شڪائي:
نالا: عربي - شڪاعي، اردو - شڪاعي.
سڃاڻپ: هيءَ ڪنڊن سان جهنجهيل ٻوٽي آهي، جنهن جي
ڪاٺي آڱر جهڙي ٿلهي ٿئي ٿي. پن ٽڪنڊا پشم سان ڪندي
آهي. رنگ ۾ هيڊي ۽ واڱڻائي گل ڪندڙ آهي، جن ۾ هيڊي
جهلڪ ٿئي ٿي. بعض طبي ڪتابن ۾ شڪاعي ۽ بادآورد
(ڊاماهو) ائين لکيا ويندا آهن، ڄڻ ته هي ٻه الڳ
شيون نه پر هڪ چيز آهي. حقيقت ۾ شڪاعي ۽ بادآورد
ٻه علحده دوائون آهن.
مزاج: گرم خشڪ.
مقدار خوراڪ: پنجن کان ستن ماسن تائين.
خاصيت: هي مسڪن، محلل ۽ خشڪي پيدا ڪندڙ آهي، ڏندن
جي سور ۽ ڪاڪڙي جي سوڄ لاءِ هن جي ڪاڙهي مان
گرڙيون ڪرايون وڃن ٿيون. رت وهندڙ کي بند ڪندڙ
آهي. ڏڪڻي جي مرض ۽ جگر ۽ معدي جي سرد بيمارين ۾
مفيد آهي. پراڻن تپن، دستن ۽ حيض جي گهڻائيءَ لاءِ
سندس پاڙ جو ڪاڙهو فائديمند ٿئي ٿو. (غير سمي
آهي.)
شهديوي:
نالا: سنسڪرت- مهابلا سهدي، اردو - سهديوي، بنگالي
- پيت پشپ، پنجابي - نيل ڪنٺي، انگريزي- ييلو
بارليريا،
(Yellow Barleria).
سڃاڻپ هي ٻوٽي آهي، جا ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪڙي
زمين تي ڇٽو هڻندڙ ۽ ٻي اُڀي هوندي آهي. سندس پن
نازبوءِ جي پنن وانگي، ذائقو ڦڪو، لعابدار ۽ پاڙ
خوشبودار ٿيندي آهي. گل ٽڪنڊا هيڊا ڳاڙها ڪري ٿي.
مزاج: سرد تر 1 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ٽن کان ستن ماسن تائين.
پيدائش: وارياسي زمين تي برسات جي موسم ڌاري جوئر،
مڪئي ۽ ڪمند جي پوک ۾ ٿيندي آهي.
خاصيت: هيءَ پسينو آڻيندڙ، حرارت هٽائيندڙ، پيشاب
کوليندڙ، پٿري ٽوڙيندڙ ۽ رت صفا ڪندڙ آهي. ڪارن
مرچن سان جريان ۽ پراڻي بخار کي هٽائي ٿي. سندس
پاڙ جو ليپ جماع ۾ لذت پيدا ڪري ٿو. هن جي پنن جي
پني ڳڙن لاءِ مفيد آهي. مثاني جي پٿري، کانگهاري ۾
رت اچڻ، نفث الدم
(Haemoptysis)
۽ سوزاڪ لاءِ هن جو شيرو ڪڍي پياريو ويندو آهي.
پاري جي ڪشتي بڻائڻ لاءِ نهايت ڪارآمد ٻوٽي آهي.
هيڊن گلن واري شهديوي ڳاڙهن گلن واري کان وڌيڪ
مؤثر ۽ بهتر چئي وڃي ٿي.
شراب:
نالا: ع. خمر، ف. مٽي، هه. وغيره___ شراب، شادر،
اسقنطه ۽ اثاطون.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: سوداوي بيمارين کي، ميل:
ڳڙ، عيوض: تاڙي پراڻي، وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: ڊاک، کارڪن، ڇوڏن يا ڪن ٻين دوائن مان هڪ
خاص نموني تي عرق حاصل ڪبو آهي، جيڪو پاڻيءَ وانگر
پٽڙو ۽ نشيدار ٿئي ٿو.
