سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :7

مسلمان ڇو خاص طرح تعليم ڏيارڻ جا حقدار آهن

مسلمانن کي ته پنهنجي فرض پاڙڻ ۽ هستيءَ قائم رکڻ لاءِ علم پڙهڻ فرض آهي ۽ سرڪار کي وري خاص طرح سان مسلمانن کي تعليم ڏيارڻ ۽ رعايت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ هيٺيان سبب آهن:

1. سنڌ ۾ مسلمانن جو وڌيڪ عدد آهي، جنهن مان گهڻن جو پيشو آبادگاري آهي، جنهن تي بادشاهيءَ جو وڏو مدار آهي؛ باقي ڀاڱو يا ٿورو گهڻي ڪسب تي آهي، يا مزوري ۽ ڇوٽڪي پورهئي تي. انهن ٻنهين فرقن کي تعليم ڏيارڻ ضروري آهي، ڇو ته مسلمان زميندارن مان رڳو سرڪار کي ڍل جي پيدائش آهي. مگر سڀني سرڪاري ڪمن ۾ مسلمان زميندار ئي مدد ڏين ٿا. هندو زميندار اهڙي مدد ڪڏهن به ڏئي نه سگهندا جنهن ڪري انتظام چڱو نه هلندو. باقي ٻين ماڻهن کي هن ڪري تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هو مزوري يا پورهئي نه لڳڻ ڪري اڪثر پورهئي نه لڳڻ ڪري اڪثر چورين ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جا ڪم ڪن ٿا. جن مان ملڪ جي من ۽ آزادي ۾ خلل ٿو پوي، جيڪڏهن انهن کي تعليم ملندي ته پوءِ هو سڌري پوندا. ملڪ ۾ امن ٿيندو ۽ ڏوهه بلڪل گهٽجي ويندا ۽ ڪنهن چڱي ڌنڌي ۾ لڳندا.

 هاڻي جو هندو مسلمانن ۾ ٻيائي آهي، سو رڳو هن ڪري جو نوڪرين ۾ هر هڪ حصن ۾ هو مسلمانن کان زياده آهن. جيستائين انهن کي خاص رعايت ڏئي، هندن سان برابر نه ڪبو، تيستائين منجهائن ٻيائي نه ويندي، ٻيو اڻ سڌريل ۽ اڻ پڙهيل مسلمان انهن کان قرض کڻن ٿا ۽ پوءِ وياج جي بار هيٺ قرض نه ٿا لاهي سگهن يا پنهنجي بيوقوفيءَ کان معياد گذاري ٿا ڇڏن ۽ رقم آلي ٿا وڃن. پوءِ واڻيان به انهن تي ڪوڙ بدوڙ ڪري دعوائون ڪن ٿا ۽ سندن گهر ٻار نيلام ڪرائن ٿا مٿن ڌاڙا هڻن ٿا پر جيڪڏهن هو تعليم سان سڌرندا ته پوءِ قرض سنڀالي کڻندا. ڏيتي ليتي جي داخلا رکندا، کنڌا چڱي طرح لاهيندا ۽ واڻين سان دشمني ڪرڻ بدران پنهنجي چال سڌاريندا ۽ سرڪار سان به وڌيڪ وفادار رهندا ڇو ته هاڻوڪي حالت بدچال ۾ جو سرڪاري ماڻهو کين قيد ٿا ڪن يا سزائون ٿا ڏين ته پوءِ انهن سان به واڻين وانگي دشمني رکن ٿا ۽ هن راڄ جو پورو خير نه ٿا گهرن جهڙي طرح هئڻ گهرجي.

 (2) تعليم کاتي جو بنياد لوڪل تي آهي. لوڪل گهڻو ڪري مسلمانن کان ملي ٿو، مگر ان مان فائدو ٻيون قومون وٺن ٿيون، اهو انصاف نه آهي، ته ٻنهين لاءِ مقابلي جو هڪ ميدان رکجي، جنهن صورت ۾ هڪ ڌر بلڪل بيوقوف يا انڌي هجي ۽ ٻي ڌر ڏاهي يا سڄي هجي. مگر جيئن يورپ ۾ هڪ هڪ شاگرد فرقي جي حالت موجب کيس تعليم ڏيارڻ جو اپاءَ ۽ رعايت ڪجي، خاص ڪري ان حالت ۾ جو پيسو به ان ڌر جو هجي جا مٿين سببن ڪري وڌيڪ مروت ۽ رعايت جي حقدار آهي ته پوءِ ان لاءِ اڻهون به نيارا اپاءَ ڳولجن ۽ ڪتب آڻجن.

هاڻي مسلمانن جي تعليم تي اهڙو ڪو ڌيان نه آهي. هو ڏاڍن ۽ ڏاهن سان مقابلي ۾ ڇڏيا ويا آهن جي لتاڙ جي پست ٿي ويا آهن ۽ سندن چاڙهي جو ڪو امڪان ڪونهي، جيستائين انهن ۾ ڪو خلاصو بندو بست نه ڪيو.

