ڪڪڙا:
نالا: ع. حب القطن، ف. پنبه دانه، هه. وغيره___
بنول، تخم پنبه ۽ خنيفوج.
اثر: گرم تر 1، نقصان: خصين کي، ميل: خشخاش:
_________-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو ڪپهه جو ٻج آهي، جيڪو ڪپهه ۾
اندر هوندو آهي، جو ٽاڻي ڪڍبو آهي.
خاصيت: انهن جو مغز ڪڍي کير ۾ ڪاڙهي کارائجي ته
قوت باهه وڌندي ۽ مني گهاٽي ۽ گهڻي ٿيندي. معدي ۽
جگر کي تقويت ڏيندڙ شيءِ آهي. فالـج، لقوي ۽ عضون
جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. سرسام ۽ دماغ جي
خشڪيءَ جي حالت ۾ هن جي پني دماغ تي چاڙهڻ گهرجي.
ڪڪوڙو:
نالا: ع. شلجم بري، ف. ڪانڪوري، هه. وغيره___
ڪڪوڙه ۽ ڪڪورا.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: معدي ۽ دل کي، ميل: ننڍا
ڦوٽا ۽ خشخاش، _________-، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: گوگڙوءَ جي چڪيءَ وانگر هڪ پاڙ آهي، ذائقي
۾ ڪڙي ٿيندي آهي. گهڻو ڪري اها ول ٿر ملڪ ۾ ٿئي
ٿي.
خاصيت: هن کي گهوٽي ٿاڌل ڪري پيارجي ته بادفرنگ ۽
آتشڪ جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، بدن جي خارش، گهاٽي رت کي
صفا ڪرڻ، پرميل، مثاني جي ڦٽ، آنڊن، معدي، رحم ۽
دماغ جي رطوبت، يرقان، ٻرهل، جگر جي بيمارين کي
مفيد آهي. البت ڪن مزاجن کي دست ۽ اُلٽيون
ڪرائيندو آهي.
ڪلر:
نالا: ع. طين الملح، ف. خاڪ شور، هه. وغيره___ مٽي
خراب.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: ___-، عيوض:
لوڻ، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: مشهور کاري ۽ ڪي قدر ڪاري رنگ جي مٽي آهي.
هن مان لوڻ ڪڍندا آهن.
خاصيت: هن کي ڀڄائي آٺرائي پيڻ سان ٻرهل، يرقان،
جلندر کي فائدو ٿئي ٿو. بلغم ۽ سودا جي خلطن کي
دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. هن کي گرم ڪري ڪنهن به
سور ۽ سوڄ جي جاءِ تي ٽاڪور ڪبي ته بالفعل سور ۽
سوڄ کي فائدو ڏيندو.
ڪلوڙي:
نالا: ع. اصل الڪبر، ف. بيخ ڪبر، هه. وغيره___-
ڪبرڪي جڙ، ڪورڪ، قبارس ۽ اضعف.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گڙدن ۽ مثاني کي، ميل:
ماکي ۽ سؤنف، عيوض: زرادنه مرحرج، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: اڇاڻ مائل ڪاري رنگ تي، ذائقي ۾ ڪڙي هڪ پاڙ
آهي.
خاصيت: معدي ۽ اندرين پردن کي طاقت ڏئي ٿي، گهاٽي
بلغم کي، ڦڦڙن، ڇاتيءَ ۽ نبضن مان تحليل ڪري ٿي.
سنڌن جي سور، عرق النسا، فالـج، لقوي، مٿي جي سور،
ڏندن ۽ پٺن جي سور، بواسير جي رت جي گهڻائي، ٻرهل
۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي وڃائي ٿي.
هن جو مربو جلندر، نزلي ۽ دماغي رطوبتن جي خشڪ
ڪرڻ، مثاني جي ڦٽ، ڪوڙهه ۽ پيشاب جاري ڪرڻ لاءِ
مجرب آهي.
ڪلهٽي:
نالا: ع. حب القلت، ف. ماش هندي، هه. وغيره___
ڪلهٽي، قلهٽي ۽ ڪاسرالحجر.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: اکين ۽ ڦڦڙن کي، ميل:
ماکي، عيوض: السيءَ جو ٻج، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: چپترا، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ تي داڻا ٿيندا
آهن.
خاصيت: هن کي گهوٽي پيارڻ يا رڌي کارائڻ سان مثاني
۽ گڙدي جي پٿري ۽ رائي کي پيشاب جي رستي ٻاهر
ڪڍندو. پيشاب کي جاري ڪندو. ٻرهل، قولنج، جگر ۽
ٻرهل جي سدن کي تحليل ڪري ڪڍندو. بلغم گهاٽي کي
وڃائي ٿي.
ڪمال پٽ:
نالا: ع. ساذج هندي، ف. پترج، هه. وغيره___
تيزپات، پرمني ۽ پتريا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مثاني ۽ ڦڦڙن کي ميل:
مصطگي، عيوض: تج، وزن: چار ماسا.
سڃاڻپ: سڪل ۽ خوشبودار پن ٿيندا آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا. بدن کي ٿلهو ڪن
ٿا، وائي باديءَ کي وڃائين ٿا. معدي، آنڊن ۽
اندرين پردن کي طاقت ڏين ٿا. پيشاب کي جاري ڪن ٿا،
مثاني جي پٿري ۽ رائي کي ڪڍن ٿا. وات ۾ پاڻيءَ جو
گهڻو اچڻ، وات جي بدبوءِ، وسواس ۽ اکين جي بيمارين
۾ فائديمند آهن.
