سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: فرهنگ جعفري

باب: --

صفحو :18

ڪنڍل:

نالا: عربي - سڪبينج، فارسي - سڪ، اردو - ڪندل.

سڃاڻپ: هڪ وڻ جو کؤنر آهي، جنهن جو رنگ ۽ بوءِ هنڱ جئان آهن.

مزاج: گرم خشڪ. مقدار خوراڪ: هڪ کان ٽن ماسن تائين.

خاصيت: هي بيروني طور کل جي سطح صاف ڪندڙ، جاذب Desiccant سوڄ کي نيسائيندڙ ۽ سور وڃائيندڙ آهي. خنازير (Scropula) لاءِ سرڪي ۾ گڏي ليپ ڪجي ٿو. هن سان گرمي ۽ لطافت پيدا ٿئي ٿي. اندروني طور، بلغمي مادي کي دستن رستي خارج ڪندڙ آهي. ۽ ٻين جلابن جي اصلاح ڪندڙ بيان ڪيل آهي. هن سان پيٽ جا ڪينئان مري وڃن ٿا. مرگهي، اڌرنگ، سنڌن جي سور ۽ جلندر لاءِ اندران ٻاهران ڪتب ايندڙ آهي.

ڪن ڪٽي:

نالا: عربي - بنط قلن، اردو - هلهل، هندي - ڪان پهوٽي، بنگالي - هرهريا، انگريزي - ڪراويلا سيڊس (Caravella Seeds).

سڃاڻپ: هي هڪ ٻوٽي آهي جنهن جي سڀني انگن مان نهايت سخت بدبوءِ اچي ٿي. سندس پن 4-5 هنڌن کان ڪٽيل نظر ايندا آهن، ٻج گدري جي نموني تي ڪري ٿي، جي رنگ ۾ ڪارا ٿيندا آهن.

ذائقو: ڪوڙو. مزاج گرم تر.

پيدائش: هندستان جي گرم علائقن ۾ گرميءَ جي موسم ڌاري تماڪ جي پوک ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: هن سان پيٽ جا ڪينئان مري پون ٿا ۽ آڪڙ لهي وڃي ٿي، ان ڪري سندس ٻج کنڊ ملائي کارايا ويندا آهن. هن کي 2-3 ماسن جي انداز ۾ ٻه چار ڏينهن کارائي، پوءِ ارنڊي جو جلاب ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان پيٽ جا سمورا ڪينئان مري کپي خارج ٿي وڃن ٿا.

بيروني طور تي سندس پن ڦورو پيدا ڪندڙ ۽ جلائيندڙ ٿين ٿا. سرڪي ۾ ملائي گهوٽي ڌڪ تي ٻڌايا وڃن ته ان ۾ پونءِ وغيره پيدا نٿي ٿئي. ڪن جي سور لاءِ هن جي پنن جو پاڻي گرم گيهه ۾ ملائي پائبو ته آرام اچي وڃي ٿو. هن جي پنن جي رس ڪڍي، ان ۾ فولاد جو ٻورو کرل ڪري، وري سندس پنن ۾ ڏئي ان کي مناسب مقدار ۾ باهه ڏني وڃي، ته فولاد جو عمدو ڪشتو تيار ٿئي ٿو، جنهن کي جلندر ۽ ٻين بلغمي بيمارين لاءِ ڪتب آندو وڃي ته نهايت مفيد ٿئي ٿو.

ڪنو تيل:

نالا: عربي - زيت الجبل، انگريزي - راڪ آئل (Rock Oil).

سڃاڻپ: هي هڪ بدبودار تيل آهي، جو کوهن مان پاڻي جئان نڪري ٿو. رنگ ۾ ڪارو اڇو ۽ ذائقي ۾ ڪوڙو بدبودار ٿئي ٿو.

مزاج: گرم خشڪ 4 درجي ۾.

مقدار خوراڪ: ٻه ماسا.

خاصيت: هن جي لائڻ سان مسامن جا منهن کلي پون ٿا، پيٽ جا ڪينئان مري وڃن ٿا ۽ سوڄ لهي وڃي ٿي. اڌرنگ، لقوي ۽ بيهوش ٿيڻ اينسٿيسيا (Anaethesia) لاءِ فائديمند آهي. هن مان ڪپڙو پسائي زال حمول ڪري ته حيض کلي اچي ٿو. سرد بيمارين ۾ مفيد آهي. (زهر جي قريب)

ڪونگر:

نالا: فارسي ۽ عربي - صنوبر، پنجابي - چيل چيڙ، سنسڪرت - سرلا، انگريزي- پائينس لانگي فوليا (Pinus Longifolia).

سڃاڻپ: هي هڪ سهڻو سيبتو ۽ اُتاهون وڻ آهي، جنهن جا پن ڌاڳي جئان ۽ گرانٺ برابر ڊگها ٿين ٿا. ڦر پستن جهڙو ڪري ٿو. هن جا پن ۽ ڇوڏا دوا ۾ ڪم اچن ٿا. رنگ ۾ سبز، ذائقي ۾ تلخ. مزاج: گرم 3 خشڪ 2 آهي.

مقدار خوراڪ: ٻه ماسا.

پيدائش: افغانستان، ڪشمير، آسام وغيره جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو.

خاصيت: هي نڙيءَ جي سوڄ ۽ سور، ڦڦڙن جي ڦٽ وغيره لاءِ ڪاڙهي طور ڪتب اچي ٿو. نڪهير ۽ ٻئي وهندڙ رت کي بند ڪري ٿو. ماکي ۾ ملائي کائجي ته جگر جي بيمارين کان بچاءُ رهي ٿو. سڪل ڇوڏا ۽ پن ڪٽي ڦڪائجن ته دست بيهجي وڃن ٿا. هن جي دونهين سان پيٽ مان ٻار نڪري اچي ٿو ۽ حيض جاري ٿئي ٿو.

ڪويل (نيل ڪويل):

نالا: هندي - نيل ڪويل، بنگالي - اپرا جتا، مرهٽي - وشوڪرانتا، گجراتي - گرني، سنسڪرت - آسڦوتا، انگريزي - (Indian Mazereyum).

سڃاڻپ: هي هڪ خوبصورت ول آهي، جا وڻن ۽ ديوارن تي چڙهي ٿي. سندس پن ننڍڙا گول ٿين ٿا. مٽرن وانگي ڦريون ڪندي آهي. هن جاٻه قسم ٿين ٿا. هڪڙي جا گل نيرا ۽ ٻي جا اڇا ٿيندا آهن. دوا ۾ سندس پاڙ ۽ ٻج ڪتب اچن ٿا.

