جهنگ ڪاسني:
نالا: عربي - طرخشقوق، فارسي - ڪاسني دشتي، هندي -
ڪادوو، انگريزي - ٽرڪسي سائي
(Taraxaci).
سڃاڻپ: ڪاسني جي ذات مان آهي، سندس پن ان کان ننڍا
۽ ٿلها ٿين ٿا ۽ نيرا ڦل ڪري ٿي. ذائقي ۾ ڪوڙي ٿئي
ٿي.
مزاج: ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ.
مقدار خوراڪ: ٽي ماسا.
خاصيت: هيءَ غليظ خلطن کي لطيف ڪندڙ، سوڄ
هٽائيندڙ، پيشاب کوليندڙ ۽ قابض اثر رکي ٿي. سدن
کولڻ ۽ معدي جي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪارآمد آهي. جلندر،
سنڌن جي سور ۽ پراڻي ڳنڍيل تپ لاءِ نهايت مفيد
آهي.
باب
”چي“
جو
چانڊاڻ (وڻ):
نالا: عربي - لبلاب ڪبير، هندي - ڪٽلي، اردو -
چاندني ڪا درخت، لاطيني -
(Tober Neamontona Cornaria).
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو وڻ آهي، جنهن جا گل رات جي
چانڊوڪيءَ ۾ کڙن ٿا ۽ ڏينهن جو ڪومائجي ويندا آهن.
هن جي گلن ۾ سنهيون تندون ٿين ٿيون، جن تي چانورن
نموني سنهڙا داڻا هوندا آهن. سندس رنگ اڇو ۽ ذائقو
ڦڪو ٿئي ٿو.
مزاج: سرد خشڪ 2.
مقدار خوراڪ: گل پنج ماسا.
خاصيت: هيءُ گل فرحت ڏيندڙ، تقويت بخشيندڙ ۽ دماغ
کي لطف رسائيندڙ ٿين ٿا. هنن جو گلقند خفقان، پلپي
ٽيشن (Poepitation)
ماليخوليا، جنون ۽ چريائپ لاءِ نهايت مفيد ٿئي ٿو.
هنن کي ڪاڙهي، بادام روغن شامل ڪري پيارجي ته آنڊن
جي ڦٽ ۽ معدي جي زخم کان نجات ملي ٿي.
چال مونگرو:
نالا: عربي - مونجرا، فارسي - برنج مونگرا، گجراتي
- چاول مونگرا، انگريزي -
(gyhocadia
Odorata).
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو وڻ آهي، جو چاليهه پنجاهه فوٽ
ڊگهو پيچدار ۽ جابلو جاين تي ٿئي ٿو. هن کي سيتاڦل
جهڙو ڦر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڳر ۽ ٻج ٿيندا آهن. سندس
ٻجن مان تيل ڪڍيو وڃي ٿو، جو سردين ۾ ڄمي پوندو
آهي. ٻجن جو مغز ٻاهران ڪارو، اندران هيڊي چٽ تي
اڇو، اَريٺن جي مغز وانگي ٿئي ٿو. پراڻن ٻجن جو
تيل اهڙو ڪارائتو نٿو ٿئي. هن جو مؤثر جوهر گائنو
ڪارڊڪ ايسڊ آهي. سير ٻجن مان پاءُ تيل نڪري ٿو.
رنگ زرد ذائقو ڦڪو.
مزاج: ٽئين درجي ۾ گرم خشڪ.
مقدار خوراڪ: ٻج ٽي رتيون، تيل پنجن کان پندرهن
ڦڙن تائين، (هي وزن 60 ڦڙن تي آڻي سگهجي ٿو.)
پيدائش: اوڀر پاڪستان ۽ اُتر برما وغيره.
خاصيت: هيءَ جذام (ڪوڙهه) لاءِ اندران ٻاهران ڪتب
اچي ٿو. هن جا ٻج ڪٽي گورين جي شڪل ۾ ٽي عدد ٽي
دفعا روزانو ڏيندا آهن ۽ انهن جو وزن وڌائبو وڃبو
آهي، جيستائين الٽيون ۽ اوڪارا پيدا ٿيڻ لڳن، ان
کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين علاج بند ڪيو ويندو آهي.
هن جو تيل به اهڙي ريت شروع ۽ ختم ڪرايو وڃي ٿو.
هن جي استعمال ڪرڻ واري عرصي ۾ ترش، گرم ۽ مصالحن
دار شين کان پرهيز ڪرائي وڃي ٿي، ۽ سڻڀيون غذائون
ڏنيون وينديون آهن. بيروني طور هن جي تيل ۾ هم وزن
نمورين جو تيل ملائي لڳايو وڃي ٿو. شروعات ۾ هي
گهڻن مريضن جي مزاج موافق نٿو ٿئي، ليڪن معدي کي
هن جي برداشت ڪرڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي. هن کي کاڌي
مٿان استعمال ڪرڻ گهرجي، ورنه معدي ۾ خارش پيدا
ڪري الٽيون آڻي ٿو.
چڪوترو:
نالا: بنگالي - نار نگاليبو، سنسڪرت - مڌو ڪرڪني،
انگريزي- سٽرون
(Citron).
سڃاڻپ: ليمي جي ذات مان ميوو آهي، جنهن جي تور
پاءُ کان اڌ سير تائين ٿئي ٿي. هن جو وڻ نارنگي
جهڙو مگر ان کان گهڻو وڏو ٿيندو آهي. رنگ ۾ سندس
کل پهريان سائي ۽ پوءِ هيڊي ٿئي ٿي، ذائقي ۾
چاشنيدار ۽ مٺو هوندو آهي.
مزاج: سرد تر 2 درجي ۾.
