سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: فرهنگ جعفري

باب: --

صفحو :10

مقدار خوراڪ: ڇوڏا ٻن کان چار ماسا، تازي کل چار کان اٺ ماسا، پاڙ جي رس ٽي ماسا، گهاٽي رب هڪ کان ٻه ڊرام، ٻه دفعا ڏينهن ۾ کاڌي کائڻ کان اڳ.

پيدائش: هي آسام، سڪم ۽ يو پي وغيره (ڀارت) جي گرم ۽ پهاڙي علائقن ۾ ٿئي ٿو. خوبصورت، گلناري گلن سبب کيس باغن ۾ به لڳايو ويندو آهي.

خاصيت: طب جي پراڻن ڪتابن ۾ هن جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، ليڪن بنگالي عورتون گهڻي زماني کان وٺي هن کي دوا طور حيض جي گهٽتائي ۽ ٻار نه ٿيڻ لاءِ اڄ تائين ڪتب آڻينديون رهن ٿيون. هي حيض جي قلت، زناني سور ۽ بي قاعدگي لاءِ نهايت ڪارآمد آهي. هن جي پاڙ جي ڇوڏي ۾ هڪڙي قسم جي لعابدار رس ٿئي ٿي، جا ئي هن جو مؤثر جزو آهي. ان ڪري هن جي پاڙ جو تازو ڪاڙهو وڌيڪ ڪارگر ٿئي ٿو.

ڪاڙهن بنائڻ لاءِ هن جي پاڙ وزن هڪ آنو ڪٽي، پاءُ پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اڌ پاءُ بچڻ تي لاهي، ڇاڻي، پياري وڃي.

ڊاڪٽر ڪرٽن هن جي تازي ڪٽيل پاڙ هڪ ڊرام تائين ٿڌي پاڻيءَ سان ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. هن کي صبح جو نيراني يا شام جو چئين بجي ڌاري ڏنو وڃي ته بهتر آهي. حيض اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ هي دوا شروع ڪرائي وڃي ته سٺا نتيجا نڪرن ٿا. ڀارت ۾ ڪيئي دوا ساز ڪمپنيون هن جو سيال رب (Liquid Extract) تيار ڪري هلائين ٿيون. هن رب جي هڪ ڊرام ۾ چار ماسا تازيءَ پاڙ جو لعاب ٿيندو آهي.

باب ڦ جو

ڦاروا:

نالا: ع. فالسه، ف. پهالسه، هه. وغيره___ پالسا ۽ پيروڪ.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: گلقند، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جا گول ۽ کٽا داڻا ٿيندا آهن.

خاصيت: دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، صفرا جو تپ، رت جو جوش، الٽي، دست، هڏڪي، جگر جي گرمي ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽائڻ ۽ هٽائڻ لاءِ مفيد آهن. هن وڻ جي پاڙن ۽ ڦارؤن کي گڏي شربت ڪري پياربو ته مثاني جي ڦٽ، سوزش، ۽ پيشاب جي ساڙي، سيني ۽ معدي جي حرارت کي فائدو ڪندو.

ڦاڙ:

نالا: ع. سامان، ف. ڪسيرو، هه. وغيره___ ناهڙه، سمال ۽ بردا.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: آنڊن کي، ميل: ماکي، عيوض: پن، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: پـَـنِ ول جي نموني تي ڊگها پن ٿيندا آهن، هنن مان تڏا ۽ تؤنريون ٺاهيندا آهن.

خاصيت: ان جي پنن کي رات جو پاڻيءَ ۾ ڀڄائي صبح جو ڇاڻي، اهو پاڻي پيارجي ته سلهه جي رت ۽ رت جي دستن کي بند ڪندو. ان جون گرڙيون ڪرائجن ته وات جي بدبوءِ ۽ ڏندن جو سور لهندو، ڏند ۽ مهارون مضبوط ٿينديون.

ڦاڙهو:

نالا: ع. ايل، ف. گوزن، هه. وغيره___ باره سنگا، ڪوتاه پاچه، ديهڙو، پاچر ۽ بقرالوحش.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: دير هضم آهي ۽ سودا کي، ميل: ___، عيوض: هرڻ، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: هرڻ جي قد کان وڏو هڪ جانور آهي، جنهن جا سڱ وڻ جي ٿڙ، ڏارن، ۽ ٽارين وانگر ٿيندا آهن.

خاصيت: هن جو گوشت دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو. قوت باهه ۽ منيءَ کي زياده ڪري ٿو. هن جي آلت سڪائي شراب ۾ حل ڪري کارائجي ته بواسير جي رت، سلهه، رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لا”، مثاني جي ڦٽ، يرقان، ٻرهل، آنڊن جي ڦٽ ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي.

ڦٽڪي:

نالا: ع. زاج ابيض، ف. زاڪ سفيد، هه. وغيره___ پهٽڪڙي، زمه، زامهج، امرت ڪاسٽي ۽ اوتلڪو.

اثر: گرم خشڪ، نقصان:___-، ميل: ___-، عيوض: نوشادر، وزن: ٻن کان چار رتيون.

سڃاڻپ: اڇا بلوري رنگ تي، تيز ذائقي وارا ٿيندا آهن. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا. (هڪ ڳاڙهي ٻي ڪاري ۽ ٽي سبز) جبل جي پيدائش آهي.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ پسائي گرڙيون ڪرائجن ته وات جي بدبوءِ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪري، ڏندن جو سور لاهي، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪري. اکين جي ڦلي، خارش ۽ اُٿيل اکين لاءِ اهو پاڻي اک ۾ وجهجي. هن کي ڦلائي مکڻ ۾ گڏي مرهم ٺاهجي، اهو مرهم نواسير، مقعد جي ڦٽن، موڪن لاءِ مفيد آهي.

ڦڦڙ:

نالا: ع. ريه، ف. شش، هه. وغيره___ پپڙه، بري ۽ فرسنين.

اثر: گرم تر، نقصان دير هضم، ميل: گرم مصالح، عيوض: ___، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: انسان ۽ جانورن جو مشهور عضوو آهي.

خاصيت: حلال جانورن جو ڦڦڙ گرم مصالحن سان گڏي کارائجي، ته رت پيدا ڪندو، ڦڦڙن کي طاقت ڏيندو. هن کي ڪوسو ڪري، سخت سور ۽ سوڄ تي ٻڌائجي ته بلفعل فرحت ڏيندو.

ڦدي:

نالا: ع. صفراغون، ف. دميچه، هه. وغيره___ ڪولا، ڪجن ۽ فصايڪو.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو ۽ دارچيني، عيوض: ___، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: جهرڪيءَ جيڏو ننڍو چٽڪمرو پکي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جو گوشت معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، رت چڱو پيدا ڪري ٿو. مثاني جي ڦٽ، پرميل، رائي ۽ پٿري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري ٿو، ساڙو لاهي ٿو. پتو ۽ مٽ کي ماکيءَ ۾ ملائي ليپ ڪري ته طرفين کي لذت لاءِ عجيب آهي.

ڦري ڪيوڙو:

نالا: ع. ثمرهِ الموز، ف. بارڪيله، هه. وغيره___ ڪيله، طلع ۽ ڪميسال.

اثر: گرم تر، نقصان: دير هضم، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: ٻه عدد.