خاصيت: دماغ جي حواسن کي سست ڪري ٿو، رت چڱو پيدا
ڪندڙ آهي. قوت باهه کي وڌائي ٿو. وزن کان وڌيڪ
استعمال رت کي ساڙي، عقل ۽ ذهن کي وڃائي ڇڏي ٿو.
هن جو دوا طور استعمال دمڪشي، کنگهه ۽ ڦڦڙن جي
بيمارين کي فائدو ڪري ٿو.
شرم ٻوٽي:
نالا: ع. لجالو، ف. درخت مها، هه. وغيره___ ڇوئي
موئي، طرشولي ۽ لاجونتي.
اثر: سرد تر 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: ماکي، عيوض:
___-، وزن: ٻه ماسا.
سڃاڻپ: مشهور ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پاڻيءَ
جي جاين تي پيدا ٿيندو آهي. هن جا پن ٻٻر جي پنن
جهڙا ٿيندا آهن، هن کي هٿ لائبو ته يڪدم ڪومائجي
ويندي.
خاصيت: گهوٽي پيارڻ سان حيض جاري ٿيندو. مئل ٻار
پيٽ مان نڪري ايندو. بلغم ۽ سودا کي پچائي، دستن
جي رستي ٻاهر ڪڍندو، جگر جي سدن، جذام، آتشڪ، داءِ
الفيل، ناسورن ۽ پراڻن ڦٽن لاءِ مفيد آهي.
شفتالو:
نالا: ع. خوخ، ف. شاهلوج، هه. وغيره___ آڙو، هلو،
دارقن ۽ اقرع.
اثر: سرد تر 2، نقصان: رطوبتن کي، ميل: ماکي،
عيوض: ڪشمش، وزن: ڇهه عدد.
سڃاڻپ: آلو بخارن جي داڻن کان ٿورو وڏا سبزاڻ تي
مائل ڳاڙهي رنگ تي، ذائقي ۾ کٽمٺا ٿيندا آهن.
خاصيت: صفرا جي ۽ گرم تپن، گهڻي اُڃ ۽ جگر جي
گرميءَ کي لاهي ٿو. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن جا
پن معدي جي ڪيڙن کي مارڻ لاءِ فائديمند آهن.
شقاقل:
نالا: ع. شقاقل، ف. شقيقل، هه. وغيره___ دوهالي،
ڪاڪول، سيالي ۽ شالي.
اثر: گرم تر 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ماکي ۽
کير، عيوض: بهمڻ، وزن: هڪ تولو.
سڃاڻپ: بهمڻ اڇي جي ڪاٺيءَ وانگر اڇي رنگ جي هڪ
پاڙ آهي. ذائقي ۾ ٿوري مٺي ٿيندي آهي.
خاصيت: گڙدن، مثاني، معدي، جگر ۽ دماغ کي طاقت
ڏئي، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، قوت باهه کي وڌائي
ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري، رت چڱو پيدا ڪندڙ آهي. چيلهه
۽ پٺن جو سور ڇڏائي ٿو، دماغ ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي
سڪائي ٿو. کنگهه دمڪشي ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد
آهي.
شڪرو:
نالا: ع. شفانه، ف. شقرڪ، هه. وغيره___ شڪرا، چرغه
۽ چرغو.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: سـُـنڍ،
عيوض: باز، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: سرڻ جي قد جو چٽڪمرو پکي آهي. اڪثر جهرڪين
۽ ڳيرن جو شڪار ڪندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت پچائي کارائڻ يرقان، جلندر ۽
تريءَ جي بيمارين کي فائدو ڪندو. پيشاب جاري ڪري
ٿو. ساڙي، پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. هن
جو پتو ماکيءَ ۾ گڏي چٽائڻ سان کنگهه، دمڪشي،
سلهه، وات جي بدبوءِ، تارونءَ جي ڦٽ، خارش ۽ ڦٽن ۽
ڦرڙين کي فائدو ٿئي ٿو.