ڪماند:
نالا: ع. قصب السڪر، ف. نيشڪر، هه. وغيره___
پانڊا، روک، گنا ۽ ڪانده.
اثر: گرم تر 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: گلقند، عيوض:
گنو، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: مشهور گريدار، اڇي ۽ ڳاڙهي ٻن رنگن جون
لٺيون ٿينديون آهن.
خاصيت: هن جي رس معدي، جگر ۽ دل کي طاقت ڏئي ٿي.
پيشاب جاري ڪندو. گهاٽي رت ۽ نڙيءَ ۽ آواز کي صفا
ڪري ٿو، بلغم کي تحليل ڪري ٿو. کاڌو هضم ٿيندو،
وائي باديءَ وڃائيندو. کنگهه ۽ سيني جي رطوبت کي
گهٽ ڪري ٿو. قوت باهه ۽ منيءَ کي زياده ڪري ٿو،
بدن کي ٿلهو ۽ طاقتور بنائي ٿو، وات جي پاڻيءَ کي
گهٽائي ٿو، دماغ جي رطوبت، مثاني ۽ اکين جي
بيمارين لاءِ مفيد آهي.
ڪمرڪس:
نالا: ع. لامي، ف. ڪمرڪش، هه. وغيره___ ڪمرڪس،
زفتل،
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڌاڻا،
عيوض: مصطگي، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: ننڍا ٽڪر ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ تي کؤنر جو قسم
آهي.
خاصيت: سنڌن، چيلهه ۽ پٺن، مثاني ۽ گڙدن جي سور کي
فائدو ڪري ٿو. منيءَ کي وڌائي ٿو. بدن کي طاقتور ۽
ٿلهو ڪري ٿو. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، ڪچي بلغم،
رحم، دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي تحليل ڪري ٿو. سرد
بيمارين ۾ مفيد آهي.
ڪنڊو وڻ:
نالا: ع. خرنوب الشوڪ، ف. خرنوب بنطي، هه.
وغيره___ درخت سنگر، ارغيرون ۽ بطريون.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: خراب خلط پيدا ڪري، ميل:
ماکي، عيوض:______، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: ٻٻر وانگر وڏو وڻ ڪنڊن وارو ٿئي ٿو. هن جا
گل هيڊي رنگ جا توت وانگر ٿيندا آهن. هن جو ڦر
سنهين ڦرين جي صورت ۾ هوندو آهي.
خاصيت: هن جا پن ۽ گل طاقت وارا آهن، جي معدي کي
طاقت ڏين ٿا، رت جي دستن، يرقان، سوري، پيچش،
بواسير ۽ حيض جي رت لاءِ مفيد آهي. هن جا ڇوڏا ۽
پاڙون ڪاڙهي گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سور، ڏندن
جي ڪيڙن ۽ مهارن جي سور کي فائدو ڏين ٿا.
ڪنڙو:
نالا: ع. لسان الحمل، ف. بارتنگ، هه. وغيره___
سمندر سوڪ، باغ خنڪ ۽ يشاڪ.
اثر: گرم تر 1، نقصان: ٻرهل کي، ميل: کنڊ کير، ٻج
چوڪي جو، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: آهر جي داڻن وانگر ڳاڙهاڻ تي مائل ڪاري رنگ
جو ٻج آهي.
خاصيت: هن کي تئي تي ڀڃي، ڪٽي سؤنفن جي عرق سان
کارائبو ته پراڻن دستن، سوري، پيچش، حيض ۽ بواسير
جي رت جي گهڻائي، پيشاب جي ساڙي، پرميل، مثاني،
رحم جي ڦٽ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. منيءَ کي گهاٽو
ڪري ٿو ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو.
ڪنگڻ کار:
هن جو بيان ساڳيو سهاڳي وارو بيان آهي.
ڪنگور:
نالا: ع. امسوخ، ف. نونيلدار، هه. وغيره___ نرڪل،
اقطي ۽ رقعا.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ماکي، عيوض:
___-، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: هي پورو پنو وڻ پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿيندو
آهي. هن جون شاخون لٺين وانگر گريدار ۽ اندران
پوريون ٿينديون آهن.
خاصيت: هن جا پن انجيرن سان گڏ ڪاڙهي پيارڻ سان،
کنگهه، دمڪشي، گڙدي جي سور، خصين جي سوڄ کي فائدو
ڪندا. مثاني مان پٿريءَ کي ڪڍندا، رحم ۽ دماغ جي
رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
ڪنوار ٻوٽي:
هن جي خاصيت "ايريال" ۾ بيان ڪيل آهي.
ڪنوچو:
نالا: ع. بذرالمرو، ف. تخم مروشڪ، هه. وغيره___
ڪنوچه، رشڪ، تخم مروه.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: السيءَ
جو ٻج، عيوض: ٻيجڻ ۽ گلاب جو گل، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: ڀنگ جي ٻج وانگر گول ۽ سائي رنگ جا داڻا
ٿين ٿا.
خاصيت: وائي بادي ۽ گهاٽي بلغم کي تحليل ڪري ٿو.
