سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:6 

مان ساڻس درازن وڃي نه سگهيس، جو ان زماني ۾ منهنجيءَ دل بدمعاشي شروع ڪئي هئي ۽ ماهرن مڪمل آرام جو مشورو ڏنو هو. رشيد ڀٽيءَ کيس سٺو ۽ دلچسپ ساٿ ڏنو. اتان ٿي موٽي آيو ۽ ڪافي ڪچهريون ڪيائين. قمر جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿي، لنڊن اچڻ جو چئي، موٽي ويو.

1975ع جي مارچ ۾، سنڌ صدين کان سيمينار جي افتتاحي اجلاس ۾ مليو ته، چيائين، ”عجب آهي. مون کي اميد ئي نه هئي ايترو ته جلد ملاقات ٿيندي.“

۽ پوءِ اهو حسين خواب جهڙو هفتو، هو اسان سان گڏ هو. رباني، الطاف، ڀٽي، سراج، رشيد آخوند ۽ مون ساڻس ۽ پارپولا (فنلئنڊ جي اسڪالر، جنهن موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي) سان خلاصيون تفصيلي عملي ۽ دوستاڻيون ڪچهريون ٿيون.

هن ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ۾، سرائڪي شاعريءَ تي هڪ زبردست مقالو پڙهيو، ۽ الوداعي دعوت ۾، منهنجي اصرار تي سرائڪيءَ ۾ تقرير ڪئي.

رات جو شئڪل جي دعوت هئي، سهوليت لاءِ راجوءَ کي گائيڊ ڪري کنيوسين، جيڪو اسان کي پنهنجي ڪار ۾، سندس گهر تائين وٺي آيو. روايتي انگريزي گهر، سهڻن گلن جي ننڍڙي باغ جو آڳنڌ. گهر ننڍڙو پر سليقي وارو. جنهن ۾ هر سهوليت موجود. شئڪل پنهنجي گهر واريءَ سان ملايو. سهڻي، سٻاجهڙي، سليقي واري. سندس ٻار به وڻندڙ ۽ پيارا آهن.

اسان ڪافي دير سنڌي ۽ سرائڪي ادب تي ڳالهائيندا رهياسين. مون کانئس پڇيو ته ”هو سنڌ ڪڏهن ايندو.“ هن صاف چئي ڇڏيو ته، ”هن دور ۾ ته ناممڪن آهي.“ هن جي ڊنر ٽيبل تي، دير تائين ويٺاسين. رات جو هڪ لڳي ويو، پراڻيون يادين تازيون ٿيون. رشيد ڀٽيءَ جا ٽهڪ، ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار جو ڳالهيون، سرائڪي ادب، اهي هئا اسانجا موضوع. من ڪڪرن وانگر هلڪا ٿي ترندا رهيا. هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪڙا گونجندا رهيا. شئڪل ٻئي ڏينهن لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سندس ڊپارٽمينٽ ڏسڻ جي صلاح ڪئي، پر شوڪت ۽ سومري جي وٺ وٺان هئي ۽ دل جي ماهر ڊاڪٽر سان به اپائنٽمينٽ هئي، ان ڪري اهو موقعو ماڻي نه سگهياسين. شئڪل ڏاڍو پيارو دوست، محنتي اسڪالر ۽ ذهين عالم آهي. انڪري نه هن بيزاري ڏيکاري ۽ نه اسان ئي اُٿڻ جي ڪئي، ڳالهين ڳالهين ۾ اٺن مان هڪ ٿي ويو ۽ اسان مناسب سمجهيو ته هاڻي کانئس موڪلايون. ٻئي دفعي ملڻ جي آس کڻي، کائنس موڪلايوسين.

 

دل جي ڳالهه

 

1970ع کان منهنجيءَ دل بدمعاشي شروع ڪئي آهي. هڪ ڌڪ هڻي ته هڪ نه هڻي. ٻه ٽي تڪڙا ڌڪ هڻي، خاموش ٿي وڃي، عجب مصيبت ٿي. مان ته پريشان ٿيس، پر قمر کي وڌيڪ ڳڻتي ٿي. حيدرآباد، ڪراچي دل جي بيمارين جو قومي ادارو، وڏا وڏا ماهر سڀني چيو، Moycardial Ischaemia آهي، مڪمل آرام ڪر. ڇهه ڇهه هفتا بستري تي، غذا رڳو شوروو. سڄي ڪائنات رڳو بيڊ روم، هڪ ڪمرو، جنهن مان سج لهي، ته به نه ڏسجي ۽ جي اڀري تڏهن به نظر نه اچي.

