سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:12 

ان تصوير کي چورن چورائڻ چاهيو، نقالن ان جا انيڪ نقل ٺاهيا، پر اها ابدي مرڪ، جيڪا ڊوانچيءَ تخليق ڪئي آهي، هميشه لاءِ انسان ذات کي سڪون ڏيندي رهندي. انسان جي زخمن تي پهو رکندي رهندي. اها مرڪ نه رڳو موناليزا جي چپن تي آهي، پر ان جي اکين ۾ پڻ آهي.

ان تصوير جي ملهه جو ڪاٿو مِلين ڊالرن ۾ به ٿي نه ٿو سگهي. ان ۾ کيس سادا ڪپڙا پيل آهن ۽ هڪ زيور به نه اٿس، منڊي به نه. اها تصوير، ان وقت جي پورٽريٽن جي روايت خلافOutdoor  آهي. ان جي پسِ منظر ۾ کليل آسمان آهي، هن نادر تصوير کي مڪمل ٿيڻ ۾ پنج سال لڳا، پر وقفن سان.

لؤور کان ٻاهر اچي، فرانس جو ٿيئٽر (Theatre de France) ڏٺوسين، جيڪو اتان سڏ پنڌ تي آهي. رڳو ٻاهران عمارت کي ڏٺوسين. عمارت شاهاڻي شان واري آهي. ان ٿيئٽر ۾ اڃا تائين روزانو موليئر ۽ ٻين مشهور فرينچ ڊراما نگارن جا ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا آهن.

منجهند جي ماني هڪ ’سيلف سروس‘ ريستوران ۾ کائي، ٽوئر ڪمپنيءَ جي بس ۾ ’تاريخي پئرس‘ جي سئر تي نڪتاسين. پئرس ـــ صاف سٿرو ـــ سٺي ذوق وارن جو شهر ـــ نفيس ماڻهن جو شهر. گهٽيون سڌيون چونڪ تي گل. پر انهن گلن جي ترتيب انگلنڊ توڙي هالينڊ کان نرالي. اهڙيءَ ترتيب سان گل لڳايل، جو آڏو گلابي، وچ ۾ اڇا ۽ پريان نيرا ـــ ڄڻ ڪو غاليچو وڇايو پيو آهي.

رستن جي ٻنهي پاسي لڳل وڻن جون آڏيون ڦڏيون لامون ڪٽي، انهن کي سڌائيءَ ۾ بيهاريو ويو آهي. ٻوٽن کي ڇانگي، سهڻي بيهڪ ڏيندا آهن. اهڙي قسم جي باغن کي فرينچ باغ(French Garden)  چوندا آهن.

نارد Nord  جي چونڪ کان ٿيندا، لوور ميوزيم جي ٻاهرين قلعي نما ڀت ڏسندا، پئرس جي هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙياسين، جتي خاص پاريزن عمارتون هيون. انهن جي گرائونڊ فلور ۾ ونگ هئا. پهرئين فلور تي بالڪنيون هيون ۽ ٽيون فلور اوچائيءَ ۾ ٻنهي فلورن کان گهٽ هو. (پراڻيءَ ڪراچيءَ ۾ پڻ ڪي اهڙي قسم جون عمارتون نظر اينديون، جيڪي شايد پئرس جي فئشن تي ٺاهيون ويون آهن.)

ايتوال (Etoil)  ستاري وانگر، تيرهن شاهي رستن جي ملڻ جي جاءِ آهي. ان ستاري کان تيرهن مختلف ڏسن ۾  رستا نڪرن ۽ سڀ سڌا ئي سڌا وڃن. ايتوال تي بيٺي بيٺي، شهر جي تيرهين ئي رستن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته اها تعمير فوجي نڪته نظر کان اهم آهي، جو هڪ ئي هنڌ تان ٽئنڪن ۽ توپن ذريعي سڄي شهر کي ڪنٽرول ۾ آڻي ٿو سگهجي.

ايتوال (ستاري) وچ ۾ ’فتح جو ونگ- I’Arch de triumph) آهي.

فتح جو ونگ 10ــ1836ع ۾ ٺهيو ۽ پنجاهه فوٽ اوچو آهي، اتي اڻ ڄاتل سپاهيءَ جي مزار آهي جنهن تي چوويهه ڪلاڪ بتي ٻرندي رهندي آهي. ڀرسان ئي پلاس دي ڪنڪارد آهي، جتي قديم مصري يادگار obelisque لڳل آهي. اهو هڪ پٿر جو ڊگهو منارو آهي، جنهن تي مصري عبارت اُڪريل آهي. ڀرسان ئي ليزانو اليد (Les Invalide)  جي سهڻي، گول خوبصورت گنبذ واري شاندار عمارت آهي، جنهن ۾ نيپولين کي دفن ڪيو ويو آهي. ايتوال وٽان ٻين مشهور رستن سان گڏ، پئرس جي سڀ کان وڌيڪ فئشنيبل بازار شانزي ليزي (Champs elysee)  پڻ شروع ٿي ٿئي.

بس گهمائيندي، سئن نديءَ جي هڪ پراڻيءَ پل وٽ پهتي، جنهن کي پان نف (Pont Neuf)  يعني نئين پل چون. حالانڪ اها پل سنه 1604ــ 1578ع ۾ ٺهي ۽ اڄڪلهه پئرس جي پراڻي ۾ پراڻي پل آهي. پر نالو اهو ئي ”نئين پل“ اٿس. جيئن اسان وٽ خيرپور ۾ نئون ڳوٺ، سکر ۾ نئون سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ نوآباد سڀ پراڻا ۽ ڀُتا ٿي ويا آهن. پوءِ به ائين ئي سڏبا آهن ـــ (شل نالي مٽائڻ واريءَ هٿ چراند کان بچن.)

مشهور گرجا سئن شئپل (Saint Chappel)  سنه 1248ع ۾ ٺهي. اها سيتي (Cite)  ٻيٽ (جيڪو سئن نديءَ جو بکر آهي) ۾ رهندڙ بادشاهن جي گرجا هئي. ان کي هاڻي ميوزيم بنائي ڇڏيو اٿن.

اهوئي ”سيتي“ ٻيٽ آهي، جنهن ۾ ٻه هزار سال اڳ پئرس جنم ورتو. ان ٻيٽ ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا، اُهي ”پاريزي“ هئا، جنهن تان هن شهر تي پاريز نالو پيو، جيڪو پوءِ ”پئرس“ ٿيو. اڄ پئرس جي رهاڪن کي ’پاريزان‘ چوندا آهن. بس اچي ناتر دام (Notre Dam)  جي گرجا وٽ بيٺي. اسان بس مان لهي، ان جڳ مشهور گرجا کي ڏسڻ وياسين، ان گرجا متعلق ٺهيل فلم (Hunchback of Notre Dam)  سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي. هي دنيا جي پهرين گوٿڪ (Gothic)  چرچ آهي، جيڪا سنه 1225ع ۾ ٺهي. ناتر معنيٰ اسان جي، دئم معنيٰ عورت.

هيءَ گرجا، گوٿڪ عمارت سازيءَ جو قديم ۽ حسين نمونو آهي. در دريون اڌ گول ونگ جي بدران سوڙهي ڪنڊ جي ونگ وارا. درين جي شيشن ۾ ڪوبالٽ ڌاتوءَ جي آميزش سبب، انهن جو رنگ خوبصورت نيرو آهي.

ان گرجا واري سينٽ پيٽر جي گرجا وانگر، هن گرجا ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾  عورتن کي ڪلهن ڍڪڻ لاءِ چيو ويو.

گرجا کان موٽي، اسان سيئن نديءَ جي ڪناري تي، بس جي ڀرسان اچي بيٺاسين. جيسين سڀ ٽوئرسٽ جمع ٿين ۽ بس هلي. اسان سئن نديءَ ڏي ڏٺو ــ ’سئن، سنڌوءِ کان ڪهڙي ريت وڌيڪ حسين آهي؟‘ مون قمر کان پڇيو.

قمر چيو، ”سيئن نديءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو ڏس. سونهن انهن جي من ۾ آهي، سيئن نديءَ ۾ ناهي. هنن سيئن نديءَ جي ڪناري تي تعمير عمارتن، سيئن نديءَ ۾ ترندڙ ٻيڙين، ٻنهي ڪنارن تي توڙي ٻيٽ ۾ وسندڙ شهر کي خوبصورتي ۽ رونق ڏني آهي. اسان وٽ ساڌ ٻيلي جو حشر ڇا ٿيو. بکر ڪهڙي حال ۾ آهي. بندر روڊ ڪارين مينهن سان ڀريو پيو آهي. اسان پاڻ مير واهه جي ڪناري تي رهون ٿا، ان تي ڪيڏي دز ڌوڙ آهي.“

بس اڳتي وڌي. گائيڊ ٻڌايو: اسان لئٽن ڪواٽر پهتا آهيون. منهنجا طاق لڳي ويا. پئرس جا لئٽن ڪواٽر ٻڌا ته هئم، اڄ اکين سان ڏٺم. پئرس ۾ ۽ لئٽن ڪواٽر؟ هيءُ فرينچ، جيڪي فرينچ کان سواءِ ٻي ٻولي ڳالهائڻ ته ٺهيو، پر ٻڌڻ به پسند نه ڪن، اهي پنهنجي شهر ۾ لاطيني ٻوليءَ جي نالي ڪواٽر ڪيئن ٿا برداشت ڪن. گائيڊ اها مشڪل آسان ڪئي. ٻڌايائين: ”هتي جڳ مشهور سوربون (Sorbonne)  يونيورسٽي 13 صدي عيسويءَ ڪري ۾ ٺهي. ان وقت جي رواج موجب تعليم جو ذريعو لاطيني ٻولي ئي هئي. ان ڪري هن ايراضيءَ جو نالو لئٽن ڪواٽر پيو، جو اتي يونيورسٽي جا استاد ۽ شاگرد رهندا هئا، پر پوءِ 16 صديءَ ۾ فرينچ تعليمي زبان ٿي ۽ لئٽن ختم ڪئي ويئي.

