عود ڪاٺي:
نالا: ع. عود غرقي، ف. عود، هه. وغيره___- اگر،
انجوع، دالي ۽ مرهان.
اثر: گرم خشڪ، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڪافور ۽
گلاب، عيوض: دارچيني، وزن: ٽن کان چار ماسا.
سڃاڻپ: ڪاري رنگ تي خوشبودار ڪاٺي ٿيندي آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، جگر، معدي،
دماغ ۽ اندرين پردن کي طاقت ڏئي ٿي. کنگهه، دمڪشي،
خفقان، ماليخوليا، ٻرهل، جلندر، مثاني، گردن جي
رحم جي جاين کي فائدو ڪري ٿي. وائي بادي کي وڃائي
ٿي، قوت باهه وڌائي ٿي، طعام کي هضم ڪري ٿي، ڏندن
۽ مهارن جي مضبوطي ۽ وات جي خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ
مفيد آهي.
باب
”غـَـينَ“
جو
غاريقون:
نالا: ع. غاريقون، ف. غاريڪون، هه. وغيره___
ماشمان.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ٻرهل وارن کي، ميل: سؤنف
رومي، عيوض: افسنتين، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هي ٽڪرا چڪي وانگيان اڇي رنگ تي، ڦيڦا ۽
ڀورا ذائقي ۾ تيز تر ٿيندا آهن.
خاصيت: گهاٽي بلغم، سودا ۽ صفرا لاءِ جلاب آهي.
گهاٽن خلطن کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. مٿي جي سور، پيٽ
جي سور ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي. رحم ۽ دماغ جي
رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، جگر جي سدن ۽ ٻرهل کي ڳاري
ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. حيض ۽ پيشاب کي
جاري ڪري ٿو، زهر لاءِ ترياق آهي.
نوٽ ___ هن کي پرڻ مان ڇاڻي پوءِ استعمال ڪجي، ڇو
ته انهي ۾ جيڪي نهن وانگر ذرڙا پيل آهن، سي زهر
آهن.
باب
”في“
جو
فادزهر حيواني:
نالا: ع. حجرالبقر، ف. سنگ گاؤ، هه. وغيره___
گاروهن، گوڪالوچن ۽ مرگاو.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڪتيرو،
عيوض: ___-، وزن: ٻه جـَـوَ.
سڃاڻپ: زردي رنگ جا سنها گول داڻا آهن جي ڍڳين ۽
ڪن ٻين جانورن جهڙوڪ: شينهن وغيره جي اوجهريءَ مان
نڪرن ٿا، سخت پهڻ وانگر ٿيندا آهن.
خاصيت: ترياق آهي وڇون ۽ نانگ جي زهر جو، وائي
باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، قوت
باهه کي وڌائي ٿو، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو.
مثاني ۽ گردي جي رائي ۽ پٿريءَ کي ڀڃي ٻاهر ڪڍي
ٿو. چٽي، ڪوڙه ۽ منهن ۾ پيل ڇانئن جي داغن تي هن
جو ليپ فائدو ڪندو.
فاد زهر کاڻي:
نالا: ع. ترياق حجري، ف. ترياق کوهي، هه. وغيره___
پادزهر، حجر اسم ۽ لاذج.
اثر: گرم تر 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: آب
گلاب، عيوض: زهر مهرو، وزن: هڪ رتي.
سڃاڻپ: هي گول داڻو جوهردار بيضوي شڪل تي پردا
پردا ٿئي ٿو، جبلن جي کاڻين مان لڀندو آهي.
خاصيت: سڀني معدني ۽ حيواني زهرن لاءِ ترياق آهي.
معدي، جگر ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو. گڙدن ۽ مثاني جي
ضعف کي هٽائي ٿو، رت کي صفا ڪري ٿو، مني زياده ڪري
ٿو. سوداوي بيمارين ۾ مفيد آهي.
فالودو:
نالا: ع. فالوذج، ف. پالوده، هه. وغيره___ پالودا
۽ فالوذق.
اثر: گرم تر، نقصان: معدي کي، ______، وزن: ٻه
تولا.
سڃاڻپ: مشهور غذا آهي، جا نشاستي، گيهه ۽ کنڊ مان
جوڙبي آهي.
خاصيت: ضعيف مريضن لاءِ مقوي غذا آهي، دل ۽ دماغ
کي طاقت ڏئي ٿو، سيني جي سور لاءِ مفيد آهي. سيني
۽ ڦڦڙن جي بلغم کي کانگهارن رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، رت
جي دستن ۽ صفراوي دستن لاءِ مفيد آهي.
فراسيون:
نالا: عربي - علقمه، فارسي - افغان سر.
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو گاهه آهي، جنهن جا پن گلابي ۽
گل واڱڻائي رنگ تي ٿين ٿا. ذائقي ۾ تلخ ۽ ناگوار
بوءِ سان ٿئي ٿو.
