سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:5 

نيشنل آرٽ گئلري

انگريز ڪمال جي قو م آهن. هنن نه فقط پنهنجي مُلڪ جي، پر دنيا جي هر ملڪ جي شاهڪارن کي هٿ ڪري، محفوظ ڪيو آهي. هتان جي ميوزمن ۽ آرٽ -گئلرين تي جيڪو پهرو آهي، اهو رڳو راڻيءَ جي بڪنگهام محل تي هوندو. چپي چپي تي ڪَرڙا محافظ، عقاب واريون اکيون ڦاڙيو بيٺا آهن. متان ڪو انهن تصويرن کي هٿ لائي، متان اهي انسان ذات جي عظيم ترين ۽ نفيس ترين حاصلات جا مظهر ضايع ٿي وڃن.

هن گئلريءَ ۾ دنيا جي هر مشهور ۽ اهم مصور جون تصويرون آهن. انگلنڊ جا ٽرنر ۽ ڪانسٽيبل، فرانس جو ماتيس ۽ اسپين جو پڪاسو، هالينڊ جا ريمبرانٽ، وان گوگ ۽ ريوبنس، اٽليءَ جو ليونارڊو ۽ رافئل. مطلب ته انگريزن هر ملڪ جو خزانو پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي. ورانڊي ۾ گهڙڻ سان سڄي گئلريءَ جو نقشو ڏسڻ ۾ ايندو.

هتي اٽليءَ جي فلاڻيءَ صديءَ جا شاهڪار آهن. فلاڻي نمبر هال ۾ فلاڻي ملڪ جي فلاڻي صديءَ جي فلاڻن مصورن جون تصويرون آهن. ان ئي ورانڊي ۾، گئلريءَ جي هر تصوير جو نقل، وڏيءَ توڙي ننڍيءَ سائيز ۾، معمولي قيمت تي ملي. ان کان سواءِ مصوريءَ جي فن تي ڪتاب به ملن. هر اهم مصور جي فن ۽ سوانح جي باري ۾ ڪتاب موجود.

ان گئلريءَ ۾ موجود مشهور مصورن جون تصويرون، ڪن ڪتابن ۾ اڳ ڏٺل هيون، جيئن ريوبنس (Rubens)  جي پيتل سپاهي (Judgment of  pairs, Rape of Sibyls’ Drunken Soldier) پر اصل ۽ نقل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. الائي ڪهڙي نادان جو شعر آهي:

خدا رکهي که تجهه سي بهي حسين تصويري تيري هي.

مون کي ائين محسوس ٿيو ته، انهن تصويرن جا ڇپيل نقل، جيڪي مون ڪتابن ۾ ڏٺا هئا، انهن ۾ 5 سيڪڙو تاثر مس هيو، نقل ۾ 95 سيڪڙو فن ختم ٿيو وڃي، نقل ۾ برشن جا اسٽروڪ، رنگ ملائڻ، رنگ جي وڏن دُٻن ذريعي تاثر پيدا ڪرڻ ـــ انهن جو مطالعو ناممڪن آهي.

اهڙي ئي ٽرنر (Turner)  جي تصوير هئي، شام جو تارو (Evening Star) ميرانجهڙي، نيري رنگ جي پس منظر ۾ اڀرندڙ تاري جي جهڪي ۽ سونهري روشنيءَ جو نظارو. تصوير پري کان ڏسو ته ڄڻ شام جو تارو هاڻي اڀريو آهي. ويجهو وڃي ڏسو ته معلوم ٿئي ٿو ته فنڪار اهو تاثر برش جي Strokes  سان ڪيئن پيدا ڪيو آهي.