شمشاد:
نالا: ع. بقس، ف. شمشاد، هه. وغيره___ شنشو ۽
لوطوس.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: موريءَ
جا پن، عيوض: شيشم، وزن: ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: وڏو وڻ ٿيندو آهي. هن جا پن ڏاڙهون جي پنن
جهڙا ٿيندا آهن، هن جو گل اڇو ۽ ٻج ڪاري رنگ جو
ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جا پن مينديءَ سان ملائي مٿي تي پني ڪري
رکائڻ سان گرميءَ کان پيل مٿي جو سور لاهيندا ۽
وارن کي کسجڻ کان محفوظ ڪندا. هن جو ٻج قابض آهي،
جيڪو دستن، رت جي دستن، سوري، پيچش، آنڊن ۽ معدي
جي رطوبت ۽ وات مان گهڻي پاڻيءَ جي اچڻ لاءِ مفيد
آهي.
شنگرف:
نالا: ع. زنجفر، ف. شنجرف، هه. وغيره___ ينگر،
يقون، سرخ صرنب ۽ حجرالزبيق.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: غشي پيدا ڪري، ميل: کير ۽
گيهه، عيوض: مرداسنگ، وزن: اڌ رتي.
سڃاڻپ: مشهور کاڻين جي پيدائش ڳوڙهن جي صورت ۾،
ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو مرهم آتشڪ ۽ بادفرنگ جي ڦٽن، ناسورن،
ڦٽن ۾ گوشت جي واڌاري، بدن جي خارش، باهه جي
ساڙيل، کل جي ڦٽن ڦرڙين لاءِ مفيد آهي.
هن جي ڦلائڻ جي واٽ هيءَ آهي: هڪ تولي شنگرف کي
لوه جي ڪڻڇيءَ ۾ رکي اڪ جي کير جو اڌ سير کن چوها
ڏيئي کڻائجي، پوءِ تلسيءَ جي اڌ پاءُ پنن کي گهوٽي
لغدو ٺاهي، شنگرف وچ ۾ رکي وري انهيءَ غلوله کي
ڪيوڙي جي پاڙ ۾ بند ڪري گلحڪمت ڪري سڪائي پنڌرنهن
سيرن ڇيڻن ۾ باهه ڏجي ته اڇي رنگ تي ڦلي پوندو،
اهو ڪشتو قوت باهه، کنگهه، سلهه، جلندر، ٻرهل ۽
ٻين ڪيترين بيمارين ۾ مفيد آهي.
شورو:
نالا: ع. ابقر، ف. شوره، هه. وغيره___ چهاچاڪاره،
يسو، شورج، تلاتيسين ۽ کهيوخته.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گڙدن کي، ميل: ڪتيرو ۽
ماکي، عيوض: لوڻ، وزن: هڪ ماسو.
سڃاڻپ: اڇي رنگ جا قلمن وانگر ٽڪر ٽڪر ٿيندا آهن.
ڪلراٺي زمين جي پيدائش آهي.
خاصيت: گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي. ڪچن خلطن کي
پچائي ڪڍي ٿو. معدي، آنڊن ۽ اندرين پردن جي رطوبت
کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. کنڊ سان ملائي
کارائبو ته حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪندو. مثاني جي
ڦٽ، مثاني جي پٿري، پرميل، جلندر، ٻرهل، چيلهه جي
سور، قولنج، اکين جي ڌنڌ، خارش، ۽ کاڌ لاءِ مفيد
آهي.
شير خشت:
نالا: ع. شيرخشت، ف. شبنم توت، هه. وغيره___
شڪرتوت، عسل اظلاف ۽ مائه.