دستن، سوري، پيچش، آنڊن جي ڦٽ، جلندر، جگر ۽ ٻرهل
جي سدن کي وڃائڻ لاءِ مفيد آهي. معدي ۽ آنڊن کي
طاقت ڏئي ٿو. پيشاب ۽ پگهر کي جاري ڪري ٿو. قابض
آهي.
ڪني ڪاٺي:
نالا: ع. وج، ف. اگر ترڪي، هه. وغيره___ بڇ،
گهڙيچه ۽ رد روسن.
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سؤنف ۽
شڪنجبين، عيوض: ريوند چيني، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هيڊاڻ تي مائل ڳاڙهي رنگ تي ڳنڍين واري هڪ
پاڙ آهي. هن جو ذائقو تيز ٿيندو آهي.
خاصيت: فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، مٿي، سيني
۽ جگر، مهارن جي سور، ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد
آهي. وائي بادي، بلغم، معدي ۽ دماغ جي رطوبت کي
تحليل ڪري ٿي. جگر کي طاقت ڏئي ٿي.
ڪني مر:
نالا: ع. مرمڪي ف. بول، هه. وغيره___ بيجا بول،
ممع، مراد ڪبا ۽ سمونا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ماکي،
عيوض: ايريو يا ڪٺ، وزن: ٻه ماسا.
سڃاڻپ: هيڊاڻ تي مائل لاک جي رنگ تي کؤنر جو قسم
آهي. ذائقي ۾ ڪڙو ۽ تيز بانس وارو ٿيندو آهي.
خاصيت: وائي بادي، گهاٽي بلغم ۽ رطوبتن کي تحليل
ڪري ٿو. مٿي جي سور، نڪ جي بڇڙي بانس، کنگهه،
دمڪشي، گڙدن ۽ سنڌن جي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد
آهي. معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿو. هن جو مرهم ۽
ٻورو ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو.
ڪڻڪ:
نالا: ع. حنط، ف. گندم، هه. وغيره___ گيهون، مير،
قتح ۽ بوقده.
اثـر: گـرم تـر 2، نقـصان: ريح پيدا ڪري، ميل:
سرڪو ۽ گيهه، عيوض:___-، وزن: قدر آهر.
سڃاڻپ: مشهور اَن آهي.
خاصيت: هن جي ماني بدن کي ٿلهو ڪري، رت چڱو پيدا
ڪري، ڪڻڪ جا داڻا چٻاڙي ننڍين ڦرڙين ۽ موهيڙن تي
رکبا ته فائدو ٿيندو. هن جي رٻ کنگهه، سيني ۽
ڇاتيءَ جي سور لاءِ مفيد آهي. بلغم ۽ ڦڦڙن جي
رطوبت کي تحليل ڪري ٿي.
ڪوا ڪني:
نالا: ع. اذان الفار، ف. گوش موش، هه. وغيره___-
چوها ڪني، موشا ڪني ۽ ثاموس موش.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: مڙو، عيوض:
مر سرهي، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: سڪل خوشبودار گاهه آهي، هن جا پن ڪوئي جي
ڪنن وانگر ۽ گل ڀوري رنگ تي ٿيندا آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. سنڌن جي سور،
فالـج، لقوي، جلندر، مرگهي، معدي ۽ جگر جي بيمارين
۾ مفيد آهي. وائي بادي ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري
ٿو. اُلٽين ۽ دستن کي بند ڪري ٿو. سوڄن ۽ ڦرڙين جي
بيمارين لاءِ مفيد آهي.
ڪوتڪ:
نالا: ع. انا غالس، ف. زخم حيات، هه. وغيره___
ڪوتڪ ۽ دائم الحيات.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: پيچش ڪري، ميل: کؤنر،
عيوض: ڀتر، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: زمين تي پکڙندڙ ننڍو ٻوٽو اڪثر پاڻيءَ
وارين جاين تي ٿيندو آهي.
خاصيت: مثاني جي ڦٽ، پرميل، ٽانڪي، بادفرنگ جي
ڦٽن، کل جي ڦرڙين ۽ گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ لاءِ هن
جو گهوٽو پيارجي. حيض ۽ پيشاب جي جاري ڪري ٿو. رحم
۽ آنڊن جي رطوبت لاءِ مفيد آهي. هن کي لپري ڪري
سخت ڳوڙهن ۽ سور وارين جاين تي ٻڌائجي ته ڳوڙهن کي
نرم ڪري ڦاڙيندو.
ڪوتمير:
نالا: ع. ڪزبره رطب، ف. گشنيزتر، هه. وغيره___
ڪوتمير، ڦودنه ۽ روهي ۽ خيس.
اثر: گرم خشڪ، __________________، وزن: قدر
موافق.
سڃاڻپ: ڌاڻن جي وڻ جا خوشبودار پن آهن، جيڪي باغن
۾ ٿيندا آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا. هنن کي چٻاڙبو ته
وات ۾ خوشبوءِ پيدا ٿيندي، کاڌي کي هضم ڪري، وائي
باديءَ کي تحليل ڪري، بک کي وڌائي، جگر ۽ معدي جي
تقويت لاءِ مفيد آهي.
ڪوڏو وڏو:
نالا: ع. شيح، ف. شبيه، هه. وغيره___ سنک، سفيد
مهرو ۽ زنطاخ.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ___-، عيوض
ڪوڏيون سچيون، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هي به ڪوڏين جو قسم آهي جو گهڻي قدر وڏو
ٿئي ٿو.