مزاج: گرم.

مقدار خوراڪ: ٻن کان چار ماسا.

پيدائش: مالابار ۽ بنگال ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: هن جي ٻجن جو سفوف جلاب جو ڪم ڏئي ٿو، جنهن جو تاثير جلابي جئان ٿيندو آهي. عام طرح ويد سنڍ وغيره سان جلندر ۽ تري جي بيماريءَ ۾ استعمال ڪرائيندا آهن. (غير سمي)

ڪهي ڪهيڙو:

نالا: فارسي - ڪيلي وڪيلا، اردو - ڪسيلا، هندي- کهيلا کيلي.

سڃاڻپ: هي هڪ جابلو وڻ جا ڇوڏا آهن، جي تج (ڪيهڙي) جئان ٿين ٿا. رنگ ۾ ڪارا ڳاڙهي چٽ تي ۽ وزندار، ذائقي ۾ تلخ تيز ۽ لعابدار.

مزاج: گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: ٽن کان پنجن ماسن تائين.

خاصيت: هيءُ قابض ۽ خشڪ ٿين ٿا، کائڻ سان رڳن ۾ چنبڙي سدا پيدا ڪن ٿا. عورتن جي اندام نهاني جي رطوبت سڪائين ٿا. هنن کي گهڻو ڪري زالاڻي ستي ڦڪيءَ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.

ڪاٺ توريون:

نالا: ع. باميه، توري خورد، هه. وغيره___ ڀينڊي ۽ پن ڦلي.

اثر: سرد تر 1، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ ۽ مرچ، عيوض: ڪرت، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڀوري رنگ جون آڱر جي ڊيگهه کان ڪجهه وڌيڪ ڊگهيون ڦريون ٿين ٿيون. هن جو ٻج لعاب دار ٿئي ٿو.

خاصيت: اهو ٻج سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائجي ته دستن ۽ رت جي دستن، سوري ۽ پيچش کي بند ڪندو. قوت باهه وڌائيندڙ آهي. منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو. اهي ڦريون صفرا ۽ رت جي جوش کي گهٽائين ٿيون، پرميل، مثاني جي ڦٽ ۽ گڙدن جي تقويت لاءِ مفيد آهي.

ڪاٺ ڪٺو:

نالا: ع. سوداني، ف. دارڪو، هه. وغيره___ ڪاٺ ڦوڙا، دارحڪ ۽ برو سارج.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: سرد دماغ کي، ميل: ماکي ۽ دارچيني، عيوض: چنڊول، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: ڳيري جي قد جو چٽڪمرو سهڻو ڪلنگي دار پکي ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پنهنجي چهنب وڻن کي ويٺو هڻندو آهي.

خاصيت: هن جو گوشت قوت باهه کي وڌائي، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي. رت ۽ پتو ان جو ملائي آلت تي ليپ ڪجي ته آلت کي تقويت رسي ۽ طرفين کي لذت اچي ٿي. وٺ ۽ چرٻي اُن جي وار چري ۽ ڦٽن ڦرڙين لاءِ مرهم جو ڪم ڏئي.

ڪاري جيري:

نالا: ع. ڪمون رومي، ف. ڪرديا، هه. وغيره___ ڪالي زيري، قردمانا، شاه زيري، توخري ۽ اقاذوا.

سڃاڻپ: جيري جي شڪل تي سبزاڻ مائل ڪاري رنگ جو هڪ ٻج آهي.

خاصيت: گهاٽي بلغم کي تحليل ڪري ٿو. معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪري ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. ٻرهل، گڙدي ۽ جگر جي سور لاءِ مفيد آهي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو. هن جي لپري سخت ڳوڙهن ۽ سور وارين جاين تي ٻڌجي ته ڳوڙهن کي نرم ڪري ڦاڙيندي ۽ سور لاهيندي. هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي اُن جون گرڙيون ڪرائبيون ته وات جي ڦٽن ڦرڙين ۽ خناق جي ڳوڙهن کي فائدو ڪنديون.

ڪاري ڊاک:

نالا: ع. زبيب اسود، ف. انگور سياه، هه. وغير___ ڪالي انگور، احداق البقر ۽ مويز منقي.

اثر: گرم تر 1، نقصان: گڙدن کي، ميل: عناب، عيوض:___-، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: سڪل نرم ڪاري رنگ جا داڻا ڊاک جو قسم جو آهي.

خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم لاءِ جلاب ۽ منضج آهي، تپن، کنگهه، پاسي جي سور، آنڊن جي ڦٽ، خفقان، ويسر، مثاني جي پٿري ۽ سلسلبول لاءِ مفيد آهي. سيني جي رطوبت ۽ بلغم کي تحليل ڪري ٿي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿي. قوت باهه کي وڌائي ٿي. هن جو اندريون ٻج قابض آهي. اهو ٻج دستن کي بند ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي.

ڪارا هيرو:

نالا: ع. حب السودا، شونيز، هه. وغيره- ڪلونجي، سياه دانا، دليقورو ۽ بلمون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: سرڪو ۽ ڪتيرو، عيوض: سؤنف رومي، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: بصر جي ٻج وانگر ڪاري رنگ تي ذائقي ۾ ڪڙو ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي ڪاڙهي پيارجي ته حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪندو، بلغمي کنگهه، سيني ۽ پاسي جي سور، جلندر، قولنج، پرميل: مثاني جي ڦٽ، مهارن ۽ ڏندن جي سور ۽ اکين جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. ڪوڙه ۽ چٽيءَ جي داغن کي لائڻ سان فائدو ٿئي ٿو. حمل ڪيرائي ٿو.

ڪاسني:

نالا: ع. هندبلي، ف. ڪاسني، هه. وغيره___ ڪاسني سبز، انيطونيه، جاءِ البقل ۽ ساوس.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڇاتي ۽ ڦڦڙن کي، ميل: ڦوٽا ننڍا، عيوض: ڪاهوءَ جو ٻج، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هڪ ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پاڻيءَ وارين جاين تي ٿئي ٿو. هن جو ٻج جيري جي ٻج وانگر ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا پن ساڳ وانگر رڌي کائجن ته صفرا ۽ رت جي جوش، گهڻي اُڃ ۽ گرم ۽ صفراوي تپن کي گهٽائين ۽ لاهين ٿا. يرقان، ٻرهل، جگر جي سوڄ ۽ جگر جي سور لاءِ مفيد آهن ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪن ٿا. هن جو ٻج گهوٽي پيارڻ سان پيشاب جاري ٿيندو، مثاني مان رائو نڪري ويندو. جگر جي گرمي، چيلهه جي سور، گردن جي سور ۽ ڦڦڙن مان رت اچڻ جي مرضن ۾ مجرب آهي.

