سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: فرهنگ جعفري

باب: --

صفحو :13

چيتو:

نالا: ع. نمر، ف. پلنگ، هه. وغيره___ چيتا، ڪيلان، پارس ۽ تيندو.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: چيلهه جو سور، ميل: سؤنف رومي، عيوض: بنفشه ۽ صندل، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: شينهن جي نموني تي ڪتي کان وڏو هڪ جانور، جنهن جي هيڊي کل تي اڇا ڪارا ٽڪا ٿيندا آهن. بلڪل زوردار جانور آهي.

خاصيت: هن جي چرٻي ڪٺ ۽ زيتون جي تيل ۾ ملائي تيار ڪجي، اها چرٻي سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ تي مالش سان فائدو ٿيندو. هن جو رت چٽي ۽ ڪوڙهه وارن هنڌن تي لائجي ته اهي داغ لهن. هن جو پتو زهر آهي. هن جي کل مان گادي جوڙائي اُن تي وهڻ سان، بواسير جي رت، نانگ، وڇون ۽ آسيب کان امن ۾ رهبو. هن جو پيشاب ۽ مغز جي مک ملائي آلت تي ليپ ڪجي ته قوت باهه ۽ آلت جي سستيءَ لاءِ مجرب آهي.

چيراتو:

نالا: ع. قصب الذريره، ف. ٽي نهاوندي، هه. وغيره___ چرائته، ارمنيقون، فالاس ۽ برڪفه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: چيلهه جي سور کي، ميل: سؤنف رومي، عيوض: بنفشه ۽ صندل، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: هي مشهور ڪاٺيون ۽ پن سڪل ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. ذائقي ۾ تمام ڪڙو آهي.

خاصيت: هن جو ڪاڙهو ڪري پيارجي ته دل ۽ جگر کي تقويت ڏيندو، جلندر، سيني ۽ جگر جي سور، وائي بادي ۽ سخت سوڄن کي تحليل ڪرڻ، کنگهه، دمڪشي، ماليخوليا، جنون ۾ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿو، مثاني جي ڦٽ، رحم جي بيمارين، نون ۽ پراڻن تپن لاءِ گهڻو مجرب آهي.

چيرولي:

نالا: ع. جبين، ف. سنگ ڪج، هه. وغيره___ کهرج، جرولي، حض، براق.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: زهر آهي، ميل: ___، عيوض: ___، وزن: ڇهه ماسا پاهران.

سڃاڻپ: غير شفاف ٿلهي شيشي جي ٽڪرن وانگر جبلن ۾ پٿرن سان گڏ لڀندا آهن، جيڪي چلڪيدار ٿين ٿا.

خاصيت: زيتون جي تيل ۾ حل ڪري موڪن، مقعد جي ڦٽن، مقعد جي سوڄ ۽ نواسير جي ڦٽن تي لائڻ سان فائدو ٿيندو.

چيل:

نالا: ع. شجرهِ الجن، ف. ديودار، هه. وغيره___ چيرچوب، الجن ۽ سيڊرهه.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___، ميل: سـُـنڍ، عيوض: ___-، وزن: ٻورو ساڍا ٽي ماسا روزانو.

سڃاڻپ: هي وڏو وڻ ٿيندو آهي، هن جون ڪاٺيون عمارتي ڪم ۾ اينديون آهن.

خاصيت: هن جو ٻورو ترن جي تيل ۾ ساڙي تيار ڪجي، پوءِ اهو تيل سوڄ ۽ سور واري هنڌ، عضون جي استرخاءِ ۽ ٻنڌين تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو، نبضن ۽ ٻنڌين کي طاقت ڏيندو. هن جي ٻوري جو ڪاڙهو پيٽ جي سور، دستن ۽ بخارن لاءِ مفيد آهي. سنڍ هن جو تاثير قوي ڪري ٿي.

چيلاٽو:

نالا: ع. نحل الاحمر، ف. زنبور سرخ، هه. وغيره___ چيلاته، درخف ۽ غيلفج.

اثر: گرم خشڪ: نقصان: رت ۽ سوڄ ڪري، ميل: لوڻ ۽ ماکي، عيوض:___، وزن: ٽي عدد.

سڃاڻپ: ديسي ککر کان ڪجهه وڏيرڙو ڳاڙهي ڪاري رنگ تي هڪ اُڏامندڙ جيت آهي، هن جي ڏنگ ۾ سخت زهر ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي چيري وڇون يا نانگ جي ڏنگ تي ٻڌجي ته زهر کي مٿي چڙهڻ نه ڏيندو. هن کي زيتون جي تيل ۾ ساڙي، جذام، ڦٽن ۽ ناسور تي مرهم ڪري لڳائجي، هن جو ڏنگڻ جلندر ۽ فالـج واري کي مفيد آهي. هن جو مانارو گرم ڪري پاڻيءَ ۾ وجهي ٿوري دير بعد اهو پاڻي ڪڍي پيارجي، ته هڏڪيءَ کي فائدو ڪندو.

چيني:

نالا: ع. غضا ِّ الصيني، ف. ڪاسه چيني، هه. وغيره___ چيني سفيد ۽ مٽي خاڪ چين.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___، ميل:___، عيوض: ___-، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: اڇي رنگ تي هڪ مٽيءَ جو قسم آهي، جنهن مان وري ٿانو ٺهندا آهن.

خاصيت: هن کي ڪٽي سنهون ڪري، ڏندڻ سان ڏندن کي هڻجي ته مهارن مان رت جو اچڻ بند ڪري، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪري، سرمي سان ملائي اک ۾ وجهجي ته ڦلي ۽ ڌنڌ کي فائدو ڪري، هن کي ماکي سان گڏي حب ٻڌي، ڦڦڙن مان رت ايندڙ رت کي بند ڪرائڻ لاءِ کارائبا آهن.

چيڻو:

نالا: ع. دخن، ف. ارزن خورد، هه. وغيره___ ڪاڪن، کهنکي ۽ چينالم.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سدا ڪري، ميل: گيهه ۽ کير، عيوض: چانور، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: ٻاجهريءَ جي داڻن کان ڪجهه وڏا، سفيدي مائل ڳاڙهي رنگ جا داڻا آهن، هي اَن جو قسم آهي. ماني هن جي هلڪي غذا آهي.

