سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:11 

اهو آهي ريمبرانٽ جي حياتيءَ جو مختصر احوال. اهو فنڪار، جنهن جي هڪ هڪ تصوير ملين ڊالرن جي قيمت رکي ٿي ۽ ان تي يورپ ۽ آمريڪا جا جڳ مشهور ميوزم فخر ڪن ٿا، ان جي حياتيءَ ۾ ئي ان جو گهر نيلام ٿيو، جيڪو اڄڪلهه هالينڊ ۾ ويندڙ هر ٽوئرسٽ لاءِ ڏسڻ ضروري آهي ۽ ڊچن لاءِ قومي يادگار آهي.

اسان جا فنڪار چون ٿا ته اسان وٽ فن جو قدر ناهي، پر يورپ جي فنڪارن جيڪي اذيتون ڏٺيون ۽ فن جي شمع کي ٻرندو رکيو، ڇا انهن اذيتن جي هڪ حصي کي به اسان جي فنڪارن برداشت ڪيو آهي؟

رجسڪ ميوزم ۾ ريمبرانٽ جي هڪ ڇرڪائيندڙ تصوير آهي”مور“ .(Peacocks) مور جهڙو سهڻو پکي، اهو به ريمبرانٽ جي هٿ سان چٽيل، سندس سونهن جي هڪ هڪ ذري جي حقيقي جهومر، سڀڪجهه موجود، پر زندگي ناپيد.اهي مور مئل، سندن ڳچيون لڙڪيل، سندن خوبصورت جسم مان رت جا ٽيپا ڳڙندڙ، ساهه ئي سڪي ويو. ڄڻ ڪو ڌڌڪو آيو هجي. ايڏي سونهن ۽ ايڏي بيوسي. ايڏو ظلم ، ايڏو قهر، ايڏو ڪيس.

ريمبرانٽ جي ٻي مشهور تصويرهئيNight Watch.ان تصوير آڏو ڪٽهڙو لڳل هو. جيئن ماڻهو ويجهو وڃڻ کان سواءِ، پري کان ئي ان تصوير کي ڏسن. ريمبرانٽ اها تصوير سن 1642ع ۾ ٺاهي. هن ان کي ائمسٽراڊم جي سول گارڊ جي فرمائش تي چٽيو. 11فوٽ 11انچ +14فوٽ 2/1 14 انچ جي سائيز جي هن تصوير ۾، ان وقت جي سڀني سول  گارڊس جا مهانڊا آهن. هن تصوير ۾ ماڻهن جي بيهڪ ۽ سندن هٿن ۾ هٿيارن جو مختلف طرفن ۾ وڃڻ سان هڪ قسم جي توازن جو احساس ٿو ٿئي. اهو توازن ئي هن تصوير جي جان آهي.

ريمبرانٽ جي ٻي حسين تصوير Portrait of Van Maria هن تصوير ۾ حقيقت پسند چٽساليءَ جي چوٽ ان عورت جي چولي جي فرل (Frill) جي چٽساليءَ ۾ آهي. ان Frillجي هڪ هڪ باريڪ تفصيل کي (Minute Detail) ڪمال مهارت سان چٽيو ويو آهي، پر انهن سڀني شين کي فنڪارن ڪيئن چٽيو آهي، اهو تصوير کي ويجهو وڃي ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي. اهو به معلوم ٿو ٿئي ته ڪهڙا شيڊ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ برس جو اسٽروڪ ڪيئن ڏنو ويو آهي ۽ ان مان ڪهڙو تاثر پيدا ٿيو آهي. انهن تصويرن مان ڪن جا فوٽو گراف منهنجا اڳ به ڏٺل هئا، پر تصوير ۽ انهن جي نقل ۾ وڏو فرق آهي.

ريمبرانٽ جي هڪ ٻي تصوير- ”يرمياهه يروشلم جي تباهيءَ وقت“ به ڪمال جي تصوير آهي. ان ۾ هڪ ڪراڙو ماڻهو، انتهائي افسوس جي ڪيفيت ۾، ڪنڌ هيٺ ڪري، مٿي کي هٿ ڏيو، نرڙ ۾ گهنجهه وجهيو ويٺو آهي.

رجسڪ ميوزم مان نڪتاسين ته سامهون اطالوي آئيس ڪريم وارو هو. اطالوين جي آئيس ڪريم سڄي يورپ ۾ مشهور آهي. مون ۽ قمر هڪ هڪ پيالو اطالوي آئيس ڪريم جو کاڌو  ۽ کانئس ”وان گوگ“ ميوزم جو ڏس پڇيو.

وان گوگ ميوزم سڏ پنڌ تي هو. ڊچن هيءُ ميوزم، پنهنجي عظيم فنڪار”وان گوگ“ جي ياد ۾ ٺهرايو آهي. هن گهڻ- ماڙ عمارت ۾ وان گوگ جون ۽ ان جي متعلق تصويرون آهن. وان گوگ آرٽ ڊيلرن ۽ فوجي آفيسرن جي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن پهرين آرٽ ڊيلر جو ڪم ڪيو، پوءِ ان مان بيزار ٿي، عيسائي مشنري (Missionary) ٿيو ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي مزدورن ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ شروع ڪيائين. مزدورن جي گهٽ اجرت ۽ گهڻي ڪم سبب ابترحالت هئي، هنن جي صحت خراب هئي، هو اڌ بکيا، اڌ اگهاڙا هئا. وان گوگ پنهنجي نالي ماتر الائونس کي به هنن تي خرچ ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي صحت جو به خانو خراب ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو سخت سياري ۾ پنهنجو ڪمبل هڪ مزدور مائيءَ جي بيمار ٻارن کي ڏيئي ڇڏيائين. سندس پوشاڪ ليڙون ليڙون ٿي ويئي ۽ مشنريءَ وارا جڏهن سندس ڪم ڏسڻ آيا ته سندس پوشاڪ ۽ ڍنگ کي مشنريءَ لاءِ شرم جو باعث سڏيندي، کيس ڪم کان جواب ڏيئي ڇڏيائون.

ٻه ٽي دفعا هن والهانه عشق به ڪيو، پر ڇوڪريون سندس غربت، پوشاڪ ۽ شڪل شبيهه سبب کانئس نه فقط ڪنارو ڪرڻ لڳيون، پر سندس بي عزتي به ڪيائون.

نيٺ هن مصوريءَ سان شوق رکيو. پئسي موجود نه هجڻ جي حالت ۾ ريل جو ڀاڙو ڏيئي نه سگهيو ۽ هن پنهنجي وقت جي مشهور مصورن سان اسي (80) ڪلوميٽر بک تي پنڌ ڪري، بوٽ جا ترا گسائي، پير ڦٽي، وڃي ملاقات ڪئي. سندس غربت جي دؤر ۾ سڄيءَ دنيا ۾ رڳو سندس ڀاءُ ٿيئو (Theo)  هو، جيڪو سندس مالي مدد ڪندو رهيو ۽ کيس همٿائيندو رهيو.

هيگ ۾ مشهور مصورن ۽ آرٽ ڊيلرن مٿس سخت تنقيد ڪئي. ڀرين محفلن ۾ سندس فن تي ٽوڪون ڪيون ويون. جتي ڪجهه وقت هن سان پال گاگي به شامل ٿيو ۽ ٻئي گڏ رهڻ لڳا. اتي ئي هڪ طوائف سان پيار ٿي ويس جيڪا پيار مان کيس Fou Rou (بيوقوف ڳاڙهن وارن وارو) سڏڻ لڳي ۽ هو کيس (Pigeon)  ڪبوتر سڏڻ لڳو. هن کيس چيو: جيڪڏهن مون وٽ اچڻ لاءِ تو وٽ پنج فرانڪ ناهن ته تون پنهنجو ڪن مون کي ڪپي ڏي. مون کي تنهنجا ڪن ڏاڍا وڻن ٿا. انتهائي غربت جي حالت ۾ وانگ گوگ پنهنجو ڪن ڪپي ان طوائف وٽ کڻي ويو.

