ريگ ماهي:
نالا: ع. سمڪ الصيدا، ف. ريگ زاده، هه. وغيره ___-
مڇلي ريت، سبيسد، سمڪ الرمل ۽ ڪفج.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: خصين کي، ميل: ثعلب، عيوض:
سقنقور، وزن: ٽن ماسن کان ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: هيءَ مڇي سانڊي جي نموني تي چٽڪمري،
وارياسن پٽن ۾ رهندي آهي.
خاصيت: ٻين دوائن سان گڏي استعمال ڪرڻ سان قوت
باهه کي وڌائي، منيءَ کي گهاٽو ڪري، نبضن ۽ آلت جي
سستي وڃائي انگيز گهڻو ڪري ٿي. جگر ۽ معدي کي طاقت
ڏئي ٿي.
ريوڙي:
نالا: ع. ناطف، ف. قبيطه، هه. وغيره___ حلوائي
قبيده، قباط ۽ ڪيبتاد.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: رائو پيدا ڪري،
_________-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: کنڊ کي قوام ڪري، تـِـر ملائي پئسي جيڏيون
گول ٽڪيون ٺاهيندا آهن.
خاصيت: کنگهه کي فائدو ڪن ٿيون. ڪچي بلغم کي پچائي
ٻاهر ڪڍن ٿيون. بدن کي ٿلهو ڪن ٿيون. دماغ جي
رطوبت ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ لاءِ هن سان گڏ خشخاش به
کائڻ کپي. پيشاب جي گهڻائي، مثاني ۽ رحم جي رطوبت
لاءِ فائديمند آهي.
ريول رس:
نالا: ع. ريوند عصاره، ف. سته هفت برگ، هه.
وغيره___ عصار ريوند ۽ عصاره ريون.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: روغن بادام،
عيوض: ايريو، وزن: هڪ کان چار رتيون.
سڃاڻپ: هي مشهور ٽڪرا ڳوڙهن ۾ ٻڌل هيڊي رنگت تي
ٿيندا آهن.
خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم جي خلط لاءِ جلاب آهي.
اُلٽين کي وڌائي ٿي. ٻرهل کي ڪپي دستن جي رستي
ٻاهر ڪڍي ٿي. يرقان، جلندر، آنڊن مان ڪيڙن کي ماري
ٻاهر ڪڍڻ لاءِ، گردي جي سور، مثاني جي پٿري ۽ رائي
لاءِ مفيد آهي. هن کي ڦٽڪيءَ سان گڏي ڏندن ۽ مهارن
جي سور تي ملجي ته فائدو ڏيندي. مٿي جي سور، رحم ۽
دماغ جي رطوبت کي گهٽائي ٿي.
ريوند چيني:
نالا: ع. رانوند، ف. بيخ ريواس، جيره ريباس، هه.
وغيره ___- ريوند چيني، جيره ريباس، بيخ جگري ۽
رايون.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ننڍن ٻارن کي، ميل: عناب ۽
کؤنر، عيوض: گلاب جون ڪليون، وزن: ڏيڍ کان ٻن ماسن
تائين.
سڃاڻپ: ڀوري رنگ تي ڳنڍ وانگي هڪ پاڙ آهي، جيڪا
ذائقي ۾ تيز ۽ ڪڙي ٿيندي آهي.
خاصيت: معدني ۽ حيواني زهرن لاءِ ترياق آهي. ٻرهل
۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿي. گردن ۽ مثاني کي
تقويت ڏئي ٿي، پٿرين ۽ غليظ خلطن کي پچائي دستن
رستي ٻاهر ڪڍي ٿي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿي.
يرقان ۽ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. پردن، آنڊي
جي بيمارين، کنگهه، دمڪشي سلهه، ڦٽن ۽ ڦرڙين،
فالـج، لقوي، وائي باديءَ جي سور، وات جي پچڻ،
ڦرڙين ۽ دماغي بيمارين ۾ مفيد آهي.
باب
”زي“
جو
زراوند:
(هن لاءِ ڏسو "پ" جي باب ۾ "پني" جي بيان کي.)
زردالو:
نالا: ع. خوباني، ف. مشمش، هه. وغيره___ خوبان ۽
زردالو.
اثر: گرم تر، نقصان: سوداوي خلط کي، ميل: کنڊ ۽
شڪنجبين، عيوض: الوبخارا، وزن: 10 عدد.
سڃاڻپ: الوبخارن جي قد تي، اڇي رنگ جا گول داڻا
ذائقي ۾ سٺا ٿيندا آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي طاقت ڏين ٿا. رت چڱو پيدا ڪن
ٿا. صفرا جي خلط کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍن ٿا. جگر
جي سدن، صفرا جي جوش، رت جي جوش، گهڻي اُڃ کي
گهٽائڻ لاءِ، بادي بواسير ۽ سخت سوڄن جي حالت ۾
فائديمند آهي.
زرشڪ:
نالا: ع. انبر باريس، ف. زرشڪ، هه. وغيره___ زرشڪ،
ابرار، اترار ۽ ارغيس.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: سرد مزاجن ۽ قولنج کي،
ميل: لونگ ۽ کنڊ، عيوض: صندل سفيد، وزن: ٽن کان
پنج ماسا.
سڃاڻپ: هي ڊاک جي ڳڙين وانگيان ڳاڙهي رنگ تي ذائقي
۾ کٽي ٿيندي آهي. اهو به ڊاک جو هڪ قسم آهي.
خاصيت: صفرا جي جوش، رت جي جوش ۽ جگر جي گرميءَ کي
مفيد آهي. معدي ۽ هاضمي کي تقويت ڏئي ٿي. بک وڌائي
ٿي، کٽين اوگراين ۽ بدهاضمي کان ٿيل دستن لاءِ
مفيد آهي. يرقان، ٻرهل، بواسير جي رت جي گهڻائي،
وات جي خشڪي، صفراوي ۽ گرم تپن لاءِ فائديمند آهي.
حيض کي بند ڪري ٿي، اُڃ کي گهٽائي ٿي، پيشاب جاري
ڪري ٿي.
زرنب:
نالا: ع. رجل الجراد، ف. زرنب، هه. وغيره___
برهني، سن پتي، تاليسپتر ۽ ڪيسوان.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا ۽
صندل، عيوض: دارچيني ۽ ڪباب چيني، وزن: هڪ کان ٽي
ماسا.
سڃاڻپ: ساٿر جي پنن جهڙا هيڊي رنگ تي خوشبودار پن
ٿيندا آهن.