ان ڳالهه تي مون کي اڃا به گهڻو عجب لڳو. لئٽن (لاطيني) ٻولي ته ختم ٿي ويئي، پر تنهن هوندي به فرينچن انهيءَ ايراضيءَ جو نالو مٽائي ’فرينچ ڪواٽر‘ نه ڪيو. ڪمال آهي ان قوم جو ـــ سلام آهي ان قوم کي. هو تاريخ سان هٿ چراند نه ٿا ڪن. جي هو ان ايراضيءَ جو نالو مٽائي ’فرينچ ڪواٽر‘ رکن ها ته اها ڳالهه تاريخ مان ڊهي وڃي ها ڇا، ته، 6 صديءَ کان اڳ فرانس ۾ لاطيني ٻولي تعليم جو ذريعو هئي.

اسان نيپئر روڊ، فريئر روڊ، برنس روڊ، مئڪلوڊ روڊ جو نالو مٽائي ڇڏيو. اسان وٽ فريئر گارڊن جو نالو مٽايو ويو. گانڌي گارڊن کي مسلمان ڪيو ويو. ڇا تاريخ جون اڻ مٽجندڙ ليڪون ڊهي ويون؟ ڇا اسان انگريزن جو دور حڪومت تاريخ مان پٽي ڪڍي ڇڏيو؟

زنده قومون، بهادر قومون احساس ڪمتريءَ کان ٻاهر قومون ئي تاريخ جي تلخ حقيقتن سان اکيون ملائي سگهنديون آهن. هلڪڙيون، ٽرڙيون، احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل قومون، تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پنهنجا پول پڌرا ڪري ڇڏينديون آهن.

جي اسان نيپئر روڊ جو نالو مٽايو ته ڇا اها حقيقت ڊهي ويندي ته سرچارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي هئي؟ جي فريئر روڊ، فريئر هال ۽ فريئر گارڊن جو نالو مٽايو سين ته، ڇا سربارٽل فريئر جي سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن تي هميشه لاءِ پردو وجهي سگهنداسين؟ جي سيتا، جيمس آباد، جيڪب آباد جا نالا مٽائينداسين ته ڇا انگريزن ۽ هندن کي سنڌ جي تاريخ مان هميشه جي نيڪالي ملي ويندي؟ کڳي مان ڪو يقين شاهه ٿيو آهي. ايمڻان مان ڪڏهن تيل نڪتو آهي؟

لگزمبرو گارڊن، هڪ خاص فرينچ طرز جو باغ آهي. هن باغ جي سٽاءَ، سونهن، وڻڻ ۽ گلن جي ترتيب، وڻن ۽ ٻوٽن کي ڪٽي، ڇانگي، سهڻي بيهڪ ڏيڻ ۾ فرينچن ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ڇٻر چهچ سائي، غاليچي کان به وڌيڪ لسي ۽ نرم، گول، بيضوي ۽ مخروطي وڻن جون قطارون. (اسان وٽ مشرق ۾ شاعرن سرو، شمشاد ۽ صنوبر جي بيهڪ ۽ قامت تي دفتر لکيا آهن، پر هتان جي وڻن پئن (پائين) پيويليئر (پاپليئر) سيسن (اوڪ) ايترا (بيچ) سائپن (فر) مان هر هڪ جي نرالي بيهڪ ۽ شڪل آهي)

فرانس جي مشهور فنڪار بختولتي جو جڳ مشهور ’آزاديءَ جو پتلو‘ آمريڪا ۾ آهي. ان ساڳئي فنڪار، ساڳيوئي ’آزاديءَ جو پتلو‘ ننڍيءَ سائيز ۾ ٺاهيو آهي، جيڪو هتي هڪ باغ ۾ آهي. لئٽن ڪوارٽر جي ريوبانا پارٽ ۾ ٻه ڪيفي آهن. ڪيفي فلور ۽ ڪيفي ڊيو مئگو (Deux Magot) آهي. ٻئي ڪيفي، فرانس جي شاعرن اديبن ۽ انٽليڪچوئل جو اڏو آهن. جڳ مشهور ڏاهو، اديب ۽ فلاسفر زان پال سارتري، انهن ڪيفن تي ويهندو آهي.

سارتر، جنهن لاءِ ڊي گال چيو، ”سارتر به ته فرانس آهي.“ سارتر، جيڪو آلجيريا جي قوم پرستن جي حق ۾ ۽ پنهنجيءَ قوم جي خلاف لکندو رهيو ۽ جدوجهد ڪندو رهيو، ان جي موٽ ۾، سندس ئي قوم جي انتهاپسندن مٿس خوني حملا ڪيا. هن کي نوبل پرائيز مليو، جيڪو هن ٺڪرائي ڇڏيو، جڏهن اسان پئرس ۾ هئاسين، ته هو زنده هيو. خبر هجي ها ته ايترو جلدي مري ويندو،. ته ملاقات نه سهي، دور کان ديدار ئي ڪيون ها. سارتري جي شهر ۾، سندس ئي گهٽيءَ ۾ ۽ سندس ئي ڪيفي تائين آياسين، پر هن صديءَ جي عظيم شخصيت جي ديدارکان محروم رهجي وياسين. وقت واريءَ وانگر هٿن جي وٿين مان وهي ويو.

ان ريوبانا پارٽ ۾ قديم شين (Antique)  جا دڪان آهن، جتي سڄيءَ دنيا جون قديم ۽ نادر شيون وڪرو ٿينديون آهن.

لئٽن ڪواٽر ۾، سئن نديءَ جي ڪناري، قديم ڪتابن جا دڪان پڻ آهن.

بس لطيف فنن جي ائڪيڊميءَ کان ٿيندي، اچي هڪ ٻئي فتح جي ونگ وٽ بيٺي. اهو فتح جو ونگ، 1808ع ۾ ٺهرايو ويو ۽ ايتوال جي فتح جي ونگ جي بلڪل سڌائيءَ ۾ آهي. هن ونگ هيٺان بيهي، ايتوال وارو ونگ ڏسي سگهجي ٿو. گائيڊ ٻڌايو ته انهن ٻنهي ونگن جي وچ ۾ هڪ محلات هئي ۽ رستي کي موڙ هيو. ان محلات کي ڊاهي، رستو سڌو ڪيو ويو، جيئن ٻئي ونگ هڪ ٻئي جي سامهون نظر اچن.

موليئر جو ڪاميڊي ٿيئٽر ڏسندا، واپس هوٽل پهچي وياسين ـــ موٽندي، هوٽل جي هيٺان واري مارڪيٽ مان هڪ گدرو ورتوسين. گدرو ڏاڍو مهانگو هيو، پر جڏهن مٿي هوٽل ۾ ان کي ڪَٽي کاڌوسين، ته پڇتاءُ ٿيو  ته اهڙا ٻه ٽي گدرا ڇو نه ورتاسين. ايڏو لذيذ ۽ مٺو گدرو اسان عمر ۾ نه کاڌو.

پئرس جي ان لذيذ گدري جي حسب نسب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اهو اسرائيل کان آيل آهي.

يا بني اسرائيل الذڪر و نعمتي التي......

پوءِ خبر پيئي ته اتي رکيل ننڍي سائيز واري لذيذ ۽ مٺن هنداڻن جو شجرو به اسرائيل سان ٿو ملي. انهن هنداڻن جي باري ۾ اسانجي ملڪ ۾ چوندا آهن ته انهن جو ٻج مديني پاڪ مان آيو آهي. انڪري ان جنس جو نالو ئي ’مدني‘ رکيو اٿائون.

مان دم بخود رهجي ويس، سڀ نعمتون اسرائيلين کي.....!

گل پهينکي هين اورون کي طرف اور ثمر بهي

اي خانه برانداز چمن کچهه تو ادهر بهي

۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾، زراعت جي ماهرن ٻڌايو ته اسرائيل زراعت ۾ ايڏو ته اڳتي آهي، جو سڄيءَ دنيا جي رهبري ٿو ڪري. خود پاڪستان مان، زراعت جا ماهر اتي ٽريننگ وٺڻ ويندا آهن.

ان مارڪيٽ جي باري ۾ ٻي اهم ڳالهه: فروٽ ۾ ڀاڄين جي دڪانن وٽ، هڪ انڌو فقير، ڪرسيءَ تي، ڪاري عينڪ پائي، اڪارڊين وڄائيندو هو ۽ ماڻهو سندس ڀر ۾ پيل پيالي ۾ سڪا وجهندا هئا. اسان به ڪڏهن ڪڏهن کيس خيرات ڏيندا هئاسين.

هڪ ڏينهن اتان لنگهندي، سندس ڪرسي خالي ڏٺي سين. اسان کي عجب لڳو ته هو ڪاڏي هليو ويو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته سامهون هو لڪڻ تي هلندو نظر آيو. کانئس خوش خير عافيت بعد پڇيوسين، ”ڇو اڄ پنهنجي جاءِ تي موجود نه هئين.“ هن مرڪي چيو، ”توهان کي خبر نه آهي ته اڄ آچر آهي. موڪل جو ڏينهن آهي.“ سو يورپ ۾، آچر ڏينهن، فقير به پنڻ جي موڪل ڪندا آهن. اسان وٽ ته جمعي، عيد ۽ ٻين موڪلن تي فقيرن جي ويتر ٻيگهي مچندي آهي.

اهو پهريون ۽ آخري فقير هو، جيڪو اسان پئرس ۾ ڏٺو. گدرو کائي، قمر ننڊاکڙي ٿي، ليٽي پيئي ۽ مان هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ويهي رهيس.

پئرس ۽ تنوير ـــ عجب!

سامهون هڪ وڏي بلڊنگ هئي. ان جي ڪن ڪن فلئٽن ۾ اڃا روشني هئي. اونداهيون ۽ روشن دريون ڪنهن آڏ اکريءَ ڳجهارت (Cross Word Puzzle) وانگر پئي لڳيون. هيٺ ڪا ڪلب هئي، جتان مردن ۽ عورتن جي مليل جليل ٽهڪن جا آواز پئي آيا. ٿوريءَ دير کان پوءِ تيز لئه واري موسيقي شروع ٿي ۽ ڳائڻ جو آواز آيو. ٽهڪن توڙي راڳ ۾ ائين پئي لڳو ته مردن ۽ عورتن جو آواز هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ وٺي، ناچ ڪري رهيو آهي.