مزاج: گرم 2، خشڪ 3 درجي ۾. (هن جي قوت ڇهن ورهين
تائين رهي ٿي).
مقدار خوراڪ: هڪ کان پنجن ماسن تائين.
خاصيت: هي جگر ۽ طحال جا سدا کولي ٿو، منجهس
ترياقي قوت رهي ٿي. هن جي رس ڪن جو سور لاهي ٿي.
ماکي ملائي اک ۾ وڌو وڃي ته اکين تان يرقان جي
ساوڪ لهي وڃي ٿي. اکين جي ڌنڌ، موتي پاڻي وغيره
لاءِ مفيد آهي. شربت بنفشي سان پيارجي ته کنگهه،
سيني ۽ ڦڦڙن جي زخمن ڇٽائڻ ۾ دير نٿو ڪري. انجير
سان کنگهه ۽ دمه لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. ايرسا سان
رحم جو تنقيو ڪندڙ، حيض کوليندڙ، ويم سؤلو
ڪرائيندڙ ۽ مئل ٻار ڪيرائيندڙ آهي. غليظ ريح دفع
ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارآمد آهي.
فرفيون:
نالا: ع. حافظ الاطفا، ف. فريون، هه. وغيره___
ابربيون، اوميون، فلته ۽ اڪل بنفشه.
اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: رب
سوس، عيوض: جند بيدستر، وزن: ٻن کان چار رتيون.
سڃاڻپ: هڪ کؤنر جو قسم آهي، جيڪو هيڊي ۽ خاڪستري
رنگ تي ٿيندو آهي.
خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي. فالـج،
لقوي ۽ عضون جي استرخاءِ، مرگهي، سڪته، جلندر،
قولنج ۽ مٿي سور، سنڌن ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد
آهي، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو.
فطراساليون:
نالا: ع. فطراساليون، ف. رمني ڪوهي، هه. وغيره___-
ڪومن سحري ۽ ڪومن قدوني.
اثر: گرم خشڪ، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا،
عيوض: جاڻ، وزن: ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: جاڻ جي ٻج جهڙو ٻج آهي، جيڪو ذائقي ۾ تيز
ٿيندو آهي.
خاصيت: حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. بک وڌائي ٿو،
کاڌي کي هضم ڪري ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. سوري،
پيچش ۽ صفراوي دستن کي بند ڪري ٿو. هن جي لپري
پاسي جي سور تي ٻڌبي ته فائدو ٿيندو.
فندق:
نالا: ع. جلوز، ف. بندق، هه. وغيره___- بادام
ڪشميري قار دونا ۽ فيطيفا.
اثر: گرم تر 1، نقصان: معدي کي ۽ ريح پيدا ڪري،
ميل: کنڊ ۽ شڪنجبين، عيوض: اکروٽ، وزن: ڇهن ماسن
کان هڪ تولو.
سڃاڻپ: هي گول داڻا بادامي رنگ تي، زردالو جي
بادامين جيڏا ٿيندا آهن.
خاصيت: هن جو مغز ماکيءَ ۾ گڏي کارائبو ته بدن کي
ٿلهو ڪندا، قوت باهه ۽ منيءَ کي زياده ڪن ٿا،
کنگهه، دمڪشي، گڙدن، مثاني جي هيڻائي، پيشاب جي
ساڙي، مثاني جي پٿري، دماغ ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ
ڪرڻ، وار چري، دماغ، آنڊن ۽ اندرين پردن کي تقويت
ڏئي ٿو، هن جو تيل بلغمي کنگهه، سيني جي سور جگر
جي سور لاءِ مفيد آهي.
فولاد:
نالا: ع. حديدالجواهر، ف. پولاد، هه. وغيره___
فولاد، شاربو قان، پنرانگ ۽ قزند.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: سرڪو، عيوض:
لوهه، وزن: ڪشتو هڪ رتيءَ کان چئن چانورن تائين
سڃاڻپ: هي صفا ڪيل لوهه جو قسم آهي، جيڪو جوهردار
اڇي رنگ تي ٿئي ٿو.
خاصيت: هن کي ڄمونءَ جي ڇوڏن جي رس جي هڪ پاءُ ۾
کرل ڪري سڪائي لغدو ڪري بوتي ۾ رکي مٿان گلحڪمت
ڪري ان کي سڪائي، ڏهن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏجي.
(اهڙيون چار باهيون ڏجن) ته فولاد تمام چڱو مري
ويندو. اهو تيار ٿيل ڪشتو، قوت باهه، طعام جي هضم
ڪرڻ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، گڙدن، مثاني ۽ جگر جي
بيمارين لاءِ مفيد آهي.