خاصيت: جگر، معدي، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏين ٿا،
نڙيءَ جو آواز صفا ڪن ٿا، ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر
ڪڍن ٿا، طعام کي هضم ڪن ٿا، وائي باديءَ کي وڃائين
ٿا، مثاني جي بيمارين ۾ فائديمند آهي. هن جي ناس
مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي.
زعفران:
نالا: ع. ڪرڪيماس، ف. ڪرڪم، هه: وغيره___ ڪيسر،
زراڪي، جاوي ۽ سجنجل.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: هيٺين عضون کي، ميل: زرشڪ
۽ سؤنف، عيوض: جاؤتري، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.
سڃاڻپ: هي مشهور گل آهي، جو هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ تي
تندون ٿينديون آهن.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ، حواسن کي طاقت
ڏيندڙ، بلغم جي خلط کي وڃائيندڙ آهي. وائي بادي،
جگر جي سدن، ٻرهل، رحم جي سور ۽ مقعد جي سور ۾
مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري ٿي، مثاني ۽ گردي کي
طاقت ڏئي ٿي، رت صفا ڪري ٿي، مٿي جي سور ۽ اکين جي
بيمارين کي فائدو ڪندڙ آهي. طبيعت ۾ خوشي پيدا ڪري
ٿي.
زنبق:
نالا: ع. زنبق، ف. سوسن آزاد، هه. وغيره___ زنبق ۽
سوسن.
اثر: معتدل، ____________-، عيوض: نرگس، وزن: ڇهه
ماسا.
سڃاڻپ: ٻوٽي جو هڪ قسم آهي، هن جو گل اڇي رنگ تي
ياسمين جي گل جهڙو ٿئي ٿو.
خاصيت: دماغ لاءِ مقوي آهي. هن جا گل چاليهه ڏينهن
ترن جي تيل ۾ وجهي رکجن، پوءِ اهو تيل مالش ڪرائجي
ته سنڌن جي سور، نبضن ۽ ٻنڌين جي سيٽجڻ، فالـج، ۽
لقوي تي فائدو ڪري، دماغ تي مالش ڪرائڻ ۽ نڪ ۾
انهيءَ تيل جا ڦڙا وجهائڻ سان دماغ جي خشڪي دور
ٿئي ٿي. گهاٽي بلغم، صفرا ۽ سودا لاءِ اهو تيل ٻه
تولا پيارجي ته جلاب جو ڪم ڏيندو. پيشاب جاري ڪري
ٿو. دماغ جي سرديءَ لاءِ به مفيد آهي.
زنگار:
نالا: ع. زنجار، ف. رانگ مس، هه. وغيره___ زنگال،
ابوس، فيطوس، بار ۽ سقاريس.
اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: زهر، ميل: کير ۽ مکڻ،
عيوض: شنگرف، وزن: احتياط سان مناسب وزن اندر.
سڃاڻپ: اٽي وانگر سائي رنگ تي ٽامي جي ڪٽ آهي،
جيڪو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. (هڪڙو قسم معدني،
جيڪوٽامي سان کاڻين مان نڪرندو آهي، ٻيو قسم
هٿرادو ٺهيل جيڪو ٽامي کي سرڪي ۾ پسائي ٺاهيندا
آهن.)
هي زهر آهي ان ڪري فقط کل جي مرضن ۾ استعمال ٿيندو
آهي.
خاصيت: ماکي ۽ ارمني ٻوري سان ملائي مرهم ڪري رکجي
ته بادفرنگ ۽ آتشڪ جي ساڙي لاءِ مفيد آهي.
زمرد:
هن جي بيان لاءِ "اُٺ ڪچور" جو بيان پڙهو.
زوفا:
نالا: ع. زوفا يابس، ف. زوفا، هه. وغيره___ اشنان
وارو ۽ شنڪان.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: جگر کي، ميل: عناب عيوض:
پرسياؤشان، وزن: ٽن کان ست ماسا.
سڃاڻپ: سائي رنگ تي سڪل گاه وانگر پنن ۽ ڪاٺين سان
گڏيل هوندو آهي.
خاصيت: بلغمي ۽ سوداوي خلطن لاءِ منضج آهي. گهاٽي
رت کي صفا ڪري ٿي. غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري
ڪڍي ٿي. معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، کنگهه، دمڪشي، ڦڦڙن
جي سوڄ، نزلي، سيني جي سور، پاسي جي سور، قولنج،
جلندر، عضون جي ڏڪڻ ۽ بلغمي بيمارين ۾ مفيد آهي.
زهر ڪچلو:
نالا: ع. قاتل الکلب، ف. ڪچلا، هه. وغيره___ ڪچله،
اذاراقي، حب الطرب ۽ فلوس ماهي.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: دماغ کي، ميل: کنڊ ۽ گيهه،
عيوض: ڀيلاوان، وزن: اڌ کان ٻه رتيون.
سڃاڻپ: پئسي جيڏيون ڀوري رنگ تي ٽڪيون ٿينديون
آهن، جو هڪ ٻج آهي.
خاصيت: فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، سنڌن ۽
چيلهه جي سور، وائي بادي کي تحليل ڪرڻ، معدي ۽ جگر
جي تقويت لاءِ مفيد آهي، بک وڌائي ٿو، کاڌي کي هضم
ڪري ٿو، حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو، قوت باهه ۽ مني
وڌائي ٿو. نزلي ۽ دماغ جي بيمارين کي فائدو ڏئي
ٿو. مثاني جي پٿري کي ڀڃي ڪڍي ٿو. هن کي گـَـهي
سور، سوڄ، چٽي ۽ ڇانئن جي داغن تي لائجي ته مجرب
آهي.
زهر مهرو:
نالا: ع. حجراسم، ف. ياد زهر معدني، هه. وغيره___
زهر مهرو ۽ فاد زهر.
اثر: معتدل، نقصان: -، ميل: دريائي ناريل، عيوض:
زيرحد، وزن: هڪ ماسو.
سڃاڻپ: سائي رنگ تي پهڻ جو قسم آهي.
خاصيت: سڀني قسمن جي زهرن جو ترياق آهي. دل ۽ دماغ
کي خوش ڪري ٿو، خفقان ۽ چريائي لاءِ ان کي گلاب جي
پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي ته اُلٽين، وبائي دستن، گهڻي
اُڃ ۽ وات جي خشڪي لاهڻ لاءِ مفيد آهي. قوت باهه
کي پيدا ڪري ٿو. رئيس عضون ۽ روح لاءِ مقوي آهي.
زيتون:
نالا: ع. زيتون، ف. امرهِ، هه. وغيره___ جام ڦل ۽
ڪم.
