سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :8

باب ستون

وھانءَ جا شانھ مانا، معزز مھمان، ڪراچيءَ واپسي، نائونمل کي، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ جي معرفت، گورنر جنرل جي طرفان خلعت جو ملڻ، صدر بزار ۾ جڳھون ٺھرائڻ، ميرن جا دڙڪا، سر چارلس نيپئر جي آمد، مير علي مراد جي نيپئر کان پنھنجي ڀاءُ رستم جي خلاف، مدد جي گھر، رستم جي ڀاڄ، حيدرآباد جي سفارتخاني تي حملو، مياڻي ۽ حيدرآباد جون لڙايون، نومڙين، ڪرمتين ۽ جو کين جي سردارن جو ڪراچيءَ تي حملو ڪري فوج کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائونمل جي گھر ۾ ھراس، شھر ۾ ڦڙڦوٽ، ڪراچيءَ جي دفاع لاءِ عملدارن سان منصوبو، ٽالپرن جي جھنڊي جو سر ڪيرائڻ ۽ نائونمل جو سر چارلس نيپئر کي لڪل خطن سان قاصد موڪلڻ، نائونمل جي صاحب خان ڇٿي کان مدد جي گھر، بلوچ لٽيرن جو پيڇو، ھوتچند جي فاتحانھ انداز ۾ واپسي، انگريزن جي ھڪ فوجي دستي جو بلوچن جي ھٿان قتل، نائونمل جو سؤ جوان وٺي، ڏاکڙين ٽڪرين ۾ فوجي دستي پٺيان وڃڻ، پستول جو ٺڪاءُ، ٺڳيءَ جو شڪ، بلوچن جو ڇانوڻيءَ تي قبضو، ٽن سردارن جو ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ پيش پوڻ، نائونمل جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيڻ.

سنبت ١٨٩٨ (١٨٤١ع) جي آکاڙ مھيني ۾، اسان فيصلو ڪيو تھ منھنجي ستين نمبر ۽ سڀني کان ننڍي پٽ ليکراج، ڀائٽي آتمارام ۽ منھنجي وڏي پٽ ٽيڪمداس جون شاديون ڪرائجن منھنجا گماشتا ابتدائي انتظام ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان مھينو اڳ آيا. منھنجا ٻار جڏھن حيدرآباد آيا تھ مان انگريز جي ڇانوڻي ڇڏي اچي شھر ۾ رھيس. شاديءَ جون سڀ رسمون رواج بجا آندا ويا. ويھھ ڏينھن ساندھھ ھر طبقي جي ماڻھن کي روٽي کارائي وئي. حيدرآباد جي ڀرسان ٽنڊي جي ماڻھن کي ڪوٺ ڏني وئي ۽ ھو سڀ مھرباني ڪري آيا. ڪئپٽن ليڪي، انگريز ڊاڪٽر، سفارتخاني جا سڀ تعلقدار، نواب احمد خان، الھداد خان ۽ ٻين معزز ماڻھن پنھنجيءَ شرڪت جو شرف بخشيو، منھنجي صحت ۾ اڃا ڪو گھڻو فرق ڪونھ آيو ھو. ڪرنل پاٽنجر واري خط جو نقصان مون کان ڪين پئي وسريو. ان جي ڏک ۽ حيدرآباد جي گرميءَ منھنجيءَ صحت کي پاڻ وڌيڪ نقصان پھچايو. شادين کان پوءِ سنبت ١٨٩٨ جي سانوڻ مھيني، مطابق آگسٽ ١٨٤١ع ۾ پنھنجن ٻارن سان ڪراچيءَ موٽي آيس. ڪراچيءَ جي آب و ھوا مون کي ڀانءِ پيئي ۽ فائدو ٿيندو ويو. مان ڪراچيءَ کان پورا