دل جي ان بدمعاشيءَ لنڊن ڏيکاري.

رت جي تپاس ڪرايم، ايڪسري ڪرايم. ان کان پوءِ هارلي اسٽريٽ ۾ دل جي بيمارين جي مشهور ماهر ڊاڪٽر اسپرويل وٽ ويس. ٺيڪ وقت تي سڏ ٿيو. اٿي بيهي ڏاڍيءَ گرمجوشيءَ سان هٿ ملايائين. اها گرم جوشي هر انگريز وٽ هوندي آهي، يا ڪاروباري معاملن ۾، ۽ يا اڳ جي واقفيت هجي. نه ته ڪلاڪ ساڳيءَ ريل ۾ ساڳيءَ سيٽ تي ويٺل ٻه انگريز، هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ته پري، پر هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا به ڪونه.

ڊاڪٽر اسپرويل منهنجي هسٽري ورتي. اي ـــ سي ـــ جي (E.C.G) ڪئي، ۽ ٻڌايائين ته توکي اسڪيميا (Ischaemia)  نه آهي پر اڃا به پڪ ڪرڻ چاهين ته (Angiography) ڪراءِ.“ شڪر ٿيو جو ايتري ۾ جان ڇٽي. دل جي خطرناڪ بيماريءَ جي وهم کان آجو ٿيس. انگريز ڊاڪٽر کي دل ئي دل ۾ دعائون ڏنم. ڊاڪٽر اسپرويل جي تشخيص جي تصديق برمنگهام يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر سنگهه پڻ ڪئي. سگريٽ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ـــ موج ٿي ويئي.

ان کان پوءِ منگسيءَ سان پروگرام هو، هن ڪينگزنٽن گارڊن، وڪٽوريا آلبرٽ ميموريل ۽ سرپنٽائين ڍنڍ جو پروگرام ٺاهيو هيو. ڪينگزنٽن گارڊن، ساوڪ جو سمنڊ آهي. حد نظر تائين چهچ سائي ڇٻر. وڏا وڏا، گهاٽا ۽ سهڻا وڻ. انگريز اتي موڪل (Holiday)  ملهائڻ اچن، پاڻ سان آرام ڪرسيون کڻي اچن. آرام ڪرسين تي يا ڇٻر تي ليٽي يا ڪو ڪتاب پڙهن يا راند ڪن، ڪي وري رڳو پنڪيون کائين. هيءُ ماڻهو ڪم به ڪري ڄاڻن ته عيش به. مان ڀانيان ٿو ته ڪم ۽ عيش جو توازن جي ڪري ئي هن قوم ترقي ڪئي آهي. ڪم وارا اٺ ڪلاڪ جِنن وانگر ڪم ڪندا. ان جو هڪ هڪ سيڪنڊ ايمانداريءَ سان ڪتب آڻيندا. ان کان پوءِ يا هفتي جي پڇاڙيءَ (Week-end)  تي پيئندا، کائيندا، دوستن سان ملندا، ڪلب ويندا، نچندا، مڇيون ماريندا، پڪنڪ ڪندا، نه ڪم جي وقت آرام جو خيال نه عيش وقت ڪم جي ڳڻتي. پر عجب اهو جو هو ڪم کي سواءِ ڪنهن Tension  جي، کِلندي کِلندي ڪندا. ڄڻ اهو هنن لاءِ ڪا مصيبت ناهي، پر هڪ رواجي راند آهي ۽ آرام ۽ عيش به اهڙيءَ وفاداريءَ سان ڪندا، جنهن سان ڪم ڪرڻ گهرجي. مون اسپتال جي پورٽرن کي ٽراليون ڏڪيندي مهل بي فڪريءَ سان سيٽيون وڄائيندي ڏٺو. هنن جي انهيءَ حرڪت تي نڪو نرسن منهن بڇڙو ڪيو ۽ نه وري سرجن ڪاوڙيو.

رات جو ياد آيو ته E.C.G ڪرائڻ وقت مان پنهنجي روليڪس واچ ڊاڪٽر اسپرويل جي ٽيبل تي ڇڏي آيو هوس، پنهنجو ملڪ ته هو ڪونه جو فڪر ٿئي ها ته اها واچ ويئي. آرام سان ننڊ ڪئي سين، ٻئي ڏينهن فون تي خبر چار ورتي سين، ڊاڪٽر اسپرويل جي خاتون سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته برابر واچ اتي پيئي آهي، سندس ڪلينڪ ۾ پهچي، رسيپشن مان فون ڪئي سين. خاتون سيڪريٽريءَ چيو ته مٿي هليا اچو. اسان جي لفٽ جو اڃا دروازو مس کليو ته خاتون سيڪريٽري واچ هٿ ۾ جهلي بيٺل نظر آئي. اسان واچ وٺي، لفٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان سواءِ ئي هيٺ آياسين. مون سوچيو: هنن ماڻهن کي پنهنجي ۽ ٻين جي وقت جو ڪيڏو نه قدر آهي.