يورپ ۾، هر گس تي، هر موڙ تي، مرد ۽ عورت گڏ آهن. هڪ ٻئي سان هٿ هٿ ۾ ملايو هلن. اسان وٽ مرداني ڪچهري ڌار ته زناني حويلي ڌار ـــ ٻنهي ۾ گنديون ڳالهيون هلن. پر جي هتي وانگر پنهنجون پرايون عورتون موجود هجن، ته موضوع سنجيده، شائسته ۽ مذهب هجن.

رات جو دير تائين بالڪنيءَ ۾ ويٺو رهيس. فلئٽن جون بتيون، هڪ هڪ ٿي وسامنديون رهيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اپسرا دريءَ مان جهاتي ٿي پاتي. ڪڏهن ڪو جوڙو ڀاڪر پائي، بالڪنيءَ ۾ نڪري آيو. مان رات جو دير تائين انهن پرانهن آوازن ۽ موسيقي جي ڪمپنيءَ جي سهاري ويٺو رهيس، ايستائين جو ستارا ڪپهه جي پوڻين وانگر نظر اچڻ لڳا. فلئٽن جون روشنيون ڌڙڪڻ لڳيون ۽ مون کي ننڊ اچڻ لڳي.

صبح جو مون ۽ قمر فيصلو ڪيو ته پئرس ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ گذارجي. ناشتو ڪري، هوٽل واري کان پڇيوسين ته ڪمرو هڪ وڌيڪ ڏينهن لاءِ ملي سگهندو؟ هن پنهنجا ڪتاب ڏسي هائوڪار ڪئي. اسان هن کان ايئر فرانس جي آفيس جي پڇا ڪئي، جيئن هڪ ڏينهن پوءِ واري فلائيٽ بڪ ڪرايو. هن چيو، ”ايئر فرانس جي آفيس، هتي ئي، سامهون شانزي ليزي ۾ آهي.“

”شانزي ليزي هتان ويجهي آهي؟“ مون عجب مان پڇيو. چيائين، ”هائو، ايتوال کان ئي ته شانزي ليزي شروع ٿي ٿئي.“

۽ مونکي پاڻ تي عجب، ڏک، ڪاوڙ، سڀ ڪجهه محسوس ٿيو. اجايو شانزي ليزي وڃڻ لاءِ ميترو تي چڙهندا هئاسين. پوءِ قمر ۽ مان پنڌ پياسين. واقعي ايتوال کان پوءِ شانزي ليزي شروع ٿي. اهو پنڌ مشڪل سان پنجن منٽن جو هو. ايئر فرانس کان اڏام هڪ ڏينهن پوئتي ڪرائي، قمر جي شاپنگ جو شور پورو ڪري، ٿورو ٿڪجي اچي، هڪ فوٽ پاٿ واريءَ ڪيفي تي ويٺاسين. ڪاليج جي زماني ۾، امتحان ويجها هوندا هئا، ته رات جو دير تائين پڙهي، مان ۽ علي گوهر لغاري، انهن ’ڪيفي ڊي فٽ پاٿ‘ تي چانهه پيئڻ ايندا هئاسين. حيدرآباد ۾، ٻين هوٽلن جي مقابلي ۾ اهي سسستيون هونديون هيون. شانزي ليزي جي ان ڪيفي تي ويهندي، مونکي حيدرآباد واريون ’ڪيفي ڊي فٽ پاٿ‘ ياد آيون.

پئرس يورپ جو مهانگو شهر آهي، ته شانزي ليزي، پئرس جي مهانگي ۾ مهانگي گهٽي. قمر هڪ نفيس ۽ قيمتي ساڙهي ورتي هئي. مون هن فٽ پاٿ واريءَ ڪيفي کي انڪري چونڊيو هيو، جو سوچيو هيم ته اها سستي هوندي (انڪري ئي اگهن وارو بورڊ نه پڙهيم.) سڄي ڪيفي کچا کچ ڀريل هئي. ويٺلن جون ڪرسيون رستي جي ويندڙ ٽرئفڪ جي طرف هيون ۽ سڀ، ٽرئفڪ ڏي منهن ڪري، خالي ٽيبل وڃي والاري. مون فرينچ جي ’مهارت‘ ڏيکاريندي آرڊر ڏنو ۽ ٿوري دير ٿڪ ڀڃي، قمر سان ڳالهيون ڪندي، ٽرئفڪ جو نظارو ڪندو رهيس.

قمر پنهنجو جوس جو گلاس ختم ڪري چيو، ”هلو.“ مون بئري کي فرينچ ۾ چيو  Garcon – L’addition  (ڇوڪرا ــ بل) فرينچ ۾ بئري کي اسان وانگر ’ڇوڪرا‘ (Garcon)  ڪري سڏ ڪن.)

هن جو بل ڏسي حيرت ۾ اچي ويس. حساب لڳايم ته اسانجا پنجهتر رپيا ته واهه جا ٿيندا. ان کان سواءِ ’ڇوڪري‘ (Garcon)  جي ڏهه سيڪڙو Pour boire  (پيئڻ لاءِ) ملائي اسيءَ کان مٿي رپيا ٿي ويا. (فرينچ بخشش، خرچيءَ يا ٽپ کي چون ’پيئڻ لاءِ‘ مطلب اهو ته ان جي خرچيءَ مان ڪجهه پي وڃي عيش ڪر.)

بهرحال بل ڀري، منجهند جي مانيءَ لاءِ اهڙيءَ هوٽل جي تاڙ ۾ نڪتاسين، جتي ايتري مهانگي ماني نه هجي. ايتوال جي ڀرسان ئي هڪ سيلف سروس ريستوران ملي، هر ريستوران جي در تي قيمتن جي لسٽ لڳل هوندي آهي. (فرينچ نالا مان به پڙهي ٿي سگهيس.) انڪري اهو مسئلو نه هوندو آهي ته هتي ڪيترو خرچ ايندو. سيلف سروس ريستوران جو اهو به فائدو آهي ته ڊسَ سامهون پئي آهي، اوهان ڏسي سگهو ٿا ته ڪڪڙا آهي يا مڇي. پاڻ کڻي ٽري ۾ وجهي، ٽيبل تي کڻي اچي کائو ـــ اها نوبت نه ٿي اچي جو ڪڪڙ گهرائڻ لاءِ ٻانگون ڏيڻيون پون ۽ بيدي گهرائڻ لاءِ ڪاڪرائڻو پوي.

رات کان، منهنجي هؤڙ ۾ سور پيو هو، جيڪو هن وقت تائين ڏاڍو وڌي رهيو هيو. انڪري، مون فقط مٺو ۽ فرينچ مشروب کنيو. قمر پنهنجي لاءِ ڪڪڙ چونڊيون. ماني کائي، جڏهن ڪائونٽر تي بل ڏيڻ وياسين ته ڪائونٽر واري ڇوڪري عجب ۾ پئجي ويئي، چيائين، ”ٻه ڄڻا آهيو ۽ ڪڪڙ جي فقط هڪ پليٽ. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“

مون ڀڳل ٽٽل فرينچ ۾ سمجهايس ته ”هوڙ ۾ سور آهي، انڪري ڪڪڙ کائي نه ٿو سگهان.“

هوءَ وڃي هڪ همراهه کي وٺي آئي ۽ ان کي سڄي ڳالهه ٻڌايائين ته “Monsieur ne manage pas poulet.”  ان همراهه به  عجب مان اهو جملو دهرايو،”مسيو نه ماج پا پُولي.“ (يعني مسٽر (صاحب) ڪڪڙ نه ٿو کائي.)

پوءِ ته قمر چيڙ ٺاهي ڇڏي. گهڙيءَ گهڙيءَ پئي چوي، ”مُسيو نه مانج پا پُولي.“

ماني کائي، ٿورو آرام ڪري، ايفل ٽاور گهمڻ لاءِ سنبرياسين.

ميترو اسٽيشن تي پهتاسين ته بڪنگ آفيس بند هئي. سڀ ماڻهو آٽوميٽڪ مشين مان ٽڪيٽون ڪڍي رهيا هئا. اسان ٻن ٽڪيٽن جا پئسا وڌا. ته ٽڪيٽون نه نڪتيون. الٽو پئسا واپس نڪري آيا. هڪ ٻه ٻيا ٽوئرسٽ آيا (شايد آمريڪن هئا) انهن سان به ساڳي حالت ٿي. بڪنگ آفيس بند ٿي ويئي هئي، پر اتي هڪ ڇوڪري اڃا موجود هئي ۽ لنچ بريڪ ڪرڻ لاءِ ٽپڙ سهيڙي رهي هئي. قمر کانئس مدد وٺڻ لاءِ ويئي. هن ’بند‘ واري بورڊ ڏي اشارن ۾ چيو، ”منهنجو وقت ختم ٿي ويو آهي، مان ڪابه مدد نه ٿي ڪري سگهان.“

قمر کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. مون کيس ٿڌو ڪري وري مشين وٽ آندو.