اثر: معتدل ۽ گرم تر، نقصان: منيءَ کي، ميل: روغن
بادام، عيوض: ترنجبين، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: اڇي رنگ تي ٻڌل ڳوڙهن جي صورت ۾ مٺي ذائقي
وارا ٽڪر ٿين ٿا. اصل توتن جي ماڪ آهي.
خاصيت: بلغم، سودا ۽ صفرا لاءِ جلاب آهي. معدي ۽
جگر کي طاقت ڏئي ٿو، دل ۽ جگر جي گرمي ۽ اندرين
حرارتن کي گهٽائي ٿو. تپن، کنگهه، سيني جي رطوبت،
نڙي ۽ سيني جي سوڄ ۽ وات جي خشڪي لاهڻ لاءِ مفيد
آهي.
شيشم:
نالا: ع. شجره الاسود، ف. سناسم هه. وغيره___
سيسم، رسيون ۽ شئلوس.
اثر: سرد خشڪ 2، __________________-، وزن: نـَـوَ
ماسا.
سڃاڻپ: ڪاٺي ڳاڙهاڻ تي مائل، ڪاري رنگ جي ٿيندي
آهي. هن جو ٻورو ڪاڙهي پيارجي ته، گهاٽي رت کي صفا
ڪري، جذام ۽ ڪوڙه جي داغن، آتشڪ جي ڦٽن، معدي جي
ڪيڙن کي مارڻ ۽ کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ فائديمند
آهي.
شيشو:
نالا: ع. زجاج، ف. آبگينه، هه: وغيره___ ڪانچ،
قوارير درسومارس ۽ قيطورس.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مٿي جو سور ۽ پيچش پيدا
ڪري، ميل: ڪتيرو، عيوض: زبرحد، وزن: هڪ رتي.
سڃاڻپ: مشهور معدني پيدائش آهي.
خاصيت: سرمي سان گڏ پيهائي استعمال ڪرڻ سان نظر کي
طاقت ملي ٿي، ڌنڌ، ڦلي ۽ اک جي خارش لاءِ مفيد
آهي. ڦلائي کائڻ سان مثاني ۽ گردي جي پٿري ۽ رائي
کي دفع ڪري ٿو. هن جو سفوف ڏندن جو سور لاهي ٿو ۽
ڏندن کي صفا ڪري چلڪائي ٿو.
شينهن:
نالا: ع. اسد، ف. شير، هه. وغيره___ باگه، اليون ۽
شتامه.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دير هضم، ميل: سرڪو، عيوض:
___-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: مشهور خونخوار جانور آهي.
خاصيت: هن جو گوشت گرم مصالحن سان رڌي کائڻ سان
قلب کي طاقت ايندي ۽ بهادري پيدا ٿيندي، هن جي
چرٻيءَ جو ليپ، آلت جي سستي وڃائي ۽ ان کي طاقت
ڏئي ٿو. سخت سوڄ، سخت ڳوڙهن ۽ خنازير لاءِ
فائديمند آهي. پتو ۽ چرٻي ملائي آلت کي مکي جماع
ڪرڻ سان طرفين جي لذت جو باعث ٿيندو.
باب
”صاد“
جو
صابڻ:
نالا: ع. صابون، ف. صابن، هه. وغيره___ صابون،
سقونيا، حنين ۽ سوپ.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: قلب کي، ميل: شوربو ۽
بادام روغن، عيوض: چونه، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: مشهور شيءِ آهي، جيڪا تيل ۽ کار جي پاڻيءَ
کي ملائي ٺاهيندا آهن، ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم ايندو آهي.
خاصيت: هن جو مرهم بادفرنگ، آتشڪ، ناسورن جي ڦٽن ۽
زائد گوشت وارن ڦٽن کي فائدو ڪري ٿو. حمل واري
عورت کائي يا ان جو شافو ڪري رکي ته ٻار ڪري
پوندو. حيض جاري ڪري ٿو. آنڊن جا ڪيڙا ماري ٿو. هن
جو شافو ننڍڙن ٻارن کي قبضيت ۽ سدن ڪڍڻ لاءِ حقني
جي صورت ۾ ڪمائتو آهي. زهر قاتل آهي.