وانگ گوگ ـــ ڊچ وان گوگ ـــ ڪوئلي جي کاڻين ۾ مزدوري ڪندڙ وانگ گوگ ـــ اڌ چريو وان گوگ ـــ جڏهن ’گاهه ۽ پوپٽ‘ (Grass and Butterfly) ٿو چٽي ته عجب ٿو لڳي. رنگ جا وڏا وڏا چُٽا (Patches) هڻي، رنگن کي ملائڻ کان سواءِ ئي ڪنهن منظر يا پورٽريٽ کي تخليق ڪرڻ، هن جو ئي ڪمال آهي. هن جي راءِ موجب تصوير جو هر جزو رنگ جو هڪ ايڪو آهي ۽ مختلف رنگن جي مختلف ايڪن جي ترتيب سان ئي تصوير جڙي ٿي. ان نموني جون تصويرون چٽڻ فن جي دنيا ۾ وڏو انقلاب هو. ان کان پوءِ ئي ڪيوبزم(Cubisim)  ۽ تجريدي (Realism)   مصوريءَ جنم ورتو.

هڪ مصور ڪناليٽو جي تصوير، حقيقت پسنديءَ (Realism) جي دور جي بهترين تصوير مان آهي. اها آهي، ’وينس جو هڪ نظارو‘ (A scene of Venice) وينس شهر جي ان نظاري ۾ جايون، جيئن اوري، تيئن وڏيون، جيئن پري تيئن ننڍيون. انهن جاين جو Perspective ايترو ته Exact آهي، جو هڪ هڪ در، بالڪني، ونگ جو زاويو. هڪ هڪ ليڪ، هڪ هڪ نقطو ماپيل ۽ تڪيل توريل پيو لڳي ـــ اها شيءِ جاميٽريءَ ۽ مصوريءَ، ٻنهي جي اونهي اڀياس کان سواءِ ناممڪن آهي.

برٽش ميوزيم

برٽش ميوزيم گهمڻ، هفتن جو نه، پر مهينن جو ڪم آهي. اسان ان لاءِ فقط هڪ ڏينهن رکيو. رڳو ان جي لائبريري ئي ويهي ڏسجي ۽ ان جو مشرقي ادب جو شعبو ڏسجي، ته ٻه هفتا کپن. اسان ان ميوزيم ۽ لائبريريءَ کي مٿاڇرو ڏٺو. لائبريريءَ ۾ دنيا جي مشهور مصنفن جي مشهور تصنيفن جا قلمي نسخا موجود آهن. گهڻو ڪري هر جڳ مشهور مصنف جا هٿ اکر هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن.انگريز عجيب قوم آهن. هنن وٽ جرمنيءَ جي ڪارل مارڪس، فرانس جي سگمنڊ فرائڊ، ۽ ويزالس، اٽليءَ جي ڊانٽي، کان ويندي سندن پنهنجي شيڪسپيئر جي ڪتابن جا قلمي نسخا موجود آهن. آٽوگراف سيڪشن ۾ جڳ مشهور اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جا هٿ اکر محفوظ ٿيل آهن. انهن ۾ ورڊس ورٿ، ڪيٽس، پوپ، ملٽن، ڪولرج (سڀ انگلنڊ جا شاعر) فرانسيسي شاعر فرانڪو ولان، فرانسسي ڏاهي روسو، مشهور اطالوي سنگتراش مائيڪل اينجلو، ڊچ مصور ريمبرانٽ ۽ ٻين جڳ مشهور هستين جا هٿ اکر محفوظ ٿيل آهن.

گهمندي گهمندي اچي انڊين گئلريءَ ۾ پهتاسين، جتي موهن جي دڙي مان لڌل ڪيتريون اصلي مهرون ۽ پُتلا رکيل آهن. اصل قيمتي شيون هندستان وارن وٽ، ۽ برٽش ميوزيم ۾ آهن. اسان وٽ گهڻو ڪري انهن جا نقل (Replica) آهن.

تازو خيرپور ڪئمپسن جي آثار قديما جي ماهر نيلوفر ٻڌايو ته، ورهاڱي وقت آثار قديما به ورهايا وياـــ موهن جي دڙي مان لڌل ’نچڻي‘ (Dancing Girl)  هندستان کنئي ۽ ڪِنگ پريسٽ (King Priest) پاڪستان. (اسان جي حصي ۾ وري به ڏاڙهيءَ وارو آيو.)