ڪاغذ:

نالا: ع. قرطاس، ف. ڪاغذ، هه. وغيره___ ڪاغذ، ڪريتن، ڪوتسيا ۽ سنجا ميفور.

اثر: سرد خشڪ، نقصان: ___-، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هيءَ مشهور شيءِ آهي جا ڪن گاهن ۽ ٻين شين مان ٺاهيندا آهن.

خاصيت: هن کي ساڙي خاڪ ڪري ناس ڪرائجي ته نڪهير ۽ اڌ مٿي جي سور کي مفيد آهي. اها خاڪ زيتون ۾ ملائي، اهو تيل ڏڍ ۽ چٽيءَ جي داغن تي مکجي ته داغ لهندا، ڏندن کي مهٽجي ته ڏندن جي سور ۽ ڏندن مان رت جي اچڻ کي فائدو ڪندو. سرڪي ۾ ملائي کائڻ سان سيني جي سور آنڊن جي ڦٽ کي لاهيندا.

ڪافور:

نالا: ع. ڪافور، ف. ڪابور، هه. وغيره___ ڪپور، ارغول، از دودي، فربوم ۽ سياس.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: مثاني ۽ قوت باهه کي، ميل: مشڪ، عيوض: صندل سفيد، وزن: هڪ رتي.

سڃاڻپ: ڪنهن وڻ جو کؤنر آهي جو اڇي رنگ تي ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. هن جا ٻه - ٽي قسم ٿين ٿا.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ شيءِ آهي، رئيس عضون کي طاقت ڏئي ٿو. دق تپ، سلهه، پاسي جي سور، جگر جي گرمي گهٽائڻ لاءِ پراڻن تپن، مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي، هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائي ٿو.

ڪاڪڙا سنگي:

نالا: ع. قرن ڪاڪرا، ف. ڪاڪڙاسنگي، هه. وغيره___ ڪاڪڙاسنگا، ڪرينگ، قون گوءِ ۽ بکهنيگا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: جگر ۽ گڙدن کي، ميل: شڪنجبين، عيوض: رب سوس، وزن: هڪ کان ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: هي سنگ جي نموني تي ڀورو، ڳاڙهي رنگ جو ڇوڏو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي ڪٽي، ماکيءَ ۾ گڏي چٽائجي ته کنگهه، دمڪشي، هڏڪي، الٽين روڪڻ لا”، رت جي دستن کي بند ڪرڻ لا”، نون ۽ پراڻن تپن کي ڇڏائڻ لاءِ مفيد آهي. ڪچي رطوبت ۽ بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. کاڌي کي هضم ڪري ٿو ۽ بک وڌائي ٿو. هن کي سرڪي ۾ گهي ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي مکبو ته اهي لهي ويندا.

ڪامون:

نالا: ع. عنب الدب، ف. انگور خرس، هه. وغيره___ ڪاما، غالش ۽ انماجي.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دماغ کي، ميل: ڪاسني، عيوض: ڪانول پيرون، وزن: نـَـوَ ماسا.

سڃاڻپ: هي وڻ ول وانگر پکڙندڙ پاڻيءَ جي جاين تي ٿيندا آهن. هن جو ڦر ڪارا داڻا ڪانول پيرن جي داڻن جهڙا ٿيندا آهن.

خاصيت: هن جا پن گهوٽي لپري ڪري سخت سوڄ ۽ سور وارين جاين تي رکجن ته سوڄ ۽ سور کي لاهي. هن جا پيرون بلغمي ۽ صفراوي دستن، کنگهه، جگر جي سور ۽ سيني جي سور لاءِ مفيد آهن. معدي مان ڪيڙن کي ماري ڪڍن ٿا، ڦڦڙن مان ايندڙ رت کي بند ڪرڻ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو.

ڪانڦل:

نالا: ع. عودالبرق، ف. دارششيعان، هه. وغيره___ ڪانڦل، قندول، اٺنتلايوس ۽ ڪٽ ڦل.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: مصطگي، عيوض: اسارون، وزن: ٻه کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ تي ٿلها ڇوڏا ٿيندا آهن.

خاصيت: انهن کي ڪٽي ناس ڏيارڻ سان مٿي جي سور، نزلي، مرگهي ۽ فالـج کي فائدو ٿيندو ۽ دماغ جي رطوبت خشڪ ٿيندي. هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارڻ سان کنگهه، معدي جو سور، پٺن ۽ چيلهه جو سور لهي ٿو. مئل ٻار ٻاهر نڪري ايندو.

بواسير خوني ۽ باديءَ لاءِ مفيد آهي. منيءَ کي وهڻ کان روڪي ٿو. گرڙين ڪرائڻ سان وات مان گهڻو پاڻي ايندڙ بند ٿيندو. ڏندن ۽ مهارن جو سور لهندو.

ڪانجهي:

نالا: ع. مري، ف. آب ڪامه، هه. وغيره___ ڪانجي، ڪاغ ۽ ڪومه.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: ماکي ۽ گلقند، عيوض:-، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: پاڻيءَ جهڙي پٽڙي آهي، جا سرڪي ۽ چانورن مان ٺاهيندا آهن. هن کي چاليهه ڏينهن اُس ۾ رکي پوءِ استعمال ڪبو آهي.

خاصيت: عضون لاءِ مقوي آهي. رت ۽ صفرا جي جوش کي گهٽائي ٿو، اُلٽين ۽ دستن ۾ مفيد آهي.

ڪانڊيرو:

نالا: ع. شوڪت الجمل، ف. اشترغار، هه. وغيره___ اونٽ ڪٽاره، جوان، جاج ۽ فرافيون.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دماغ کي، ميل: سرڪو، عيوض: انجدان، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ننڍو ڪنڊن وارو ٻوٽو اڪثر پوٺن ۽ وارياسن پٽن تي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارڻ سان ٻرهل، يرقان، جلندر، سنڌن جي سور، پاسي جي سور ۽ سيني جي سور کي فائدو ٿيندو، بلغمي ۽ صفراوي دست بند ٿيندا، پيشاب جاري  ٿيندو، مثاني ۽ گردي مان پٿري ۽ رائو نڪري ويندو. مثاني جي ڦٽ، پرميل رحم ۽ آنڊن جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪانگ:

نالا: ع. غراب، ف. زاغ، هه. وغيره___ ڪوا، بده، ڪلاغ زاغنچه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو، عيوض: پاريهل، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو مشهور پکي آهي، جنهن جو ڪنڌ وارو حصو اڇو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جو گوشت منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، قوت باهه کي وڌائي ٿو. جلندر، يرقان، سرسام، جنون، ماليخوليا، فالـج ۽ لقوي لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ماکيءَ ۾ ملائي اکين جي ڌنڌ، خارش، ڦلي ۽ نظر جي واڌاري لاءِ مفيد آهي. هن جو رت ڪوڙه چٽيءَ ۽ وارچري جي جاين تي لائجي ته فائدو ڪندو.

