سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:8 

سومري سان اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون ڪجهه بازار جهڙو نظارو هو، قمر جي شاپنگ جي رڳ ڦڙڪي پئي. نور سومري کي چيائين:”ادا! گهر هلڻ کان پهرين ٿوري شاپنگ ڪريون.“ ۽ شرما شرميءَ ۾ سومري ”ها“ ڪئي.پوءِ ته لاهه نڪري ويا، اچي ٽپهري ٿي. بک کان منهنجو حال خراب ٿي ويو. شاپنگ، اها به بک تي، پر قمر جي فن جو به ڪمال هو. ڪٽنب جي هڪ هڪ ڀاتيءَ لاءِ شيءِ ورتائين. اها به سندس ذوق پسند آهر. کيس خبر هئي ته فلاڻي کي ڪهڙي شيءِ وڻندي. پنهنجي، اعجاز جي، اعجازن جي ٻارن جي، پپوءَ، ڀٽائيءَ، غزاله ۽ سائره جي، نورجهان ۽ سندس ٻارن ظهور، زاهد، گُڏيءَ ۽ شاهد جي، الطاف جي ٻارن سپيءَ، سرواڻ، بابو عيسيٰ ۽ ڀاڀيءَ زيبا جي، ادا ۽ ڀاڀيءَ، تان جو منهنجي دوستن نياز (همايونيءَ)، ڀٽيءَ (رشيد)۽ فتاح (ملڪ) کي به نه وساريائين. پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن، آپا مهر ۽ قاضي صاحب (قاضي غني) سڀني کي ياد ڪيائين. شمس ۽ بدر جي ٻارن لاءِ شيون ورتائين. بي بي نسيم ۽ ارشاد مني کي به نه وساريائين.

هڪ هڪ ٻار ۽ وڏي جي ڪپڙن جي سائيز ياد. سندن پسند ناپسند جو خيال. مون سمجهيو ته شاپنگ کي عورتون رڳو هابي (Hobby) ڪري وٺنديون آهن، پر ليسٽر۾ قمر جي شاپنگ ڏسي خبر پئي ته واقعي هيءَ هابي ناهي، پر هڪ باقاعده فن آهي.

که عشق آسان نموده اول ولي افتاد مشکلها

شاپنگ متعلق هڪ ٻيو مزيدار واقعو يادآيو. اسان جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ لطيف جو ڏينهن هو. مشهور فنڪاره عابده پروين اُتي آئي. گرم ڪپڙا ساڻ نه آندا هئائين، اوچتو سيءُ پئجي ويو، مون اتي کيس چيو ته لنڊن وڃون پيا، اتان تنهنجي لاءِ ڪوٽ وٺي ايندس. عابده کي اهو چئي ته ويٺس، پر اهو معلوم نه هو ته لنڊن ۾ اها ڳالهه ”ولي افتاده مشکلها“ وڃي ٿيندي. ڪنگس لين، لنڊن، ليسٽر، مطلب ته جن به شهرن جي شاپنگ سينٽرس ۾ وياسين، اتي عابده پروين جي سائيز جو ڪوٽ نه مليو. آخري ڏينهن ۾، لنڊن ۾ مگسيءَ سان اهو احوال ڪيوسين، هن ٻڌايو ته هتي هڪ خاص دڪان آهي، جتي عام سائيزن کان وڌ يا گهٽ ڪپڙا موجود هوندا آهن، يا آرڊر تي ٺاهي ڏيندا آهن. ان ۾ تمام ڊگها، تمام بندرا ۽ تمام ڳورا اچي وڃن ٿا. پر ممڪن آهي ته اتي به اهو ڪوٽ موجود نه هجي ۽ مهيني کن بعد آرڊر تي ٺاهي ڏين. اسان کي مهينو کن رهڻو ڪونه هو ۽ ڪوٽ ملڻ جي پڪ ڪونه هئي، ان ڪري وڏيءَ سائيز واري سويٽر تي اڪتفا ڪئي سين، جيڪو ڇڪي تاڻي، پورو اچي سگهيو ٿي.

حيدرآباد موٽي، جڏهن عابده پروين کي اهو سويٽر ڏنم ۽ ڊڄندي ڊڄندي ان”ولي افتاده مشکلها“ جو احوال ڪيم، ته ڪجهه شرمائي ڪجهه مرڪي ۽ اها ميار نه ڏنائين ته اوهان پنهنجو وعدو پورو نه ڪيو. مون ان ۾ ئي خيريت سمجهي. معاملو خوش اسلوبيءَ سان حل ٿي ويو.

شاپنگ کان واندا ٿي آياسين نور سومري جي گهر، ٿامپس ڪلوز، رشي ميڊ ۾، ڀاڀي ۽ امان انتظار ۾ ويٺيون هيون. الائي ڪيترا قسم کاڌي جا تيار هئا. سومرو دلبر دوست آهي، دوستن لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏيندو، ان ڪري ئي پنهنجي لاءِ پيار کان سواءِ ٻي ڪابه ملڪيت ٺاهي نه سگهيو آهي. ڀلا ان کان سواءِ ٻيو کپي به ڇا؟ اسان کي گاريون ڏيندو، وڙهندو، پوءِ به هن کان سواءِ رهي نه سگهنداسين. نيٺ وڃي کيس ايلاز منٿون ڪري پرچائينداسين، الائي ڇاهي هن شخص ۾، چقمق آهي چقمق. ڪارو ڪرنٽو، بدافعالو، آواز ڄڻ دهل، کلڻ ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون، تڏهن به سندس هر ادا وڻي، ڄڻ ڪو معشوق هجي.