هڪ آمريڪن سياح پئسا وڌا ۽ ٽڪيٽن جو هڪ ڪتاب نڪري آيو. هن چيو ته آٽوميٽڪ مشين مان رڳو ٽڪيٽين جو ڪتاب ئي نڪرندو آهي. هڪ يا ٻه ٽڪيٽون نه اينديون آهن. (جيئن انگلنڊ ۾ ٿيندو آهي.) هن هڪ ٽڪيٽ ڪتاب مان ڦاڙي، باقي ٽڪيٽون ڦٽي ٿي ڪيون ته اسان چيس، ”اهي ٽڪيٽون ڦٽيون ڇو ٿو ڪرين. اسان کي ڏي.“ پوءِ اسان ۽ اسان وانگر منجهيل ٻين سياحن کائنس اهي ٽڪيٽون خريد ڪيون. ان وقت اسان ڏٺو ته بڪنگ آفيس واري ڇوڪري ٽپڙ سهيڙي چڪي هئي ۽ وڃي رهي هئي. قمر ان کي ڏسي چيو ، ”جي هيءَ ڇوري اها ڳالهه سمجهائي ها ته ڪهڙو ٻرو چڙهيس ها.“

ايفل ٽاور ۽ پئرس ـــ لازم ۽ ملزم ٿي ويا آهن. هيءُ 306 ميٽر ڊگهو فولادي منارو 1887ع کان 1889ع ۾ ٺهيو. هن مناري جا ٽي طبقا آهن. مٿي وڃڻ لاءِ لفٽ آهي، پر اها عمودي ڪونهي، ڇو ته ايفل ٽاور هيٺ بنياد وٽ ويڪرو ۽ مٿي سوڙهو آهي، ان ڪري ان جا پاوا ڪجهه لڙيل آهن. ان سبب جي ڪري، لفٽ به سڌي مٿي نه ٿي وڃي، پر ڪجهه لاڙو ڪري، ٿي وڃي.

مٿي ٽي طبقا آهن، جن تي ڪيفي ۽ يادگارن (Souvenir)  جا دڪان آهن. ٽاور تان پئرس شهر جو سهڻو منظر ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سئن ندي، انواليد، ٻئي فتح جا رنگ، لؤور جي عمارت، مطلب ته هر خوبصورت ۽ اهم عمارت ان ٽاور تان نظر اچي. شام جو شانزي ليزي جو چڪر هنيوسين. 17 جولاءِ فرينچن جو قومي ڏينهن هيو. ان شام، شانزي ليزي تي هشام ماڻهن جا ـــ آتشبازي ـــ رنگ برنگي روشنيون ــ ’اڻ ڄِاتي‘ سپاهيءَ جي مزار تي گلن جا انبار ـــ ائين پئي لڳو ته هي جشن سرڪاري نه، پر عوامي هو ـــ هر فرينچ ان ۾ جذباتي توڙي ذهني طور شامل هو.

ٻئي ڏينهن اٿينس جي اڏام هئي. نيرن ڪري، اچي گاردي نادر اسٽيشن تي پهتاسين. پئرس کي خدا حافظ نه، پر Au Revoir چيوسين. لاڪر مان سامان کڻي، ريل تي چڙهي، اچي شادي گو (فرينچ چارس ڊي گال جو اچار ائين ڪن) ايئر پورٽ تي پهتاسين. اهو ايئر پورٽ دنيا جي خوبصورت ترين ايئر پورٽن مان آهي. گولائيءَ تي ٺهيل آهي، ڊيوٽي فري دڪان آهن، پر انهن تي رکيل شيون لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ وڌيڪ سستيون ٿي مليون.  پڪچر ڪارڊ پئرس مان ورتا هياسين، اهي ٻارن کي ايئر پورٽ جي پوسٽ آفيس مان پوسٽ ڪياسين. ان بعد، جهاز جي انتظام ۾ ڊيوٽي فري دڪانن جا چڪر لڳائي، ڪيفي ۾ ڪجهه کائي پي، اميگريشن ۽ ڪسٽم مان واندا ٿي، ڊپارچر لائونج تائين پنڌ نه، پر سامان سوڌو هلندڙ پٽي تي بيهي آياسين.

ڊپارچر لائونج عالي شان، خوبصورت، صاف سٿرو هو. ايئر فرانس جي جهاز ٽيڪ آف ڪيو، ته مون اٿينس جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو.

اٿــيــنــس

 

يونان جي سرزمين تي هيءُ ٻيو ڀيرو قدم رکيوسين. يورپ جو پهريون سج به اٿينس جي ايئرپورٽ تي اڀريو هيو.

رات جو دير سان اٿينس پهتاسين. اميگريشن وارن ٻين سڀني کي ڇڏي ڏنو، رڳو اسان ٻنهي (مون ۽ قمر) ۽ هڪ ٻئي پاڪستانيءَ کي الڳ بيهاري ڇڏيو. جڏهن سڄي قطار ختم ٿي ته اميگريشن آفيسر نهايت باريڪ بينيءَ سان اسان جا ڪاغذ چيڪ ڪيا ۽ پوءِ آڏي پڇا شروع ڪيائون، ”گهڻا ڏينهن رهندؤ. گهڻا پئسا اٿوَ؟“ جڏهن اسان هن کي هر طرح مطمئن ڪيو ته هن ڀٽي جي موت جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اسان قسم کڻي جند ڇڏائي، ته ان ڳالهه ۾ اسانجو ذرو به هٿ نه آهي، پوءِ مون تاريخ جا ياد ڪيل سبق دهرايا ته سڪندر اعظم مهرباني ڪري اسان تي حملو ڪيو هيو ۽ سندس جرنل به سنڌ ۾ رهيو، تڏهن مس مس جند ڇڏيائين.

ايئر پورٽ تان ڊالرن جا ’درام‘ مٽائي، ٽوئرسٽ انفرميشن واري ڪائونٽر تي آياسين ۽ اتان هوٽل بڪ ڪرائڻ واري ڪائونٽر تي آياسين ۽ اتان هوٽل بڪ ڪرائي ڇڏيوسين. ڪائونٽر واري چيو ته هوٽل جو ڪمرو صبح جو ستين وڳي خالي ٿيندو. هن وقت ٽئڪسي به گهڻا پئسا وٺندي. انڪري صبح جو ڇهين واريءَ بس ۾ وڃو ته بهتر ٿيندو. ان وقت رات جو ڏيڍ ٿيو هيو. مون سوچيو سامان لاڪر ۾ رکائيندي ٻه اڍائي ٿي ويندا. انڪري مون کي سندس صلاح ۾ سياڻپ نظر آئي.

لائونج ۾ ئي، صوفن تي ڊگها ٿي، سمهي رهياسين.

صبح جي پهرئين ڪرڻي سان بس آئي. مون ٻاهر نهاريو، اٿينس جو صبح چمڪي رهيو هيو. اٿينس ـــ جنهن اونداهي دؤر ۾ جڳ کي روشني ڏني هئي، جتي سقراط سچ تان صدقي ٿيو. ان اٿينس ۾ اڄ اسان جو صبح ٿيو هو.

بس ۾ چڙهي، شهر ڏانهن روانا ٿياسين. قمر شهر جو نمونو ڏسي چيو، ”هيءَ جهڙي ڪراچيءَ جي ناظم آباد.“

واقعي لڳو به ائين پئي. ٻه ماڙ، ننڍا ۽ خوبصورت بنگلا، هوٽل لنڊن پئرس توڙي ائمسٽرڊام وارين هوٽلن کان ٻيڻو ڪشادو، ته ڪرايو انهن سڀني کان گهٽ.

رات جو اوجاڳو هيو، منجهند تائين هوٽل ۾ آرام ڪيوسين، منجهند جو ٻاهر نڪتاسين ته، امونئا چوڪ وٽان ئي ٽوئر ڪپمنيءَ جي بس کنيو ۽ شهر جو چڪر هڻايائين.

اٿينس به روم وانگر آهي، هتي به ماضي ۽ حال هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٿا هلن. هزارين سال پراڻا آثار به آهن ته جديد عمارتون پڻ. هتان جو زويس جو مندر وڏي ۾ وڏي مندر آهي. هتي هيروڊيٽس جو ٿيئٽر آهي.

اٿينس ۾، روز سج لٿي مهل، آواز ۽ روشنيءَ جو ڏيک (Light and sound Show) ٿئي. هڪ ٽڪريءَ تي ڪرسيون رکيون آهن. جنهن جي سامهون واريءَ ٽڪريءَ تي اٿيس جي قديم شهر جا آثار آهن، انهن کي ائڪرو پوليس (Acropolis)  چون. ائڪرو معنيٰ مٿاهون، پوليس معنيٰ شهر. اٿينس جا قديم آثار مٿاهينءَ ٽڪريءَ تي آهن، ان ڪري انهن جو نالو ائڪرو پوليس رکيو اٿائون.

هزارن جي تعداد ۾ ٽوئرسٽ، ان اڻ سينگاريل ٽڪريءَ تي پيل ڪرسين تي ويهجي ويندا آهن ۽ رات ٿيڻ سان شو شروع ٿيندو آهي. قديم شهر جي آثارن تي، مختلف زاوين کان، مختلف قسم جي رنگن جي روشني وڌي ويندي آهي ۽ ٽڪرين ۾ لڪل لائوڊ اسپيڪرن مان آواز ايندو آهي، ڪڏهن ويجهو، ڪڏهن پري، ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ته ڪڏهن اڳيان ته ڪڏهن پوئتان. انهن لائوڊ اسپيڪرن مان اٿينس پنهنجي تاريخ ٻڌائيندي آهي. آواز واقعن جي تاثر آهر ويجهو يا پري، يا زورائتو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ قديم آثارن تي روشنيون پونديون آهن. اهڙيءَ ريت، جيئن ڪهاڻيءَ جي ٽاڻن ۽ ماڳن ۾ بيان ٿيندو ويندو آهي. روشنيءَ جي رنگ ۽ زاوين جي تبديلي، آواز جي لاهه ۽ چاڙهه سان اهڙو جادو جاڳي پوندو آهي، جو ائين لڳندو آهي ته سچ پچ اٿينس پنهنجي تاريخ دهرائي رهي آهي.

اهو شو ڏيڍ ڪلاڪ کن هلندو آهي. ان جي شروعات هينءَ ٿيندي:

“I am Athens, O truth seekers of world, come to me.”

(”مان اٿينس آهيان. او دنيا ڀر جا سچ جا متلاشيو، مون ڏانهن اچو.“)

پوءِ اٿينس جي تعمير جو ذڪر ٿيندو آهي. 4800ق.م ۾ بازنطينين جي هٿان اٿينس جي تباهه ٿيڻ جو بيان ٿيندو آهي. ان وقت گهوڙن جي ٽاپن جا آواز ايندا آهن. ”هنن اٿينس کي باهه ڏني.“ لائوڊ اسپيڪر تي ان جملي جي اچڻ سان ئي ائڪرو پوليس تي ڳاڙهي روشني وڌي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ اٿينس ٻري رهي آهي.

