سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:10 

گاڏي هاروچ اسٽيشن تي پهتي. بغل ٿيلهي ۾ اڃا اسان ٻنهي جون برساتيون هيون، جيڪي ڪراچيءَ کان اسان جي ”ڪلهن“ تي لڙڪيل هيون. اهو بار ان آس تي کنيو پئي آياسين ته مينهن پوندو ۽ ڪڏهن ته برساتين پائڻ جو ’عيش‘ ڪنداسين، پر روم، ڪئپري،سورئينتو، لنڊن، ليسٽر، برمنگهام، ڪنگس لين، ڪٿي به انهن کي ’واپرائڻ‘ جو موقعو نه مليو. انڪري مون ۽ قمر تنگ ٿي، صلاح ڪري، برساتيون ڪڍي، ريل گاڏيءَ ۾ ئي ڦِٽيون ڪيون، جيئن بار هلڪو ٿئي. ڇو ته هاڻي قمر جي شاپنگ سببان بار کڻڻ کان وڌيڪ ٿي ويو هو.

هاروچ اسٽيشن تان سامونڊي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جنهن ۾ اسان جي فرسٽ ڪلاس جي بڪنگ هئي. ريل مان سامان لهرائي، ٽراليءَ تي رکي، پورٽر جي حوالي ڪري، قمر مونکي چيو، ”مان سامان سان وڃان ٿي، تون اسٽيشن جي ڪيفي تان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي آءُ.“

هاروچ جي اسٽيشن تي ڪيفي هئي، پر ويران (ان ويرانيءَ جو سبب پوءِ معلوم ٿيو) اتي کاڌي پيتي جو سڀ بندوبست هو، مون سئنڊوچ ورتا ۽ تڪڙو ٻاهر آيس. جهاز ويندي اوچتو ڏٺم ته سامهون اميگريشن ڪائونٽر آهي ۽ اتي قمر پريشان بيٺي آهي. مون سمجهيو ته سندس پريشاني سندس بک جي سببان آهي، چيومانس: ”فڪر نه ڪر، تولاءِ ڪافي سئنڊوچ آندا اٿم.“ هن چيو، ”هي پاسپورٽ ٿا گهرن. پاسپورٽ وارو پرس ته پورٽر ٽراليءَ ۾ کڻي جهاز تي چاڙهي ڇڏيو آهي.“

ڪائونٽر وارو همراهه اسان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. مون ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ طرفان سائي لفاطي ۾ پيل مواد پوريءَ ريت نه پڙهيو هو، جو معلوم ٿئي ته هاروچ وٽ بارڊر هو، ريل جي پهچڻ ۽ سامونڊي جهاز جي ڇٽڻ ۾ ڪو ڏهن پندرهن منٽن جو وقفو هو. بهرحال ڪائونٽر وارو ان ڳالهه تي راضي ٿيو، ته مان يرغمالي طور وٽس بيهان، ۽ قمر ڊوڙندي، جهاز مان پاسپورٽ کڻي اچي.

قمر وٺي ڊڪ ڀري.قمر جي وڃڻ کان پوءِ هن پڇيو.

”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“

”ائمسٽراڊام،“ مون چيو.

”اُتان پوءِ؟“ هن پڇيو.

”پئرس“ مون وراڻيو.

”۽ ان کان پوءِ؟“

”اٿينس.“

”اتان موٽي هتي ايندؤ؟“

”نه نه.“ مون چيو، ”واپس پنهنجي ملڪ وينداسين پاڪستان.“

هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”ته پوءِ پاسپورٽ جي ضرورت ناهي. تون وڃي سگهين ٿو.“

مون وٺي ڊڪ ڀري. ڏسان ته سامهون قمر پاسپورٽ هٿ ۾ کنيو، مينهن واچ ڪندي پيئي اچي. مون پري کان ئي رڙ ڪري چيومانس، ”پاسپورٽ کان سواءِ ئي ڪم ٿي ويو. موٽ ته جهاز نه ڇٽي وڃي.“

ٻئي ڄڻا ڊڪندا ۽ سهڪندا اچي جهاز ۾ چڙهياسين. جهاز به ڄڻ اسان جو منتظر هو، اسان پير رکيو، ته جهاز جي ڏاڪڻ نڪتي ۽ جهاز چُرڻ شروع ڪيو.