سندس گهر ۾، ان رات موسيقي ٻڌيسين. اها به سنڌي موسيقي. مون پاڻ سان آندل عابده پروين ۽ علڻ فقير جا ڪئسٽ ٻڌايامانس ته پاڻ نارو ڀڳت جو ڪئسٽ لڳايائين. نارو ڀڳت، جنهن جو ڪئسٽ نه ئي ريڊيو وارن وٽ آهي ۽ نه سنڌ الاجيءَ وٽ. ڇوته هو واڻيو هو.

نارو ڀڳت جو لافاني آواز گونجيو:

ڪاتو قريبن اڳيان

ڪتيم ڪينڪي، ڇا ٻڌايان .

اکين آڏو اهو زمانو ڦري ويو، جو سن 56-1957ع ۾ نور سومرو لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري هو، اسان ڪاليج ۾ پهريون دفعو لطيف جو ڏهاڙو ملهايو هو ۽ نارو ڀڳت کي ڄام شوري وٺي آياهئاسين. هن لطيف جي راڳ ۾، سپردگيءَ جي انداز ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيو هو. سندس انگ انگ، سندس هڪ هڪ وار ان ڪلام ۾ گم هو. هو نه فقط ڳائيندو هو، پر سندس جسم جو هر عضوو تحرڪ ۾ اچي، ان ڪلام جي عملي تصوير پيش ڪندو هو.

مان ۽ نور سومرو اٿي نچڻ لڳاسين. اسان جو من، نارو ڀڳت جي تال سان تال ملائي وجد ۾ اچي ويو. اسان جا جسم راڳ جي لهرن ۾ لڙهندا ويا ۽ اسان نارو ڀڳت جي راڳ سان رلمل ٿي وياسين.

عابده پروين جي ٽيپ لڳي:

موٽ وسندڙي مينهن الا

لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا

منهجي اکين آڏو الطاف اچي ويو. منهنجو دوست الطاف، منهنجو ڀاءُ الطاف، منهنجو معشوق الطاف. نيڻن مان ٽم ٽم مينهن وسڻ لڳو. مينهن وسيو پر الطاف نه موٽيو. لالڻ ڏاڍا ڏينهن لڳايا آهن. قمر جو اکيون پڻ رم جهم هيون. نور سومري پڇيو،”هيءُ ڇا آهي؟“ قمر سڏڪندي سڄي ڳالهه ٻڌايس.

اها رات، رئندي کلندي، نچندي ٽپندي گذري ويئي. ٻئي ڏينهن اسان ريل گاڏيءَ ۾ برمنگهام روانا ٿياسين.

برمنگهام انٽرنيشنل اسٽيشن تي پهچي، منوهر کي فون ڪئي سين. منوهر ڪار کڻي اسان کي وٺڻ آيو. ڪولس هلHill Coles ۾ پنهنجي گهر وٺي ويو. ڪولس هل، برمنگهام کان ڏهه ميل کن ٻاهر هڪ صاف سٿرو ۽ سهڻو ڳوٺڙو آهي، جتي منوهر جو گهر آهي. منوهر جو گهر وڏو (انگلينڊ ۾ عام طرح ننڍا، پر سهڻا ۽ صاف ۽ هر سهوليت وارا گهر آهن.) سينگاريل ۽ آرام ده هو. پر سڀ کان وڏي خوبي منوهر جي گهر جي هئيWarmth.انگريزيءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ گرمي آهي، پر اهو لفظ استعمال ٿيندو آهي، آڌر ڀاءَ جي گرمجوشيءَ لاءِ. منوهر ٻڌايو ته ڊاڪٽر سنگهه ٽيڪنيشن کي سڏائي نه سگهيو (ان ڏينهن سنگهه جو اسپتال ۾ ويهڻ جو ڏينهن نه هو ۽ منوهر جي دوستيءَ سبب، خاص منهنجي ڪري اسپتال ۾ آيو هو  ۽ ٽيڪنيشن کي به خاص منهنجي ڪري ئي سڏائڻو پيس.) ٽيڪنيشن نه هئڻ جي ڪري رات گذارڻ جو مسئلو هو. مون ذڪر ڪيو ته منوهر شرارت سان مرڪي، پنهنجو دستوري بُجو ۽ هلڪي گار استعمال ڪري چيو، ”هيءُ گهر وري ڪنهن جو آهي.“

۽ شام جو مان ۽ منوهر، ماضيءَ جي اونهاين ۾ گم ٿي وياسين، مسز منوهر ۽ قمر حيرانيءَ سان ٻڌنديون رهيون. هڪ هڪ دوست کي ياد ڪيوسين. ان جا مسئلا، رومان، ڪاليج ۾ ڪيل شرارتون، استاد، انهن جا لطيفا. سڀ ور ور ڪري ياد ڪياسين.”فلاڻو شادي نه ٿو ڪري؟“ ان تي وڏو بحث ٿيو. ڪنهن دوست جي ٽڪڻ بحث هيٺ آئي ۽ شادي نه ٿي سگهڻ جو سبب قرار ڏني وئي، ته ڪنهن تازو بيوه سان شادي ڪيل دوست کي ٻين شين سان گڏ مليل ٽي چار ريڊي ميڊ ٻار ٻه موضوع بنيا. منوهرچيو،”اسان شادي ڪيون، ٻار ڄڻيون، محنت ڪري پالي نپائي وڏا ڪيون. هن حراميءَ کي ريڊي ميڊ ٻار ملي ويا، ڪيڏيءَ نه محنت کان بچي پيو.“