ان کانپوءِ هن کي چريائيءَجا دؤرا پوڻ لڳا. شهر جي ماڻهن درخواست ڪئي ته هو خطرناڪ پاڳل آهي ۽ هن کي بند ڪيو وڃي.

هن کي سينٽ ريمي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد صحتمند ٿي، هو پنهنجي ڀاءُ ’ٿيئو‘ وٽ پئرس موٽي آيو ۽ وري مصوري شروع ڪيائين. پئرس مان هو اورس (Auvers)  ويو، جتي ڪجهه وقت مصوري ڪرڻ بعد روالور سان آپگهات ڪيائين. ٿيئون، سندس ڀاءُ جيڪو سندس دردناڪ حياتيءَ ۾ اڪيلو همدرد هو، اهو به ڇهن مهينن بعد گذاري ويو.

هيگ ۾ ئي هڪ رات، هڪ نائيٽ ڪيفي ۾ ڪرسٽين نالي هڪ (Street Girl)  سان ملاقات ٿيس، جنهنجو پيشو خراب هو، پر دل اجري هئي.. هن غربت جي حالت ۾ بنا پئسي وٺڻ جي سندس ماڊل ٿيڻ قبوليو. ساڻس گڏ رهي، سندس ۽ سندس گهر جي سار سنڀال لڌائين ۽ جڏهن ڪرسٽين جي ويم لاءِ وان گوگ کي پئسا کپندا هئا ته سندس دوستن، مائٽن، آرٽ ڊيلرن اوڌر ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

وان گوگ جيڪو پنهنجي حياتيءَ ۾، فقط هڪ تصوير ئي وڪڻي سگهيو، ان جي تصوير اڄ دنيا جو ڪوبه ميوزيم لکين (Millions)  ڊالرن ۾ خريد ڪندو ۽ سندس چٽيل تصوير جي موجودگي، دنيا جي هر ميوزيم لاءِ فخر جو باعث آهي. وان گوگ، جنهن تي چريائي جا دورا پيا، ان جي فن، اڳتي هلي دنيا کي چريو ڪري ڇڏيو. سندس مصوري فن جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاري ٿي. توڙي جو سندس فنڪارانه تخليق جو عرصو تمام ٿورو آهي. هن 1880ع ۾ مصوري شروع ڪئي ۽ 1890 تائين 800 تصويرون ۽ 700 ڊرائنگ مڪمل ڪري ورتائين.[1] (1) هيگ کان پوءِ مختلف شهرن ۾ رلندو آخر پئرس ۾ رهيو ۽ اتي جي فنڪارن جي بوهيمين زندگيءَ ۾ شامل ٿي ويو. هن مشهور مصورن سرت (Saurt)  ۽ پال گاگي (Paul gaugin) ۽ مشهور ليکڪ ايملي زولا سان دوستي رکي ۽ ساڻن گڏ فن ۽ ادب ۾ جدت پيدا   ڪرڻ لاءِ بک ڏک تي جدوجهد ڪندو رهيو. پئرس کان پوءِ آرليس (Arles)نالي ننڍي ڳوٺ ۾ رهي، تصويرون چٽيندو رهيو.

هن جي فن ۾ ڪي رحجان اهم ۽ نادر آهن. هن رنگن کي ملائڻ ۽ شيڊ ڏيڻ بدران الڳ الڳ رنگن جا هڪ ڪرا وڏا چُٽا استعمال ڪيا آهن. ان کان سواءِ فطري رنگن جي سٽاءَ(Colour Scheme)  بدران، هن پنهنجي سٽا استعمال ڪئي آهي، جيڪا انوکي آهي. پيلو رنگ جيڪو ان وقت تائين سرءُ جو رنگ سڏبو هئو ۽ مصور ان جي استعمال کان پاسو ڪندا هئا، وان گوگ ان رنگ جي جادوءَ کي جاڳايو. هن جا ’سورج مکي‘ (Sun Flowers) سونهري پيلي رنگ جي سونهن جو شاهڪار آهن. سندس پورٽريٽ به انفرادي اسٽائيل جا آهن. انهن ۾ به رنگن جون سِٽائون فطري ۽ حقيقي ناهن، پر تنهن هوندي به ڏاڍيون خوبصورت پيون لڳن.

اسان وٽ سنڌ ۽ عظيم لفظ تمام سستو آهي، پر يورپ ۾ عظمت ماڻڻ لاءِ صدين جي روايتن کي ختم ڪري، نين روايتن جو بنياد وجهڻو ٿو پوي. اهي نيون روايتون، جن کي دنيا قبول ڪري ۽ انهن جي پٺيان هلي. اتي ريمبرانٽ، مائيڪل اينجلو، وانگ گوگ ۽ پال گاگيءَ وانگر سڄي زندگي ڏکن، بکن، تڪليفن ۽ اذيتن ۾ گذارڻي ٿي پوي.

ناقدريءَ ۾ ٽوڪبازيءَ جو نشانو ٿو بنجڻو پوي، تڏهن به، موت کان پوءِ مس مس عظمت حاصل ٿئي ٿي.

’وان گوگ ميوزيم‘ جي فرشي طبقي (Ground floor)  تي اهي تصويرون رکيل آهن، جن کان وان گوگ متاثر ٿيو. انهن ۾ هڪ جپاني تصوير ’برسات ۾ پل‘ (Bridge in rain) ڏاڍي خوبصورت ۽ انفراديت جي حامل آهي. برسات جي ڌنڌ جي پويان پل جي تصوير.

ان ميوزيم جي پهرئين طبقي تي وان گوگ جون پنهنجون تصوريرون آهن. انهن ۾ هڪ موهيندڙ تصوير آهي، Olive trees، آسمان گلابي رنگ جي ڪاري رنگ جي چُٽن(Patches) سان چٽيل آهي. زمين ڳوڙهي ناسيءَ، هلڪي ناسي ۽ ڪاري رنگ جي چُٽن سان چٽي وئي آهي. پاڻيءَ جا تلاءَ نيري ۽ آسماني رنگ جي چٽن سان ظاهر ڪيا ويا آهن. رنگن جو اهو سٽاءُ حقيقي ته ناهي، پر تڏهن به رنگن جو اهو ترنم، اها موسيقي ٿو جاڳائي، جو ڏسندڙ دنگ رهجي وڃي.

وان گوگ جي هڪ عجيب غريب تصوير آهي ”جوتن جو جوڙو“ (Pair of Shoes)  اهو موضوع ۽ اها تصوير ٻئي انوکا آهن. پراڻا ڦاٽل ۽ ڳريل جوتا، پر انهن تي ڪيل محنت، انهن جي حقيقي چٽسالي، ڪمال جي آهي.

وان گوگ جي تصوير ’بادام جي وڻ جي ڦولاريل شاخ‘ (Branch of Almond tree in blossom) حسين تصويرن مان آهي. آسماني رنگ جي پس منظر ۾، سفيد رنگ جي چُٽن سان ٺهيل بادام جا گل، آسماني ۽ سفيد رنگ جو ردم.

وان گوگ جي هڪ جڳ مشهور تصوير آهي. ’دڳ سان ڪيفي‘ (Road side cafe). هن تصوير ۾ وان گوگ وڏا وڏا چُٽا استعمال ڪيا آهن. گهري نيري رنگ جي چٽن ۽ ڪاري رنگ جي چٽن سان آسمان. اڇن وڏن ڌُٻن سان آسمان ۾ تارا. ڄڻ ته ڦلا (Pop Corns) هجن، پيلي رنگ جي چٽن سان جايون. ڪاري، نيري ۽ پيلي رنگ جي ٿلهين ليڪن سان فرش ۽ وڏن ڌٻن سان ڪرسيون، ميزون ۽ ماڻهو چٽيا اٿس. سڄو منظر ائين ٿو لڳي ڄڻ اونهي خمار ۾ وان گوگ ان رستي تان لنگهي، اهو منظر ڏٺو ۽ ان سيڪنڊن جي ٿيڻيءَ(Happening)  کي حافظي ۾ محفوظ ڪري، ان جي تصوير چٽي، ان پل کي امر بنائي ڇڏيو اٿائين. اهو پل جڏهن ستارا چمڪندڙ نوڪدار ٽٻڪن بدران وڏا اڇا ڦلا يا ڪپهه جون پوڻيون لڳندا آهن.

