سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:1

ڏوري ڏوري ڏيهه

(سفرنامو)

الطاف شيخ

اسان جي اڏام

ايئر فرانس جو هوائي جهاز مٿي چڙهيو، ته مون قمر کي ٻانهن کان جهلي زور ڏنو. هونءَ ته قمر کي سخت (Travel  Sickness)ٿيندي آهي، پر هن دفعي شايد يورپ جي شوق ۾ تمام معمولي تڪليف ٿيس. نو آبجيڪيشن سرٽيفڪيٽ لاءِ، ڪم ڪاريون، گهرٻار ڇڏي، ڪراچيءَ ۾ پندرنهن ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ پريڊ ڪيم. سڀني دوستن چيو ته ڪهڙيءَ کُٽيءَ کنيو هيئي جو ڊاڪٽر جي نالي پاسپورٽ ٺهرايئي. تنگ اچي مون به دل ۾ سوچيو ته ايم بي بي ايس جي ڊگري واپس ڪري، قسم نامو لکي ڏيان ته، مان ڪو ٻيو ڌنڌو روزگار ڪندس. اسان جي ملڪ ۾ ڀنگي به چاهي ته ملڪ مان ٻاهر وڃي سگهي ٿو، پر ڊاڪٽر نه ٿو وڃي سگهي. پندرنهن ڏينهن جي پريڊ کان پوءِ مس مس وڃي اهو سرٽيفڪيٽ مليو.

نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ مليو، ته وري جهاز جي مسئلي منهن ڪڍيو. اسان جون سيٽون ڊي . سي 10 (D.C 10) ۾ هيون. ٿورا ڏينهن اڳ هڪ ڊي . سي 10 جو حادثو ٿيو، ان ڪري سڄيءَ دنيا ۾ ڊي .سي 10 جي اڏام تي بندش وجهي ڇڏي هيائون. شوڪت جي دوست اياز (ايئر فلپين واري) جي واقفيت ڪم آئي، ان جي آفيس جي هڪ ڇوڪريءَ ايئر فرانس ۾ سيٽون وٺي ڏنيون. اياز جي آفيس مان ئي قمر کي فون ڪيم، اهو ڏينهن 13 جون 1979ع جو هو. 13جون قمر جو جنم ڏينهن آهي. هئپي برٿ ڊي چئي، ٽڪيٽن ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي مانس. رات جو قمر، مارئيءَ ۽ سرمد سميت ڪراچي پهچي وئي، پارس گهر ۾ رهڻ پسند ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح جو معولي شاپنگ ڪري، رات جو ساڍي ڏهين وڳي ايئر پورٽ تان اُڏاڻاسين. گهر جا سڀ ڀاتي ۽ ڪجهه دوست ڇڏڻ آيا هئا، ننڍن ٻارن، خاص ڪري سرمد، مارئيءَ ۽ ڀٽائيءَ، هر هر پئي فرمائشون ڪيون. سرمد ته ايئر پورٽ ايندي، ڪار ۾ ڪاوڙجي به ويو هو. چميون ڏيئي پرچايومانس. ان ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ، شاپنگ ڪندي برساتيون. ورتم، شفيق الرحمان جو مشهور رپورتاز ”برساتي“ دل تي تري آيو. هر دوست صلاح ڏني ته يورپ ۾ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به مينهن پئجي سگهي ٿو، ان ڪري برساتيون هجڻ ضروري آهن. ان ڏينهن ڪراچيءَ ۾ قهر جي گرمي هئي. ڪراچي ايئرپورٽ جي انٽر نيشنل لائونج ۾، ايئرڪنڊيشنڊ هوندي به پگهر پئي نڪتو. گهڙي نه گذري ته لائونج ۾ پٽڪا، گوڏيون، حقا ۽ شٽل ڪاڪ برقعا يلغار ڪري آيا. ان وقت اهو انٽر نيشنل لائونج ڀٽنڊا اسٽيشن جي ٿرڊ ڪلاس ويٽنگ روم وانگر پئي لڳو. پڇا کان پوءِ معلوم  ٿيو ته اها يلغار پي آءِ اي جي دبئي واريءَ فلائيٽ تي هئي.