خاصيت: هيءُ مفرح ۽ مقوي آهي. صفرا جو زور گهٽائي
ٿو. وڌيل پياس ۽ تپ ۾ تسڪين ڏئي ٿو. معدي جي طاقت،
هاضمي ۽ بک لاءِ مفيد آهي. نڙي جي خشڪي ۽ کنگهه
لاءِ فائديمند آهي. هن جون ٻيون خاصيتون نارنگي
جهڙيون ٿين ٿيون.
چڪون:
نالا: هندي - چڪوڦل، اردو - چيڪودانه.
سڃاڻپ: مشهور ميوو آهي، شڪل ۾ گول ۽ رنگ ۾ ڀورو
ميرانجهڙو، آڙوءَ جيڏو ٿئي ٿو. سندس ڳر چاشنيدار
لذيذ ۽ ٻرٻر نموني ٿئي ٿي، ٻج ڪارا ۽ گدري جي شڪل
جا پڪا ڪندو آهي.
مزاج: معتدل ٿئي ٿو، سندس ٻڄ ڪوڙا ۽ بي مزي ٿين
ٿا.
خاصيت: هيءُ معدي کي نرم ڪندڙ، اُڃ ۽ خشڪي
هٽائيندڙ آهي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ هاضمو
وڌائيندڙ آهي. هن ۾ حياتين
Vitamins)
ڪافي مقدار ۾ آهن. دل جي طاقت ۽ طراوت لاءِ بهترين
شيءِ آهي.
چڪنو گل:
نالا: اردو ۽ هندي - گل چڪان، انگريزي -
(Indian Bulter Tree).
سڃاڻپ: انب جهڙي هڪ وڏي وڻ جا گل آهن، جي ڇڻي پوڻ
کان پوءِ ڊاک جئان ٿي پون ٿا. هنن کي شراب بنائڻ
جي ڪم آندو وڃي ٿو. رنگ ۾ گل اڇا ۽ ڦر هيڊو، ذائقو
شيرين.
مزاج: گرم خشڪ ٻي درجي ۾ ٿئي ٿو.
خاصيت: قوت باهه ۽ مني زياده ڪندڙ آهي، زالن جي ٿڃ
وڌائڻ، عام ڪمزوري هٽائڻ ۽ ضعف باهه جي عارضي ۾ ڪم
اچن ٿا، هنن جو شراب مقوي ۽ مشتهي ٿئي ٿو. هن جي
ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. جو صنعت جي ڪم اچي ٿو، ۽
سنڌن جو سور وڃائيندو آهي. سڪل گلن جي ٽڪور سان
مثاني جي سوڄ (Cystitis)
لهي وڃي ٿي.
چڪي:
نالا: هندي - ڪـَـٺل، فارسي - چڪي، انگريزي -
(Jack fruit).
سڃاڻپ: هي هڪ وڏي وڻ جو ميوو چيو وڃي ٿو، جو هڪ
سير کان هڪ مڻ تائين ڳورو هوندو آهي. پاڙ جي ويجهو
جيترو هوندو اوترو وڌيڪ مٺو ۽ مزيدار ٿئي ٿو. رنگ
۾ ٻاهران سائو، اندران هيڊو، ذائقي ۾ مٺو ٿئي ٿو.
مزاج: گرم 2، خشڪ 1 درجي ۾.
پيدائش: يو پي، بهار ۽ بنگال ۾ ٿيندو آهي.
خاصيت: هي ڪچي حالت ۾ ترڪاريءَ جئان کاڌو وڃي ٿو ۽
پڪل، مئدي جئان ڪتب آڻيندا آهن. بادي ۽ دير هضم
ٿئي ٿو. هن جو مربو ۽ حلوو ڪارآمد ۽ لذيذ چيو وڃي
ٿو.
چمپا:
نالا: عربي - فاغرو، هندي ۽ اردو - چمپا، سنسڪرت-
چمپڪا، بنگالي- چانپا، انگريزي-
(Michelia
champaca).
سڃاڻپ: هي هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن جا گل
خوشبودار ۽ خوبصورت ٿيندا آهن. رنگ: گل نارنگي،
ڇوڏا - خاڪستري، ڪاٺيون - اڇيون،. ذائقو: گل ڦڪا،
ڇوڏا ڪوڙا.
مزاج: ڇوڏا ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ ۽ گل سرد تر.
مقدار خوراڪ: ڇوڏا پنجن کان پنڌرهن رتين تائين.
پيدائش: هماليه جي وچولي ڀاڱي، نيپال، بنگال، آسام
۽ برما وغيره ۾ ٿئي ٿي.
خاصيت: هن جا گل دل جي فرحت ۽ سـُـرور لاءِ عجيب
آهن، جن مان عطر به ڪڍيو ويندو آهي. ڇوڏا نوبتي
وغيره بخار لاءِ سفوف طور ڪتب آندا وڃن ٿا. اکين
جي تقويت لاءِ هن جا گونچ پاڻيءَ ۾ پسائي اکين
لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن. هن جي پاڙ ڏهيءَ ۾
ملائي ڦٽن ۽ ڳڙهن تي لڳائجي ته آرام اچي وڃي ٿو.
چنسير گاهه:
نالا: اردو - چام گهاس، هندي ۽ بنگالي - چام گهاس.
سڃاڻپ: هن جا گل بدبودار ۽ پاڙ اڇي رنگ تي بصر
جئان ٿئي ٿي. ذائقي ۾ تيز لوڻياٺو ۽ مزاج ۾ گرم
خشڪ آهي.
مقدار خوراڪ: پاڙ هڪ کان ٻن رتين تائين.
پيدائش: بنگال ۾ عام پيدا ٿيندڙ گاهه آهي، جو
برسات جي موسم ۾ جام ٿئي ٿو.