ٻھ سال ٻاھر رھيو ھوس، جنھن مان ڇھھ مھينا ڀڄ ۾ ڪرنل پاٽنجر سان ۽ باقي وقت حيدرآباد جي ڀرسان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ڪرنل آئوٽرام سان رھيو ھوس. اھو سمورو وقت ان جي بلا معاوضي خدمت پئي ڪيم ۽ پنھنجي ھڙان خرچ ڪري پنھنجي مقامي حيثيت ۽ مرتبي مطابق رھندو ۽ سفر ڪندو ھوس. جڏھين ڪراچيءَ موتي آيس، تڏھن ڏٺم تھ منھنجا ڀائر انگريز جي فوج ۽ بحري ٻيڙيءَ جي مدد ڪندا ٿي رھيا ۽ انتظام اھڙوئي خاطر خواھھ ھو جھڙو منھنجي ڀڄ وڃڻ وقت ھو. مان انگريزي فوج جي سالارن سان ملي، سندن صحبت مان ڪافي پرايو ھو. منھنجو تنبو اڳي وانگر جنرل جي خيمي جي سامھون لڳل ھو ۽ مان روز صبح جو ڏھين بجي ڇانوڻيءَ ۾ ويندو ھوس ۽ شام جو پنھنجن بجي کان پوءِ گھر موٽي ايندو ھوس. ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، مسٽر ايسٽوڪ ننڍو(1)، شڪارپور سنڌ جو نائب سياسي سفير ھو، حيدرآباد کان آيو. مان ھن سان ملاقات ڪرڻ ويس. چيائين تھ ھندستان جي عزتماب گورنر جنرل، تنھنجي لاءِ ستاويھن ڪپڙن جي خلعت موڪلي آھي. مون اھو عطيو قبول ڪري، ھن جو احسان مڃيو. مھيني کان پوءِ، ھڪڙو بنگال کاتي جو ملازم، مسٽر ڪئنڊي(2) سڌ جو مقامي سياسي سفير مقرر ٿيو. مان ھن سان ملڻ ويس. ٻڌايائين تھ اعليٰ حضرت، عزتماب، ھندستان جي گورنر جنرل توکي سؤ رپيا مھينو پينشن(3) عطا ڪرڻ فرمائي آھي، جنھن جي عيوض توکي، سرڪار کي ضرورت جي وقت صلاح مشورو ڏيڻو پوندو. مون ان لاءِ سرڪار ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو. سنڌ جو سياسي ادارو ان کان پوءِ فقط ٽي مھينا ھليو ۽ ان سان گڏ منھنجو معاوضو بھ ختم ٿي ويو.

مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ باقاعدي ويندو ھوس. ھڪڙي ڏينھن ڪئپٽن ھينري پريڊي، جو ڪراچيءَ ۾ رسد جي محڪمي جو اعليٰ آفيسر ھو ۽ بزار جي نگران (ڇانوڻيءَ جي مئجسٽريٽ) جا فرض پڻ ادا ڪندو ھو، مون کي فوج جي سلور وٽ وٺي ويو ۽ ھن جي روبرو مون کي چيائين: ”اسان صدر بزار کي سڌارڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا آھن ۽ پاڻ پتوڙيو آھي. صدر بزار ۾ برآمدي مال تي ميرن کان محصول معاف ڪرايو آھي، پر تنھن ھوندي بھ ڪو ڏيھي ماڻھو صدر بزار دڪان کولن لاءِ تيار نھ آھي. اسان کي معلوم ٿيو آھي تھ ٽالپرن جي حڪومت جا عملدار، واپارين کي منع ڪن ٿا ۽ ڊيڄارين ٿا، ان ڪري ڇانوڻيءَ جي حدن اندر ڪنھن کي بھ ڪنھن شئي وڪري ڪرڻ جي ھمت نٿي ٿئي.