سڃاڻپ: ڪيوڙي جي وڻ جو مشهور ڦر آهي، مٿان ٽڪنڊي يا گولائيءَ تي هڪ کل جي اندر مکڻ وانگر ڳر ٿئي ٿي. کائڻ ۾ مٺاڻ تي خوشبودار ٿيندو آهي.

خاصيت: گهاٽي بلغم کي صفا ڪري ٿو. سيني ۽ معدي جي رطوبت کي تحليل ڪري ٿو، مني ۽ قوت باه وڌائي ٿو، نڙيءَ جي ڦٽ، آواز جي صفائيءَ، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي.

ڦڳڻ ڦلاريو:

نالا: اردو - ڇتون، پنجابي - ستونا، مرهٽي - ستونيا، بنگالي - ڇاتن، انگريزي - (Alstonia Scholaris)

سڃاڻپ: هي چالهين کان سٺ فوٽن تائين سايه دار وڻ ٿئي ٿو. سندس کل کهري هوندي آهي، مگر ڦاٽي نٿي. هن کي ڦڳڻ ۾ گل لڳن ٿا (ان ڪري سنڌيءَ ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو آهي). ڄيٺ ۾ ڦر جهلي ٿو.

رنگ: هن جا ڇوڏا ڪارا ڀورا ۽ گل ساوا اڇا ٿين ٿا. ذائقي ۾ سندس ڇوڏا ڪوڙا ٿين ٿا.

مزاج: گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: پساڙو اڍائين کان پنجن تولن تائين، سيال رب ننڍي چمچي برابر ٿوري پاڻيءَ سان.

پيدائش: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گهڻو ڪري هر جڳهه تي ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا ڇوڏا قابض، مقوي ۽ بخار هٽائيندڙ آهن.

آمريڪا ۽ هالينڊ جي طبيبن هن کي ڪونين جئان مفيد ثابت ڪيو آهي. آنڊن جي خرابيءَ واري موسمي بخار ۾ هن جو پساڙو ڪارآمد ٿئي ٿو. هاضمي جي تقويت لاءِ پپرين سان ۽ بخار کان پوءِ ٿيندڙ ڪمزوريءَ واسطي اتيس سان ڏنو وڃي ٿو.

ڦوڪر مول:

نالا: گجراتي- پوهڪر مول، اردو - پهوکر مول، هندي - پوڪر، ڪشميري- پوشڪر، بنگالي - پشڪر مول، انگريزي - ايرولا ريسي موسا (Arula Racemosa).

سڃاڻپ: هيءَ هڪڙي ٻوٽي جي پاڙ آهي، جنهن کي تندون جام ٿين ٿيون. وزن ۾ شيهي جيان ڳري لڳندي آهي. منجهانئس ڪافور جي بوءِ اچي ٿي. هن جا گل سورج مکيءَ جئان ۽ ڦر وڏي بکڙي وانگي، مگر بنا ڪنڊن جي هوندو آهي. گرمين جي پڇاڙيءَ ڌاري ٻجن پچڻ تي، هي پاڙون هٿ ڪيون وينديون آهن.

”ڀاءُ پرڪاش“ جي فاضل مصنف ڪـُـٺ ۽ ڦوڪرمول کي هڪ ئي جنس لکيو آهي، مگر ڪٺ ۽ ڦوڪرمول ٻه الڳ الڳ شيون آهن. هن جو رنگ ٻاهران ڪارو ۽ اندران گلابي ٿئي  ٿو، ذائقي ۾ تمام تلخ ۽ تيز آهي.

مزاج: گرم خشڪ ٻئي درجي ۾،

مقدار خوراڪ: ٻن کان چار ماسا.

پيدائش: اصل ڪشمير جي پيداوار آهي، اڄڪلهه بنگال، ڪارومنڊل وغيره جي آليءَ ڌرتيءَ ۾ ڇانوري واريءَ جڳهه تي به جام ٿئي ٿو.

خاصيت: هي محلل، اشتها وڌائيندڙ، بلغم خارج ڪندڙ، (منفث) ۽ ڪاسرالرياح آهي. هن کي گهڻو ڪري ريحي ۽ بلغمي بيمارين لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. هڏڪي، کنگهه، دمه ۽ اشتها جي ضعف (Anorexia) ۽ بلغمي تپ (Slow fever) ۽ مليريا جي ڳنڍيل بخار (Continued Malarial fever) لاءِ ازحد نافع آهي. پاسي جي سور ۾ ليپ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هٿن ۽ پيرن جي زياده پسيني اچڻ لاءِ ڪٽي مـَـليو وڃي ٿو. ڪينئن پوندڙ ڦٽن لاءِ هن جو ٻورو ڪارآمد ٿئي ٿو.

ڦلهيار:

نالا: ع. رماد، ف. خاڪستر، هه. وغيره___- راک.

اثر: معتدل، نقصان: ___-، عيوض: مٽي، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڇيڻي ۽ ڪاٺيءَ جي ٻري ختم ٿي ٺري وڃڻ کان پوءِ جيڪا باقي رک بچندي آهي.

خاصيت: هن کي گرم ڪري سور ۽ سوڄ تي ٽاڪور ڪبي آهي ته
في الحال آرام ايندو آهي. سرڪي ۾ ملائي ڇتي ڪتي جي کاڌل هنڌ تي لپري ڪري رکبو ته زهر کي مٿي چڙهڻ نه ڏيندو. ڇيڻي جو ڦلهيار رت بند ڪري ٿو. اڌ مٿي جي سور تي ان جي پني ٺاهي رکجي ته مفيد آهي.

ڦوٽا:

نالا: ع. قاقله، ف. هيل، هه. وغيره___ الائچي، ابل، شوشمار ۽ شـہ فيون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: ڪتيلو، عيوض: ڪباب چيني، وزن: اڌ ماسي کان هڪ ماسي تائين.

سڃاڻپ: هڪڙا ننڍا ڦوٽا، ٻيا نر ڦوٽا، نر ڦوٽي جي کل ڪاري ٿيندي آهي ۽ ننڍي ڦوٽي جي کل ڀوري ٿيندي آهي. کل کي چيربو ته اندران ڪارسرا سنها داڻا نڪرندا.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، طعام کي هضم ڪن ٿا، وائي باديءَ کي تحليل ڪن ٿا، بک وڌائين ٿا، پيٽ جي سور، اوڪارن ۽ الٽيءَ ۾ مفيد آهن.

دستن ۽ رت جي دستن کي بند ڪرڻ لاءِ اُهي ٿاڌل وانگي گهوٽي پيارڻ گهرجن. وات کي خوشبودار ڪرڻ لاءِ وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، پچڻ ۽ ڦلارجي پوڻ جي حالت ۾ مفيد آهن.

ڦودنو:

نالا: ع. حبق، ف. فودنج، هه. وغيره___ پودينه، پودتڪ ۽ قونياسا.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: آنڊن کي، ميل: ڪتيلو، عيوض: ڦودنو جبلي، وزن: ٽن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: سڪل سائي رنگ جا پن، ٻن ٽن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪڙو جبل جو، ٻيو ميداني ۽ ٽيون جيڪو عام طرح پوکبو آهي. ميداني ڦودنو سٺو هوندو آهي.