جهاز ايئر فرانس جو هو ۽ مون کي فرينچ سکندي ڪجهه وقت ٿيو هو. اڌ اکري فرينچ ڳالهائڻ جهڙو ٿي ويو هوس. جهاز ۾ گهڙڻ واري هر مسافر جو فرينچ ايئر هوسٽس مرڪي، انگريزيءَ ۾ آڌر ڀاءُ ٿي ڪيو. مون ان جي جواب ۾ ”بان سواــ مادام“ (Bon Soir Madame) چيو ته، سندس مرڪ وڌيڪ ڦهلجي ويئي. سيٽن تي ويهي، مسافرن جو جائزو ورتوسين. قمر جي بلڪ پٺيان هڪ ڊگهي اطالوي منڊ هئي. ان جي ڀرسان ڪي انگريز هئا. قمر کي ننڊ اچڻ لڳي ته هن پنهنجي ڪرسي ليٽائي. اوچتو پٺيان واريءَ ڊگهيءَ عورت دانهن ڪئي. اسان ڇرڪ ڀري ڏٺو، قمر جي ڪرسيءَ جي پٺ اطالوي عورت جي گوڏن کي چيڀاٽي رهي هئي. مون يڪدم قمر کي ڪرسيءَ کڙي ڪرڻ لاءِ چيو. قمر لاچار پنهنجيءَ ڪرسيءَ کي کڙو ڪيو، ۽ چوڻ لڳي، ”جي هن مائيءَ جون ٽنگون ڊگهيون آهن ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ سڄي رات قمر کڙيءَ ڪرسيءَ تي، اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ گذاري. جي قمر ڀل ۾ ڪرسي ليٽائي ٿي، ته ان اطالوي منڊم جي رڙين تي کڙي ڪرڻي ٿي پيس. مطلب ته ان مائيءَ جي ڊگهين ڄنگن قمر کي سڄي رات ننڊ ڪرڻ نه ڏني. وڏو اَسر هو جو نيرن کڻي آيا. مون ته الطاف جي وڃڻ کان واري ڏينهن کان ئي نيرن ڇڏي آهي. پنهنجي نيرن به قمر جي حوالي ڪيم. قمر ننڊ جا ساڙ نيرن مان ڪڍيا. نيرن پوري ٿي ته اعلان ٿيو ته اٿينس جي ايئر پورٽ تي لهڻ وارا آهيون. ڊي. سي ڪري اسان کي اڻ سڌي سفر موجب، اٿينس ۾ جهاز مٽائڻو هو. اسان حفاظتي پٽا ٻڌڻ شروع ڪيا.

اٿينس سان چار چشمي

اٿينس ــ ! جيءَ ۾ ڄڻ ڪتڪتائي ٿي. سقراط جي اٿينس ـــ هومر جي اٿينس ـــ افلاطون جي اٿينس ـــ بقراط جي اٿينس ـــ ارسطو جي اٿينس ـــ سوفوڪليس جي اٿينس ـــ سيفو جي اٿينس ـــ اهو شهر، جتي هر گهٽيءَ ۾ وينس جهڙيون جئريون جاڳنديون سونهن جون ديويون گهمنديون هونديون. جتي هر چونڪ تي (Discus Thrower)  جهڙا متناسب عضون وارا جوان بيٺا نظر ايندا. جتي هر گهٽيءَ ۾ هومر وانگر شاعر شعر ٻڌائيندا. جتي مارڪيٽ چونڪ ۾ سقراط، سوال جواب ڪندو هوندو. مون هوائي جهاز جي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو، سرمائي سمنڊ جي ڀر ۾ جهومر جهومر بتيون ٿي ٻريون، ڄڻ خواب هجي، ڄڻ ڪلپنا هجي ڪنهن شاعر جي، ڄڻ ڪنهن سودائيءَ جي سوچ هجي.

اها اٿينس، جتان فلسفي، سنگتراشي، طب، نرت ڪلا، ڊراما، شاعري، جنگ جو فن، عمارت سازي، جاميٽري، رياضي، نباتات هر علم هر فن جي شروعات ٿي.