فيروزا:
نالا: ع. فيروزج، ف. فيروزه، هه. وغيره___ فيروزه،
صافرون، قواس ۽ سفير.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: گڙدن کي، ميل: ڪتيرو،
عيوض: زمرد، وزن: چئن رتين کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: جبل جي پيدائش جواهر جو قسم، سائي رنگ تي
ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو خميرو دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي،
خفقان، ماليخوليا، سوداوي خلطن ۽ آنڊن جي زخم لاءِ
مفيد آهي. گڙدي ۽ مثاني جي پٿريءَ کي ڀڃي ٻاهر ڪڍي
ٿو. هن جو سرمون اک جي ڦلي ۽ نظر جي واڌاري لاءِ
فائديمند آهي.
باب
”قاف“
جو
قلعي:
نالا: ع. رصاص ابيض، ف. ارزير، هه. وغيره___
رانگا، قزمير، قسطي ۽ سفيد روئي.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: زهر آهي. ميل: ماکي، عيوض:
سرمون، وزن: ڪشتو هڪ رتي.
سڃاڻپ: اڇي چلڪڻي رنگ جي نرم ڌات ٿيندي آهي. هن کي
ماري ڪشتو ڪري ڪم آڻبو آهي.
ترڪيب ڪشتي ڪرڻ جي:
قلعي ٻن دُڪن کي ٽيهه دفعا تيل ڪڙي ۾ ٽوٻا ڏيئي
صاف ڪجي پوءِ هڪ تولو پارو ملائي پگهارجي، ٺرڻ تي
ڪٽي ذرا ذرا ڪري مينديءَ هڪ پاءُ جو فرش ڪري مٿان
اهي ذرا رکي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي ڏهن سيرن ڇيڻن جي
باهه ڏجي ته ڦلي پوندي.
خاصيت: اهو ڪشتو قوت باهه کي وڌائي ٿو، منيءَ کي
گهاٽو ڪري ٿو، مثاني جي ڦٽ، پرميل، رحم ۽ آنڊن جي
رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
قمري:
نالا: ع. قمري، ف. طرقدار، هه. وغيره___ قمري،
توتره ۽ ساق حر.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: جذام پيدا ڪري، ميل: روغن
بادام، عيوض: پاريهل، وزن: پنج تولا.
سڃاڻپ: خاڪي رنگ ۽ ڪٻر جي قد تي هڪ پکي آهي، جنهن
جي ڳچيءَ ۾ رنگارنگي ڳانو ٿئي ٿو، مٺو آواز ڪندڙ
آهي.
خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، رعشي، رحم ۽ نزلي
جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. بلغم کي تحليل
ڪري ٿو. هن جا آنا ننڍن ٻارن کي کارائبا ته جلد
ڳالهائيندا. هن جي وٺ ۽ رت ماکيءَ ۾ ملائي سرمون
ڪري پارائجي، ته اک جي بيمارين جهڙوڪ: ڌنڌ، ڦلي،
خارش کي فائدو ڪري، هن جو ليپ آلت جي تقويت ۽
طرفين جي لذت لاءِ مجرب آهي.
قناصرو:
نالا: ع. قند تيغال، ف. شڪر بسته، هه. وغيره___
شڪر سخت ۽ خزو ڪلڪ.
اثر: معتدل، نقصان: دماغ کي، ميل: ترنجيبن، عيوض:
مصري، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هي کنڊ جو قسم ڳوڙهن ۾ ٻڌل ٿيندو آهي.
خاصيت: جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو. ڇاتي جي بلغم
کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، نڙيءَ جو آواز صفا ڪري ٿو.
کنگهه کي مفيد آهي. هن جو شربت رت ۽ صفرا جي جوش ۽
گرم تپن کي فائدو ڏئي ٿو.
قنبيلو:
نالا: ع. قنبيل، ف. ڪنبيلا، هه. وغيره___ مڪيله،
طين الجلود ۽ طلحام.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ___-، عيوض:
سونا گيڙو، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: زرداڻ مائل ڳاڙهي رنگ تي هڪ قسم جي مٽي
آهي.
خاصيت: هن کي ڀڃائي کارائجي ته گهاٽين رطوبتن کي
دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي
ماري ٿو، هن کي زيتون جي تيل ۾ ملائي مکڻ سان بدن
جي خارش، ٻڦي، مٿي جي ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ٿيندو.
قنطوريون صغير:
نالا: فارسي - ڪريون، اردو - قنطوريون، انگريزي-
(Rosaweb Biana)،
لاطيني
(Polycapra Crymbosa).
سڃاڻپ: هي ٻاهرين ملڪ جي پيداوار آهي. ڦودني جئان
ٻوٽو ٿئي ٿو، جنهن جا گل نيرا ڳاڙها ۽ ٻج ڪڻڪ جئان
ٿين ٿا. ذائقي ۾ تلخ ۽ بوءِ ۾ تيز ٿئي ٿو.