خاصيت: معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، طعام کي هضم ڪري ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. حيض، پيشاب ۽ پگهر جاري ڪري ٿو. جلندر، يرقان، هڏڪي، سيني ۽ معدي جي رطوبت جي نيڪال لاءِ فائديمند آهي. وڇونءَ جي زهر لاءِ ترياق آهي. حمل کي ڪيرائي ٿو.

ڦوڳ:

نالا: ع. اسلنج، ف. ثمنل، هه. وغيره___ فوگ، پهوگهي ۽ پهوبي.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: کؤنر، عيوض: پان پاڙ، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: هي ننڍو ٻوٽو جبل ۽ وارياسي زمين تي پيدا ٿيندو آهي. هن جون ٽاريون ڊگهيون ۽ ڳنڍدار ٿينديون آهن.

خاصيت: گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. گهاٽن خلطن لاءِ منضج آهي. هن جو ڪاڙهو وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. سوري ۽ باه کي فائدو ڪري ٿو. ضماد هن جو سوڄ ۽ سور کي لاهي ٿو.

ڦولڙيون:

نالا: ع. بعر، ف. پشڪ، هه. وغيره___ ميزگني ۽ پشڪل.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: ___، ميل: عيوض: ___-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: رڍن ۽ ٻڪرين ۽ ڪن اهڙن جانورن جو سفل آهي، اڪثر ڪاري رنگ تي ڊگهيرڙا گول داڻا ٿيندا آهن.

خاصيت: ٻاڪرين ڦولڙين کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُن جي ٻاڦ ڪن ۾ ڏجي ته ڪن جي وهڻ ۽ سور ۾ فائدو ڪندو. ڦولڙيون ڪٽيل ۽ ڪڻڪ جو ڀوسو پاڻ ۾ ملائي رڌي لپري ڪري ٻڌڻ سان آڱر ويڙهي ۽ نـُـنهن ٿر کي فائدو ٿيندو.

ڦيس:

نالا: ع. اصل، ف. سحور، هه. وغيره___ پيس، ڪسرني ۽ ڪولان.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: پواڙي، عيوض: پن، وزن: ڇهن ماسن کان ٻن تولن تائين.

سڃاڻپ: هي کجيءَ جي پنن جهڙا نرم ۽ ڊگها پن ٿيندا آهن، اڪثر تؤنرين ۽ تڏن ۽ ٻهارن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا آهن.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي پيارجي ته پيشاب جاري ڪري، پرميل، مثاني جي ڦٽ، رحم جي رطوبت، ماليخوليا، جلندر، سلهه جي رت ۽ ڦٽ، وات مان رت اچڻ ۽ دستن بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

ڦيڻ:

نالا: ع. زبداللبن، ف. کف شير، هه. وغيره___ پهين، ۽ فصيح شخاب.

اثر: ______، نقصان: ______، ميل: ______، عيوض: ______، وزن: ڪوبه نه.

سڃاڻپ: کير ڏهڻ مهل جيڪا مٿان گجي ٿيندي آهي.

خاصيت: اها ڦيڻ ۽ مٺو تيل گڏي وار چري، ڏڊ، پتن تي لائجي ته فائدو ٿيندو. جن جاين تي وار جلد نه اچن، اُنهن تي لائجي ته وار جلد ايندا.


 

باب ”جيم“ جو

جاڻ:

نالا: ع. ڪمون ملوڪي، ف. نان خواه، هه. وغيره___ اجوائن، زينان، اخيلوس ۽ انبوس.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مٿي جو سور، ميل: داڻا، عيوض: بذرالبنج، وزن: ٽن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: هي سـُـوا جي ٻج جهڙو ڀوري رنگ تي آهي. ذائقي ۾ تيز ٿيندو آهي.

خاصيت: حيض ۽ پيشاب جاري ڪندڙ آهي، زهرن ۾ ترياق جو ڪم ڏئي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، جگر ۽ سيني جي سور، ٻرهل، کٽين اوگراين، بدهاضمي، پراڻن تپن، پٿري، مثاني مان رائي ڪڍڻ لاءِ، پرميل، پيشاب جو ساڙو، معدي مان ڪيڙن کي ماري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. ماکيءَ ۾ گڏي هن جي لپري ٺاهي ٻڌڻ سان سوڄ ۽ سخت سوڄ کي فائدو ڪري ٿي. هن جو لاڳيتو استعمال بدن ۾ ضعف پيدا ڪندو.

جاڻ خراساني:

نالا: ع. بذرالبنج، ف. بنج، هه. وغيره___ اجوائن خراساني، باطباط، سيڪران، افتيمون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جي ڦيري، ميل: سؤنف رومي، عيوض: جاڻ، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

سڃاڻپ: هي به ڀوري رنگ جو سنهن داڻن وارو ٻج آهي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿيندي آهي.

خاصيت جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿي، هاضمون پيدا ڪري، بک وڌائي ٿي، دماغي ۽ رحم جي رطوبت سڪائي ٿي، مٿي جي سور، کنگهه، دمڪشي، سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، عرق النسا، مثاني جي ڦٽ ۽ پٿري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو گهڻو استعمال مٿي ۾ ڦيري، چريائي ۽ عقل ۾ خلل پيدا ڪري ٿو.

جاؤتري:

نالا: ع. بسباسه، ف. بزباز، هه. وغيره___ جاؤتري، چارگون ۽ هوسيا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-،ميل: ___-، عيوض: جعفر، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هيءَ جعفر جي کل آهي، جنهن ۾ جعفر ڍڪيل رهندو آهي، ڳاڙهاڻ تي مائل هيڊي رنگ جي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿيندي آهي.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿي، وات ۾ خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، پيشابن جي گهڻائي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿي.

جاؤ شير:

نالا: ع. جاؤ شير، ف. جوا شير، هه. وغيره___ تاخروس، گواشير جاموشي.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: حيضن کي، ميل: ڊاماهو، عيوض: انجير جو کير، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: هي کؤنر جو قسم آهي، ڪاراڻ ۽ سفيديءَ تي مائل ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو.

خاصيت: فالــج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، ٻنڌين ۽ نبض جي تقويت، مٿي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا، مرگهي، کنگهه، جلندر، يرقان، ۽ مثاني جي ڦٽن ۾ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو، نزلي ۽ دماغي بيمارين ۾ مفيد آهي.

جاءِ وڻ:

نالا: ع. ظيان، ف. ياسمين، هه. وغيره___ چنبيلي، روان ۽ جوهي.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: غشيءَ کي پيدا ڪري، ميل: گل بنفشو، عيوض: اڇو گل، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هي وڻ عشق پيچ جي ول وانگيان پکڙندڙ ۽ گل ان جو اڇو خوشبودار ٿيندو آهي، هن جو گل دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو، وات کي خوشبودار ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، پيشاب جي گهڻائي، کنگهه، مٿي جو سور، ٻرهل، رحم جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿو. گرميءَ کان مٿي ۾ سور پوي ته هن جا گل سنگهڻ گهرجن، پن ۽ پاڙ ڪاڙهي پيارجي ته اُلٽين کي روڪيندو، کنگهه دمڪشي کي فائدو ڪندو، چٽيءَ وار چري جي جاين تي مهٽجي ته داغ صفا ٿي ويندا.

جبل جي ڊاک:

نالا: عربي- زبيب الجبل، فارسي- مويزڪ ڪوهي، اردو - مويزج، انگريزي- سٽيفيسگري سيڊس (Staphisagria).