اثر: گرم تر، نقصان: ___-، ميل: اکروٽ ۽ بادام،
______، وزن: ٽي عدد.
سڃاڻپ: مشهور ميوو آهي، جو بيڊولو گول ٿيندو آهي.
هن جا ٻه قسم آهن. (هڪ جهنگلي ٻيا باغن ۾ ٿيندڙ.)
خاصيت: هن کي لوڻ لائي طعام سان گڏ کائيندو ته
معدي کي طاقت ڏيندا، بک وڌائيندا، بدن کي ٿلهو ڪن
ٿا، ڪچو زيتون ڪٽي ترن جي تيل ۾ ملائي مٿي کي مکبو
ته ٻڦي ۽ دماغ جي خشڪيءَ کي فائدو ڪندو، هن جو ٻج
قابض آهي. کنگهه، دمڪشي، ڦڦڙن جي بلغم کي پچائي
ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. هن جا پن ڪاڙهي پياربا ته
ڏندن جي سور، سنڌن جو سور، مقعد جي ڦٽن، رحم جي
ڦٽن، ڦڦڙن مان رت جي اچڻ کي فائدو ڪندو. مهارن جي
مضبوطي، وات جي ڦرڙين ۽ وات جي پچڻ لاءِ هن کي
چٻاڙڻ گهرجي.
باب
”سـِـينَ“
جو
ساٿر:
نالا: ع. محتر، ف. ايشن، هه. وغيره___ ساتر،
اويشم، ڪلاليڪ ۽ ابوعماره.
اثر: گرم خشڪ، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: سرڪو، عيوض:
ڦودنو جبلي، وزن: پنجن کان ست ماسا.
سڃاڻپ: کٽسي جي پنن جهڙا سڪل پن ذائقي ۾ تيز ٿيندا
آهن.
خاصيت: غليظ وائي بادي ۽ گهاٽي بلغم کي تحليل ڪري
ٿي. جگر ۽ ٻرهل جي سدن کي ۽ معدي، جگر ۽ ڦڦڙن جي
گهاٽين رطوبتن کي انهن کان جدا ڪري ٿي. بک وڌائي
ٿي، بدهاضمي، کٽين اوگراين، قولنج ۽ پيٽ جي سور،
جيڪي بخار معدي کان دماغ ڏانهن چڙهن ٿا، تن جي
روڪڻ لاءِ مفيد آهي. پيشاب ۽ حيض جاري ڪري ٿي. هن
کي چٻارڻ سان ڏندن جو سور لهي ٿو ۽ مهارون مضبوط
ٿين ٿيون.
ساڪڙ:
نالا: ع. ثمرهِ الطرفا، ف. ڪزمازج، هه. وغيره___
مائين، ڪزبار ۽ مڃم.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سيني کي، ميل: تخم ڪدو،
عيوض: ماوا، وزن: ست ماسا.
سڃاڻپ: هيءُ لئي وڻ جو ٻج آهي، جيڪو ڀوري رنگ تي
چڻن کان ڪجهه وڏا داڻا ذائقي ۾ ڪسارا ٿيندا آهن.
خاصيت: رت جي دستن کي بند ڪري ٿو. سوري، ٻاهه،
پيچش، حيض جي رت ۽ پيشاب جي گهڻائي، رحم ۽ مثاني
جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. هن جو ڪاڙهو بلغمي تپ،
کنگهه، دمڪشي، ضعف جگر ۽ اندرين پردن جي لاءِ مفيد
آهي. هن کي سرڪي ۾ رڌي ٻرهل جي سوڄ تي لپري ڪري
رکجي ته فائدو ڪري. هن جو سفوف ڏندن جي سور، مهارن
مان رت جي اچڻ کي روڪي ۽ انهن کي مضبوط ڪري ٿو.
سالارو:
نالا: ع. برطانيقي، ف. اخنيوس، هه. وغيره___
سروالي ۽ سهگ.
اثر: معتدل، نقصان: غشيءَ کي، ميل: عناب، عيوض:
تودري، وزن: ٻج ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: هي وڻ گل خيري جي وڻ جيڏو اڪثر پاڻي ۽ پوکن
جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيندو آهي، هن جو ٻج ڪاري رنگ تي
چپترو ۽ چمڪدار ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جا پن گهوٽي پياربا ته پراڻن تپن کي
روڪيندا، پيشاب جاري ڪندا، قوت باهه ۽ منيءَ کي
وڌائيندا. انهن پنن جي لپري سخت سوڄن کي نرم ڪري
ڦاڙي ٿي. هن جو ٻج بواسير جي رت ۽ حيض جي رت کي
بند ڪري ٿو. بادفرنگ ۽ ٽڪيءَ جي مريضن لاءِ مفيد
آهي.
سانڀر لوڻ:
نالا: ع. ملح هندي، ف. نمڪ سونجر، هه. وغيره___
سانڀر، عود عيد ۽ سورچل.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: معدي کي، ميل: ___، عيوض:
لوڻ ڳاڙهو، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: ڪاراڻ ۽ ڳاڙهائڻ تي مائل اڇي رنگ جو لوڻ
آهي.
خاصيت: بلغمي، سوداوي ۽ صفراوي خلطن جو جلاب آهي.
بک کي وڌائي ٿو. وائي باديءَ کي وڃائڻ ۽ اکين جي
بيمارين ۾ مفيد آهي.
سانپا:
نالا: ع. خراطين، ف. گل خورده، هه. وغيره___
ڪيچوا، امعاء الارض، ازخازه ۽ ڪرم دراز.
اثر: گرم تر 2، ميل: روغن بادام، عيوض: چترون،
وزن: پنج ماسا.
سڃاڻپ: اڪثر ڪيلي جي وڻ جي پاڙن ۾ يا ٻين پاڻيءَ
وارن هنڌن تي اندر زمين ۾ رهندڙ ٿلهي سڳي جهڙو هڪ
ڊگهو جيت آهي، جي ناسي رنگ تي ٿيندا آهن. هنن کي
اتان ڪڍي مٽيءَ کان صاف ڪري پوءِ ڪم آڻبو آهي.
خاصيت: ڊاک جي پاڻيءَ سان ملائي کارائبا ته پيشاب
جاري ڪندا، مثاني جي پٿري، کنگهه ۽ يرقان کي فائدو
ڪن ٿا ۽ قوت باهه وڌائيندا. هنن کي ترن جي تيل ۾
ساڙي اهو تيل نبضن جي ڍرائي کي دور ڪري آلت کي
تقويت ڏئي ٿو، خناق جي ڳوڙهن ۽ خصين جي سوڄ کي به
اهو تيل لاهي ٿو. جي انهيءَ تيل ۾ مٺو تيل ملائي
گنج ۽ وار چري جي جاين تي لائبو ته وار جلد
نڪرندا.