ميوزيم جي ٽينءَ ماڙيءَ تي وان گوگ جا ڪڍيل خاڪا (Drawings) آهن ۽ چوٿينءَ ماڙ تي انهن مصورن جون تصويرون آهن، جيڪي وانگ گوگ کان متاثر ٿيا. هن ميوزيم ۾ هڪ ننڍي لائبريري پڻ موجود آهي.

هن هڪ ئي عمارت ۾، وان گوگ جي چاهيندڙن، توڙي ان تي تحقيق ڪرڻ وارن کي هر قسم جو مواد ملي ٿو وڃي.

وان گوگ ميوزيم کان ٻاهر نڪري ’واهن واري تفريح‘ (Canal cruise) لاءِ وياسين. ڏس پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هتان سڏ پنڌ تي آهي ۽ مون قمر کي فخر سان چيو،”ڏس، بنا گائيڊ جي توکي ڪيئن ائمسٽرڊام گهايم.“

دنيا جا ٻيا شهر، رستن ذريعي ڪار، بس يا ٽرام ۾ چڙهي گهمبا آهن، پر ائمسٽرڊا ٻيڙيءَ يا لانچ ۾ چڙهي، واهن ذريعي گهمبو آهي. ٻين شهرن ۾، ڪنهن خاص جاءِ تي ڪنهن نه ڪنهن رستي ذريعي پهچبو آهي، ته ائمسٽرڊام ۾ ڪنهن خاص جاءِ تي پهچڻ لاءِ ڪو نه ڪو واهه وٺبو آهي. جيئن ٻين هنڌ رستن جا چونڪ ٿين، تيئن هت واهن جا چونڪ آهن. جيئن رستي تي ويندي، ڪو واهه ٽپڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن پل مٿان لنگهڻو پوندو آهي، تيئن ائمسٽرڊام ۾ رستو پار ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن پل هيٺان لنگهڻو پوندو آهي. ائمسٽرڊام سوين واهن ۽ هزارين پلين جو شهر، ڄڻ خوابن جو شهر آهي.

ٻيڙين جي سئر شروع ٿيڻ واريءَ جاءِ تي هڪ فوٽو گرافر ويٺو آهي، جيڪو هر ٽوئرسٽن جا فوٽو ڪڍندو آهي. جيئن ئي لانچ سئر تان واپس ايندي آهي ته اهي فوٽا بورڊ تي لڳا پيا هوندا آهن. فوٽو خريد ڪرڻ لازمي نه آهي. وڻيوَ ته وٺو، نه وڻي ته نه وٺو. اسان اهو فوٽو خريد ڪيو. اهي فوٽو پولرائڊ ڪئميرا سان نه، پر رواجي ڪئميرا سان ڪڍندو آهي ۽ اڌ ڪلاڪ اندر ڊيولپ ۽ پرنٽ ڪري بورڊ تي لڳائي ڇڏيندو آهي.

واهن جي تفريح ۾ گهڻو ڪري سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ جون عمارتون ڏيکاريندا آهن. لاجر ڪئنال کان ٿيندا، اولاهين مناري (Western Tower) تائين آياسين. اهو منارو 65 ميٽر ڊگهو آهي ۽ سنه 1486ع ۾ ٺهيو. قديم يورپي فن تعمير جو سهڻو مثال آهي. ان کان پوءِWestern church ڏٺي سين، جيڪا 1632ع ۾ تعمير ٿي ۽ جڳ مشهور فنڪار ريمبرانٽ کي ان چرچ ۾ سنه 1669ع ۾ دفن ڪيو ويو.

هن ئي ٽوئر ۾ اسان ريمبرانٽ جو گهر پڻ ڏٺو. سادو عام يورپي گهر، جيڪو ڪنهن وقت ۾ نيلام ٿيو هيو. اڄڪلهه قومي يادگار آهي.

منجهند تائين سڄو شهر لانچ ذريعي گهمي، واپس هوٽل آياسين ۽ سامان ٻڌي، ڪيس ۽ لُڪيءَ ڏانهن هيگ وڃڻ جي تياري ڪئي سين. هوٽل جي ڪائونٽر واري کان پڇيوسين، ”هيگ ڏانهن ٽرين ڪهڙي وقت ويندي؟“ ته ڏاڍيءَ رکائيءَ مان جواب ڏنائين، “I am not railway inquiry.”

چيومانس، ”برابر، تون سچ ٿو چوين. رڳو ريلوي انڪوائريءَ جو نمبر ملائي ڏي ته اسان پاڻ ٿا پڇون.“ ٽائيم پڇي، ٽپڙ کڻي، ڪائونٽر واري کي چيوسين، ”اسان هوٽل ڇڏي ٿا وڃون. رهيل ڏينهن جا پئسا به آيا توکي. اهو رڳو تنهنجي ترش رويءَ (Rude behaviour)  جي ڪري.“

همراهه ڪجهه شرمندو ٿيو. اسان تڪڙا تڪڙا ٻاهر نڪري وياسين ۽ ٽرام ۾ چڙهي، ائمسٽرڊام انٽرنيشنل اسٽيشن تي پهتاسين.

هيگ واري ٽرين سڌي ۽ تيز رفتار هئي، جلد ئي هيگ پهچي وياسين. اسٽيشن تان ڪيس کي فون ڪئي سين، جنهن چيو، ”مان اجهو ٿو پهچان.“ اسٽيشن کان ٻاهر نڪري قمر چيو، ”مون کي اڃ لڳي آهي، ڪوڪا ڪولا هٿ ڪر.“

مون اسٽيشن کان ٻاهر نڪري قمر لاءِ ڪوڪا ڪولا جو دٻو ورتو ۽ پاڻ اتي ئي سپ ڪرڻ شروع ڪيم. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم، ڪائونٽر واري جي پٺيان ڀت تي شوڪيس ۾ هر ملڪ جا نوٽ لڳل هئا. مون چتائي ڏٺو ته پاڪستان جو نوٽ به آهي. هڪ رپئي وارو نوٽ اتي موجود هو، پر ميرو  ۽ پراڻو. مونکي ياد آيو ته ڪراچي ڇڏڻ وقت هڪ نوٽ رپئي وارو بچيو هو، مون کيسي ۾ هٿ هڻي اهو ڪڍيو. اهو وڌيڪ ميرو ۽ وڌيڪ پراڻو هو. اصل اهڙو هو جو ’آڇيندي لڄ مران‘ انڪري مون اهو نوٽ کيس آڇيو ئي ڪونه.

هالينڊ ۾ ساقي بخيل نه پر رزاق هوندو آهي. بارٽينڊر ڇوڪريون ’وٽ سر گهرن وٽيون‘ وانگر بيئر جو گلاس ڪنن تائين ٽمٽار ڪري، اٿلندڙ گج ڪاٺ جي پٽيءَ سان اگهي ڏينديون آهن. چوندا آهن ته هالينڊ ۾ پهريون ڍڪ، گلاس ميز تان کڻڻ کان سواءِ، نِوڙي پيئڻو پوندو آهي.

هيڏي هوڏي ڏٺم، ٽيبل تي ڪجهه مرد ۽ عورتون تاس راند ڪري رهيا هئا ۽ هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪڙا ڏيئي رهيا هيا. ڪيڏي نه بي فڪريءَ آهي هنن وٽ. سڄي يورپ ۾ مون ڪوبه ماڻهو موڙهل، منجهيل، يا ڳڻتيءَ ۾ ورتل ڪين ڏٺو. هنن جي دل به کليل ته اکيون به کُليل. هنن جي زندگي آهي ڪم ڪريو ۽ عيش ڪريو.

مان دٻو ختم ڪري ٻاهر نڪتس. اسٽيشن تي پهچي خبر پئي ته ڪيس هاڻي هاڻي پهتو آهي.

ڪيس وڏو ڀاڪر پائي مليو. قمر ڪوڪا ڪولا جو دٻو کولي ڪار ۾ ويهي رهي. ڪيس مون کي آڏو ويهاري، ڪار اسٽارٽ ڪئي.