جهاز وارن چيو، ”اوهان ڪريو ڇا ٿا؟ آهيو ڪٿي؟ اسان جو جهاز اوهان جي ڪري ليٽ ٿيو آهي.“

اسان ڏاڍا شرمندا ٿياسين ۽ هنن کان معافي ورتي سين.

جهاز هلڻ وقت ياد آيو، ته برطانيه جي بارڊر ڇڏڻ وقت، اسانکي انهن سڀني رسيدن تي ڪسٽم وارن کان ٺپو هڻائڻو هو، جيڪي شاپنگ وقت مليون هيون. ان ٺپي لڳڻ ڪري اسان کي انگريز سرڪار کي ڏنل ٽئڪس واپس ملي ها. (انگلنڊ ۾ ڌارين تي ٽئڪس معاف آهي. دڪاندار ٽئڪس وٺي رسيد ڏين، جيڪا ملڪ ڇڏڻ وقت ڪسٽم جي ٽپي لڳڻ سان واپس ملي.)

قمر کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مون کي به افسوس ته ٿيو، پر قمر کي چيم، ”فڪر نه ڪر. اهي رسيدون سنڀالي رکنداسين. ٻئي دفعي هتي آياسين ته انگريز سرڪار بي ايمان نه آهي، ضرور پئسا موٽائي ڏيندي.“

۽ پوءِ اهو هزارن جي نقصان جو غم وساري، جهاز کي ڏسڻ شروع ڪيوسين.

جهاز ته نه هيو، ڄڻ ترندڙ محل هيو. آرام ده لائونج، آرام ده سينگاريل ڪيفي، هر سهولت واريون ڪئبنون. لائونج ۾ رنگين ٽي ـــ وي. ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ اسان کي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ڏياري هئي. عيش ٿي ويو.

جهاز ۾ بئنڪ به هئي، جتان هالينڊ جو سڪو ’گلڊن‘ ورتوسين ۽ پوءِ مٿينءَ ماڙ تي ڪيفي ۾ وياسين. ڏٺوسين ته ٽوئرسٽ، بيئر جا گجيءَ سان ڀريل گلاس کڻي، اڃا به مٿي ڇت تي چڙهندا وڃن. اسان به ڇت تي چڙهي وياسين. مٿي نيري آسمان ۾ اڇا ڪڪر، هيٺ نيري ماٺي سمنڊ جي سطح تي ترندڙ جهاز. جهاز جي ڇت تي گورا ۽ گوريون قميصون لاهي، اُس جهٽڻ لاءِ ليٽيا پيا هئا. اسان گهڙيءَ پل ليٽي پياسين، پر بنا قميص لاهڻ جي.

جهاز ’هُڪ آف هالينڊ‘ (Hook of Holand)  تي لنگر هنيو ته اسان سامان کڻڻ شروع ڪيو. قمر جي شاپنگ ائڊوينچر سبب سامان کڻڻ کان ڳرو هيو. ٻه ٽي ڦيرا ته واهه جا ٿين ها. پر مسافر، جن کي هلڪو سامان هيو، انهن اسان جي هڪ هڪ بئگ کنئي. اسان تڪلف طور گهڻو ئي منع ڪيو، ”اوهان تڪليف نه ڪريو. اسان پاڻهي کڻنداسين.“ پر هنن هڪ به نه ٻڌي. چيائون، ”اسان هونءَ ئي خالي ٿا وڃون. جي اوهانجي مدد ڪئي سين ته لهي وينداسين ڇا؟“ منهنجا طاق لڳي ويا. هي گورا، اسان ڪارن جي مدد ايڏيءَ فراخدليءَ ۽ خلوص سان ڪن؟ اتي مونکي پنهنجي وطن جا افعال ياد آيا، جتي هلال پاڪستان ۾ سعديءَ جو ڪالم ’ٺڳيءَ جا ٺاهه‘ اڃا تائين پيو هلي. قمر کي چيم، ”پنهنجو ملڪ هجي ها ته هي بئگون ئي گم هجن ها.“ هُڪ آف هالينڊ تي ڪسٽم وارو ڏاڍو کلمک هو. منٽ ۾ واندو ڪيائين ۽ پوءِ اسٽيشن تي بيٺل گاڏيءَ ۾ چڙهي پياسين، جيڪا ائمسٽرڊام   وڃڻي هئي.