“ ان کان پوءِ مون کي چيائين تھ ”صدر ۾ واپار کي ھمٿائڻ لاءِ تون اسانجي مدد ۽ تعاون ڪر.“ مون جواب ڏنس تھ مان توھان جو ھر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آھيان. ٽالپرن جي حڪومت ڀلي ناراض ٿئي تھ ٿئي. مون کي معلوم آھي تھ ڏيھي عملدار، واپارين کي صدر ۾ دڪانن کولڻ لاءِ ڪو نھ ھمٿائيندا آھن، پر توھان مون کان مدد ۽ تعاون جي گھر ڪئي آھي، تنھنڪري مان بزار ۾ ھر قسم جي سامان جي دڪانن کولڻ لاءِ تيار آھيان.“ ٻئي ڏينھن مون پنھنجي خرچ تي ڪيترين جاين(1) ٺاھڻ جو حڪم ڏنو. ڇانوڻيءَ م پنھنجي ڪارخاني جي شاخ کوليم ۽ ڪيترن واپارن کي ڇانوڻيءَ جي ماڻھن جي سھولت لاءِ ان، ڪپڙي ۽ ٻين شين جي دڪانن کولڻ لاءِ تيار ڪيم. احمد آباد جي نرسنگ لعل کي منيب مقرر ڪيم. ھو سپاھين لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ھو ھنن کي ھندستان ۽ ھندستان جي مختلف علاقن ۾، سندن ٻارن کي ھنڊين رستي پئسن موڪلڻ جو انتظام پڻ ڪندو ھو. جڏھن صدر جو واپار ترقي ڪرڻ لڳو، تڏھن ٽالپرن جي حڪومت جا عملدار جي ڪراچيءَ ۾ ھئا، تن گڏجي منھنجي برخلاف حيدرآباد جي درٻار ۾ شڪايت ڪئي  تھ نائونمل، ڪراچيءَ جي واپار کي ڌڪ ڏئي سرڪار جي آمدني(1) کي نقصان رسايو آھي. ان تي مير نصير خان کي مٺيان لڳي ۽ مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پنجويھھ سوار چاڙھي موڪليائين. اھا خبر مون کي حيدرآباد سان تعلق رکندڙ منھنجن عزيزن موڪلي ھئي. مان ھڪدم وڃي ڪئپٽن پريڊيءَ ۽ انگريزي فوج جي سالار کي اطلاع ڏنو. ھنن سڌو سياسي عملدار ليفٽيننٽ ملني(2) کي لکيو تھ ان ڳالھھ تي اعتراض وٺي. اھو خط ھڪ خاص قاصد جي ھٿان موڪليو ويو. ليفٽيننٽ ملني، خط ملڻ شرط پاڻ بذات خود مير نصير خان وٽ لنگھي ويو ۽ پڇيائينس تھ ”ھيءَ خبر جا مون ٻڌي آھي، سا سچي آھي يا نھ؟“ مير نصير خان غصي ۾ چيو تھ ھا! ”سيٺ ڪراچيءَ جي ستياناس ڪئي آھي ۽ اسان کي لکن رپين جو مالي نقصان پھچايو آھي. ھاڻي منھنجي چنبي ۾ آيو آھي ۽ مان ھن کي قيد ڪرائيندس.“ ليفٽيننٽ ملني بھ ساڳئي غصي ۾ جواب ڏنس تھ ”ھي (سيٺ)، برطانيا حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ رھي ٿو ۽ مٿس ھندستان جي گورنر جنرل جو سايو آھي. بھتر ائين ٿيندو تھ ھن جي خلاف اھڙو ڪوبھ قدم نھ کڻو، جنھن مان ھن کي نقصان پھچي.“ ائين چئي ھو اٿي کڙو ٿيو، مير تي ان جو وڏو اثر پيو ۽ مير نصير خان ماٺ ميٺ ۾ پنھنجو اڳيون حڪم رد ڪيو ۽ ٽالپرن جو ڪوبھ سوار ڪراچيءَ ڪونھ آيو.