خاصيت: اندرين پردن ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، قابض آهي، پيشاب جاري ڪري ٿو، صفرا جي دستن کي بند ڪري ٿو، ڪچي بلغم کي پچائي ڪڍي ٿو. لوڻ سان گڏي ڪوسو ڪري سور ۽ سوڄ جي جاءِ تي ٽاڪور ڪرڻ سان سور ۽ سوڄ لهي ويندا.

چيڻوٺي:

نالا: ع. عين الديڪ، ف. چشم خروس، هه. وغيره___ گهونگهچي، والي سرخ، تخم ۽ خمخ.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ۽ مٿي جو سور، ميل: ڌاڻا تازا، (ڪوتمير)، وزن: اڌ کان ڏيڍ رتي.

سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ جو جوئر جي داڻن کان ٿورو وڏو ٻج جو قسم آهي. هن جا ٻه - ٽي قسم ٿيندا آهن (هڪ اڇو، ٻيو ڪارو ۽ ٽيون ڳاڙهو).

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن. مني ۽ قوت باهه وڌائي ٿو، امساڪ پيدا ڪن ٿيون.

دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿيون، يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور ۽ سيني جي بيمارين ۾ مفيد آهي. اهل صنعت جا اُن کي پاري ۾ عقد ڪندا آهن. هن طرح: پنن ۽ چيڻوٺين جو اڌ پاءُ جيترو وزن کڻي گهوٽي، لغدو ٺاهي اُن ۾ پارو ٻه تولا رکي گلحڪمت ڪري پنج سير ڇيڻن ۾ باهه ڏجي ته پارو عقد ٿي ويندو.

چيهو:

نالا: ع. مليح الصوت، ف. سرخاب، هه. وغيره___ چڪوا چڪو، چيه، قرغور ۽ بلبل سبز.

اثر: گرم تر 2، نقصان: دير هضم ۽ گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو، عيوض: ٻرهل، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: جهرڪيءَ کان ٿورو ننڍو رنگارنگي، خوش آواز ڪندڙ پکي اڪثر دريائن يا پاڻيءَ وارن هنڌن تي رهندو آهي.

خاصيت: هن جو گوشت يرقان، ٻرهل، جلندر، صفراوي، دستن جي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. قوت باهه کي وڌائي ٿو. رت ۽ پتو ان جو اک جي ڦلي، ڌنڌ، قولنج، ۽ صفرا جي فساد کي دفع ڪري ٿو.

وِٺ اُن جي ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن کي مکجي ته فائدو ٿيندو.

 

باب ڇي جو

ڇاپرو ٻير:

نالا: ع. غبيرا، ف. ڪنار صحرائي، هه: وغيره___ جهربيري، سرو ڪوهي، عروين، قونوسد ۽ شمارون.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: کنگهه وارن کي، ميل: کنڊ، عيوض: ٻير، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: عناب جي شڪل تي ننڍڙا ٻير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن.

خاصيت: دل کي خوش ڪندڙ، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيندڙ آهي. انهن ٻيرن کي سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائجي ته صفراوي اُلٽين ۽ دستن کي بند ڪندا، سيني جي سور، ٻرهل، معدي جي ضعف ۽ معدي مان ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مفيد آهن. رحم جي سور کي وڃائين ٿا، پيشاب جاري ڪندڙ ۽ قابض آهن. منيءَ جي امساڪ، جگر جي سدن، وڇونءَ جي زهر کي فائدو ڪن ٿا.

ڇاڇرو:

هن جي خاصيت لاءِ ڏسو ”پلاس پاپڙا“

ڇاڻ:

نالا: ع. نخاله، ف. سبوس، هه. وغيره___ بهوسا، چوگه ر، سناف ۽ طرفا بارا.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: جگر کي، ميل: نشاستو، عيوض: جـَـوَن جو اٽو.

سڃاڻپ: اٽي کي ڇاڻي جيڪي تـُـههَ ڪڍبا آهن.

خاصيت: هن کي ڪوسو ڪري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٽاڪور ڪبي آهي. هنن جي رٻ رڌي کارائجي ته سيني جي سور کي فائدو ڪندي ۽ ٻوري کي نرم ڪري ٻاهر ڪڍندي، اها رٻ کنگهه ۽ ڪچي بلغم کي پچائي ڪڍڻ لاءِ، وائي باديءَ وڃائڻ لاءِ مفيد آهي. هن کي لوڻ ۽ ترن جي تيل ۾ رڌي لپري ڪري سنڌن جي سور، پاسي جي سور تي ٽاڪور ڪجي ۽ لپري ٻڌجي ته فائدو ٿيندو.

ڇانهي:

نالا: ع. دابوقه، ف. هندوانه، هه. وغيره___ تربوزه، ڪالند، الاغ ۽ بطيخ هندي.

اثر: سرد تر 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: بادرنگ، وزن: پنج تولا.

سڃاڻپ: ول ۾ ٿيندڙ مشهور ميوو آهي.

خاصيت: جگر جي گرمي، گهڻي اُڃ، صفرا جي جوش ۽ رت جي جوش کي گهٽائي ٿي ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي. مثاني ۽ گردي جي رائي ۽ پٿريءَ کي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿي. صفراوي تپ ۽ گرمي کي مفيد آهي، هن جو پاڻي شڪنجبين سان گـڏي پياربو ته يرقان ۽ ٻرهل کي فائدو ڪندو. هن جو ٻج طاقتور آهي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، کنگهه ۽ سيني جي خشڪي لاهي ٿو، صفرا، پيشاب جي ساڙي ۽ مثاني جي ڦٽ لاءِ مجرب آهي. هن جي مٿان چانور کائڻ نه گهرجن.

ڇٻر:

نالا: ع. ثيل، ف. بيل گياه، هه. وغيره ___- گهانس، پيلان ڪرڪ، جرواس ۽ سطاح.

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: مصري، عيوض: ___، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: ڍنڍن، پاڻيءَ وارين جاين تي پکڙندڙ گاهه جو قسم آهي.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارجي ته پيشاب جاري ڪندو، مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي ڪڍندو، مثاني جي ڦٽ، آلت جي ڦٽ، گرم پتن، سلهه، نانگ جي زهر لاءِ مفيد آهي، ڇتي ڪتي جي ڇڪ کان ٿيل ڦٽ تي هن جي خاڪ ترن جي تيل ۾ گڏي رکجي ۽ اهو تيل موڪن، بواسير جي رت مقعد جي سوڄ، ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ سٺو مرهم آهي.