خاصيت: هن کي سنگجراح سان گڏ ماري خاڪ ڪري کارائجي
ته کنگهه، سلهه، آنڊن جي ڦٽن ۽ ڦڦڙين جي تقويت،
ايتسار جي دستن کي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو
ٻورو ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائي ٿو.
ڪوڏيون:
نالا: ع. ودع، ف. خرمهره، هه. وغيره___ ڪوڙي، بچلي
۽ حضنف الغراب.
اثر: سرد خشڪ، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ماکي، عيوض:
سپ سچي، وزن: ٻه ماسا.
سڃاڻپ: سامونڊي شيءِ آهي جيڪا هيڊي، اڇي ۽ ڪاري
رنگ تي ٿينديون آهن.
خاصيت: هنن کي ساڙي خاڪ ڪري کارائبو ته ڦڦڙن مان
رت اچڻ، جگر، کنگهه ۽ آنڊن جي ڦٽ کي مفيد آهي. هن
جو سفوف ڏندن جي سور ۽ مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ اثر
وارو آهي. هن جو ٻورو ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائي ٿو.
ڪوراڙ:
نالا: ع. ثعبان، ف. ماردراز، هه. وغيره___ اڙدها،
باري بلا ۽ ڪوثيان.
اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: زهر آهي، ميل: لوڻ، عيوض:
______، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: هيءَ تمام ڊگهي بلا ٿيندي آهي.
خاصيت: هن جي کل ساڙي زيتون جي تيل ۾ ملائي رکجي
پوءِ اهو تيل ناسورن، نواسير جي ڦٽن ۽ موڪن تي
مرهم ڪري لڳائجي. هن جو هڏو ساڙي خاڪ ڪري کارائجي
ته سلهه، جلندر، تپ، اُلٽين کي فائدو ڪري مغز جو
هڏو ٻارن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائجي ته اُم الصبيان ۽
ڊيڄوڙي لاءِ مفيد آهي.
ڪوريئـَـڙو:
نالا: ع. عنڪبوت، ف. ڪارتنه، هه. وغيره___ مڪڙي،
ارمچڪ ۽ شيا.
اثر: سرد خشڪ 2، _______________-، وزن: ٻه عدد.
سڃاڻپ: عام طرح گهرن ۾ رهندڙ ڊگهين ٽنگن وارو جيت،
جيڪو ڄارو اُڻندو آهي.
خاصيت: هن کي ترن جي تيل ۾ ساڙجي، اهو تيل ڪن جي
سور، ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري. ڪنهن جو پيشاب بند ٿيل
هجي ته اهو تيل آلت جي سوراخ ۾ وجهجي ته هڪدم
پيشاب کلندو. ڪوڙهه، چٽي، خصين جي خارش تي به اهو
تيل مالش ڪجي سٺو اثر ڏيکاريندو.
ڪوڪم:
نالا: ع. ڪوڪم اسود، ف. آنو سياه، هه. وغيره___
چمڙي اڙد، رفال ۽ شلير.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: مصري، عيوض:
گدامڙي، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: هي آلوبخارن وانگر ڪاري رنگ تي کٽا داڻا
ٿين ٿا، هنن جي کل ويڪري ٿئي ٿي.
خاصيت: هنن جو شربت يرقان، ٻرهل، صفراوي تپن ۽ جگر
جي گرميءَ کي لاهي ٿو. وات جي خشڪي ۾ مفيد آهن.
صفراوي دستن کي بند ڪن ٿا، پيشاب جاري ڪن ٿا. هنن
جو پاڻي ڪاري مس ۽ پريس جي مس جا داغ لاهي ٿو.
ڪونج:
نالا: ع. ڪرڪي، ف. ڪلنگ، هه. وغيره___ خرچڪو،
ڪونچ، درنا ۽ ڪروالڪ.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گهاٽو خلط پيدا ڪري، ميل:
سرڪو ۽ لوڻ، عيوض: تلور، وزن: اڌ پاءُ.
سڃاڻپ: هي پکي بدڪ کان وڏو، ڊگهي ڳچيءَ وارو ۽
چٽڪمرو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت بدن کي طاقت ڏئي ٿو، قوت باهه ۽
منيءَ کي وڌائي ٿو. ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل
ڪري ٿو. قولنج، مثاني جي پٿريءَ لاءِ مفيد آهي. هن
جي مغز جي مک ۽ پتو گڏي ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي
مکجي ته داغ لهي ويندا.
ڪونچ:
نالا: ع. حب الڪلي، تخم ڪونچ، هه. وغيره___ ڪوانج
۽ مرڪٽ.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: بواسير، ميل: روغن گل،
عيوض: اٽنگڻ، وزن: اٺ ماسا.
سڃاڻپ: هيرڻ جي ڪڪڙين جهڙو هيڊي رنگ تي گول داڻن
وارو ٻج آهي.
خاصيت: منيءَ کي گهاٽو ڪري، قوت باهه کي وڌائي،
گهاٽي رت کي صفا ڪري، گهاٽي بلغم ۽ پٽڙي بلغم کي
نبضن مان تحليل ڪري ڪڍي، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري،
مئل ٻار کي پيٽ مان ڪڍي. هن جو ٻج ڇلي وڇونءَ جي
ڏنگ تي رکي ته ڏنگيل جاءِ تي هڪدم چهٽي ويندو ۽
زهر کي مٿي چڙهڻ نه ڏيندو. هن جون ڦريون پشمدار
ٿينديون آهن. هن جي پشم جتي لڳندي اتي خارش ٿيندي
آهي.