مزاج: گرم خشڪ 3.
مقدار خوراڪ: هڪ کان ٽي ماسا.
خاصيت: حيض ۽ پيشاب کي کوليندڙ ۽ بلغم خارج ڪندڙ
آهي. بلغمي مواد دستن ذريعي نيڪال ڪري ٿو. جگر جي
سختي هن جي ڪم آڻڻ سان لهي وڃي ٿي. هن جي ٻئي قسم
کي ”قنطوريون ڪبير“ چيو وڃي ٿو جو به هڪڙي قسم جو
گاهه آهي. سندس پن ڏندن سان گول، گل سرمائي ۽ پاڙ
ٿلهي وزندار ٿيندي آهي. ذائقي ۾ ٿورو ترش ٿئي ٿو.
مزاج: گرم 2، خشڪ 2.
مقدار خوراڪ: ٽي ماسا.
خاصيت: هي ننڍي کان وڌيڪ مؤثر آهي، بلغمي قولنج ۾
هن جي حقني
(Enema)
سان سٺو فائدو رسي ٿو. باقي خاصيتون قنطوريون صغير
جئان رکندڙ آهي.
قهو:
نالا: ع. مشط الغول، ف. درخت شانه، هه. وغيره___
کهيگئي، ڪيڪه ۽ قهغب.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڏاڙهون ۽
کنڊ، عيوض:___-، وزن: پنج ماسا.
سڃاڻپ: هي وڏو وڻ ٿئي ٿو، هن جا پن موريءَ جي پنن
جهڙا ٿين ٿا.
خاصيت: هن جا پن ۽ پاڙون ڪاڙهي پيارڻ سان پراڻي
کنگهه، دمڪشي، سيني جي سور، خوني ۽ بادي بواسير،
پرميل، مثاني جي ڦٽ، سرد تپن ۽ سنڌن جي سور لاءِ
مفيد آهي. ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍندو ۽ پيشاب
کي جاري ڪري ٿو. هن جو ٻج رت جي دستن، رواجي دستن،
سوري، پيچش ۽ جلندر کي فائدو ڏئي ٿو.
قهوو:
نالا: ع. قهوه، ف. قهوه، هه. وغيره___ قهوبن.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: حواسن کي سست ڪري، ميل:
سؤنف، عيوض: چانهه، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: زرداڻ تي مائل ڪارا داڻا ذائقي ۾ تيز ۽ ڪڙا
ٿيندا آهن.
خاصيت: هنن کي ڪاڙهي پيارڻ سان کنگهه، دمڪشي، مٿي
جي سور، نزلي جي رطوبت، معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي
خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي، گهاٽي بلغم کي تحليل ڪري
ٿو، گهاٽي رت جي جوش کي گهٽائي ٿو، معدي کي تقويت
ڏئي ٿو، ننڍين ڦرڙين، ماتا ۽ اُرڙيءَ جي داڻن کي
دفع ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو، معدي جي بخارن کي
دماغ تي چڙهڻ کان روڪي ٿو، دستن جي بند ڪرڻ لاءِ
فائديمند آهي.
باب
”ڪاف“
جو
ڪاٻار:
نالا: ع. ليف، ف. رشته نارجيل، هه. وغيره___ ڪنجار
قارليفلا.
اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: دماغ کي، ميل: پريو عيوض:
______، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هي ناريل ۽ کجين جي تندن وانگر هڪڙي قسم جو
گاهه آهي.
خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اهو ڪاڙهو پيارڻ سان
يرقان، جلندر، ٻرهل، بواسير جي رت جي گهڻائي،
بلغمي ۽ سوداوي دستن کي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
هن کي سڪائي چڪني سوپارين سان گڏي ڪٽي ڏندن جي سور
لاءِ سنون ڪري استعمال ڪجي ته فائدو ڏيندو.
ڪاهو جو آفيم:
نالا: اردو - افيون ڪاهو، انگريزي -
Salad Lotuce (opium of).
سڃاڻپ: باغن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاهوءَ جي ٿڙن کي چير
ڏئي رس ڪڍي ويندي آهي، جنهن کي ڄمائي ڪتب آڻيندا
آهن. هي آفيم رنگ ۾ ڀورو مزي ۾ ڪوڙو ۽ بوءِ ۾ عام
آفيم جئان ٿئي ٿو.
مزاج: سرد خشڪ 4 درجي ۾. مقدار خوراڪ: ٻن چانورن
کان هڪ رتي تائين.
خاصيت: هي به عام آفيم جئان نشو آڻيندڙ
(Anaesthetic)
سور وڃائيندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ ٿئي ٿو. مگر هن جو
تاثير هن کان ڪي قدر گهٽ ڏٺو ويو آهي. هن جي
استعمال کان خشخاش واري آفيم جئان نه ته قبض پيدا
ٿئي ٿي، نه وري هاضمي تي ڪو خراب اثر پوي ٿو.