 (3) سنڌ جو ملڪ مسلمانن کان فتح ڪيو ويو آهي، ۽ مسلمان جاگيرن ۽ زمينن جا مالڪ آهن. فاتح قوم جي ڪري هو وڌيڪ عزت ۽ رعايت جا حقدار آهن. جيڪڏهن هو پنهنجي غفلت ۽ بيوقوفي کان زماني جي گردش ڪري پست ٿي ويا آهن ۽ علم جو انهن کي پنهنجي هستي ۽ خاندانيءَ تي قائم ڪري سگهي سو کانئن ڪن سببن جي ڪري ڇڏائي ويو آهي ته پوءِ هاڻوڪي فاتح قوم تي حق آهي ته انهن کي خاص طرح رعايت ڪرڻ سان تعليم ڏياري ته هو پنهنجي هستي ۽ خاندانيءَ قائم رکن ۽ سرڪار ڏانهن سندن چڱو گمان رهي ته هن اسان کي سنڀاليو ۽ اسان سان خاص رعايت ڪئي ته ان مان انگريزي راڄ کي فائدو آهي.

هڪڙي مورخ جو چوڻ آهي ته علم اسين، مسلمانن کان سکيا آهيون. هاڻي جيڪڏهن اسين انهن کي علم سيکارينداسون ته ڄڻ پنهنجو قرض لاٿوسي. انهي ڪري مسلمان خاص رعايت سان تعليم ڏيارڻ جا حقدار آهن، جنهن ۾ پوليٽيڪل مصلحت ۽ پاليسي آهي.

 (4) گهڻن اڻ ڄاڻ ماڻهن جا خيال آهن ته سرڪار ڄاڻي واڻي گسائي ٿي ته مسلمان ڀلي ته نه پڙهن، ڇو ته جيڪڏهن اهڙا خيال تمام غلط ۽ اڻ وسهڻ جوڳا آهن، هن ڪري ته ڪنهن به راڄ کي جيڪڏهن خوف ٿيندو آهي ته اڻ سڌريل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کان مگر علم وارن مان ته ڪنهن به قسم جو خوف ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنگالي جي ماڻهن جو مثال ڏئي ته اها به ان جي غلطي آهي ڇو ته اوهان مٿي پڙهيو هوندو ته اسين ان کي تعليم ئي نه ٿا چئون، جيڪا اڄڪلهه اسان وٽ ڏجي ٿي. اها خشڪ تعليم اڻ تعليم جهڙي آهي. اسان جي مراد مان تعليم اها تعليم آهي جا مٿي ڪتاب ۾ چئي آيا آهيون ۽ سرڪار کي ان ڪري اسدعا ٿا ڪريون ته هت به اهڙي تعليم ڏجي، جنهن مان شاگردن جا لڇڻ سڌرن ۽ هو پنهنجا فرض سڃاڻن. پوءِ اهڙي تعليم ته راڄ لاءِ ڇپر ۽ ڪوٽ آهي! مسلمان جيڪڏهن اهڙي تعليم پرائيندا ته راڄ لاءِ ڏاڍا مدگار ثابت ٿيندا ڇو ته ديني علم انهن کي پنهنجي حڪومت جو پورو خير خواهه بنائيندو ۽ دنيائي علم هن حڪومت جون خوبيون ۽ ان سان گڏ امن ۽ چڱي نيت ڏيکاريندو ۽ هٿان ان کي زور وٺائيندو ته جڏهن سرڪار پنهنجو فرض چڱي پر پاڙي ٿي، تڏهن رعيت کي به پنهنجا فرض اهڙي طرح گهرجن، جنهن مان ملڪ جو امن ۽ آرام هجي، باقي قومون ۽ انهن جي آزادي ۽ اهڙيون تحريڪون به علم سان ٿين ٿيون اگر مسلمانن ۾ علم هوندو ته پوءِ هو بنگال وانگر هروڀرو فساد نه ڪندا، آزادي گهرندا ته اها به امن ۽ صلاح سان جو سندن حق آهي، ان لاءِ به سرڪار کي سوچڻ گهرجي. هڪ سج ٻه پاڇا چوندا آهن اڳ مسلمانن جي حڪومت هئي هاڻي انگريز جو راڄ آهي. اهي ڦيرا ايندا جن ۾ نيٺ انگريز کي هي ملڪ هتي جي ماڻهن کي ڏيڻو پوندو جن کان ورتو هئائين.

اسان جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه کي خيال ۾ رکي هاڻي ئي انهن کي تيار ڪرڻ گهرجي. انهن کي تعليم ۽ تهذيب جي زيور سان سينگارڻ گهرجي.