سڃاڻپ: هيءُ هڪ جابلو ول جو ڦر آهي. رنگ ۾ ڀورو ڪارو ۽ ذائقي ۾ تيز، خارش پيدا ڪندڙ ٿئي ٿو. مزاج: گرم خشڪ ٽئين درجي ۾.

پيدائش: انگلستان ۾ ٿيندو آهي.

خاصيت: هي ڪيڙن مار اثر رکي ٿو، تنهنڪري جوئن وغيره جي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ گهوٽي مٿي تي لڳائيندا آهن. هن کي سرڪي ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪجن ته ڏندن جو سور لهي وڃي ٿو. ڊاڪٽرن کي به هن جي (پيراسٽي سائيڊ Parasiticide) (قاتل ڪرم تاثير) سان اتفاق آهي. هن ۾ ٻه نهايت زهريلا جوهر ٿين ٿا، تنهنڪري اندروني طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

جر جيرو:

نالا: عربي- بخور مريم، فارسي - پنجئه مريم، اردو - هاٿا جوڙي، بنگالي - هٽي مورا، انگريزي - هٽيو تروپ، (Hetio Trope).

سڃاڻپ: هيءَ هڪڙي گاهه جي پاڙ آهي، جا هٿ جئان ٿئي ٿي. هن جا پن هڪ پاسي کان ساوا ۽ ٻئي پاسي کان اڇا پشمدار ٿين ٿا. رنگ ۾ ڀوري ڪاري، اڇن نيرن گلن سان ۽ ذائقي ۾ تلخ آهي.

مزاج: گرم خشڪ 3 درجي ۾.

مقدار خوراڪ: چار ماسا.

پيدائش: ڪشمير جي مرطوب زمين ۽ ڇانوري وارين جڳهين تي ٿئي ٿي.

خاصيت: هيءَ (پاڙ) حيض، پيشاب ۽ پگهر کوليندڙ آهي، ٿڃ وڌائي ٿي، چوٿين ڏينهن ايندڙ تپ ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. هن جي پاڙ ۽ ٻج کل جي سطح صاف رکڻ لاءِ ليپ طور ڪارن داغن، سخت سوڄ، خنازير، چهرن جي چٽن ۽ ڇانئين وغيره لاءِ ڪتب اچن ٿا.

جل نم:

نالا: هندي- جل نيم، بنگالي - جل براهمي، اردو - جل نم، لاطيني- Herpets Monaira.

سڃاڻپ: هيءُ ڇٽو هڻندڙ ٻوٽو آهي. هٿ ڏيڍ يا صرف گرانٺ جيڏو ۽ پاڻيءَ جي ڪناري تي ٿئي ٿو. هن جي پنن جو ذائقو ۽ بوءِ نم جي پنن جئان ٿيندي آهي. (بنگالي ويد هن کي برهمي سمجهن ٿا، مگر اهو خيال غلط آهي.) هن جا گل، گلابي اڇا ۽ ڪارا ٿيندا آهن. هي ٻٽي قسم جو ٿئي ٿو.

مزاج: ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: 9 ماسا.

پيدائش: ڇانگا مانگا (لاهور جي قريب) ۽ ٻين هنڌن تي برسات ۽ گرميءَ ۾ عام ٿئي ٿو.

خاصيت: خون صاف ڪرڻ لاءِ نهايت مفيد دوا آهي. آلي، سڪي، خارش هٽائڻ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين ڇٽائڻ جي ڪتب اچي ٿو. هن سان سوداوي ۽ بلغمي مادي جو اخراج ٿئي ٿو. منجهانئس چانديءَ جو ڪشتو بهترين نموني تيار ٿئي ٿو. ڪارن مرچن ۽ لوڻ سان گهوٽي پيارجي ته ڇاپاڪي جو مرض ڇڏي وڃي ٿو.

نوٽ: جديد تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته هن ۾ هڪ تلخ جوهر موثره روغني مادو رهي ٿو. ڪاري گل وارو جل نم جنهن کي لاطيني ۾ (Lycopuseuropeaus) چيو وڃي ٿو، سو ناياب آهي.

جنطيانه:

نالا: عربي – دواء سڃاڻپ: ڪي مصنف هن جو هندي نالو پکان بيد لکن ٿا، مگر جنطيانا ۽ پکان بيد ۾ ڏينهن رات جو سنڌو ٿئي ٿو. هن جو رنگ ڳاڙهي چٽ تي، ذائقو پهريان مٺو ۽ پوءِ ڪڙو ٿئي ٿو.

مزاج: ٽئين درجي ۾ گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: هڪ کان ٻن ماسن تائين.

خاصيت: معدي کي طاقت ڏيندڙ، ريح وڃائيندڙ ۽ زهرن جو ترياق آهي. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. هن کي گهڻو ڪري معدي ۽ مثاني جي ڪمزوريءَ ۽ پيٽ جي سور لاءِ سفوف جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي. ايلوپيٿي ۾ هن جو ٽنچرايڪسٽريڪٽ وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. زهرن لاءِ ترياقي اثر رکڻ سبب ترياق اربعه ۽ ترياق ثانيه جو هڪ جزو آهي.

جوڀن جڙي:

نالا: عربي - اصل الخنزير، فارسي - بيخ خوڪ، هندي - بلائي ڪند، پهاڙي سياليان، اردو - بداري ڪند، بنگالي - ڀوئن ڪمرا، انگريزي - آئي پوميا ڊجي ٽيٽا. (I. Digitata).

جابلو ٻوٽي آهي، جا زمين قند (سورڻ) جئان ٿئي ٿي. هن تي سوئر جي وارن جهڙيون تندون ٿين ٿيون ۽ سوئر کيس گهڻو کائين ٿا. ان ڪري کيس باراهي ڪند به چيو وڃي ٿو. (باراهه سوئر کي چوندا آهن.) جن جا پن ڪچالن جئان ۽ گل واڱڻاڻي  ٿين ٿا. رنگ ۾ ٻاهران اڇي ۽ اندران کير جهڙي سفيد ٿئي ٿي. ذائقي ۾ مٺي آهي.

مزاج: گرم خشڪ.

پيدائش: هي شملو، ڪالڪا، ديرادون، ڪانگڙهه، اڌيپور ۽ ويشنوديوي، (جمون) وغيره ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: هي بک لڳائيندڙ، عضون کي طاقت ڏيندڙ ۽ قوت باهه وڌائيندڙ آهي. هن جي کائڻ سان زالاڻي قوت باهه ۽ ٿڃ ۾ اضافو ٿئي ٿو. هي تنها يا مناسب دوائن سان سفوف جي شڪل ۾ ڪم اچي ٿي.

محلل (Resoluent) هئڻ سبب پاڻيءَ ۾ گهوٽي ليپ ڪجي ته سوڄ لهي ٿي وڃي. جريان هٽائڻ ۽ جواني بحال رکڻ لاءِ بي نظير آهي.