هلندي هلندي ڪيس هڪ شاندار عمارت وٽ ڪار روڪي. ”هيءَ بين الاقوامي انصاف جي عدالت آهي.“ هن فخر سان ڪنڌ مٿي ڪري چيو.

ان عدالت جي شاندار عمارت ڏسي منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. شرم کان ـــ ادب ۽ احترام کان ـــ يا ڏک کان، چئي نه ٿو سگهان.اندر مان اُڌمو اٿيو، هيءَ بين الاقوامي عدالت آهي ـــ هن ۾ ’قومن‘ سان انصاف ٿيندو آهي ـــ ڇا هن عدالت کي اختيار آهي ته ’قوم‘ کي Define  ڪري سگهي. قوم ڇاهي ـــ ’قوم‘، ’ملڪ‘، ’حڪومت‘ ۽ ’رياست‘ ۾ ڪهڙو فرق آهي. ’حڪومتون‘، ’ملڪ‘ ۽ ’رياستون‘ ڪيئن ’قومن‘ جو ڪچونمبر بنائي ڇڏينديون آهن. ڇا هن عدالت کي انهن تي به اختيار آهي؟ يورپ جي فن تعمير جي خوبصورت نموني تي ٺهيل هيءَ عدالت عالي شان، شاندار ۽ رعبدار عمارت، مون کي مکڻ جي ماڙي نظر آئي.

ڪيس جو گهر اچي ويو. ننڍڙو، خوبصورت بنگلو. لڪي ڪار جو آواز ٻڌي، ٻاهر ڊوڙندي آئي، هن قربائتو ڀاڪر پائي، چمي ڏيئي آجيان ڪئي. اها چمي نه عاشق معشوق واري چمي هئي، نه ڀاءُ ڀيڻ واري، نه ماءُ پٽ واري. ان چميءَ ۾ خلوص، پيار، پاڪيزگي ۽ گرمائش هئي. اها چمي هڪ دوست جي طرفان ٻئي دوست کي هئي.

لڪي اکيون ڇنڀڻ لڳي، ڄڻ ته جيڪي ڪجهه ڏسي رهي هئي، ان تي اعتبار نه پئي آيس. آخر چيائين، ”هيءُ خواب ته نه آهي. اسان سڀ هتي مليا آهيون.“ (Is it not a dream! We all have met here!)

مون چيو، ”هيءُ خواب نه آهي، پر هيءَ خواب کان به حسين حقيقت آهي، جو اسان هيگ ۾ توهان جي گهر گڏيا آهيون. ڪي ساڀيائون خوابن کان به خوبصورت ٿينديون آهن.“

سڀڪو سپنا ماڻي

ساڀيان ماڻي ڪوڪو.

پوءِ مونکي لڪيءَ ۽ ڪيس سان خيرپور ۾ گهاريل قربائتا ۽ حسين ڏينهن ياد آيا. هفتي ۾ ٻه ڏينهن وٽن فرينچ سکڻ ويندو هوس. مان ۽ لُڪي شاگرد هوندا هئاسين ۽ ڪيس استاد، پر هو ڏاڍو ڪڙڪ استاد هو. وقت بوقت Test  وٺندو هو. سختيءَ سان مارڪون ڏيندو هو، ٻن سالن ۾ سٺي فرينچ سيکاري ڇڏيائين. فرينچ سبق کان پوءِ رات جو دير تائين ڪچهري ڄمندي هئي. مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا پارٽي ٿيندي هئي ـــ يا اسان وٽ يا هنن وٽ. ٿوري دير ٿئي، ته قمر چوندي هئي، ”هاڻي هلو.“ ۽ لڪي سنڌي ’هلو‘ جو مطلب سمجهي ويئي هئي، ۽ يڪدم قمر کي چوندي هئي No Halo ۽ ويٺي ويٺي، ڪڏهن ڪڏهن ڪافي دير ٿي ويندي هئي.

لڪي، آهستي آهستي، مٺيءَ مرڪ سان، هڪ هڪ لفظ جهلي، الڳ الڳ ۽ نرمائيءَ سان ڳالهائيندي آهي.

هن وري چيو، ”سڄي خيرپور واري ڪلب هتي آهي.“ هنن وٽ مهدي، سندس زال ۽ ٻار به رهيل هئا.

مهدي ـــ عراقي مهدي ـــ ڪوٽ ڏيجيءَ جو زميندار مهدي ـــ اهو به خيرپور ۾ اسان جوCommon Friend  هو ۽ هاڻي فصل کڻي، يورپ ۾ ڪٽنب سان ملڻ آيو هو. بت ۾ ڀريل، وارن کان وانجهو، روشن خيال، حجائتو ۽ قربائتو مهدي. پنهنجي مهذب ۽ جهانديد زال سان موجود هو. سندس زال ۽ ٻارن سان اسان جي پهرين ملاقات هئي.

هيگ ۾ خيرپور کي ياد ڪيوسين. اڃا سج بيٺو هو ته رات جي ماني ڏنائون. واچ ڏٺي سين ته رات جا ساڍا نو ٿيا هئا. يورپ ۾ اونهاري ۾ سج ڏهين يارهين وڳي لهي ۽ چئين وڳي اڀري، ته سياري ۾ شام جو ساڍي ٽئين چئين وڳي لهي وڃي. ڊاڪٽر نور احمد سومري جي امان پهريائين ته ٻارن جي ڪاوڙبي هئي ته، ”اڌ رات جو گهر ٿا اچو.“ حالانڪه سياري جا پنج ڇهه مس ٿيا هوندا. سياري اونهاري جي صبح شام ۾ ان وڏي فرق سبب سڄو يورپ سج بدران واچن تي هلي. سج بيٺي ڊنر کائڻ عجيب پئي لڳو. بهرحال مانيءَ کان پوءِ محفل شروع ٿي. ڪيس ۽ لڪيءَ يورپ جي سفر جا حال احوال ورتا. مون ائمسٽرڊام ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو هو، ان متعلق ٻڌايو. هن چيو: اهو سڀ ڏٺو اٿوَ ته باقي بچايوَ ڇا؟ هنن جو اسرار هو ته هفتو کن وٽن گذاريون ها. مون کيس سمجهايو ته ٽرين، پئرس جي هوٽل، سڀ بُڪ ٿيل آهن ۽ تمام گهڻيءَ ڪوشش جي باوجود به اهي تاريخون پوئتي نه ٿي سگهيون آهن.

رات جا ساڍا ڏهه لڳا ته مهدي ۽ سندس زال سمهڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. مهديءَ وارن جي وڃڻ کان پوءِ لڪيءَ شرارت مان چيو ته، ”پنهنجي زال جي موجودگيءَ ۾ مهدي ڏاڍو Discipline ۾ آهي.“ مونکي قائد اعظم جا اصول Unity, Faith, Discipline  ياد آيا ۽ قمر کي چيم، ”زالون گهٽ ۾ گهٽ قائد اعظم جي هڪ اصول تي ته عمل ڪرائي سگهن ٿيون.“

جڏهن محفل رنگ تي پهتي ته لُڪيءَ ۽ ڪيس چيو ته، ”هلو ته هاڻي گهمڻ هلون.“

”رات جو هن وقت؟“ ان وقت ڏيڍ لڳو هو. ڪيس چيو، ”اوهان فقط هڪڙي رات ئي هتي آهيو. جي هتان جي ’رات جي زندگي‘ (Night Life) نه ڏٺوَ ته ڇا ڏٺوَ؟“

۽ پوءِ هو ٻئي، اسان ٻنهي کي زوريءَ گِهلي ٻاهر آيا. سندن ڪار، هيگ جون روشن، گلن سان جهنجهيل، سرهيون گهٽيون لتاڙيندي، اچي هڪ نائيٽ ڪلب جي آڏو بيٺي. سڀ ڪلب ۾ داخل ٿياسين. اڌ روشن ماحول ۾ تيز ميوزڪ جي گونج، ڄڻ ڌنڌلي آسمان ۾ وڄ. رنگ برنگي لباس ۾ جوڙن جو سرمستيءَ وارو رقص. وجد آفرين ناچ. ائين پئي لڳو، ڄڻ رڳو راڳ آهي، رڳو ناچ آهي ـــ ٻاهر ڪجهه به نه آهي ـــ هيءُ پل امر آهي ـــ هيءُ پل ابد آهي. اڇلون، ڦيرا ـــ لمڪا ـــ ڇال ـــ لوڏا ـــ سڀ رلمل ـــ ڊسڪو ـــ ڊسڪو ـــ ڊسڪو ـــ ڪيس ۽ لُڪي ناچ ۾ شامل ٿيا. اسان کي به سڏ ڪيائون، پر اسان گهٻرايو. متان اسان کان ڀل ٿي وڃي ۽ هي سڀ پرڏيهي اسان تي کِلن. اسان ناچ ۾ شامل نه ٿياسين، پر اسان جو من لڪيءَ، ڪيس ۽ ٻين نچڻ وارن سان اڇلون، ڇال، لمڪا ۽ لوڏا ڏيندو رهيو. هي رقص رندي ۽ سرمستي هو. هن رقص ۾ همھ وست جو تاثر هو. ڄڻ سڄي ڪائنات ۽ ان جو تحرڪ، هڪ ازلي ۽ ابدي رقص هئي.