ميوزيم ۾ ڪيترائي مهاتما ٻڌ جا مجسما هئا، جن مان ڪن جا مهانڊا چينين جهڙا، ته ٽئڪسيلا مان لڌل مجسمي جا مهانڊا يونانين جهڙا. جهڙو  ديس تهڙو ويس ته ٻڌو اٿم، پر جهڙو ديس تهڙا مهانڊا، اها منهنجي لاءِ نئين ڳالهه هئي. مهاتما ٻڌ تي هر ملڪ جي ماڻهن پنهنجا مهانڊا مڙهي ڇڏيا آهن. اتي مونکي يوناني فيلسوف جو قول ياد آيو: ”جي ڍڳن کي هٿ هجن ها ۽ انهن کي خدا جي تصوير ٺاهڻ لاءِ چئجي ها ته هو ڍڳو ئي ٺاهين ها.“

هر ملڪ جي ماڻهن مهاتما ٻڌ کي پنهنجي مهانڊن ۾ ڏٺو. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته مهاتما ٻڌ کي ايترن سارن ملڪن جي ماڻهن پنهنجو ڪيو ۽ ساڻس عقيدت رکي. چون ٿا ته دنيا ۾ جيترا مجسما مهاتما ٻڌ جا لڌا ويا آهن، اوترا ٻيءَ ڪنهن شخصيت جا نه لڌا آهن.

برٽرنڊرسيل، پنهنجي آٽو بايو گرافيءَ ۾، مهاتما ٻڌ کي تاريخ جو پهريون نمبر انسان سڏيو آهي. اهو انڪري، جو هن کيس (ٻڌ کي) نه مڃيندڙن، ۽ ساڻس اختلاف رکڻ وارن لاءِ، ڪنهن به عذاب يا جهنم جي باري ۾ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ئي انهن کي ننديو اٿائين.

مهاتما ٻڌ جا مختلف ملڪن جي مهانڊن وارا مجسما ڏسي، شاهه لطيف جو شعر ياد آيو:

ايڪ قصر در لک، ڪؤڙين منجهس ڳڙکيون

جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

برٽش ميوزم ۾ ٻي دلچسپ گئلري آهي ’مصري گئلري‘ (Egyption Gallery).

ان گئلريءَ ۾، مصر جي فرعونن جون مميون (Mummies) ٻن هزارن کان به مٿي سالن کان محفوظ پيون آهن مصري پنهنجي مُردن کي هزارن سالن تائين محفوظ ڪرڻ جي سائنس، اڄ کان ٻه هزار سال اڳ ڄاڻندا هئا. ميوزم ۾ ممين جي ڪتبن جو ترجمو به لکيل هو، (اسان وٽ جيڪو مردو، خشڪ ۽ چن واريءَ زمين ڪري محفوظ رهجيو وڃي (اتفاقاََ) ته ان جون تعريفون ٿينديون آهن. ان کي وڏو روحاني شخص سمجهيو ويندو آهي، پوءِ هنن فرعونن، انهن جي جانورن ٻلين، ڪتن ۽ پکين جي ممين جي باري ۾ اهي ڇا چوندا؟

ميوزم ۾ نه فقط انسانن جون پر جانورن جون مميون پڻ موجود آهن ۽ انهن جانورن جي ممين تي عجيب غريب ڪتبا لکيل آهن. لڳي ٿو ته اهي جانور پنهنجي مالڪ فرعونن جا پاليل ۽ پيارا(Pets) هئا.

برٽش ميوزم مان نڪري، هڪ هنڌ سنئڪ کائي، ڪجهه پي، ڊاڪٽر شئڪل سان ملڻ لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ ڏانهن وڌياسين.

لنڊن يونيورسٽي برٽش ميوزم جي پٺيان ئي آهي، پنڌ ڪري يونيوورسٽيءَ پهتاسين. يونيورسٽي جي آفريڪي، ايشيائي ۽ هندستاني ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر شئڪل جي آفيس پهتاسين، هو پاڻ موجود نه هو. سندس خاتون سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته هو سڀاڻي ايندو. اسان کانئس شئڪل جي گهر جو فون نمبر پڇيو. هن ڏاڍيءَ نرمائيءَ سان اسان کان معافي وٺندي چيو ته هوءَ ڪنهن کي به شئڪل جي گهر جو فون نمبر نه ٿي ٻڌائي سگهي، ڇوته هن کي اهڙي اجازت ناهي. مون کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، ”مان سندس ست سمنڊ پار کان دوست آهيان.“

هن وري به معافي وٺندي چيو ته ”اوهان نياپو لکي ڏئي وڃو. سڀاڻي هن کي ضرور ملي ويندو.“

مون پنهنجي هوٽل جي ايڊريس ۽ فون نمبر لکي سندس حوالي ڪيو ۽ اسان مادام تساد کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌياسين.