 

سرڪار کي تعليم لاءِ ڪهڙا اپاءَ ڪرڻ گهرجن

(۽ مسلمانن لاءِ ڇا ڪن)

 (1) جيتوڻيڪ سرڪار باالفعل هن ڳالهه لاءِ خرچ جي ڪثرت ڪري، يا ٻين سببن کان تيار نه آهي، يا نه هجي، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ان ڳالهه تي ايندي ته سنڌ جو ملڪ سواءِ هن جي ته مسلمانن ۾ لازمي تعليم جو ايڪٽ پاس ڪجي ڪڏهن ڪين سڌرندو ۽ ان ۾ نه ڏوهه گهٽ ٿيندا.

اسان جو اهو مطلب ناهي ته هروڀرو، عام طرح سان اهو قيد هجي ته سڀ ماڻهو، يعني جنهن کي جيترو اولاد هجي سو لازمي تعليم ۾ داخل ڪجي، يا ان جي اڻ تعليم کان مٿن سخت سزائون مقرر ڪجن. مگر اهڙي دانائي ۽ ويچار سان اهو قاعدو ٺاهجي ته لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. يعني گهڻي اولاد مان ڪو عدد مقرر ڪجي ۽ ساري وقت پڙهڻ کان ڪو وقت مقرر ڪجي ۽ اڻ تعميل لاءِ مناسب ۽ هلڪيون سزائون، جهڙوڪ سلام بند ڪرڻ، عزت کسڻ وغيره مقرر ڪجن. مگر اهڙو اپاءَ ڪرڻ ضروري آهي، جو رڳو رياست وارن به ان ضرورت کي معلوم ڪري، پنهنجي ملڪ ۾ لازمي تعليم جو رواج وڌو آهي. جپان به ائين ڪرڻ سان سڌري ويو آهي. جيڪڏهن ان ۾ خرچ وڌيڪ آهي ته پوءِ سرڪار جون ٻانهون ڊگهيون آهن. جهڙيءَ طرح ٻيون يورپي حڪومتون، آباديءَ جي لحاظ سان تعليم تي خرچ ڪن ٿيون، اوترو اسان جي سرڪار کي ڪرڻ کپي، جڏهن ته تعليم لشڪر ۽ خزانو ۽ ٻيا پوليٽيڪل بندوبست، تڏهن هن پيسي خرچڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. جيتوڻيڪ هند سرڪار جي تعليم سان گهڻي دلچسپي آهي. هاڻي تازو وائسراءِ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته؛ ”اسين تعليم تي ڏاڍو خيال رکون ٿا جو هاڻي چار ڪروڙ اڻاسي لک اڻ پڪي طرح ۽ پندرهن لک پڪي طرح لوڪل سرڪارين کي تعليم لاءِ مدد ڏني آهي. اهڙي طرح ٻارنهن ڪروڙ پڪي طرح ۽ ساڍا ستاويهه لک ڪچي طرح سان يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي مدد ڏني اٿئون، ماڻهن جو اهو گمان غلط آهي ته اسين ڏيهي ماڻهن کي وڏي تعليم ڏيڻ نه ٿا گهرون بلڪه اسان ڏيهي ماڻهن کي يورپين جهڙي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا.“

اها ڳالهه سچي آهي، سو جيڪڏهن سرڪار ان ضرورت کي ڄاتو جو ضرور کيس ڄاڻڻ گهرجي ته پوءِ هو پنهنجي دانائيءَ سان تمام سولا ۽ آسان قاعدا گهڙي سگهندي، جن مان خاص مسلمانن جي تعليم کي ترقي ٿيندي.

