مان ۽ قمر به ڇٻر تي ليٽي پياسين. قمر اکيون بند
ڪيون ته مون تازي ورتل Surrealist
Poetry واري
ڪتاب جو مهاڳ پڙهڻ شروع ڪيو.
شام تائين ائين وقت گذاريوسين. شام جو مگسيءَ سان
پروگرام هو، جنهن سان ٽيمس نديءَ جي ڪناري جو چڪر
هنيوسين. پرديس ۾ وطن وري وري ياد ايندو آهي. ٽيمس
نديءَ جو ڪنارو ڏسي حسرت ٿي، ته سکر جي بندر روڊ،
حيدرآباد جي ڦليليءَ جو ڪنارو يا خيرپور ۾ ميرواهه
جي ٽاپ کي جي هن طرح سينگارجي، ته ڪيڏي نه سونهن
ٿئي. ذوق ذوق جي ڳالهه آهي.
ٽيمس نديءَ جو ڪنارو گهمندي، ڪلوپيٽرا جي ٿنڀي وٽ (Cleopetras
Needle) پهتاسين.
ان تي لکيل ڪتبو پڙهيم:
’اٽڪل پندرهن سؤ سال ق. م، ان کي ٿوٿمس ٽئين کڙو
ڪيو. ٻه صديون پوءِ ان تي فرعون راميسس ٻئي ڪتبو
لکايو. اهو ٿنڀو، مصر جي ڪنهن انگريز گورنر کي،
مصر جي ماڻهن ’تحفو‘ ڪري ڏنو هو، پر جنهن جهاز ۾
اهو لنڊن پئي آيو، اهو طوفان ۾ ڦاسي ٻڏي ويو.
ڪيترا سال پوءِ ان ٿنڀي کي ڳولي، سمنڊ مان هٿ ڪري،
لنڊن ۾ هن جاءِ تي نصب ڪيو ويو.‘
اهڙي ساڳئي قسم جو قديم مصري يادگار اسان روم ۽
پئرس جي Place
de la Concorde (پلئس
دي لا ڪنڪرڊ) ۾ ڏٺا.
انگريزن پنهنجي اوج دوران سڄيءَ دنيا جا نوادر نه
فقط کيسا، پر انهن جي حفاظت پڻ ڪئي. ٿي سگهيو پئي
ته اهي نوادر، جي انگريزن جي هٿ نه چڙهن ها ته اڄ
تائين موجود ئي نه هجن ها. انگريز ’نادان دوست‘ نه
هئا، هو ’دانا دشمن‘ هئا.
ٻئي ڏينهن ٽوئرسٽ ڪپمنيءَ جي فون آئي ته سڀاڻي کان
يورپ جو باقي سفر بڪ آهي. ڪاغذ جي چئو ته اُتي
پهچايون ۽ جي چاهيون ته هِتان اچي کڻي وڃون.
ويٺي ويٺي بور پئي ٿياسين. انڪري ٽوئر ڪمپنيءَ جي
آفيس هليا وياسين. ڏاڍيءَ خوش مزاجيءَ سان سندن هڪ
نمائندي هڪ سائي رنگ جو پلاسٽڪ جو لفافو اسانجي
حوالي ڪيو ۽ سمجهايائين ته، ان لفافي ۾ ريل ۽
سامونڊي جهاز جي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ۽ روزرويشن،
ائمسٽرڊام ۽ پئرس جي هوٽلن جي بڪنگ جا وائوچر،
ٻنهي شهرن جا نقشا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته زير زمين
ريل يا ٽرام جي ذريعي ڪيئن پهچجي. ان کان سواءِ
ائمسٽرڊام ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٽرام جي مفت ٽڪيٽ ۽
هيرن جي خريداريءَ تي 5 سيڪڙو رعايت جو وائوچر ۽
ائمسٽرڊام ۽ پئرس جي شراب جي هڪ هڪ گلاس مفت پيئڻ
جو وائوچر، سڀ موجود هئا.
اسان لفافو وٺي، سندس ٿورو مڃي، واپس آياسين ۽ شام
جو قيوم بروهيءَ ڏي، سندس دعوت تي وياسين.