اسر جو گهر موٽياسين. لِڪيءَ ۽ ڪيس پنهنجو بيڊروم اسان کي آڇيو. (يورپ ۾، ويجهي کان ويجهي دوست کي به بيڊروم ۾ قدم رکڻ ته ڇا، نظر وجهڻ به نه ڏيندا آهن.) اسان انڪار ڪندي چيو، اسان ڊرائنگ روم جي غاليچي تي، آرام سان رات جو باقي حصو گذارينداسين. هنن چيو ته اسان ڪاوڙجي وينداسين. (ٻيو ڪمرو مهديءَ وارن جي حوالي هو.) هنن اسان ٻنهي کي زوريءَ گِهلي پنهنجي بيڊروم ۾ آندو ۽ پاڻ ڊرائنگ روم جي غاليچي تي ستا.

مون کي صبح جو دير سان جاڳ ٿي. سڀ ناشتي جي ميز تي هئا ۽ هالينڊ جي مشهور پنير (Cheese)  سان ناشتو ڪري رهيا هئا. سندن زور ڪرڻ تي رڳو مشهور ڊچ پنير چکيم ۽ چاءِ پي- ڪيس سان ڳالهيون ڪرڻ لڳس. قمر ۽ لُڪيءَ جو پروگرام تيار هو. پهرين کين ڊورس جي ماءُ سان ملڻو هو ۽ پوءِ سمنڊ جي ڪناري (Beach)  تي وڃڻو هو. هو ناشتو ختم ڪري يڪدم نڪري ويون.

ڊورس ۽ رابرٽ پهريون ڊچ جوڙو آهي، جنهن سان اسانجي واقفيت ٿي. ڏاڍا پرخلوص ۽ قربائتا آهن. ڪيس وارن سان انهن جي ئي ذريعي سان ملاقات ٿي. هو به اسانجا ويجها دوست آهن.

مان ۽ ڪيس، سستن وانگر، آرام سان، ٿورو دير سان تيار ٿي، بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڪيس جي گهر جي سامهون بس اسٽئنڊ تي آياسين. بس رڳو هڪ منٽ ليٽ ٿي ته اسٽئنڊ تي بيٺل ماڻهن واچون ڏسي بڇڙو منهن بنائڻ شروع ڪيو.

هالينڊ جي گلن (Tulips)  جو  ملڪ آهي، ته هيگ گلن جو شهر آهي. جيترا پان جا دڪان اسان وٽ آهن، اوترا گلن جا دڪان هنن وٽ! هر موڙ، هر گليءَ ۽ هر چونڪ تي گلن جو دڪان. مون ڪيس کان پڇيو، ”هتي هر گهر ۾ هڪ ننڍڙو باغ آهي ۽ هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجا گل آهن، پوءِ هيترن گلن جي دڪانن جو ڇا مطلب؟!“ هن مرڪي چيو، ”هرڪو ماڻهو هر قسم جا گل ته نه ٿو پوکي سگهي. هنن دڪانن تي اهي گل ملندا آهن، جيڪي عام ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ نه ٿا پوکي سگهن! ۽ انهن کي اُپائڻ لاءِ خاص مهارت کپي. انڪري اهڙن گلن کي، عام ماڻهو دڪانن تان خريد ڪري، پنهنجي گلدستن ۾ سينگاريندا آهن.“

شهر جي هر چونڪ تي شاهي ڪونڊيون رکيل آهن. روز سرڪاري ٽرڪون، گلن سان ڀرجي اچن ۽ انهن ۾ تازا گل وجهي وڃن.

هالينڊ ۾ گلن جي شوق جو هڪ ٻيو دلچسپ واقعو معلوم ٿيو. ڪيس جو والد پوڙهو آهي ۽ سرڪاري پينشن تي گذر ڪندو آهي، جيڪا هالينڊ ۾ هر پوڙهي کي ملندي آهي، جيڪو ڪم ڪار نه ڪري سگهندو آهي.

هن واندڪائيءَ جي وندر طور پنهنجي بنگلي جي اڱڻ ۾ گل پوکيا ۽ آخر ان عمر کي اچي پهتو، جو انهن گلن جي سار سنڀال به نه ٿي لهي سگهيو.هن سرڪار کي لکيو: ’هاڻي هو ايترو ضعيف ٿي ويو آهي، جو پنهنجي گلن جي سار سنڀال لهي نه ٿو سگهي ۽ گلن سان بيحد پيار اٿس، انڪري حڪومت طرفان انهن گلن جي سنڀال لڌي وڃي.‘ ۽ سرڪار کيس مالهي رکي ڏنو.

مان ۽ ڪيس پوسٽ آفيس آياسين ۽ ٽڪليون خريد ڪري، سرمد، مارئيءَ ۽ پارس، سرواڻ، سپيءَ، بابوءَ ۽ ڀٽائيءَ کي پڪچر ڪارڊ پوسٽ ڪياسين. اڃا به وقت بچي پيو. ڪيس هڪ ڪافي هائوس ۾ وٺي ويو. ڪافي هائوس مان نڪرڻ وقت ٽائيم ڏٺم، ائمسٽرڊام ٽرين ڇڏڻ ۾ اڃا ٽي ڪلاڪ کن هئا. ڪيس چيو، ”هلو ته هلي بيچ تي لڪيءَ وارن سان گڏجون. چڱو جو توکي بيچ ڏيکارڻ جو وقت نڪري آيو.“

بيچ ڏي ويندي، ڪيس مونکي رازداريءَ مان چيو، ”جي هتي ڪي Topless  (بنا انگيءَ) ڇوڪريون ڏسين، ته شرمائجانءِ نه.“

وائـڙو ٿي چيومانس، ”ڀلا مان ڇو شرمائيندس.“ هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”هتي يورپ ۾ اهو نئون Topless  جو فيشن نڪتو آهي. خاص ڪري بيچ تي، ڇوڪرين رڳو نڪر ۾ بنا انگيءَ جي گهمن. مون انهن کي ته ڪڏهن شرمائيندي نه ڏٺو آهي. انڪري سوچيم ته متان تون ئي شرمائين.“

سمنڊ، جتي ڪٿي ساڳيو ـــ اٿاهه ۽ نيرو. اڇيءَ اڇيءَ گجيءَ وارو. ڪراچيءَ جي هاڪس بي هجي، انگلنڊ جي هسٽئنان بيچ هجي يا هيگ. ساڳي اٿل پٿل. ساڳيو لهرن جو شور.

لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.

پاڻي ته برابر هيڪڙو آهي، پر فرق آهي سينگار جو. فرق آهي ذوق جو. هتي ننڍا ننڍا تنبو کتل هئا، جن هيٺان ماڻهو واريءَ تي ليٽيا پيا هئا. ڄڻ آفيمي هجن، ڄڻ آرسي هجن. اهي ساڳيا ماڻهو جيڪي هن وقت آفيمي ۽ آرسي ٿي لڳا، اهي ڪم جي وقت جِنَ آهن. اهو فقط انهن جو موڪل ملهائڻ جو طريقو آهي.