١٨٤٢ع ۾، سرچارلس نيپئر، سنڌ ۾ انگريزي فوج جو سالار اعليٰ مقرر ٿيو. ھو پھريائين ڪراچيءَ آيو، جتان پوءِ جلدئي حيدرآباد روانو ٿي ويو. ١٨٤٣ع جي شروع ۾ خيرپور جي ٻن ميرن، مير رستم ۽ ھن جي ڀاءُ مير علي مراد جي وچ ۾ تنازع ٿيو ۽ ٻئي جنگ لاءِ ماڻھو گڏ ڪرڻ لڳا. مير علي مراد، سرچالس نيپيئر سان خط و ڪتابت شروع ڪئي ڀاءُ کي زير ڪرڻ لاءِ ھن کان مدد گھريائين. سرچالس نيپئر خوشيءَ سان مدد جو وعدو ڪيو. مير رستم اھا خبر ٻڌي، ڀڄي وڃي حيدرآباد جي ميرن وٽ پناھھ ورتي. جتي سرچارلس نيپئر ھن جو پيڇو ڪيو. حيدرآباد جي حڪومت ڏمرجي پئي ۽ مخالفت ڪرڻ جو خيال ڪرڻ لڳي. انھي سوانگ جي شروعات ۾، ٻروچن مقامي سفارتخاني تي اوچتو حملو ڪيو. ڪرنل آئوٽرام نھايت دليريءَ سان شديد مخالفت ھوندي، ٻھ ٽي ڪلاڪ دفاع ڪندو رھيو، پر پوءِ سنڌونديءَ ۾ ھڪ سرڪاري آگبوٽ گھرائي ان تي چڙھي نڪري ھليو ويو. ٽالپرن، ماڻھو گڏ ڪري ٽيھن ھزارن سپاھين سان سرچالس نيپئر کي جھلڻ لاءِ (جو ان وقت ھالا تائين پھچي ويو ھو.) حيدرآباد کان چئن ڪوھن جي فاصلي تي، مياڻيءَ طرف وڌيا. سرچالس سان ان وقت فقط اڍائي ھزار لڙاڪو سپاھي ساڻ ھئا، پر ھو سڀ نھايت تربيت يافتھ ۽ منظم سپاھي ھئا. ٻئي طرف ميرن جو لشڪر، تازو ڀرتي ڪيل، بلڪ اڻ آزمودگار ٻروچن جو ھڪ ھجوم ھو، ھنن جا سالار بي ھنر ھئا، جن کي لڙائيءَ جي فن جي ڪابھ ڄاڻ ڪانھ ھئي. مياڻيءَ وٽ جنگ لڳي، جنھن ۾ ٽالپرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو. ٻروچن چڱو منھن ڏنو ۽ دليريءَ سان ترارين کان ڪم ورتائون، پر ھنن کي ڪنھن بھ قسم جي تربيت ڪانھ ھئي. ميرن پاڻ بھ لشڪر سان ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناھھ ورتي. َآٽھ سرچارلس نيپئر، سندن پيڇو ڪري، مير خان جي ٽنڊي ۾ اچي ديرو ڄمايو، جتي مير وڃي ھن جي اڳيان پيش پيا. ميرن جو آل و عيال ڦليليءَ جي پار ھليو ويو ۽ سرچارلس نيپيئر قلعي تي قبضو ڪيو.

مياڻيءَ جي لڙائيءَ کان اڳ، جڏھن ٻروچن حماقت ڪري حيدرآباد ۾ سفارتخاني تي حملو ڪيو ھو، تڏھن ميرن، ملير جي ڄام مھر علي جوکيي، ملڪ احمد نومڙيي ۽ ملڪ ابراھيم خان ڪرمتي(1) ڏي لکيو ھو تھ توھان حيدرآباد اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ بدران، يڪمشت ٿي پنھنجي متحده فوج سان، ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي اوچتو يلغار ڪري، ڦري، لٽي، ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ سڀني سپاھين کي ماري ڇڏيو، پوءِ ڀل اھي انگريز ھجن، يورپي يا ديسي ھجن، مطلب تھ انگريز ڪتو ھڪ بھ نھ ڇڏيو ۽ جنھن جو بھ انگريزن جي فوج سان، انھن جي ڌر سان ڪو تعلق ھجي، تنھن کي قتل ڪري ڇڏيو. ميرن ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عملدارن کي ھن ڳالھھ کان آگاھھ ڪري ڇڏيو ھو ۽ کين ھدايت ڪئي ھئائون تھ انھن سردارن کي پئسي پنجڙ ۽ ان وغيره جي مدد ڪن تھ جيئن ھو سندن حڪمن جي آسانيءَ سان تعميل ڪري سگھن.