ڪانگڻي:

نالا: ع. قصب باغي، ف. نئي موسمي، هه. وغيره___ ڪانگي، اسپم ۽ اشغار.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ___-، عيوض: ڪانهه، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هي وڻ سڻيءَ جي وڻ جيڏو، ڊگهن لڪڻن جهڙين ٽارين سان ٿئي ٿو. رنگ ٽارين جو سائو ربيع جي موسم ۾ پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جا پن ۽ پاڙون گهوٽي پياربا ته پيشاب جاري ٿيندو، مثاني مان رائو ۽ پٿري نڪري ويندي، ٻرهل، يرقان ۽ رت جي دستن کي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪانول پيرون:

نالا: ع. عنب الثعلب، ف. انگور شغال، هه. وغيره___ مڪر، قوش، روباه تربڪ، رويا.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: ماکي، عيوض: پنير ۽ ڦوٽا، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: گول داڻا سڪل ڪاري رنگ تي ۽ وڻ هڪ ننڍي ٻوٽي جي شڪل ۾ باغن ۾ پاڻيءَ وارين جاين تي پيدا ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا پن ۽ پيرون ڪاڙهي پيڻ سان بلغمي ۽ گرم تپن، جلندر، ٻرهل، جگر جي سدن، دماغ جي بيمارين، منهن ۽ پيرن جي سوڄ، آنڊن، ڦڦڙن جي ڦٽن، سوڄ ۽ معدي جي سوزش کي فائدو ٿيندو. سودا ۽ صفرا کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو. هن جون گرڙيون وات جي ڦرڙين، خناق، ڳوڙهن ۽ نڙيءَ جي سور لاءِ مفيد آهن.

ڪانهه:

نالا: ع. علف الراعي، ف. سرڪنڊه، هه. وغيره___ رام سر، قصب، گره ڊار، ڪلڪ ۽ سفيد رسيون.

اثر: سرد خشڪ 2، ____________-، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: گاه سائي رنگ تي ۽ ٽاريون سنهيون ۽ ڳنڍيون ڳنڍيون، ڍنڍن ۽ پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي گهوٽي پيارڻ سان پيشاب جاري ٿيندو، پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ کي ڇٽائي ٿو، مثاني جي پٿري ۽ رائي کي ٻاهر ڪڍي ٿو، جگر ۽ سيني جي سور، بواسير ۽ ڦڦڙن مان ايندڙ رت لاءِ مفيد آهي.

ڪاني جو ٻج:

نالا: ع. افلنج، ف. تخم شفڪ، هه. وغيره___ ڪانه، فرالطاني ۽ فلمندي.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: مٿي جو سور پيدا ڪري، ميل: روغن زيتون، _________، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: هيڊي، ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ تي آهر جي داڻن جيڏا سنهڙا ٿيندا آهن.

خاصيت: معدي، جگر، دل ۽ ماغ کي تقويت ڏئي ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، دماغ ۽ جگر جي سدن کي وڃائي ٿو، وڇونءَ جي زهر جو ترياق آهي، بک وڌائي ٿو. زيتون جي تيل ۾ ملائي وڇونءَ جي ڏنگ تي رکبو ته سور کي گهٽ ڪندو.

ڪاهو:

نالا: ع. خس، ف. ڪاهو، هه. وغيره___ ڪاهو.

اثر: سرد تر، نقصان: بلغم ۽ کنگهه واري کي، ميل: ڦودنو، عيوض: لوڻڪ جو ٻج، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: ڪاسنيءَ جي وڻ جيڏو ننڍو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا تازا پن گهوٽي پيارڻ سان صفرا ۽ رت جو جوش گهٽ ٿيندو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، دماغ کي تقويت ڏئي ٿو، ماليخوليا ۽ مرگهيءَ کي دفع ڪري ٿو، ننڊ آڻي ٿو، شراب جو نشو لاهي ٿو. هن جو ٻج سنهڙو ڀوري رنگ تي ٿيندو آهي، انهيءَ کي گهوٽي ڇاڻي پيارجي ته جگر جي گرمي ۽ اُڃ کي گهٽائيندو. پيشاب جاري ڪندو، مثاني ۽ گڙدي جي پٿري ۽ رائي کي ٻاهر ڪڍندو. گرم تپن، يرقان، ٻرهل ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

ڪباب چيني:

نالا: ع. ڪبابه سيني، ف. ڪباب چيني، هه. وغيره___ سيتل چيني، مهليون ۽ فريفليون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: صندل سفيد، عيوض: دارچيني ۽ ڦوٽا، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: ڪارن مرچن برابر ڪاري رنگ جا گول خوشبودار داڻا ٿيندا آهن.

خاصيت: وائي باديءَ کي تحليل ڪن، جگر جي سدن کي ڳارين، معدي ۽ اندرين پردن کي طاقت ڏين، پيشاب جاري ڪن، پرميل، مثاني جي ڦٽ، گردي ۽ مثاني جي پٿريءَ لاءِ مفيد آهن. هن جو ليپ طرفين جي لذت لاءِ مفيد آهي.

ڪبوتر:

نالا: ع. حمام، ف. ڪبوتر، هه. وغيره___- ڪبوتر، طوري، قرقار،سماروس، خلعه ۽ يمامه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا، عيوض: تتر، وزن: اڌ پاءُ.

سڃاڻپ: مشهور پکي آهي، جيڪو ٻن ٽن قسمن جو ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، استرخاءِ ۽ عضون جي ڏڪڻ لاءِ مفيد آهي. رت چڱو پيدا ڪري ٿو. گڙدن، مثاني، معدي ۽ جگر کي طاقت ٿو. قوت باهه کي وڌائي ٿو. هن جي وٺ آلت کي طاقت ڏئي ۽ طرفين کي لذت ڏئي ٿي. هن جو رت اک جي ڦلي کي فائدو رسائي ٿو.