ان بعد، عظيم انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪٽ، پيريڪلس جو آٿت ڏيندڙ آواز گونجندو آهي، ”مان اٿينس جي ٻهير تعمير ڪندس.“

(هن 423ق.م تائين اٿينس جي ٻيهر تعمير ڪئي. ان جا سنگ مرمر جا مندر، ٻيهر ٺاهيا. اٿينس جي عظمت وري موٽي آئي.)

اٿينس وارن ان شور جي ذريعي، سڄيءَ دنيا کي پنهنجي تاريخ جي عظمت کان واقف ڪيو آهي.

ڇا، سنڌ ۾ مڪليءَ، موهن جي دڙي، ڪوٽ ڏيجيءَ يا رني ڪوٽ تي اهڙو شو نه ٿو ڪري سگهجي؟

رات جو پروگرام هو. ’اٿينس باءِ نائيٽ‘ ان لاءِ مون اهڙي نائيٽ ڪلب جو انتخاب ڪيو هيو، جنهن ۾ اٿينس جي روايتي موسيقي، ناچ ۽ ڊنر هئي. ٽوئرسٽ بس هڪ ڪشادي رستي تي لاٿو. گائيڊ اڳيان ۽ اسان ۽ ٻيا گروپ جا ٽوئرسٽ پٺيان. سنهين، اونداهين، ورن وڪڙن وارين گهٽين مان ٿيندا، هڪ تمام تنگ گهٽيءَ ۾ اچي پهتاسين. اهو حال ڏسي مونکي حيدرآباد جون گهٽيون ياد آيون. هوبهو اهڙيون ئي تنگ، تاريڪ، ورن وڪڙن واريون، منجهائيندڙ گهٽيون. فرق رڳو اهو هو، ته اٿينس جي گهٽين ۾، درن وٽ، سينگاريل عورتون ويٺل نه هيون.

گائيڊ آخر ۾ هڪ پراڻي طرز جي عمارت وٽ وٺي آيو ۽ ان جي ڏاڪڻ چڙهڻ شروع ڪيائين. گائيڊ اڳيان، اسان ۽ گروپ جا ٻيا ٽوئرسٽ پٺيان، وياسين ڏاڪڻين تي ڏاڪڻيون چڙهندا، اتانهيون ۽ اُڀيون ڏاڪڻيون. هڪ هڪ ڏاڪو فٽ کن ته واهه جو اوچو هوندو ۽ وري سوڙهيون، اونداهيون ۽ ورن وڪڙن واريون، غزل جي روايتي معشوق جي وارن وانگر، هڪ يا ٻه نه، پر چار ماڙيون چڙهڻيون پيون. منهنجو ته ساهه نه هيٺ نه مٿي. سهڪو (Dyspnea) ٿي پيو. قمر جي حالت مون کان ابتر هئي، سهڪندا سهڪندا، پنهنجي قسمت کي پٽيندا، اچي ڇت (Terrace)  تي پهتاسين. اهو پاڙو ـــ اها عمارت، اهي ڏاڪڻيون ڏسي، مون خيال ڪيو ته منهنجي چونڊ غلط آهي. يونان جي روايتي موسيقي ۽ ناچ جي هن واهيات قسم جي ماحول ۾ ڪهڙي خبر پوندي، پر ڇت تي پهچندي سڀ ٿڪ ئي لهي ويا. ڪرسيون ۽ ميزون سليقي سان سينگاريل هيون.

ناچ شروع ٿيا. موسيقارن جي هٿن ۾ دنبوري جي قسم جو هڪ ساز هيو. يوناني ناچ، جديد يورپي ناچ کان مختلف هئا ۽ ڪجهه ڪجهه مشرقي رنگ هئن. سندن موسيقيءَ جا ڪجهه انگ اسان جي تلنگ سان مليا ٿي.

اتي مون کي هڪ يوناني موسيقيءَ جو ماهر ياد آيو، جيڪو حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ۾، شيخ غلام حسين وٽ مليو هيو ۽ سنڌي تلنگ ۽ يوناني موسيقيءَ جي هڪجهڙائيءَ تي حيران هو ۽ ان لاءِ ڪو تاريخي سبب ڳولهي رهيو هيو. مون کيس سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سندس جرنيلن جي سنڌ ۾ رهڻ جي باري ۾ ٻڌايو ته هو مطمئن ٿي ويو.

يوناني ناچ ۽ موسيقيءَ ۾ پنهنجو رس آهي. پنهنجو رچاءُ آهي. هندستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۽ رقص وانگر، جيتوڻيڪ انهن ۾ پيچيده تفصيل ناهن، پر تنهن هوندي به هو باقاعدي فن وانگر محسوس پئي ٿيا، جنهن جا ڪجهه قاعدا قانون هجن، صفا بي راهه روي نه پئي محسوس ٿي. بهرحال اسان جي موسيقيءَ جي ماهرن کي، يوناني ۽ سنڌي موسيقيءَ جي هڪجهڙائيءَ تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌي ۽ اسپيني موسيقيءَ تي ٿيو آهي.

آخري ناچ ۾، سڀني کي عام دعوت هئي، ڪيترائي ٽوئرسٽ ناچ ۾ شامل ٿي ويا، هوا ۾ ڪيترائي رنگ برنگي ڦوڪڻا ڇڏيا ويا. اڻ ڏٺل، اڻ ڄاتل، اڻ واقف ماڻهو، هڪ اوپري ديس ۾ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي نه رهيا. هڪ ئي تال تي، سڀ جهومي رهيا هئا، نچي رهيا هئا. ’من تو شدم تو من شدي‘ وارو ماحول هو. قطرا بحر ۾ گم هئا، سمنڊ ڇوليون هڻندو رهيو. هيءَ ڪهڙي عجيب ۽ حسين ماجرا آهي. پراوا به پنهنجا، اسان وٽ پنهنجا به پراوا، ڏٺل به اڻ واقف.

ٻئي ڏينهن اٿينس جي آثار قديمه جو ميوزيم ڏٺوسين. هن ميوزيم ۾ شيون، تاريخ وار ترتيب سان رکيل آهن.

قديم ترين سنگتراش، 8 صدي ق.م ۾ اهڙا به بت تراشيندا هئا، جيڪي واقعي ’بتن‘ وانگر جامد هئا. انهن ۾ حرڪت جو ڪوبه احساس نه هوندو هو. اکيون ٻوٽيل، هٿ پير سڌا.

6 صدي ق.م ۾ ٺاهيل بتن جي هڪ ٽنگ اڳتي، ته هڪ پوئتي. ڄڻ ٺاهيل بت اڳتي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وار پڻ توازن قائم رکڻ ۾ مدد ڪندا هئا، ان ڪري اهي بت سولائيءَ سان نه ڪرندا هئا ۽ محفوظ هئا.

بتن جي چپن تي مرڪ به 6 صدي ق.م ۾ آئي، پر اڃا اها ڀرپور مرڪ نه هئي. پٿر جي ذريعي احساس جي اظهار جي پهرين ڪوشش هئي.

سمنڊ جي ديوتا پوسيڊئان جو مجسمو ڏسي، محسوس ٿو ٿئي ته يوناني سنگتراش پٿر ۾، حقيقت جي اظهار کي ڳولي لڌو آهي. ان مجسمي ۾ ائناٽامي، تحرڪ، احساس جي اظهار، خوبصورتيءَ، باريڪ بينيءَ، انهن سڀني ڳالهين جي موجودگي آهي. هڪ هڪ مشڪ(Muscle) متناسب آهي. ايتري قدر جو ساڄيءَ ٻانهن جون مشڪون کاٻيءَ ٻانهن جي مشڪن کان وڌيڪ سوکيون ۽ مضبوط آهن. پير جون فقط ٻه آڱريون زمين تي آهن ۽ کڙي مٿي کنيل آهي، ٻئي ٻانهون کُليل آهن، تنهن هوندي به ان شاهڪار ۾ ايڏو توازن(Balance)  آهي، جو بنا ڪنهن سهاري جي کڙو بيٺو آهي ـــ نه لڙي ٿو نه لڏي ٿو ۽ نه ڪِري ٿو. اکيون ۽ ڀرون ته ٺهيو، پنبڻيون به چِٽيل آهن. بُڪيءَ جي سهڻي ۽ ڊولائتي تراش ڪيل آهي.

510 ق.م ۾ تراشيل هڪ پٿر تي، ماڻهن کي هاڪي راند ڪندي ڏيکاري ويو آهي. هاڪي راند ايتري پراڻي آهي، هيءُ پٿر ان جو ثبوت آهي.

هن ميوزيم ۾، سنڌ جي چوڪنڊيءَ جي مشهور قبرستان وانگر، قبرن جي ڪتبن تي تصويرون پڻ اُڪريل آهن، جن تصويرن مان ان قبر ۾ پوريل لاش جي حيثيت ۽ موت جو سبب پڻ ظاهر ٿئي ٿو. (عجيب ڳالهه آهي، تحقيق طلب پڻ. ڇا سنڌ جا اهي قبرستان يوناني اثر هيٺ ته نه ٺهيا آهن؟ محققن کي ان ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.) گائيڊ ٻڌايو (مونکي اڳي ئي خبر هئي) ته يوناني ۽ رومن سنگتراشيءَ جو فرق مجسمي جي پيرن مان ظاهر ٿيندو آهي. يوناني پيرن ۾ ڏسڻي آڱر، سڀني آڱرين کان ڊگهي هوندي آهي. جنهن پير جي ڏسڻي سڀني کان ڊگهي هوندي آهي، ان کي يوناني پير (Greek foot) چوندا آهن ۽ اهو  خوبصورت ترين پير هوندو آهي. مون قمر کي چيو، ڏس، منهنجو پير Greek foot آهي. ان جي برعڪس رومن پير ۾، آڱوٺو سڀني کان وڌيڪ ڊگهو هوندو آهي. (مهاتما ٻڌ جي پيرن کي هميشه ڪنول جي گل سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.)