ڪوهنانگ:
نالا: ع. لبن خفاش، ف. شير دق، هه. وغيره___ بيٺ،
چمگادر، پيخال ۽ تهرع ابحفاش.
سڃاڻپ: ڳوڙهن تي ٻڌل ميرانجهڙي رنگ تي وڏي چمڙي
جون وٺيون آهن. (ڪي چون ٿا ته مادي چمڙيءَ جو کير
آهي) هن کي اصل صنعت وارا ڪم آڻيندا آهن.
خاصيت: هن کي ماکيءَ ۾ ملائي اکين ۾ پارائجي ته
ڦلي، ڌنڌ ۽ کاڌ کي فائدو ڪري، اکين جي نظر وڌائي.
هن کي ماريل ابرڪ سان گڏي کارائبو ته کنگهه، سلهه،
جلندر، يرقان کي فائدو ڪندو. پيشاب کي جاري ڪري
ٿو. مثاني جي ڦٽ کي ڇٽائي ٿو. سوري کي کار جي
پاڻيءَ جا چوها ڏيئي قائم ڪري پنجن تولن ۾ هڪ تولو
ڪوهنانگ جو گڏي مالش ڪري ته شورو ڇڙي تيل ٿي پوندو
پوءِ ان ۾ سنکئي کي ميڻ ڪري باهه تي چوها ڏجن.
ڪوهنگ پکي:
نالا: ع. واق، ف. مرغراقي، هه. وغيره___ لاکي،
شختار، روبن ۽ طول.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا ۽
ڏاڙهون، عيوض: ______، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: سهڻي رنگ وارو رنگا رنگي پکي ڍنڍن ۾ رهندو
آهي.
خاصيت: هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو.
فالـج، لقوي، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد
آهي. هن جو پتو وار چري پنبڻين جي کاڌ، چٽي، ڪوڙه،
ڇانئن جي داغن تي مکجي ته فائدو ڏيندو. هن جي چرٻي
۽ رت نبضن ۽ آلت جي سستيءَ کي وڃائي ۽ طرفين جي
لذت لاءِ سٺي شيءِ آهي.
ڪوئو:
نالا: ع. فار، ف. موش، هه. وغيره___ چوها، سيخان،
موکڪ ۽ جروان.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ويسر ڪري، ميل: ______-،
عيوض: ______-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: مشهور ننڍڙو ڊگهي پڇ ۽ چئن پيرن وارو جانور
آهي.
خاصيت: ڪوئي جو رت هس ۽ چٽيءَ جي داغن تي مکجي،
ڦولهڙيون سرڪي ۾ ڪاڙهي وار چري ۽ گنج تي لائجي ته
وار پيدا ٿيندا. ڪوئي کي چيري، پيڪان جي ڦٽ،
وڇونءَ جي ڏنگ ۽ ڪنڊي لڳل هنڌ تي ٻڌجي ته فائدو
ٿيندو ۽ ڪنڊو نڪري ايندو. ڪوئي کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي
انهيءَ پاڻيءَ ۾ پيشاب بند ٿيل ماڻهوءَ کي وهاربو
ته پيشاب جاري ٿيندس.
ڪويٺ:
نالا: ع. ڪويت، ف. ڪوپل، هه. وغيره___ ڪبيتو، ڪويٺ
۽ ڪونهڙ.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سيني کي، ميل: مصري، عيوض:
______، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: سائي رنگ تي کينهوڙي جيڏا گول داڻا ٿين ٿا.
هن جو وڻ وڏو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن کي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائجي ته رت جي دستن ۽
بلغمي دستن کي بند ڪندي. سوري ۽ پيچش کي فائدو
ڏيندي. هن جو ٻج ۽ ڇوڏا ڪاڙهي گرڙيون ڪرائجن ته
نڙيءَ جي ڳوڙهن، ۽ سور، وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين کي
فائدو ڪندو.
ڪهربا:
نالا: ع. قرن البحر، ڪهربا، هه. وغيره___ ڪپور
ديا، منيطس، حمرما ۽ مصباح الرومي.
اثر: معتدل، نقصان: مٿي کي، ميل: بنفشو، عيوض:
طباشير ۽ چندرس، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.
سڃاڻپ: خوشبودار هيڊي رنگ تي کؤنر جو قسم آهي. هن
کي صفا ڪري داڻا ٻڌي رکندا آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. ظاهري ۽ باطني
حواسن کي طاقت ڏئي ٿي. رت جي دستن، سوريءَ، پيچش،
بواسير ۽ حيض جي رت جي گهڻائي، اُلٽين ۽ دستن کي
بند ڪري ٿي. يرقان، جلندر، گردي ۽ مثاني جي ڪم
طاقتي لاءِ مفيد آهي. پرميل، آنڊن جي ڦٽ،
ماليخوليا ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪري ٿي. معدي ۽
جگر کي تقويت ڏئي ٿو.