جهاز هيٺ لهندو ويو. اٿينس اسان جي ويجهي پوندي ويئي. سرمائي سمنڊ ۽ جهومر جهومر ٻرندڙ بتين جون روشنيون اسان جي ويجهو اينديون ويون، تان جو جهاز جي ڦيٿن ان مقدس سر زمين کي ڇهيو. منهن اونداهيءَ ۾ ٽرانزٽ لائونج ۾ پهتاسين، ايئرپورٽ جو چڪر هنيوسين، قمر باوجود ڊبل نيرن جي، ڪجهه کائڻ گهريو. مان ريستوران مان قمر لاءِ ڪجهه سئنڊوچ ورتا ۽ سقراط جي سرزمين تي، سقراط جي نالي، مون زندگيءَ ۾ پهرين صبح جي سلامي ڏني. هونءَ ته سال ٿي ويا آهن، ياد نه آهي ته سج اڀرڻ کان اڳ جاڳيو هجان.

سڄي ڏينهن جي شاپنگ، سفر ۽ رات جي اوجاڳي جو ٿڪ قمر کي ورائي ويو. هوءَ لائونج جي صوفي تي ئي سمهي رهي ۽ مان جاڳندو رهيس. باٿ روم ۾ وڃي شيو ڪيم ۽ پوءِ هڪ چڪر ڊيوٽي فري شاپنگ جو ڏنم. هڪ يوناني حسينه جي دڪان تي هڪ But  (بت) پيو هيو. مون سڃاتو ته اهو بقراط (Hippocrates)  جو بت هو. بقراط، جنهن کي ”طب جو ابو“ چيو ويندو اهي. بقراط پهريون طبيب هو، جنهن چيو ته: ’بيماريون گناهن جي سزا طور نه ٿيون ٿين، پر انهن جا ڪي مادي سبب آهن ۽ انهن جو علاج پوڄا، تعويذ، ڦيڻي بدران انهن مادي سببن کي دور ڪرڻ ۾ آهي.‘  مون اُن بت ڏي اشارو ڪري، يوناني حسينه کان پڇيو، ”هپوڪريٽس؟“ (اهو بقراط جو انگريزي نالو آهي) هن اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو. مون چيو، ”بقراط؟“ هن ڪنڌ لوڏي چيو، ”بقراط.“. اتي مون سوچيو ته انگريزيءَ ذريعي جيڪي لفظ اسان تائين پهچن ٿا، اهي ڪيترا نه بگڙيل آهن. مون پڇيومانس،

”اوهان به بقراط چوندا آهيو؟“

هن چيو، ”ها“.

هر ٻولي لفظن کي پنهنجي لهجي موجب بدلائي ٿي. سنڌيءَ ۾ ”يوسف“ ”جوسب“ ۽ انگريزي ۾ ”جوزف“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ابراهيم“

ٿيو ”براهم“ ته انگريزي ۾ ”ابراهم“ چون.

دل چيو ته اهو بقراط جو بت خريد ڪري، پنهنجي بت خاني ۾ اضافو ڪريان. پر موٽندي اٿينس اچڻو هو. سوچيم ته نازڪ شيءِ آهي، متان سفر ۾ ڀڄي پوي، ان ڪري موٽندي اٿينس مان وٺندس.

اڇي صبح جو T.W.A  جو جهاز آيو، جنهن ۾ اسان کي روم وڃڻو هو. هيءُ آمريڪن جهاز وڌيڪ آرام ده هو. جهاز مٿي چڙهيو ته، مون وري هيٺ اٿينس کي ڏٺو. صبح جي روشنيءَ ۾ بتين جي جهومر جهڪي ٿي ويئي هئي. سمنڊ جو رنگ سرمائيءَ مان ڦري هلڪو نيرو ٿي ويو هو. اٿينس سان ايئن ملاقات ٿي، جيئن ڪو اڻ واقف محبوب راهه ويندي سامهون اچي، اکيون چار ٿين ۽ پوءِ ٻئي ڀيري ملڻ جي آس کڻي اڳتي وڌي وڃجي.

هن جهاز ۾ به ناشتو کڻي آيا. اٿينس ۾ لهڻ سان وقت پوئتي ٿي ويو ۽ هن جهاز ۾ چڙهڻ سان ٻيهر ناشتي جو وقت ٿيو. هيءُ ناشتو مون به کاڌو. صبح جو نوين وڳي ڌاران روم جي زمين تي پيررکياسين.

روم شهر ۾

روم ــ

روما ــ

All Roads Lead to Rome!

Rome was not built in a doy! 

Do in Rome as Romans do!

Rome was burning, Nero was Fiddeling! 

اهي سڀ چوڻيون ياد آيون.