ڇڪڻ:

نالا: ع. ڪندش، ف. عطاس، هه. وغيره___ نڪ ڇڪني، سوطن، عدامل ۽ بيخ ڪازران.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي ۽ غشي پيدا ڪري، ميل: ڪتيرو، عيوض: ميڻ ڦل، وزن: ٽن رتين کان هڪ ماسو.

سڃاڻپ: ننڍا پن سڪل سبزاڻي تي ٿيندا آهن.

خاصيت: هن کي ڪٽي ناس ڪرائجي ته مٿي جي سور، فالـج، لقوي ۽ دماغ جي رطوبت کي سڪائڻ لاءِ نزلي، مرگهي، نڪ جي بدبوءِ ۽ نڪ جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. هن کي تيل بابونا ۾ ڪاڙهي تيار ڪجي، اهو تيل ڪن جي سور ۽ ٻوڙاڻ ۾ فائدو ڪري. ٻرهل، حمل ڪيرائڻ ۽ مثاني جي بيمارين کي فائدو ڪري ٿو، تريءَ جي سختي هٽي ٿي.

ڇلو مرون:

نالا ع. زبزب، ف. خوڪ فلوسدار، هه. وغيره___ ڇلا مردن، پرسو صحراءِ ۽ خوڪره.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ___-، ميل: ___-، عوض: ______، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ هي جانور ڪتي جي قد جيترو ٿئي ٿو، هن جي بت تي ڇلر ٿيندا آهن.

خاصيت: هن جا ڇلر ڳچيءَ ۾ ٻڌائبا ته ٽيئڙ تپ، اجاين ڊيڄاريندڙ خوابن کي ڏسڻ، ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ بند ٿي ويندا. ساڳيا ڇلر گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائبا ته اهو بد نظر ۽ بيماريءَ کان محفوظ رهندو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور ۽ فالـج تي مالش ڪرائجي ته مفيد ٿيندي. هن جو پتو، جذام، ڪوڙهه ۽ چٽي جي داغن تي ملجي ته فائدو ٿيندو، هن جو گوشت جلندر، سلهه ۽ جذام جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

ڇوڏا:

نالا: ع. قشر، ف. پوست، هه. وغيره___ ڇلڪا ۽ عجي.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: ___-، ميل: ___-، عيوض: ______، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڪاٺ جي کل آهي.

خاصيت: نم يا ٻٻر جا ڇوڏا ڪاڙهي گرڙين ڪرائڻ سان وات جي پچڻ، وات جي ڦٽن، يا رسڪپور جي کائڻ ڪري وات اُٿي پوي، ته فائدو ٿيندو. ڇوڏن کي ڪٽي سنهو ڪري ڏندڻ سان استعمال ڪبو اچبو، ته مهارن مان رت جو اچڻ بند ٿيندو، ڏندن جو سور لهندو، ڏند ۽ مهارون مضبوط ٿيندا.

ڇوڏي:

نالا: ع. قشرالرمان، ف. پوست انار، هه. وغيره___ ڇلڪا انارڪا، ڪرو، سطح ۽ انار.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: دماغ کي، ميل: آهو ٻير، عيوض: ڪتيلو، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڏاڙهن جي کل آهي.

خاصيت: ٻين دوائن سان گڏي ڦڪي ٺاهي رکجي، اها ڦڪي رت جي دستن، سوريءَ، پيچش، صفراوي دستن جي لاءِ مفيد آهي. هن جو ڪاڙهو کنگهه، دمڪشي، ڪچي بلغم کي پچائي کانگهاري رستي ڪڍڻ ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. ڦٽڪيءَ سان گڏ ڪٽي مرهم ٺاهي مقعد جي سوڄ ۽ سور ۽ موڪن تي لائبو ته فائدو ٿيندو.

ڇوهارا:

نالا: ع. قسب، ف. خرماءِ شڪشڪن، هه. وغيره___ ڇوهارا، مقلقل، برقوم ۽ خرماخوڪ.

اثر: گرم تر 2، نقصان: مٿي جي سور ۽ گرم مزاجن کي، ميل: بادامي ۽ ڏاڙهون، عيوض: ڊاک ڪاري، وزن: اٺ عدد.

سڃاڻپ: هي کجين جا سڪل داڻا، ڊگها ڀوري رنگ تي مٺا ۽ لذيذ ٿيندا آهن.

خاصيت: معدي کي تقويت ڏين ٿا، دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي هٽائين ٿا، جگر جي سور، سيني ۽ اندرين پردن مان ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مفيد آهن. هنن کي بڙ جي کير ۾ پچائي کائيندو ته قوت باهه وڌائيندا ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪندا.

ڇيڻو:

نالا: ع. خشا”، ف. سرگين، هه. وغيره___ گوبر، فرٽ، ايله ۽ تروا.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: ______، ميل: ___-، عيوض: ______، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: جانورن جو سفل آهي.

خاصيت: نڪهير جي لاءِ ڳائو تازو ڇيڻو پيشانيءَ تي رکائجي. نـُـنهن ٿر ۽ آڱر ويڙهي ان جي لپري ٻڌائجي ته فائدو ٿيندو. سڪل ڇيڻي جو ڦلهيار، تيل ۾ ملائي، گهڻي رت اچڻ واري هنڌ تي رکجي ته رت بند ڪندو.

باب حي جو

حرٻو:

نالا: ع. بزرالحلبه، تخم شمليت، هه. وغيره___ ميٿي ڪا بيج، جله، اهيون، حلبه ۽ شلبين.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي: ميل: گيهه، عيوض: تخم شلغم، وزن: پنج ماسا.

سڃاڻپ: حرمري جي داڻن کان ٿلها، ڀوري رنگ جا گول ٻج جا داڻا آهن.