تجربي مان ثابت ٿيو آهي، ته (ڪاهو جو آفيم) هـُـن
آفيم کان هر حال ۾ (سواءِ مقوي تاثير جي) گهٽ نٿو
ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن جي کائڻ سان يا ان کان پوءِ بدن
جي سستي ۽ ڪمزوري پيدا نٿي ٿئي، نه وري رئيس عضوا
ايڏو ڪمزور ٿين ٿا.
ڪائپتي جو تيل:
نالا: اردو - ڪايا پٽي ڪا تيل، بنگالي - الائچي ڪا
تيل، انگريزي-
(Oil of Cajuput).
سڃاڻپ: هي ڪائي ٻوٽيءَ جي پنن مان ڪڍيو وڃي ٿو،
جنهن جي پيدائش الجزائر وغيره ۾ ٿئي ٿي. سندس تيل
جاوا مان ايندو آهي. رنگ ۾ شفاف هيڊي چٽ تي ۽
ذائقي ۾ تلخ ٿئي ٿو.
مقدار خوراڪ: ٻن کان چئن قطرن تائين.
خاصيت: هي اندروني طور پسينو آڻيندڙ، گرمي ڪندڙ ۽
ريح وڃائيندڙ آهي. اختناق الرحم (Hysteria)
۽ تشنج (Convulsion)
لاءِ پتاشي ۾ رکي ڏنو وڃي ٿو.
پيٽ جي آڦري، هڏڪي ۽ قولنج ۾ مفيد آهي. بيروني
طور: کل ۾ ڦوڙو پيدا ڪندڙ آهي، تنهن ڪري سنڌن جي
سور لاءِ مالش طور ڪتب اچي ٿو. بنگالي ڪبيراج
(معالـج) هن کي هيٺين ريت ڪتب آڻين ٿا: روغن
ڪائپتي هڪ حصو، روغن ارنڊي ٻه حصا روغن زيتون نو
حصا ملائي رکيو وڃي ٿو. هي ٻنڌين جا مڙئي آزار ۽
درد دفع ڪندڙ آهي. هي مرڪب مالش طور ڪتب اچي ٿو.
ڪبابو:
نالا: عربي - فاغره، اردو - ڪبابه خندان، فارسي -
ڪبابه شگفته، ڪاغاني - نمبر.
سڃاڻپ: هي ڪباب چينيءَ کان ٿورو وڏو ٻج آهي، هن جو
منهن کليل ٿئي ٿو. خوشبوءِ وغيره ساڳي رکندڙ آهن.
ذائقي ۾ تکا ۽ لڳندڙ ٿين ٿا. مزاج: گرم خشڪ ٻئي
درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ٻن کان ٽن ماسن تائين.
خاصيت: هي هڪ نهايت خوشبودار دوا آهي. هن جو سنگهڻ
۽ کائڻ دل ۽ دماغ کي طاقت رسائي ٿو. سرد معدي ۽
جگر جي تقويت، هاضمي، ريح جي خراب ۽ اهڙين ٻين
معدي ۽ جگر جي تڪليفن لاءِ ڪارآمد آهي. قابض هئڻ
سبب دستن کي بند ڪندڙ تاثير رکي ٿو. سرد بيمارين
جهڙوڪ لڪنت، ٻاتاڻ (Stammering)
۽ استرخاءِ (شل ٿيڻ
Paralysis)
۾ مستعمل آهي. خون جي صفائي ۽ وات جي بدبوءِ هٽائڻ
لاءِ بهترين شئي آهي.
ڪپ ڪچور:
نالا: فارسي - زرنباد، بنگالي - ٿٽي، هندي -
پياڪچورد، سنسڪرت- ڪچور، انگريزي -(Long
zedoary).
سڃاڻپ: هيءَ هڪڙي قسم جي پاڙ آهي، جا هيڊ جئان ٿئي
ٿي. هيءَ نر ۽ ماد ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، جن مان
هڪ کي نرڪچور ۽ ٻيءَ کي ڪپ ڪچورو سڏيو وڃي ٿو. ڪپ
ڪچور کي ڪچيءَ ۾ ٽهڪائي سڪايو وڃي ٿو ۽ نرڪچور صرف
سڪائي، ٽڪرا ڪري هلائي وڃي ٿي. رنگ ۾ ڀوري، ذائقي
۾ تيز ۽ تلخ ٿئي ٿي.
مزاج: گرم 2، خشڪ ٻئي درجي ۾.
مقدار خوراڪ: هڪ ماسي کان ٽن ماسن تائين.
پيدائش: هماليه جي اوڀر وارن علائقن ۾ هن جو ٻوٽو
قدرتي طرح پيدا ٿيندو آهي.