انھن ٽنھي سردارن، ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي يلغار ڪرڻ لاءِ پنھنجا ماڻھو ڪٺا ڪيا. پر ھنن جي اھا مرضي نھ ھئي تھ انھيءَ انڌا ڌنڌ قتل ۽ غارتگريءَ ۾ ڪنھن مسلمان کي ڪو نقصان پھچي، تنھنڪري ھنن ڪن مسلمانن کي صلاح اھا ڏني ھئي تھ اسان جنھن وقت ڪراچيءَ جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ لٽ مار شروع ڪريون، تھ توھان ڪراچيءَ مان تڪڙا تڪڙا نڪري وڃجو. اھا خبر مسلمانن مان وائر جي وڃي شھر جي ھندن ۽ ٻين ماڻھن جي ڪن پيئي. خبر ٻڌڻ سان سڀني ۾ ھراس ڦھلجي ويو. ١٦ فيبروري ١٨٤٣ع جي شام جو، مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ مان موٽيس تھ شھر جو حليو بدليل نظر آيو. سڀ دڪان ۽ دروازا بند ھئا. صبح جو شھر ماڻھن جي چھل پھل سان ٻھڪيو پئي، ۽ شام جو ڄڻ تھ ڪو راڪاس گھمي ويو ھو. مان گھر پھتس تھ ڏٺم تھ ٻار سڀ گڏ ٿي ھڪ ھنڌ منھنجي انتظار ۾ ويٺا ھئا. انھيءَ وچ ۾ پنھنجا ماڻھو موڪليم تھ خاطري ڪري اچو تھ ڪھڙي ماجرا آھي. ھنن کي معتبر ذريعن مان خبر ملي تھ ٽالپرن، پنھنجن عملدارن ڏانھن ڇا لکيو ھو ۽ ڪيئن انھن اھا مخفي خبر، خيرخواھي ڪري، پنھنجن عزيزن ۽ ھندو واپاري دوستن کي پھچائي ھئي، جن ٻئي ڏينھن بندر تي بيٺل جھازن ۽ ٻيڙين ۾ پناھھ وٺڻ جي تياري ڪري ڇڏي ھئي. جھازن ۽ ٻيڙين ۾ ڪيترن ڏينھن جو زادراه پڻ مھيا ڪيو ويو ھو ۽ کين اھو بھ آگاھھ ڪيو ويو ھو تھ جڏھن شھر ۾ ڪنھن معمولي گڙٻڙ جي خبر ٻڌن، تڏھن ھڪدم سڙ سنواھھ ڪري، ڪنھن دوستاڻي ملڪ جي بندر ڏانھن ھاڪاري وڃن. گھر ۾ ويس تھ منھنجي ڏاڏي(1) (دريانيمل جي گھر واري)، گھر جي ٻين ڀاتين سان گڏ ويٺي ھئي. مون کي سخت ڪاوڙ ۾ چيائين تھ ”ٻالڪ، مون قسمت جا لاھا چاڙھا ۽ حڪومتن جون ڦيرڦاريون گھڻيون ئي ڏٺيون آھن. مون کي ياد آھي تھ مدد خان جي فاتح فوج اڳيان ماڻھو ڪيئن ڀڳا ھئا. پٽ، مون کي اھا خبرئي ڪانھ ٿي پئي تھ تون ڪٽنب جي ڇويھن ماڻھن جي حياتي ڪيئن ٿو جوکي وجھين؟“ ھيءَ ڳالھھ ١٦ فيبروري ١٨٤٣ع جي رات جو ٿي. منھنجي ڏاڏيءَ مون کي منٿ ڪئي تھ ڪيئن بھ ڪري اسان کي ڪاڏي ڪڍي وڃڻ جو انتظام ڪر، پرواھھ نھ آھي، ساري ملڪيت لٽجي وڃي تھ وڃي، پر حياتيون تھ بچن. مان نھايت اطمينان سان جواب ڏنس تھ ”تون غم نھ ڪر، ڪنھن کان بھ نھ ڊڄ، خدا کي ياد ڪر. اسان جو جھاز ’ڪوٽيا ھريپاسا‘ ھن وقت بندر تي بيٺو آھي، ھوتچند جھاز تي آھي، جھاز ۾ کاڌي پيتي