جد وار:

نالا: ع. زد وار، ف. ماه پروين، هه. وغيره___ نربسي، انتلم، بارهي ۽ ساطريوس.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: آنڊن ۾ زخم ڪري، ميل: ڌاڻا ۽ ڪتيلو، عيوض، ڪپور ڪچڙي، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جي هڪ پاڙ آهي. نر ڳنڍي وانگر ڳنڍيون ٿينديون اٿس.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. رئيس عضون کي طاقت ڏئي ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، فالــج، لقوي، جلندر، يرقان، ٻرهل، مرگهي، مٿي جو سور ۽ پاسي جي سور لاءِ مفيد آهي. بک لڳائي ٿو، پيشاب جاري ڪري ٿو، گردن ۽ مثاني کي تقويت ڏئي ٿو، زهرن لاءِ ترياق آهي. هن کي گهي سور ۽ سخت سوڄ تي لائبو ته فائدو ڪندو.

جر ڦل:

هن جي خاصيت "گلاب جي گل" ۾ آيل آهي.

جست:

نالا: ع. شيه، ف. روئي توتيا، هه. وغيره___ کپريا، فصلوهن ۽ خارصيني.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ٻرهل ۽ قولنج کي، ميل: ماکي، عيوض:___-، وزن: ڪشتو هڪ رتي.

سڃاڻپ: اڇا ٽڪر هلڪي ڪاراڻ تي مائل معدني پيدائش آهي.

(ڪي چون ٿا، ته پاري، ٽامي ۽ قلعيءَ مان جوڙين ٿا.)

خاصيت: جست مان ٺهيل وٽي ۾ کير پيڻ سان دل، دماغ ۽ معدي کي طاقت رسي ٿي، قوت باهه وڌندي، ڪانول پيرن جي رس ۾ هن کي گهي لائڻ سان سوڄ کي نرم ڪندو.

جست کي ڦلائڻ ۽ قائم ڪرڻ جي هيءَ واٽ آهي، ته جست کي ايريال جي رس ۾ ٽيهه دفعا ٽوٻا ڏيئي صفا ڪري، پوءِ پنير وڻ جا پن اڌ پاءُ جيترا گهوٽي ان جو لغدو ٺاهي، بوتي ۾ وجهي گلحڪمت ڪري، پنڌرهن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏجي، ته قائم ٿي ويندو، پوءِ پاري کي هيٺان مٿي ڏيئي عقد ڪري، هن جو ڪشتو سرعت، رقت، رحم جي سيلان ۽ بخارن لاءِ مفيد ٿئي ٿو.

جعفر:

نالا: ع. جوزالطيب، ف. جوزبوا، هه. وغيره___ جائفل ۽ جوزبا.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: جگر ۽ مٿي جو سور، ميل: ڌاڻا ۽ بنفشو، عيوض: جاؤتري، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

سڃاڻپ: ميرانجهڙي رنگ تي عناب جي داڻن جيڏا، داڻا ٿين ٿا، ذائقي ۾ تيز ۽ خوشبودار ٿيندا آهن.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، معدي ۽ جگر کي تقويت ڏين ٿا طعام کي هضم ڪن ٿا، بک کي وڌائين ٿا، قوت باهه کي زياده ڪن ٿا، فالـج، لقوي، الٽين، وات جي خوشبودار ڪرڻ لاءِ، سيني، آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لا”، کنگهه، ڦڦڙن، ڪن ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

جليبي:

نالا: ع. زلابيه، ف. زيبي، هه. وغيره___ حلوائي زيب، جليب.

اثر: گرم تر، نقصان: ___-، ميل: کير، عيوض: ______، وزن: ٽي تولا.

سڃاڻپ: گول چڪري دار مٺائيءَ جو قسم آهي، جيڪو ميدو، گيهه ۽ کنڊ مان ٺاهيندا آهن.

خاصيت: ڪوسيون جليبيون کائڻ سان کنگهه، کرٽئي، دمڪشيءَ ۽ زڪام کي فائدو ٿيندو، کير ۾ گڏي کائبو ته قوت باهه ۽ مني گهاٽي ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. جليبين کي ٺاهڻ وقت تري پوءِ کنڊ جي چاش ۾ ٻوڙيندا آهن، اها چاش خاص طرح کرٽڻي جي کنگهه ۾ روزانو ٻه اڍائي تولا کائڻ سان فائدو ٿيندو.

جمال گهوٽو:

نالا: ع. حب السلاطين، ف. تخم بيد، انجير خطائي، هه. وغيره___ جيپال گهوٽو، دند شاب ۽ حب الملوڪ.

اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: کير يا گيهه، عيوض: ___-، وزن: اڌ رتيءَ کان هڪ رتيءَ تائين.

سڃاڻپ: هي داڻا هيرڻ جي ڪڪڙين جي نموني تي چٽڪمرا ٿيندا آهن.

(زهردار آهن، تنهنڪري هنن کي اصلاح ڪري پوءِ ڪم آڻجي.)

خاصيت: گهاٽي بلغم ۽ غليظ خلطن جو جلاب آهي، جلندر، يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور، بادفرنگ، ٽانڪيءَ جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، پرميل، مثاني جي ڦٽ، نزلي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، سخت سوڄ لاءِ مفيد آهي. وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهي.

نوٽ: هن کي صفا ڪري کير يا ڏڌ ۾ رڌي، پتا ڪڍي، ليمي جي پاڻيءَ ۾ کرل ڪري پوءِ ڪم آڻجي.

جند:

نالا: ع. جند بيد ستر، ف. آش پچگان، هه. وغيره___- خايه سگ آبي، سوقطون، اڪبيانوش ۽ فاحشه.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان گرم مزاجن کي، ميل: شربت، عيوض: ڪني ڪاٺي، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

سڃاڻپ: لڌڙي جانور جا خصيا آهن، جن کي ترتيب سان سڪائي، استعمال ڪندا آهن.

خاصيت: فالــج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، سرسام، مٿي جي سور، دماغي بيمارين، معدي، ٻنڌين ۽ جگر جي ڪم طاقتي لاءِ مفيد آهي. بلغمي خلط کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، وائي بادي کي تحليل ڪري ٿو، خفقان، ماليخوليا ۽ سرد مزاجن لاءِ موافق ۽ فائديمند آهي. معدني زهرن جو ترياق آهي، وڇون ۽ نانگ جي ڏنگيل لاءِ مفيد ٿئي ٿو.

جوَ:

نالا: ع. شعير، ف. جـوَ، هه. وغيره___ جو، اريا، صعاري ۽ فرثما.

اثر: گرم تر، نقصان: آنڊن ۽ مثاني کي، ميل: گيهه ۽ کنڊ، عيوض: ___-، وزن: هڪ کان چار تولا.

سڃاڻپ: مشهور ان جا داڻا آهن، جيڪي کل ۾ ڍڪيل ۽ ڊگهيڙا ڏسبا آهن، ڇڙي يا ٻيءَ طرح کل لاهي صاف ڪري پوءِ ڪم آڻبا آهن.

خاصيت: هنن جي ماني هلڪي غذا آهي، رت ۽ صفرا جي جوش، اُڃ ۽ گـرميءَ جـي تپ کي گهٽائين ٿا. هنن جي رٻ جگر، ڦڦڙن، سلهه، تپ دق، سيني ۽ پـاسـي جـي سـور، کنگهـه، مٿـي جي سور ۾ فـائدو ڪـري ٿي. بلغمي خلط کي تحليل ڪري ٿي، پيشاب جاري ڪري ٿي، بيمارن لاءِ لطيف غذا آهي.

