلمانن کي مذهبي تعليم ملي، جنهن مان منجهن عام دنيائي تعليم جي رغبت پيدا ٿئي.

2.                            مسلمانن جا اخلاق سڌرن، وڏن جو ادب سکن، ملڪ ۽ قوم سا وفاداري ۽ مضبوط رهن، انساني همدرديءَ ۽ رحمدليءَ جو مادو منجهن پيدا ٿئي.

3.                            مذهبي ۽ اخلاقي تعليم، جا انهن ڪتابن ۾ ڏني وئي آهي، سا نه رڳو قرآن ۽ حديث جي حوالن سان پر ان لاءِ عقلي دليل به ڏنا ويا آهن... اسان جي راءِ ۾ اهي ڪتاب هر طرح رائج ڪري سگهجن ٿا.

ان کان پوءِ نصاب ۽ نظام تعليم متعلق ۽ انتظامي مسئلن متعلق مشورا ڏنا ويا آهن، جيئن ديني ۽ دنياوي تعليم جو نظام گڏ هلائي سگهجي.

افسوس هي آهي ته اهي اٺ ئي ڪتاب، ان دور جي سرڪار نامنظور ڪيا ۽ ڪتاب ائين جو ائين رهجي ويا، انهن ڪتابن جي تياري مواد جي انتخاب ۽ زبان جي سلاست، ۾ مرحوم بلبل جي قلم ۽ فن جو وڏو دخل هو. جڏهن ته اهي ڪتاب شايع ٿي نه سگهيا، تڏهن انهن جو دستياب ٿيڻ مشڪل امر هو. تاهم گهڻي ڪوشش کان پوءِ، فقط هڪ ڪتاب ”اوائلي ديني تعليم“ هٿ اچي سگهيو آهي. ان جو انداز بيان، توڙي زبان نهايت سليس ۽ لذيذ آهن. اسلامي عقائد ۽ تهذيبي روايتن کي، نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهن جي پڙهڻ سان نه فقط ٻارن ۾ دينيات جو چاهه وڌي ها، پر ان سان گڏ، سندن ذهني نشو و نما لاءِ به ڪارگر ٿين ها! 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org