ڪٻر:

نـالا: ع. زر زور، ف. شارڪ، هه. وغيره___ مينا، سار، سقرچين ۽ سوران.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: گيهه ۾ پچائي، عيوض: مينا، وزن: هڪ آنو.

سڃاڻپ: گهاٽي ناسي رنگ جو هيڊي چهنب وارو مشهور پکي آهي.

خاصيت: هن جو گوشت خفقان، دل هول ۽ چريائيءَ لاءِ مفيد آهي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. هن  جي وٺ ۽ رت ڪوڙهه، چٽي ۽ ڇانئن جي داغن تي مکجي ته انهن کي ڇٽائيندو، اکين جي ڌنڌ ۽ ڦلي لاءِ فائديمند آهي.

ڪتو:

نالا: ع. ڪلب، ف. سگ، هه. وغيره___ ڪتا، ايت، سلوق ۽ شش پستان.

اثر: گرم خشڪ 2، ____________، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: مشهور جانور آهي.

خاصيت: هن جو کير سلهه، جلندر، ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. جگر کي تقويت ڏئي ٿو، هن جو جگر پچائي ڇتي ڪتي جي کاڌل کي کارائجي ته ان لاءِ مفيد آهي. هن جا هڏا ۽ زبان ساڙي خاڪ ڪري ٻورو ڪري بادفرنگ جي ڦٽن ۽ ناسور تي لڳائجي ته فائدو ڪندو.

ڪتڻ:

هن جي خاصيت "سسئي جي پٿر" ۾ ڏنل آهي.

ڪتيرو:

نالا: ع. ڪتيرا، هه. وغيره___ ڪتيا، سمغ، جلوسير ۽ طرفويا.

اثر: معتدل، نقصان: مقعد کي، ميل: سؤنف رومي ۽ کؤنر، وزن: چار ماسا.

سڃاڻپ: کؤنر آهي هيڊي مائل اڇي رنگ تي، ذائقي ۾ ڦڪو آهي.

خاصيت: کير ٻاڪري سان گڏي کارائڻ سان جگر ۽ ڦڦڙن جي رت، کنگهه، آنڊن جي ڦٽ، سوري، پيچش، بواسير جي رت ۽ معدي جي سوزش لاءِ فائديمند آهي.

ڪٽ:

نالا: ع. طاليفون، ف. روئين، هه. وغيره___ ڪانسه.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: _________-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: هيڊي رنگ تي ڌاتوءَ جو قسم آهي جو ٻه - ٽي ڌاتو گڏي ٺاهيندا آهن.

خاصيت: هن مان آرسي جوڙائي لقوي واري کي استعمال ڪرائجي يعني لقوي وارو اها آرسي ڏسندو رهندو ته منهن جي ٽيڏاڻ ڇڏي ويندي. هن کي ساڙي ٻورو ڪري ڦٽن ۽ ناسورن تي مرهم ڪري رکجي ته اهي ڇٽي ويندا.

ڪٽڪي:

نالا: ع. خربق، ابيض، ف. خروق سياه، هه. وغيره___ ڪٽڪي سفيد، قارونيون ۽ فعوسا.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: خناق ۽ گرم مزاجن کي، ميل: مصطگي، عيوض: ڇڪڻ غاريقون، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: هڪڙي اڇي رنگ تي ۽ ٻي سبزاڻ مائل ڪاري رنگ تي پاڙ ٿيندي آهي.

خاصيت: گهاٽي بلغم ۽ صفرا جو جلاب آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿي. سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، مرگهي، ۽ مٿي جي سور ۽ سرسام لاءِ مفيد آهي. هن کي گهي چٽي ۽ ڪوڙهه جي داغن تي لائبو ته فائدو ڪندو.

ڪٽوهر:

نالا: ع. خبث الحديد، ف. ريم آهن، هه. وغيره___ لوهچون، تفال آهن، زمه ۽ زعفران الحديد.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: ___-، عيوض: ___-، زون: هڪ رتي.

سڃاڻپ: پراڻو سڙيل لوهه هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي. هن کي صفا ڪري پوءِ ايريال جي رس ۾ کرل ڪري ماري ڪشتو ڪري کارائبو ته بواسير جي رت جي گهڻائي، حيض جي گهڻائي، ٻرهل، يرقان، گردن ۽ مثاني جي ڪم طاقتي، پيشاب جي گهڻائي، قوت باهه، منيءَ جي گهاٽي ڪرڻ لاءِ پيچش، رت جي دستن، رحم ۽ دماغ جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪٽوهڙي:

نالا: ع. بلخون، ف. بل، هه. وغيره___ بيل، ڪٺوري، بلاگون ۽ بلڪا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: سدا پيدا ڪري، ميل: کنڊ، عيوض: ڪتيرو، وزن: تازي ٻن کان چار تولا، سڪل ٻن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: هي ڦر گول داڻا ليمن جي داڻن جيڏا ڀوري رنگ تي ٿيندا آهن.

خاصيت: هن کي سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪرائجي ته دستن کي بند ڪري، سوري، پيچش ۽ مروڙ کي فائدو ڪري، دل، جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. آنڊن ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪري، نزلي لاءِ مفيد آهي.

ڪٺ:

نالا: ع. قسط، ف. ڪوشه، هه. وغيره___ ڪوڻهه، قرشنا، قشنه ۽ ڪست.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مثاني ۽ ڦڦڙن کي، ميل: گلقند ۽ سؤنف رومي، عيوض: عاقرقرحو، وزن: ٻن کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ٽيج ڪاٺيءَ جي شڪل تي هڪ پاڙ آهي، جنهن جي ٻاهرين کل ڀوري رنگ تي ڪاراڻ مائل، خوشبودار ٿيندي آهي. (هن جا ٻه قسم آهن هڪ مٺي ٻي ڪڙي)

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. فالـج، لقوي، عضون جي ڏڪڻي لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري، هن کي ڪٽي مٺي تيل ۾ ملائي دماغ تي مالش ڪرائجي ته دماغ جي سردي، مٿي جي سور، خشڪي، ٻڦي، ڦيري ۽ ٻين دماغي بيمارين کي فائدو ٿيندو.

ڪثوث:

نالا: ع. ڪثوث، ف. ڪثوث، هه. وغيره___ امرلته، طبعتوس، زخول ۽ فرهنج.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ڪاسني، عيوض: افسنتين، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: سڪل گاهه پٽ جي تندن وانگر ٿئي ٿو. هن جو شاخون هيڊي رنگ جون ٿينديون آهن، هن جو ٻج موريءَ جي ٻج جهڙو ٿيندو آهي.