ڪيس:
نالا: ع. ورق السيلج، ف. برگ نيل، هه. وغيره___
ڪيس، خائي شفال، عظم ۽ خطر.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ويسر پيدا ڪري، ميل: رب
سوس، عيوض: ______، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: نير وڻ جا پن سائي رنگ تي ٿيندا آهن. هن کي
چانورن ۽ جون جي پاڻيءَ سان ڪاڙهي پيارجي ته
کنگهه، سيني جي سور، ڦڦڙن مان رت جي اچڻ، هڏڪيءَ،
وائي باديءَ، ٻرهل، يرقان، جلندر ۽ ڦڦڙن جي ڦٽن
لاءِ مفيد آهي. هن جو ٻورو ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ وارچري
کي فائدو ڪري ٿو. مينديءَ سان ملائي وارن کي لائبو
ته وار ڪارا ٿيندا. ٻڦي، سخت ڳوڙهن تي هن جي لپري
اثر ڪري ٿي. هن جو ٻج ڌنڌ ۽ اکين جي بيمارين ۾
مفيد آهي.
ڪيسو ڦل:
نالا: ع. درو دهاق، ف. گلا پلاس، هه. وغيره___
ٽيسو، ڪيس رنگين ۽ اطمشاوات.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: ___-، عيوض:
سنگ، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: ڳاڙهاڻ تي مائل هيڊي رنگ جا سڪل گل چتون جي
چهنب وانگر ٿين ٿا.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ پسائي اهو پاڻي پيارجي ته
پيشاب کي جاري ڪندو، پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ
مفيد آهي. ترن جي تيل ۾ تري هن کي لپري ڪري ٻڌبو
ته خصين جي سوڄ، پاسي جي سور، سخت ڳوڙهن ۾ فائدو
ڪندو.
ڪيوڙو:
نالا: ع. طلح، ف. موز، هه. وغيره___ ڪيلا ۽ عايطن.
اثر: معتدل، نقصان: بلغم ۽ ريح پيدا ڪري، ميل: لوڻ
۽ سنڍ، عيوض گجر لاهوري، وزن: پنجن کان ڏهه تولا.
سڃاڻپ: مشهور وڻ جنهن جا پن بلڪل وڏا ۽ ويڪرا ٿين
ٿا، باغن ۽ پاڻيءَ وارين جاين تي ٿيندو آهي.
خاصيت: ڪيوڙي جي ٿڙ جو پاڻي ڪڍي پيارجي ته پيشاب
جاري ڪندو، پرميل ۽ مثاني مان رائي ۽ پٿري ڪڍڻ
لاءِ مفيد آهي. هن جي پاڙ سڪائي ڪٽي ماکيءَ ۾
ملائي کارائجي ته کنگهه، دمڪشي ۽ سيني جي سور کي
فائدو ڪندي. هن جي لپري سخت سوڄ کي نرم ڪري
ڦاڙيندي. گز برابر ڪيوڙي جي پاڙ ۾ ٻه تولا شنگرف
جا ۽ اڌ پاءُ اڪ جو کير وجهي بند ڪري ڪپڙ مٽي ڪري
سڪائي اٺن سيرن ڇيڻن ۾باه ڏجي ته شنگرف ڦلي پوندو.
اهو شنگرف گهڻن مرضن لاءِ مجرب آهي.
ڪيوڙو سرهو:
نالا: ع. ڪاذي، ف. ڪيوڙه، هه. وغيره___ ڪيوڙه،
ڪدر، فعليوه، ڪيذج، ۽ ارماط.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: عناب، عيوض:
صندل ڳاڙهو، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: وڏو وڻ کجيءَ جي وڻ جيڏو ٿيندو آهي، هن جا
ڦرها ايريال جي ڦرهن وانگر ڊگها پاسن کان سنها
ڪنڊا ۽ خوشبودار ٿيندا آهن.
خاصيت: هن جو گل خوش ڪندڙ آهي دل ۽ دماغ کي مٿي جي
سور لاءِ مفيد آهي. هن جو عرق خفقان، ماليخوليا کي
فائدو ڪري ٿو. رت صفا ڪري ٿو، اندرين حرارتن جو
جوش گهٽائي ٿو، غشيءَ کي وڃائي ٿو. هن جو گل ترن
جي تيل ۾ ويهه ڏينهن وجهي اُس ۾ رکجي، پوءِ اهو
تيل سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، عرق النسا ۽ دماغ
جي خشڪي لاهڻ لاءِ ڪم آڻبو ته مجرب ثابت ٿيندو.
ڪيهڙو:
نالا: ع. سليخه، ف. تج، هه. وغيره. تج، اسليوس،
اشتر ۽ گياهه.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: آنڊن ۽ گڙدن کي، ميل:
ڪتيرو ۽ ليسوڙا، عيوض: دارچيني، وزن: هڪ کان ٽي
ماسا.
سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ جو ڇوڏو، ذائقي ۾ مٺو ٿئي ٿو.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارجي ته صفرا، سودا
۽ بلغم کي پچائي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. پيشاب
کي جاري ڪري ٿو. جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو ۽ وائي
باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. نزلي، زڪام، دمڪشي،
بواسير، مٿي جي سور، سوڄن، تپن ۽ بلغمي بيمارين
لاءِ فائدي وارو آهي.
ڪيئـَـان:
هن جو بيان ”س“ جي باب ۾ سانپن جي خاصيت ۾ لکيل
آهي.
باب
”کي“
جو
کاڄا:
نالا: ع. ثمرهِ الصنوبر، ف. حب الصنوبر، هه.