يوناني گائيڊ وڌيڪ ٻڌايو ته، ”رومن سنگتراش، مختلف پوزن ۾، منڍيءَ کان سواءِ مجسما گهڙي رکندا هئا ۽ بادشاهن کان آرڊر ملڻ تي، انهن ٺهيل ٺڪيل (Ready Made) مجسمن لاءِ رڳو منڍي تراشي ۽ ان ۾ فِٽ ڪري ڇڏيندا هئا پر يوناني سنگتراش ائين نه ڪندا هئا. هو جسم جي هر عضوي جي حقيقت پسندي سان تراش ڪندا هئا. انڪري رومن مجسمن ۾ منڍي ۽ باقي بت غير متوازن (Disproportionate)  آهن. (ڪنهن کي وقت آهي، جو ان دعويٰ جي سچائيءَ جي تحقيق ڪري.)

ميوزيم ۾ ٻي دلچسپ ڳالهه هئي، قديم زيور.

ميوزيم کان ٻاهر انهن قديم زيورن جا نقل (Replica)  وڪامي رهيا هئا. اتي وري مون کي وطن ياد آيو. موهن جي دڙي ۽ ڀنڀور يا ٻين اهڙن جاين تي اهڙا ريپليڪا ڇو نه ٿا وڪري لاءِ رکيا وڃن؟

پرديس ۾ هر هر ديس جي ياد ٿي اچي.

منجهند جي مانيءَ لاءِ هڪ خاص روايتي يوناني ڪيفي ڳولي لڌيسين. سيخ تي پڪل گوشت جا ٽڪر، جهڙا اسان وٽ ٺاهيندا آهن. مصالحو به ڪجهه تيز، ڦڪا کاڌا کائي کائي تنگ ٿي ويا هياسين، هفتن کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ ’چهر‘ ٿي. مان ته ٻه ٽي سِيخون يوناني مشروب سان هضم ڪري ويس.

ماني کائي، آهستي آهستي ٺهلندا اچي سنٽگما چوڪ (Repuplic Square) تي پهتاسين. اتي يونان جو پارليامينٽ هائوس آهي. (عمارت شاندار آهي، پر سنڌ اسيمبلي بلڊنگ وڌيڪ شان ۽ وقار واري آهي.) هن عمارت وٽ به لنڊن جي ٽرئفلگر اسڪوائر وانگر هزارين ڪبوتر موجود آهن. اتي به هڪ ’اڻ ڄاتي سپاهيءَ‘ جي مزار آهي. ان چونڪ کان اٿينس جون بازارون شروع ٿين ٿيون، جن ۾ وڏي ۾ وڏا شاپنگ سينٽر آهن. مون کي ٻن شين جي ڳولها هئي. هڪ Alabostor  (بي داغ سنگ مرمر) ۾ ٺهيل وينس جي مجسمي جي. (جيڪو مون وٽ هو ۽ ڪنهن بد ذوق ظالم ٻليءَ ڀڃي ڇڏيو) ۽ ٻيو بقراط جي مجسمي جي- جيڪو يورپ ويندي مهل ايئرپورٽ تي ڏٺو هئم. ٻنهي مان هڪ به شيءِ نه ملي. هر دڪان تي رڳو يونانين جو هڪ روايتي مجسمو هيو، جنهن جو مرداڻو عضوو سندس جسم جي تناسب کان ڏهوڻو هو.

قمر فقط هڪ بي روايتي قديم چٽساليءَ سان چٽيل ٿانوَ(Pottery) خريد ڪيا، جيڪو سندس شوق آهي. انهن تي پيلي ۽ ڪاري رنگ ۾ روايتي نقاشي آهي. (قمر جو شوق ڪراڪري (Crockery)آهي.

اٿينس ۾ اسان اسان اهو محسوس ڪيو ته ڌارين مسافرن (Foreign Tourists) جي ايتري ته رش آهي جو يوناني اتي اٽي ۾ لوڻ وانگر ٿي لڳا. ان هوندي به مون ريستوران، رستن ۽ ٻين جاين تي جديد يونان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. من ڪا وينس ديويءَ جهڙي ڇوڪري نظر اچي. من ڪو پوسيڊئان جهڙو حسين، خوبصورت ۽ متناسب جسم وارو جوان نظر اچي. من ڪو سوفوڪليز ، ڪو هومر، ڪو سقراط، ڪو بقراط گڏجي وڃي. مون محسوس ڪيو ته يونان اسان جي سنڌ وانگر رڳو ماضي آهي، حال ۽ مستقبل ناهي. يونان مان اولمپڪ رانديون شروع ٿيون- اڄ اولمپڪ جا چئمپئن غير يوناني آهن. يونان جي بقراط جديد ۽ Rationalطب جو بنياد وڌو، اڄ بهترين طبيب انگلينڊ، آمريڪا ۽ روس ۾ آهن. يونان ۾ فلسفي جو بنياد پيو. اڄ بهترين فلسفو سارتري وٽ آهي، ڊراما، سنگتراشي، شاعري، رياضي، سڀ علم يونان مان نڪتا ۽ اڄ جو يونان انهن فنن ۾ ڪابه حيثيت نه ٿو رکي. اڄوڪو يونان آهي رڳو جهاز راني ۽ ٽوئرزم، هڪ ڪمزور، نحيف ۽ غريب قوم، جيڪا رڳو ماضيءَ تي، رڳو تاريخ تي، رڳو ميوزم تي فخر ڪري سگهي ٿي، پر حال تي شرمنده آهي ۽ ان جو مستقبل غير يقيني آهي. اسان موهن جي دڙي جا وارث به ساڳئي حال ۾ آهيون. رڳو ماضيءَ تي ٻٽاڪ هڻي سگهون ٿا، پر نه حال اٿئون، نه مستقبل.

اٿينس جي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمندي مون ڏٺو، ته بورڊ يوناني ٻوليءَ ۾ هئا. بيٽا، ثيٽا، پاءِ جا حرف جيڪي اسان وٽ فزڪس ۽ رياضيءَ جي فارمولن ۾ استعمال ٿيندا آهن، اهي بورڊن تي عجب پئي لڳو. مون قمر کي چيو،”ڏس، مٿي فارمولن جا بورڊ لڳا پيا آهن.“ قمر پهرين ته ڳالهه نه سمجهي ۽ عجب مان پڇيائين،”اهي فامولا بورڊن تي ڇو لکيا اٿئون.“ پر پوءِ ڳالهه سمجهي وئي. يونان ۾ ”يوناني دواخانو“ هو ئي نه. مون سوچيو، اسان ئي هنن جي ماضيءَ کي قائم رکيو آهي، اسان وٽ اڃا تائين هزارين يوناني دواخانا ۽ يوناني حڪيم آهن.

پوءِ مون سوچيو ته شام ۾ ‎”شامي ڪباب“ ۽ ترڪيءَ ۾ ”ترڪي ٽوپي“ به ته نه آهي. اسان وٽ اهي ٻئي شيون  اڃا موجود آهن.

”ائڪڊمي آف اٿينس“ وٽان لنگهياسين. ائڪيڊمي جي هڪ طرف افلاطون ۽ سقراط جو مجسمو نصب ٿيل هو ته ٻئي طرف پاسي اپولو ۽ اٿينا جو، پر ان ائڪيڊميءَ جو اهو معيار آهي، جيڪو سقراط ۽ افلاطون جي وقت ۾ هو؟

اٿينس جو جديد اولمپڪ اسٽيڊيم سن 1896ع ۾ تعمير ٿيو. اهو سڄو اسٽيڊيم سنگمرمر جو آهي، اهو اسٽيڊيم، قديم اولمپڪ اسٽيڊيم جي مٿان ٺهيل آهي، جنهن ۾ پهريون پهريون سن 776 ق.م اولمپڪ رانديون ٿيون.

شهر جي هڪ اهم رستي سان انگريزيءَ جي مشهور شاعر، لارڊ بائرن جو مجسمو آهي. ان مجسمي ۾، يونان، ماءُ جي صورت ۾، بائرن کي آسيس پئي ڏئي. لارڊ بائرن يونان جي آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ وڙهيو ۽ اتي ئي سندس موت ٿيو. شاعر جي احترام ۽ يادگيريءَ طور، يونانين هيءُ مجسمو  تعمير ڪيو آهي.

صدارتي محل وٽان لنگهياسين ته اتي بيٺل گارڊن جو يونيفارم ڏسي عجب لڳو. اهو ساڳيو ئي يونيفارم سڪندر اعظم جي تصويرن ۽ قديم يونان متعلق فلمن ۾ ڏسندا آهيون. يونانين اهو روايتي يونيفارم قائم رکيو آهي. اهي ئي لوهي ٽوپ، جن مٿان ڪارن وارن جي نرڙ کان وٺي ڪياڙيءَ تائين ليڪ.

شام جو هوٽل مان نڪري، اچي امونئا جي هڪل ڪيفي تي ويٺاسين. چوڪ جي وچ تي لڳل شاهي ڦوهارو روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. ننڍا ٽولا، ڀانت ڀانت جا ماڻهو ڏسندي، آهستي آهستي ڳالهيون ڪندي، اهي ئي سيخ تي پڪل گوشت جا ٽڪرا کائيندي، نيڻ ننڊ جي خمار سان ڀرجي ويا ۽ دير سان هوٽل ۾ اچي سمهي پياسين.   

ٻئي ڏينهن صبح جو اٿينس شهر کان ٻاهر، سمنڊ جي ڪناري هڪ قديم مندر ڏسڻ وياسين. ٽوئرسٽ بس شهر مان جنهن به اهم جاءِ تان پئي لنگهي، گائيڊ ان جي باري ۾ ٻڌائيندو پئي ويو. پهرين هن اٿينس جي باري ۾ ٻڌايو.