سانڊو:
نالا: ع. حربا، ف. آفتاب پرست، هه. وغيره___ گرگٽ،
بوقلمون، حالملان ۽ اسدالارض.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: زهر آهي، ___-، وزن: هڪ
عدد.
سڃاڻپ: چچيءَ جي شڪل تي پر ان کان تمام گهڻو وڏو
ڊگهي پڇ سان مٿان ميرانجهڙو ۽ پيٽ وٽان ڳاڙهسري
رنگ تي ٿيندو آهي.
خاصيت: هن جو رت اکين ۾ پيدا ٿيل وارن، کاڌ ۽ خارش
لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو ڦلي، ڌنڌ ۽ نزول الماءِ
کي فائدو ڪري ٿو. هن کي ترن جي تيل ۾ ساڙي اهو تيل
ناسورن ۽ نواسير جي ڦٽن تي مرهم جو ڪم ڏيندو.
ساگودانه:
نالا: ع. ساگو، ف. سابو دانه، هه. وغيره___ ساگو ۽
سعر سال.
اثر: گرم تر 1، ___-، ميل: مصري، عيوض: جـَـوَ،
وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: هڪڙي وڻ جي رس مان اڇا سنها داڻا ٺاهيندا
آهن.
خاصيت: پاڻيءَ يا کير ۾ رڌي رٻ ڪري کارائجي، ته
مريض لاءِ سٺي غذا آهي. دماغ، جگر ۽ معدي کي طاقت
ڏين ٿا، بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، قوت باهه ۽ مني وڌائين
ٿا. سريع الهضم آه ي.
ساڳ وڻ:
نالا: ع. اذان الفيل، ف. نيلگون، هه. وغيره ___-
ساگوان، پيلڪوش، ارن ۽ خمارن.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: جگر کي، ميل: عناب، عيوض:
______، وزن: ٽي ماسا.
خاصيت: وڏو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جا پن پٻڻ جي پنن
وانگر ٿين ٿا. هن جي ڪاٺيءَ جو ٻورو ڪاڙهي پياربو
ته صفراوي دستن، معدي جي سوزش، جگر جي گرمي ۽ گهڻي
اُڃ کي لاهيندو. بلغمي ۽ سوداوي خلطن کي پچائي
ٻاهر ڪڍي ٿو. جدوار سان گڏي گهي سور ۽ سوڄ وارن
هنڌن تي ضماد ڪبو ته فائدو ٿيندو.
سائون:
نالا: ع. شاخل، ف. شاماخ، هه. وغيره___ ڪاڪن،
ڪشاخل، سندوره ۽ الزم.
اثر: سرد خشڪ، نقصان: ريح گهڻو ڪري ٿو، ميل: گيهه،
عيوض: ڪرنگ، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: ڀوري رنگ جا سنها گول داڻا، ان جو هڪ قسم
ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جي ماني دير هضم آهي. صفر ۽ بلغم جي
خلطن جو جوش گهٽائي ٿو، پيشاب جاري ڪري ٿو. مثاني
جي رطوبت، پٿري ۽ رائي کي ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي.
سامونڊ ڦل:
نالا: اردو - سمندر ڦل، گجراتي - سمندر ڦل، مرهٽي
۽ سنسڪرت - سمندر ڦل، انگريزي -
(Barring Tonia).
سڃاڻپ: هڪڙي هندي وڻ جو ميوو آهي، جو وڏي هريڙ
جئان ٿئي ٿو. رنگ ۾ پراڻو ڪارو ۽ تازو ڳاڙهو ٿئي
ٿو. ذائقي ۾ ڪسارو آهي.
مزاج: گرم خشڪ ٻئي درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ٻه - ٽي تولا.
خاصيت: هيءُ بيروني طور کل جي سطح صاف ڪندڙ ۽ سوڄ
نيسائيندڙ آهي. ٻاڪري کير ۾ گـَـهي، اکين جي پاڻي
وهڻ (Eplphora)
وغيره لاءِ ڪتب آڻجي ته ڪارآمد آهي.
اهڙي طرح اڌ مٿي جي سور لاءِ مخالف پاسي ۾ ناس
وجهجي ته آرام اچي ٿو. لوڻ ۽ جاڻ سان هن جي ڦڪي
پيٽ جا مرض هٽائي ٿي. هٿن پيرن جي سوڄ لاءِ هن جي
پاڙ جو ليپ ڪارآمد آهي. هن کي سنهون ڪري ڏهي سان
کارائجي، ته دست بند ٿي وڃن ٿا. ليمي جي رس سان
ڏجي ته نوبتي بخار هٽي وڃي ٿو.
ستاول:
نالا: ع. عروق البيض، ف. بوزيدان، هه. وغيره___
ستاوڙ، سهر مولي، فاها ۽ بهج.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: خصين کي، ميل: ماکي، عيوض:
بهمڻ اڇو، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: اڇي رنگ جي هڪ پاڙ آهي، جنهن جا ڊگها ٽڪر
ڪاٺين جي تيلين وانگر ٿيندا آهن.
خاصيت: زهرن لاءِ ترياق آهي. ٻرهل، جگر جي سدن کي
تحليل ڪري ٿي، معدي مان خراب خلطن کي ڪڍي ٿي، ۽
معدي جي ڪيڙن کي ماري ٿي. جلندر، سنڌن جي سور، عرق
النسا، بواسير بادي ۽ بواسير خونيءَ لاءِ مفيد
آهي. قوت باه وڌائي، بدن کي ٿلهو ڪري ٿي ۽ حمل کي
ڪيرائي ٿي.
ست گلو:
نالا: ع. جوهر غلو، ف. نشا گله، هه. وغيره___ گلي
ڪاست، ڪرج ۽ امرت ست.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: مصري ۽
طباشير، عيوض: ___-، وزن ٽي ماسا.
سڃاڻپ: نشاستي وانگر ڳوڙهن ۾ اڇي رنگ تي گلي وڻ جو
ست آهي. هيءُ لفظ ايتري قدر عام ٿي ويو آهي، جو وڻ
کي ئي "ست گلو" چون ٿا. درحقيقت وڻ جو نالو "گلو"
آهي. هي اُنهيءَ وڻ جو جوهر آهي.
خاصيت: معدي ۽ جگر کي قوت ڏئي ٿو. پراڻن ۽ نون تپن
۾ مفيد آهي. رب سوس سان گڏي چٽائجي ته کنگهه ۽
دمڪشيءَ لاءِ مجرب آهي.