گاڏو سڄو خالي هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ نوجوان ڊچ ڇوڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي. مرڪي کيڪاريائين ۽ پنهنجي واقفيت ڪرايائين. سڄو وقت وڻندڙ  ڳالهين سان وندرائيندي رهي. انگريز ۽ ڊچ جو فرق، سرحد ٽپندي ئي معلوم ٿيو. انگريز Reserve  آهن. ريل ۾ ٻه انگريز ويٺل هوندا ته ٻئي يا اخبار ۾ منهن وجهي وهندا يا دريءَ مان ٻاهر پيا نهاريندا. هڪ ٻئي ڏي ڏسندا به ڪونه. ايستائين هڪ ٻئي سان نه ڳالهائيندا، جيستائين رسمي طور تعارف نه ٿئين. ان جي برعڪس ڊچ وڌيڪ ملنسار ۽ قربائتا آهن.

ائمسٽراڊ (هالينڊ)

ريل جي دريءَ مان هالينڊ جا حسين نظارا ڏسندا رهياسين. ساوڪ ته سموري يورپ ۾ آهي. گل به سڄي يورپ ۾، پر هالينڊ خاص گلن جو ملڪ آهي. گلِ لاله (Tulip)  هتي عام جام آهي. حد نظر تائين گلِ لاله جا باغ آهن.نيڻ نهار تائين شعلن جي رنگ جا گل. چپي چپي تي پن چڪيون. ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر، جيڪي ريلوي لائين سان هئا، انهن جي بالڪنين مان به گل لڙڪي رهيا هئا. فلئٽ ۾ گلن پوکڻ جي جاءِ نه ملي ته، ڊچ پنهنجو شوق بالڪنين ۾ ڪونڊيون رکي پورو ڪن.

ريل گاڏي هڪ اسٽيشن تي بيٺي. مون اسٽيشن جو نالو پڙهي ڇرڪ ڀريو ۽ اشارو ڪري قمر کي چيو، ”هيءُ پڙهه.“

”ڊين هيگ! (Den Haigue) “ قمر حيرت مان چيو.

”ڊين هيگ.“ مون سوچيو. لُڪيءَ ۽ ڪيس جو شهر، جن جي ڪري ئي هالينڊ آياسين. مون پڇتايو ۽ قمر کي چيم، ”جي هالينڊ جي جاگرافيءَ جي پهرين خبر هجي ها ته، ٽڪيٽ هيگ جي ڪرايون ها. هاڻي ائمسٽرڊام کان موٽي هتي اچڻو پوندو.“

قمر چيو، ”تنهنجي جاگرافي منڍ کان وٺي ڪمزور آهي.“ مون ڊچ ڇوڪريءَ کان پڇيو، ”هتي گاڏي گهڻو وقت بيهندي؟“ هن واچ ڏسي چيو، ”ٽي منٽ.“

۽ مون هٿ مهٽيندي سوچيو، ”فون ڪرڻ جو ٽائيم به نه ملندو.“

سج لٿي ڌاري گاڏي ائمسٽرڊام انٽر نئشنل اسٽيشن تي پهتي. ڳرو ۽ غير ضروري سامان، اسٽيشن جي لاڪر ۾ بند ڪري، بغل ٿيلهن ۾ ضروري سامان کڻي ٻاهر آياسين.

اسٽيشن کان ٻاهر ئي ‘A A A’  جو ڪائونٽر هيو. اهو معلومات ۽ ڏس پنڌ پڇڻ جو ڪائونٽر هالينڊ ۾ هر اهم جاءِ تي هوندو آهي. پهرين سوچيم ته اتان پاڻ واريءَ هوٽل جو ڏس پڇان. اتي رش ڏسي سوچيم ته سڌو ٽئڪسي ڪري، هوٽل تي هلجي. ٽئڪسيءَ واريءَ قطار ۾ ٿي بيٺاسين. هيڏانهن ماڻهن جي قطار هئي ته هوڏانهن ٽئڪسين جي قطار. جڏهن اسانجو وارو آيو ۽ اسان ٽئڪسيءَ واري کي هوٽل جي ائڊريس ڏيکاري، ته هن تڪڙ ۾ چيو، ”اها هوٽل ويجهي آهي، اوهان پنڌ وڃي سگهو ٿا.“ ۽ پوءِ قطار ۾ بيٺل اسان کان پوين کي کڻي روانو ٿيو.