قيوم بروهي لنڊن جي ڇيڙي تي ٿو رهي. ٽيوب ٽرين، وچ
شهر کان اتي پهچڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ وٺي. هو ڪاليج جي
زماني جو دوست آهي. جڏهن مان صدر ۾ امير ببريءَ
سان رهندو هوس ته هو سال ڏيڍ منهنجو پاڙيسري به
هو. ڊگهو مضبوط هاٺيءَ وارو. ڪرڪيٽ جو شوقين،
ڪاليج جي زماني ۾ سياست کان نفرت ڪرڻ وارو. هئپي
گو لڪي (Happy
go lucky قسم
جو ڇوڪرو. لطيفن ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو شوقين. لطيفن گهڙڻ
جو به ماهر. ويٺي ويٺي ويندو لطيفا گهڙيندو ۽
ٻڌائيندو. بروهين کي لطيفه بازي ۽ لطيفه سازي جي
ڪا ڏات آهي. سندس سوٽ ۽ منهنجو پراڻو دلبر دوست
حليم بروهي (سنڌيءَ جو مشهور مزاحيه لکيڪ) به ان
هنر ۾ ماهر آهي. هو فلسفي جو تمام سنجيده شاگرد
رهي چڪو آهي ۽ ان علم ۾ ڪافي مهارت اٿس. پر ملندو
ته فلسفي تي بحث ڪرڻ بدران لطيفا گهڙيندو ۽
ٻڌائيندو. هڪ دفعي مون کيس چيو ، ”تون فيلسفوف مان
ڦري مشڪرو ڪيئن ٿئين؟“ علي احمد بروهي (سنڌيءَ جو
پراڻو مزاح نگار، به لطيفه سازيءَ ۽ لطيفه بازيءَ
جو ماهر آهي). پنج ڏينهن گڏ هوندو، صبح کان اڌ رات
تائين لطيفا ٻڌائيندو. کلندو، کلائيندو ۽ مجال
آهي، جو انهيءَ سڄي عرصي دوران ڪو لطيفو ورجائي.
موقعي، مهل ۽ ماحول آهر نت نوان لطيفا گهڙبا رهيا.
رڳو هڪ اي. ڪي بروهي ان فن کان محروم آهي. اها سنڌ
جي بدبختي آهي، نه ته سنڌ جي سوَرن ۾ ڪجهه مرڪن ۽
ٽهڪن جو رنگ ڀرجي ها. سرمد چيو آهي:
سرمد غمِ عشق هرڪس را نه دهند
سوزِ دل پروانه مگس را نه دهند.
بهرحال، بروهين جي خوش طبعيءَ جو مان قائل ٿي ويو
آهيان.
اسٽيشن تي قيوم بروهي منتظر بيٺو هيو. لنڊن ۾ سنڌ
وارا، سنڌ کان ايندڙ دوستن لاءِ ٻاڙيا وتن. سنڌي
موسيقي جي ڪئسٽن کان وڌيڪ سندن لاءِ ڪوبه تبرڪ ڪين
آهي. قيوم بروهي وڏو قربائتو ڀاڪر پائي مليو.
پنهنجي ڪار ۾ گهر وٺي آيو. مون ڏٺو، ته هن جي
طبيعت ۾ گذريل اڻويهن سالن وڏي تبديلي آڻي ڇڏي
هئي. چرچائي غير سنجيده، غير ذميوار قيوم، هاڻي
سنجيده، ذميوار ۽ اونهو ٿي لڳو. رات جو دير تائين
ڳالهيون ٿينديون رهيون. هر ملڪيءَ وانگر هن کي به
پنهنجي وطن جي حالتن جي باري ۾ ڳڻتي هئي. وطن کان
پري رهي، وطن جي اڪير ڪيتري ٿي وڌي، اهو ٻين دوستن
وٽ به اندازو ٿيو، پر قيوم بروهيءَ وٽ اها اڪير
تنهائين وڌيل لڳي. ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪنهن به
مسئلي تي بحث ڪرڻ ته ٺهيو، پر رڳو سوچڻ کان به
ونءُ ويندو هو ۽ هتي پرديس ۾ جيتري دير اسان سان
گڏ هو، کيس وطن جي جهوري لڳل هئي. آخري ٽرين تائين
نه ڇڏيائين. جڏهن آخري ٽرين جو وقت ٿيو، ته اسٽيشن
تي ڇڏڻ آيو. بڪنگ آفيس بند پئي هئي. (قيوم جو گهر
لنڊن جي ڇيڙي تي آهي.) قيوم چيو ته هتي ننڍيون
اسٽيشنون سويل ئي بند ٿي وينديون آهن. اوهان ڀلي
ڇيڙي تي پئسا ڏجو اهو رواج آهي (Pay
at other end).