ستون:
نالا: ع. سويق، ف. يست، هه. وغيره___ ستون،
ملخاين، قاروت ۽ جوبريان.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ريح پيدا ڪري، ميل: ماکي ۽
پتاشا، عيوض: ڀڳڙا، وزن: ٻه تولا.
سڃاڻپ: ڪڻڪ ۽ جون جا داڻا آهن، جن کي تئي تي
ڀـُـڃي تيار ڪندا آهن.
خاصيت: گهڻي اُڃ کي گهٽ ڪري، گرم تپن لاءِ مفيد
آهي ۽ معدي جي رطوبت کي هٽائي ٿو. چانورن جو ستون
صفراوي اُلٽين، مٿي جي سور ۽ جيڪي بخار دماغ ڏانهن
چڙهن ٿا، اُنهن کي روڪڻ لاءِ، سوري ۽ باهه لاءِ
مفيد آهي، دستن کي بند ڪري ٿو.
ست وڙي:
نالا: هندي - ستاور، گجراتي - شتاوري، سنسڪرت - شت
مولي، انگريزي -
(Aspargns).
سڃاڻپ: هي هڪ ول جهڙو ٻوٽو آهي، جنهن جون ٽاريون
ڪنڊن سان جنجهيل هونديون آهن. هن جا پن وار جئان
باريڪ ٿين ٿا. ويدڪ ۾ کيس شتو مولي چيو وڃي ٿو، ان
ڪري سندس پاڙون گهڻيون ٿين ٿيون. دوا ۾ هن جي پاڙ
ڪتب ايندي آهي.
ٿلهي ۽ اڇي رنگ واري سڌوڙي سڀ کان مٺي ٿئي ٿي.
جنهن جي قوت چئن ورهين تائين رهندي آهي. مزاج: سرد
تر 1 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ستن ماسن کان هڪ تولي تائين.
پيدائش: اوڀر پاڪستان ۾ باغن جي عام طرح ٿئي ٿي.
خاصيت: هن جي کائڻ سان مني، ٿڃ ۽ قوت باهه زياده
ٿئي ٿي. هن کي اڪيلو يا مناسب دوائن سان کاڌو وڃي
ٿو.
ست وڙي جي تازين پاڙن جي رس، کير ۾ ملائي پرميل
واري کي پيارجي ته کيس فائدو رسي ٿو. ويدڪ جي
مشهور مرڪب “نارائڻ تيل” ۾ هن کي شامل ڪيو ويندو
آهي.
سڀاڳي:
نالا: هندي - سباجيد، بنگالي - سروجيا، مرهٽي -
ديواڪيلي، انگريزي- (انڊين شاٽ)
(Indian Shot).
سڃاڻپ: هي ٻوٽو باغن ۾ لڳايو ويندو آهي، سندن پن
وڏا ۽ سخت ٿين ٿا. ٻج مٽرن جي داڻي جيڏا ڪري ٿو.
خاصيت: هن جا ٻج ايترا ڪارگر نه آهن، جيتري سندس
پاڙ ڪارائتي ٿئي ٿي. هيءَ پاڙ جنهن کي سڀاڳي چيو
وڃي ٿو، سا حيض ۽ پيشاب کوليندڙ، پسينو آڻيندڙ ۽
معدي کي نرم ڪندڙ بيان ڪئي وڃي ٿي. جانور جڏهن ڪو
زهريلو گاهه کائي، پيٽ جي آڦري ۾ مبتلا ٿين ٿا،
تڏهن اها پاڙ وڍي ڳترا ڪري چانورن جي پيڄ ۾ رڌي،
ڪارا مرچ ملائي ڏيندا آهن. انهيءَ لحاظ کان اڪسير
آهي.
سدا سهاڳڻ:
نالا: اردو ۽ هندي - سدا سهاگن، سنسڪرت - سندوري.
سڃاڻپ: مشهور ٻوٽي آهي، جنهن جا پن ڪونگرن سان ٿين
ٿا. سندس پن ساوا ۽ گل سهڻا سيبتا ٿيندا آهن.
مزاج: سرد تر 1 درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ستن ماسن کان هڪ تولي تائين.
خاصيت: هن جا پن، سڪون ڏيندڙ ۽ لعابدار ٿين ٿا، جن
کان زهر جو اثر زائل ٿي وڃي ٿو. خون ۽ صفرا جي جوش
لاءِ ڪارگر آهي. پنن جي رس ڪن جو سور لاهي ٿي.
سندس پن پاڻيءَ ۾ گهوٽي پرميل وارن کي پيارجن ته
نهال ٿي وڃن ٿا. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي مؤثر آهي.
سدا سرهي:
نالا: اردو - دولسري، بنگالي- بڪول، مرهٽي - بڪل،
گجراتي - بولسري، ملائي - النڪي، انگريزي -
(Mimacsops Elengi)
(مموپس النگي).
سڃاڻپ: هي هڪ سدا بهار وڻ آهي، جنهن جا گل سدائين
سرها ٿيندا آهن. جن جو نمونو ستارن جئان سهڻو ٿئي
ٿو. هن جو ڦر نـِـمورين جهڙو ٿئي ٿو.
رنگ: گل صندلي ۽ سفيد ٿين ٿا، جن ۾ عجيب خوشبوءِ
هوندي آهي. ذائقو: لوڻياٺو ۽ ڪسارو.
مزاج: گل، گرم خشڪ، ڦر سرد خشڪ.
مقدار خوراڪ: پنجن کان ستن ماسن تائين.
پيدائش: ڀارت جي ڪن باغن ۽ جهنگلن ۾ عام ٿيندڙ
آهي.
خاصيت: هن جا گل دل کي فرحت، دماغ کي طراوت روح کي
راحت ڏيندڙ آهن. سندس ڦر ۽ ڇوڏا قابض آهن ۽ خشڪي
پيدا ڪن ٿا، جن جي چٻاڙڻ سان لڏندڙ ڏند پختا ٿي
وڃن ٿا. هن جي پاڙ جي کل، سيلان الرحم لاءِ ڪارآمد
آهي، ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿي. گلن جو عرق مٿي جي
سور لاءِ مفيد ٿئي ٿو ۽ دل کي تقويت رسائي ٿو.
صندل جي ٻوري سان هن مان عطر به تيار ڪيو وڃي ٿو.
هن جا گل ڪنڊين (هار) جي ڪتب به آندا وڃن ٿا.
سدا مست:
نالا: اردو - تتلي، عربي - سداب، بنگالي - اسپند،
انگريزي - گارڊن رو،
(garden
Rue).
سڃاڻپ: هڪ ٻوٽي آهي، جنهن جو مؤثر جوهر هڪ اڏامندڙ
تيل ۽ هڪ تلخ جوهر ٿئي ٿو. هيءُ گهڻو ڪري ڪڻڪ جي
فصل ۾ ٿئي ٿي. سندس پن ساوا ۽ گل هيڊا ٿيندا آهن.