صحت پاپڙي:
هن جي خاصيت پلاس پاپڙي ۾ آيل آهي جنهن کي ڇاڇرو
به چوندا آهن.
صحت ڪندرو:
نالا: ع. ڪندر، ف. ڪندرورد، هه. وغيره___ ڪندرو،
ڪهر سفيروس، بستجر ۽ ساليڪا.
اثر: گرم 2، خشڪ1، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل:
عناب، عيوض: مصطگي، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: مصطگيءَ وانگر هيڊي رنگ تي ذائقي ۾ ڪڙو
کؤنر جو قسم آهي.
خاصيت: روح، معدي، جگر، دماغ ۽ حواسن کي طاقت ڏئي
ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري، بواسير ۽ حيض جو رت
بند ڪري، رت جي دستن، معدي ۽ رحم جي رطوبت کي
سڪائي ٿو. کنگهه، دمڪشي، ويسر، ڏندن جي سور ۽
مهارن جو سور، انهن جي مضبوطيءَ لا”، پيشاب جي
گهڻائي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي.
صوف:
نالا: ع. تفاح، ف. سيب، هه. وغيره___ ڪهتل، سختڪا،
سکنا ۽ سوکٽ.
اثر: مٺو صوف گرم تر ۽ کٽو صوف سرد خشڪ، نقصان:
سيني ۽ روح کي، ميل: دارچيني ۽ گلقلند، عيوض:
بهيدانه، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: مشهور ميوو سائي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جا گول
داڻا ٿين ٿا.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي فرحت ۽ معدي ۽ جگر کي طاقت
ڏين ٿا. خفقان، گرم تپن ۽ اندرين حرارتن کي
گهٽائين ٿا. مني ۽ قوت باهه وڌائين ٿا، سيني،
سلهه، خشڪ کنگهه لاءِ مفيد آهي. بک وڌائين ٿا،
سوداوي بيمارين ۾ فائدو ڪن ٿا. هن جو مربو طاقت
واري شيءِ آهي.
صوفي ٻير:
نالا: ع. ڪنار ڪبار، ف. ڪنار ڪلان، هه. وغيره___
صوف ٻير ۽ سرد القتامي.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: دل، دماغ ۽ معدي کي، ميل:
شڪنجبين، عيوض: صوف، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: صوف جي رنگ تي ٻيرن کان ڊگها ٿيندا آهن.
خاصيت: رت ۽ صفرا جي جوش ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽائين
ٿا، معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي مارين ٿا. سيني ۽ دماغ
جي رطوبت کي مفيد آهن. ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍن
ٿا.
باب
”طئي“
جو
طباشير:
نالا: ع. طباشير، ف. تپاشير، هه. وغيره___
بنسلوچن، روسن، حورهِ البقر ۽ لوچن.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن ۽ قوت باهه کي، ميل:
عناب ۽ مصطگي، عيوض: زهر مهرو ۽ صندل سفيد، وزن:
هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: بانس جي وڻ مان نڪرندو آهي، جو اٽي وانگر
يا ننڍڙن ٽڪرن ۾ ٿيندو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. معدي ۽ جگر کي
طاقت ڏئي ٿو، جگر جي گرمي ۽ اُڃ جي گهڻائي کي
گهٽائي ٿو، صفرا ۽ رت جي دستن کي بند ڪري ٿو.
خفقان، گرم تپن، اُلٽين، دستن، وات جي پچڻ، ڦٽن ۽
ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. دماغ ۽ رحم جي رطوبتن کي
سڪائي ٿو. مهارن جو سور لاهي ۽ انهن کي مضبوط ڪري
ٿو.