وغيره___ کاج، کرکر ۽ چيدا.
اثر: گرم تر، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ______،
عيوض: باداميون، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: ڊگهن داڻن جو کل ۾ ڍڪيل ٻج آهي، اها کل
ڀوري رنگ تي ٿئي ٿي، ٻاهرين کل لاهبي ته اندران
اڇي رنگ تي مغز نڪري ايندو.
خاصيت: بادامين وانگر کاڌي ۾ لذيذ ۽ مقوي آهن.
معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا ۽ بدن کي ٿلهو ڪن ٿا.
بک کي گهٽائين ٿا، فالـج، رعشه ۽ لقوي لاءِ مفيد
آهي. معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي مارين ٿا. جگر ۽ ٻرهل
جي سدن ۽ وائي باديءَ کي تحليل ڪن ٿا.
کار:
نالا: ع. اشخار، ف. اشنان، هه. وغيره___ خرء،
العصاخير سجي ۽ حرض.
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: قلب ۽ دماغ کي، ميل: ماکي،
عيوض: پاه، وزن: هڪ ماسو.
سڃاڻپ: هن جا ٻه قسم هڪ اڇي اٽي وانگر، ٻي لاڻيءَ
کي ساڙي ان مان ٺاهيندا آهن. جيڪا ڳوڙهن ۾ ڪاري
رنگ جي ٿيندي آهي، جيڪا اڇي اٽي وانگر آهي سا جبل
جي پيدائش آهي.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ٻه ڏينهن ڀڄائي رکجي، پوءِ
زلال وٺي ان کي ڪاڙهبو ته لوڻ نڪري ايندو. اهو لوڻ
جلندر، يرقان، ٻرهل ۽ وائي باديءَ کي وڃائڻ لاءِ
مفيد آهي. کاڌي کي هضم ڪري ٿو، معدي جا ڪيڙا ماري
ٿو، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو، ڏندن جي سور ،
ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ ناسورن کي فائدو ڏئي ٿو.
کارڪون:
نالا: ع. تمر، خرما، هه. وغيره___ کارڪ، ڇوهارا،
انسته ۽ ڏوم.
اثر: گرم تر 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل:
باداميون، عيوض: ڪشمش، وزن: ڇهه عدد.
سڃاڻپ: کجين جو اڇاڻ مائل سڪل ڪاري رنگ تي ڦر آهي.
خاصيت: هنن کي ڪٽي ڏندن تي ملجي ته ڏند صفا ٿيندا
۽ مهارون مضبوط ٿينديون. هن کي پاڻيءَ ۾ نرم ڳوهي
ڳوڙهن ۽ سوڄ تي ليپ ڪجي ته انهن کي تحليل ڪندو.
آني جي اڇاڻ سان ملائي، باه جي ساڙيل هنڌن، موڪن ۽
معقد جي ڦٽن تي رکجي ته فائدو ٿيندو. هنن جو ٻورو
وهندڙ رت بند ڪري ٿو.
کٻـڙ:
هن جي خاصيت ”ڄار“ ۾ بيان ڪيل آهي.
کٽسو:
نالا: ع. ڪسٽو، ف. ڪسٽه، هه. __________________
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ______-،
عيوض: ڪافور، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو جبل ۾ پيدا ٿيندو آهي.
هن جا پن ساٿر جي پنن کان ننڍا ذائقي ۾ تيز ڪڙا
ٿيندا آهن.
خاصيت: هن جي پنن کي ڪاڙهي پيارڻ سان گهاٽو رت صفا
ٿيندو، مثاني ۽ کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ کنگهه لاءِ
مفيد آهي. بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. پيشاب کي
جاري ڪري ٿو.
کٽڻهار:
نالا: ع. ورد صيني، ف. گل مشڪين، هه. وغيره___
سوتي، مشڪنچينه ۽ کل غرين.
اثر: گرم خشڪ 2، ميل: ______-، عيوض: نرگس، وزن:
هڪ تولو.
سڃاڻپ: اڇي رنگ جو خوشبودار گل ٿيندو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. هن گل کي سنگهڻ
سان گرميءَ کان پيل مٿي جو سور لهندو. هن کي زيتون
جي تيل ۾ ڪاڙهجي ۽ اهو تيل ڪن ۾ وجهجي ته ڪن جو
سور ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪندو. دماغ تي مالش ڪرائجي
ته خشڪيءَ کي ڀڃندو. ننڊ گهڻي ايندي، سرسام، نزلي
۽ سيني جي سور لاءِ مفيد آهي.
کپ:
نالا: ع. ساهان، ف. ساحل، هه. وغيره___ گرپه،
صاصلي ۽ فنيرو.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: آنڊن کي، ميل: ______،
عيوض: ڦيس، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: هي وڻ آهي. پن هن جا پـَـنِ جي پنن جهڙا
ڊگها ۽ نرم ٿيندا آهن. هن مان تڏا، رسا ۽ تونريون
جوڙيندا آهن.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارجي ته پيشاب جاري
ڪندي، پرميل، مثاني جي ڦٽ، مثاني جي رائي ۽ پٿريءَ
کي وڃائڻ لاءِ، وائي بادي، پيٽ جي سور ۽ حفه معدي
جي ڪمزوري هٽائڻ لاءِ مفيد آهي.