خاصيت: غليظ وائي بادي تحليل ڪن ٿا، چيلهه، پٺن جي سور، ٻرهل ۽ جگر جي سوڄ، بواسير جي رت، سيني جي بلغم، سيني جي سور، کنگهه ۽ دمڪشيءَ ۾ مفيد آهن. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. هن جي لپري سورن ۽ سوڄن جي جاين تي ضماد ڪجي ته فائدو ڪندي.

حرمرو:

نالا: ع. بذرالحرمل، ف. اسفند، هه. وغيره___ حرمل، اوذلڪ ۽ اهليم.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور ۽ گرم مزاجن کي، ميل: شڪنجبين ۽ پاڻي، عيوض: موريءَ جو ٻج، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ميٿيءَ جي ٻج جهڙو سنهو، ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: غليظ وائي باديءَ کي وڃائي ٿو، بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. جلندر، يرقان، مرگهي، ماليخوليا، ويسر، کنگهه، دمڪشي، پيٽ جي سور، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ ۽ منيءَ جي امساڪ پيدا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

حلواڻ:

نالا: ع. جدي، ف. بزغاله، هه. وغيره___ بره، جلان ۽ جدا.

اثر: معتدل، نقصان: ___-، ميل: سؤنف، عيوض: ___-، وزن: هڪ پاءُ.

سڃاڻپ: مهيني ٻن جو ڄاول ڇيلو.

خاصيت: هن جو گوشت سريع الهضم آهي، دل ۽ دماغ کي قوت ڏئي ٿو، رت وڌائي ٿو، گوشت کي پاڻيءَ ۾ چڱيءَ طرح رڌي، ڳاري، شوربو ڪري پيئڻ سان معدي ۽ جگر کي ڪم طاقتيءَ ۽ کنگهه کي فائدو ٿيندو، بلغم شور کي ڳاري ڪڍندو. قوت باهه، گردن جي ضعف، مثاني جي ضعف ۽ مثاني جي پٿريءَ کي مفيد آهي.

حلوو مسقطي:

نالا: ع. حلوه دندان گير، ف. افروشه، هه. وغيره___ حلوا ۽ سيومنه.

اثر: گرم تر 2، نقصان: دير هضم، ميل: ڦوٽا، عيوض: ___، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: مشهور شيءِ آهي، جيڪا گيهه، کنڊ ۽ نشاستي کي گڏي ٺاهيندا آهن.

خاصيت: دماغ ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو، معدي ۽ آنڊن جي خشڪي گهٽائي ٿو، ٽوري کي نرم ڪري ٿو، بدن کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ ۽ قوت باهه وڌائڻ لاءِ مفيد آهي.

حيات ڪاٺي:

نالا: اردو ۽ فارسي - چوب حيات، عربي - خشب الحيات.

سڃاڻپ: هڪ هلڪي وڻ جي ڪاٺي آهي جنهن مان اگر ڪاٺي جهڙي سڳند اچي ٿي. رنگ ۾ ڀوري، ذائقي ۾ ڪوڙي ٿئي ٿي. مزاج: ٻي درجي اندر گرم خشڪ آهي.

مقدار خوراڪ: هڪ ماسي کان ٽي ماسا.

پيدائش: بنارس ۽ گورکپور (ڀارت) ۾ ٿيندي آهي.

خاصيت: هي قابض اثر رکندڙ ۽ زهرن لاءِ ترياق چئي وڃي ٿي، سوڄ کي نيسائڻ لاءِ تمام ڪارگر آهي. نانگ ۽ وڇون وغيره جي ڏنگيل کي پاڻي ۾ گهي پياريندا آهن، ۽ ليپ ڪرائيندا آهن. هن جو مرهم ڦٽ ڇٽائي ٿو. هيضي ۾ جڏهن ڪو الٽيون ڪري ساڻو ٿي پيو هجي، تڏهن استعمال ڪجي ته آب حيات جو ڪم ڏئي ٿو.

باب خي جو

خاڪ شفا:

نالا: ع. طين الحميد، ف. خاڪ شفا، هه. وغيره___ مٽي پاڪ، طين الشفا ۽ خاڪ شيرازي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: گلاب جو پاڻي، عيوض: ___-، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڳاڙهاڻ مائل اڇي رنگ تي ٽڪين جي صورت ۾ ٻڌل مٽي آهي. جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته "اها مٽي زاد شرفه" يعني ڪربلا معليٰ مان آڻيندا آهن، ڪي چون ٿا ته شيراز ملڪ جي مٽي آهي.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي، تپن، وبائي دستن، وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ، ڦٽن، ۽ سوڄن ۾ مفيد آهي. شيعه حضرات انهيءَ ٽڪيءَ تي نماز پڙهندا آهن.

خاڪشير:

نالا: ع. خبه، ف. خاڪشي، هه. وغيره___ خوب ڪلان، حمحم، بذرالخمخم، شفترڪ ۽ شيوران.

اثر: گرم تر 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڌوئڻ ۽ ڪتيرو، عيوض: تودري، وزن: نـَـوَ ماسا.

سڃاڻپ: هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ تي هڪ تمام سنهڙو ٻج ٿئي ٿو.

خاصيت: قوت باهه کي وڌائي ٿو، بک لڳائي ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، معدي ۽ هاضمي کي طاقت ڏئي ٿو، پراڻن ۽ گرم تپن ۾ فائدو ڪري ٿو، ست اٺ دفعا پاڻيءَ ۾ ڌوئي، پسائي پوءِ اهو پاڻي ڇاڻي پيارڻ سان، اُرڙي ۽ ماتا جي بيمارين، سيني ۽ ڦڦڙن جي رت، صفراوي، دستن، اُلٽين، کنگهه، معدني زهرن، وڇونءَ ۽ نانگ جي ڏنگ لاءِ مفيد آهي. گهڻي اُڃ ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽائي ٿو.

وات جي خشڪي، ڦٽن، ڪن ۽ اکين جي بيماريءَ ۾ مفيد آهي.

خبازي:

نالا: ع. خبازي، ف. نان ڪلاغ، هه. وغيره___ تخم خبرور، پنيرڪ، پاپڙا، ابم، ڪماجي، ۽ شبوئي.

اثر: سرد تر 1، نقصان: معدي کي، ميل: ميوَن جو پاڻي، عيوض: خطمي، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: خطميءَ جي شڪل تي خطميءَ جي ٻج کان ڪجهه سنهو ڀوري رنگ تي هڪ ٻج آهي.