گاڏي جڏهن آڪسفورڊ اسٽريٽ اسٽيشن تي پهتي ۽ اسان
گيٽ وٽ پهتاسين ته، ڏٺوسين ته هڪ ريلوي جو ملازم
ٽيبل تي ڍير سڪن جو لڳايو ويٺو آهي، پر هر ٻاهر
ويندڙ مسافر کيس پئسا ڏيندو ٿو وڃي. اسان به قطار
۾ بيٺاسين. هن اسان کان پڇيو، ڪٿان آيا آهيو؟ مون
چرچي ۾ اڳيئن اسٽيشن جو نالو ورتو. هن چيو،
”پنجويهه پينس.“ مون ٽهڪ ڏئي کيس اصلي اسٽيشن جو
نالو ٻڌايو. هن چيو، ”هڪ پائونڊ.“
نه ٽيڪيٽ اشو ٿِي، نه رسيد، ريلوي وارن جو هن
ملازم ۾ اعتماد ۽ ملازم جو هر مسافر ۾ اعتماد.
اعتماد تي ته ملڪ هلندا آهن. اعتماد تي ته قومون
هلنديون آهن. اعتماد ٽٽو ته قوم ٽٽي.
پوئٽري سوسائٽي
لنڊن ۾ هڪ پوئٽري سوسائٽي آهي. ارل ڪورٽ اسڪوائر ۾
ان جي آفيس آهي. ٽيليفون ڪري معلوم ڪيم، ان جي
ميٽنگ تي پهتس. هيٺ آفيس آهي ۽ ان سان لڳ سندن
ڪتابن جو دڪان، جتي رڳو شاعرِيءَ تي ڪتاب موجود
آهن. سائيڪلو اسٽائيل ٿيل، پئمفليٽ نما، غير معروف
شاعرن جي مجموعن کان وٺي، مشهور شاعرن جي شاندار
نموني ۾ ڇپيل مجموعن تائين. مٿي ميٽنگ لاءِ ڪمرو
آهي. داخلا لاءِ ميمبرن کي ان زماني ۾ 25 پينس ۽
غير ميمبرن کي 50 پينس (اڌ پائونڊ) ڏيڻا پوندا
آهن. در تي ڪئشير ويٺو آهي. ان کي پئسا ڏيئي، هرڪو
اندر ويندو ٿي رهيو. ڇاجي رسيد ڇاجي ٽڪيٽ، رڳو
اعتبار ۽ اعتماد.
ان ڏينهن ’هڪ شاعره‘ جو پروگرام هو، ائن برسفورڊ
جو. ان شاعره پنهنجا شعر پڙهيا. ٻڌندڙ گهڻو ڪري
شاعر ۽ نقاد هئا. بيئر جا گلاس سِپ ڪندا، ٻڌندا
رهيا ۽ آخر ۾ شاعره پنهنجي فن متعلق رايا ڏنا.
مان ان سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيس. ان سوسائٽيءَ
طرفان ٻه مخزنون نڪرن. هڪ Poetryجنهن
۾ رڳو جديد شاعري ڇپجي ۽ ٻيو Poetry
Review جنهن
۾ شاعرن ۽ شاعريءَ متعلق مضمونن تي تنقيدون ۽
تبصرا ڇپجن. مون ٻنهي مخزنن جو چندو ڀريو. هنن
مونکي سوسائٽيءَ جو ميمبر شپ ڪارڊ ۽ پروگرام ڏنو.
پروگرام پڙهي عجب لڳو. ڪيڏا نه سنجيده آهن، هي
ماڻهو پروگرام ۾ مهيني ۾ هڪ ڏينهن رڳو نون شاعرن
لاءِ آهي. ڪير به اچي شعر پڙهي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن
ڪنهن مشهور شاعر ٻاهرئين شاعر (انگلنڊ، فرانس،
جرمني، آمريڪا وغيره مان ڪٿان جو به هجي) لاءِ، ته
ان جا شعر ٻڌجن، جيئن اڄ ائن برسفورڊ لاءِ هيو. هڪ
ڏينهن لفظي ردم جي شاعريءَ لاءِ. هڪ ڏينهن عڪسي
شاعريءَ لاءِ. هڪ ڏينهن ڪنهن جڳ مشهور ڪلاسيڪي
شاعر جي شاعريءَ تي بحث لاءِ. هڪ سڄو هفتو ٻارن جي
شاعريءَ لاءِ وقف. ان ۾ روزانو ٻارن جي شاعريءَ جو
ڪو نه موضوع.