جوکار:

نالا: ع. شخارابيض، ف. جوکهار، هه. وغيره___ جوکهار ۽ ڪجن.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: الٽين کي، ميل: طباشير ۽ کؤنر، عيوض: لوڻ ڪارو، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

سڃاڻپ: چينيءَ جي ٽڪرن وانگر هڪڙي قسم جي اڇي کار آهي، ڪي چون ٿا ته لوڻ جو قسم آهي. (درحقيقت جيئن ٻين دوائن جو لوڻ وٺبو آهي تيئن هي جـَـوَن جو لوڻ آهي. غني)

خاصيت: معدي ۽ هاضمي کي طاقت ڏئي ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو، پرميل، ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، رحم جي رطوبت کي سڪائي ٿو، کنگهه، جگر جي سدن، جلندر ۽ سلسلبول لاءِ فائديمند آهي.

جوئر:

نالا: ع. خند روس، ف. ذرهِ مکه، هه. وغيره___ جوار، خنط رومي، خالاوان ۽ يوڪيدهرا.

اثر: معتدل، نقصان: آنڊن ۽ مقعد کي، ميل: گيهه، عيوض: جو، وزن: اڌ پاءُ.

سڃاڻپ: ان جو مشهور قسم، داڻا گول، رنگ اڇو ۽ ڳاڙهو.

خاصيت: هن جي ماني گهاٽي بلغم کي وڃائي ٿي، رت ۽ صفرا جي جوش کي گهٽائي ٿي، سلهه جي رت کي بند ڪري ٿي، غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، تپ، صفراوي دستن لاءِ فائديمند آهي. هن جي لپري سخت ڳوڙهن کي ڦاڙي ٿي.

هن جو ڀت رڌجي ان ۾ وڏف وجهجي، انهي ڀت کائڻ سان زالن جي ٿڇ ۾ واڌارو ٿيندو.

جونءِ:

نالا: ع. قمقام، ف. سپش، هه. وغيره___ جوئي، قمل، بيت ۽ طفاحه.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: قلب کي، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: 7 عدد.

سڃاڻپ: ماڪوڙيءَ جي قريب قد جيترو جيت، جيڪو ماڻهوءَ ۾ گهاٽي رت جي پيدائش کان پوءِ يا گهڻو عرصو بيمار رهڻ ۾ ضعف هجڻ کان بدن ۾ پيدا ٿين ٿيون.

خاصيت: ڇهه عدد جوئون جهلي، چونري ولايتيءَ ۾ وجهي اهو چؤنرو ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ واري کي کارائبو ته تپ ڇڏي ويندو. زيتون جي تيل ۾ گڏ مالش ڪري اهو تيل آلت جي سوراخ ۾ وجهي ته امساڪ گهڻو ٿيندو. حمل واري عورت جي جـُـون جهلي تيل ۾ وجهي، جي جـُـون مري ويئي ته پٽ، نه ته ڌيءَ ڄڻيندي.

جوهر لوبان:

نالا: ع. دُخان الضرو، ف. سته لوبان، هه. وغيره___ مغز لوبان، ڪليوس ۽ شند.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ___-، عيوض: ______، وزن: ٻن کان ڇهن رتين تائين.

سڃاڻپ: ميرانجهڙا ننڍڙا ٽڪر ٿيندا آهن. (هن جا ٻه قسم آهن هڪڙو ميرانجهڙو ٻيو وري انهن ميرانجهڙن ٽڪرن ۾ اڇا ذرا ذرا، ان کي لوبان ڪوڏيون چوندا آهن،) دوائن ۾ هن جو ست استعمال ٿيندو آهي جنهن جي ترڪيب هن طرح آهي ته لوبان کي ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهي مٿان ٻيو ٺڪر جو ٿانو اونڌو ڪري رکي هيٺان ڏيو ٻاربو ته ست وڃي مٿئين ٿانو ۾ لڳندو، جيڪو اڇي رنگ تي چلڪيدار ٿيندو آهي.

خاصيت: اهو ست مني ۽ قوت باهه زياده ڪري ٿو آلت جي سستي وڃائي ٿو، نزلي ۽ دماغي رطوبت ۽ حيض کي سڪائي ٿو. فالــج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، سنڌن جي سور، دل، دماغ جي طاقت لاءِ مفيد آهي، مٿي ۽ ڏندن جي سور لاءِ هن جي ناس ڏيارجي.

جيرو:

نالا: ع. ڪبد، ف. جگر، هه. وغيره___ ڪليجا ۽ مروسيا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: ڌاڻا ۽ دارچيني، عيوض:-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: مشهور عضوو آهي، سڀڪنهن جانور جو جيرو جدا جدا اثر رکي ٿو، ٻڪر ۽ هرڻ جو جگر چڱو آهي.

خاصيت: ان کي پچائي کارائجي ته جگر کي طاقت ڏيندو، آنڊن جي ڦٽ، جگر جي سور، معدي جي سور، مرگهي ۽ سڪته جي بيمارين ۾ مفيد آهي. هن کي باه تي پچائڻ مهل هن مان جيڪو پاڻي نڪري، اهو اک جي شبڪوري، ڦلي ۽ ڌنڌ جي لاءِ فائديمند آهي.

جيرو اڇو:

نالا: ع. ڪمون ابيض، ف. زيره سفيد، هه. وغيره___ زيرا ۽ جامع اللخم.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: دماغ کي، ميل: ننڍا ڦوٽا، عيوض: ڪاسني، وزن: ٽن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: ميرانجهڙي رنگ جو ٻج آهي، هن کي گهوٽي پياربو ته پيشاب جاري ڪندو، اُڃ، صفرا ۽ رت جي جوش کي گهٽائيندو، مثاني جي پٿري، رائي ۽ مثاني جي ڦٽ، پرميل، صفراوي تپن، ٻرهل، يرقان، جگر جي گرمي ۽ رت صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

باب ڄي جو

ڄار:

نالا: ع. اراڪ، ف. درخت مسواڪ، هه. وغيره___ پيلو، چوج ۽ شينتا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: آنڊن ۾ خارش پيدا ڪري، ميل: ڪتيلو، عيوض: صندل ۽ ڪيوڙو، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: هي مشهور وڻ آهي، هن جا پن معدي ۽ جگر کي تقويت ڏين ٿا، دستن کي بند ڪن ٿا، رحم جي سوڄ ۽ سور، بادفرنگ جي ڦٽن، بدن جي خارش، جذام، مثاني جي ڦٽ، پرميل، پيشاب جي ساڙي لاءِ مفيد آهي. پٿري رائي کي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، ان جي پاڙ جو ڏندڻ ڪبو ته ڏند ۽ مهارون مضبوط ٿيندا، وات جي بدبوءِ ۽ بلغم کي وڃائيندا، ان جا ڇوڏا ڪاڙهي پياربا، ته جلندر ۽ صفرا جي خلط کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو.

ڄارو پاڻي جو:

نالا: ع. ثوب الماءِ، ف. جام غوک، هه. وغيره ___ ڪائي طلحب، جفرابه ۽ پشم ذرع.

اثر: سرد تر 2، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: نازبوُ، عيوض: گل ڪلنگو، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هي سائي رنگ تي پاڻيءَ جو ميل آهي، جيڪو ڍنڍن ۽ تلاون جي ڪنارن تي ڏسبو آهي، پاڻيءَ مٿان به ڇٽي هڻي بيهندو آهي.