خاصيت: سودا ۽ بلغم جي خلطن، صفراوي ۽ گرم تپن، جگر جي سدن ۽ ٻرهل جي سختيءَ کي تحليل ڪرڻ لاءِ منضج آهي. سوري، پيچش، آنڊن جي ڦٽ، ٻرهل جي سور، يرقان، مثاني جي ڦٽ، نڙيءَ جي آواز صفا ڪرڻ، کنگهه ۽ سيني جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

هن جو ضماد جگر جي سور ۽ سوڄ کي فائدو ڪري ٿو. وڇونءَ جي ڏنگ تي هن جي ٽاڪور ڪجي.

خچر:

نالا: ع. ابواشجع، ف. استر، هه. وغيره___ بابو، پيرو، ۽ بزدون.

اثر: گرم خشڪ 3، _______________-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: گهوڙي جي قسم جو هڪ جانور، جيڪو گهوڙي کان قد ۾ ننڍو ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جو گوشت، سنڌن جي پراڻي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي، هن جي چرٻي نقرس جي سور، عضون جي سيٽجڻ، ٻنڌين جي ڍرائي، ڪم طاقت ۽ سور وارين جاين تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو.

هن جي چرٻي ۽ کر ساڙي حمل واري عورت کي دونهون ڏجي ته ٻار ڪري پوندو.

خطمي:

نالا: ع. بذرالخطمي، ف. تخم خطمي، هه. وغيره___ خيري، ابخل ۽ سحم المرخ.

اثر: سرد تر 1، نقصان: معدي ۽ ڦڦڙن کي، ميل: ماکيءَ ۽ سؤنف، عيوض: خبازي ۽ نيلوفر، وزن: پنجن ماسن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: ستارن جي ٽڪين وانگر هڪ قسم جو ٻج آهي جو ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: گهاٽن ۽ سڙيل خلطن، گرم تپن، يرقان، ٻرهل، بدن جي خارش لاءِ منضج آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي، ڦڦڙن جي سور ۽ پاسي جي سور کي فائدو ڪري ٿي.

جيڪي بخار مٿي چڙهن ٿا، تن کي لاهڻ، سخت سوڄن کي نرم ڪرڻ، خشڪ کنگهه، دمڪشي ۽ مثاني جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

خميري اٽو:

نالا: ع. عجين، ف. خمير ترش، هه. وغيره___ ماوا، ممير ۽ رسميقو.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: سيني کي، ميل: ڪتيرو، عيوض: ___-، وزن: هڪ پاءُ.

سڃاڻپ: هڪ قسم جو کٽو اٽو آهي، جنهن کي زيتون جي تيل يا کٽي جهڻ ۾ ٿوري وقت لاءِ وجهي رکجي ته ترش ٿي ويندو.

خاصيت: انهيءَ مان ماني پچائي کارائڻ سان غليظ وائي بادي تحليل ٿيندي، ڏندن جي سور ۽ معدي جي تقويت لاءِ مفيد آهي. انهيءَ اٽي ۾ وڌيڪ شيون ڦودنو يا طباشير يا زعفران وجهي پچائي ته اها ماني ٽيئڙ تپ، سيني جي سور ۽ ماني هضم ڪرڻ لاءِ مفيد اهي.

خس:

نالا: ع. خس، ف. خس، هه. وغيره___ ڪانڊل.

اثر: گرم خشڪ 2، _____________________، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: ناريل جي بوجرن وانگر سنهيون تندون، بادامي رنگ تي ٿينديون آهن.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿيون. هن مان ڇپريون ٺهرائي دروازن تي ٽنگي گرميءَ جي ڏينهن ۾ انهن ڇپرين تي پاڻي ڇٽڪارجي ته جيڪا هوا انهن مان مٽي اندر ايندي. اُها قلب، روح نفساني، حواس باطني ۽ دماغ کي معطر ڪندي ۽ طاقت ڏيندي.

باب دال جو

دال چڪنو:

نالا: ع. سليماني، ف. داراشڪنه، هه. وغيره___ دالچڪنه، ڪيالڪ، رابستيا ۽ دواءِ الشوت.

اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: زهر آهي، ميل: کير تازو، عيوض: سنکيو، وزن: هڪ کان ٻه چانور.

سڃاڻپ: هي ڪڻڪ رنگو، سنکئي وانگر ڳوڙهن ۾ سخت زهر آهي، جو سنکئي ۽ پاري مان ٺاهيندا آهن، هن کي گهڻي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي.

خاصيت: مکڻ ۾ کرل ڪري مرهم ٺاهجي. اهو مرهم ناسور، نواسير، خراب ۽ پراڻن ڦٽن ۽ وڍيل گوشت لاءِ مفيد آهي. هن کي ماري ڪشتي ڪرڻ جي هيءَ واٽ آهي. تولو کن دالچڪني جو لوهه جي ڪڻاهيءَ ۾ رکي، هلڪي باهه تي مال ڪنگڻيءَ جو تيل هڪ پاءُ چوهاڪا ڏيئي کڻائجي، پوءِ هڪ ميڻ ڦل ۾ ٽنگ ڪري، اهو دالچڪنو انهيءَ ۾ وجهي، ٽنگ کي بند ڪري مٿان ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان لپيٽي سڪائي، پوءِ انهيءَ اٽي ۾ ويڙهيل ميڻ ڦل کي هڪ سير ڳائي کير ۾ جوش ڏيارجي، جڏهن کير ڪڙهي باقي اڌ پاءُ کن بچي تڏهين ميڻ ڦل مان دال چڪنو ڪڍي، اُبت ڪنڊڙيءَ جي اڌ پاءُ پنن جي گهوٽيل لغدي جي وچ ۾ رکي، گلحڪمت ڪري خوب طرح سڪائي، پنجن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏبيس ته ڦلي پوندو، اهو ڪشتو گهڻن مرضن جهڙوڪ: نزلي، دماغ جي رطوبت، ناسورن، ڦٽن ۽ قوت باهه لاءِ مجرب آهي، خاص طرح بادفرنگ تي سٺو فائدو ڪري ٿو.