مادام تساد

جي محمود غزنوي هي بت خانو ڏسي ها ۽ کيس جماليات جي حس (Aesthetic Sense)هجي ها ته، بت شڪنيءَ کان توبهه ڪري ها. هنن بتن کي ڀڃڻ لاءِ تيشيءَ يا مترڪي جي ضرورت ناهي، هنن کي هٿ لاهبو ته رجي پوندا، ڇوته اهي ميڻ جا بت آهن، سنگ مرمر جا ناهن. فيض جو شعر آهي:

جيسي مغرور حسيناؤن کي برفاب سي جسم

گرم هاتهون کي حرارت سي پگهل جاتي هين

هن ميڻ جي بتن جي بتخاني جو بنياد هڪ خاتون مادام تساد وڌو. سڀ کان پهرين اها نمائش فلپس ڪرٽس جي نالي سان ٿي، جيڪو جرمن ڳالهائيندڙ ۽ سٽئزرلينڊ جو رهاڪو هو 1770ع ۾ پئرس جي پئلي رايل ۾ پهرين نمائش ٿي، پوءِ مادام تساد، جيڪا ڪرٽس جي اڪيلي وارث هئي، تنهن اها نمائش ڪرڻ شروع ڪئي. 1835ع ۾ ان کي لنڊن جي بيڪر اسٽريٽ ۾، موجود جڳهه تي آندو ويو.

بيڪر اسٽريٽ پهتاسين ته، ننڍي هوندي پڙهيل هاسي مل پيسي مل ناٿاڻيءَ جا جاسوسي ناول ياد اچي ويا، جن ۾ اڪثر بيڪر اسٽريٽ جو ذڪر هوندو هو. ان وقت ائين لڳندو هو، ڄڻ بيڪر اسٽريٽ ڪا وچتر جڳهه هجي، جنهن ۾ چپي چپي تي بدمعاش آرسين لوپن، رائمرڪيو، ويوفانگ ۽ جڳ مشهور جاسوس رابرٽ بلئڪ، شرلاڪ هومز، بلئڪ جي زال اميليا ڪارٽر ۽ سندس شاگرد سمٿ ۽ بليڊيءَ جي تاڙ ۾ خوني، وچتر ۽ وگياني هٿيار کنيو بيٺا آهن. ائين به محسوس ٿيندو هو ته شرلاڪ هومز اوورڪوٽ ۽ فيلٽ هئن پائي، پائيپ مان دونهان ڪڍندو، هر شيءِ کي غور سان جاچيندو ٿو وتي.

پر بيڪر اسٽريٽ ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي. اها هڪ ويڪري، صاف سٿري، جديد ۽ خوبصورت اسٽريٽ آهي. گهمندا گهمندا اچي مادام تساد وٽ پهتاسين.

اندر پيل ميڻ جي بتن کي ٺاهڻ جي فن مان رڳو سندن فنڪار ئي واقف آهن. ڪمال اهو، جو ڊيوٽيءَ تي بيٺل پوليس وارو به ميڻ جو بت محسوس ٿئي ۽ جڏهن چر پر ڪري ته پوءِ پنهنجيءَ غلطيءَ جو احساس ٿئي ته مار، هيءُ ته جيئرو جاڳندو ماڻهو آهي. ميڻ جو بت ناهي.

جي مائيڪل اينجلو جيئرو هجي ها ته، سنگ مرمر، ڇيڻي ۽ مترڪو ڦٽي ڪري، ميڻ جا بت ٺاهڻ لڳي ها.