باب
”عـَـينَ“
جو
عاقرقرحو:
نالا: ع. عودالقريح، ف. عاقرقرحه، هه. وغيره___
اڪر ڪرا ۽ اڪلڪه.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ڪتيرو ۽ ڊاک
ڪاري، عيوض: سنڍ ۽ پپريون، وزن: هڪ ماسو.
سڃاڻپ: ڪاري رنگ تي، ذائقي ۾ تيز ٽيج ڪاٺيءَ جهڙي
هڪ پاڙ آهي.
خاصيت: فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، عزاز، سنڌن
جي سور، سيني جي سور، عرق النسا ۽ هڏين جي سور
لاءِ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. سرد
مزاج وارن جي قوت باهه وڌائي ٿو. هن کي سرڪي ۾
ڪاڙهي، ڏندن ۽ مهارن جي سور لاءِ گرڙيون ڪرائبيون
آهن. خراب ناسورن جي گوشت کي کائي صفا ڪري ٿو.
زبان جي اٽڪ لاءِ هن جي ڪاٺي چٻاڙجي هن جي قوت ست
سال رهي ٿي.
عباسي:
نالا: ع. عباسي، ف. گلمول، هه. وغيره___ عباسي ۽
نارکيوا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مقعد کي، ميل: ___-، عيوض:
رتن جوت، وزن: گل ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: ننڍو ٻوٽو گلڪاريءَ جو باغن ۾ پيدا ٿيندو
آهي. هن جو گل اڇي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ تي ٿيندو
آهي. هن جو ٻج مرچن جي داڻن وانگر ڪاري رنگ جو ٿئي
ٿو.
خاصيت: هن جون پاڙون ۽ پن ڪاڙهي پياربا ته دمڪشيءَ
کنگهه، گهاٽي بلغم کي تحليل ڪرڻ، سيني ۽ ڦڦڙن مان
بلغم کي پچائي ڪڍڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. هن جو ٻج
پراڻي پرميل، مثاني، گردي جي ڦٽ، وائي بادي کي
تحليل ڪرڻ ۽ پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪرڻ لاءِ مجرب
آهي.
عجائب:
هن جي خاصيت "هرمچي" ۾ آيل آهي.
عرق:
نالا: ع. ______، ف. ______، هه. وغيره___- عرق.
اثر: جدا جدا.
سڃاڻپ: ڪنهن به شيءِ کي چڪائي ٻاڦ حاصل ڪري ٺارجي
ته پاڻيءَ جهڙو دوا جي اثر موجب خوشبودار ٿي
بيهندو.
خاصيت: سؤنفن، ڪانول پيرن، ۽ ڪاسنيءَ جو عرق
صفراوي، گرم تپن ۽ اُلٽين کي فائدو ڪري ٿو. وائي
باديءَ کي تحليل ڪري ۽ هاضمو پيدا ڪري ٿو.
عشبو:
نالا: ع. عشبه النار، ف. عشبه مغربي، هه. وغيره___
عشبه رس، سرينه ۽ نونه.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: روغن
بادام ۽ صندل، عيوض: چوب چيني وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: ڀوري ۽ ڳاڙهي رنگ جون سنهيون ڪاٺيون،
ويڙهين جي شڪل ۾ ملندو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو. مٿي جي سور،
سنڌن جي سور، عرق النسا، گڙدي، مثاني، رحم جي
بيمارين، آتشڪ، جذام، کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد
آهي، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. پگهر ۽ پيشاب جاري
ڪري ٿو، معدي ۽ ڦڦڙن جي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي
ٿو.
عشق پيچ:
نالا: ع. عاشق اشجر، ف. لبلاب، هه. وغيره___ پاني
بيل، هرسه ۽ زبوله.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي ۽ مثاني کي، ميل: ڳڙ
۽ شاهترو، عيوض: خطمي، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: وڻن تي چڙهندڙ هڪ ول آهي، هن جا پن نينڻ جي
پنن جهڙا سائي رنگ تي ٿيندا آهن، هن جا ٻه - ٽي
قسم ٿين ٿا.