دالچيني:

نالا: ع. دارصيني، ف. دارچيني، هه. وغيره___ فيمونيا، مرسلون ۽ سهرين.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مثاني کي، ميل: آسارون ۽ ڪتيرو، عيوض: ڪباب چيني، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: گهاٽي ڳاڙهي رنگ تي ويڙهيل سڪل ڇوڏا ٿين ٿا، جيڪي ذائقي ۾ مٺا ۽ تيز ٿيندا آهن.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، حمل ڪيرائي ٿي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. کنگهه، خفقان، جلندر چريائي، وسواس، جگر جي سدن، ٻرهل، گردي جي سور لاءِ مفيد آهي. آواز کي صفا ڪري ٿي. وات جي خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي. دماغ جي رطوبت کي سڪائي ٿي، قوت باهه ۽ مني وڌائي ٿي، سرد مزاج وارن کي مفيد آهي، ٻنڌين ۽ اکين جي بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿي.

دال مهري:

نالا: ع. عدس، ف. نشڪ، هه. وغيره___ مسور، مرجوسڪ، ملس، ۽ بنو سرخ.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دير هضم آهي، ميل: گيهه ۽ لوڻ، عيوض: مڱ، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ تي چپترا گول داڻا ٿين ٿا. هن جا ٻه قسم آهن.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي انهيءَ پاڻيءَ سان گرڙيون ڪرائبيون ته وات جي بدبوءِ دور ڪرڻ، وات جي پچڻ، خناق جي ڳوڙهن کي لاهيندي. کنگهه، سيني جي سور، تپن، ۽ دستن لاءِ مفيد آهي، هن کي سرڪي ۾ رڌي لپري ڪري، خنازير جي ڳوڙهن، سخت سوڄ ۽ مقعد جي سوڄ تي ٻڌجي ته مفيد آهي، ردي خلط پيدا ڪري ٿي.

دانڦل:

نالا: ع. غافث، ف. غافث، هه. وغيره___ طرايله، اگر رومنه ۽ اوقطاربون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: سؤنف رومي، عيوض: آسارون، وزن: چئن کان ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: مکريءَ وانگيان آسماني مائل ڪاري رنگ تي هڪ ڦر آهي. ذائقي ۾ تمام ڪڙو ٿيندو آهي.

خاصيت: معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو. پيشاب، حيض ۽ پگهر کي جاري ڪري ٿو، سڙيل خلطن جو جلاب آهي، جگر جي سدن، ٻرهل، دماغ جي رطوبت سڪائڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو ٻورو ڦٽن ۽ ناسورن جي ڇٽائڻ لاءِ مفيد آهي.

درونج:

نالا: ع. درونج عقربي، ف. درونج، هه. وغيره___ اتربڪ ۽ درونگ.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي: ميل سؤنف رومي، عيوض: ڪپور ڪچڙي، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: وڇون جي پڇ وانگر گريدار ڀوري رنگ جي پاڙ آهي.

خاصيت: حواسن ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿي، دل کي خوش ڪري ٿي، ۽ ترياق آهي. وبائي دستن، جگر، ٻرهل، سودا، ۽ بلغم جي خلطن لاءِ، مٿي جي سور، ماليخوليا، خفقان جي بيمارين ۾ مفيد آهي. غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. هاضمي کي تقويت ڏئي ٿي، ۽ بک وڌائي ٿي. وڇونءَ جي زهر تي اثر ڪري ٿي.

درمڻو ترڪي:

نالا: عربي - شيخ خراساني، سرحدي - جهان، بلوچي- ترخس پيڙا، اردو ۽ فارسي - درمند ۽ جوهري اجوائن، لاطيني - آرٽي ميسيا ميري ٽيما (Artemisia Maritima).

سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو گاهه آهي، جنهن جا پن سوئن جئان ٿين ٿا. سندس ٻج گرڦي جي ٻج جئان ٿئي ٿو. هن جي سڪل مکڙين مان هڪ جوهر سينٽونين نڪري ٿو.

گلن جو رنگ هيڊو ڳاڙهو ۽ پنن جو ڀورو ٿيندو آهي، ذائقي ۾ تلخ ٿئي ٿو.

مزاج: گرم 3 خشڪ 3 ٿئي ٿو. بدل: افسنتين ۽ سداب.

مقدار خوراڪ: هڪ کان ٽن ماسن تائين.

پيدائش: ڪورم ايجنسي (سرحد)، بلوچستان وغيره. هن جو، جوهر اڳ روسي ترڪستان مان ايندو هو، هاڻ ڪشمير ۾ تيار ٿئي ٿو.

خاصيت: هي سوڄ کي نيسائيندڙ ۽ ڦٽ ڇٽائيندڙ آهي. هن کي ماڙ زيتون جي تيل ۾ ملائي وارچري (Alopecia) تي لڳائيندا آهن، پيٽ جي ڪينئن مارڻ لاءِ زبردست تاثير رکي ٿو، جنهن لاءِ  هن جو ڪاڙهو پياريو ويندو آهي.

درمڻي جي سڪل مکڙين مان هڪ قلمي جوهر سنٽونين (Santonine) نالي نڪري ٿو جو ايلوپيٿي ۾ ڪتب ايندڙ ۽ نهايت ڪارآمد آهي. جلندر جي سوڄ ۽ ڳنڍيل تپن لاءِ فائديمند، حيض ۽ پيشاب کوليندڙ آهي. فاسد خلطن کي دستن ذريعي نيڪال ڪري ٿو ۽ هن سان طبيعت نرم ٿئي ٿي. (پاڻ غير سمي آهي مگر سندس جوهر قاتل زهر ٿئي ٿو.)

دريائي مهماءِ:

نالا: عربي - قفراليهود، فارسي - ڪفراليهود.

سڃاڻپ: هي کؤنر وانگر ڄميل ۽ ڳنڍن جي شڪل ۾ دوا آهي. گهڻا ماڻهو ڌوپ ۽ ڄو مان به مصنوعي طور تيار ڪندا آهن. قدرتي طرح بحيره يهوديه جي پٿرن هيٺان هٿ ڪئي ويندي آهي.

مزاج: گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: ٻن کان ٽي ماسا.