 (2) جڏهن ته مسلمان آبادگارن جو لوڪل گڏ مڏ ٿي پيو ۽ ان مان مسلمانن جي انداز تي، ڌار ڪري ڏيڻ سرڪار کي اوکو لڳو ۽ مسلمان ان مان ڪو به فائدو نه وٺي سگهيو ته پوءِ ان ۾ سندن قصور هو يا ڪي ٻيا سبب هئا يا ائين ڪرڻ لاءِ ڪو امڪان نه هو، جنهن کان سواءِ مسلمان تعليم ۾ سڌري نه سگهيا، تڏهن مسلمانن پاڻ ۾ صلاح ڪري ’تعليم سيس بل‘ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ته ڍل جي في روپئي تي هڪ پيسو تعليم جي بلي زميندارن کان وٺجي ۽ اهو بل نامنظور ڪيو. اهو انڪار مسلمانن جي تعليمي ترقي لاءِ وڏي روڪ ڄاتو ويو آهي نه ته سرڪار کي ميجارٽيءَ جو خيال ڪرڻ گهربو هو ته سوتي جيڪڏهن اسي يا نوي، ماڻهو قبولدار آهن ته پوءِ اها مڃتا ۽ ڪثرت راءِ بس آهي، هڪ ته سرڪار پاڻان ايترا پيسا نه ٿي خرچي سگهي ٻيو جيڪڏهن مسلمان پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪن ٿا ته انهن جو عرض قبول ڪيو نه ٿو وڃي، تنهن لاءِ وري ڪن جلد باز ۽ تيز طبع ماڻهن کي اهو ئي مٿيون وهم ۽ سنسو ويهي ٿو وڃي ته شايد سرڪار جو خيال مسلمانن جي پڙهائڻ تي ناهي مگر اسين جهڙو خيال سرڪار في الحال ڪو سبب ڪونهي. سواءِ هن جي ته سرڪار اسان کان وڌيڪ اسان جي خير خواهه هئڻ گهرجي ها ۽ اسان کان وڌيڪ سياڻي ۽ داناءَ هجي ها ۽ هن کي دورانديشي ۽ مصلحت سمجهندي هوندي به جا اسان ۾ ڪانهي. اهو قدم مسلمانن جو مڃڻ گهرجي ها، رڳو ٿورن جي اختلاف کي وزن ڏئي پاڻ لاءِ بدنامي نه کڻي ها. اسان جو ته فقط کيس عرض ڪرڻ بس آهي، پوءِ جيئن هوءِ مناسب سمجهندي تيئن ضرور اسان جي فائدي لاءِ اپائن ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندي.

 (3) سرڪار يا تعليم کاتو، هن تي بس ڪري نه ويهي ته سنڌ ۾ پرائمري تعليم خانگي مڪتبن يا سرڪاري اسڪولن جي دلجاءِ جهڙي ناهي. ان تي اجايا پيسا وڃن ٿا ۽ رڳو انگن تي ڀروسو ٿو ڪجي جو پورو ناهي.

ديهاتي ۽ شهري اسڪول ڪرڻ به مسلمانن جي تعليم کي روڪ آهي ڇو ته مسلمان غافل، جن کي اڃا تعليم جو ڪو قدر ڪونهي سي پنهنجن ڳوٺن ويجها اسڪول ڇڏي شهري اسڪولن ۾ تعليم وٺڻ ڪين ويندا. نتيجو اهو ٿيندو جو ٻه ٽي درجا ديهاتي اسڪولن ۾ پڙهي وري وڃي پنهنجي ڪم کي لڳندا ته ڪيل محنت سندن برباد ويندي ۽ ساڳيا ڄٽ جا ڄٽ رهجي ويندا. اسان جي نظر ۾ ته ديهاتي ۽ شهري اسڪولن جي ڪرڻ ۾ شايد رڳو خرچ جي ڪفايت وئي آهي ته ديهاتي ۾ ان ٽرينڊ ۽ ٿوري پگهار وارا ماستر رکي سگهبا مگر ان مان چڱو نتيجو نه نڪرندو ۽ مسلمان جيئن پوءِ تيئن تعليم ۾ گهٽجي ويندا. تنهن ڪري پرائمري تعليم لاءِ ديهاتي اسڪول نه ڪجن بلڪه انهن ۾ به ڇهين ۽ ستين درجي تائين پاڙهڻ ۾ اچي.

 (4) ماسترن جي تيار ڪرڻ لاءِ هاڻوڪا ٽيچرس ڪاليج نڪما آهن، تنهن ڪري اهي ڪاليج اهڙا هجن، جن ۾ تمام لائق ماستر پيدا ٿين، جي شاگردن لاءِ هلت جو مثال ۽ نمونو هجن.

 (5) ماسترن ۽ ممتحن ۾ مسلمانن جو اڌ کان به زيادهه عدد وڌائجي. انهن جي تيار ڪرڻ لاءِ پورا اپاءَ ڪم ڪجن نه ته ٻئي هنڌان به آڻي، اها کوٽ پوري ڪجي، جيستائين هت، لائق ۽ سمجهدار ماڻهو پيدا ٿين، ٻاهرين ۾ گهڻو ڪري انگريز ۽ پارسي هجن. بنگالي، پنجابي ۽ پٺاڻ هت جي لاءِ اجنبي ۽ ڌاريا ٿيندا. انهن ڌارين ۽ اڌارن کي هتي جي تعليم سان ڪهڙي دلچسپي رهندي.

انگريز وري به حاڪم آهن، انهن کي ئي راڄ جو اونو ڪرڻو آهي. امن ۽ تعليم جي ذمه دار سرڪار آهي ۽ کيس هئڻ گهرجي.

 (6) ٽريننگ ڪاليج ۾ پڻ مسلمان شاگردن ۽ ماسترن جو عدد اڌ کان به زياده ڪجي.

 (7) سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪورس جا ڪتاب ٻيا ڪجن، جن مان شاگردن جي زبان ۽ تحرير سڌري لڇڻ چڱا ٿين. دماغ ۽ ذهن کلي اندريون طاقتون ظاهر ٿين.