خاصيت: هيءَ اُلٽي هٽائيندڙ، ريح وڃائيندڙ، وات کي
صاف رکندڙ، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيندڙ آهي. بلغم کي
خارج ڪري ٿي، بک وڌائي ٿي. هاضمي جي اصلاح ڪرڻ
لاءِ مختلف معجونن ۾ شامل ڪئي ويندي آهي. نڙيءَ جي
خارش ۽ وات جي بدبوءِ ڪارڻ مفيد ٿئي ٿي. خوشبودار
۽ کل جي سطح کي صفائي ڏيندڙ هئڻ سبب مختلف غازن ۾
ڪتب آندي وڃي ٿي. خون جي بگاڙ کي پيدا ڪندڙ کل جي
بيمارين لاءِ شافي اثر رکي ٿي. هنن جو ڪاڙهو
دارچيني ۽ مٺي ڪاٺيءَ سان ڏنو وڃي، ته نزلي، زڪام،
کنگهه ۽ بخار ۾ فائدو ٿئي ٿو.
ڪچالو:
نالا: عربي - قلقاش، بنگالي - گري، اردو - اروي،
هندي - گهٽيان، گجراتي - الوٽي، انگريزي - ڪولو
ڪيشيا انٽي ڪوئرم،
(C. Antiquorum).
سڃاڻپ: مشهور سبزي آهي. پٽاٽن جئان زمين اندر ٿئي
ٿي. هن جا پن وڏا ۽ سڻڀا ٿيندا آهن. رنگ ٻاهران
ڀورو ڇلرن سان، اندران اڇو کير وانگي. ذائقو ڦڪو،
ڪچي کائڻ سان نڙيءَ ۾ خارش پيدا ڪندڙ آهي. مزاج:
سرد خشڪ. ڪن گرم تر ۽ ڪن سرد تر به لکيو آهي.
مقدار خوراڪ: هاضمي جي آڌار تي.
خاصيت: هي مني ۽ قوت باهه وڌائيندڙ آهي، بدن جي
طاقت ۽ ٿولهه لاءِ ڪارگر بيان ڪيل آهي. لعابدار
هئڻ سبب کائڻ سان کنگهه ۽ سيني جي خشڪيءَ لاءِ
مفيد آهي. هن جا ڇلر دست بند ڪن ٿا. سندس پن،
پيشاب کولڻ لاءِ گهوٽي پياريا ويندا آهن، هن سان
گڏ ليمون کائڻ ضروري آهي. هن ۾ نشاستيدار جزا،
معدني لوڻ ۽ وٽامن سي موجود آهي. (دير هضم ۽ بادي
آهن).
ڪرملي:
نالا: عربي - حاشيش، اردو - حسن يوسف، هندي - تخم
ڪرملي.
سڃاڻپ: هي خشخاش کان به ننڍا ۽ سخت داڻا ٿيندا
آهن، رنگ ۾ اڇا ۽ ذائقي ۾ تکا ۽ ڦڪا ٿين ٿا.
مزاج: گرم خشڪ 4 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: هڪ رتي تائين.
خاصيت: هي گهڻو ڪري منهن جي صفائي ۽ داغن مٽائڻ
لاءِ ٻاهران ڪتب اچن ٿا. اندروني طور اُلٽي آڻيندڙ
آهن. 3 ماسن جي مقدار ۾ موت آڻين ٿا. جيڪڏهن غلطي
کان ڪو کائي وجهي ته جون جو ڪش يا لسي برف سان سرد
ڪري پيارجي. زيتون جي تيل سان سوڄ نيسائيندڙ آهن.
آنڊن جي سوڄ (ورم امعا
Enteritis)
لاءِ ڊاک سان مفيد آهن. هڪ رتي جي انداز ۾ روزانو
صبح جو پاڻي سان وٺجن ته خوني بواسير کان جند ڇٽي
ٿي. هنن جي کائڻ سان ٿورو نشو پيدا ٿئي ٿو. (زهر
قاتل)
ڪرمرو:
نالا: بنگالي - ڪرمچا، گجراتي - ڪرندا، سنسڪرت -
ڪرمرو، مرهٽي- ڪروند، انگريزي - (ڪورينڊا
Corinda).
سڃاڻپ: هي هڪڙي ڪنڊن واري وڻ جو ڦر آهي، جو عناب ۽
ٻير وانگي ٿئي ٿو ۽ ڇڳن جي حالت ۾ هوندو آهي. سندس
وڻ جا پن چوڙا ۽ چڪنا ٿيندا آهن.
رنگ: گل اڇي ڳاڙهي رنگ تي، ذائقو ترش.
مزاج: سرد 2، خشڪ 1 درجي ۾.
پيدائش: يو پي، (انڊيا).
خاصيت: هي اڃ هٽائيندڙ، هاضمو ۽ بک وڌائيندڙ آهي.