خاصيت: هي مجفف، خشڪي پيدا ڪندڙ ۽ مسڪن اثر رکي
ٿو. هن جا پن ڪاڙهي جلندر واري کي پياريا ويندا
آهن. هيضي لاءِ هن جي پاڙ ڪارن مرچن سان گهي،
گوريون بڻائي ڏنيون وينديون آهن. وڌيل تري جي
گهٽائڻ لاءِ هن جي پاڙ ڪيوڙي ۾ رکي ڪجهه ڏينهن
کارائي وڃي ته فائدو رسي ٿو. مناسب مرهمن ۾ سندس
پاڙ ملائي ڦٽن تي لائجي ته خشڪ ٿي وڃن ٿا.
چندر ڪانت:
نالا: اردو ۽ هندي - چندر ڪانت، عربي - حجرالقمر.
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو پٿر آهي، جو چاندي کي جذب ڪرڻ
جي قوت رکي ٿو.
مزاج: معتدل ٿئي ٿو.
مقدار: اڌ رتي فقط.
خاصيت: مهري جي دال جي داڻي برابر پاڻي ۾ گهي
پيارجي ۽ ٿوري ناس نڪ ۾ ڏياري وڃي ته مرگهي (Epilepsy)
صرع دور ٿي وڃي ٿي. رت وهڻ، چريائي، وسواس وغيره
حالتن ۾ ڪارگر آهي. هن جي ڪتب آڻڻ سان سردي،
گرميءَ جي گهٽ وڌائي هٽي طبيعت اعتدال تي اچي وڃي
ٿي.
چلاپا:
نالا: ع. جلابه، ف. چلپب، هه. وغيره___ جالپه ۽
جاب.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: آنڊن کي، ميل: عرق سؤنف،
عيوض: ___-، وزن: چئن کان ٻارهن رتيون.
سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ تي، ڳنڍيدار پاڙ ٿيندي آهي.
خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي. مٿي جي
سور، نزلي، مرگهي، کنگهه، پراڻن تپن، گردي جي سور،
پٺن ۽ سنڌن جي سور، چيلهه جي سور، قولنج، جلندر،
يرقان ۽ مثاني جي بيمارين ۾ مفيد آهي. پيشاب جاري
ڪري ٿي.
چاندي:
نالا: ع. فضه، ف. سيم، هه. وغيره___ روپا، ويراط،
ڪرمس، شنام نقره ۽ قمر.
اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: آنڊن کي، ميل: ماکي، عيوض:
سون ۽ فيروزه، وزن: ورق هڪ يا ٻه عدد، ڪشتو ٻن
چانورن کان هڪ رتيءَ تائين.
سڃاڻپ: هي مشهور ڌاتو کاڻين مان کوٽي ڪڍبو آهي، ان
کي حل ڪري ورق يا ڪشتو ٺاهي استعمال ڪبو آهي.
خاصيت: معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، رت وڌائي ٿو.
ماليخوليا، خفقان، سوداوي بيمارين، کنگهه، دمڪشي،
جلندر، ٻرهل، پيشاب جي ساڙي، بواسير جي رت جي
گهڻائي، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، وائي بادي وڃائڻ،
قوت باهه ۽ مني وڌائڻ ۽ گهاٽي ڪرڻ، گردن ۽ مثاني
جي بيمارين ۾ فائديمند آهي.
هن جي مارڻ جون ڪيتريون ئي ترڪيبون آهن، جن مان هڪ
واٽ هيءَ آهي، ته چاندي پراڻيءَ جي هڪ تولي کي سؤ
دفعا گرم ڪجي ۽ هر دفعي نازبو جي پاڻيءَ ۾ ٺارجي،
جمال گهوٽو، سهاڳو، نوشادر ۽ دار چڪنو هرهڪ جو هڪ
تولو وٺي، وڏن ڏهن ليمن جي رس ۾ کرل ڪري لغدو
ٺاهي، مٿين صفا ٿيل چاندي جي وچ ۾ رکي، گلحڪمت ڪري
سڪائي ويهن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏبي ته ڦلو سفيد ٿي
بيهندو، اهو ڪشتو بدن جي تقويت ۽ قوت باهه جي لاءِ
مجرب آهي، رئيس عضون کي طاقت ڏئي ٿو، اهو ڪشتو
اکين ۾ سرمي وانگر سرائي روز پائبي ته نظر وڌندي.
چانديءَ جي ٿانون ۾ ماني کائڻ سان قلب کي فرحت
ايندي.
چانور:
نالا: ع. آرز، ف. برنج، هه. وغيره___ چانول، غن،
ڪبرنج، شيال، مهوڪا ۽ تنڊون.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: گيهه ۽ کير،
عيوض: ___-، وزن: هڪ پاءُ جي قريب.
سڃاڻپ: مشهور اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو اَن آهي، جن ۾ به
وري جدا جدا ذاتيون ٿين ٿيون. ڪي ذاتيون طاقت ور ۽
ڪي طاقت ۾ گهٽ.
خاصيت: رت چڱو پيدا ڪن ٿا، بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، مني
۽ قوت باهه وڌائين ٿا، رت جي دستن جي حالت ۾ اڇن
چانورن کي ٿاڌل وانگر گهوٽي پيارجي، سوري، ٻاهه
بند ڪرڻ لاءِ، آنڊن جي ڦٽ، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽
پيشاب جاري ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. رڌل ڳاڙها چانور
هلڪي غذا آهن، پر سندن ماني ڳري ۽ قابض غذا آهي.
مثاني ۽ گردن جي تقويت لاءِ فائديمند آهن، هن جو
آٺريل پاڻي، اُلٽي بند ڪرڻ ۽ ٿڃ وڌائڻ لاءِ ڪارگر
ٿئي ٿو.