هر بت جا وار اصلي (اصلي معنيٰ انساني) وارن جو رنگ مئچ ڪيل. اکيون شيشي جون، پر انهن جو رنگ به مئچ ڪيل. ڀروُن ۽ ڇپر ته معمولي ڳالهه آهي، ٻانهن ۽ هٿن جي پٺين ۾ به وار پيل.

هتي ڏسو، شهنشاهه ايران بيٺو آهي. پنهنجي شاندار شاهاڻي پوشاڪ ۽ رعبدار مهانڊن سان (پوشاڪ به اصلي ڪپڙن جي پهريل اٿس). هن پاسي پام جي ٻوٽي جي ڀرسان، بس اسٽاپ جي بورڊ وٽ، جڳ مشهور ائڪٽريس ”مارلن منرو“ ڪلهي ۾ ٿيلهو لڙڪائي بيٺي آهي. ٻئي طرف انگلينڊ جو بادشاهه، پنهنجي روايتي شاهي لباس ۾ پنهنجي خاندان سان بيٺو آهي. هوڏانهن جڳ مشهور مصور ”پڪاسو“ چيڪ جي پتلون پايو ويٺو آهي. ڪٿي ”الفريڊ هچڪاڪ“ آهي ته، ڪٿي”محمد علي ڪلي“، هوڏانهن ”مهاتما گانڌي“ سادي عينڪ پايو، کاڌيءَ جي پوشاڪ ۾ لٺ ٽيڪيو، جهڪيو بيٺو آهي.

اهي ميڻ جا بت، اصل جهڙا آهن، جن تي نقل جو گمان ئي نه ٿو ٿئي. سنگمرمر جي بتن جا ڪپڙا ۽ وار به پٿر جا، پر هنن جا ڪپڙا ۽ وار اصلي. سندن رنگ به اصلي. مهاتما گانڌيءَ جي چمڙيءَ جو رنگ سانورو ته، مارلن منرو جو گلابي.

مادام تساد جو حصو آهي”خطرناڪ ڪمرو“ ان ۾ دنيا جي مشهور ظالمن جا بت آهن. اندر گهڙڻ سان اهڙو ماحول ٿو لڳي، جو ڀؤ وٺيو وڃي. ڀتين جو رنگ ڪارو، روشني جهڪي، هيبت جو احساس وڪوڙيو وڃي.

ان حصي ۾ گلوٽين آهي، جنهن سان ماڻهن کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. ان جي ڪات تي لڳل رت جا نشان ائين ٿا لڳن، ڄڻ ان ڪات سان اڃا هاڻي ڪنهن بدبخت جي سسي وڍي ويئي آهي.

هن بتخاني جي انتهائي ڪمال جو نڪتو آهي. ”ستل سونهن“ هڪ حسين عورت (ميڻ جي) پلنگ تي ستل آهي ۽ ساهه کڻڻ سان سندس ڇاتي به هيٺ مٿي ٿي رهي آهي.

هن بتخاني ۾، دنيا جي مشهور شخصيتن جا بت رکيا ويندا آهن. انهن ۾ بادشاهه، ملڪن جا ليڊر (جيئن چرچل، گانڌي) فنڪار، اسپورٽس مين، ائڪٽر، فلم ڊائڪريٽر ۽ موسيقار اچي وڃن ٿا. جي ڪا شخصيت اڳوڻيءَ کان وڌيڪ مشهور ٿئي ٿي ته، ان جي جاءِ تي ان نئين شخصيت جو بت رکڻ کان اڳ اهو به سوچيو ويندو آهي ته، ان شخص جي مهانڊن ۾ ڪا خاص نادر ڳالهه هجي، جيڪا فنڪارانه لحاظ کان انوکي لڳي. يورپ ۾ واقعي اسلام خطري ۾ پئجي ٿو وڃي. بت پرستيءَ تي دل ته روم ۾ ٿي هئي، هتي اچي ”بت گرستيءَ“ تي دل ٿيڻ لڳي.