اها رات ڌماچوڪڙيءَ جي رات هئي. ٽلندڙ ٽهڪن ۽ مهڪندڙ مرڪن جي رات هئي. بي خوديءَ ۾ هُشياريءَ واري رات هئي.

صبح جو منوهر پنهنجي ڪلينڪ ڏي برمنگهام ويندي، اسان کي ڊاڪٽر سنگهه وٽ لاهيندو ويو.

برمنگهام يونيورسٽي ۾ گهڙياسين. دل جي شعبي Cardiology پهتاسين. ان تي پٿر لڳل هو، جنهن تي لکيل هو، ’هن شعبي جو افتتاح سرجن ڪُوليءَ Coolie  ڪيو.‘ سرجن ڪُوليءَ، ڪورونري باءِ پاس Coronary Bye Pass  جو موجد، لکين مريضن جي زندگيءَ مان سور کي ڪوري ڪڍڻ وارو جراح، منهنجو ڪنڌ عقيدت کان جهڪي ويو.

ڊپارٽمينٽ ۾ اندر ڊاڪٽر سنگهه منهنجي لاءِ منتظر هو. جڳ مشهور ماهر. هو دوستاڻي تپاڪ ۽ بي تڪلفيءَ سان مليو. پوءِ منهنجي هسٽري وٺڻ شروع ڪيائين. ڪلاڪ کن هن سوال پڇيا. مون کي هر سوال تي عجب پئي لڳو، ته اهو سوال واقعي Relevant  آهي، پوءِ منهنجي ملڪ جي ماهرن مون کان ڇو نه پڇيو ۽ مان پنهنجي مريضن کان ڇو نه پڇندو آهيان. ان کان پوءِ هن مون کي تمام وڏي تفصيل سان تپاسيو. تپاس کان پوءِ مونکي ٻئي ڪمري ۾ موڪليو ويو، جتي سخت ورزش جي دوران منهنجو E.C.G ڪيو ويو. آخر مون کي ڊاڪٽر سنگهه چيو ته هو پنهنجي رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڏيندو ۽ مون کان فون نمبر گهريائين، جنهن تي هو پنهنجي راءِ ڏئي سگهي.

مون کي ياد آيو ته نور سومري چيو هيو ته جي هڪ ٻه ڏينهن بچي پون ته، مون وٽ واروڪ(Warwick)  اچجو، جتان شيڪسپيئر جو شهر Stratsford upon Avon (اسٽرئفورڊ اپان ائون) ويجهو آهي. مون نور سومري جو نمبر ڊاڪٽر سنگهه کي ڏنو ۽ اٿڻ لڳس.

اٿڻ وقت ڊاڪٽر سنگهه دوستاڻي طريقي سان پڇيو ته ڪيڏانهن ويندين. مون ٻڌايومانس ته نيو اسٽريٽ اسٽيشن. هن تفصيل سان سمجهايو ته هتان کٻي، پوءِ سڄي، پوءِ سڌو وڃجانءِ. فلاڻي اسٽاپ تي لهجانءِ ته اسٽيشن پهچي ويندين.

شيڪسپيئر ۽ نور سومري، ٻنهي جي ڇڪ کڻي بيٺي هئي. اسپتال مان ڊاڪٽر سنگهه جي ڏس تي پهتاسين. ٻڌايل نمبر واريءَ بس ۾ چڙهندي ڊرائيور کي چيوسين، ”اسان ٻهراڙيءَ جا پرديسي آهيون. اسان کي نيو اسٽريٽ واري اسٽاپ تي لاهجانءِ.“ ڪنڊيڪٽر ته هيوئي ڪونه، اسان ٻين وانگر پئسا پيتيءَ ۾ وڌا ۽ بس هلي.

مون قمر کي چيو، ”بس اسٽاپ تي بورڊ لڳل هو، فلاڻي بس جا وقت فلاڻا فلاڻا آهن ۽ اسان جي نمبر واري بس ٺيڪ ٽائيم تي آئي.“