ڪتابن ۽ ڪورس ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ٿئي، جنهن ۾ سرڪاري نوڪرن کان، قابل ماڻهن جو عدد زياده هجي.

 (8) ڪورس ۾ مذهبي تعليم جو ڀاچو زيادهه هجي.

 (9) مسلماني خانگي مدرسا ۽ اسڪول کين همتائي وڌائجن ۽ انهن جو سارو ڪاروبار انهن جي ئي هٿ ۾ ڏجي.

 (10) جا به جا بورڊنگ هائوس وڌائجن، انهن جو انتظام به مسلمانن جي هٿ ۾ ڏجي.

 (11) عام طرح مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏيڻ گهرجن، ميونسپل ۽ لوڪل اسڪولن ۾ في معاف ٿئي.

 (12) خانگي مڪتب سڌارجن ۽ وڌائجن، گرانٽ جي بدران کين پگهارون ڏجن ۽ قرآن ڪريم جي تعليم سان گڏ ديني ۽ اخلاقي ڪتابن جو ڪورس کين ٺاهي ڏجي، جو ٻنهين ڪمن لاءِ ڪمائتو هجي ۽ گهٽ عرصي ۾ شاگردن کي تيار ڪري.

 

ڪاميٽيءَ جي راءِ ديني ڪتابن بنسبت

هن ڪتاب جي جوڙيندڙ ۽ ٻين صاحبن کي، جو هڪ صاحب ’الحق‘ اخبار جو ايڊيٽر هو، ٻيو رياست جو مفتي ۽ عالم هو. سڀني کي مرحوم شيخ صادق علي صاحب اڳوڻي وزير رياست خيرپور جي گهرائي، ديني اٺ ڪتاب تيار ڪرايا هئا ته جناب ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ جي منظوريءَ سان تعليم کاتي ۾ داخل ڪجن.

جڏهن اهي ڪتاب ٺهيا ۽ تيار ٿيا، تڏهن انهن جي پرکڻ لاءِ هڪ وڏي ڪميٽي ٿي. سنڌ مان عالمن ۽ پڙهيلن جا اعتراض خيال ۾ آندا ويا. پوءِ وري هڪ ٻي ڪاميٽي ٺهي، جنهن ۾ جوڙيندڙ هن ڪتاب جو به مکيه ميمبر هو تن انهن ديني ڪتابن جي نسبت هيٺين راءِ ڏني هئي ته ڪيئن هو سرڪاري اسڪولن ۾ پاڙهجن.

راءِ: سنڌ ۾ 24 لک مسلمانن جي آبادي آهي. اهي باوجود تعليمي اسباب موجود هئڻ جي هلندڙ رواجي تعليم کان جو محروم رهجي ويا آهن. تنهن لاءِ ٻين سببن سان گڏ وڏو سبب اهو به آهي جو موجودهه تعليم مان مذهبي ۽ اخلاقي تعليم ملي نه ٿي سگهي جو هوند مسلمانن جي تعليمي پستيءَ تي اثر وارو ٿئي.

عالي جناب شيخ صادق علي صاحب بهادر وزير رياست خيرپور جي هن ضروري ۽ مسلمانن جي حسب حال تعليمي ڪورس تيار ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڪاميٽي مقرر ڪرڻ فرمائي هئي، جنهن جا اسين هيٺ صحيح ڪندڙ ميمبر آهيون.

اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي، ڪيترن علمائن علي ڳڙهه ڪاليج انجمن حمايت اسلام لاهور جي مسلماني ۽ درسي ڪتابن مان مدد وٺي، پهرين کان اٺين ڪتاب تائين ڪتاب تيار ڪيا آهن. اسان جي نظر ۾ اهي ڪتاب نهايت مفيد آهن ۽ موجوده زماني ۾ مسلمان شاگردن کي جيتري مذهبي ۽ اخلاقي واقفيت جي ضرورت آهي سا انهن اٺن ڪتابن جي پڙهڻ مان بخوبي حاصل ٿي ويندي.

انهن ڪتابن جي تيار ڪرڻ ۾ هيٺين ڳالهين تي خاص طرح ڌيان ڏنو ويو آهي.

(1)                         مسلمانن کي مذهبي تعليم ملي، جنهن کان منجهن عام دنيائي تعليم جي رغبت پيدا ٿئي.

(2)                 مسلمانن شاگردن جا اطوار سڌرن، وڏن جو ادب سکن، پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان وفاداريءَ ۾ مضبوط رهن. انساني همدرديءَ ۽ رحمدلي جو مادو منجهن پيدا ٿئي. نيڪ چال سکن، بد ڪمن کان باز رهن، جنهن ڪري سندن وجود خلق خدا لاءِ مفيد ثابت ٿئي.