اڇو صبح ٿيو. سج اڀريو ته، اسان جو جهاز روم تي لٿو. ٽڪيٽ موجب اسان کي روم ۾ ٻه ڏينهن رهڻو هو. لهڻ سان دل چيو ته هن تاريخي شهر لاءِ ٻه ڏينهن ڪافي نه آهن. ٻاهر نڪرڻ مهل، ايئرپورٽ تي ئي هڪ ڏينهن وڌرايوسين، ان ۾ ٻه منٽ لڳا. ڪائونٽر واري مرڪندي چيو، ”ڪمپيوٽر کان پڇي ٻڌايان ٿو ته ٻئي ڏينهن جهاز ۾ ڪا جاءِ خالي آهي يا نه.“ هاڪاري جواب ملڻ تي، يڪدم ٽڪيٽن تي تاريخ مٽائي ڏنائين.

ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪرندي، مان بئنڪ ۾ پئسا مٽائڻ ويس ۽ قمر کي چيم ته: هو انفرميشن جي ڪائونٽر تان هوٽل ۾ شهر تائين پهچڻ جي باري ۾ معلومات وٺي. پئسا مٽايم ته دل بهار بهار ٿي ويئي. شفيق الرحمان وانگر عمر ۾ پهريون دفعو لکا پتي ٿي ويس. ڊالر ۾ ساڍا اٺ سئو کن ليرا ٿين. لکين ليرا ملي ويا. خوشيءَ مان قمر وٽ پهتس، کيس چيم: ”هاڻي مون سان سنڀالي ڳالهاءِ مان لکاپتي ٿي ويو آهيان، منهنجي کيسي ۾ لکين ليرا آهن.“

هوءَ ڪاوڙي بيٺي هئي. انفرميشن جي ڪائونٽر تي ڪوبه موجود ڪين هو. ٽئڪسين وارا ۽ هوٽلن جا ايجنٽ کيس ائين ورائي ويا هئا، جيئن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن کي ”هنڌ کٽولي“ وارا ڦريو اچن، يا مارڪيٽ ۾ ٽانگي وارا.

اسان اڌ ڪلاڪ ان حالت ۾ گذاريو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ انفرميشن ڪائونٽر تي هڪ ڊينڊو، ٿلهو، گنجو ۽ ٽيڏو اطالوي ظاهر ٿيو.

قمر ان تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويئي. چئي ”هيتري دير تون ڪٿي هئين؟“

هن چيو، ”منهنجي ڊيوٽيءَ جو وقت هاڻي کان شروع ٿيو آهي.“

قمر پڇيس، ”تنهنجي ڊيوٽي ڪائين وڳي کان شروع  ٿي ٿئي؟“

”نائين وڳي کان.“ هن چيو.

ان وقت ساڍا نوَ ٿيا هئا. مون قمر کي ٿڌو ڪيو ۽ چيم، ”پرديس آهي، ان ڪري خيال سان جهيڙو ڪر.“

انفرميشن واري همراهه ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ شهر ڏانهن بس ويندي، جيڪا پندرهن سؤ ليرا وٺندي. هوٽل ان بس مان لهڻ واريءَ جاءِ تي رزرو ڪرائي سگهو ٿا. باقي مهانگيون هوٽلون چئو ته هتان ئي بڪ ڪري ڏيانوَ. اتي خبر پئي ته مار ٽئڪسيءَ واري، جنهن هر هر پئي چيو ته، بس جي ئي ڪرايي ۾ شهر تائين وٺي هلندو، تنهن ته ڏهوڻو ڪرايو پئي وصول ڪيو.

بس ۾ سامان رکيوسين، برساتيون بغل ٿيلهن ۾ هيون، ان ڪري جو دوستن جي مشوري موجب ڪنهن به وقت مينهن وسي پئي سگهيو ۽ اسان برساتين پائڻ جي ”عيش“ ڪرڻ لاءِ اهي هردم هٿيڪيون بغل ٿيلهين ۾ وجهي، ڪلهن تي لڙڪائي رکندا رهياسين.

بس، ساوڪ وارا ميدان لتاڙيندي، اڌ مني ڪلاڪ ۾ اچي روم شهر ۾ پهتي. روم ــ تاريخ جو شهر ـــ سنگتراشيءَ جو شهر مون کي امداد جون سٽون ياد آيون:

روم شهر ۾!