بس اسٽاپ تي بيٺي، اسان لهڻ لڳاسين، ته ڊرائيور مونکي سڏ ڪيو ۽ رستو سمجهايائين، ته بس اسٽاپ کان اسٽيشن تائين ڪهڙيءَ ريت پهچجي. هن انگريزي ايڏي ته تڪڙي ٿي ڳالهائي جو مونکي سمجهه ۾ نه پئي آئي. ٻه ٽي دفعا مون هن کان ورجائي پڇيو. آخر ۾ ڊرائيور مون کان پڇيو ته، ٻڌاءِ ته اسٽيشن ڪيئن پهچندين. مون صحيح ٻڌايومانس، تڏهن وڃي مطمئن ٿيو. مان بس مان هيٺ لهڻ لڳس ته عجيب منظر ڏٺم. بس ۾ چڙهڻ وارا انگريز، اٽينشن ڪيو، صبر ۾ قطار سان بيٺا هئا. ڪنهن به قسم جي ناراضگيءَ يا تڪڙ جو اظهار سندن چهري تي نه هو. هتي قائدو آهي ته پهريائين لهڻ وارا لهن، پوءِ چڙهڻ وارا چڙهن. جيستائين ريل يا بس مان آخري مسافر نه لهندو، تيسين سڀ صبر سان قطار ۾ بيٺا هوندا. هونءَ بس هڪ منٽ ليٽ ٿيندي آهي، ته انگريز منهن خراب ڪري واچون ڏسندا آهن، پر اسان جي ڪري بس ٻه ٽي منٽ ليٽ ٿي، پر هڪ ڄڻي به منهن خراب نه ڪيو. ڇو ته اهو ’ڀليل کي رستي ٻڌائڻ‘ جو معاملو هو.

برمنگهام جي نيو اسٽريٽ اسٽيشن، اسٽيشن ته ناهي، عجيب شيءِ آهي. سهڻو سينگاريل شاپنگ سينٽر، روشنين سان سجايل ڦوهارو. آرام ده ۽ لذيذ کاڌن واريون ريسٽوران. اتي پهچي، قمر جي بک ۽ منهنجي ’اڃ‘ ڪر کنيو ۽ ٿوري دير ريسٽوران ۾ گذاريسين.

ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دريءَ تي پهتس ته چيائون، ”واروڪ جي گاڏي هتان نه، پر برمنگهام جي هڪ ٻيءَ اسٽيشن ’موچسٽري‘ تان ويندي. مون دريءَ واري کان پڇيو، ”ڪٿان؟“ هن وات گول ڪري چيو، ’موچسٽري،‘’ ”هاڻي الائي اها موچسٽري ڪٿي آهي.“ قمر چيو.

مون وڃي هڪ پوليس واري جي ڀر ورتي، انگلينڊ ۾ قائدوآهي ته ڀلجي پئو ته پوليس جي مدد وٺو. جي هو توهان کي گهر نه پهچائي سگهندو، ته رات ٿاڻي تي رهائي، کارائي، پياري، صبح جو وارثن تائين پهچائيندو.

مون به وات گول ڪري پوليس واري کان ”موچسٽري“ جي پڇا ڪئي، هن ڏس ڏنو. اسٽيشن ويجهي ئي هئي، ٿوريءَ دير ۾ پهچي وياسين.

اسٽيشن تي پهچي، بورڊ ڏٺوسين ته ڏاڍي کِل آئي. جنهن اسٽيشن کي اسان موچسٽري پئي سمجهيو، اها اصل ۾ موئر اسٽريٽ (Moor Street) هئي. انگريزن جي گول مول اچار موجب ’ر‘ ۽ اسٽريٽ ’ا‘ ’س‘ کي ملائي ڪجهه ’چ‘ جهڙو آواز ٿي نڪتو ۽ اسٽريٽ جي آخري ’ٽ‘ حذف ٿي ويئي.

ريلوي جي اها لائين دادوءَ وانگر هئي. نه گاڏيءَ ۾ ڪو کاڌي جو ڪمرو، نه اسٽيشن تي ڪا رونق يا کاڌي پيتي جي شيءِ. چڱو ٿيو جو برمنگهام مان کائي پي هليا هئاسين. نور سومرو سنڌ ۾ به دادو لائين تي، ته هتي به!

ٻاهر نڪري نور سومري کي فون ڪيم، هو به ٻاڙيو ويٺو هو. چيائين، ”اجهو آيس.“

پندرهن ويهن منٽن ۾، ڪار سوڌو ٽيليفون بوٿ تي پهچي ويو.

وڏن وڏن وڻن سان ڍڪيل ۽ ساوڪ سان سينگاريل پٽ لتاڙي، گهوڙن جي پالنا وارن صاف سٿرن ۽ جديد طنبيلن وٽان لنگهندا، خوبصورت، صحتمند ۽ متناسب جسم وارا گهوڙا ڏسندا، اچي نور سومري جي اسپتال واريءَ رهائش گاهه تي پهتاسين، جتي هن هڪ ڪمرو اسان لاءِ رکيو هيو. سامهون سندس ڪمرو هو. هيٺ کاڌي جو ڪمرو ۽ بورچي خانو، جيڪو ان رهائش گاهه ۾ رهڻ وارن ڊاڪٽرن جي استعمال ۾ هو.

ٿورو آرام ڪري هيٺ لٿاسين. سومري چيو، ”ڇا کائيندؤ؟“ فرج ۾ سندس کاڌو پيو هيو. مون چيو، ”ڏينهن ٿي ويا آهن، دال نه کاڌي اٿئون.“ قمر دال رڌي ۽ چانور چاڙهيائين. برطانيه ۾ دال ۽ چانورن ڏاڍو مزو ڏنو. رڳو انبن جي ڪمي محسوس ٿي. سنڌ ۾ انبن جي موسم هئي. اسان ان موسم جو وڏو حصو بنا انبن جي يورپ ۾ گذاريو. موٽي آياسين ته ادا وڏي انبن جا ٻه ڪريٽ اسان لاءِ رکائي ڇڏي هيا. ان خيال کان ته يورپ ۾ انب ڪونه مليا هوندن. ادا، پيارو ادا، دوست، پيءُ ـــ سڀ ڪجهه!