ٻاهر نڪتاسين ته بيڪر اسٽريٽ تي ميرانجهڙي سانجهي هئي. راجوءَ سان پروگرام هو. فنچلي روڊ جي ٽرين پڪڙي اچي راجوءَ وٽ پهتاسين. راجوءَ اسٽيشن تي کليل ٻانهن سان اسانجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي گهر وٺي آيو. اتي سندس گهر واريءَ ۽ والده کان سواءِ هڪ ٻيو همراهه به مليو. منگسي ــــ قربائتو ــــ مهمان نواز ــــ سلجهيل خيالن وارو، ادب جو سٺو ذوق رکندڙ. سنڌ ۾ ساڻس ملاقات ٿيل نه هئي. ٻڌايائين ته منهنجي ننڍپڻ جي يار، محبوب علي منگسيءَ جو ڀاڻيجو آهي. سندس ذوق ڏسي مون کي ڏک ٿيو جو مون سندس لاءِ ڪتاب ڪين آندا هئا. ان سبب، جو ساڻس اڳ مکاميلو نه ٿيو هو. رات جو دير تائين ڪچهري هلي، سنڌ جون ڳالهيون، پراڻن دوستن جون، خاص ڪري اياز ۽ ڀٽيءَ (رشيد ڀٽيءَ) جون ڳالهيون، رات جو دير سان منگسي اسان کي وار وڪ روڊ جي هوٽل تي ڇڏي آيو.

روزانو صبح جو هوٽل ڇڏڻ کان اڳ، اسان لسيسٽر ڏانهن نور احمد سومري کي ۽ ڪنگس لين ۾ شوڪت کي فون ڪندا هئاسين. نور سومرو روز دانهون ڪندو هو، ”يا مان لنڊن اچان، يا توهان يڪدم لسيسٽر هليا اچو. هانءُ ٿو ڦاٽي.“ مان جواب ڏيندو هيومانس ، ”اڃا لنڊن ۾ دل جي تپاس ڪرائڻي آهي ۽ پوءِ لنڊن گهمڻي آهي، ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر.“

ان ڏينهن معمول مطابق فون ڪئي سين ته يڪدم چيائين، ”اڄ شوڪت مون سان ڳالهايو هو، توهان تي ڪاوڙيو ويٺو آهي ته، اوهان کيس اچڻ جو اطلاع ئي نه ڏنو آهي.“

مون جواب ڏنو، ”روز فون ٿا ڪريونس، نمبر ملي ئي نٿو.“

هن پڇيو، ”ڪهڙو نمبر ٿو ڊائل ڪرين.“

مون ڊائري کولي نمبر ٻڌايومانس ته هن چيو، ”بيوقوف آهين. ڪنگس لين جو ڪوڊ نمبر غلط ٿو ڊائل ڪرين، صحيح ڪوڊ نمبر هيءُ آهي.“

مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ صحيح ڪوڊ نمبر لکيو. غلط نمبر يا مون کان لکجي ويو هو، يا شوڪت لکرايو هو.

يڪدم صحيح نمبر ڊائل ڪيم، يڪدم شوڪت ملي ويو. ڏاڍو ڪاوڙيل هو. چي، ”تون سومري کي روز فون ٿو ڪرين، مون کي اطلاع ئي نه ڏنو اٿئي.“

مون مس مس وڃي کيس ٿڌو ڪيو، ”مائٽ، توکان مٿي ڀلا مون کي ڪير آهي. روز فون ڪندو هوس، ڪوڊ نمبر غلط لکيل هو.“

همراهه اعتبار ئي نه ڪري، جڏهن روبرو مليو ۽ ڊائريءَ ۾ غلط لکيل ڪوڊ نمبر ڏيکاريومانس، تڏهن وڃي ٺريو. ان سان به ساڳيو پروگرام رکيم. دل جي تپاس ڪرائي، لنڊن مان واندو ٿي، پوءِ ڪنگس لين وڃبو.

ان صبح جو شئڪل جي فون به آئي. هن پنهنجي گهر ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني. پنهنجي گهر جي ائڊريس  فون نمبر به ڏنائين.

هوٽل مان نڪري G.P (جنرل پرئڪٽيشنر) ڏي وياسين، جنهن رت تپاس لاءِ موڪليو ۽ هارلي اسٽريٽ واري دل جي جڳ مشهور  ماهر ڊاڪٽر اسپرويل سان اپائنٽمينٽ وٺي ڏنائين.