ننڍيون ننڍيون، رنگ برنگي، خوبصورت ڇٽيون، نانگ کنڀين وانگر پئي لڳيون. انهن جي هيٺان، عورتون ۽ مرد پنڪيون کائي رهيا هئا.

ڪجهه ٽاپ ليس (Topless)  ڇوڪريون به نظر آيون. پر نه ڪنهن هنن ڏي بکايل نظرن سان گهوريو ۽ نه هنن ئي شرمايو.

جلد ئي لڪي ۽ قمر گڏجي ويون. سمنڊ جي ڪناري تي کاڌي ۽ مشروبن جا خوش ذوقيءَ سان سينگاريل دڪان هئا.

اوچتو ڪيس چپٽي وڄائي، ”اوهان ڪڏهن ڪچي مڇي (Raw Fish) کاڌي آهي؟“

قمر الٽيءَ جهڙو منهن ٺاهي اوڪارو ڏنو، ”ڪچي مڇي ـــ اوڪ ـــ ڪير کائيندو.“

منهنجي ڪچي مڇي ٻُڌل هئي. اها خبر هئي ته هالينڊ ۾ ڪچي مڇي کائيندا آهن.

”اهو ته هتي جو خاص کاڌو آهي. ڪچي مڇي نه کاڌوَ ته ڄڻ هالينڊ ئي نه آيؤ.“ ڪيس چيو.

قمر ٺپ انڪار ڪيو. مون ٺهه ڦهه چيو، ”مان کائيندس.“

هر ملڪ جي ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ اتان جي کاڌي، لباس، موسيقي، مصوري ۽ ادب جي ڄاڻ ضروري آهي، رڳو ان ملڪ کي ڏسڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي.

ڪيس ڪچي مڇي وٺي آيو. ننڍيءَ ڪُرڙيءَ جهڙي هئي. ان کي رڳو لوڻ لڳل هو. چيائين، ”ڪنڊو ڪونه لڳندو، منهن کان وٺي کائيندو وڃ، آخر ۾ رڳو پڇ بچائجان.“

مون ائين ئي ڪيو. نرم نرم لوڻاٺيل ماس جو مزو به آيو ۽ ڪجهه ڪرڀ به ٿي، پر مڇي سڄي کائي ويس ۽ آخر  رڳو وڃي پڇ بچايم.

قمر بيچ تان خريداري ڪئي. سرمد لاءِ هڪ تمام ڊگهي پينسل ۽ ڪاشيءَ جهڙي ڪم سان نمڪ داني.

هالينڊ ۾ ڪاشيءِ جهڙو ڪم ٿئي. عجب اهو آهي جو سرون، ائش ٽري، نمڪدان، سڀ ساڳئي نيري رنگ وارا آهن. جيڪو سنڌ ۽ ملتان ۾ عام آهي. ان ڳالهه تي مونکي ڏاڍو عجب لڳو. سوچي سوچي ٿڪجي پيس ته ان مشابهت جو ڪو تاريخي سبب ملي، پر ڪوبه سبب ڌيان ۾ نه آيو.

بيچ تان موٽي، ڪيس جي سهڻن گلن واري گهر ۾ منجهند جي ماني کائڻ آياسين. ڪيس هالينڊ جو مشهور بيئر آندو ۽ سِپ ڪرڻ شروع ڪيم.

ٽرين جي وقت ۾ اڌ ڪلاڪ بچيو ته مان اٿي کڙو ٿيس ۽ قمر کي هلڻ لاءِ چيم. ڪيس چيو، ”اجايو اسٽيشن تي بور ٿيون. ان کان بهتر آهي ته هتي ئي ويهي ڳالهيون ڪريون.“

مون کيس واچ ڏيکاريندي چيو، ”ٽرين ڇٽڻ ۾ باقي رڳو اڌ ڪلاڪ آهي. جي هيءَ ٽرين هلي ويئي ته ائمسٽرڊام کان پئرس واري ٽرين به ڇٽي ويندي.“

ڪيس وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”هتان ڏهه منٽ اڳ نڪرنداسين. ٽرام اسٽيشن تائين پهچڻ ۾ ست منٽ وٺندي. پوءِ به پليٽ فارم تي اوهانجا ٽي منٽ اجايا ويندا.“

مون سوچيو واقعي هي اسانجو ملڪ نه آهي جو بس، ٽئڪسي يا رڪشا جي انتظار ۾ ريلون ڇٽي وڃن. مونکي اها رات ياد آئي جو لاڙڪاڻي مان سج لٿي ريل ۾ چڙهياسين. اها ليٽ نڪتي، انڪري حبيب ڪوٽ واري ٽرين ڇٽي ويئي. اتان جنهن گاڏيءَ کنيو اها به ليٽ نڪتي ۽ روهڙي مان ٽرين ڇٽي ويئي. ڌڪا جهليندا، سانجهيءَ جا نڪتل، اسر جو اچي خيرپور پهتاسين. ستر ميلن جي سفر ۾ سڄي رات گذري ويئي.

مزي سان ڪچهري ڪري، ڏهه منٽ اڳ اٿياسين، ٺيڪ ٽائيم تي ٽرام آئي. ٺيڪ ٽائيم تي اسٽيشن پهتاسين. ٻه منٽ اڳ پليٽ فارم تي پهتاسين ته ٽرين آئي. ڪيس ٻڌايو ته ائمسٽرڊام کان پئرس ويندڙ ٽرين هتان ئي لنگهندي. اسان کي هالينڊ جي جاگرافيءَ جي خبر نه هئي. هي ٽيون دفعو هيگ مان لنگهڻ ٿيندو. ڳرو سامان ائمسٽرڊام اسٽيشن تي لاڪر ۾ بند هو ۽ بڪنگ ائمسٽرڊام کان پئرس جي هئي. انڪري واپس ائمسٽرڊام وڃي وري موٽڻو هو.

گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي ته مون ڪيس کي چيو، ”هتي ته سڀڪجهه پروگرام مطابق ٿي رهيو آهي. تعجب آهي.“ ان تي ڪيس وڏو ٽهڪ ڏنو.

مون کيس مشهور لطيفو ٻڌايو: ”اسان وٽ هڪ ڏينهن ريل پوري وقت تي آئي. ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا ته ريلوي وارا سڌريا آهن. اتان ڪو ان ريل جو گارڊ به لنگهيو. ان چيو، ”خبر اٿوَ، اها ڪلهوڪي ٽرين آهي ۽ پورا چوويهه ڪلاڪ ليٽ آهي.“

۽ ٽهڪن جي شور ۾ مون ۽ ڪيس خيرپور ۾ ٻيهر ملڻ لاءِ موڪلايو.

ائمسٽرڊام اسٽيشن تان لاڪر مان ڳرو سامان کڻي، پليٽ فارم تي آياسين ۽ پئرس ويندڙ  گاڏيءَ ۾ پنهنجون سيٽون ڳولهي، ويهي رهياسين.

هيءَ تيز رفتار ٽرين هئي. سئنڊوچ چٻاڙيندا، دريءَ کان نظارا ڏسندا رهياسين. اوچتو وڏ ڦڙو مينهن پوڻ شروع ٿيو. مون قمر کي برساتيون ياد ڏياريون، جيڪي هاروچ اسٽيشن تي ريل ۾ ڦٽي ڪري آيا هئاسين ۽ قمر کي چيو ته، هاڻي برساتين کان سواءِ ڪم نه هلندو. اهي برساتيون، شفيق الرحمان جي برساتيءَ وانگر نه هيون، جيڪا وفاداريءَ سان مالڪ جو پيڇو ڪري. قمر چيو ڇڏ انهن برساتين کي، جي ضرورت پئي ته نيون وٺنداسين.

گاڏي ٿوري دير برسيلز اسٽيشن تي بيٺي ۽ پوءِ تيز رفتاريءَ سان اڳتي رواني ٿي. برسيلز کان ٿورو اڳتي هلياسين ته مينهن بند ٿي ويو. مون شڪر ڪيو جو برساتيءَ جي ضرورت ٽري ويئي.