ذائقي ۾ ڪوڙي ۽ بدبودار ٿئي ٿي.
مزاج: گرم خشڪ ٻن درجن ۾.
مقدار خوراڪ: چار رتين کان ڏيڍ ماسي تائين.
خاصيت: هي تشنج (آڪڙ) هٽائيندڙ ۽ تحريڪ ۾ آڻيندڙ
آهي، ان ڪري قولنج
(Colic)،
بادگولي، ٻاراڻي مرگهي، پيٽ جي آڦري ۽ اهڙين ٻين
حالتن لاءِ مفيد آهي. محلل ۽ مسخن (Caloripic)
هئڻ سبب ڪن رڳ جي سور نقرس (gout)
۽ پراڻن سورن لاءِ فائديمند آهي. هن سان حيض،
پيشاب کلي اچي ٿو. بدن جا فضلا ادرار ذريعي خارج
ٿي وڃن ٿا. مني وغيره رطوبتن کي خشڪ ڪري ٿي.
هن کي گهڻو ڪري پيٽ جي آڦري لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو،
زياده مقدار ۾ زهر آهي. هن جو ليپ استسقا لحمي (Anasarca)
۽ تهبج (Edema)
لاءِ فائديمند آهي.
سداب جا ٻج:
نالا: اردو - تتلي ڪي بيج، عربي - برزالسداب، هندي
- سانون.
سڃاڻپ: هي سدا سرهي جا ٻج آهن، رنگ ۾ ڪارا ٿين ٿا،
۽ ذائقي ۾ تلخ هوندا آهن.
مزاج: گرم خشڪ 2
مقدار خوراڪ: هڪ کان ٽي ماسا.
پيدائش: هندستان ۽ پاڪستان جي ڪن علائقن ۾ پيدا
ٿيندڙ سداب مان حاصل ڪيا وڃن ٿا.
خاصيت: هي مادي کي تحليل ڪندڙ، گرمي آڻيندڙ، ريح
وڃائيندڙ ۽ قابض آهن. هنن ۾ ترياقي طاقت رهي ٿي.
حيض ۽ پيشاب کوليندڙ ۽ معدي، جگر ۽ تري وغيره جي
خرابي لاءِ (جا سردي کان هوندي) مفيد آهن. ماکيءَ
سان کارايا وڃن ته ڪابوس (Incubus
انڪوبوس) ڪن رڳ جي سور ۽ نقرس (gout)
لاءِ مفيد آهي. معدي جي سردي ۽ ريحي قولنج لاءِ ڪم
اچن ٿا. نانگ ۽ وڇون جي ڏنگيل کي ليپ ڪيا وڃن ته
آرام اچي وڃي ٿو. جڳهه ۾ رکڻ سان ڪيوليون ماڪوڙا
وغيره ڀڄي وڃن ٿا. باقي فائدا سداب جهڙا رکندڙ
آهن.
سردو:
نالا: اردو - سردا، پشتو - تيرهه، بلوچي - سردا.
سڃاڻپ: مٺي ۽ مزيدار ذائقي سان معتدل ۽ تر مزاج
سان ٻاهران هيڊو، اندران اڇو ۽ مشهور ميوو آهي.
پيدائش: ڪوئيٽا، چمن ۽ ڪابل ۾ عام ٿئي ٿو، جتان
سنڌ وغيره صوبن ڏانهن موڪليو ويندو آهي.
خاصيت: هن جي کائڻ سان پيشاب جام اچن ٿا، ۽ گردا
صاف ٿي ويندا آهن. جسم جي رطوبت وڌائڻ لاءِ نهايت
ڪارآمد آهي. دل، دماغ ۽ گردي کي طاقت رسائي ٿو.
سر ڦوڪو:
نالا: پنجابي - جهونا بوٽي، انگريزي -
(Tephrosa Purpura)
سڃاڻپ: قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ٻوٽو آهي، جنهن جو قد
هڪ - ٻه فوٽ اوچو ٿئي ٿو. هن جا پن هڪ ٻئي جي
سامهون ٿين ٿا ۽ مهري جي دال جهڙا ٻج ڦرين ۾ ڪري
ٿو. هن جا گل گلابي رنگ تي ٿيندا آهن. ذائقي ۾ تلخ
آهي.
مزاج: گرم تر هڪ درجي ۾.
مقدار خوراڪ: ست ماسا.
پيدائش: اولهه پاڪستان جي ڪوهستاني علائقن ۾ ٿئي
ٿو.
خاصيت: هي بدن جي خارش (Scabies)،
ڳڙن، ڦٽن، ڪوڙهه وغيره لاءِ مفيد ۽ خون صاف ڪندڙ
آهي. هن سان پيشاب جاري ٿئي ٿو. زهرن جو اثر زائل
ڪندڙ آهي. بادفرنگ لاءِ هن جو ڪاڙهو يا پساڙو ڪم
آندو وڃي ٿو. ڪچي ڪشتي جي خرابي، چوٿين ڏينهن واري
تپ (Quartan
fever)
وغيره لاءِ مفيد آهي. هن جي پنن جو شيرو اسقاط حمل
(Abortion)
لاءِ فائديمند ٿئي ٿو.
سپ سچي:
نالا: ع. صدف، ف. مادر مرواريد، هه. وغيره___
سيپا، بليه، طلسا ۽ گوش ماهي.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سيني کي، ميل: عناب ۽
ماکي، عيوض: ڪهربا، وزن: هڪ ماسو.
سڃاڻپ: موتين جي رنگ تي اڇا چلڪيدار ٽڪر ٿيندا
آهن.
خاصيت: هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گـَـهي پيارجي ته
رت جي دستن، بواسير جي رت جي گهڻائي، نڪ هير ۾
فائدو ڪندو. هن کي ساڙي خاڪ ڪري لوڻ سان ملائي
ڏندن کي هڻبو ته ڏندن جو سور لهندو ۽ ڏندن کي
مضبوط ڪندو ۽ چمڪائيندو. مهارن جي سور کي به فائدو
ڪري ٿو. هن جو سرمون اک جي ڦلي، خارش ۽ کاڌ لاءِ
مجرب آهي. قلب ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو.
سپيدو:
نالا: ع. اسفيداج، ف. سفيد آب، هه. وغيره___
سفيده، ڪاشغري، باروق، ڪرتان، ۽ اهمونيون.