(3)                 مذهبي ۽ اخلاقي تعليم جا انهن ڪتابن ۾ ڏني وئي آهي سا نه رڳو قرآن ۽ حديث جي حوالن سان پر انهن لاءِ عقلي دليل به ڏنا ويا آهن. هن لاءِ ته پڙهندڙن تي پورو اثر ويهي، سڀ ڪنهن حالت ۾ پڪا ديندار، پڪا مودب، پڪا ملڪ ۽ قوم سان وفادار، پڪا همدرد ۽ نيڪ چال ثابت ٿين. تنهن کان سواءِ ڪتابن جي ترتيب به ڪامل غور ۽ فڪر سان قائم ڪئي وئي آهي. (ان کان پوءِ ڪتابن جو تفصيل آهي) سو ڇڏي باقي مکيه مطلب ٿو ڏيکارجي. اسان جي راءِ ۾ اهي ڪتاب هر طرح رائج ڪري سگهجن ٿا.

(1)        سنڌ ۾ جيڪي انڊيجنس توڻين ايڊيڊ مسلماني مڪتب ۽ مدرسا آهن. تن ۾ سرڪاري درسي ڪتابن جي بجاءِ هي ديني ڪتاب پاڙهيا وڃن، ۽ انهن سان گڏ، قرآن شريف به پڙهائجي. اهو ڪم ته ملان چڱيءَ طرح ڪري سگهندا. باقي حساب ۽ جاگرافي يا تاريخ لاءِ هر هڪ ايڏي انڊيجنس مڪتب ۾ مسلمان نائب ماستر رکڻ جي سرڪار کي استدعا ڪجي.

(2)        لوڪلبورڊ اسڪولن ۾ هيءَ ديني ڪتاب رائج ڪرڻ مشڪل ٿيندا، تنهن ڪري اسڪول جي وقت مان ڏيڍ ڪلاڪ بچائي، ڪل اڍائي ڪلاڪ هنن ديني ڪتابن جي تعليم، مسلمان شاگردن کي ڏجي.

ان لاءِ ضرور مسلمان ماسترن جي ضرورت پوندي، تنهن لاءِ هيئن ڪجي ته هر هڪ اسڪول ۾ هڪ يا ٻه، نائب يا ماستر ته ضرور مسلمان رکجن، پر جي ڪاٿي ائين نه ٿي سگهي ته ڪنهن مسجد جي هوشيار ملان کي الائونس ڏجي ته اهو وقت اچي پڙهائي.

اسڪول جو ٽائيم هر هڪ ڪم لاءِ هڪ هڪ، ڪلاڪ آهي. ان جي عيوض45، 45 منٽ مقرر ڪري، ڏيڍ ڪلاڪ وقت بچائجي ته مسلمانن جو ديني ڪورس پورو ٿي سگهندو.

(3)        ابتدائي اسڪولن ۾ ديني ڪتابن سان گڏ قرآن شريف به اهڙيءَ طرح ورهائي پاڙهيو وڃي، جو ستين درجي تائين سارو قرآن مجيد روان پڙهي وڃن.

(4)        سيڪنڊري تعليم ۾ به پهرئين درجي انگريزيءَ واري کي پنجون ديني ڪتاب ۽ ٻئي درجي واري کي ڇهون ۽ ٽئين واري کي ستون ۽ چوٿين واري کي اٺون ڪتاب پاڙهيو وڃي. ان کان مٿي ستين درجي تائين قرآن مجيد جو ڪو عمدو ۽ مختصر تفسير يعني رڳو ترجمو پڙهايو وڃي. ان لاءِ مسلمان پرشن ٽيچر رکيا ويندا ته بس ٿيندو، يا ڪو ٻيو جوڙجڪ ڪيو وڃي. (هت ڪاميٽيءَ جي رپورٽ پوري ٿي.)

 
 

آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۽ ٺهراءُ 1907ع

ڪراچي جا ريزوليشن

                مسلمانان سنڌ جي تعليم به نسبت آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جا سال 1907ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي هئي، تن جي عرضداشت تي به سرڪار کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنهن صورت ۾ هاڻي سرڪار جو خيال پڻ ٿيو آهي. ڇو ته ايڏي ميڙ جي ڪابه ڳالهه، يا ڪو به ٺهراءُ مصلحت کان خالي نه آهي.

                بهتر آهي ته ان مان ڪي وري ضروري ٺهراءَ، تازي طرح سرڪار جي ڌيان تي آڻيون، ته ٻين اپائن سان گڏ، هنن تي به نظر رکجي، جي مختصر طرح اسين مٿي سڀ چئي آيا آهيون.