”اٿينس جو نالو، ديويءَ اٿينيا جي پٺيان پيو. ان کي 480 ق.م ۾ بازنطينين تباهه ڪيو ۽ پيريڪليس 448 ق. م ۾ ٻيهر تعمير ڪيو. اٿينس جي ڀرسان ٽي جبل آهن. هتي سال ۾ سراسري 22 انچ مينهن پوي ٿو. ان جي آدم شماري 30 لک آهي. 1834ع ۾ آزاديءَ جي جنگ لڳي هئي. هتي ست ڪروڙ پنجاهه لک زيتون جا وڻ آهن. (وڻ شماري عجيب ڳالهه آهي.) هتي ديوتا زيوس (زحل، ڇنڇر ـــ سڀني ديوتائن جو وڏو آهي.) جو مندر ايشيا (يورپ يا ايشيا) جو وڏي ۾ وڏو مندر آهي. هو سامهون ’انڊيا گيٽ‘ (هندستان جو دروازو) آهي، جيڪو 2 صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيو. (ان دروازي وٽان هندستان ڏي رستو ايندو هوندو.)

بس هلندي، اچي ’الي موس‘ تي، سمنڊ جي ڪناري تي پهتي.

گائيڊ ٻڌايو، ”هتي زراعت جي ديوي آهي ۽ يونان جون عورتون هر سال هتي تقريب ملهائڻ اينديون آهن.“

”سامهون پستن جا وڻ آهن.“

مون ڏٺو ته انهن ۾ اڇا ڇا، خوبصورت گل جهومي رهيا هئا. گائيڊ ٻڌايو، ”پستا ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڦر ڏيندا آهن.“

بس هلندي رهي، مان دريءَ مان هيڏي هوڏي نهاريندو رهيس. نيرو سمنڊ اسانجي ساڄي پاسي هو. اٿاهه سمنڊ، جيڪو سڀني کنڊن کي ڇهي ٿو، جنهن جا ڪنارا يورپ، آمريڪا، ايشيا، آفريڪا ۽ آسٽريليا کي ڇُهن ٿا. سمنڊ ـــ اٿاهه سمنڊ، پيار وانگر اٿاهه آهي، جيڪو سڀ ويڇا، سڀ فاصلا ختم ڪيو ڇڏي.

لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.

سمنڊ جو ڪنارو ڇڏي، بس هڪ جبل تي چڙهڻ لڳي. جابلو رستو. اتاهون، ورن وڪرڻ وارو  ۽ ڏکيو هيو. جهڙو ڪوئٽا کان چمن وارو رستو. اهڙن رستن تي مونکي ڏاڍو ڀؤ ٿيندو آهي. منهنجو ساهه نه هيٺ نه مٿي، قمر کِلڻ لڳي. پر اها منهنجي ڪمزوري آهي، رستي کان هيٺ ڏس، ته هزارن فوٽن تي سمنڊ، اصل ڀنواٽي وٺي ويئي.

جڏهن بس، مٿي مندر وٽ پهتي، ته ساهه سامت ۾ آيو. عجب لڳو، ته ايتري دور دراز ۽ ويران علائقي ۾، هڪ فرسٽ ڪلاس ڪيفي پڻ هئي، جنهن ۾ کاڌي پيتي جي هر شيءِ موجود هئي.

ڪرسيون، ٻاهر اُس ۾ به پيل هيون ۽ اندر سهڻي ۽ سينگاريل هال ۾ پڻ. ڌيمي ڌيمي سريلي موسيقي پئي وڳي. من بود ۾ اچي ويو. اتي مونکي رني ڪوٽ ۽ ساڌ ٻيلي جي مهيب تنهائي ياد آئي.

اهو مندر 400 ق. م جو تعمير ٿيل آهي ۽ سمنڊ جي ديوتا پوسيڊان (Possidon)  جي نالي سان منسوب آهي. سنگ مرمر جا بلند ٿنڀا تراشيل آهن، ڇت ڊهي وئي آهي.

ان مندر جي ٻي خاص ۽ تاريخي اهميت واري ڳالهه هيءَ آهي ته اتي هڪ پٿر تي، انگريزيءَ جي مشهور شاعر، لارڊ بائرن پنهنجي هٿن سان پنهنجو نالو اڪيريو آهي.

چون ٿا ته لارڊ بائرن اڪثر انهيءَ مندر ۾ ايندو هو ۽ اتي سامت ۽ سوچ ۾ پنهنجو وقت گذاريندو هو. مون گائيڊ جي هدايت موجب ويجهو وڃي ڏٺو، هڪ ديوار جي سنگ مرمر جي پٿر تي ڪنهن چاقوءَ يا تيز اوزار سان انگريزي ۾ اڪريل هو: BYRON .

خبر هئي بائرن کي ته، سندس ان ٻاراڻيءَ حرڪت کي ايتري اهميت ملندي، جو روزانو هزارين ٽوئرسٽ، ان مندر ۾ رڳو سندس هٿ سان اڪريل نالي کي ڏسڻ ايندا هئا.

موٽندي، گائيڊ هڪ جبل ڏي اشارو ڪري چيو، ”هن جبل جو نالو اِميٽس جبل آهي ۽ هن ۾ چار سو ماکيءَ جا مانارا آهن. (وڻ شماريءَ کان پوءِ ’ماکي شماريءَ‘ تي به عجب لڳو.) مون سوچيو، ”هن جبل جو نالو ئي ’ماکي جبل‘ هئڻ گهرجي ها.“

اٿينس ۾ باقي سڀاڻڪو ڏينهن هو، ائين کڻي چئجي ته اڌ ڏينهن. ڇو ته K.L.M  جي اڏام منجهند جو هئي، جنهن ذريعي واپس وطن اچڻو هو. مان اٿينس ۾ آيو هوس سقراط، افلاطون، هومر ۽ بقراط جي ناتي. ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جي آفيس ويس ۽ يونانيءَ ڇوڪريءَ کان انهن شخصيتن جا پار پتا پڇيم ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪي ته انهن جا يادگار ڪٿي ٿو ڏسي سگهان.

ڪائونٽر واريءَ يوناني ڇوڪريءَ چيو، “You Know much about Greece.” (توکي يونان جي باري ۾ گهڻي معلومات آهي.)

چيومانس، ”توکي خبر ناهي ته يونانين اسانجي سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. اسانجو توهان سان تاريخي رشتو آهي.“

هوءَ مرڪي ۽ چيائين، ”بقراط ۽ افلاطون جي ائڪيڊميءَ لاءِ توهان کي هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسي، اٿينس کان ٻاهر وڃڻو پوندو. باقي سقراط جو جيل ائڪروپولس جي ڀرسان ئي آهي، جتي توهان سڀاڻي وڃي رهيا آهيو، ڏسي اچجو.“

مون ۽ قمر صلاح ڪئي، هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسڻ ناممڪن هو. انڪري سوچيوسين، سڀاڻي ائڪروپولس گهمندي، سقراط جو جيل ڏسي وٺنداسين.

ٻئي ڏينهن صبح جو سويل اٿيس. سويل اٿڻ منهنجي لاءِ مسئلو آهي ۽ زندگيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دفعا ئي سويل اٿيو هوندس. سويل اٿڻ جو سبب هو، فون ڪري گهر اطلاع ڏيڻ ته، اسان فلاڻيءَ فلائيٽ ۾ پهچون ٿا ۽ پوءِ سقراط جو جيل ڏسڻ. ٽوئرسٽ بس ساڍي نوين وڳي اچڻي هئي. پوءِ پوسٽ آفيس امونئا چوڪ تي، ميٽروپول هوٽل جي هيٺان ئي هئي. ستين وڳي ڪال بڪ ڪئي سين، نوين وڳي تائين ڪال نه ملي. لاچار شوڪت کي ٽيليڪس ڪئيسين، جيڪا ڏهن منٽن ۾ ملي ويئي. ان کي اعجاز کي فون ڪرڻ جو نياپو ڏيئي، بس ۾ سوار ٿياسين.

بس ائڪروپولس جي هيٺان ڇڏيو، جتان ائڪروپولس تي چڙهڻ لاءِ چاڙهي آهي. ائڪروپولس هڪ اتانهينءَ ٽڪريءَ تي آهي. ان ئي ٽڪريءَ تي قديم ٿيئٽر آهي. ان ٿيئٽر ۾، پٿر جون ٺهيل بينچون لهواري طريقي سان ٺهيل آهن، جيئن سڀني کان پوئتي ويٺل به ڊرامو چڱيءَ طرح ڏسي سگهن. يونانين کي قبل مسيح دور ۾ به ايڏو ذوق ۽  ايترو عقل هو. اتي فلو پوپس جو يادگار پڻ آهي، جنهن اٿينس شهر جي تعمير ۾ مدد ڏني.

ائڪروپولس تي پهچڻ لاءِ وڏي، اتانهين ۽ ڊگهي چاڙهي چڙهي، سهڪندا مٿي پهتاسين.

ديويءَ اٿينيا جو مندر، جنهن جي پويان هن شهر تي اٿينس نالو پيو. اهو مندر ٽي دفعا تباهه ٿيو ۽ ٽي دفعا وري تعمير ٿيو. اهو مندر قديم فن تعمير جو يگانو شاهڪار آهي. تمام اتاهان ۽ اوچا، ٽيهه چاليهه فٽ بلند، سنگ مرمر جا ٿنڀا ـــ خوبصورت، متناسب ۽ عظيم. ان مندر کي پهريون دفعو ’فيڊاس‘ تعمير ڪيو، ان ۾ اٿينيا ديويءَ جو وڏو مجسمو هو، جنهن جا ڪپڙا سون جا ٺهيل هئا ۽ بازنطيني بادشاهه ان کي قسطنطنيه (هاڻي استنبول) کڻي ويا. (محمود غزنويءَ شايد انهن کان سبق سکيو.)

اٿينس کي پهرين فلپ (سڪندر اعظم جي پيءُ) ۽ پوءِ بازنطينين تباهه ڪيو.

ان مندر ۾ جانور قربان ڪيا ويندا هئا، انهن جانورن جي رت کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ خاص نالي ٺهيل آهي.