چانهه -
TEA:
نالا: ع. چاءِ ف. چاءِ خطائي، هه. وغيره___ چانهه
۽ ٽي.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: باديان
خطائي، عيوض: جون جو پاڻي ۽ ماکي، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هندستان ۽ اوڀر پاڪستان طرف ڦارِوَن جي وڻ
جيڏي هڪ وڻ جا پن آهن، جي ڀـُـڃي ڪارا ڪري پوءِ
ڪاڙهي پيئندا آهن، چاءِ جو هڪ قسم بنا ڀڃڻ جي به
ڪم ايندو آهي ان جو رنگ ڪاراڻ کي مائل سائو ٿيندو
آهي. اهو قسم عمدو ليکبو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿي. معدي کي قوت ڏئي
ٿي، ڪچن خلطن کي پچائي ٿي، جگر جي سدن ۽ سرد مزاجن
کي موافق آهي، قوت باهه کي وڌائي ٿي، پگهر آڻيندڙ
۽ اُڃ گهٽائيندڙ آهي، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي. بک
وڌائي ٿي، کاڌي کي هضم ڪري ٿي.
هن جو زياده استعمال نقصان ڪار آهي.
چانهه پکي:
نالا: ع. عععق، ف. عڪه، هه. وغيره___ موڪا، ڪلاغ
سبز ۽ عققعان.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: دارچيني،
عيوض: شقراق، وزن: ٽي تولا.
سڃاڻپ: ڪبوتر جي قد تي رنگارنگي کنڀن (جن ۾ ساوا
کنڀ زياده هوندا آهن) وارو پکي آهي، جنهن جي چهنب
ڳاڙهي ٿئي ٿي.
خاصيت: هن جو گوشت دماغ ۽ ذهن کي طاقت ڏئي ٿو.
جلندر، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. جنهن جاءِ تي
ڪنڊو لڳي ان تي هن جو رت لائجي، ته ڪنڊو نڪري
ايندو. هن جو پتو ۽ وِٺ آلت جي تقويت، ڌنڌ، خارش ۽
اک جي ڦلي لاءِ مفيد آهي.
چانيهو:
نالا: ع. زبد البورق، ف. بوره، هه. وغيره___
چانيهه ۽ عقرن.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: مصطگي ۽
کؤنر، وزن: هڪ ماسي کان چئن ماسن تائين.
سڃاڻپ: هڪ قسم جي کار آهي جيڪا اڇي رنگ تي ذائقي ۾
تيز ٿيندي آهي.
خاصيت: معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، وائي
بادي وڃائي ٿو، معدي جي ڪيڙن کي ماري ٿو، طعام کي
هضم ڪري ٿو، پيٽ جي سور، کنگهه، رت جي دستن، ٻاهه
سوريءَ لاءِ مفيد آهي، هن جي لپري سخت سوڄ ۽ سور ۾
فائدو ڏئي ٿي.
اکين جي کاڌ، پاڻيءَ جو وهڻ، خارش ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين
لاءِ سٺي دوا آهي.
چـِـٻَ:
نالا: ع. چغد، ف. بوم، هه. وغيره___ اُلو، برق،
سارو، قوس ۽ صنوع.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا،
عيوض: ___-، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: ڪڪڙ کان وڏو چٽڪمرو پکي آهي، جيڪو اڪثر
ويران پٽن ۽ جهنگلن ۾ رهندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت لقوي، فالـج، ۽ جلندر لاءِ مفيد
آهي. هن جي گوشت ۾ بدبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري کائڻ
کان پوءِ دل ۾ موڳائي پيدا ٿيندي آهي. هن جي وِٺ ۽
پتو ماکيءَ ۾ گڏي کارائجي ته پيشاب جي گهڻائي ۽
بستري تي پيشاب جي عادت بند ٿي ويندي. اک جي ڦلي،
ڌنڌ، شبڪوري ۽ خارش لاءِ مفيد آهي.
چٻرو:
نالا: ع. قطاط، ف. سنگ اشڪنگ، هه. وغيره___ سوانا،
طبطات، دباسي ۽ باقيرهه.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: سرڪو ۽
گيهه، عيوض:___، وزن: چار تولا.
سڃاڻپ: سرڻ کان ٿورو ننڍو، رنگا رنگ، ٻلي جي شڪل
جو هڪ پکي آهي.
خاصيت: هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، سدن
کي تحليل ڪري ٿو. جلندر، فالـج، وائي بادي وڃائڻ،
قوت باهه وڌائڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو گرم رت اک ۾
وجهجي ته ڦلي ۽ ڌنڌ کي فائدو ڪري ٿو، هن جا هڏا
ساڙي ترن جي تيل ۾ ملائي وار چري ۽ گنج تي لائجي،
ته وار جلد ئي پيدا ٿيندا.
چـِـڀڙ:
نالا: ع. ثمرهِ الدرب، ف. چراس، هه. وغيره___ ڪچري
۽ عڪرس.
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ، عيوض:
___-، وزن: ٻه چار داڻا.
سڃاڻپ: هي ول جو ڦر آهي جو گول ۽ ڊگهو چٽڪمري رنگ
جو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن کي گوشت سان گڏي، رڌي کائجي ته معدي کي
طاقت ڏيندو، دماغ جي رطوبت کي خشڪ ڪندو، هن جي ول
گهوٽي سورن ۽ سوڄن جي جاين تي ٻڌجي ته مفيد آهي.
چترڪ:
نالا: ع. مسواک الراڪي، ف. بيخ برنده، هه.
وغيره___ چتيا، شيترح، تيتره ۽ ليسديون.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: جگر ۽ ڦڦڙن کي، ميل: کؤنر
۽ مصطگي، عيوض: منڃٺ، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هي پاڙ ڳاڙهي رنگ تي لئي جي ڪاٺيءَ وانگر
ٿيندي آهي.