اثر: سرد خشڪ، نقصان: خناق پيدا ڪري، ميل: شوربو ۽
گيهه، عيوض: مردارسنگ، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: هي اڇي رنگ تي اٽي وانگر ٿيندو آهي. قلعي ۽
شيهي مان ٺاهيندا آهن.
خاصيت: هن جو مرهم بادفرنگ، ٽانڪي، ناسور، باهه ۾
سڙڻ کان ٿيل ڦٽ، خارش، کل جي رطوبت، ريشي، ڦٽن ۽
ڦرڙين کي خشڪ ڪرڻ ۽ ڦٽن ۾ پيدا ٿيل خراب گوشت جي
نيڪال ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
ڪانول پيرن جي پاڻيءَ يا آني جي اڇاڻ ۾ ملائي اکين
جي سور ۽ سوڄ تي لائجي، مقعد جي ڦرڙين، نواسير، جي
ڦٽن کي فائدو ڪري ٿو.
سجادو:
نالا: ع. رتم، ف. بخوخ، هه. وغيره___ ڪاڪن، توگ ۽
بخم.
اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: آنڊن کي، ميل: سؤنف ۽ سنڍ،
وزن: ڇهه ماسا.
سڃاڻپ: هي وڻ ڪانگڻيءَ جي وڻ جيڏو پاڻيءَ جي ڏينهن
۾ پيدا ٿيندو آهي. شاخون هن جون ڊگهيون لڪڻن وانگر
ٿينديون آهن ۽ انهن شاخن مان تندون نڪرنديون آهن.
خاصيت: هن جون پاڙون گهوٽي پيارجن ته بواسير جي رت
جي گهڻائيءَ کي گهٽائي، ڦڦڙن جي بيمارين ۾ فائدو
ڪري، پيشاب جاري ڪري، پرميل ۽ مثاني جي پٿري،
مثاني جي ڦٽ ۽ جگر جي گرميءَ لاءِ مفيد آهي. هن جي
پاڻيءَ جون گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سور کي لاهي
ٿو. هن مان سڳو وٽي اڌ مٿي جي سور واري کي ٻڌجي ته
سور ڇڏي ويندو.
سچيت ڪاٺي:
هن جي خاصيت "پپلا مول" ۾ آيل آهي.
سر پڪل:
نالا: ع. آجر، ف. خشت پخته، هه. وغيره___ لبن،
اينٽ، قوميد ۽ طاباق.
اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: معدي ۽ گردن کي، ميل: سرڪو
۽ ڪتيرو، عيوض: ٺڪر، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: مٽيءَ کي ڳوهي ڪچيون سرون ٺاهي بٺي ۾ پچائي
تيار ڪندا آهن، رنگ هن جو ڳاڙهو ٿيندو آهي.
خاصيت: هن کي گرم ڪري، اُن تي سوري، پيچش ۽ بادي
بواسير واري مريض کي وهارجي ته بالفعل فرحت ڏيندو.
هن کي باهه ۾ گرم ڪري پاڻيءَ ۾ وجهبو ته (بخار)
ٻاڦ نڪرندي، اها ٻاڦ دماغ کي ڏياربي ته مٿي جو
سور، نزلي، زڪام ۽ دماغ جي رطوبت کي فائدو ٿيندو.
سر پڪل کي ڪٽي سنهو ڪري ترن يا زيتون جي تيل ۾ حل
ڪري تنهن کان پوءِ قرع انبيق ۾ وجهي مقطر ڪري تيل
ڪڍجي، اهو تيل فالـج، لقوي، سنڌن جي سور، عضون جي
استرخاءِ تي مالش ڪجي. مثاني جي پٿري ڪڍي پيشاب
جاري ڪري ڦٽن ۽ ڦرڙين تي اثر ڪري ٿو.
سـِـرس:
نالا: ع. غري، ف. سريشم، هه. وغيره___ سريش،
پابوشقان ۽ قولا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: سدا پيدا ڪري ٿو، ميل:
شڪنجبين، عيوض: سريشم ماهي، وزن: ٻه ماسا.
سڃاڻپ: غير شفاف شيشي وانگر گهاٽي ڳاڙهي رنگ جا
ڪاراڻ تي مائل ٽڪرا ٿيندا آهن، هن کي چم ۽ کؤنر کي
ڪاڙهي ان مان ٺاهيندا آهن.
خاصيت: سرهي مر ۽ مهلبن سان گڏي رڌي چپڙي ڪري مٿي
تي رکائجي، ته ريزش، زڪام، مٿي جي سور، لٿل ڪاڪڙي
کي مٿي کڻڻ لاءِ مفيد آهي. هن کي رٻ ۾ گڏي رڌي
کارائجي ته سلهه ۽ اندرين ڦٽن، بواسير جي رت، حيض
جي رت جي گهڻائيءَ کي فائدو ڏيندو. سرڪي ۾ ملائي،
ڪوڙهه، چٽي ۽ ڇانئن تي مکڻ گهرجي، هي رڳن جي منهن
تي چنبڙندڙ ۽ سدا پيدا ڪندڙ آهي، انهيءَ ڪري
احتياط سان ڪم آڻڻ گهرجي.
سرڪو:
نالا: ع. خل، ف. سرڪه، هه. وغيره___ سرڪيه، رب
العنب، سويقه ۽ شير سته.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن ۽ قوت باهه کي، ميل:
مصري، عيوض: ليمن جو رس، وزن: ڇهن ماسن کان تولي
تائين.
سڃاڻپ: کٽو پاڻيءَ وانگر ٿيندو آهي، جو ڊاک ۽ ٻين
ميون جي رس مان جوڙيندا آهن.
خاصيت: صفرا جي جوش، يرقان، اُلٽين صفراوي تپن
لاءِ مفيد آهي. گلاب جي پاڻيءَ سان گڏي گرڙيون
ڪرائڻ سان وات جي پچڻ، وات جي بدبوءِ ۽ خناق جي
ڳوڙهن لاءِ مجرب آهي. بک کي وڌائي ٿو، معدي مان
ڪيڙا ماري ٻاهر ڪڍي ٿو. هاضمون ڪري ٿو. ڪچي بلغم ۽
غليظ خلطن جو نيڪال ڪري ٿو. مسامن ۾ خشڪي پيدا ڪري
جلد سرايت ڪندڙ ۽ سور وڃائيندڙ آهي.
سرکنڊ:
نالا: ع. صندل اصغر، ف. صندل زرد، هه. وغيره___
چندن رنگت، خلا سطفي ۽ قلميڪ.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: نڙيءَ کي، ميل: ماکي،
عيوض: صندل اڇو، وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: هيڊي رنگ تي هڪ خوشبودار ڪاٺي آهي. هي به
صندل جو هڪ قسم آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. گلاب جي پاڻيءَ ۾
گهي پيارجي ته صفراوي ۽ گرم تپن، اُلٽين ۽ دستن کي
روڪي ٿو. معدي جي بخارن کي دماغ ڏانهن وڃڻ نٿو ڏي.