شاپنگ

شاپنگ هر عورت لاءِ ڪمزوري ۽ هر مرد لاءِ بيزاري آهي. شاپنگ ـــ سا به لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾، جنهن کي Shoppers paradise چوندا آهن. قمر ڄڻ جيئري جاڳندي جنت ۾ پهچي ويئي. هئرڊس ۽ سيلفرجز لنڊن جا وڏي ۾ وڏا شاپنگ سينٽر آهن. پنج ماڙ ـــ سئيءَ کان وٺي موٽر تائين، هر شيءِ موجود. اندر خوبصورت ڇِت جو باغ (Roof Garden)۽ ريسٽوران. جي ٿڪجي پئو ته اتي وڃي ساهه پٽيو. ٽيهن روپين کان وٺي، هزار رپين جي ٽاءِ موجود. غريب امير کي پنهنجي پنهنجن جي کيسي ۽ پسند آهر شيءِ مليو وڃي.

انهن ڏينهن ۾ سيل (Sale) هجڻ سبب انهن دڪانن تي ڪلهي گس جيتري رش هئي. هر هر قمر کان قطار ۾ بيهڻ وسري وڃي، شيءِ چونڊي، کڻي، سڌو ڪائونٽر واري جي آڏو. خبر تڏهن پويس، جڏهن ڪائونٽر وارو يا قطار ۾ بيٺل ڌيان ڇڪائينس، تڏهن مس مس وڃي ڳالهه سمجهه ۾ وهيس.

انگريز هر معاملي تي قطار لڳائين. بس هجي يا ريل، هوٽل هجي يا سئنيما. مان سمجهان ٿو ته ڄمندا ۽ مرندا به قطار ۾ هوندا. ايڏي (Discipline) نظم جي ڪري (جيڪو اسان رڳو قائدِ اعظم جي اصولن ۾ پڙهيو آهي، ڏٺو هرگز ناهي) نه ڪنهن جي حق تلفي ٿئي، نه ڪو دنگو فساد ٿئي ۽ نه ئي وري ڪا دير ٿئي. هر ڪو ڪم سولائيءَ ۽ سيبتائيءَ سان جهٽ ۾ اڪلي وڃي. ڏاڍو سو گابو واري ڪار اسان وٽ ئي آهي.

قطار تي هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي. مان ۽ شوڪت ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين، ٽئڪسيءَ جي اسٽئنڊ تي قطار ايتري ته ڊگهي هئي، جيڪا اسان وٽ ڪنهن سٺيءَ فلم جي پهرئين ڏينهن جي پهرئين شو تي لڳندي آهي (ٿرڊ ڪلاس جي دريءَ تي) مون اڏي ڊگهي قطار ڏسي شوڪت کي چيو، ”مائٽ مري وياسين، اتي ته ڪلاڪ لڳي ويندا.“

شوڪت چيو، ”مائٽ گهٻراءِ نه اها قطار اجهو منٽن ۾ ٿي ختم ٿئي.“

اسان وڃي ان فرلانگ ڏيڍ ڊگهي قطار جي ڇيڙي ۾ بيٺاسين. قطار جي اڳتي وڌڻ جي رفتار ڪافي تيز هئي. ٽئڪسي آئي، در کولي ماڻهو ويٺو، در بند ٿيو. زِين، ٽئڪسي وئي. وري ان جاءِ تي ٻي ٽئڪسي. واقعي شوڪت جي چوڻ موجب منٽن ۾ فيصلا ٿي ويا.

سيلفرجز ۽ هئرڊس قمر لاءِ روزانو معمول ٿي پيا. جيترا به ڏينهن لنڊن ۾ هئاسين، انهن جي زيارت ڪرڻ ۽ عقيدتمنديءَ طور هزار ٻه نذر رکڻ سندس لاءِ ثواب هو.