شام جو نور سومرو اسپتال جي ڪلب ۾ وٺي ويو. ننڍي، خوبصورت ڪلب. خوبصورت ڪائونٽر تي ويٺل خوبصورت ڇوڪري، پريان ڀت تي سينگاريل مشروبن جون بوتلون، ڀرسان بلئرڊ ٽيبل ڏسي منهنجي روح ڇڪ ڪئي، قمر ۽ نور کي ٽيبل تي ئي ڇڏي مان بلئرڊ کيڏڻ شروع ٿي ويس. خيرپور جيم خاني ۾ روز بلئرڊ کيڏڻ ڪري هاڻي ڄڻ اها عادت ٿي ويئي آهي. سامهون وارو کيڏاري ڏاڍو ماهر هو. اسان اِن آف (In off) ۽ ڪئنن (Cannon)  واري راند کيڏندا آهيون. پر هتي گهڻو ڪري پاٽ (pot)  واري راند هلي. ٿوري ئي وقت ۾ مون کان ٻه رانديون کٽي ويو. هار تي مرڪندو موٽي ٽيبل تي آيس. اتي قمر ٻڌايو ته هاڻي ڀاڀيءَ مسز سومرو جي خاموشيءَ جو سبب معلوم ٿيو اٿس. نور سومري ٽهڪ ڏيندي اها ڳالهه ورجائي، جيڪا منهنجي غير موجودگي ۾ قمر کي اڳم ئي ٻڌائي چڪو هيو. هن ٻڌايو ته ڪنهن ڳالهه تي قمر کيس (مسز سومرو کي) ’چٻ‘ چيو، ان تي ڀاڀيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چپ ڪري ويهي رهي. ٻئي ڏينهن جڏهن مون شوڪت ۽ قمر کي ڳالهه ڳالهه تي ’چٻ‘ پئي سڏيو ته، هن کي حيرت ٿي ته هو مون سان ڪاوڙجن ڇو نه ٿا. هن سومري کان اڪيلائيءَ ۾ پڇيو ته هيءَ جو ڳالهه ڳالهه تي چٻ ٿو چوين، پوءِ هو ڪاوڙجن ڇو نٿا. سومري ٻڌايو ته ان تي مون کلي چيومانس ته، ”اڙي چٻ، هو پيار ۽ چرچي ۾ هڪ ٻئي کي چٻ چوندا آهن.“

مون کي ڀاڀيءَ مسز سومرو جي چپ چپ رهڻ جو سبب هاڻي سمجهه ۾ آيو. وري ليسٽر وڃڻ جو پروگرام ڪونه هو جو ڀاڀيءَ کان معافي وٺي سگهون ها. بهرحال نور سومري کي چيوسين ته: ڀاڀيءَ کان اسان جي پاران معافي وٺي ڇڏي.

 

شيڪسپيئر جو شهر

 

ٻئي ڏينهن، شيڪسپيئر جي شهر، ”اسٽرئفورڊ اپان ائون“ وياسين. هيءُ شهر سومري جي اسپتال کان ڏهه پندرهن ميل پري آهي. شهر ننڍو آهي، پر هشام ماڻهن جا. سوين ٽوئرسٽ بسون ۽ هزارين ٽوئرسٽ، ڪلهي گس جيڏي ڀيڙ. هيءُ شهر به دنيا جي انهن ٿورن شهرن مان آهي، جن ۾ شهر جي اصلي رهاڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ ٽوئرسٽ نظر ايندا.

سڀ کان پهرين شيڪسپيئر جو گهر ڏٺوسين. رواجي انگريزي گهر آهي، پر ان ۾ شيڪسپيئر جي هر شيءِ سانڍيل آهي. لکڻ جي ميز ڪرسي، برتن، بورچي خاني جو سامان، ديڳڙا ۽ ديڳڙيون. چمچا ۽ ڪفگير. مطلب ته شيڪسپيئر جي استعمال ڪيل هر ننڍي وڏي شيءِ سانڍيل آهي. سڄي گهر ۾ ان جي قدامت قائم رهي.

ان گهر جي هڪ ڪمري ۾، ان گهر متعلق سڀ دستاويز، اصلي صورت ۾ محفوظ ٿيل، شوڪيس ۾ رکيل آهن. هن گهر جي وڪري جو دستاويز، (جيڪو شيڪسپيئر جي پونيرن مان ڪنهن لکيو) سرڪار ڪڏهن ان کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو، ان حڪم نامي جو دستاويز، پوءِ اهو ’شيڪسپيئر يادگار تنظيم‘ جي حوالي ٿيو، ان متعلق اصلي حڪم نامو، هڪ هڪ شيءِ اصلي صورت ۾ هٿ ڪري، محفوظ ڪيل آهي. ٻاهر نڪتاسين. شهر جي سڀ کان اهم چوڪ تي شيڪسپيئر جو تمام وڏو مجسمو نصب ٿيل آهي. اسان ان جي هيٺان بيهي فوٽو ڪڍايو. شهر جي ڀرسان ائون (Avon)  ندي ٿي وهي، ان ۾ سهڻيون، سينگاريل لانچون، ٽوئرسٽ کي نديءَ جي سير ڪرائڻ لاءِ موجود، مطلب ته ٽوئرسٽ اچن ته معلومات به ملي ۽ پڪنڪ به ٿئي. (ڇا ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڍنڍ کي اهڙو خوبصورت نه ٿو بنائي سگهجي؟)