خاصيت: بلغم کي ۽ گهاٽن خلطن لاءِ جلاب آهي، وائي
باديءَ کي تحليل ڪري، ٻرهل ۽ جگر جو سور لاهي،
صفرا جو جوش گهٽائي، اُلٽين ۽ وات جي ذائقي لاءِ،
بدن جي خارش، سنڌن جي سور، بادفرنگ جي ڦٽن، سخت
سوڄ لاءِ مفيد آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي، هن کي
گهي، ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائجي ته اُنهن کي
صفا ڪري ٿي.
چتون:
نالا: ع. ببغا، طوطي، هه. وغيره___ طوطا ۽ سوا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: سرڪو ۽ گرم
مصالح: عيوض: ______، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: ٻن ٽن قسمن جو سائي رنگ تي ڳاڙهي چنهنب
وارو پکي آهي.
خاصيت: هن جو گوشت طاقتور آهي، دل ۽ دماغ کي خوش
ڪري ٿو، پراڻن ڦٽن، بادفرنگ جي ڦٽن ۽ جلندر کي
فائدو ڪري ٿو.
هن جي زبان پچائي کارائجي، ته زبان جي طاقت وڌي،
قابليت ۽ فصاحت ۾ يڪتا زماني ٿئي، ڳالهائڻ ۾ هٻڪ
هجي ته اُها لاهي ٿي. هن جي وِٺ چٽيءَ ۽ منهن ۾
پيل ڇانئنين جي داغن تي لائبي ته اُنهن کي صفا
ڪندي.
چٽڻي:
نالا: ع. لعوق، ف. ترشا، هه. وغيره___ چٽني.
اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل، عيوض: آچار،
وزن: قدر آهر.
سڃاڻپ: هيءَ گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي، مگر هتي ذڪر
ميون جي چٽڻين جو آهي، جيڪي ڪنهن ڪچي ميوي کي ڪٽي
سنهو ڪري اُن ۾ کنڊ ۽ سرڪي جو قوام ملائي ٺاهيندا
آهن.
خاصيت: بک وڌائي، کاڌي کي هضم ڪري، صفرا جو جوش
لاهي. وائي باديءَ کي بند ڪري، وات جي ذائقي ۾
مفيد آهي.
چــچـي:
نالا: ع. مردون، ف. ڪرفش، هه. وغيره___ بامني، مال
مالي، زمچي ۽ باهمين.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: زهر آهي، ميل ۽
عيوض:______، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: سانڊي جي شڪل تي چئن پيرن تي سرندڙ، ٿوري
ڊگهي پچ سان هڪ ننڍڙو جانور آهي. هيءَ زهردار آهي.
خاصيت: هن جي دل ڪاري ڪپڙي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ٻڌئڻ سان
ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ کي خاص طرح فائدو ڪندي، هن جو رت
اک جي ڦلي، کاڌ، خارش ۽ نظر جي واڌاري لاءِ ڪم اچي
ٿو. هن جي وِٺ بابونا جي تيل ۾ ملائي چٽي، ڪوڙهه ۽
ڇانئين جي داغن تي مکجي ته فائدو ٿيندو. هن جو ليپ
نبضن جي طاقت ۽ لذت جي لاءِ مجرب ۽ مفيد آهي.
چــچـڙ:
نالا: ع. قراد، ف. ڪنه، هه. وغيره___ چجڙ، ڪلني،
حلم ۽ پکن.
اثر: معتدل، نقصان: ______، ميل: _________، عيوض:
_________، وزن: چار عدد.
سڃاڻپ: ننڍا بيڊولا گول جيت ٿيندا آهن، جيڪي اڪثر
جانور ۽ ڪتن کي چهٽيل ڏسبا آهن.
خاصيت: هنن کي ترن جي تيل ۾ ساڙجي، پوءِ اهو تيل
ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ ناسور جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هنن جو
رت اک جي کاڌ، پنبڻين جي وارن جو کـُـسجي وڃڻ ۽
وار چري تي فائدو ڪري ٿو.
چراخ:
نالا: ع. صنبع عرجا، ف. ڪفتار، هه. وغيره___ بجو،
چراڪ، جفا ۽ ترس.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ماکي، عيوض:
بگهڙ، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: بگهڙ کان ٿورو وڏو بگهڙ جي نموني هڪ جهنگلي
جانور آهي.
خاصيت: هن جو گوشت ڪاڙهي، آبزن ڪرائجي ته سنڌن جي
سور، ٻنڌين جي سيٽجڻ، عضون جي استرخاءِ، جذام ۽
ڪزاز واري کي مفيد آهي. هن جو پتو ماکيءَ ۾ گڏي
کارائجي ته صفرا، سودا ۽ بلغم جي خلطن کي دستن
رستي ٻاهر ڪڍندو. هن جو ليپ لذت ۽ قوت باهه لاءِ
مجرب آهي.
چرٻي:
نالا: ع. شحم، ف. پيه، هه. وغيره___ چربي، صاره،
گواد ۽ طرق سيمين.
اثر: گرم تر 2، نقصان ۽ ميل: ___-، عيوض: زيتون جو
تيل، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: جانورن ۾ گوشت سان گڏ ٿيندي آهي، هر ڪنهن
جانور جي چرٻي جو اثر جدا جدا آهي.
خاصيت: رڇ، شينهن، بگهڙ ۽ سوئر جي چربي ٻنڌين ۽
نبضن جي ڍرائي لاهي انهن کي طاقت ڏئي، آلت تي هن
جي مالش، آلت کي تقويت ڏئي ۽ طرفين جي لذت لاءِ
مجرب آهي. سنڌن جي سور، عضون جي استرخاءِ، فالـج،
گنج ۽ وار چري تي هن جي مالش مفيد آهي. زبان ۽ رحم
جي بيمارين کي فائدو ڏئي ٿي، سخت سوڄ کي لاهي ٿي.