کپريو:
نالا: عربي - حجرالڪحل، فارسي - سنگ بصري، بنگالي
- کاپر، سنسڪرت- نٿڪ، انگريزي- زنڪ اور،
(Zinc Ore).
سڃاڻپ: هي شيهي جي کاڻ مان ٽامي ۽ شيهي الڳ ڪرڻ
وقت بٺيءَ جي چمنيءَ مان ڪڍيو وڃي ٿو، هن کي مغسول
ڪرڻ کان پوءِ ڪم آڻجي. رنگ ۾ خاڪي ۽ لوڻياٺو ٿئي
ٿو.
مزاج: سرد 1، خشڪ 2.
مقدار خوراڪ: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.
خاصيت: هي ڦٽ سڪائيندڙ، ديد وڌائيندڙ، معدي کي قوت
ڏيندڙ ۽ قابض آهي. هن سان دست بند ٿي وڃن ٿا،
مشهور دوا مالتي بسنت جو هڪ جزو آهي.
کرينڊ:
نالا: اردو - بيج بند، انگريزي -
(Sida Cardifolia Seeds).
سڃاڻپ: هي بصر جي ٻج وانگي ٽڪنڊا ٻج ٿين ٿا. هن جو
ٻوٽو سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو، جنهن جا گل گلابي چٽ تي
سهڻا ۽ پن ٽڪنڊا لعابدار ٿيندا آهن. گلن ڇڻڻ تي
قبي جئان آڱر جي چوٽيءَ جهڙيون ننڍڙيون ڏوڏيون ڪري
بيهي ٿو، جنهن مان ڪارا ڪارا ٻج نڪرندا آهن.
مزاج: سرد خشڪ پهرئين درجي ۾. عوض: گدامڙيءَ جي
ککڙين جو مغز.
مقدار خوراڪ: ٽن کان پنجن ماسن تائين.
پيدائش: سنڌ جي وارياسي زمين تي گاهن سان گڏ پوکن
۾ ٿئي ٿو، پنجاب ۾ به عام ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جا ٻج مـَـنيءَ کي گهاٽو ڪندڙ، جريان،
احتلام ۽ سرعت انزال وغيره عارضا هٽائيندڙ ۽ قدرتي
امساڪ پيدا ڪندڙ آهن. اڪيلو يا مناسب دوائن سان
ملائي استعمال ڪيو وڃي ٿو. پٺي ۽ چيلهه جي ڪمزوري،
۽ مثاني جي گرمي هٽائڻ لاءِ مفيد دوا آهي. جماع جي
طاقت وڌائي ٿو. هن جا پن گهوٽي ساڙ وارين سوڄن ۽
گرم سورن لاءِ ٻڌايا وڃن ته آرام اچي ٿو. جنهن زال
کي ٿڃ نه پيدا ٿيندي هجي، تنهن کي کارائجي ته ٿڃ
کان علاوه سندس ٻيون حالتون به سٺي نموني سڌاريندڙ
آهي. هن جي کائڻ سان ريح ۽ سدن پيدا ٿيڻ جو خدشو
رهي ٿو، ان ڪري هن کي ڪارن مرچن سان سنڍ سان ڪتب
آندو وڃي ته بهترين آهي. خشڪ هئڻ سبب مناسب آهي ته
کرينڊ جي ڪتب آڻڻ واري عرصي ۾ کير، مکڻ زياده
استعمال ڪرايو وڃي، جيئن قبض وغيره کان بچاءُ رهي.
کيرول:
نالا: بنگالي - ڇيرني، اردو، کهرني، هندي - راجني،
مرهٽي - کرني، سنسڪرت - ڪشيرني، انگريزي -
(gotuse
Level Minosups).
سڃاڻپ: هي هڪڙي وڏي وڻ جو ڦر آهي، جو نم جي نمورين
جهڙو مگر ٿورو ڊگهو، پهرين سائو پوءِ هيڊو ٿئي ٿو.
ذائقي ۾ نهايت مٺو مزيدار ۽ وڻندڙ ٿئي ٿو.
مزاج: گرم تر.
مقدار خوراڪ: ڦر هاضمي جي آڌار تي ۽ ڇوڏا پنجن کان
ستن ماسن تائين.
پيدائش: ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪن علائقن ۾ ٿيندو آهي.
کيرول جا وڻ سنڌ ۾ لاڙ جي پاسي جام ٿين ٿا، جتي جا
ماڻهو هن کي کير ۽ مٺو پاڻي ڏئي خاص سنڀال سان
سندس ڦر حاصل ڪندا آهن.
خاصيت: هن جي کائڻ سان دل کي فرحت، طبيعت کي
تازگي، بدن کي طراوت ۽ اڪثر عضون کي تقويت رسي ٿي.
هي پياس کي تسڪين ڏيڻ، کنگهه ۾ آرام رسائڻ ۽ پيشاب
جي ناليءَ (Urethra)
جي زخمن ڇٽائڻ لاءِ نهايت مفيد آهي. هن جا ڇوڏا
منيءَ کي گهاٽو ڪري جريان، احتلام وغيره بيمارين ۽
عارضن کان بچائين ٿا. کيرول جي ٻجن جو مغز اکين
جون گهڻيون بيماريون دفع ڪري ٿو. (دير هضم آهي.)
کجي:
نالا: ع. شجر طيبه، ف. درخت خرما، هه. وغيره___
عجد ۽ فجون. |