شهر ۾، هر دڪان تي، هر جاءِ تي، شيڪسپيئر جي ڇاپ لڳل آهي. جي ڪپڙن جو دڪان آهي، ته ان ۾ شيڪسپيئر جي ڪردارن جا ڪپڙا ملندا. جي برتنن جو دڪان آهي، ته ان ۾ شيڪسپيئر دور جا برتن، ڪوپ، ساسريون، ڪٽليون، چمچا، ڪانٽا وغيره ملندا. ڪتابن جي دڪان تي شيڪسپيئر جا ۽ شيڪسپيئر متعلق ڪتاب. ائش ٽري هجي، بٽن هجي، قلم هجي، پيپر ويٽ هجي، هر شيءِ تي شيڪسپيئر جو پورٽريٽ.

هڪ دڪان تي شيڪسپيئر جي ڊرامن جا ميڻ جي بتن جي صورت ۾ ٺهيل ڪردار هئا ۽ پس منظر ۾ انهيءَ ٽاڻي جا ڊائيلاگ وڄي رهيا هيا. ٻئي دڪان تي شيڪسپيئر جو ميڻ جو بت پيل هيو. اهو ايڏو ته اصلي پئي لڳو، جو مون نور سومري کي چيو، ”منهنجي هن دوست سان منهنجو فوٽو ڪڍ.“

هتي اهو فوٽو ڏسي ماڻهو عجب کائيندا آهن ته شيڪسپيئر ۽ منهنجي وچ ۾ صدين جو فاصلو آهي، اهو فوٽو ڪيئن نڪتو. فوٽوءَ ۾ مان نقلي ٿو لڳان ۽ شيڪسپيئر جو مجسمو اصلي.

انهيءَ دڪان ۾، شيڪسپيئر جي متعلق بالزاڪ جو چيل جملو تختيءَ تي لکيل آهي:

After God. Shakespeare created most. (خدا کان پوءِ سڀ کان گهڻي تخليق شيڪسپيئر ڪئي آهي.)

شيڪسپيئر جي شهر ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڏاڍو ياد آيو. ويران عمارتون. ’ني پروانه سوزدني صدائي بلبلي‘ واري ڪار آهي.

ٻئي ڏينهن، پياري سومري، قربائتي سومري، خدمتي سومري کان موڪلائي، برمنگهام آياسين، جتي خوشخبري ملي، ته منهنجي دل بدمعاش ضرور آهي، پر اها رڳو هلڪي شرارت ٿي ڪري ۽ في الحال جيڪو ڪجهه آهي، بي خطر آهي.

برمنگهام جي اها رات منوهر جي رات هئي. منوهر، ڳالهه ڳالهه تي بجو ڏيڻ ۽ بجو کائڻ وارو منوهر. نه رڳو دل جو درياهه، پر دل جو شينهن منوهر. اڌ رات کان به دير تائين ويٺا رهياسين. ميڊيڪل ڪاليج جا سڀ يار هڪ هڪ ئي نڪتا. هڪ هڪ جا واقعا ورجايا ويا. حڪيم، نثار عباسي، ستار سومرو، فضل رحيم، احمد علي سمون. سڀني سان گذريل لطيفن تي ٽهڪ ڏناسين. ان وقت جي شاگرد ڇوڪرين جا ذڪر نڪتا. زمانا گذريا، اهي حسين جن جي ناز تان ڪاليج قربان ويندو هو ۽ هو ڪنهن ڏي اک به نه کڻنديون هيون، اهي وڌوائون ٿي، ڏکيا ڏينهن گذاري رهيون آهن. ڪن جي شادي ٿي ته راضي ناهن، ڪن جي مورڳو شادي ئي نه ٿي. عجب زندگي آهي، سڪون ڪٿي آهي، نرواڻ ڪٿي آهي. ڇا سڪون رڳو گوتم ٻڌ جي پتلي جي چهري تي آهي؟

منوهر کي، مون انگلنڊ ۾ رهندڙ سڀني ڊاڪٽرن دوستن کان وڌيڪ رهائيءَ وارو ۽ شان سان رهندي ڏٺو. اهو سڀ سندس کلمک هجڻ، نياز، نوڙت، قرب ۽ هوشياريءَ جو نتيجو آهي.

ٻئي ڏينهن، تيز رفتار ٽرين تي چڙهي، واپس لنڊن پهتاسين. لنڊن پهچي خبر پئي ته ڊاڪٽر قيوم بروهيءَ (حليم بروهيءَ جي سوٽ) جي فون آئي هئي. موٽ ۾ کيس فون ڪئي سين. هن ڏاڍو زور ڀريو ته رات جي ماني وٽس کائون. سندس سڪ ۽ قرب ڏسي اسان ها ڪئي. هاڻي لنڊن ڇڏڻ جهڙا ٿيا هياسين. سڀ ڪم لاهي، گهمي ڦري، دنگ ڪيوهيوسين. رڳو ڪنهن ٽوئر ڪپمنيءَ ذريعي، ائمسٽرڊام، پئرس ۽ اٿينس ۾ هوٽل وغيره جي بڪنگ ڪرائڻي هئي.