روم شهر ۾ گهڙڻ سان عجيب احساس ٿيو. اهو احساس ته هتي حال ۽ ماضي، ٻئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن. بس هلندي هلندي هڪ سنگ مرمر جي ونگ هيٺان لنگهي، جيڪو هزارين سال پراڻو پئي لڳو. وري سامهون ڏسو ته Fully Glazed  شيشن سان جهنجهيل جديد گهڻ ماڙ عمارت! شهر واري ايئر ٽرمينل تي لٿاسين ته وري هوٽلن وارا وڪوڙي ويا. مون قمر کي چيو: تون اندران هوٽل بڪنگ تان اگهن جي خبر چار وٺي اچ ته مان هنن سان منهن ڏيان. قمر اندران اگهه پڇي آئي ته اهو ساڳيو ئي هو جنهن جي هن ايجنٽ مون کي آڇ ڪئي. مون ان کي ئي هڪ ڊبل ڪمرو بڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هن يڪدم هوٽل تي فون ڪئي ۽ ٽئڪسي بيهاري، اسان جو سامان ان ۾ رکيو. مون پڇيومانس ته، ”ٽئڪسي واري کي گهڻا پئسا ڏيان؟“ هن يڪدم چيو، ”پنجويهه سئو ليرا!“

”هوٽل جبرائيل“- چڱو ٿيو جو جبرائيل سان واسطو پيو، ڪنهن عزرائيل سان پلئه نه اٽڪيو.

ڪمري ۾ سامان رکيوسين. ڪشادو ۽ آرام ده ڪمرو هو. هڪ دري رستي ڏي ٿي کلي، ڀرسان کاڌي جو ڪمرو  ۽ لائونج، جنهن ۾  ڪلر ٽي وي هئي.

ٿڪل ڏاڍا هئاسين، سڄي رات ننڊ نه جاڳ، اٿينس تي وقت پوئتي ڪيوسين ته رات تائين ڊگهي ٿي پئي. آرام ڪرڻ جو سوچيوسين، پر مون خيال ڪيو ته اڳ ۾ ٽوئرسٽ انفرميشن وٺي، هتي جا ڏينهن Plan ڪيون ۽ پوءِ آرام سان سمهون.

هوٽل جي ڪائونٽر تان ٽوئرسٽ انفرميشن گهريم. ان کي پڙهي ائين لڳو ته اٽليءَ ۾ ٽي ڏينهن ته ڇا، ٽي هفتا به ٿورا آهن. قمر سان صلاح ڪيم ته ”هڪ ڏينهن اڃا به هجي.“ قمر چيو، ”اڃان هاڻي ايئرپورٽ تي ته وڌرايو اٿوَ . گهڙيءَ گهڙيءَ ٿوروئي وڌائيندا.“

مو ن چيو،”ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.“

هوٽل جي ڪا.ونٽر تان ”الاطالبيا“ کي فون ڪيم ته، ”اسان جي سيٽ اڃا هڪ ڏينهن پوئتي واريءَ فلائيٽ ۾ رکو.“

ساڳيو جواب مليو”ڏهن منٽن ۾ ڪمپيوٽر کان پڇي ٻڌايون ٿا.“ ڏهن منٽن کان به اڳ فون آئي ،”توهان جي سيٽ هڪ ڏينهن پوئتي فلاڻيءَ فلائيٽ ۾ بڪ آهي.“

مون چيو، ”ڇا مان اوهان جي آفيس اچي ٽڪيٽ تي اها درستي ڪرايان.“

جواب ڏنائون، ”ان تڪليف ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، اوهان ايئر پورٽ تي اها تصحيح ڪرائجو.“

اتي مون کي پنهنجو ملڪ يادآيو، جتي هڪ دفعو ڪنفرم ٿيل سيٽ به نه ملي هئي، ۽ ايئرپورٽ تان واپس ڪيو هيائون . ڪمري ۾ اچي سمهي پيس. شام جو هوٽل مان ئي ٽوئر بڪ ڪرايو هيوسين، پر صبح جو وقت هو، ننڊ نه آئي. رڳو بسترن تي ليٽي ڪجهه آرام ڪيوسين.