اتي مونکي چيو ويو ته مان پنهنجا مجموعا سندن دڪان
تي رکان ۽ ڪنهن ڏينهن پنهنجي شاعريءَ جا ترجما
پڙهان. پر اهو سڀ ڪجهه ٻئي موقعي تي رکي، کانئن
موڪلايم. پوئٽري سوسائٽيءَ جي ميٽنگ ۾ محسوس ٿيو
ته، اسان نه رڳو ٽيڪنالاجيءَ ۽ سائنس ۾ يورپ کان
پٺتي آهيون، پر ادب ۽ شاعريءَ ۾ پڻ. الاءِ ڪڏهن
اها وڇوٽي طئه ڪنداسون، الائي اها وڇوٽي طئه به
ڪري سگهنداسين يا نه؟
ٻئي ڏينهن لنڊن ڇڏڻي هئي. هن سفرنامي لکندي لنڊن
جون هڪ ٻه ڳالهيون رهجي ويون آهن. جن مان هڪ،
پوئٽري سوسائٽيءَ جي باري ۾ مٿي لکي آيو آهيان ۽
ٻي آهي ڪئمبرج جي پروفيسر آلچن متعلق. ان کان
سواءِ هڪ ذهن کي جنجهوريندڙ مشاهدو آهي، انهن کي
لکڻ کان پوءِ لنڊن ڇڏڻ جو ذڪر ڪندس.
ڊاڪٽر نور احمد سومرو مون کي اسپتال جي ڪئنٽين ۾
ويهاري، پاڻ وارڊ ۾ چڪر ڏيڻ ويو.
ڪافي وٺڻ لاءِ قطا ۾ بيٺس. ڏٺم ته ان قطار ۾ وارڊ
بواءِ اڳيان هئا ته سرجن پٺيان. سڀني ڪافي ورتي ۽
وارڊ بواءِ ۽ سرجن ساڳيءَ ٽيبل تي اچي ويٺا. ويجهن
دوستن وانگر چرچا ڪندا رهيا ۽ ٽهڪ ڏيندا رهيا.
مرتبي جي وڇوٽي ئي نه هئي. محمود ۽ اياز هڪ ئي
قطار ۾ هئا، مسجد ۾ نه پر ڪئنٽين ۾.
مان به هڪ ٽيبل اچي والاري. سامهون اخبار پئي هئي.
ان جي هيڊنگ منهنجو ڌيان ڇڪيو. کڻي پڙهڻ لڳس. ڪنهن
ڪمپنيءَ حضرت عيسيٰعه جي
جنسي زندگيءَ (Sex
Life) تي
فلم ٿي ٺاهي. مذهبي اڳواڻ برطانيه جي راڻيءَ سان
ان باري ۾ مليا. راڻيءَ کين چيو ته، اها ڳالهه مون
کي نه ٿي وڻي، پر هنن کي پنهنجي آزادي آهي.
جڏهن سومرو آيو ته مون کيس اها اخبار ڏيکاري ته هو
ڪاوڙجي ويو. چيائين ته هتي پرائي اخبار پڙهڻ کي
عيب سمجهيو ويندو آهي. اها اخبار اتي ئي رکي ڇڏ.
آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ پئي گهمياسين. مشهور بوٽن جو
دڪان بارڪ Bark آيو،
جنهن جون شاخون سڄيءَ برطانيا ۾ آهن ۽ اهو نفيس ۽
خوبصورت بوٽ ٺاهڻ ۾ يگانو آهي. هڪ شوڪيس ۾ ان
ڪپمنيءَ جي بنياد وجهندڙ بارڪ جو پتلو پيو هئو ۽
ان جي آڏو موچڪا اوزار، رنبي، آر ۽ روهي پيل هئا.