چرس:
نالا: ع. روح البنج، ف. شبنم بنگ، هه. وغيره ___-
چرس ۽ مغز بنج.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دل ۽ دماغ کي، ميل: کير
ڳائو، عيوض: ___، وزن: اڌ ماسي کان هڪ ماسي تائين.
سڃاڻپ: هيءَ ڀنگ جي وڻ تي پيل ماڪ ۽ انهيءَ جي پنن
جي رطوبت آهي، جو ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي.
خاصيت: باطني ۽ ظاهري حواسن کي سست ڪري ٿو، عقل ۽
نظر کي وڃائي ٿو، رت کي ساڙي، گهاٽو ڪري ٿو، هن کي
گيهه يا کير ۾ ڪاڙهي، ثعلب، دارچيني، جروار ۽
مصطگي ملائي حب جوڙبا ته اهي حب گهڻي ايندڙ پيشاب
کي به روڪيندا ۽ امساڪ به پيدا ڪندا.
چقمق:
نالا: ع. حجرالنار، ف. سنگ آتش، هه. وغيره. آگ
جهاڙ پٿر ۽ حجرالحديد.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ميل: ___، عيوض: زهر مهرو،
وزن: چار ماسا.
سڃاڻپ: هلڪي اڇاڻ مائل، ڪاري رنگ جو هڪ پٿر جو قسم
آهي. جي لوهه کي ان تي هڻبو ته هن مان چڻنگون
نڪرنديون.
خاصيت: هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته دل
هول، جگر جي گرمي، آنڊن جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. رت
جي دستن کي فائدو ڪري ٿو. مثاني جي پٿري ڀڃي پيشاب
جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. هن مان دل پاڪ جوڙائي حمل
واري عورت جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي ته ويم وقت کيس
سنهنجائي ٿيندي.
چڪچڪو:
نالا: ع. معده، ف. ترمذڪ، هه. وغيره___ چڪچڪ،
سنگانه، فيعه ۽ تردوڪ.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: سرڪو ۽ بصر،
عيوض: جهرڪي، وزن: ٽي عدد.
سڃاڻپ: هي پکي جهرڪيءَ کان ٿورو ننڍو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو.
صفراوي دستن کي بند ڪري ٿو، ٻرهل، يرقان، جلندر
لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ڏڊ، ڪوڙهه، اک جي خارش
لاءِ مفيد آهي، بواسير جي رت جي گهڻائي ۽ موڪن
لاءِ هن کي ترن جي تيل ۾ ملائي مرهم ڪري استعمال
ڪرائجي ته گهڻو فائديمند آهي.
چڪو ڏڌ:
نالا: ع. اقط، ف. ڪشڪ، هه. وغيره___ پنير، قروط ۽
باديه حصات.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: بلغم ۽ سودا،ميل: جوارش
ڪموني ۽ گلقند، عيوض: ___-، وزن: ڇهن ماسن کان ٻن
تولن تائين.
سڃاڻپ: ڏڌ کي ڪاڙهي، ان مان پاڻي ڪڍي چڪيون ٻڌي
رکندا آهن. اهو رواج پاڪستان جي ٿر واري ۽ جابلو
ڀاڱي ۾ خراسان طرف عام آهي.
خاصيت: جيئن ته قابض ۽ دير هضم آهي، ان ڪري ان کي
گيهه ۾ بريان ڪري کارائجي ته صفراوي دستن ۽ اتيسار
کي فائدو ڪندو. ان کي ساڙي، تيل ۾ ملائي وار چري،
ٻڦي ۽ مٿي جي پتن ۽ گنج تي لائبو ته اهي ڇڏي
ويندا، هن جو مرهم بواسير جي رت اچڻ ۾ مفيد آهي.
چم:
نالا: ع. جلد، پوست، هه. وغيره___ کال، چمڙه، چام
۽ ليدر.
اثر: معتدل، نقصان: ______، ميل: ______، عيوض:
______-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: ڪنهن جانور جي کل، جنهن تان وار لاهي صفا
ڪئي وئي هجي.
خاصيت: پراڻي چم کي ساڙي ان جي رک زيتون جي تيل ۾
ملائي مرهم ڪري رکي ته ناسور جي ڦٽن، رواجي ڦٽن،
اڻ ڇٽندڙ پراڻن ڦٽن کي ڇٽائڻ لاءِ مفيد آهي.
ٻڪريءَ کي ڪهي، ان جي کل لاهي گرم گرم، بدن تي
چاڙهبي ته سرسام، پراڻن تپن، نانگ جي ڏنگيل، جذام،
ڪمر ۽ سڄي بدن جي سور لاءِ مفيد آهي.
چمڙو:
نالا: ع. خماش، ف. شب پره، هه. وغيره___ چمکدر ۽
موش ڪور.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ______، ميل: ______،
عيوض: ______-، وزن: هڪ عدد.
سڃاڻپ: ڪوئي جي منهن وارو وڏن کنڀن سان رات جو
اُڏامندڙ پکي جنهن کي ڏند آهن.
خاصيت: هن کي زنبق يا زيتون جي تيل ۾ ساڙجي، پوءِ
اهو تيل فالـج ريشي، سنڌن جي سور، نقرس، عضون جي
استرخاءِ وارن هنڌن تي مالش ڪرائجي. ان جي وِٺ اک
جي ڦلي، ڌند ۽ اک جي روشنائيءَ لاءِ مفيد آهي، هن
جو رت وارن وارين جاين تي لائجي ته وار وري نه
ڄمندا. وڏن جابلو چمڙن جو کير جيڪو مادي چمڙي جي
ٿڻن مان ڳڙي هيٺ ڪري گڏ ٿئي ٿو، اهو قوت مردميءَ
لاءِ مفيد آهي.
چمڪ پهڻ:
نالا: ع. حجرالمقناطيس، ف. سنگ آهن، هه. وغيره___
چونيڪ پٿر، چنبڪ ۽ آهن ربا.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: سيني کي، ميل: رب سوس،
عيوض: سمنڊ جي گجي، وزن: پنج ماسا.