 

ريزوليشن نمبر 3 فارسيءَ بابت

”جڏهن ته مسلمانن کي فارسي زبان سان عام طرح دلچسپي آهي، ٻين قومن جي به نسبت مسلمان ان ۾ گهڻي محاورت رکندا آهن، تنهن ڪري هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ آهي، ته سرڪار کي درخواست ڪجي ته سرڪاري مدرسن ۽ اسڪولن مان جو فارسي زبان ڪڍي وئي آهي، سا وري داخل ڪري ۽ ان لاءِ لائق مسلمان ماستر مقرر ڪري.“ هيءَ تحريڪ ڪتاب جي جوڙيندڙ پيش ڪئي هئي، جنهن تي تائيد زور سان خود نواب وقار الملڪ صاحب بهادر ڪئي هئي.[1]

ان تجويز تي تائيد ۾ ڳالهائڻ لاءِ مولانا حاليءَ جي مطالبي تي ڪتاب جي جوڙيندڙ (بلبل) فوراً فارسيءَ ۾ تقرير شروع ڪئي جا ڏاڍي اثرائتي ثابت ٿي، ان جو سنڌي ترجمو هن ريت آهي.

 

جناب صدر والا قدر

هيءَ زبان نه رڳو مسلمانن ۾، پر هندن ۾، يعني اسان جي ساري سنڌ ۾ ڏهه ٻارنهن سو ورهيه برابر هلي آئي آهي ۽ نه فقط مسلمان، پر هندو به ان ۾ ڀڙ هوندا هئا. هن زبان ۾ ادب، فضيلت ۽ لياقت وڌيڪ آهي. ذهن ۽ دماغ کلي ٿو، لڇڻ سڌرن ٿا، جو هن ۾ اخلاقي ڪتاب گهڻا آهن. سنڌي لٽريچر به پارسيءَ کان سواءِ ڪنهن ڪم جو نه آهي، مگر انگريزي زبان جي زور وٺڻ جي ڪري ۽ هندن جي ان ۾ ڪثرت هجڻ جي ڪري پنهنجي غلبي کان فارسي جي پاڙ پٽي ڇڏي، هنن ڪري ته جو وقت ضايع ٿي ڪيائين ۽ ان جي بجاءِ سنڌي اسڪولن ۾ تمام جڏو ۽ ڪين جهڙو ڪورس مقرر ڪيائون، جنهن ۾ ڪا فضيلت يا لکپڙهه جي لياقت ڪانهي. جڏهن ته هندن کي سنڌي زبان جي بلڪل ضرورت نه رهي، فقط هنن جو مطلب هو ته انڌا منڊا اکر ڄاڻي پوءِ سمورو وقت انگريزي تي وڃايون ته اهو ڪمائتو ٿيندو، جنهن مان هنن فائدو به ورتو مگر اها انهن جي ڀل آهي ڇو ته فارسي علم کان سواءِ انهن ۾ ادب ۽ فضيلت ۽ مادري زبان جي سڌار ڪانهي. سنڌي ليٽريچر ۾ ڀاشا گڏائي ان کي اهڙو نڪمو ۽ ردي ڪري ڇڏيو اٿن جو ڪنهن ڪم جو نه آهي. ان ڪري مسلمانن کان انگريزي ته اوئين پري آهي. باقي سنڌي لٽريچر جو فارسي سان سهڻو ۽ سڌريل هو، به ويو، نه ته بروقت پرائمري تعليم ۾ جيڪو ڪورس هو، تنهن ۾ فارسي ڪتاب هوندا هئا، جنهن ڪري انهن جي پڙهڻ مان، دماغ ۽ ذهن کلندو هو. سنڌي لکپڙهه ۾ چڱي طاقت ٿيندي هئي، هاڻي ڪجهه به نه آهي! نه رڳو فارسي ڪڍي سنڌي لٽريچر خراب ڪيو ويو آهي پر ان ۾ مسلمان بادشاهن جون ڪوڙيون گلائون مذهبي ڳالهين جون غلط خبرون داخل ڪيون ويون آهن. جنهن مان هندن جي ٻارن تي مسلمانن جي پاران بد اثر ويهي ٿو ۽ پاڻ ۾ انهن جو نفاق وڌندو ٿو وڃي، جا ملڪ لاءِ خراب ڳالهه آهي تنهن کان سواءِ فارسي جي ضرورت اڃا تائين به سرڪار کي محسوس آهي، جو انگريزي وڏن امتحانن ۾ فارسي رکي وئي آهي، مگر اها شاگرد وڏائي ۾ لاچار کان سرسري ڪم ٽپائڻ لاءِ پڙهن ٿا، جو وري کين هڪ اکر به ياد نه ٿو رهي، پر جيڪڏهن منڍ کان اڳي فارسي جا ننڍا ڪتاب هوندا هئا تيئن رکجن ته شاگردن ۾ ادب ۽ فضيلت پيدا ٿئي ۽ سنڌي زبان جا هن ملڪ جي مادري ٻولي ۽ سرڪاري دفترن جي زبان آهي سا به سڌري ڇو ته ننڍائي جو اثر سدائيءَ تائين رهي ٿو. (تقرير پوري ٿي).