ٽرين ۾ ئي ڪرنسيءَ جي ايڪسچينچ وارا ڪلهن تي ڪنڊيڪٽرن وانگر ٿيلها لڙڪائي آيا. اسان بچيل گلڊن ۽ ڊالر ڏيئي فرانڪ ورتا. منهن اونداهيءَ جو ٽرين پئرس جي اسٽيشن گاردي نار (Gare de Nord) ۾ داخل ٿي.

پـــئــرس

پئرس ـــ لاپاري ـــ منهنجي تصورن جو شهر ـــ ڄڻ پرين جو ديس هو. جنهن جون ڪهاڻيون ننڍپڻ ۾ ٻڌيون هيم. نوجوانيءَ ۾ فرينچ ادب جي شاهوڪاريءَ جا هُلَ ٻڌم. موپسان، بالزاڪ، وڪٽر هيوگو، بودليئر، سارتري، مئلارمي، رامبو، سينٽ جان پرس. انهيءَ ادب جي ترجمن پڙهڻ کان پوءِ فرينچ سکڻ جو شوق جاڳيم. آخر خيرپور ۾ لڪيءَ ڪيس کان فرينچ سکڻ شروع ڪيم. فرينچ ۽ فرانس منهنجو احساس ڪمتري آهن. اڄ ان فرانس جي ڌرتيءَ تي قدم رکيا اٿم ـــ ان پئرس کي ڏٺو اٿم ـــ ڄڻ عمر ڀر جا خواب حقيقت ٿي پيا. اها رات، منهنجي زندگيءَ جي سمورن صبحن کان روشن هئي. پئرس منهنجي اکين آڏو ۽ پيرن هيٺان هئي.

ڳرو سامان اسٽيشن جي لاڪر ۾ رکڻ جو فن سکي ويو هوس. يڪدم بئگ ۽ ڪنجيءَ واريءَ نشانيءَ (Sign)  جو پيڇو ڪري، ڳرو سامان لاڪر ۾ رکي، ٻن ٽن ڏينهن جيترو ضروري سامان ڪلهي ٿيلهن ۾ لڙڪائي، اچي ميترو  (Metro)  پهتاسين. (فرانس ۾ زير زمين ريلوي کي ميترو ٿي سڏيائون) ميترو ئي ٽوئر ڪمپنيءَ جي مليل لٽريچر جي هدايتن موجب پنهنجي هوٽل جي ڀرواريءَ اسٽيشن ترن (Tern)  تي لٿاسين. هوٽل ڀرسان ئي هئي، پر ڳولهڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو. اهو انڪري جو گورن بلڪل ئي مدد نه پئي ڪئي. آخر هڪ شيدي، ڪافي دير اسان سان گڏ هوٽل ڳوليندو رهيو ۽ هوٽل ڳولي، پوءِ موٽيو. هو مزيدار ۽ زندهه دل. رستي تي ٽپا ڏيندو سيٽيون وڄائيندو، زور زور سان گانا ڳائيندو ٿي هليو. صبح جو ٽوئر ڪمپنيءَ جا ڪاغذ ڏسان ته انهن ۾ هوٽل تي پهچڻ لاءِ نقشي تي نشان به ڪيل هئا ۽ منٽن ۾ هوٽل ڳولي وٺجي ها.

نيرن تي، مون فرينچ ڳالهائڻ جي پرئڪٽس شروع ڪئي. بئري کي فرينچ ۾ آرڊر ڏنم. ڪائونٽر واريءَ ڇوڪريءَ کان فرينچ ۾ ڪنهن ٽوئر ڪمپنيءَ جو ڏس پتو پڇيم. پوءِ کيس چيم، ”معاف ڪجو مونکي ايتري گهڻي فرينچ نه ٿي اچي.“ ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳس، ته يڪدم ان ڇوڪريءَ فرينچ ۾ چيو، ”اوهان کي سٺي فرينچ ٿي اچي. جيتري انگريزي مون کي اچي ٿي، اوهان ان کان بهتر فرينچ ٿا ڳالهايو. انڪري بهتر ٿيندو ته اوهان مون سان فرينچ ۾ ڳالهايو.“

فرانس ۾ عملي طرح معلوم ٿيو ته ٻوليءَ جي ڪيڏي نه اهميت آهي. هن ملڪ ۾ فرينچ کان سواءِ چاڙهو ئي ڪونهي. ڪوبه فرينچ، ڄاڻندي به انگريزي يا ٻي ٻولي نه ڳالهائيندو. چڱو جو ٿوري ٿوري فرينچ سکيل هوس. نه ته پئرس ۾ ڏاڍي مشڪل ۾ اچي وڃان ها.

ڪائونٽر واريءَ کا ڏس پڇي، ميٽرو ذريعي ريودي روولي پهتاسين، جتي ٽوئر ڪمپنيءَ جي آفيس هئي. اتي منجهند کان پوءِ وارو ’تاريخي پئرس‘ وارو ٽوئر بڪ ڪرائي، ڪئميرا جي رول وٺڻ لاءِ هڪ دڪان ۾ گهڙياسين، ته ڪائونٽر وارو، ٽيليفون تي سنڌي ڳالهائي رهيو هيو. خوشيءَ ۽ فخر سان من بود ۾ اچي ويو. مون قمر کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو. جڏهن هن گفتگو ختم ڪري ٽيليفون رکي ته مون يڪدم کيس سنڌيءَ ۾ چيو، ”ڪئميرا جو رول کپي.“

جيترو تعجب مونکي ۽ قمر کي هن جي سنڌي ڳالهائڻ تي ٿيو هيو، اوترو ئي هن کي ٿيو. خوشيءَ کان ٽڙندي هن چيو، ”سنڌي آهيو ڇا؟“

۽ پوءِ حال احوال ڏنا ورتاسين. هو مسٽر هاٿي راماڻي هو ۽ سندس ڪٽنب اصل شڪاپور مان لڏي پئرس آيو ۽ هو ٽن پيڙهين کان اتي ڌنڌو ٿا ڪن. بزنس ڏاڍو سٺو ٿو هلين، پر سنڌ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿن. هن پنهنجو وزٽنگ ڪارڊ ڏنو ۽ مون کانئس موڪلايو.

رودي روولي، پئرس جي تاريخي گهٽي آهي. ان جي بازار جي سڀني دڪانن آڏو، قديم طرز جو اڌ گول جي ونگن وارو ورانڊو آهي، جنهن تي گولن(Globe)    جا بتين جا شيڊ لڳل آهن. فرينچ به انگريزن وانگر قديم تهذيب کي قائم رکيو اچن ۽ ان سان هٿ چراند نه ڪن.

ريودي روولي تان پنڌ ڪندا، اچي پلاس دي ڪنڪارڊ (Place de Concord) تي پهتاسين. اهو شهر جو اهم چؤنڪ آهي، جنهن تي قديم مصري لکت سان پٿر(Qbelisque)  لڳل آهي ۽ ڀرسان ئي شاندار گنبذ واري عمارت انواليد (Les Invalides)  آهي. ان عمارت ۾ نپولين دفن ٿيل آهي.

منجهند کان پوءِ تاريخي پئرس وارو ٽوئر هو، وچ ۾ وقت خالي هو. انڪري جڳ مشهور ميوزيم لوُؤر (Louvre)  ڏسڻ جو خيال ڪيوسين.

سئن (Sienne)  نديءَ جي ڪناري، هي جڳ مشهور ميوزيم سڄيءَ دنيا جي ٽوئرسٽ، فنڪارن ۽ باذوق ماڻهن جو قبلو آهي، ڇو ته هن ميوزيم ۾، ٻين جڳ مشهور تصويرن سان گڏ، ليونارڊو ڊوانچي جو جڳ مشهور امر شاهڪار ’مونالزا‘ موجود آهي.