خاصيت: زفت (ڄو) ۽ عنبر جو قائم مقام سمجهي ڪتب آندو وڃي ٿو. ڌڪ، سنڌ ڀڄڻ ۽ اهڙين ٻين حالتن ۾ مهماءِ جئان مفيد آهي. هن جو دونهون نزلي، زڪام، مٿي جي سور ۽ مرگهي وارن لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو. وات جي خوشبوءِ ۽ ڏندن جي بيمارين لاءِ ڪارگر آهي.

هن کان کنگهه، سيني جو سور، ڦڦڙن جا ڦٽ، خناق، جگر جي ڪمزوري وغيره دفع ٿين ٿا. رت وهڻ ۽ ان جي تحليل ڪرڻ لاءِ ڪارآمد آهي. رحم جي تڪليفن ۽ عام عضون جي تقويت لاءِ مفيد آهي. لڌڙي جي خصين سان هن جو فرزجه (Vaginal Suppository) حيض جاري ڪري ٿو. هن جو ليپ اعصاب جي سوڄ، ڪن رڳ سياٽيڪا (Ciatica) جي سور، نقرس (gout گائوٽ) وغيره لاءِ مفيد ۽ چهري جي ڇانئين وغيره لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پراڻن دستن، گردي جي خرابي، بواسير ۽ معدي جي ڄميل رت جي تحليل لاءِ ڪارگر چيز آهي. اک جي تڪليف ۽ پنبڙين جي خرابي لاءِ سٺو ڪم ڪندڙ آهي.

دنگيءَ درخت:

نالا: اردو- گورکهه املي، مرهٽي- گورک چنچ، دکني - هٿي ڪٽيان، انگريزي - باٽل ٽري (Bottle Tree).

سڃاڻپ: هي وڏو وڻ آهي، جنهن جي هڪ هڪ ٽاري ۾ پنج پنج پن ٿيندا آهن، هن جا گل ڪنول جئان ۽ ڦريون دنگين وانگي ٿلهيون ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون.

رنگ: گل اڇا. ذائقو: ڦريون کٽيون، مزاج: سرد.

مقدار خوراڪ: ڇوڏن جو سفوف ٽي ماسا.

پيدائش: دهلي، گجرات ۽ ڪارو منڊل جي ساحلي علائقن ۾ ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جي پنن جي لپري سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. ڇوڏا نوبتي بخار هٽائين ٿا. هن جي ڦرين جو شربت بخارن جي وڌيل حرارت گهٽائڻ ۽ دل کي فرحت ڏيارڻ لاءِ مستعمل آهي. بمبئي ۾ هن جي ڦرين جي ڳر ڏهي ۾ ملائي دستن ۽ پيچن لاءِ کارائيندا آهن.

دودو گاهه:

نالا: پنجابي - کوي گهاس، سنسڪرت- روهش، بنگالي - رويشل، هندي ۽ اردو - روسا گهاس، انگريزي - (geranium grass).

سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو گاهه آهي، جنهن کي هٿ ۾ مهٽجي ته مزيدار خوشبوءِ نڪري ٿي. هن جا پن ٻوڙي جي پنن جئان ٿين ٿا، ڪيمياگر سندس تلاش ۾ پريشان رهندا آهن. رنگ ۾ سبز ۽ سهڻو ٿئي ٿو. ذائقي ۾ تلخ ۽ تيز آهي. (کل ۽ زبان جا ڦٽ پيدا ڪري ٿو).

مزاج: گرم 3 درجي ۾، خشڪ 2 درجي ۾.

پيدائش: سنٽرل انڊيا، راجپوتانا ۽ يو پي.

خاصيت: هن جي پنن مان تيل نڪري ٿو، جنهن جو تجارتي نالو ردسا آئل مشهور آهي. (هي صابڻ ۽ عطر سازي ۾ ڪم اچي ٿو) دوا طور ريح وڃائيندڙ، آڪڙ هٽائيندڙ ۽ پيٽ جي آڦري ۽ قولنج لاءِ مستعمل ۽ مفيد آهي.

هن جي رس ۾ قلعي ڪشتو ٿئي ٿو، جنهن کي دمه، اسٿيما، (Asthima) کنگهه، موسمي بخارن ۽ بلغمي بيمارين لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. هن کي چانهه وانگي ڪاڙهي پيارجي ته زڪام، بخار ۽ انفلوئنزا لاءِ فائديمند آهي.

ديڳچون:

نالا: عربي - توبال النحاس، فارسي - ثفال مس، انگريزي- (Copperfilings).

سڃاڻپ: هي ٽامي جو چورو آهي، جو ٿانون وغيره بڻائڻ وقت لاٿو وڃي ٿو. رنگ ۾ سرخ، چمڪدار ۽ ذائقي ۾ ڪسارو ٿئي ٿو.

مزاج: گرم خشڪ ٽئين درجي ۾.

خاصيت: هي هر قسم جي زخمن خاص ڪري اکين جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. آلي سڪي خارش هٽائي ٿو. اکين جي ڦٽن ۽ ڌنڌ لاءِ سٺو ڪم ڏئي ٿو. ردي مواد کي صاف ڪري ٿو. (هي غير مدبر ڪتب نه آڻڻ گهرجي.)

دريائي ناريل:

نالا: ع. ناريل بحري، ف. نارگيل آئي، هه. وغيره___ کوپره دريائي ۽ طرنيم.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: سرکنڊ جي ڪاٺي، عيوض: زهر مهرو، وزن: هڪ ماسو.

سڃاڻپ: ناريل جي نموني پر ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. هن جو اندريون مغز سخت ٿئي ٿو.

خاصيت: اهو اندريون سخت ڳڀ گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته، اُلٽين، وبائي دستن، خراب خلطن، زهردار هوا جي اثر، زهرن، گرم تپن، صفرا، جگر جي گرمي، گهڻي اُڃ، وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ مفيد آهي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏيندڙ ۽ خوش ڪندڙ آهي.

دلپاڪ:

نالا: ع. حجرالاخضر، ف. سنگ سبز، هه. وغيره___ دلپاڪ.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، عيوض: زهر مهرو، وزن: هڪ ماسو.

سڃاڻپ: اڇاڻ مائل سائي رنگ تي هڪ پهڻ جو قسم آهي.