ٺيڪ وقت تي کڙڪو ٿيو، ٽوئر ڪمپنيءَ جي ڇوڪري اسان کي وٺڻ آئي هئي. اسان به تيار هئاسين. هيٺ سندن گاڏي بيٺل هئي، جنهن ۾ ٻيا به ٽوئرسٽ ويٺا هئا. اتان شهر جي هو وڏي چؤنڪ تي آندائون ، جتي سندن ڪمپنيءَ جون ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هيون. هر هڪ کان پڇيائون: انگريزي، فرينچ، جرمن، ڪهڙي ٻولي سمجهو ٿا. ڌار ڌار ٻولين وارن کي ڌار ڌار بسن ۾ ويهاريائون. اسان جنهن بس ۾ ويٺاسين، ان ۾ انگريزي ۽ فرينچ ڳالهائڻ واري گائيڊ هئي. بس ايئر ڪنڊيشن هئي، ٻنهي پاسن کان گوڏن تائين شيشا هئا. ڇت جو به گهڻو حصو شيشي جو هو، جيئن زمين ۽ آسمان جو نظارو سٺو ٿي سگهي. هيءُ سفر، شهر جو طائرانه سفر هو، شهر جا مشهور رستا ۽ مقام ڏيکاريائون ۽ هڪ ٻن جاين تي بس مان لاهي گهمايائون.

”هيءُ ول بورجس آهي- يعني سدابهار باغ.“ گائيڊ جيڪا ڊرائيور جي ڀرسان، اسان ڏي منهن ڪري بيٺي هئي، تنهن چيو، ”هن باغ ۾ اهڙا وڻ ۽ گل آهن، جي هر موسم ۾ تازا رهندا آهن.“

مون سوچيو: ان باغ جي ٻاهران جيڪر بورڊ هڻي ڇڏجي ”سرءُ جي مند کي اندر اچڻ جي منع آهي.“

ان کان پوءِ آرچين ديوار آئي، جيڪا ٽين صدي عيسويءَ ۾ ٺهي هئي. ان وقت روم جي آدمشماري ڏهه لک هئي.

بس هڪ ويڪري، صاف سٿري ۽ فئشنبل رستي تان لنگهي. گائيڊ ٻڌايو:”هيءَ وايا وينتو آهي، روم جي مهانگي ۾ مهانگي گهٽي آهي.“

ٻنهي پاسي، فٽ پاٿن تي ڪرسيون ميزون پيون هيون. ڪرسين جو منهن ٽريفڪ ڏانهن هيو. ماڻهو اتي کائڻ ۽ پيئڻ ۾ مشغول هئا. کليل هوا ۾ ويهي، ٽريفڪ جو نظارو ڪندي،  مشروب ۽ کاڌي جا چشڪا وٺڻ ۽ ان سان گڏ گڏ ڀرسان ويٺل دوست سان ڳالهيون ڪرڻ جي آئيڊيا مون کي ڏاڍي رومانٽڪ نظر آئي.

ان رومانٽڪ سوچ تي پائيپ ياد آيو. تماڪ ڀري، پائيپ دکائي، اڃا ٻه ڪش مس هنيم ته پٺيان سيٽ تي ويٺل هڪ ڪراڙيءَ دانهن ڪئي:

“Ne  fumez  Pas” يعني پائيپ نه ڇڪ-فرينچ سکي به ان ڏينهن لاءِ هيم، ته روم شهر ۾، ان بدمزاج پوڙهيءَ جا اهي لفظ سمجهان. قمر جو پڻ ان ڪراڙيءَ جي دانهن تي ڇرڪ نڪري ويو ۽ مون کان پڇيائين، ”هيءَ ڇو ٿي رڙيون ڪري؟“

ٻڌايومانس ته، ”منهنجي پائيپ پيئڻ تي اعتراض اٿس.“

مون چوڌاري نهاريو. متان بس ۾ ڪو بورڊ هجي ته ’سگريٽ پيئڻ منع آهي.‘ پر مون کي نظر نه آيو. ڪيترائي ٽوئرسٽ بس ۾ ويٺي سگريٽن ۽ پائيپن مان دونهان ڪڍي رهيا هئا، پر تڏهن به مون شرافت جو مظاهرو ڪندي، پائيپ ڇڪڻ بند ڪيو ۽ قمر کي چيم، ”هن مصيبت مان ڦاٿس.“