خاصيت: معدي ۽ جگر کي قوت ڏئي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن کي ڀڄائي پياربو ته حيض ۽ پيشاب جاري ٿيندو. گرم تپن، ٻرهل، بدن جي خارش کي فائدو ڪري ٿو. شڪنجبين سان گڏي پياربو ته صفرا لاءِ جلاب جو اثر رکندو. هن کي رڌي لپري ڪري سور واري جاين تي رکجي ته سور کي گهٽائيندو.

ڪپهه:

نالا: ع. قطن، ف. پنبه، هه. وغيره___ روئي، برش ماطوق، طوطه ۽ سنبوق.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گڙدن کي، ميل: بنفشو، عيوض: اُن، وزن: ڇهه ماسا.

خاصيت: هن کي ساڙي خاڪ ڪري ترن جي تيل ۾ ملائي باهه جي سڙيل داغن تي مکجي ته فائدو ٿيندو. سخت سوڄ، بدن جي خارش تي اهو تيل لائبو ته ان لاءِ به مجرب آهي. تازو ڪپاهه حواسن لاءِ مقوي آهي. فالـج، لقوي، ڪزاز ۽ نقرس لاءِ مفيد آهي. سور وارين جاين تي ڪپهه کي گرم ڪري ٻڌجي. سرد هوا ۽ سرد مادن کان پناهه ڏئي ٿو. ڪپاهه کي ڪاڙهي انهيءَ پاڻيءَ ۾ اختناق الرحم واري عورت کي وهارجي ته فائدو ٿيندس.

ڪپور:

نالا: ع. خصيه، ف. خايه، هه. وغيره___ ڪپور، انشين ۽ پيلا.

اثر: سرد خشڪ، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ ۽ سؤنف، عيوض: ______، وزن: ٻه عدد.

سڃاڻپ: هڪ مشهور عضوو آهي.

خاصيت: ٻڪر ۽ هرڻ جا ڪپور طاقت وارا آهن. بدن کي ٿلهو ڪن ٿا. مني ۽ قوت باهه کي وڌائين ٿا، هنن کي باهه تي پچائي کائڻ سان وات مان گهڻي پاڻيءَ جو اچڻ بند ٿئي ٿو، معدي ۽ آنڊن جي رطوبت خشڪ ٿئي ٿي. پرميل ۽ پيشاب جي ساڙي لاءِ فائديمند آهي.

ڪپور ڪچڙي:

نالا: ع. زرنباد، ف. نر ڪچور، هه. وغيره___ ڪچري، ڪپور، عروق الڪافور، سفراڪ ۽ سالني.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دل ۽ مٿي کي، ميل: صندل ۽ ڦودنو، عيوض: درونجه، وزن: ٽن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: ننڍڙيون گول ٽڪيون ڀوري رنگ تي خوشبودار ۽ ذائقي ۾ تيز ٿين ٿيون.

خاصيت: دل، دماغ، ۽ معدي کي طاقت ڏين ٿيون، دستن ۽ اُلٽين کي روڪين ٿيون. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿيون، ڇاتيءَ جي بلغم کي وڃائين ٿيون، کنگهه لاءِ مفيد آهي. وڇون ۽ نانگ بلا جي کاڌل لاءِ ترياق آهي. بدن کي ٿلهو ڪن. سيني ۽ پاسي جي سور، خفقان، سوداوي بيمارين، ماليخوليا ۽ وات جي بدبوءِ وڃائڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪجل:

نالا: ع. ڪجل، ف. دود، هه. وغيره___ ڪاجل ۽ دودجل.

اثر: گرم خشڪ 2، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڪڙو ۽ مٺو تيل ڏئي ۽ ٻاري ڦلو حاصل ڪري اُن مان ٺاهبو آهي.

خاصيت: اک جي نظر تيز ڪري، ڌنڌ، ڦلي ۽ اک مان گهڻي پاڻيءَ جي اچڻ کي ڇڏائي ٿو. پرميل، مثاني جي ڦٽ ۽ کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين تي مرهم وانگر ڪم آڻبو ته فائدو ٿيندو.

ڪچريون:

نالا: ع. شمام، ف. دستنبويه، هه. وغيره___ ڪچري، بالڪا ۽ ڪومين ڪاچڪ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڌاڻا، عيوض: انجير، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: چڀڙن کي چيري لوڻ وجهي سڪائبو آهي.

خاصيت: ٽوري کي نرم ڪن، پٺن جي سور، سوڄ ۽ سختيءَ کي وڃائين ٿيون، اندرين پردن کي طاقت ڏين ٿيون، فالـج، لقوي، بادي ۽ بواسير لاءِ مفيد آهن. دماغ مان ايندڙ پاڻي ۽ بلغمي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿيون.

ڪچ ڪوڏيون:

نالا: ع. اُم الجلود، ف. ڪلاچڪ، هه. وغيره___ چهوٽي ڪوڙي، طلسيا ۽ ويتس.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ڪوڏي سچي، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: ڪوڏين جي نموني تي پر اُنهن کان گهڻيون ننڍيون، هيڊاڻ مائل اڇي رنگ تي ٿينديون آهن.

خاصيت: سنگجراح سان گڏ ماري کارائجن ته رت جي دستن کي بند ڪري. آنڊن جي ڦٽ، پيشاب جي گهڻائي، مثاني جي ڦٽ، پٿري، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهن. هن جون گرڙيون وات جي جوش، پچڻ ۽ ڦلڻن کي فائدو ڪن ٿيون.

ڪچنار:

نالا: ع. ولب، چنار، هه. وغيره___ ڪچنار، ڪويدا ۽ ريلطاس.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دماغ ۽ مثاني کي، ميل: لوڻ، عيوض: ___-، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: سوانجهڙي جيڏو وڏو وڻ ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا پن ڪاڙهي پياربا ته صفراوي دستن کي بند ڪندا. معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، آنڊن جي ڦٽ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، مثاني، پرميل، خارش، کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جا گل سڪائي ڦڪي ڪري استعمال ڪرائڻ سان سلهه، واتان رت جي اچڻ ۽ بواسير کي فائدو ٿيندو. هن جون گرڙيون وات جي جوش، پچڻ ۽ ڦلڻن لاءِ مجرب آهن.

ڪچي ڊاک:

نالا: ع. حصدم، ف. عوزه، هه. وغيره___ انگور خام، انفانيون ۽ انفانين.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: گلقند، عيوض: ترنج، وزن: ٽي تولا.