تختيءَ تي لکيل هيو: ”هن ڪپمنيءَ جو بنياد ’بارڪ‘
فلاڻي سال وڌو. هي اوزار سندس استعمال ۾ رهيا.“
اسان وٽ ذات پات ۽ ڪرت جو وڏو فرق آهي. پورهيت کي
گهٽ ٿو سمجهيو وڃي، ان ڪري ماڻهو ذات ۽ ڪرت
لڪائيندا آهن، پر هتي سچل جي شعر وانگر ”پنهنجي
ذات لڪائي ڪيئن ٻي ذات سڏايان.“ پورهئي ۽ پورهيت
جو مان آهي. بارڪ جي پونئيرن کي سندن وڏي جي موچي
هجڻ تي فخر آهي.
ڊاڪٽر آلچن
پورو پنو قد ۽ بت، سهڻي ڪتريل اڇي ڏاڙهي ۽ عمر سٺ
کان به مٿي، پر ان عمر ۾ سمارٽ ۽ Active .
1976ع ۾، منهنجي آفيس ۾ هليو آيو. پنهنجي واقفيت
ڪرايائين، ”مان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي آثار قديما
۾ پڙهائيندو آهيان. هتي روهڙيءَ جي ٽڪرين تي ڪم
ڪرڻ آيو آهيان، ڇا توهان کي منهنجي تار نه ملي.“
مون اڻ ڄاڻائيءَ ۽ عجب جو اظهار ڪيو. هن سان گڏ
سندس زال هئي، جيڪا پڻ قديمي آثار جي ماهر آهي. ان
کان سواءِ هڪ ٻيو ماهر پروفيسر گائودي ۽ هڪ شاگرد
ائبٽ ناٿ هئا. مون کين چانهه پياري، قمر سان
واقفيت ڪرائي ۽ سندن رهائش وغيره جو بندوبست ڪيو.
ائبٽ ناٿ هڪ کٽاري پڪ اپ آندي هئي. روز صبح جو ان
۾ ڪوٽ ڏيجيءَ کان روهڙيءَ تائين ٽڪرين ۾ رلندا هئا
۽ شام جو ڳوڻيون ڀري موٽندا هئا. ڪجهه دير آرام
ڪري، انهن مان پٿر ڪڍي، ڪتابن مان پڙهندا ويندا
هئا ۽ انهن پٿرن کي Classify ڪندا
هئا.
ان عمر ۾ پروفيسر آلچن، جوانن کان به اڳرو، ڊوڙندو
ٽڪرين تي چڙهندو ويندو هو. هنن انهن ٽڪرين ۾ اڌ لک
سال پراڻي پٿر جي دور جي تهذيب دريافت ڪئي ۽ ان
دريافت سان سنڌ جي آثار قديما جي تاريخ کي نئون
موڙ اچي ويو.
هفتو کن هتي رهيا، محفلون ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن آلچن
مونکي شعر ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. (هو اردو ڄاڻندو
آهي، ان ڪري ڪوشش سان سنڌي به سمجهي ويندو آهي،
منهنجو هڪ نظم ”هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو“ ڪجهه قدر
ياد ٿي ويو هوس، جيڪو قاضي مختيار ۽ نيلوفر کي به
ٻڌايو هئائين، جڏهن اهي ڪئمبرج ۾ وٽس پڙهڻ ويا
هئا.
هفتو کن خيرپور ۾ رهيا، پر ان هفتي ۾ اسان جي
دوستي پختي ٿي ويئي.
برطانيه ۾ پهچي کيس فون ڪيم. يڪدم ڪئمبرج اچڻ لاءِ
چيائين. ٻئي ڏينهن شام جو لياقت کي ساڻ کڻي، سندس
ڪار ۾ ڪئمبرج پهتاسين. ڪئمبرج-علم جو شهر- هتي
مشهور انگريزي شاعر شيلي پڙهيو ۽”لامذهبيت جي
ضرورت“ پئمفليٽ لکڻ جي ڪري، هن يونيورسٽيءَ مان
خارج ٿيو. هتي علامه اقبال پڙهيو. هتي جڳ مشهور
ڏاهي برٽنڊرسيل پڙهايو.
هيءُ شهر نديءَ ڪئم جي ڀرسان آهي. ڪئم برج معنيٰ
ڪئم تي پُل.
وڏا وڏااوڪOak ۽
برج birch جا
وڻ-باغ- عظيم شاندار ۽ قدآور تعليمي ادارن جون
عمارتون، ڊاڪٽر آلچن ۽ سندس زال مقرر ڪيل هنڌ تي،
نيو نهام ڪاليج جي در وٽ اسان جي انتظار ۾ بيٺا
هئا.