صفرا جي جوش ۽ پياس ۾ تسڪين آڻي ٿو. قوت باهه لاءِ
نقصانڪار ۽ بادي ٿئي ٿو. هن مان تيار ڪيل مربو ۽
آچار لذيذ هئڻ کان علاوه مفيد ٿئي ٿو.
ڪرس:
نالا: اردو - بوٽي فريد، هندي - جامتي ڪي بيل،
سنسڪرت - پاتال گرڙي، انگريزي (پيڊيليم موريڪس
Pedalium Murex).
سڃاڻپ: هيءَ رسي جئان ٿلهي ول آهي، جنهن جا پن ڏيڍ
انچ کن ڊگها ٿين ٿا. هي ٽڪنڊا ۽ گول ڪنڊن سان
هوندا آهن. هن جو ڦر ڇوڏي وانگي ٿئي ٿو، جنهن جي
اندران ٻج نڪرن ٿا.
رنگ: ڦر گهرو ڳاڙهو ۽ پن ساوا.
خاصيت: هن جا پن مروڙي پاڻيءَ ۾ وڌا وڃن ته گهاٽو
۽ لعابدار ٿي پوي ٿو. چون ٿا ته شيخ فريدالدين جو
گذارو انهي پاڻيءَ تي هوندو هو. هن جا پن مٺي تيل
۾ ساڙي، اهو تيل ڦٽن ٺارڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.
پاڻيءَ ۾ زياده عرصي تائين ڪم ڪرڻ سان هٿ پير ڳري
پوندا آهن، تنهن لاءِ هن جي پنن جو پاڻي لائجي ته
ڪافي آرام ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي هن کي ملين طور ۽ صفرا
جي زور گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ڪريات:
نالا: هندي - مهاٽيٽا، سنسڪرت - ڪالميگهه، بنگالي
- ڪريات، انگريزي- ڪريٽ
(Creat)
لاطيني -
(Andegvathis Paniculata).
سڃاڻپ: هڪڙو ٻوٽو آهي، جو باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن
جا پن ۽ پاڙ دوا ۾ ڪتب اچن ٿا. ذائقي ۾ سخت ڪوڙو
هوندو آهي.
پيدائش: لکنو کان آسام تائين ميداني علائقن ۾ ٿئي
ٿو.
خاصيت: هي معدي کي طاقت ڏيندڙ معتدل (آلٽريٽيو
Altertive)
پيٽ جا ڪينئان ماريندڙ ۽ ڪونين جو بدل آهي. مگر
جديد تحقيق موجب مليريا لاءِ ڪو خاص فائدو نٿو
ڏيکاري. هن جي پنن جي رس ٻاراڻي پيٽ آڦريءَ ۽ دستن
لاءِ گهرو علاج آهي.
هن جي گهاٽي رٻ (Liquid
Extract)
تيار ڪئي وڃي ٿي، جا نوبتي بخارن لاءِ عرق سم
الفار سان ۽ جگر جي بيمارين ۾ نوشادر سان ننڍي
چمچي جي انداز ۾ ڏني ويندي آهي.
ڪڪروندو:
نالا: هندي - ڪڪرونده، عربي - ڪمافيطوس، پنجابي -
ڪڪڙ ڇدي، بنگالي - ڪڪرمتا، انگريزي (ڊاگ بـُـش
Dog Bush).
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جي بدبودرا ٻوٽي آهي، جنهن جا پن
ڪاسني جئان ٿين ٿا. هي ٻوٽي پشمدار هئڻ سبب سفيد
ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن جا گل پيلا ٿين ٿا، هن ۾
ڪافور جو جزو ٿئي ٿو. ذائقي ۾ تلخ آهي.
مزاج: گرم خشڪ 2 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: پنن جي رس هڪ تولي تائين.
پيدائش: قبرستان ۽ هيٺاهين زمينن ۾ سردي جي موسم
ڌاري پيدا ٿيندڙ آهي. (هندي ۽ رومي ٻن قسمن جو ٿئي
ٿو.)
خاصيت: اکين اٿڻ لاءِ هن جي پنن جي رس مفيد آهي.
رس مان ڪپهه ٻوڙي، ٻارن جي مقعد ۾ رکائي وڃي ته
سندن پيٽ جا ڪينئان مري وڃن ٿا. خوني بادي بواسير
لاءِ کارائي ويندي آهي. هن جي ڪتب آڻڻ جو بهترين
طريقو هي آهي ته هن جي پنن جي رس باهه تي ڪاڙهي
گهاٽي ڪري ان ۾ ڪارا مرچ ڪٽي ملائي گوريون بڻايون
وڃن.
ڪڪل:
نالا: عربي - حمص الاخضر، فارسي - نخود سبز،
انگريزي- بنگال گرئم فريش،
(Bengal gramfresh).