سڃاڻپ: اڃا وڻن ۾ پوري طرح پڪي نه هجي.

خاصيت: هن جو پاڻي نپوڙي، مٺاڻ وجهي پيارڻ سان گرم تپن، الٽين، وبائي دستن، گهڻي اُڃ، جگر جي گرمي، ٻرهل، يرقان، وات جي بدبوءِ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين، ڦلڻن، مثاني جي ڦٽ، پيٽ جي سور ۽ قولنج کي فائدو ٿيندو. معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍندو. هن جون گرڙيون ڏندن ۽ مهارن جي سور لاءِ مفيد آهن.

ڪڇون:

نالا: ع. سلفات، ف. سنگ پشت، هه. وغيره___ ڪڇوا، ڇنڇله، ڪشف ۽ بستانه.

اثر: گرم تر 2، نقصان: آنڊن کي ميل: ماکي، عيوض: ______، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: پاڻيءَ جو ننڍين ٽنگن ۽ پٿر جهڙي سخت هڏي وارو جانور آهي

خاصيت: هن جو گوشت قوت باهه کي وڌائي ٿو. چيلهه کي طاقت ڏئي ٿو. بواسير جي رت ۽ حيض جي رت جي گهڻائيءَ کي روڪي ٿو. هن جو رت ماکيءَ ۾ ملائي کارائجي ته مرگهي، عضون جي سيٽجڻ ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي چرٻي سخت سوڄ ۽ ڳوڙهن، لذت النسا، آلت ۽ نبضن جي ڍرائي کي فائدو ڪري ٿي. هن جا آنا نانگ جي زهر،کڻ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهن. هن جو پتو اک جي ناسور، ڦٽ ۽ اک مان ايندڙ پاڻيءَ لاءِ مجرب آهي.

ڪدو:

نالا: ع. قرح، ف. ڪدو دراز، هه. وغيره___ ڪدولمبا، ڪرڪانو، ترنبا، قباف، بقطين ۽ قلونا.

اثر: سرد تر، نقصان: معدي ۽ سرد مزاجن کي، ميل: گوشت ۽ گرم مصالح، عيوض: پالڪ، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڇانهي جي نموني تي سائي رنگ جو گول يا ڊگهو آڏو ٽيڏو هڪ ول جو ڦر آهي.

خاصيت: هن جي ڀاڄي رڌي کائڻ سان معدي ۽ جگر کي طاقت ملندي. خلط چڱو پيدا ڪري ٿو، دماغ کي طراوت ڏئي ٿو. گرم ۽ صفراوي تپن کي ڇڏائي ٿو، جگر جي گهڻي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. ڪدوءَ جو پاڻي تپ دق، جگر، معدي ۽ دل جي بخارن کي گهٽ ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو. ڪدوءَ جو ٻج تپن، سلهه، کنگهه، دمڪشي، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ پيشاب جي ساڙي لاءِ مفيد آهي. هن جو تيل دماغ جي خشڪي وڃائي ۽ ننڊ آڻي ٿو، دماغ کي قوت ڏئي ٿو.

ڪرٽ:

نالا: ع. خضف، ف. خربوزه خام، هه. وغيره___ خام خربوزه، قشم.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: معدي کي ۽ دير هضم، ميل: لوڻ ۽ سرڪو، عيوض: ___-، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: ول ۾ بيٺل ڪچو گدرو.

خاصيت: هن کي گرم مصالحن ۾ رڌي کارائجي ته پراڻن رت جي دستن کي فائدو ڪندو، پيشاب جاري ڪندو، مثاني جي رائي ۽ پٿريءَ کي پيشاب جي رستي خارج ڪندو. صفرا جي جوش کي گهٽائڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪرڙ:

نالا: ع. شجرالدبيل، ف. درخت ڪريڙ، هه. وغيره___ ڪرڙ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: ______، عيوض: ______، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: پوري پني قد جو ڪنڊن وارو وڻ ٿئي ٿو، هن جو گل ڳاڙهي رنگ تي ٿئي ٿو، جنهن کي پسي چوندا آهن ۽ ڦر گول داڻو ٿئي جو پڪي کان پوءِ گلابي رنگ جو ٿيندو آهي، اُنهن کي ڏؤنرا چوندا آهن.

خاصيت: هن جي پـُـسي رڌي کائبي ته صفراوي، بلغمي ۽ رت جا دست بند ٿيندا. معدي کي تقويت ڏيندڙ شيءِ آهي. آنڊن ۽ معدي مان ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي. ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جو ٻورو ڪاڙهي پياربو ته کنگهه، جلندر، يرقان ۽ آنڊن جي ڦٽ کي فائدو ٿيندو. رحم ۽ معدي جي رطوبتن کي خشڪ ڪري ٿي. ڪرڙ جي پونگر گهوٽي بواسير ۽ ناسورن جي ڦٽن تي رکائجي ته مفيد ثابت ٿيندي.

ڪرنگ:

نالا: ع. ثمام، ف. ثما سرخ، هه. وغيره___ ڪاث ۽ آت هڙ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي جي سوزش کي، ميل: ڦودنو، عيوض: سائون، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: اَن جو قسم آهي، جو ڳاڙهي رنگ تي ننڍا داڻا ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جي ماني پچائي کارائجي ته سيني ۽ جگر جي سور کي فائدو ڪندي. گهاٽي بلغم ۽ ڪچين رطوبتن کي پچائي ٻاهر ڪڍندي. معدي ۽ آنڊن کي تقويت ڏئي ٿي. معدي جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿي. هن جي لپري سور ۽ سوڄن لاءِ مفيد آهي.

ڪرنو:

نالا: ع. درد نارنج، ف. شگرفه نارنج، هه. وغيره- ڪرنا ۽ سفيد گل.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، عيوض: شگوفه سمون، وزن: ٽي تولا.

سڃاڻپ: اڇي رنگ جو خوشبودار گل ٿيندو آهي. گهڻو ڪري هن جو عرق ڪڍي ڪم آڻبو آهي.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ، قوت باهه ۽ مني وڌائيندڙ آهي. پيٽ جي سور، قولنج، خفقان، غشي، وسواس ۽ معدي جي طاقت لاءِ مفيد آهي، بک وڌائي ٿو، کاڌي کي هضم ڪري ٿو ۽ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو.

ڪرمز:

نالا: ع. دودالصباغني، ف. ڪرم رنگرنز، هه. وغيره___ ڪوفر، سرخ رنگ، انيقروس ۽ قرمز.