خاصيت: حيض واري زال هن جو شافو کڻي ته حيض جو رت بند ٿئي. بدن جي ڪنهن ڀاڱي مان رت ايندڙ هجي ته اهو ڄارو سڪائي اُتي ٻـُـرڪجي. ڪڻڪ جي اٽي سان گڏي رڌي لپري ڪري رکجي ته سخت ڳوڙهن کي نرم ڪري ڦاڙيندو. سڪل ڄارو زيتون جي تيل سان ملائي کائڻ سان صفراوي دستن ۽ ٻرهل کي فائدو ٿيندو.

ڄارو ڪوريئـَـڙي جو:

نالا: ع. نسج العنڪبوت، ف. ابرڪا ڪيات، هه. وغيره___ مڪڙي کا جالا، ۽ ارويحڪ.

اثر: سرد خشڪ 2، _________-، وزن: ٽن ماسن کان تولي تائين.

سڃاڻپ: هي تندون گهرن جي ڇتين ۽ وڻن ۾ ٿينديون آهن، اهو ڪوريئڙي جيت جو سفل آهي.

خاصيت: بدن جي ڪنهن ڀاڱي مان رت نڪري ۽ بند نه ٿئي ته ڄاري رکڻ شرط رت بند ٿي ويندو.

نڪهير جي حالت ۾ ڄاري کي مهٽي يا پيهي ناس ڏيارجي، دستن ۽ ٻارن جي ٿڌڙن لاءِ مفيد آهي، هن کي ترن جي تيل ۾ گڏي مرهم ڪري خراب ڦٽن تي رکبو ته اُنهن کي ڇٽائيندو.

ڄانڀو:

نالا: ع. حرف اسطرح، ف. حرف مشرق، هه. وغيره___ جانبه، تارا ميرا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ______، عيوض: سرنهن، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: سنهڙا، ڳاڙهسرا ڀوري رنگ تي ٻج جا گول داڻا، ذائقي ۾ تيز ٿيندا آهن.

خاصيت: وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ، ڦڦڙن ۽ سيني جي رطوبت ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ، ٻرهل ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري ٿو، هن کي ڪٽي رڌي لپري ڪري سور ۽ سخت سوڄ جي هنڌن تي ٻڌبو ته فائدو ٿيندو.

ڄانڦل:

هن جي خاصيت "زيتون" ۾ آيل آهي.

ڄاهو:

نالا: ع. قنفذ، ف. خار پشت، هه. وغيره___ ساهي، سارسل، سخول ۽ سيفرا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: جگر ۽ معدي کي، ميل: ______، عيوض: ___-، وزن: ضرورت مطابق.

سڃاڻپ: هي جانور ٻلي کان گهڻو ننڍو، سڄو ڪنڊن سان ويڙهيل ڪوئي جي شڪل تي، ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو.

خاصيت: فالـج، جلندر، عضون جي سيٽجڻ، داءِ الفيل، جذام، گردي جي سور، ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي کل ٽانڊن تي رکي موڪن کي اُن جو دونهون ڏبو، ته موڪن کي ساڙي ڪيرائيندو ۽ بواسير جي رت کي بند ڪندو.

ڄڀ:

نالا: ع. لسان، ف. زبان، هه. وغيره___ جيب ۽ نبب.

اثر: گرم تر 1، نقصان: معدي کي، ميل: ڌاڻا ۽ سرڪو، عيوض: ___-، وزن: هڪ عدد.

سڃاڻپ: مشهور عضوو آهي، سڀني زبانن جو تاثير هڪجهڙو آهي.

خاصيت: ڄڀ کي گرم مصالحن ۾ رڌي حل ڪري کارائجي ته زبان کي طاقت ڏئي، ڳالهائڻ ۾ اٽڪ هجي ته اُها لاهي، ڪتي جي ڄڀ کي ترن جي تيل ۾ ساڙي مرهم ڪري رکجي، اهو مرهم ڦٽن، ناسور ۽ نواسير لاءِ فائديمند آهي، ۽ خراب ڦٽن ۾ گوشت پيدا ڪندو.

ڄرڪو:

نالا: ع. سمڪ اڪميه، ف. ماهي ڪهنه، هه. وغيره___ لي ماهي قوس ۽ بوڻي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: دارچيني ۽ بصر، عيوض: ___-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: بنا ڇلرن واريءَ مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو سفيد رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي گرم مصالحن سان حل ڪري کائبو ته قوت باهه ۽ منيءَ کي وڌائيندو، آلت جي ڊگهائيءَ ۽ سستيءَ جي حالت ۾ هن جي چرٻيءَ جي مالش ڪرڻ گهرجي. هن جو پتو، اک جي خارش، ڦلي ۽ ناسور لاءِ فائديمند آهي.

ڄرؤن:

نالا: ع. علق، ف. زلو، هه. وغيره___ جونڪ، سلوڪ، ديوچه ۽ ورن.

اثر: سرد خشڪ، __________________، وزن: ٻه عدد.

سڃاڻپ: گهٽ وڌ آڱر جي قد وارين سائي رنگ تي بيٺل پاڻيءَ ۾ رهندڙ هڪ جيت آهي.

خاصيت: هنن کي زيتون جي تيل ۾ ساڙي تيار ڪري، اهو تيل مالش ڪري، ته آلت جي سستي ۽ ڍرائي وڃائي آلت کي مضبوط ۽ ڊگهو ڪري، اُن ۾ ٿورو سرڪو وجهي جوش ڏيئي رکي ته پوءِ اهو سرڪي وارو تيل، موڪن، مقعد جي ڦٽن ۽ سوڄ تي لائيندو ته اُن کي گهڻو فائدو ٿيندو. هنن کي ٽانڊن تي رکي گهر ۾ دونهون ڪبو ته گهر مان مڇر، وڇون ۽ نانگ بلائون سڀ ڀڄي ويندا. هنن کي ساڙي خاڪ ڪري، وارڇني اُنهيءَ هنڌ تي اها خاڪ مکبي ته اُتي وار ڪونه ڄمندا.

ڄمون:

نالا: ع. جامن، ف. جامون، هه. وغيره___ جام پهليدا ۽ ارونيه.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: لوڻ، عيوض: ___، وزن: رُبَ ٻه تولا، ۽ مغز ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو صوفي ٻير جيڏو ميوو ٿئي ٿو اندر داڻو ٿيندو اٿس.

خاصيت: گرمي، صفرا جو جوش ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽ ڪن ٿا، بک وڌائين ٿا، آنڊن جي ڪيڙن کي مارين ٿا، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، هن جو ٻج صفراوي دستن کي بند ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

جوُءِ:

نالا: ع. زفت يابس، ف. زمور، هه. وغيره___ لاک سرخ، لاک زمور ۽ فسينا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان مٿي جو سور، ميل: بنفشو، عيوض: لاک، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ تي ٽڪرا ٿيندا آهن، جن کي ڌوئي ڪم آڻبو آهي.

خاصيت: پراڻي کنگهه، ڦڦڙن مان رت جو اچڻ، چيلهه جو سور، پنين جو سور، سيني جو سور، رحم ۽ سيني جي رطوبت ۾ مفيد آهي، هن مان ٺاهيل مرهم ڦٽن لاءِ فائديمند آهي.