ميوزيم جي ٻاهران ماڻهن جو ميڙاڪو هو. (اسان وٽ اهڙو ميڙاڪو رڳو قبرن تي، ميلن جي وقت ٿيندو آهي.) هزارن جي تعداد ۾ ٽوئرسٽ آيا هئا. ڪلهي گس لڳي پيئي هئي. هن ميوزيم جي عمارت، شاهاڻي ۽ شان واري آهي ۽ قديم فن تعمير جو هڪ خوبصورت نمونو آهي. فرينچِ انقلاب کان اڳ، اها بادشاهن جي محلات هئي. فرينچ انقلاب دوران، بادشاهه جي سسي وڍي ويئي ۽ ان کان پوءِ ان عمارت کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو. (يورپ ۾ پوپ جو ذاتي رهائش گاهه به ميوزيم ٿي ويو. (روم ۾) ته بادشاهه جي محلات به ميوزيم (پئرس ۾ به.) هيءَ عمارت سن 1547ع ۾ اڏجڻ شروع ٿي ۽ 18 صديءَ تائين ان ۾ واڌارا ٿيندا رهيا ۽ ان ئي صديءَ ۾ مڪمل ٿي.

فرينچ انقلاب: اهو انقلاب سڄيءَ دنيا جي سوچ تي اثرانداز ٿيو. سڄيءَ دنيا جي سياست تي اثرانداز ٿيو. جمهوريت، آزاديءَ، سماجي ۽ اقتصادي انصاف ۽ اظهار جي آزاديءَ جا قدر، ان انقلاب کان پوءِ دنيا لاءِ انقلاب آفرين ثابت ٿيا.

نه رڳو سياست ۾، پر ادب ۾ به فرانس سڄيءَ دنيا کان اڳتي رهي. مختصر ڪهاڻيءَ ۾ بالزاڪ ۾ ۽ موپسان، شاعريءَ ۾ بودليئر ۽ مئلارمي، مصوريءَ ۾ پئبلوپڪاسو (جيڪو فرينچ نه هو، پر فرانس ۾ ئي ڪم ڪيائين).

موسيقي هجي يا ڊراما، فيشن هجي يا خوشبو (Perfume) ، فرانس سڄيءَ دنيا کان اڳتي رهي آهي. آزاد نظم جي اوسر فرانس ۾ ٿي. تجريدي مصوريءَ جي ارتقا ان سرزمين تي ٿي. جديد ترين فلسفي، وجوديت (Existentialism) جو جڳ مشهور فلاسفر، نقاد ۽ ڏاهو زان پال سارتري هن مٽيءَ مان نڪتو. اڄ فرانس ـــ ان رهنما ۽ رهبر فرانس، جي عظيم ترين ميوزيم لوور جي آڏو، سنڌ جو نماڻو شاعر، پنهنجي قمر سان بيٺو آهي.

فرانس تنهنجي ڌرتيءَ کي سلام. تنهنجي آسمان کي سلام، تنهنجي موپسان، موليئر، روسو، والٽيئر، بودليئر، مئلارمي، رامبو، پڪاسو، سينٽ جانپرس، سارتر سڀني کي سلام.

ميوزيم جي اندر وڃڻ واري در وٽ قطار لڳل هئي. پهرين سمجهيم ته هيءَ قطار ٽڪٽين لاءِ آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته هيءَ زرِ مبادله (Foriegn Exchange) جي دري آهي. مان به قطار ۾ بيهي رهيس ۽ ضرورت آهر ڊالر مٽائي فرانڪ ورتم. هتي ڪيڏي نه سهوليت آهي. ڪٿي به، ڪنهن به ملڪ جو سڪو مٽائي سگهو ٿا. بنا تڪليف ۽ وقت وڃائڻ جي. ڪٿان به ڪهڙيءَ جاءِ تي وڃڻ چاهجي. ٽرام، بس، ريل ٽئڪسي يا هوائي جهاز موجود، بنا رش ۽ دير جي. ڪٿي به ٽيليفون ڪرڻ چاهيو، سڏ پنڌ تي پبلڪ بوٿ هوندي، جتان ڊائريڪٽ ڊائلنگ تي يورپ توڙي آمريڪا سان سيڪنڊن ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو.

ميوزيم گهمڻ لاءِ هڪ گائيڊ جي بئچ تيار هئي. اسان ان سان شامل ٿي وياسين. پوءِ پهريون پهريون يوناني گئلري ڏٺي سين. سنگتراشيءَ جو جڳ مشهور مجسمو ’وينس‘(Venus)  اسان جي آڏو هو. وينس ـــ سونهن جي ديوي ـــ جنهن کي ڪنهن گمنام يوناني سنگتراش گهڙيو آهي. عورت جي جسم جو اهڙو خوبصورت تناسب، اڄ تائين ڪوبه مصور پيش نه ڪري سگهيو آهي. هر ليڪ ۾ موسيقي، هر موڙ ۾ ردم، هر انگ، هر زاويي کان حسين. سڌو، آڏو، هيٺان، مٿان ـــ مطلب ته هر زاويي کان هر انگ متناسب ۽ مترنم.

اٿينس 5 صديون ق.م ۾ تباهه ٿي.وينس جو هي بت يونان ۾ 14 صديءَ ۾ ٻن ٽڪرن ۾ لڌو ويو. ان جي هڪ ٻانهن ڀڳل آهي ۽ اهو ٽڪرو اڃا تائين نه لڌو آهي. هيءُ مجسمو فرانس جي بادشاهه لوئي 18 کي سوکڙيءَ طور ڏنو ويو.

لوور جي عجائب گهر جي هڪ ڪمري جي ڇت تي، موجوده دور جي مشهور فرانسيسي مصور براڪ (Braque)  جي چٽسالي ٿيل آهي. براڪ، پڪاسو کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي.

هڪ هال ۾ اهي تاريخي شيون رکيل آهن، جيڪي بادشاهن جي استعمال ۾ رهيون آهن. ڪيترائي سون جا ۽ هيرن جواهرن سان جڙيل تاج هئا، جيڪي ڪنهن وقت بادشاهن جي مٿي جي زينت هئا، اهي اڄ ماضيءَ جي تاريخ جي هڪ ورق جي صورت ۾، هن ميوزيم جي شوڪيس ۾ رکيل هئا. ان ۾ لوئي 15 جو تاج پڻ هو. گائيڊ ٻڌايو: فرانس جا ڪي بادشاهه اهڙا چور هئا، جو شاهي تاج مان اصلي هيرا ۽ جواهر ڪڍي، انهن جي جاءِ تي نقلي هڻائي ڇڏيا هيائون ۽ اصلي پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻي ڇڏيا هيائون.

سنگتراشيءَ جو هڪ ٻيو اهم مرقعو هو فتح (Victory) . ان مجسمي ۾ سنگ مرمر جي پٿر مان گهڙيل ڪپڙن جو هوا ۾ اڏامڻ جو تاثر، فنڪاريءَ جو ڪمال هو.

جارج لاتور جي 17 صديءَ ۾ شروع ڪيل فائونٽين بلو جون تصويرون ڏسندا، اچي موناليزا واري هال ۾ پهتاسين، جتي رئفئيل، ٽيٽن ۽ ٻين فنڪارن جا شاهڪار موجود هئا. ليونارڊو ڊوانچيءَ جي موناليزا، چنڊ وانگر انهن سڀني ستارن جي جوت جهڪي ڪري ڇڏي آهي. ليونارڊو ڊوانچي، جيڪو غير قانوني ٻار هو.

ليونارڊو ڊوانچي جو موناليزا ــ لازوال مرڪ، اڻ وسرندڙ تصوير. ان جهڙي موهيندڙ مرڪ، نه اڳ تخليق ٿي ۽ نه اڄ تائين صدين گذرڻ بعد تخليق ٿي آهي. هن پينٽنگ تي ڪئي ڪتاب لکيا ويا آهن. ان عورت جي اصليت متعلق ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گهڙيون ويون آهن. هر چاهيندڙ، پنهنجي محبوب جي مرڪ ۾ موناليزا جي مرڪ جو خواب ڏسندو آهي. معصوم، بي ساخته، روڪيل ۽حامله مرڪ. ان مرڪ جو ايڏيون ته تشبيهون ڏنيون ويو آهن، جو اها بذات خود هڪ تشبيهه بنجي ويئي آهي.


[1]  وان گوگ جي حياتيءَ تي ارونگ اسٽون ناول Hust for life  لکيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org