اسان اتي بيٺل پوليس واري کي شڪايت ڪئي ته پوليس واري چيو، ”واقعي ٽيڪسيءَ وارو حق تي هيو. اوهان جي هوٽل ته تمام ويجهي آهي.“ ۽ هن هوٽل تي پهچڻ لاءِ ڏس ڏنو.

اسان پنڌ اڳتي وڌياسين. منهن اونداهي ـــ اجنبي شهر ـــ اوپريون گهٽيون. هڪ هنڌ درين ۾ ويٺل حسيِنائون ائين نظر آيون، ڄڻ فريم ۾ پيل تصوير هجي. اهي حسينائون روبنس جي تصويرن وانگر صحتمند، سڊول ۽ حسين هيون. ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ لاءِ ماڊل طور ويٺيون هجن. ڪجهه ڏينهن پوءِ، هيگ ۾ جڏهن مون ڪيس سان انهن جو ذڪر ڪيو ته هن چيو، ”يورپ ۾، ريلوي اسٽيشنن جي ڀرسان اهي ’ڳاڙهيءَ بتيءَ‘ واريون ايراضيون هونديون آهن.“

اسان پنڌ ڪندا اچي هوٽل ’يوريڪا‘ پهتاسين. هوٽل واري ووچر وٺي ڪمرو ڏيکاريو. تڪڙ ۾ سامان رکي، مان هيٺ لٿس ته، لڪيءَ ۽ ڪيس کي فون ڪري، کين پنهنجي هالينڊ پهچڻ جو اطلاع ڏيان ۽ ساڻن اڳتي جو پروگرام ٺاهيان.

ڪائونٽر تي ڪوبه نه هو. ڪال بيل جو سئچ رکيل هيو، جنهن جي مٿان ڪاغذ جي چٽڪي لڳل هئي Do not distrub at night  (رات جو تنگ نه ڪريو.) دل ۾ سوچيم، هڪ دفعو ته ضرور تنگ ڪندومانءِ، جيستائين لُڪي ۽ ڪيس جو ڏس پتو ملي.

۽ دل ٻڌي ڪال بيل وڄايم. ڪائونٽر وارو اکيون مهٽيندو آيو ۽ ڏاڍو ڪاوڙيل هو. بهرحال ڪيس جو نمبر ملائي ڏنائين، ٻئي پاسي لُڪيءَ جو خوشيءَ سان ڀريل آواز هو. چيائين، ”ڪلاڪ کان پوءِ وري فون ڪر، جيئن مان ۽ ڪيس صلاح ڪري، اوهانجو پروگرام ٺاهيون.“

مون کي هوٽل واري جون اکيون سُجهيون ٿي، انڪري کانئس ويجهي ۾ ويجهي پبلڪ ٽيليفون جو ڏس پڇيم، هن سامهون واري چوڪ ڏي اشارو ڪري چيو، ”اتي، ٽرام جي اسٽئنڊ وٽ پبلڪ ٽيليفيون آهي.“

مٿي اچي، هٿ منهن ڌوئي، ٿورو ٿڪ ڀڃي، قمر ۽ مان ماني کائڻ لاءِ هيٺ لٿاسين. سامهون هڪ مصريءَ جي ڪيفي هئي، جنهنجي شوڪيس ۾ ڪبابن ۽ سنئين جهڙيون شيون پيون هيون. ڦِڪا کاڌا کائيندي ڏينهن ٿيا هيا، چهر ڏسي وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو. مصريءَ سان ڪچهريءَ به ٿي ته، مصالحيدار کاڌا به کاڌاسين، ڏاڍو مزو آيو. آخر ۾ سنئين جهڙو مٺو به کاڌوسين.

ڪيفي کان نڪري چونڪ واريءَ پبلڪ ٽيليفون تي آياسين. هيگ وارو ڪيس جو نمبر گهمايم. ٻئي پاسي ڪيس ڳالهايو، ”سڀاڻي يڪدم هتي هليا اچو. پوءِ مان توهان سان ائمسٽرڊام ايندس ۽ توهان کي گهمائيندس.“

گهڻو ئي چيومانس، ”هوٽل ٽن ڏينهن لاءِ بڪ ٿيل آهي. پئسا اڳواٽ لنڊن ۾ ڏنا اٿائون.“

ڪاوڙ مان چيائين، ”کڏ ۾ پون هوٽل ۽ پئسا. بس توهان سڀاڻي هتي ضرور پهچو.“

قربائتو حڪم هيو، ڪنڌ ڪڍائڻ مشڪل ته ڇا ناممڪن هيو، انڪري هائوڪار ڪيم.