ائين تقرير کان پوءِ ريزوليشن پڙهان ٿو: هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ سنڌي زبان جو هاڻوڪو ڪورس، جنهن ۾ گهڻو ڪري، مسلمان ٻارن جي تعليم ٿئي ٿي، سو تن جي لڇڻن سڌارڻ ۽ دنيا جي عام واقفيت پيدا ڪرڻ لاءِ پورو نه آهي تنهن ڪري مناسب معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي سان گڏ فارسي جي تعليم به شامل ڪجي.“ تحريڪ ڪئي شمس الدين بلبل ۽ تائيد ڪئي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ.

 

عقيدي جي خلاف عبارتون خارج ڪجن

ريزوليشن نمبر2

                ”جڏهن ته هن ڪانفرنس کي معلوم ٿيو آهي ته سنڌي زبان جي هاڻوڪي تعليمي ڪتابن ۾ بعضي ڪي عبادتون مسلمانن جي عقيدي جي برخلاف ۽ سندن دل ڏکوئيندڙ آهن، تنهن ڪري ڪانفرنس تعليم کاتي کي درخواست ٿي ڪري ته هو سنڌي اسڪولن ۾ هاڻوڪن ڪتابن کان ٻيا ڪتاب، جي مسلمانن جي خيال ۽ مذهب جي برخلاف نه هجن سي جاري ڪري.“ تحريڪ ڪندڙ مسٽر غلام حسين پليڊر، تائيد ڪندڙ مسٽر شمس الدين بلبل.

 

 

سنڌ لٽريچر ڪاميٽي ريزوليشن نمبر7

هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ هڪ ڪاميٽي، جنهن جو نالو ”سنڌ لٽريچر ڪاميٽي“ هجي، قائم ڪجي، جنهن ۾ لائق ۽ چونڊيل ماڻهو ميمبر ٿين ۽ اهي سنڌ جي مسلمان ٻارن لاءِ سنڌي ڪتاب ٺاهن، جن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي مضمون هجن.[2] تحريڪ ڪئي، مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ تائيد ڪئي، مسٽر شمس الدين ’بلبل‘.

مسلمان ماستر ۽ ممتحن، ريزوليشن نمبر 16

هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ سنڌ منجهه هن ڳالهه جي بلڪل ضرورت ڏسجي ته مسلمان ماستر يا ممتحن هئڻ گهرجن، جي ان ڪم لاءِ پورا لائق هجن. تنهن ڪري درخواست ٿي ڪجي ته تعليم کاتو انهن جي تيار ڪرڻ جو اپاءَ ڪري ۽ جيستائين هو اهڙا لائق ماڻهو سنڌ مان تيار ڪري تيستائين ٻين ملڪن مان به گهرائي اها ڪمي پوري ڪري.

نوٽ: لياقت جي ڪسوٽي رڳو انگريزي تعليم تي نه هجي، بلڪه سڀ ڪنهن ڪم موجب جا لياقت گهرجي سا مقرر ڪجي نه ته ڪيترا هندو پرشن ٽيچر ڏٺا ويا آهن، جن کي فارسي زبان ۾ ذري به لياقت ڪانهي.

 


[1]  نواب وقار الملڪ ان نشست جو صدر هو. جڏهن اهو ريزوليشن، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ پيش ڪيو، تڏهن مولانا حاليءَ بطور مزاح جي فرمايو ته جيئن بلبل فارسيءَ لاءِ تجويز پيش ڪئي آهي، تيئن سندس تائيد ۾، به فارسيءَ ۾ تقرير ڪرڻ گهرجي، اهو ٻڌي سڀ خاموش ٿي ويا، اسٽيج تي بيٺي، مولانا حاليءَ ڏانهن مخاطب ٿي، جا فارسي ۾ بلبل تقرير ڪئي، تنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏي، مولانا حاليءَ اتي کيس ڀاڪر پاتو ۽ چيو؛ خوب باب الاسلام سنڌ جي مردم خيز زمين جا بلبل رنگين نوا! اها تقرير پيش ڪجي ٿي.

[2]   نوٽ: هن موجب جيڪي اسان کان مرحوم شيخ صاحب وزير ڪتاب ٺهرايا آهن ۽ هي عام راين سان ڪاميٽي پاس ڪيا آهن ۽ جن جو چيئرمين مرزا قليچ بيگ صاحب هو سي به ڏسڻ گهرجن. ضرورت هجي ته ٻيا به ٺهرائجن، بلبل.

مٿيون نوٽ، جو حاشيه ۾ آندل آهي، سو ڇپائي جي پراڻي طريقي موجب اصل متن ۾ ڇپيل آهي اهو هت ڌار ڪري پيش ڪيو ويو آهي جيئن ٺهراءُ نمبر 7 متعلق وضاحت سمجهڻ ۾ اچي.  ـــــ  گرامي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org