هڪ ڏينهن مزيدار واقعو ٿيو. اسان کي پارس، مارئيءَ ۽ سرمد لاءِ واچن جي ضرورت هئي. سئلفرجز جي واچن واري سيڪسشن ۾ وياسين. واچون پسند ڪيونسين، ڪائونٽر تي هڪ ايشيائي بيٺل هو. مهانڊا هند وپاڪ جي ماڻهن جهڙا هئس. سندس هٿ ۾ هڪ واچ هئي، ان کي هر هر اٿلائي پٿلائي ڏسي، هر ڪرائيءَ ۾ پائي، اوريان پرتان ان جو جائزو وٺي، هر تريءَ تي رکي، ان جي تور ڪرڻ جي انداز ۾ هٿ کي هيٺ مٿي ڪري. اهو عمل پندرهن ويهه منٽ جاري رهيو. ڪائونٽر تي بيٺل سيلس گرل ڊنل هرڻيءَ وانگر ٿي لڳي، پر عقاب وانگر اکيون واچ ۽ ان ماڻهوءَ ۾ اٽڪيل هيس.

قمر مون کي چيو، ”يا چريو آهي يا چور. موقعو وٺي واچ تڳائي ويندو.“ مون به ائين سمجهيو. آخر بيزار ٿي، مون ڪائونٽر واريءَ کي چيو، ”هي جينٽلمئن (انگلنڊ ۾ هر ماڻهو شريف ماڻهو آهي، جيستائين ان جي برعڪس ثابت ٿئي) فيصلي ڪرڻ ۾ دير وٺندو، مهرباني ڪري توهان اسان کي اڳ ۾ اُڪلايو.“

هن تمام نرميءَ سان انڪار ڪندي چيو ته، ”پهرين هن جو وارو آهي، اوهان انتظار ڪريو.“ پر اکيون هن ۾ ئي کتل هيس.

آخر بيزار ٿي ڪائونٽر واريءَ کيس مرڪي، تمام نرم ۽ وڻندڙ لهجي ۾ چيو، ”اوهان ڏاڍي دير لڳائي آهي. جي دل ۾ نه ڪيو ته مهرباني ڪري واچ ڪائونٽر تي رکو.“

هو هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ واچ ڪائونٽر تي رکي گولي ٿي ويو. انگريز تميز، اخلاق ۽ رواداري ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏين. جي چور کي چوري ڪندي پڪڙين ته به ڏاڍيءَ نرميءَ، اخلاق ۽ شرافت سان کيس چون، ”ڏسو جينٽلمئن، اوهان چوري ڪري رهيا آهيو.“

اهي شاپنگ سينٽر نه فقط خريدارن جي جنت آهن، پر عام معلومات حاصل ڪرڻ جو جايون پڻ. اتي بازار جي اگهن کان سواءِ گهر کي صاف رکڻ جا سامان، کاڌي بنائڻ جا اوزا، بجليءَ جي گوناگون اوزارن سان واقفيت ٿئي ٿي.

 

ليسٽر ڏانهن

 

جنهن ڏينهن ليسٽر ڏي وڃڻو هو، ان ڏينهن صبح سان برسات پوڻ شروع ٿي. دل بهار بهار ٿي وئي. برساتين جي بغل ٿيلهن جو بار، جيڪو گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کڻي ٿڪا هئاسين، اڄ انهن کي پائڻ جو سونهري موقعو ملندو ۽ انهن بغل ٿيلهن جا ٿڪ ئي لهي پوندا. مون قمر کي چيو، ”ليسٽر ڏانهن هلڻ وقت برساتين وارو ٿيلهو نه وسارجانءِ. ڏس، برسات شروع ٿي ويئي آهي.“

نور سومري جي فون تي فون هئي. نه رڳو هن جو هانءُ ٿي ڦاٽو، پر اسانجو پڻ. مگسيءَ جي ڪار هئي، اها ليسٽر ڏي ويندڙ شاهراهه تي آسي، نوي ۽ سو ميل جي رفتار سان ڊوڙڻ لڳي. مون کي اچي ڊپ ورتو، مون مگسيءَ کي چيو: ”بارش ٿي پوي، متان ڪار سلپ ڪري، ان ڪري رفتار گهٽاءِ.“

مگسيءَ کلي اڃا به ايڪسيليٽر تي زور ڏنو  ۽ چيائين، ”هتان جا رستا سلپ پروف آهن، تون گهٻراءِ نه.“

۽ پوءِ هڪ دفعي هيٺ لهي مون رستي کي جاچي ڏٺو ته واقعي رستا ايڏا ته کهرا آهن جو ڪار سلپ ٿيڻ جو امڪان ئي ناهي. رستي ۾ لوهه جا ٽڪر ڏامر سان گڏ پيل هئا.