خاصيت: دل ۽ دماغ لاءِ مفرح آهي، هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي، ته گرم تپن، اُلٽي روڪڻ، مثاني ۽ گردي جي پٿري ڪڍڻ لاءِ مجرب آهي، هن مان تعويذ وانگر ٺهرائي ڳچيءَ ۾ پائڻ سان دل هول، چريائي، خفقان، خوفناڪ خوابن جو ڏسڻ، ٻارن جو ڊيڄوڙو ۽ اُم الصبيان ۾ خاص طرح مفيد آهي.

دنبو:

نالا: ع. اليه، ف. ڪيش، هه. وغيره___ دنبه ۽ قوبروق.

اثر: گرم تر 1، نقصان: دير هضم، ميل: سرڪو، عيوض: گهيٽو، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: مشهور جانور آهي.

خاصيت: هن جو گوشت بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، ٽينج ڪاٺي، عاقرقرحو ۽ ڪارن مرچن سان رڌي حل ڪري کائجي ته سنڌن جي سور ۽ عرق النسا جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي دنب (پڇ) جي چربي عضون جي سيٽجڻ، خنازير، ڪنڌ جي ور، نبضن جي سيٽجڻ ۽ سور وارين جاين تي ٻڌڻ گهرجي، هن جي پتي وارو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ جي اک ۾ وجهڻ گهرجي، جيڪو رات جو نه ڏسندو هجي.

ديال:

نالا: ع. شجرالنبوت، ف. درخت ريبنهيا، هه. وغيره___ سروا، شجره النبي ۽ بلا سنطور.

اثر: سرد خشڪ، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ______، عيوض: چيل ڪاٺي، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هي وڏو وڻ ٿيندو آهي، هن جون ڪاٺيون سڻڀيون ۽ بوءِ واريون ٿينديون آهن.

خاصيت: هن جي ٻوري جو دونهون مٿي جي سور، دماغ جي ڦيري ۽ اختناق رحم لاءِ مفيد آهي. ڦٽن ڦرڙين، رت جي کانگهاري، مهارن ۽ ڏندن جي مضبوطيءَ لاءِ فائديمند آهي.

باب ڌال جو

ڌاتورو چريو:

نالا: ع. جوزالماثل، ف. توتاره، هه. وغيره___ دهتوره، ڪورهثل، مرقد، اقرص الملڪ ۽ ان مت.

اثر: سرد خشڪ 4، نقصان: جنون پيدا ڪري ٿو، ميل: سؤنف ۽ ڪارا مرچ، عيوض جاڻ خراساني، وزن: هڪ ڀاڱي اٺ رتيءَ کان اڌ رتيءَ تائين.

سڃاڻپ: هن جا پن هيرڻ جي پنن وانگر ٿين ٿا، قد جو پورو پنو، هن جا ڏينا گول ليمي جيڏا ٻج سان ڀريل ٿين ٿا، هن جو ٻج ڀوري رنگ تي ٿئي ٿو، جو سخت نشي وارو آهي.

خاصيت: ظاهر ۽ باطني حواسن کي سست ڪري ٿو، هن جي ٻج کي ناريل ۾ وجهي پچائي، ٻين دوائن سان گڏي استعمال ڪرائجي، ته کنگهه ۽ مٿي جي سور ۾ فائدو ڪري، قوت باهه وڌائي ٿو ۽ منيءَ ۽ امساڪ پيدا ڪري ٿو. سيني ۽ دماغ جي رطوبت کي سڪائي ٿو، آنڊن ۽ معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿو.

هن جا پن گهوٽي سخت سور ۽ سوڄ کي لپري ڪري رکڻ سان آرام اچي ٿو. هن جا پن ۽ پاڙون ترن جي تيل ۾ تري، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ ۽ سنڌن جي سور تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو، هن جون پاڙون دمڪشيءَ لاءِ مجرب آهن.

ڌاتورو ڪارو:

نالا: ع. حب النيل، ف. تخم، ڪنڪو، هه. وغيره___ ڪالا دانه، مرچائي، تخم پنج ۽ ساري.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: آنڊن کي، ميل: بريان ڪرڻ ۽ بادام روغن، عيوض: ٽوه جي ڳر، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ تي ذائقي ۾ ڦڪو هڪ ٻج آهي.

خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم جي خلطن لاءِ جلاب آهي، ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿو. سنڌن جي سور، عرق النسا”، بدن جي خارش، ڦٽن ۽ ڦرڙين، چيلهه، مٿي ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد آهي. ڪوڙه، چٽي، منهن ۽ ڳلن تي پيل ڇانئين، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت وڃائڻ لاءِ ۽ بلغمي بيمارين کي فائدو ڪري ٿو.

ڌاڻا:

نالا: ع. گزبره، ف. ڪشنيز، هه. وغيره___ دهنيا، فوريون، فاتره ۽ بروغائون.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ويسر ڪرائي ٿو، ميل: ماکي، عيوض: تخم ڪاهو، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: مشهور ٻج آهي، خوشبودار، گول ڀوري رنگ تي داڻا ٿيندا آهن.

خاصيت: معدي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏين ٿا، معدي جا بخار جيڪي دماغ ڏانهن وڃن ٿا، اُنهن کي روڪين ٿا. خفقان ۽ وسواس لاهين ٿا، هاضمي کي طاقت ڏين ٿا، دستن ۽ منيءَ جي وهڻ کي بند ڪن ٿا، ننڊ آڻين ٿا. مٿي جي سور، مٿي جي ڦيري، بواسير جي رت لاءِ فائديمند آهي. هنن جو ڪاڙهو وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي گهڻي استعمال سان شهوت گهٽجي ٿي.

ڌنار کٿوري:

نالا: ع.سيسبز، ف. نمام، هه. وغيره___ چال ڪر، قو ۽ زوله.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: ___-، عيوض: ڪواڪني، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ننڍو خوشبودار ٻوٽو جبل ۽ پوٺن تي ٿيندو آهي. هن جا پن سداب جي پنن جهڙا ٿين ٿا.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي، معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، سيني جي سور، معدي جي سور، جگر جي سوڄ، ٻرهل جي سوڄ، وڇونءَ جي ڏنگ، رحم جي سور ۽ مثاني جي پٿريءَ لاءِ مفيد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 12 14 15 16 18 17 19 20 21 23 22 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org