بس بئنڪ آف اٽليءَ جي عمارت وٽان لنگهي، جيڪا جديد فنِ تعمير جو نادر نمونو آهي ۽ وري گهڙيءَ کان پوءِ سنگ مرمر جي هڪ دقيانوسي ونگ هيٺان لنگهي. اتي مون کي چوڻي ياد آئي: Rome was not built in a day (روم هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيو آهي) روم جي تعمير صدين جو سفر آهي، روم قديم به آهي ته جديد به ــ روم وقت سان گڏ اڳتي وڌيو آهي. موهن جي دڙي وانگر وقت سان قدم نه ملائي سگهڻ جي ڪري رڳو تاريخ ۽ ميوزم جي زينت نه ٿيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته وقت کان اڳتي وڌي، وقت جي رهنمائي پڻ ڪئي اٿائين.

گائيڊ ٻڌايو، ”هي سنگ مرمر جا ونگ، قديم دور جي ’شهر پناهه ديوار‘ ۾ هئا، جن کي اڃا تائين محفوظ رکيو ويو آهي.“ ڪاڏي ويا شڪارپور جا لکي در ـــ هاٿي در ـــ واڳڻا در ـــ؟ رڳو انهن جا نالا ڪن پاڙن تي پيل آهن! بس هلندي اچي مسوليني جي هيڊڪوارٽر تي پهتي. اتي اسان کي بس مان لاٿو ويو. کير جهڙي اڇي سنگ مرمر جي تمام وڏي Huge مرقعي جي آڏو اچي بيٺاسين. اڇي، بنا ريک سنگ مرمر کي ڏسي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ کير کي ڪنهن قالب ۾ ڍالي، برف ڪيو ويو آهي. (ان سنگ مرمر کي، جنهن ۾ ڪا ڪاري ڳاڙهي ليڪ نه هجي، انگريزيءَ ۾ Alabostre چوندا آهن.) هيءَ اها جاءِ هئي، جتان فاشزم جو خالق، مسوليني بيهي تقريرون ڪندو هو. (مسوليني مري ويو. اڄ به ان جي ملڪ جا ماڻهو کانئس نفرت ٿا ڪن. پر هي فن جو معرڪو اڃا زنده آهي. اڃا به ماڻهو ان کير جي برف کي پيار ٿا ڪن.) اهو سنگتراشيءَ جو ڪمال آهي. ان جي هڪ هڪ انچ تي سنگتراشي جي فن جو مرقعو آهي. مڪلي ۾ ڇاهي؟ ليڪون سڌيون آڏيون ـــ عمودي، ليڪون ـــ اڌگول ـــ پر لهوارن، اوڀارن، هيٺاهين مٿاهين مان ’زندگي‘ وري تخليق ڪرڻ Re-create، مسلمانن جو ڪم ناهي. هن فن جي مرقعي ۾ ’هڪ دل هزار داستان‘ وانگر ڪٿي گهوڙا، ڪٿي سپاهي، ڪٿي جرنل، هر انچ فن جو مرقعو. ان کي تفصيل ۾ ڏسڻ ۽ جاچڻ لاءِ ڪلاڪ نه، پر ڏيهن کپن. پر هن وقت ته اهو به ڪافي هو جو ان تي ڏهه پندرهن منٽ طائرانه نظر وڌي سين. ان جاءِ تي بيهي، مسوليني تقريرون ڪندو هو. مسوليني ـــ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ دوران اٽليءَ جو ڊڪٽيٽر ـــ فاشزم جو خالق ـــ هٽلر جو همنوا ـــ اٽليءَ ۾ هٽلر جو نعم البدل ـــ جنگ ۾ اٽليءَ جي تباهيءَ جو ڪارڻ. هٽلر جرمن قوم کي چيو، ”ڪنتم خير امة“ (اوهان سڀ کان ڀلاري قوم آهيو) ۽ جرمني تباهه ٿي. ساڳي ڳالهه مسولينيءَ اٽليءَ وارن کي چئي، اٽلي تباهه ٿي. شهيد ۽ مجاهد ٿيڻ جي لالچ ۾ قتل ۽ خون لاءِ اڪسائڻ وارن جو انت اهو ٿيو. ڪابه قوم مٿاهين ناهي، ڪابه قوم گهٽ ناهي. جن قومن مٿاهين هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، هن صديءَ ۾ ان جون عورتون بيواهه، مائون بي اولاد، ڌيئون چڪلي جي زينت بنيون آهن. اها سزا آهي قومي احساس برتريءَ جي، جيڪا هن صديءَ ۾ دنيا جي انهن قومن کي ملي، جن جو ماضي عظيم هو ۽ جن جي ثقافتي ورثي کي دنيا تسليم ڪيو آهي.