خفقان، ماليخوليا ۽ قلب جي گرميءَ لاءِ مفيد آهي.
هن کي گهي گهاٽو ڪري پيشانيءَ تي لائجي، ته گرميءَ
کان پيل مٿي جو سور ڇڏائيندو. اکين جي بيمارين ۾
به مفيد آهي.
سرمون اڇو:
نالا: ع. حجرالڪرڪ، ف. سرمه سفيد، هه. وغيره___
سرمه سفيد، درنجف ۽ ساليطس.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: ڪباب چيني،
عيوض: سرمون ڪارو، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: جبل جي پيدائش اڇي رنگ تي پهڻ آهي.
خاصيت: هي سرمون ڌنڌ، ڦلي، اکين جي روشنائي، اکين
جي ڦٽ ۽ رطوبت جي لاءِ مفيد آهي. گلاب جي پاڻيءَ ۾
گهي پيارڻ سان خفقان، چريائي، قلب جي گرمي، گهڻي
اُڃ کي فائدو ڪري ٿو. هن جو سفوف ڏند جو سور لاهي،
انهن کي چلڪائي ٿو. هن مان منڊي جوڙائي پائڻ سان
سحر ۽ جادوءَ جي اثر کان محفوط رهبو.
سرمون ڪارو:
نالا: ع. اثمد، ف، سرمه سياه، هه. وغيره___ انجن،
ڪوخلن ۽ حجرالروشنائي.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سيني ۽ نڙيءَ کي، ميل:
ڪتيرو ۽ کنڊ، عيوض: ڏاڙهون ۽ سرمو اڇو، وزن: قدر
موافق.
سڃاڻپ: جبل جي پيدائش، ڪاري رنگ تي چمڪندڙ پٿر
آهي.
خاصيت: هن کي تمام سنهو پيهي اکين ۾ پائڻ سان اکين
جي نظر وڌي ٿي، اکين کي طاقت ملي ٿي. اکين جي
رطوبت، پچي ۽ زخم لاءِ مفيد آهي، ڪنهن ڌڪ لڳڻ سبب
رت نڪري ته پيٺل سرمون وجهڻ سان رت جو وهڻ بند
ٿيندو. حيض جي رت بند ڪرڻ يا مقعد جي ٻاهر نڪرڻ ۽
رحم جي سوڄ جي حالت ۾ هن جو شافو ڏجي ته فائدو
ڪندو.
سرڻ:
نالا: ع. حداه، ف. غليواج، هه. وغيره___ چيل،
چلقان، ڪوڪروه ۽ ابوالقطاب.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: خون پيدا ڪري، ميل: سؤنف
رومي، عيوض:___-، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: هي مشهور پکي آهي.
خاصيت: هن جو گوشت گندنا سان رڌي، حل ڪري کارائجي
ته خوني بواسير، دمڪشي، وڏي کنگهه، سنڌن جي سور،
عرق النسا کي فائدو ڪري. هن جو پتو سڪائي گهي ان
جون سرايون اکين ۾ پائجن ته وڇونءَ ۽ نانگ جي ۽
معدني زهرن جو اثر گهٽجي. هن جو رت زهر لاءِ ترياق
آهي. هن جون هڏيون ساڙي خاڪ ڪري خراب ڦٽن تي ٻورو
ڪري رکجي ته انهن کي ڇٽائيندو.
سره:
نالا: ع. وعل، ف. بحبشرخا، هه. وغيره___ جهنگلي
گاءِ، شوڪا، ۽ جوير ۽ بقر جبلي.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گهاٽن خلطن کي، ميل: سرڪو
۽ گرم مصالح، عيوض: هرڻ، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: هيءُ جانور ٻڪر جي شڪل تي جبل ۾ رهندو آهي.
خاصيت: هن جو گوشت سريع الهضم آهي. هن جي کائڻ سان
رت پيدا ٿئي ٿو، جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو، سرد
مزاج وارن جي رئيس عضون کي طاقت ڏيندڙ آهي. قوت
باهه ۽ مني وڌائي ٿو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور،
فالـج، لقوي ۽ ڪزاز تي مالش ڪبي ته فائدو ٿيندو.
هن جي پتي ۾ تمام گهڻا فائدا آهن. نزلي، مٿي جي
سور، نبضن جي ڍرائي ۽ اکين جي مرضن ۾ ڌنڌ، ڦلي کي
ڇٽائي ۽ نظر وڌائي.
سرهي مر:
نالا: ع. سنبل الطيب، ف. سنبل هندي، هه. وغيره___
بالڇر، جتاناسي ۽ نارود.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گردن کي، ميل: ڪتيرو ۽
طباشير، عيوض: سسئيءَ جو پٿر، وزن: ٻن کان پنج
ماسا.
سڃاڻپ: خوشبودار، ڪاري رنگ تي تندن وانگر گاه
ٿيندو آهي.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، معدي ۽ جگر کي
طاقت ڏئي ٿو، ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿو.
پيشاب جاري ڪري ٿو، مثاني مان پٿري ۽ رائي کي ڪڍي
ٿو. خفقان، جلندر، يرقان ۽ اندرين سوڄن لاءِ مفيد
آهي.
سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪري بلغم کي تحليل ڪري ٿو.
کنگهه ۽ دمڪشي کي گهٽ ڪري ٿو، هن جو سرمون نظر
لاءِ فائديمند آهي.
ســريـه:
نالا: ع. حرف، ف. سرشف، هه. وغيره___ سرسون ۽
سرهاڪون.
اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: معدي کي، ميل: ڪاسني ۽
ماکي، عيوض: اهر، وزن: ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: هي سنهڙا گول هيڊي رنگ جا داڻا، ذائقي ۾
تيز ۽ سڻڀا ٿين ٿا.
خاصيت: ڪاري ڊاک سان گڏ ڪٽي کارائبا ته ٽورو نرم
ٿيندو. وائي بادي کي تحليل ڪرڻ، اندرين پردن جي
رطوبت کي خشڪ ڪرڻ ۽ پيٽ جي ڪيڙن کي مارڻ، بلغمي
خلط کي وڃائڻ، خارش، عرق النساءِ ۽ سنڌن جي سور
لاءِ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿي، قوت باهه کي
وڌائي ٿي. ڪچي سره جي ٻوٽي جي پنن جو پاڻي چٽي ۽
ڪوڙه جي داغن تي لائبو ته فائدو ٿيندو. |