وڏي قرب سان ڀاڪر پائي، آلچن مون سان مليو. جڏهن
کيس ٻڌايم ته رات جو ئي موٽي وڃڻو آهي ته، هو ڏاڍو
مايوس ٿيو ۽ قربائتيءَ ڪاوڙ مان چيائين: توکي گهٽ
۾ گهٽ ٽي ڏينهن ڪئمبرج لاءِ رکڻا هئا، جيئن تون
هتي ڪتابن جا دڪان ۽ تعليمي ادارا ڏسي سگهين ها.
هن پنهنجي ڪار ۾ مون کي ۽ لياقت کي کنيو ۽ ڪئمبرج
شهر جو سير ڪرايو. هيءَ ٽرنٽي ڪاليج آهي. هيءَ
ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي لائبريري آهي. عجب ۾ منهنجو
وات ڦاٽي ويو. سنگمرمر جي خوبصورت گهڻ ماڙ عمارت،
آلچن چيو:”ان لائبريريءَ کي تفصيل سان ڏسڻ گهرجي.
جي تو وٽ ان لاءِ وقت هجي ها ته ڏاڍو خوش ٿين ها.“
ڪئم نديءَ جي خوبصورت ڪنارن کي ڏيکاري، واپس
يونيورسٽيءَ آيو ۽ چيائين،”اڄ اسان جي 400 (چئن
صدين) کان هلندڙ روايتي سالياني ڊنر آهي. مون توکي
ان ۾ خاص مهمان ڪري سڏايو آهي. ان ۾ ضرور شامل ٿي.
لياقت کي صبح جو سويل ڊيوٽيءَ تي وڃڻو هو. ان کي
راضي ڪيم ته ان ڊنر ۾ ضرور هلجي.
منهنجا وڏا ڀاڳ هئا، جو جديد دنيا جي اهم ترين
علمي مرڪزن مان هڪ جي ان روايتي تقريب ۾ دعوت ملي
هئي. پهرين لائونج ۾ شيريءَ تي بيٺي بيٺي واقفيت
ٿي. آلچن هر ڪنهن سان منهنجي واقفيت سنڌيءَ جي وڏي
شاعر جي حيثيت ۾ ڪرائي. اسان مشرقي، خاص ڪري سنڌي،
محجوب ۽ لڄارا. جيئن آلچن منهنجي تعريف ڪئي، تيئن
مان شرم ٻوٽيءَ جان ڪومائبو وڃان. يونيورسٽيءَ جو
وائيس چانسلر پنهنجي روايتي شاندار لباس ۾ روب ۽
گائون سان مختلف فئڪلٽين جا ڊين. هڪ هڪ سان تعارف
ٿيو.
جڏهن ڊنر لاءِ هال ۾ آياسين ته مونکي سنڌ ۾
انگريزن جي دؤر جي شان جي ياد اچي ويئي.
سهڻيون سينگاريل ميزون. خوش پوشاڪ، خوش ذوق، باادب
بئرا. هر ڪورس کان پوءِ چمچا ڪانٽا، پليٽون ۽ گلاس
مٽائين. آرام سان آهستي آهستي ڌيرج ۽ اطمينان سان،
کاڌو پيتو به هلي ته، هلڪي آواز ۾ ڳالهيون به هلن.
اها رات، منهنجي زندگيءَ جي اهم ترين رات هئي.
دنيا جا وڏي ۾ وڏا اڪابر ـــ عالم ـــ ڏاها منهنجي
آڏو هئا، مونکي ويجهو هئا.
آلچن اٿي رٿ ڏني ته مان پنهنجا شعر پڙهان. روايتي
محجوبي طبيعت ڪري، اها ويل وهي ويئي، مون شرم کان
ڳاڙهو ٿي انڪار ڪيو ۽ ’ٻيو دفعو‘ الائي ڪڏهن اچي
به يا نه؟
هڪ تاريخ جي پروفيسر مون کي چيو، ”عربن کي سنڌ تي
حملي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؟“
مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اهڙيءَ محفل ۾ ترش
ٿيندي چيو، ”ساڳيوئي، جيڪو انگريزن کي سنڌ تي حملي
ڪرڻ لاءِ هيو.“
ان تي وڏا ٽهڪ لڳا ۽ تاريخ جو پروفيسر خاموش ٿي
ويو. منهنجي آڏو ٻه نوجوان، حسين، خوش پوش ۽ خوش
مزاج شاگردياڻيون ويٺيون هيون. هڪ پاسي ڊاڪٽر آلچن
هو ته ٻئي پاسي لياقت.