اثر: سرد خشڪ 2، _______________-، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: اٽي وانگر ڳاڙهي رنگ جي شيءِ، جيڪا ڪينئن جي پيدائش آهي، انهيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪپڙا ۽ پـَـٽ رنڱيندا آهن.

خاصيت: قابض آهي، حيض ۽ بواسير جو رت بند ڪري ٿي، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي، هن کي سرڪي ۾ ملائي کل جي خارش، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي لائبو ته فائدو ٿيندو.

ڪره ٽنڊڻي:

نالا: ع. ذراريح، ف. مورسياه، هه. وغيره___ تيلق، فلمو، الاڪلنگ ۽ مارسان.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: زهر آهي، ____________-، وزن: هڪ رتي.

سڃاڻپ: ڳاڙهي ڪاري رنگ تي ننڍي ٽنڊڻ جيڏو هڪ جيت آهي، جيڪو سخت زهردار ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي جهلي ڪـپڙيءَ ۾ وجهي باهه ڏجي، پوءِ هن جي خاڪ ماکيءَ ۾ ملائي کارائجي ته ٻرهل کي ڪپي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندي، حيض کي جاري ڪري ٿي، گڙدن ۽ مثاني جي پٿريءَ کي ذرا ذرا ڪري ٻاهر ڪڍي ٿي، ڇتي ڪتي جي کاڌل لاءِ ترياق آهي، اها خاڪ ترن جي تيل ۾ گڏي ناسورن، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي مرهم ڪري مکبو ته فائدو ٿيندو.

ڪريلو:

نالا: ع. قثاءِ البر، ف. ڪريلا، هه. وغيره___ ڪريله، خيارزه ۽ ڪاربيل.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: گيهه، عيوض: توريون، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: مشهور بيضوي شڪل جو، سائي رنگ تي هڪ ڦر آهي، هن جي کل تي ڪنڊا ڪنڊا ٿيندا آهن، گوشت سان گڏ رڌي کائبو آهي.

خاصيت: معدي کي طاقت ڏئي ٿو، پيشاب جاري ڪندو، ڪچن خلطن کي پچائي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، دماغ جي رطوبت، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، يرقان، جلندر، سنڌن جي سور، عرق النسا، مثاني جي پٿري، ادرار مني، قوت باهه ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد آهي. معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿو.

ڪڙو ڪاٺي:

نالا: ع. اصل القطرون، ف. بيخ قطرون، هه. وغيره___ ڪروا، قسطس، ۽ درسمار.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو ۽ ماکي، عيوض: ڪٽڪي، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ٽيج ڪاٺيءَ جي شڪل تي، ذائقي ۾ ڪڙي هڪ پاڙ آهي.

خاصيت: معدي کي طاقت ڏئي ٿي، مرگهي، چريائي، ماليخوليا، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿي. جگر جي سور ۽ سوڄ، رحم، سيني، مثاني جي پٿري، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪندڙ شيءِ آهي.

ڪسوٽي:

نالا: ع. حجرالمحڪ، ف. سنگ آزمايش، هه. وغيره___- ڪسوٽي ۽ حجرالعراق.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: آب گلاب، عيوض: زهر مهرو، وزن: اڌ ماسو.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو پهڻ آهي، هن تي سون کي لڳائي هن جي تکائي ۽ مٺائيءَ جي آزمائش وٺندا آهن.

خاصيت: هن کي طباشير سان گڏ گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پياربو ته گردي جي سور ۽ دمڪشيءَ کي فائدو ٿيندو. هن جو سرمون اک جي روشنائي ۽ خارش لاءِ مفيد آهي.

ڪشمش:

نالا: ع. زبيب جر، ف. ڪشمش، هه. وغيره___ ڪشمشا، انگور، بيدانه ۽ دبق.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: تپ پيدا ڪري، ميل: شڪنجبين، عيوض: ڊاک ڪاري، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: مشهور ڊاک جو قسم آهي، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جا داڻا ٿين ٿا. سڪل ۽ تازا ٻئي نمونا ٿيندا آهن.

خاصيت: معدي، جگر، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي ۽ بدن کي ٿلهو ڪري ٿي. هن جو شربت گرم ۽ صفراوي تپن، جگر جي گرمي، يرقان، ٻرهل ۽ گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪڪر مئـَـل:

نالا: ع. زيدالطويٰ، ف. ابر مرده، هه. وغيره___ موا بادل، اسفنج، غمامه، صيفوخا ۽ مرشفه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: اندرين پردن کي، ميل: ڊاک جو پاڻي، عيوض: سڙيل ڪاغذ، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: پشم جي ويڙهي وانگر گهاٽي ڀوري رنگ تي، سمنڊ جي پيدائش آهي.

خاصيت: هن کي ساڙي خاڪ ڪري زيتون جي تيل ۾ ملائي ڦٽن ۽ خارش وارين جاين تي مرهم وانگر ڪم آڻجي، هن جي خاڪ کي سرمي وانگر استعمال ڪبو ته اکين جي ڌنڌ ۽ اُٿيل اکين کي فائدو ڪندو. هن کي ذرا ذرا ڪري پاڻيءَ ۾ پسائي رکجي، پوءِ اهو پاڻي ڇاڻي پياربو ته بواسير جو رت، پيشاب ۾ ايندڙ رت، آنڊن جي زخم، نڙيءَ ۾ ڄور چهٽل هجي ته اُن جي ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي.

ڪڪڙ:

نالا: ع. دجاج، ف. خروس، هه. وغيره___ ڪڪڙي، مرغي ۽ ماڪيان.

اثر: گرم تر 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو ۽ سوا جو ٻج، عيوض: ڪبوتر، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: مشهور گهريلو پکي آهي.

خاصيت: هن کي چڱيءَ طرح ڪاڙهي شوربو پياربو ته دمڪشي ۽ کنگهه کي فائدو ڪندو. مثاني ۽ گڙدن جي پٿري ۽ رائي کي ذرا ذرا ڪري پيشاب جي رستي خارج ڪندو. فالـج، لقوي، سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. نڙيءَ جو سور ڇڏائي ۽ آواز کي صاف ڪري ٿو. ڇاتي ۽ سيني جي بلغم کي تحليل ڪري ٿو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور، استرخاءِ ۽ آلت جي ڍرائيءَ تي مالش ڪرائجي. اها چرٻي طرفين جي لذت لاءِ به مجرب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 12 14 15 16 18 17 19 20 21 23 22 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org