پوءِ واهه جو ڪنارو ڏيندا هوٽل موٽياسين. ائمسٽرڊام ’واهن جو شهر‘ آهي. ان ۾ سوين واهه ۽ هزارين پليون آهن. هر پل تي رات جو بلب ٻرندا آهن. انهن بلبن جو عڪس، پاڻيءَ ۾ جهومر ڪندي، ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. هيءُ شهر ائمسٽل نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٺهيل آهي. رات جو ڪهڙي به رستي تي پنڌ ڪيو، واهه جي پلين تي ٻرندڙ بتين جو پاڻيءَ ۾ پوندڙ عڪس ٿَڪ ئي لاهي ڇڏيندو.

يورپ ۾ هيءَ چوڻي عام آهي ته: ’الله سائينءَ هالينڊ جو ملڪ ننڍو ٺاهيو، پر ڊچن ان کي وڏو ڪري ڇڏيو.‘ اها چوڻي چوڻي ناهي، پر حقيقت آهي. ڊچ ڏاڍي محنتي قوم آهي. هالينڊ کي وڌائڻ جي ڪابه گنجائش نه هئي، پر ڊچ سمنڊ کي پري ڪندا ويا ۽ ائين پنهنجي ملڪ کي وسيع ۽ ڪشادو ڪيائون.

ائمسٽل نديءَ جي ڇوڙ وٽ، سوين واهن ۽ هزارين پلين وارو خوبصورت شهر ائمسٽرڊام، ڏينهن جو به ايتروئي حسين ٿو لڳي، جيترو رات  جو. پنڌ ڪندا ٽرام جي اسٽاپ تي آياسين. دڪانن، رستن ۽ جاين تي لڳل سڀ بورڊ ڊچ ٻوليءَ ۾ آهن. پر نوي سيڪڙو ڊچ انگريزي ڳالهائين. يورپ ۾ هالينڊ ئي هڪڙو ملڪ آهي، جتي ٻوليءَ جو مسئلو ئي درپيش نه اچي.

ڪا ڪيفي ’ريمبرانٽ‘ جي نالي آهي، ته ڪا ’وان گوگ‘ جي نالي (ٻئي دنيا جا مهشور مصور هئا ۽ ڊچ هئا.) ڊچن کي پنهنجي فنڪارن جو ڪيڏو قدر آهي. هالينڊ جي ڪرنسي نوٽن تي به هنن شاعرن، فنڪارن ۽ مشهور قانوندانن جون تصويرون ڏنيون ويون آهن. هالينڊ جي نوٽن تي اڀريل نشان پڻ آهن، جيئن نابين، انهن کي ڇُهي، نوٽن جي قيمت معلوم ڪري سگهن.

صبح جو اٿڻ سان قمر ضد ڪيو هو ته، ائمسٽرڊام جي ڪنهن ٽوئر ڪمپنيءَ سان رابطي ۾ اچي، شهر گهمون، پر مون وٽ کيسي ۾ ائمسٽرڊام شهر جو نقشو ۽ پمفليٽ هئا، جيڪي لنڊن واريءَ ٽوئر ڪمپنيءَ، ٽوئر بڪ ڪرڻ وقت ڏنا هئا. ان کان سواءِ ٻن ڏينهن لاءِ ٽرام جي ٽڪيٽ پڻ هئي. ان ڪري قمر کي چيم: يورپ ۾ رُلي رُلي، هاڻي ان لائق ٿي ويو آهيان  جو توکي ائمسٽرڊام گهمائي سگهان. ائمسٽرڊام پرين جي ڪهاڻين جو شهر آهي. رات جو شهر جي واهن جي پلين تي لڳل هزارن بتين جي جهومر ۽ انهن جا پاڻيءَ ۾ پوندڙ اولڙا، هن شهر کي خوابن جو شهر بنائي ٿا ڇڏين، ته ڏينهن جو گل لاله (Tulips)  جا دهڪندڙ ٽانڊن جهڙا رنگ، هر موڙ ۽ هر چونڪ کي ٻهه ٻهه ٻهڪايو ڇڏين.

هيءُ شهر، هڪ جهاز جي حادثي کان شروع ٿيو، جنهن مان بچيل ٻن مهاڻن هتي گهر ٺاهيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪٽنبن کي سڏي، هتي ننڍو ڳوٺ ٻڌائون.