سڃاڻپ: سادن چڻن جي ڦوٽن مان نڪرندڙ ڪچا چڻا آهن،
ذائقي ۾ مزيدار ۽ ڦڪا ٿين ٿا.
مزاج: سرد خشڪ 1 درجي ۾.
خاصيت: هنن جي کائڻ سان بلغم، خون ۽ صفرا ۾ واڌارو
ٿئي ٿو، ممسڪ (Avoricious
ايوري شس) ۽ بدن ۽ قوت باهه کي زياده ڪندڙ آهن.
وات جي بدبوءِ هٽائڻ لاءِ ڪارآمد ٿين ٿا. ميسور ۽
بينگلور ۾ هنن جو سرڪو مشهور آهي. حقيقت ۾ هي سرڪو
نه پر چڻن جي ماڪ آهي جنهن کي ڪپڙي ذريعي صبح جو
حاصل ڪيو وڃي ٿو هنن ۾ آگزيلڪ ايسڊ ڪافي مقدار ۾
ٿئي ٿي.
ڪماذريوس:
نالا: عربي - بلوط الارض، فارسي ۽ اردو -
ڪماذريوس.
سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو گاهه آهي، جو گرانٺ اوچو ۽
ننڍن پنن سان بلوط وانگي ٿئي ٿو. وڏف جهڙا ننڍا ٻج
ڪندو آهي. رنگ: پاڙ ڳاڙهي، گل نيرا. ذائقو: تلخ.
مزاج: گرم خشڪ 4 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ٽن کان ڇهن ماسن تائين.
خاصيت: هي سدن ۽ مسامن (Pores)
کي کولي ٿو. حيض ۽ پيشاب جاري ڪندڙ ۽ کنگهه ۾ مفيد
آهي. بدن کي گرم ڪري ٿو ۽ سخت سوڄن ۾ نرمي آڻي ٿو.
غير سمي آهي. ڪي ماڻهو هن کي منڊي ٻوٽي سمجهن ٿا
جا ڳالهه بلڪل غلط آهي.
ڪمرک:
نالا: فارسي - ڪمرخ، مرهٽي - ڪرمر، بنگالي - ڪمرڪ،
هندي - ڪمرک، انگريزي - (Averrhoa
Carambola
ايويروا ڪرمبلا).
سڃاڻپ: هي هڪ وچولي قد واري وڻ جو ڦر آهي، جو
ڇڪنڊو ۽ اڌ گرانٺ ڊگهو ٿئي ٿو. رنگ ۾ پڪل هيڊو،
ڪچو سائو ۽ گل ڳاڙها. هن کي ميوي، ڀاڄي ۽ آچار
نموني ڪتب آندو وڃي ٿو. ذائقو کٽو ۽ مٺو.
مزاج: سرد تر 1 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: مناسب.
خاصيت: سندس پڪل ڦر، مهارن جي مرض لاءِ مفيد آهي،
صفرا جي تيزي ۽ دستن کي هٽائي ٿو. هن جي رس ڪپڙن
جي داغن مٽائڻ لاءِ ڪتب اچي ٿي. باقي خاصيتون
ريباس جهڙيون رکندڙ آهي.
ڪنڍڙي:
نالا: بنگالي - ٽيلا ڪوچه، هندي - ڪبر، تلنگي -
بمبيڪا، تاملي - ڪوائي، مرهٽي - ڪنڊولي، انگريزي -
سيفا لينڊرا انڊيڪا
(Cephalendra Indica).
سڃاڻپ: گلدار نموني ول آهي، جا وڻن تي چڙهيل هوندي
آهي. برسات ۾ کيس پرول جهڙو ڦر ٿئي ٿو، جو ڪچي ۾
سائو ۽ پچڻ تي گهرو ڳاڙهو هوندو آهي. ذائقي ۾
جهنگلي ڪنڍڙي جو ڦر ڪؤڙو ۽ پوکيل جو ڦڪو ٿئي ٿو.
مزاج: گرم خشڪ 3 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: تازي رس اڍائي کان پنجن تولن تائين.
پيدائش: دهلي، يو پي، بنگال وغيره. ڪٿي قدرتي ٿئي
۽ ڪٿي هٿ سان پوکي ويندي آهي.
خاصيت: هن جي پڪل ڦر مان ٻوڙ رڌي کارائيندا آهن.
بنگال جا معالـج هن جي تازي رس ذيابطيس لاءِ مفيد
سمجهي ڪتب آڻين ٿا. انهيءَ خيال سان انسولين
Insoline
جي قائم مقام چئي وڃي ٿي. ليڪن تازي تحقيقات مان
ان ڳالهه جي ترديد ڪئي وئي آهي. (هن کان پيشاب ۽
خون جي مٺاڻ ۾ ڪابه ڪمي نٿي ٿئي.) |