ائڪروپولس ۾ فتح (Victory)  جو مجسمو پڻ آهي، پر ان جاپر ڪٽيل آهن، جيئن اها اڏامي نه سگهي ۽ سدائين اٿينس ۾ ئي رهي. (چڱو جو اها سون جي ٺهيل نه آهي، نه ته پاڻ اڏري نه سگهي ها، ته لالچي بادشاهه ضرور اڏائي وڃينس ها.)

مون کي ائڪروپولس کي تفصيل سان ڏسڻ جي خواهش ته هئي، پر سقراط جو جيل منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم هو. مون گائيڊ کان ان جو ڏس پڇيو. هن هيٺ اشارو ڪندي چيو ته، ”سامهون چوڪ تان ٿورو اڳتي وڃي کٻي مڙو، ته اتي پهچي ويندؤ.“ هن وري تاڪيد ڪندي چيو ته، ”ڪلاڪ اندر موٽي اچجو. بس ڪلاڪ کان پوءِ هلي ويندي.“

اسان باقي ٽوئر ڇڏي، تڪڙو تڪڙو ٽڪريءَ تان لهندي، رستي تي آياسين. چوڪ وٽ هڪ ڪيفي هئي، ان ڪيفي واري کان ڏس پڇيوسين. هن بي پرواهيءَ سان اشارو ڪندي چيو، ”هن پاسي.“

مون قمر کي چيو، ”عجب آهي.“ اٿينس وارن هن عظيم ڏاهي کي وساري ڇڏيو آهي. ٽوئر ڪمپنيءَ جي ڪنهن به ٽوئر ۾ سقراط جي قيد جو پروگرام ڪونهي. لائيٽ ائنڊ سائونڊ شو، ائڪروپولس توڙي ٻين جاين تي اسان سان گڏ هزارين ٽوئرسٽ هئا، پر سقراط جي قيد ڏي رڳو ٻه، اسان ٻه سنڌي ٿا وڃون. اٿينس وارن الائي ڇو پنهنجي شهيد کي وساري ڇڏيو آهي. الائي ڇو هنن ان جاءِ کي Project  نه ڪيو آهي، جو ٻاهران ايندڙ ٽوئرسٽ اتي اچن. اٿينس جي نقشي ۾ (جيڪو ٽوئر ڪمپنيءَ وٽان مليو.) سقراط جو قيد ته ڏيکاريل آهي، پر ان ڪمپنيءَ ڪنهن به پروگرام ۾ ان کي شامل نه ڪيو آهي. هنن لاءِ اٿينيا يا پوسيڊان جا مندر اهم آهن، پر سڄيءَ دنيا لاءِ سقراط جو پيغام ۽ ان جو قيد عظيم آهي، جتي هو سچ تان صدقو ٿيو. توڙي جو ان عمارت سازيءَ جي فن جي ڪابه خوبي نه آهي.

رستي کان کاٻي مڙياسين. ٽڪريءَ جي هيٺان هڪ غار سقراط جو قيد هئي. جنهن کي هڪ لوهي سيخن وارو دروازو هو. ان غار ۾ ئي سقراط، هيملاڪ جي پيالي پيئڻ کان پوءِ آخري پساهه کنيا هئا. اتي ئي هن پهريدار طرفان ٿيل ڀڄي وڃڻ جي آڇ کي رد ڪري، رائج قانون کي غلط سڏيندي به، رائج قانون جو احترام ڪندي، زهر جو پيالو پي جان ڏني. ان لاءِ جو هن هڪ سٺي شهريءَ جي حيثيت ۾ قانون جي بجا آوري ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهيو. اتي ئي سچ ۽ موت جو ازلي ۽ ابدي ميلاپ ٿيو. اتان ئي اهو سلسلو شروع ٿيو، جو منصور ۽ سرمد، شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول ان جون ڪڙيون بڻجي پيا.

مون لائيٽ ائنڊ سائونڊ شو جا شروعاتي لفظ ياد آيا:

I am Athense- O truth seekers of world, come to me!

پوءِ هو هزارين ٽوئرسٽ هتي ڇو نه آيا؟ ڇا دنيا ۾ سچ جا ڳولائو کٽي ويا آهن. هتي رڳو اسان ٻه ـــ مان ۽ قمر ڇو بيٺا آهيون؟

سنڌ جي جديد شاعريءَ ۾ سقراط جو نالو منصور، مخدوم بلاول، سرمد ۽ شاهه عنايت سان گڏ ايندو آهي. پر پنهنجي ملڪ ۾ هو ائين اڪيلو ڇو آهي.

مون کي نورجهان جو شعر ياد آيو، جيڪو هن پنهنجي ئي قبر جي باري ۾ اڳڪٿيءَ طور چيو هو:

بر مزارِ مان غريبان نئي چراغ نئي گل

ني پرِ پرڳانه سوزد، ني صدائي بلبل

هيءَ سقراط جي مزار نه هئي، پر ان جو لافاني يادگار هو.

مون ۽ قمر اتي هڪٻئي جا فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي، تاريخ جي ان عظيم هستيءَ جي باري ۾ سوچيندا رهياسين.

جڏهن واپس آياسين ته ائڪروپولس تان اسانجي بس وارا ٽوئرسٽ هيٺ لهي رهيا هئا. اسان پنهنجي بس وٽ اچي بيٺاسين، اتي هڪ نوجوان ڇوڪري اڪيلي بيٺي هئي. هوءَ پنهنجي پوشاڪ ۽ مهانڊن مان پاڪستاني پئي لڳي. مون ويجهو وڃي کانئس پڇيو، ”پاڪستاني آهيو؟“

هن جواب ڏنو،”پنجابي.“

مون ٻيو سوال ڪيو، ”مشرقي پنجاب جا آهيو يا مغربي پنجاب جا؟“

ان ڳالهه جو هن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ پنهنجي اسڪالرشپ ۽ يونيورسٽيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳي. مون ۽ قمر هڪ ٻئي ڏي حيرت مان ڏٺو ۽ اچي بس ۾ ويٺاسين.

هوٽل مان سامان کڻي، بجليءَ جي بس ذريعي اچي ايئرپورٽ تي پهتاسين.

ڪي ـــ ايل ـــ ايم جي اڏام ڏيڍ ڪلاڪ دير سان آهي. اهو وقت مون ڊيوٽي فري ڪيفي تي شغل ۾ گذاريو ۽ قمر سئنڊوچ تي گذارو ڪيو. جهاز ۾ چڙهياسين ته اڏامي ئي نه. اڌ ڪلاڪ وڌيڪ گذري ويو. اوچتو ڳول ڳولان شروع ٿي، سڄي جهاز جو عملو ڀڄ ڀڄان ۾ هو. ڪو مسافر جهاز ۾ نه پهتو هو. لائونج مان بورڊنگ ڪارڊ وٺي، ٻاهر هوائي جهاز ڏي آيو هيو، پر هاڻي نظر نه پيو اچي. سندس ساٿي پريشان هو. آخر ڳولهي وڃي فرسٽ ڪلاس مان هٿ ڪيائونس. همراهه ڀل ۾ وڃي فرسٽ ڪلاس ۾ بالم ٿي ويهي رهيو ۽ اڏام ۾ دير پوڻ ڪري ۽ جهاز جي عملي جي وٺ پڪڙ ڏسي ڏاڍيءَ معصوميت مان چيائين، ”ڇاجي وٺ پڪڙ لاتو اٿوَ. جهاز ڇو نه ٿا اُڏايو؟“

اتي سندس ساٿيءَ کيس سڃاڻي ورتو. چيائينس، ”ڪمبخت، تنهنجي ڪري ته دير ٿي آهي. توکي ئي ته ڳوليون ٿا.“

۽ پوءِ وٺي اچي اڪانامي ڪلاس ۾ وهاريائونس.

اتي قمر کي پيراڻي ڀنڀري جو شعر ٻڌايو.

ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽيائونس گوڏو

ڏئي ڏاڙهيءَ کي لوڏو، ڪنڊو ڪڍيائونس ڪنڌ مان.

جهاز اڏاڻو. هن دفعي قمر ۽ مون، هر هڪ کي ٻه ٻه ٿيلها هئا، جيڪي هنج ۾ ۽ پيرن هيٺان هئا. ڪڪڙ ٿيا ويٺا هئاسين. ڪرسٽل، جنهن جو قمر کي شوق آهي، لنڊن مان خريد ڪري، ڪلهي ٿيلهن ۾ لڙڪائي، پاڻ سان گڏ ائمسٽرڊام، پئرس ۽ اٿينس کان ڪراچيءَ کان خيرپور تائين آندوسين، صحيح سلامت. پر هتي آهستي آهستي ڀڄي رهيو آهي. (چڱو جو گهر ۾ ٿو ڀڄي، ڀورا ته گهر ۾ ئي هوندا.)

انهن ٿيلهن سان گڏ منهنجا ڪتاب به هئا. جيڪي ٿيلهن ۾ سوٽ ڪيسن ۾ وڌاسين، جيڪي بچيا، اهي هٿن ۾. ٿيلها ڪلهن تي، ڪتاب هٿن ۾، ائين جهاز ۾ چڙهياسين، ائين جهاز ۾ ويٺاسين. پر ڪرسٽل ۽ ڪتاب گهر تائين صحيح سلامت پهچاياسين.

جهاز اڏاڻو، ساڳي اٿينس، جنهن ۾ يورپ جو پهريون سج اڀريو هو، ان ئي اٿينس ۾، اسان جي هن سفر جو آخري سج لهي رهيو هيو. سمنڊــ سرمائي سمنڊ ۽ ان جي ڀرسان اٿينس جو خوابن جهڙو شهر.

ٻي وڳي رات جو، جهاز جي ڦيٿن ڪراچيءَ جي زمين کي ڇهيو. وطن جي زمين سان ڳانڍاپي تي جسم مان بجليءَ جي لهر جهڙي درهڙي نڪري ويئي. پنهنجو ملڪ، پنهنجي زمين.

ايئرپورٽ تي اعجاز ۽ ممتاز موجود هئا.

گهر پهچي گهري ننڊ اچي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org