جيئن ته هيءُ شهر ائمسٽل نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٻڌل هو ۽ ندي وقت بوقت پنهنجو وهڪرو مٽائيندي رهندي هئي، انڪري هتان جي رهاڪن کي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هڪ بند (Dam) ٺاهڻو پيو ۽ ائين ائمسٽل ۽ ڊئم ملي، ائمسٽرڊام ٿي پيا.

ٽرام ۾ چڙهي اچي رجسڪ ميوزيم وٽ لٿاسين. رجسڪ ميوزيم معنيٰ عوام جو ميوزيم. هن ميوزيم جو پايو، بادشاهه لوئي بونا پارٽ جي زماني ۾، 1805ع ۾ پيو. هن ملڪ ۾ نه فقط هالينڊ جا، پر سڄيءَ دنيا جي مشهور فنڪارن جا شاهڪار محفوظ آهن. عمارت پراڻي طرز جي آهي. هالينڊ، توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اسان ڏٺو ته هنڌ هنڌ تي، ساوڪ زوريءَ ڦٽي ٿي پوي. جاءِ جي ڇت هجي، يا فرش جي سرن جي وچ ۾ وٿي، اتان ساوڪ ڦٽي نڪرندي. اهو برسات جو ڪرشمو آهي. جيڪا هنن ملڪن ۾ ٻارهوئي پوي. نه مٽيءَ جا طوفان نه دز نه ڌوڙ. اسان وٽ ڏينهن ۾ ٽي ٽي دفعا ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ جي ضرورت پوي، پر هتي هفتن کان پوءِ اها ضرورت پيش اچي.

رجسڪ ميوزيم ڏي ويندي، گهڙيل پٿرن جي فرش جي وٿين مان به ڇٻر ڦُٽي آئي هئي.

ميوزيم ۾ پهرين تصوير، جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو، اها هئي فرنا سسنجيدر جي Still Life. عام طرح، مصور، بي جان شين جي تصويرن کي اهو عنوان ڏيندا آهن. ڪوزا، ڪتاب، عينڪ، گل اهي سڀ شيون بي جان شيون (Still Life)  آهن. هن تصوير جو موضوع به بي جان شيون هيو، پر ڇرڪائيندڙ. مئل پکي، مرده سهڙ. اهي هئا مصور جيStill Life. اهي سڀ موت کان اڳ Life هئا، ته هاڻي Still. نڪولس ميس جي هڪ دلچسپ تصوير آهي، Woman Saying Grace . ڪرستانن ۾ رواج آهي ته، ماني آڏو رکي، پهرين خدا جو شڪرانو ادا ڪندا آهن ته ’تو رزق ڏنو‘ ۽ پوءِ ماني کائڻ شروع ڪندا آهن. هن تصوير ۾، هڪ عورت، ماني آڏو رکي، اکيون بند ڪري، دعا گهري رهي آهي، ته پٺيان هڪ ٻلي، ٽپو ڏيئي، مانيءَ تي جهٽ هڻڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. منهنجي خيال ۾، ان معاملي ۾ مسلمانن جي پاليسي صحيح آهي، جو هو ماني کائڻ کان پوءِ دعا گهري خدا جو شڪرانو بجا آڻيندا آهن. چوندا آهن ته:

There is always a slip between cup and lip.

اها تصوير نه رڳو موضوع جي لحاظ کان انوکي آهي، پر ان ۾ ڪمال فنڪاريءَ سان عورت جي منهن تي سڪون ۽ اطمينان، ٻليءَ جي اکين ۾ لالچ ۽ سندس ٽپي ڏيڻ ۽ جهٽ هڻڻ لاءِ تيار هجڻ جو پوز، ٽيبل تي قسيمن قسمين کاڌا رنگن، پاڇن ۽ خاڪن جو ڪمال آهي.

بارٿوليمنيس (70ــ 1613ع) جي هڪ تصوير حقيقت پسند فن (Realistic Art)  جو ڪمال آهي. انهيءَ دور ۾ انسان، پکي، جانور، وڻ جبل ۽ ٻيون هر قسم جون شيون، ائين ئي چٽڻ، جيئن نظر اچن ٿيون. اهو ڪئميرا جي ايجاد کان اڳ جو عظيم ڪارنامو آهي. پر بارٿوليمينس اهڙين شين جي چونڊ ڪئي، جيڪي رنگن جو عجيب غريب ميلاپ آهن. لوهه ۽ پتل، ڊرم، چمڙو ۽ زري. لوهه ۽ پتل جو رنگ، ان رنگ جو چمڪو (Lusture) ۽ ان جا پاڇانوان (Shade)  رنگن جي قيد ۾ آڻڻ، عظيم ڪارنامو آهي.