راجوءَ کي ساڻ کڻي، آڪسفورڊ اسٽريٽ آياسين. آڪسفورڊ اسٽريٽ شاپنگ جي خيال کان، يورپ جي بهترين جاين مان آهي. قمر جي جِين وڏو  مسئلو هو. روم جي بازارن ۽ لنڊن جي ٽرئفلگر اسڪوائر تان ناڪام موٽيا هئاسين. راجو جين جي هڪ خاص دڪان تي وٺي ويو، جتي قمر جي جين ملي ويئي. جين هونءَ ته هر لحاظ کان ٺيڪ هئي، پر رڳو ان جا پاچا ٿورا ڊگها هئا. قمر ٽرائل روم مان ٻاهر ايندي چيو، ”ڪمبخت انگريزياڻيون، سڀ ڊگهيون ٿينديون آهن ڇا؟“

پر اهو وڏو مسئلو نه هو، گهر اچي، پاچا ڪٽي، جين کي فٽ ڪرڻ مشڪل نه هو.

مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ منهنجو روم وارو شعر مڪمل ٿي ويو.

جهمريون پايو ڇيڄ وجهو ـــ

ڳايو ڳايو ـــ تاڙيون وڄايو ـــ

نيٺ ملي وئي

نيٺ ملي وئي

جين قمر جي.

ڊاڪٽر شئڪل

ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شئڪل انگريز آهي. لنڊن يونيورسٽيءَ جي آفريڪي ايشيائي ۽ هندستان جي شعبي جي اسڪالر آهي. 1974ع جي فيبروريءَ، ۾ ملتان مان لکيل سندس خط مليو هو، لکيائين:

’مان لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنجابيءَ ۽ اردوءَ جو ليڪچرار آهيان، اڄڪلهه ملتان ۾ آهيان ۽ سرائڪيءَ تي ريسرچ ڪريان پيو. مان خيرپور اچي سچل سرمست جي مقبري تي وڃڻ چاهيان ٿو. فلاڻيءَ تاريخ خيرپور ايندس. منهنجي مدد ڪندا.‘

مقرر تاريخ تي مون وٽ پهچي ويو. ڊگهو، مضبوط ۽ مرڪندڙ جوان، ايندي شرط مون سان چِند سرائڪيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڻ جا اچار اهڙا ته صحيح ۽ چٽا ڪڍيائين، جو مان حيران ٿي ويس.

پڇيومانس، ”هتي اڳي ڪڏهن آيو آهين؟“

جواب ڏنائين، ”پاڪستان ۾ پهريون دفعو آيو آهيان.“

وڌيڪ حيران ٿي پڇيومانس، ”ته پوءِ سرائڪي ڪٿي سکيئه؟“

وراڻيائين، ”لنڊن يونيورسٽيءَ ۾.“

مان وائڙو ٿي ويس. لنڊن ۾ سرائڪي سکيل هن شخص جا اچار توڙي لهجو، سنڌ ۽ بهاولپور ۾ ٽيهن سالن کان رهندڙ مهاجرن جي اُچار ۽ لهجي کان گهڻو بهتر هو.

کيس پنهنجي لائبريريءَ ۾ وٺي آيس. هن منهنجا ڪتاب ڏٺا. ’سچل جو سرائڪي ڪلام‘، ’ديوانِ بيدل‘، ’ڪليات حمل‘ هن چيو ته اهي سمورا ڪتاب پڙهيل اٿس ۽ سندس ڊپارٽمينٽ جي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. مون ساڻس انهن ڪتابن متعلق بحث ڪيو. هن انهن جي باري ۾ هڪ هڪ باريڪ ڳالهه ٻڌائي. مهاڳ فلاڻي لکيو آهي، ان ۾ هينءَ لکيو اٿائين، شاعر فلاڻي هنڌ ڄائو، فلاڻن شاعرن جي ڪلام جو اثر قبول ڪيائين.

مون دل ئي دل ۾ انگريز قوم کي سلام ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org