سڃاڻپ: ٿورو ڪاراڻ تي مائل لاجـِـورَدي رنگ تي پهڻ
جو هڪ قسم آهي. جيڪو لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو
آهي.
خاصيت: ان کي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته جگر ۽ دل جي
گرمي هٽائيندو، سنڌن جي سور، نقرس، فالـج ۽ لقوي
جي بيمارين ۾ مفيد آهي. جگر ۽ تليءَ کي طاقت ڏئي
ٿو، پيشاب جو ساڙو لاهي ٿو، مثاني جو ڦٽ ڇٽائي ٿو،
گردي جي پٿريءَ کي ڀڃي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو،
حمل واري عورت هن جو دلپاڪ ٺهرائي پائي ته ويم
آسانيءَ سان ٿيندو.
چـُـن:
نالا: ع. جص، ف. آهڪ، هه. وغيره___ چونا ۽ هلاڪ
الشعر.
اثر: سڪل، گرم خشڪ، ڌوتل، معتدل، نقصان: قاتل آهي،
ميل: روغن بادام، عيوض: هڙتال، وزن: هڪ کان چار
رتيون.
سڃاڻپ: پهڻن کي ساڙي اڇي رنگ جا ڳنڍا تيار ڪندا
آهن، جي پاڻيءَ ۾ ڳري سگهن ٿا.
خاصيت: آني جي اڇاڻ سان ملائي رت وهندڙ هنڌ تي
رکجي، ته رت بند ٿئي. سرڪي ۾ ملائي پيشانيءَ تي
رکجي ته نڪهير جو رت بند ٿئي. تازن ڌاڻن (ڪوتمير)
جي پاڻيءَ سان ملائي سوڄ ۽ سور واريءَ جاءِ تي
رکجي ته فائدو ڪري. بواسير جي رت ۽ موڪن لاءِ
فائديمند آهي.
(هن کي پاڻيءَ ۾ پسائي، زلال وٺي ۽ انهيءَ زلال ۾
ترن جو تيل ملائي باهه جي سڙيل عضوي تي بروقت رکجي
ته بلڪل مفيد آهي.)
چندن:
نالا: ع. صندل ابيض، ف. صندل سفيد، هه. وغيره___
رڪت، چندن، ملاگير ۽ چنن.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: قوت باهه کي، ميل: ماکيءَ
۽ کؤنر، عيوض: صندل ڳاڙهو، وزن: پنجن کان ست ماسا.
سڃاڻپ: مشهور خوشبودار ڪاٺي آهي. هن جو ٻورو ڪم
ايندو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. جگر ۽ معدي کي
تقويت ڏئي ٿو، گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي، پيشانيءَ تي
رکڻ سان مٿي جي سور، دماغ جي گرميءَ ۽ بخارن کي
هيٺ لاهيندو. هن جو شربت رت صفا ڪرڻ، ماليخوليا،
خفقان، دل هول، معدي جي سوزش ۽ صفراوي دستن ۾ مفيد
آهي.
چندرس:
نالا: ع. ڪندروس، ف. سندروس، هه. وغيره___ چندرس،
قانفامن ۽ قصقامر.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گـُـردن کي، ميل: کؤنر،
عيوض: ڪهربا، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: ڪهربا جي رنگ تي کؤنر ٿيندو آهي.
خاصيت: دماغ، آنڊن، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ
ڪري ٿو، رت جي دستن، پيچش، سوري، بواسير ۽ حيض جي
رت کي بند ڪري، ٿو، معدي ۽ آنڊن جي بلغم کي تحليل
ڪري سڪائي ٿو، معدي جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿو.
دمڪشي، تپن، ٻرهل ۽ خفقان جي بيمارين ۾ ۽ حمل
ڪيرائڻ لاءِ مفيد آهي.
چندر ڪاٺي:
هن جي خاصيت الف جي باب ۾ "املداس" ۾ لکيل آهي.
چنڊول:
نالا: ع. ابوالمليح، ف. قرقرا، هه. وغيره ___
چڪاوک، قنبره، ۽ ڪارينه.
اثر: گرم خشڪ، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڪاسني،
عيوض: ___-، وزن: ٻه عدد.
سڃاڻپ: هي پکي رنگا رنگي سهڻو، ڪڪڙ جي چوٽيءَ
وانگر چوٽيدار ڳيري جي قد جو ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جو گوشت ڪاڙهي، شوربو ڪري پياربو ته
فالـج، لقوي، مثاني ۽ گردي جي پٿري، پاسي ۽ سيني
جي سور لاءِ مفيد آهي، ٽوري کي نرم ڪري ڪڍندو. پتو
۽ رت اُن جو ملائي ليپ ڪجي ته آلت جي تقويت ۽ لذت
النسا جي لاءِ مجرب.
چنبيلي:
نالا: ع. ياسمين، ف. ياسمون، هه. وغيره___ چنبيلي،
سيام، منجلاب ۽ گل هاشم.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: بنفشو
۽ گلاب جا گل، عيوض: نرگس، وزن پاڙ ٽن کان پنج
ماسا.
سڃاڻپ: هي وڻ ننڍو گل ان جو اڇي ۽ هيڊي رنگ تي
خوشبودار ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جا گل دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن، رت
صفا ۽ چڱو پيدا ڪن ٿا، بلغمي ۽ سوداوي خلطن ۽ جگر
جي سدن کي ڪڍن ٿا، وائي باديءَ کي تحليل ڪن ٿا. هن
جا پن ۽ ڪاٺيون ۽ پاڙون ڪاڙهي پيارجن ته فالـج،
لقوي ۽ ڪچن خلطن کي پچائي دستن جي رستي ٻاهر
ڪڍندو، پيشاب جاري ڪري ٿو، هن جون گرڙيون وات جي
پچڻ، وات جي ڦٽن ۽ بدبوءِ ڏندن ۽ مهارن جي
مضبوطيءَ لاءِ مفيد آهي.