خاصيت: هن جا پن ۽ پاڙون ڀڄائي پياربا ته گهاٽي
بلغم ۽ صفرا کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندا. جگر جي
سور، سدن، ٻرهل، کنگهه ۽ دمڪشي لاءِ مفيد آهي. رحم
۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. زيتون جي تيل ۾
ڪاڙهي رکجي، اهو تيل ڪن جي ٻوڙاڻ، بڪين جي سور ۽
ڦٽ کي فائدو ڪري ٿو.
عقاب:
نالا: ع. عقاب، ف. قرقو، هه. وغيره___ عقاب، فتحا،
شغوا ۽ قراڪيده.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي ۽ ديرهضم آهي،
ميل: سرڪو، عيوض: شڪرو، وزن: ٽي تولا.
سڃاڻپ: هي پکي سرڻ کان وڏو ۽ چٽڪمرو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، سنڌن جي سور،
قولنج لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري
ٿو. هن جو پتو اک جي ڌنڌ، ڦلي، خارش ۽ پنبڻين جي
کاڌ کي فائدو ڪري ٿو. هن جي وِٺ ماکيءَ ۾ ملائي
ڪوڙهه، چٽيءَ ۽ رحم جي ڦٽن تي مکجي ته اُهي ڇٽي
ويندا.
عقيق:
نالا: ع. شجرهِ التسبيح، ف. امدريان، هه. وغيره___
جياپيپ، لوع ۽ تسبيح کان جهاڙ.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرڙدن ۽ غليظ ريح کي، ميل:
ڪانول پيرون___-: وزن: 3 ماسا.
سڃاڻپ: پوري پني قد جو هڪ وڻ آهي، جيڪو باغن ۾
ٿيندو آهي. هن ۾ گول داڻا ڪاري رنگ تي چڻن جيڏا
ٿيندا آهن.
خاصيت: هن جا سڪل پن کارائجن ۽ ڪاڙهو ڪري پيارجي
ته جگر جي سور، ٻرهل ۽ سيني جي سور کي فائدو ڪندا.
پيشاب جاري ڪن ٿا، بدن جي خارش، گهاٽي رت کي صفا
ڪرڻ، معدي ۽ جگر جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي داڻن
مان تسبيحون ٺاهيندا آهن.
عقيق پهڻ:
نالا: ع. عقيق، ف. سنگرخ، هه. وغيره___ عقيق.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: گڙدي ۽ نڙيءَ کي، ميل:
ڪتيرو ۽ تخم ڪدو، عيوض: ڪهربا، وزن: ڇهن رتين کان
هڪ ماسو.
سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ جو هڪ پهڻ آهي.
خاصيت: هن کي ڦلائي يا گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي
پياربو ته دل کي طاقت ڏيندو. خفقان، ماليخوليا،
بواسير ۽ حيض جو رت بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو
دلپاڪ جوڙائي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي ته دل هول، غم ۽ وسواس
کي گهٽ ڪندو. هن جو سرمون اکين جي بيمارين ڦلي،
ڌنڌ وغيره کي فائدو ڪندڙ آهي.
عناب:
نالا: ع. عناب، ف. شمدانه،هه. وغيره___ بير سرخ،
دفيرف، سنجد ۽ خراساني.
اثر: معتدل، نقصان: معدي کي، ميل: ڪاري ڊاک ۽
ماکي، عيوض: ليسوڙا، وزن: پنجن کان ست عدد.
سڃاڻپ: ٻير کان ڪجهه وڏيرڙا ڳاڙهي رنگ جا ٿوري
ڊگهائيءَ سان داڻا ٿين ٿا.
خاصيت: گهاٽي رت کي صفا ڪن، بدن جي خارش لاهين، کل
جي ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائين. گهاٽن خلطن جو منضج
آهي. کنگهه، دمڪشي، سيني ۽ جگر جي سور، نڙي جي سور
۽ آواز صفا ڪرڻ لاءِ، سوڄن، سورن ۽ تپن ۾ مفيد
آهي. دستن کي دفع ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن ۾ ڄميل
گهاٽي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو.