ڪابه قوم گهٽ ناهي، ڪابه قوم وڌ ناهي. ڪابه قوم برهمڻ ناهي، ڪابه قوم شودر ناهي. ماضيءَ جي عظمت جواز ناهي، حال ۾ استحصال ڪرڻ جو. عظيم ثقافت سبب نه هئڻ گهرجي، ٻين ثقافتن کي تحس نحس ڪرڻ جو. هيءَ صدي فيصلي جي صدي آهي. هيءَ صدي يوم الحساب آهي. هيءَ صدي اوچ نيچ ۽ قومن جي وڇوٽيءَ کي ختم ڪرڻ جي صدي آهي. هيءَ صدي تعصب جي قاتل صدي آهي.

يورپ جي سڀني ملڪن ۾، ماڻهو جنگ جي نالي کان ڏڪن پيا. چيائون پئي، ”جنگ ڇا لاءِ؟“ مون اٽليءَ ۾ انگريز ۽ فرينچ ٽوئرسٽ آرام سان گهمندي ڏٺا، جيڪي ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اٽليءَ جا دشمن هئا.

روم شهر جي هر ننڍي وڏي چونڪ تي، ڪونه ڪو پتلو (Sclupture) نصب ٿيل آهي. اهو سوين سال قديم به آهي، ته فن جو عظيم مرقعو پڻ. اسان بت شڪن مذهب جا ماڻهو آهيون. پر اُتي قدم قدم تي بت پرستي لاءِ دل پئي چيو. هر بت، فنڪار جي ذهن جي موسيقيءَ جي ڄميل برف هئي.

مترنم ۽ روان ليڪون. متوازن عضوا، وڻندڙ نقش، چپ ڳٽن کان وڌيڪ حسين، ته ڳٽا چپن کان وڌيڪ متناسب. ڳٽا ۽ چپ، ٺهيل ته سخت سنگمرمر جا، پر ائين پيا لڳن، جو ڀائنجي ته جي انهن تي آڱر رکبي ته، انهن ۾ کٻ پئجي ويندو. وار پٿر جا، پر ائين پيو ڀائنجي، ڄڻ هوا لڳڻ سان لهرائي رهيا آهن.

بس ۾ ويهڻ جو وقت آيو ته، مون قمر کي چيو: ’مان ان بدمزاج ڪراڙيءَ فرينچ جي اڳيان ڪونه ويهندس.‘ مون هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان سيٽ مٽائي، جيڪو (No Smoker)  ’اڻ ڇيڪو‘ هو ۽ پوءِ مزي سان پائيپ مان دونهان ڪڍندو رهيس.

اتي ئي ’اڻ ڄاتي‘ سپاهيءَ جي مزار هئي. يورپ ۾ ٻين هنڌن تي به ’اڻ ڄاتي سپاهي‘(Un known Soldier) جون مزارون آهن. پئرس ۾، اٿينس ۾. يورپ ۾ تازو ’سورمي پرستي‘ (Hero Worship) جي خلاف رحجان پيدا ٿيو آهي، ان ڪري ئي هنن اڻ ڄاتن سپاهين، بي نام ۽ گمنام سورمن کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي آهي. انهن اڻ ڄاتن سورمن جي مزار تي چوويهه ئي ڪلاڪ بتي ٻرندي ٿي رهي. ڌاريا سفير حاضري ڏين، قومي ڏينهن تي انهن مزارن تي عام ماڻهو جي شڪل ۾ اچي سوين گلن جون چادرون چاڙهين.

يورپ وارن جي خيال ۾ ’سورمي پرستي‘ سڄيءَ قوم کي هڪ شخصيت جي پٺيان هلڻ تي مجبور ٿي ڪري ۽ سڄي قوم جي سوچ ان هڪ سورمي جي شخصيت جي چوديواريءَ ۾ قيد ٿيو وڃي. قوم کي اڳتي وڌڻ گهرجي، پر سورمي پرستي قوم کي ان سورمي سان جڪڙي، اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي. ان ڪري گمنام ۽ بي نام سورما بهتر آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org