اها يادگار محفل رات جي ڏيڍ وڳي تائين جاري رهي.
مشروب ۽ کاڌا انگريزي روايتن موجب بدلبا رهيا،
موضوع بدلبا رهيا، ڪڏهن سنجيده، علمي ۽ ادبي ته
ڪڏهن هلڪا، معمولي ۽ مزاحيه. ڪڏهن موسم جو ذڪر ته
ڪڏهن سرچارلس نيپيئر جو. ڪڏهن هلڪو چرچو ته ڪڏهن
ٽينءَ عظيم جنگ جي امڪانن جو.
آخر ۾ نٽسNuts آيا
۽ پوءِ تازو ميوو، آلچن مونکي هڪ هڪ نٽ (Nut) سان
واقفيت ڪرائي. هيءُ هئزل نٽ آهي، هيءُ چيسٽ نٽ
آهي.
آلچن جي محبت، ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي شان، دٻدٻي
واري روايتي ماحول ۽ پروفيسرن ۽ شاگردن جي خوش
خلقيءَ ۽ علمي مايي کان متاثر ٿي، رات جو ڏيڍ وڳي
لياقت سان واپس ٿيس.
صبح جو سويل، ٽئڪسي گهرائي، سامان رکائي، بنان
نيرن جي لورپول اسٽريٽ اسٽيشن تي پهتاسين. جتان
ريل ائمسٽرڊام وڃڻي هئي. اسٽيشن تي گاڏيءَ ۾ سيٽون
ڳولي، ويهي رهياسين.
گاڏيءَ ۾ گهڻو ڪري ائمسٽرڊام ويندڙ ٽوئرسٽ،
سائڪلين ۽ پٺيءَ سان ٻڌل بستري ۽ بئگ سان هئا. ان
طرح ائمسٽرڊام ۾، هو سواريءَ جا محتاج نه رهندا ۽
سائڪلين تي ائمسٽرڊام گهمي، موڪلون ملهائيندا.
گاڏيءَ لنڊن ڇڏي ته اسان لنڊن Au
Revior چئي
موڪلايو. معنيٰ Au
Revior وري
ڏسڻ لاءِ. فرينچ هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت ايئن چون
ـــ يعني وري هڪ ٻئي کي ڏسبو ـــ وري هڪ ٻئي سان
ملبو ـــ پوءِ کڻي جنمن لاءِ وڇڙندا هجن. ڪيڏي نه
مثبت سوچ آهي، فرينچن جي. بلڪل اهڙيءَ طرح ئي اسان
سنڌي، هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ وقت چئون ’سدائين گڏ.‘
هتي مون کي گيتا جو اهو سلوڪ ٿو ياد اچي، جيڪو ٽي.
ايس. ايليٽ پڻ حوالي طور ڪتب آندو آهي:
ڪرشن ارجن کي جنگ جي ميدان ۾ چيو، ”موڪلاڻي ڪانهي،
اڳتي وڌندو هل.“
گاڏي هلي، ته قمر کي نيرن جي ضرورت ٿي. مون ته
نيرن الطاف جي وڃڻ واري ڏينهن کان ڇڏي آهي. پر قمر
لاءِ نيرن جو بندوبست ضروري هو. گاڏيءَ لنڊن ڇڏي
ته، مان سڄيءَ گاڏيءَ جو چڪر هڻي آيس، پر ڪٿي به
ڊائيننگ ڪار جهڙيءَ شيءِ جو نشان نه مليو. پڇاڪرڻ
تي معلوم ٿيو ته، ڇو ته هيءَ گاڏي سِڌي آهي ۽ ٿوري
ئي وقت ۾ هاروچ پهچندي، ان ڪري ان ۾ کاڌي پيتي جو
بندوبست ڪونهي. مون قمر وٽ اچي، شمشير جا لفظ
دهرايا، جيڪي هن جو تڪيو ڪلام آهن:
”ڪو بندوبست نه آهي.“ |