چڻا:
نالا: ع. حمص، ف. نخود، هه. وغيره___ چني، بولچاڪ،
فرسد ۽ ريلا.
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دير هضم ۽ غليظ ريح کي،
ميل: خشخاش ۽ جوارش، عيوض: چؤنرا، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: ڀوري رنگ تي گول داڻن وارو هڪ اَن جو قسم
آهي.
خاصيت: هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، حل ڪري کارائڻ سان
جگر ۽ ٻرهل جا سدا تحليل ٿيندا. دماغ، معدي ۽ سيني
جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿا. نڙيءَ جي جوش کي لاهي،
آواز کي صاف ڪري، معدي جي ڪيڙن کي مارين ٿا سيني
جي سور، سلهه، مقعد جي ڦٽ، رحم جي ڦٽ ۽ آلت جي ڦٽ
۾ مفيد آهن. چڻن کي رات جو پسائي رکجي صبح جو پاڻي
ڇاڻي ان ۾ ڳڙ وجهي پي ڇڏجي ته مني گهاٽي ٿيندي ۽
قوت باهه وڌندي. پيشاب جاري ڪن ٿا، جلندر، مثاني
جي ڦٽ ۽ پرميل کي فائدو ڪن ٿا.
چوب چيني:
نالا: ع. خشب الصيني، ف. بيخ چيني، هه. وغيره___
چوب چيني، سراس ۽ سوب چيني.
اثر: گرم تر 1، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: انار ۽
ڦوٽا، عيوض: عشبو، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: هيءَ پاڙ آهي، جنهن جا ٽڪر ننڍا ۽ اڇي رنگ
تي ٿيندا آهن، هن کي ڀڃبو ته اندر رنگ گلابي
هوندس، هن جا ٻه - ٽي قسم آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، معدي ۽ جگر کي
قوت ڏئي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، حيض ۽ پيشاب
جاري ڪري ٿو، ماليخوليا، خفقان، سنڌن جي سور، عرق
النسا، بادفرنگ جي ڦٽن، ڦرڙين، جلندر، ٻرهل، مٿي
جي سور، دماغ، سيني، ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ
لاءِ، جگر جي سدن کي ڪڍڻ لاءِ ۽ اکين جي بيمارين ۾
مفيد آهي.
چوڙ:
نالا: ع. ڪمل اسودان، ف. تشميزج، هه. وغيره___
چاڪسو، يشمه، حيشوم ۽ اقا قالس.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا،
عيوض: توتيو، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: ڪارا، سنهڙا، چپترا داڻا ٿين ٿا، کل لاهبي
ته اندران اڇاڻ مائل هيڊو گورو نڪرندو.
خاصيت: اک جي ڌنڌ، خارش، پاڻيءَ جو وهڻ، اک جي
پـِـچيءَ لاءِ مفيد آهي.
بڪائڻ نم ۾ رڌي سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائجي ته
بواسير جي رت، جي گهڻائي، جذام، جلندر، يرقان ۽
ٻرهل جي لاءِ مفيد آهي. هن جو ٻورو ڦٽن جي رطوبت
کي خشڪ ڪري ٿو. خون جي صفائيءَ لاءِ ڪجور ڪٽي ۽
صندل سان هن جو ڪاڙهو استعمال ڪرايو ويندو آهي.
چوڪو:
نالا: ع. بقلته الحامص، ف. ترشه تره، هه. وغيره___
چوگو، ساگ ترشي، بقل الخراساني ۽ سرمور.
اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن ۽ ٻنڌين کي،
ميل: ماکي ۽ شربت ڏاڙهون جو، عيوض: زرشڪ، وزن: ٻه
تولا.
سڃاڻپ: هي ڀاڄيءَ جو قسم آهي، هن جا پن ۽ ٽاريون
ذائقي ۾ کٽا هوندا آهن.
خاصيت: هن کي رڌي کائجي ته جگر جي گرمي ۽ گهڻي اُڃ
کي گهٽ ڪري ٿو، صفراوي تپن ۽ دستن کي بند ڪرڻ لاءِ
مفيد آهي. کاڌي کي هضم ڪري ٿو ۽ بک وڌائي ٿو.
هن جو ٻج سنهو ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي، اهو ٻج
اُلٽين، دستن، سوري، پيچش، مروڙن، رت جي دستن،
صفرا جي خلط، يرقان ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ
لاءِ مفيد آهن.
چؤنرا:
نالا: ع. ترمس، ف. باقلا مصري، هه. وغيره___
جهالر، تهين، جرجر مصري، ثامر ۽ سهيلا.
اثر: سرد خشڪ: نقصان دير هضم، ميل: بادام روغن،
عيوض: بهوئي چؤنرا، وزن: هضم مطابق.
سڃاڻپ: هي ٻج آهي، هن جا داڻا اڇا ڊگها ڦرين ۾
ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو.
خاصيت: بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، قوت باهه ۽ منيءَ کي
وڌائين ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، مثاني جي
ڦٽ، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد
آهن. هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُهو پاڻي پيارجي ته
گردي جي سور، قولنج ۽ وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ
لاءِ مفيد آهن. جنهن زال جي پيٽ ۾ ٻار مري وڃي ته
اهو پاڻي گهڻي انداز ۾ تيار ڪري ان ۾ هن کي وهارجي
۽ ڪجهه پاڻي پيارجي ته ٻار نڪري ايندو. منهن تي
پيل ڇانئين ۽ ڪارن داغن لاءِ هن جو غازو استعمال
ڪجي، خنازير لاءِ به مفيد آهي. |