واٽ تي کلندا ٽڙندا، ٽهڪ ڏيندا هلياسين. ڪافيءَ جي ضرورت ٿي. گاڏي سروسز(Services)  تي روڪي، برساتيون کڻي، هيٺ لٿاسين. مينهن بند ته نه ٿيو هو، پر تڏهن به معمولي ڦڙ ڦڙ هئي. اسان برساتيون پائڻ شروع ڪيون ته دوستن وٺي ٽهڪ ڏنا، چيائون مينهن ڪيترو آهي جو برساتيون ٿا پايو. چار قدم ته ڪيفي آهي ۽ اسان هڪا ٻڪا ٿي وياسين ۽ برساتيون ٻانهن تي لڙڪائي ڪيفي ۾ داخل ٿياسين.

برطانيه ۾ هر وڏي شاهراهه تي، اٽڪل ٽيهن کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي سروسز آهن، جتي پيٽرول پمپ، عاليشان ڪيفي ٽيريا، ننڍو شاپنگ سينٽر، صاف سٿرا باٿ روم، پبلڪ ٽيليفون، موٽر پارٽ ۽ گاڏين جي مرمت جا دڪان، مطلب ته شراب کان سواءِ ضرورت جي هر شيءِ موجود. شراب انڪري نه، جو هن ملڪ ۾ ٻن پيگن کان وڌيڪ پي، گاڏي هلائڻ منع نه، پر گناهه عظيم آهي ۽ ان جي سزا ڏاڍي سخت آهي. (ڦٽڪا نه، پر ڊرائيونگ لائسنس ڪئنسل ٿي وڃي.) ماڻهو معذور ٿيو وڃي ۽ وتي بسون ۽ ريل گاڏيون تاڙيندو.

پوليس ايتري ته خبردارآهي، جو پري کان تاڙِي وڃي ته پيتل آهي. يڪدم کيس روڪي هڪ ڪيميائي پدارٿ لڳل ڦوڪڻو ڦوڪيائين. جي ساهه ۾ الڪوهل گهربل مقدار کان وڌيڪ هجي، ته ان ڦوڪڻي جو رنگ يڪدم بدلجي وڃي ۽ همراهه کي سوگهو ڪري ڇڏين.

ڪافي پي، برساتين پائڻ جي آس دل ۾ کڻي، ڪيفي مان ٻاهر نڪتاسين، منهن بلڪل بند ٿي چڪو هو.

ليسٽر وارو رستو، برطانيه جي حسين ترين شاهراهن مان آهي. برج ۽ اوڪ وڻن سان جهنجهيل، حد نظر تائين ساوڪ. جبل، لاهيون، چاڙهيون، ور وڪڙ، سڀ ساوا. هڪ هڪ وڪڙ سهڻو، هڪ هڪ چاڙهي حسين، هڪ هڪ لاهي خوبصورت. چاڙهي چڙهو ته هيٺ سايون ترايون ۽ ميدان. ٻنين ۾ متاريون، سهڻيون ڳاڙهيون، ڍڳيون، ڪنڌ هيٺ ڪري، گاهه چري رهيون هيون. ڌڻن جا ڌڻ، انهن ڌڻن کي ڪنڌ هيٺ ڪري چرندو ڏسي مون کي محسوس ٿيو ته ورڊس ورٿ جي ذهن ۾ اها سٽ ڪيئن سرجي هوندي ته:

There are forty feeding like one.

ليسٽر ۾ يادگار رات

منجهند جو ٻي وڳي ڌاري ليسٽر پهتاسين. ليسٽر جو شهر مغرب ۾ مشرق آهي. هتي هندستاني ۽ پاڪستاني، انگريزن کان گهڻا آهن. شهر ۾ گهڙڻ سان ئي اهو احساس ٿو ٿئي، ڄڻ هيءُ يورپ ناهي، پر هنڌ پاڪ ننڍي کنڊ جو شهر آهي. رستن تي اسڪرٽن کان وڌيڪ ساڙهيون نظر اينديون. بازار ۾ سنبوسن، دهي بڙن ۽ سيخ ڪبابن جا دڪان. هندستاني ساڙهين جا ڪئي وڏا وڏا شاپ. سئنيمائن ۽ رستن تي ڀارتي فلمن جا پوسٽر. هتان جي سئنيمائن ۾ گهڻو ڪري ڀارتي فلمون هلن. هتي پان، مٺائي ۽ سنيون به مليو وڃن. هن شهر ۾ قدم رکڻ سان ياد ئي نه رهيو ته ڪو اسان يورپ ۾ آهيون. نور سومرو، هاءِ وي جي شهر ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ اسان جو منتظر هو. هن جو  هانءُ به ٿي ڦاٽو ته منهنجو به. اسان ٻنهي جون اکيون مليون، ۽ پوءِ سينا. ٻانهن هڪ ٻئي کي جڪڙي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org