 

باب جهه جو

جهرڪي:

نالا: ع. عصفور، ف. ڪنجشڪ، هه. وغيره___ چڙي، سرچه، ڪوريد ۽ اففيس.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڏاڙهون يا شڪنجبين، عيوض: ___، وزن: ٽي عدد.

سڃاڻپ: هي مشهور ننڍو پکي آهي، جيڪو گهرن ۽ وڻن ۾ آکيرا ٺاهي رهندو آهي.

خاصيت: گوشت هن جو بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو، فالـج، لقوي، ضعف جگر، ضعف معدي، جلندر، يرقان، کي مفيد آهي. مثاني جي پٿري، گردي جي رائي کي پيشاب جي رستي خارج ڪري ٿو، هن جو پتو اکين جي بيمارين، خارش ۽ ڦلي کي فائدو ڪندو، وِٺِ هن جي ڦٽن ڦرڙين ۽ ناسور جي لاءِ چڱو مرهم آهي.

جهنگ ٻلو:

نالا: ع. سور وحشي، ف. گربه دشتي، هه. وغيره___ بلا سفيد، ظهون ۽ شياح.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ______، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: هڪ ماسو.

سڃاڻپ: هي مشهور جانور، ٻلي جي نموني تي اڇي رنگ جو ٿيندو آهي، هن جي بغلن ما کٿوري ڪڍندا آهن.

خاصيت: هن جي کل مان ٽوپي ٺهرائي، مٿي ۾ وجهجي ته اڌ مٿي جو سور، نزلي ۽ دماغ جي رطوبت کي فائدو ٿيندو. هن جو گوشت خنجر ۽ تلوار جي ڌڪ تي ٻڌجي ته ان کي ڇٽائيندو. پتو هن جو اکين جي بيمارين ۽ لذت النسا جي لاءِ مفيد آهي.

جهنگلي بصر:

نالا: ع. عنصل، ف. پياز دشتي، هه. وغيره___ بسلا، ڪانده، اصيقل ۽ اطيطون.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: کير ۽ مڇي، عيوض: بصر، وزن هڪ تولو.

سڃاڻپ: بصر جي نموني تي ڳنڍيون ٿئي ٿو، ذائقي ۾ ٿورو مٺو، جبل ۽ وارياسن پٽن جي پيدائش آهي.

خاصيت: فالـج، لقوي، مرگهي، مٿي جو سور، سرسام، نزلي جي رطوبت، دماغ جي ڦيري، جلندر ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، مثاني جي بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿو.

جهنگلي ڪريلو:

نالا: ع. قثاءِ الحمار، ف. خيار دشتي، هه. وغيره___- ڪچري تلخ، سمهانڪ ۽ شقر شينا.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: 2 ماسا.

سڃاڻپ: هي پاڻ ۽ سندس ول ٻئي چڀڙ جي نموني ٿيندا آهن، تفاوت هي آهي، جو هن تي ڪنڊا ڪنڊا ٿيندا آهن، هن جي کل هيڊي ٿئي ٿي.

خاصيت: صفرا جي خلط ۽ بلغم لاءِ جلاب آهي، فالـج، لقوي، مرگهي، جلندر، يرقان، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا جي درد ۾ مفيد آهي. مثاني مان پٿري ڪڍي ٿو، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. هن کي ترن جي تيل ۾ ساڙجي، پوءِ اهو تيل ڪن جي ٻوڙاڻ ۽ ڪن جي سور لاءِ مفيد آهي.

جهڻ:

نالا: ع. مخيض، ف. دوغ، هه. وغيره ___-، ڇاڇ، ايبران، حقين ۽ اودهت.

اثر: سرد تر 1، نقصان: دماغ کي، ميل: جوارش ڪموني، عيوض: ___، وزن: اڌ پاءُ.

سڃاڻپ: ڌونري کي ولوڙي مکڻ ڪڍڻ بعد جيڪي باقي بچي ان ۾ پاڻي وجهي رکجي.

خاصيت: اڃ ۽ گهڻي گرميءَ کي گهٽائي، صفرا جو جوش هٽائي ٿي، صفراوي دستن کي بند ڪري ٿي، پيشاب جاري ڪري ٿي، پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ کي صفا ڪري ٿي، ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ جي لاءِ فائديمند آهي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿي. معدي کي طاقت ڏئي ٿي، ڳري ۽ دير هضم غذا آهي.

جهنگ بصر:

نالا: عربي - عنصل ۽ بصل البر، فارسي - اسقيل ۽ پياز دشتي، هندي - ڪانڊا، بنگالي - بن پياج، مرهٽي- ڪولي ڪاندا، انگريزي- انڊين سڪوئل، (Indiansquill).

سڃاڻپ: هيءَ بصر وانگي هڪ ٻوٽي جي پاڙ آهي، جنهن مان هٿ ڏيڍ اڇي گلن جي ڇڳي سان ٽاري اسري ٿي، جنهن جي چوڌاري بصر جهڙا پن هوندا آهن. رنگ ۾ سفيدي مائل، ڀوري يا ميرانجهڙي ٿئي ٿي. ذائقي ۾ نهايت تلخ آهي.

مزاج: گرم خشڪ 3 درجي ۾ رطوبت سان.

مقدار خوراڪ: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

پيدائش: سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بنگال وغيره صوبن ۾ وارياسي زمين تي پيدا ٿئي ٿي.

خاصيت: هيءُ محلل (حل ڪندڙ) مفرح (ڦڙو پيدا ڪندڙ) رت جذب ڪندڙ، مقوي باه ۽ زهرن جو اثر زائل ڪندڙ آهي. هن سان حيض ۽ پيشاب جاري ٿئي ٿو، بلغم جي اخراج، پيٽ جي ڪينئن مارڻ وغيره لاءِ عام بصر کان هر حالت ۾ قوي ٿئي ٿي. کنگهه ۽ جلندر لاءِ شربت طور ڪتب آڻيندا آهن. ايلوپيٿي ۾ ٽنچر سلا (Tr.seilla) عام مستعمل آهي.

جهنگ تلسي:

نالا: عربي - بادروج، فارسي - ريحان دشتي، هندي- بن تلسي، انگريزي- (Ocimum Album).

سڃاڻپ: نازبوءِ جي ذات مان آهي. رنگ ۾ سائي، ذائقي ۾ ڪوڙي ٿئي ٿي. سندس گل، گلابي چٽ تي ٿيندا آهن.

مزاج: گرم 2، خشڪ 1.

مقدار خوراڪ: ٻج، پنجن کان ست ماسا، پن ستن کان تولي تائين.

پيدائش: اولهه پاڪستان ۽ بنگال کان علاوه ڀارت جي هر حـصي ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: سوڄ نيسائيندڙ، طبيعت کي فرحت ڏيندڙ، دل کي طاقت رسائيندڙ، حيض ۽ پيشاب کوليندڙ آهي. ڪن جي سور لاءِ هن جي رس ڪارآمد ٿئي ٿي. خفقان ۽ دل جي سستيءَ لاءِ هن جا ٻج (جن کي تخم شربتي به چيو وڃي ٿو) شربت ۾ وجهي پياريا ويندا آهن. حيض کولڻ لاءِ هن جي پنن جو ڪاڙهو ڪتب اچي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 12 14 15 16 18 17 19 20 21 23 22 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org