مان ۽ مگسي ان ئي ڪم سان لڳاسين ۽ قمر پنهنجي شاپنگ جي تصوير ۾ آخري رنگ ڀرڻ شروع ڪيا. شوڪت ۽ ناهيد به اتي هئا. قمر کي انهن سان شاپنگ تي موڪليم . مان ۽ مگسي ٽوئر ڪمپنين جي ڳولا ۾ نڪتاسين. هلندي هلندي اچي پئڊنگٽن اسٽيشن تي پهتاسين. مگسيءَ ٻڌايو ته، ”هيءَ اها اسٽيشن آهي، جتان برٽرنڊ رِسل روز ٽرين ۾ چڙهندو هو.“

برٽرنڊ رِسل ـــ هن صديءَ جو عظيم ڏاهو، انسانيت جو محسن. منهنجي آڏو برٽرنڊ رِسل جي تصوير اچي وئي. سنهو ڪمزور ۽ نٻل جسم. اڇا چانديءَ جي تارن جهڙا وار. لارڊ ـــ پر انگلينڊ جي جنگي پاليسيءَ خلاف، جنگ هلندي تقريرون ٿو ڪري، پئمفليٽ ٿو لکي، جيل ٿو ڀوڳي، پوليس وارن جا ڏنڊا ٿو کائي. خبر ٿي پوي ته، جيڪو مضمون بنا نالي پاڻ اخبار ۾ لکيو اٿائين، ان جي ڏوهه ۾ ٻيا ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، ته اخبار کي خط ٿو لکي: ”اهو مضمون مون لکيو آهي، مون کي گرفتار ڪيو. انهن کي ڇڏي ڏيو.“

آزاد خيال هجڻ ڪري، هن کي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو. هو ڊورا بلئڪ سان رسمي شاديءَ کان سواءِ، زال مڙس وانگر رهندو هو. ان کي چين سرڪار جي دعوت تي چين جي دوري تي به وٺي ويو. روس ۾ لينن سان ملڻ کان پوءِ هن سندس باري ۾ رمارڪ ڏنو ته هو:

’قدامت پسند مارڪسي (Orthodox Marxist)  آهي.‘ هن فلسفي، سائنس ۽ رياضيءَ تي اهي ڪتاب لکيا، جيڪي هن صديءَ ۾ آئنسٽائن کان پوءِ انهن علمن جو دنگ هئا. هن’انسان دوست‘ (Humanist)  تحريڪ شروع ڪئي. جنگ جي دوران هن لکيو: ’جيئن هر انگريز شريف نه آهي، تيئن هر جرمن بدمعاش ناهي. پوءِ اسان ڇو هر جرمن سان نفرت ڪيون.‘

سندس خود نوشت سوانح، دنيا جي عظيم ترين ڪتابن مان آهي. سندس معصوميت، سچائي، انسان دوستي ۽ بي تڪلفي هن صديءَ جو فخر آهي. جي هيءَ صدي رِسل جي ٻڌايل اصولن تي هلي ها، ته ڪروڙين قتل نه ٿين ها.

مون پئڊنگٽن اسٽيشن کي سلام ڪيو، جتي اسانجي دور جي هن عظيم ڏاهي جا قدم روز پوندا هئا.

پئڊنگٽن اسٽيشن کان اڳتي هلي مگسي هڪ معمولي چؤماڙ يا پنج ماڙ جاءِ وٽ مونکي بيهاريو ۽ هڪ ننڍي سنگ مرمر جي ڪتبي کي پڙهڻ لاءِ چيائين. مون پڙهيو: ’هن عمارت جي ماڙيءَ تي، سنه.... ۾، سر اليگزنڊر فليمنگ پنسلين ايجاد ڪئي.‘

منهنجو ڪنڌ عقيدت منجهان جهڪي ويو. انسانيت جو عظيم محسن، اليگزينڊر فليمنگ، هن عمارت ۾ ڪم ڪندو هو. اڄ تائين ۽ اڄ کان پوءِ ابد تائين، هر نسل جي ڪروڙن ۽ ابد تائين ايندڙ الائي ڪيترن ڪروڙ ڪروڙن جون حياتيون بچائڻ وارو اليگزينڊر فليمنگ. موتمار بيمارين کي سهوليت سان صحيح ڪرڻ لائق بنائڻ وارو اليگزيندڙ فليمنگ.

پنهنجي ملڪ ۾، مون فليمنگ جي باري ۾ هڪ مولوي صاحب کان راءِ پڇي. هن ٺهه پهه چئي ڏنو: ”جهنمي آهي. ڇو ته ڪلمو نه پڙهيو اٿائين.“ سندس راءِ ۾ ڪنهن شخص انسانيت جي بهبوديءَ لاءِ ڪيڏو به وڏو ڪم ڪيو هجي، پر جيستائين اهو ڪلمو پڙهي مسلمان نٿو ٿئي، تيستائين جهنمي آهي ۽ جي ڪوئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿو ٿئي، پوءِ کڻي سندس افعال ڪهڙا به هجن، پر تڏهن به شفاعت جو حقدار آهي.

ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ وارن ائڊريس ۽ ٽيلفون نمبر ورتا ۽ چيائون ته ائمسٽرڊام ۽ پئرس ۾ هوٽل بڪنگ ڪرائي اطلاع ڏيندا.

مگسيءَ موڪلايو ۽ مان پنڌ ئي پنڌ، بيز واٽر روڊ گهمندو، ڪتابن جا دڪان ڏسندو، پب ۾ ٿڪ ڀڃندو، اچي آڪسفورڊ اسٽريٽ جي سيلفرجز پهتس، جتي قمر، ناهيد ۽ شوڪت شاپنگ لاءِ آيل هئا.

ڪتابن جا دڪان ڏسندي، عجب لڳو ته شيڪسپيئر جي مڪمل ڪليات (Complete work)  جا ڍڳ، رعايتي سيل تي پيل هئا. هڪ دڪان تي، ريمبرانٽ ۽ ليونارڊو ڊوانچيءَ جا ڪتاب به رعايتي سيل تي هئا. شيڪسپيئر مون وٽ اڳ ۾ ئي آهي. باقي ڪتاب ۽ ڪجهه چيني، ترڪي شاعريءَ جا ۽ آمريڪي شاعرن ڊئلن ٿامس ۽ ايريڪا جونگ جا ورتم. ڪافي ڪتاب ورتم جي ٿيلهن ۾ نه ماپيا ۽ سڄي يورپ جي سفر دوران هوائي جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت هٿ ۾ هئا.

شيڪسپيئر جي ڪتابن ۽ ڍانچي ۽ ريمبرانٽ جي فن جي معرڪن جي ڪتابن جي رعايتي سيل (Sale)  ۾ هجڻ سمجهه ۾ نه آيو. انگريزن جو به شايد ادب ۽ فن جو ذوق بدلجي ويو آهي، هاڻي هو جاسوسي، جنسي ۽ مارا ماريءَ وارا ڪتاب وڌيڪ ٿا پڙهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪتاب ايتري ته گهڻي انداز ۾ ڇپجن ٿا، جو انهن جو وڪرو مشڪل ٿيو پوي ۽ مجبورا رعايتي اگهن تي نيڪال ٿا ٿين.

آڪسفورڊ اسٽريٽ مان ئي ريجنٽ اسٽريٽ ٿي ڦٽي. هن اسٽريٽ ۾، ٿنڀن ۾ لڙڪندڙ سهڻيون ڪونڊيون آهن، جن ۾ سهڻا گل جهومر لڳايو بيٺا آهن. ان ئي اسٽريٽ ۾ رانديڪن جو وڏي ۾ وڏو دڪان آهي. چار ماڙيون آهن. هن دڪان ۾ چدن ۽ جننجهڻن کان وٺي ريموٽ ڪنٽرول (Remote Control) وارا هوائي جهاز موجود آهن. هر عمر جي ٻار لاءِ رانديڪا، جيڪي  نه فقط وندر آهن، پر تعليم پڻ. سرمد انگل ڪيو هيو ته منهنجي لاءِ اڏامندڙ هوائي جهاز آڻجو. اسان سندس لاءِ هڪ هوائي جهاز ورتو، جنهن جا پرزا الڳ الڳ هئا ۽ انهن کي جوڙڻ (Assemble ڪرڻ) سان اڏامندڙ هوائي جهاز ٺهي پئي پيو.

اها شام، شوڪت سان، سندس هوٽل ۾ گذري. شوڪت وڏو معتبر آهي. اسان وانگر معمولي هوٽلن تي گذارو نه ڪندو آهي، جتي به ويندو آهي ته شان ۽ پنهنجي نالي شوڪت سان رهندو آهي. هوٽل ڀلي ڪيتري به مهانگي هجي، پر ڪمرو ڪشادو هجي. ان ۾ فرج به هجي، رنگين ٽي وي هجي، بئرا به چوويهه ڪلاڪ سڏ ۾ سڏ ڏين. پوءِ ڀلي ٽي وي نه ڏسي.

ايندڙ ڏينهن آچر هو، نه ڪم نه ڪار. ٽوئر ڪپمنيءَ جي بڪنگ جي انتظام ۾ هئاسين. ائين ئي ٻاهر نڪتاسين، رلي رلي منجهند ڪئي سين. هڪ هوٽل تي ميڪسيڪو جو کاڌو کاڌوسين. اهو ائين هو، جيئن ڊڳڙيءَ کي ٻيڻو ڪري، سوڪ ڪجي ۽ ان جي وچ ۾ مصالحن سان چڻن جي دال وجهي ڇڏجي.

آڪسفورڊ اسٽريٽ جو چڪر هڻي وڃي گرين پارڪ (Green Park) نڪتاسين. موڪل هئڻ جي ڪري اتي ڄڻ ميلو لڳو پيو هو. انگريز، موڪل جي موڊ ۾ آرسين وانگر پيا هئا. ڪي آرام ڪرسين تي پنڪيون کائي رهيا هيا، ته ڪن ڇٻر تي ليٽي ڍڪر پئي کاڌا. ڪن تاس راند پئي ڪئي، ته ڪي بيئر سِپِ ڪري رهيا هيا. مطلب ته فراغت جو سمو هو. انگريزن کي نه ڪم وقت آرام جو فڪر، نه آرام وقت ڪم جي ڳڻتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org