عنبر:
نالا: ع. عنبر، ف: شاهه ٻوٽي، هه. وغيره___ عنبر،
عافطاه، ۽ عافطر.
اثر: گرم 2، خشڪ 1. نقصان: آنڊن ۽ گرم مزاجن کي،
ميل: ڪافور، عيوض: مشڪ ۽ زعفران، وزن: هڪ کان ٻه
رتيون.
سڃاڻپ: ڳوڙهن ۾ ٻڌل ڀوري ۽ ڪاري رنگ تي ميڻ وانگر
خوشبودرا ٿيندو آهي. دريائي جانورن جي پيدائش آهي.
(ڪي چون ٿا ته جبل جي پيدائش آهي.)
خاصيت: رئيس عضون کي قوت ڏئي ٿو، ظاهري ۽ باطني
حواسن کي فرحت بخشي ٿو. فالـج، لقوي، عضون جي
استرخاءِ، جلندر، مٿي جي ڦيري، وسواس، ماليخوليا،
مثاني، گڙدن، دماغ، جگر، سرسام، ۽ ٻين سرد بيمارين
۾ فائدو ڪري ٿو.
عنبير:
نالا: ع. عنبير، ف. عنبير خوش، هه. وغيره___-.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل:___-، عيوض:
گلاب، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: اٽي وانگر ڳاڙهي رنگ تي خوشبودار ٿيندو
آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. هن جو بخور مٿي
جي سور، ڦيري، جگر ۽ معدي جي تقويت لاءِ مفيد آهي.
رت جي دستن کي بند ڪري ٿو، معدي ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي
ماري ٿو. هن جو مرهم موڪن ۽ بواسير کي فائدو ڪري
ٿو.
عنبر بيد:
نالا: عربي - جعده رومي، فارسي - عنبر بيد.
سڃاڻپ: هي هڪڙي گاهه جو قسم آهي، جو بهار جي موسم
۾ درياه جي ڪلنڀر تي پيدا ٿيندو آهي.
رنگ: پن ساوا ڪارا، گل اڇا ۽ بوءِ ناگوار. ذائقو
تلخ ۽ تيز رکندڙ آهي.
مزاج: گرم 2، خشڪ 1 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: چار ماسا.
خاصيت: هن ۾ ترياقي طاقت رهي ٿي، پيشاب کوليندڙ،
ريح وڃائيندڙ ۽ دست آڻيندڙ آهي. سڀني عضون جا سدا
کولي ٿي، خون صاف ڪندڙ ۽ وڇون جي ڏنگ جو آزار
مٽائيندڙ چيو وڃي ٿو.
نوٽ: ڪـِـن فاضل مصنفن هن کي مـُـر سرهي (بالچهڙ)
۽ ڪي ڀنگرو لکن ٿا، جي ٻئي ڳالهيون غلط آهن.
عود صليب:
نالا: ع. عود الريح، ف. غاوانيا، هه. وغيره___ عود
سليب. کهبايا ۽ عودالحمير.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: ڪتيرو،
عيوض: غاريقون، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
سڃاڻپ: بادامي جي داڻن جيڏا ڪاري رنگ تي ذائقي ۾
ڪڙا ۽ ڪسارا داڻا ٿين ٿا.
خاصيت: فالـج، لقوي، سنڌن جي سور، نقرس، معدي جي
سور، ٻرهل، يرقان، مرگهي، ڪابوس، مثاني جي پٿري،
مٿي جي سور، گردن جي سور ۽ رحم جي بيمارين ۾ مفيد
آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. بواسير جي رت،
دماغ ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. ننڍن ٻارن جي
مرض اُم الصبيان لاءِ هن جا داڻا ڌاڳي ۾ پوئي
ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ گهرجن |