هن ميوزيم جي هڪ ٻي دلچسپ تصوير آهي. ميلڪوار جي Birds in Spark جنهن ۾ هن هڪ ڊنل ڪُڪِڙِ ۽ ڀڄندڙ چوزا ڏيکاريا آهن. ميلڪوار جو زمانو 36ــ 1655ع جو آهي. ان کان گهڻو پوءِ چارلس ڊارون ورهين جي اونهي اڀياس کان پوءِ (Expessions of Animals and Birds) جانورن ۽ پکين جي احساسن جي اظهار تي ڪتاب لکيو. پر مليڪوار، گهٽ ۾ گهٽ ڪُڪِڙِ ۽ چوزي جي ڊپ واريءَ ڪيفيت جو گهرو اڀياس ڪيو ٿو ڀائنجي. ڊپ ۾ ڀڄڻ وقت انهن جا کنڀ، انهن جون اکيون ۽ انهن جو مجموعي پوز، ڀڄڻ لاءِ تيار هجڻ، اهو ڪجهه سيڪنڊن جو مشاهدو آهي، جنهن جي ڇاپ کي مستقل حيثيت ڏيئي، هن عظيم مصور رنگن ۽ پاڇن جي پڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.

رجسڪ ميوزم ۾، گهڻي تعداد ۾، ڊچ مصور ريمبرانٽ جا شاهڪار آهن. ريمبرانٽ حقيقت پسنديءَ (Realism) جي دور جو جڳ مشهور فنڪار آهي. سندس تصويرن تي يورپ ۽ آمريڪا جو هر ميوزم فخر محسوس ڪندو آهي. ائمسٽراڊم جو شهر ريمبرانٽ جو شهر آهي. ان شهر ۾ ئي هن جڳ مشهور شاهڪار تخليق ڪيا. سندس فن جي خاص ڳالهه آهي ڳوڙهي ناسي رنگ جي پس منظر ۾ سونهري رنگن جي روشنين جو تضاد. ان تضاد مان ئي هو زندگي تخليق ٿو ڪري. هو 1606ع ۾ ليڊن ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي مصور ٿيڻ جو شوق هوس. 15سالن جي عمر ۾ هو ائمسٽرڊام آيو ۽ هڪ پورٽريٽ ٺاهيندڙ جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو. شهري زندگيءَ جو معمو ڏسي، هن پنهنجي ڪمائيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. 1634ع ۾ هڪ خوشحال ڇوڪريءَ ساسيڪا سان پرڻيو. 1642ع ۾ ساسيڪا گذاري ويئي ۽ ريمبرانٽ پنهنجي ابهم پٽ ٽيٽس سان اڪيلو رهجي ويو.

آهستي آهستي هن جي شهرت گهٽجي ويئي ۽ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيس. ايستائين جو آخر ۾ سندس ڏيوالو نڪري ويو.

1661ع ۾، ائمبسٽراڊم جي ٽائون هال ۾ ريمبرانٽ جي چٽيل تصوير لڳائي ويئي، جيڪا هڪ سال کان پوءِ کيس واپس ڪري، ان جاءِ تي هڪ ٻئي درجي جي غير اهم فنڪار جي، غيرمعياري تصوير لڳائي ويئي. ان ڳالهه ريمبرانٽ کي وڏو صدمو پهچايو. جيئن جيئن سندس شهرت گهٽبي ويئي، تيئن تيئن سندس اقتصادي حالت ابتر ٿيندي ويئي. جيئن سندس اقتصادي حالت ابتر ٿيندي ويئي، تيئن هو دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ لڳو. سن 1658ع ۾ سندس ملڪيت ۽ گهر نيلام ڪيا ويا، (اهو گهر، جيڪو هالينڊ لاءِ اڄ قومي يادگار آهي.) سن 1664ع ۾، پنهنجي پٽ جي مرڻ کان هڪ سال پوءِ، هن هميشه لاءِ اکيون ٻوٽيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org