جو سامان ڪٺو ڪري رکيو ويو آھي ۽ خلاصي وغيره پور بند جا ھندو آھن. اسان ڪنھن بھ وقت جھاز ۾ چڙھي وڃي سگھون ٿا. تنھن کان سواءِ، ڪيترا انگريزن جا جھاز بندر تي بيٺا آھن منھنجا ماڻھو روز انھن ڏي سيڌو سامان کڻي ويندا آھن. ضرورت جي وقت اسان انھن مان ڪنھن تي بھ پناھھ وٺي سگھون ٿا. ھن وقت ڪجھھ نٿو ڪري سگھجي، جو دير ٿي ويئي آھي. صبح جو جيئن چوندينءَ، تيئن ڪندس ۽ جي توھان چاھيو تھ توھان کي ھڪدم روانو ڪري ڇڏيندس.“

مان ھنن کي خاطري ڏيئي وڃي سراءِ تي آرام ٿيس، پر ڳڻتيءَ ۾ مون کي ننڊ نھ آئي. آءٌ صبح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. صبح ٿيو تھ مان سوار ٿي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ھليو ويس، ۽ سڌو ڪئپٽن پريڊيءَ جي گھر جي در تي وڃي بيٺس. جمعدار ٻاھر سمھيو پيو ھو، ھن اتي در کڙڪايو ۽ ڪپپٽن پريڊي در کولي مون کي اندر وٺي ويو. مون جيڪي ٻڌو ھو، تنھن کان ھن کي واقف ڪيم ۽ ٻڌايومانس تھ ڪيئن حيدرآباد جي درٻار جو کين، ڪرمتين، نومڙين ۽ برفتن کي حڪم ڪيو آھي تھ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪري، ڦري، جلائي، سڀني انگريز سپاھين ۽ سندن لاڳاپيدارن کي ماري ڇڏيو ۽ انگريزن جي فوج جو ھڪ ڪتو بھ نھ ڇڏجو. شھر ۾ انھيءَ خبر جي ڪري ڏاڍو ھراس ڦھلجي ويو آھي ۽ ماڻھن ڀڄي نڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. منھنجا ٻار خود مون تي ڪاوڙيا ويٺا آھن ۽ چون ٿا تھ اسان کي جلد ٻاھر ڪڍ. پر مون کين چيو آھي تھ مان پنھنجن دوستن سان صلاح ڪرڻ کان اڳ توھان کي شھر کان ٻاھر ڪونھ موڪليندس. مان جن سان وابستھ آھيان تن سان صلاح مشورو ڪرڻو پوندم. ساڳي وقت عرض ڪيومانس تھ ”مون کي اجازت وٺي ڏي تھ مان پنھنجا ٻار ھڪڙي جھاز تي چاڙھي ڇڏيان ۽ مان پاڻ ڇانوڻيءَ ۾ انگريزي سپاھين سان رھندس ۽ انھن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندس. ھي آزمائش جو وقت آھي، چستي ۽ ھمت درڪار آھن. ڇانوڻيءَ ۾ انگريزن جا زياده ۾ زياده فقط ٻھ ٽي سؤ سپاھي موجود آھن. ڪئپٽن پريڊيءَ چيو تھ ”ٽي ڏينھن گذري ويا آھن، تھ اڃا تائين سرچارلس نيپيئر جي ڇانوڻيءَ مان ڪابھ ٽپال ڪانھ آئي آھي. اسان کي خبر نھ آھي ھن جي خيرپور مان رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ڇا وھيو واپريو آھي؟ ۽ نڪي اھا خبر آھي تھ ھو ھن وقت ڪٿي آھي.“ تنھن کان پوءِ ھن ڪرنل بائلوءَ ڏي ھڪ خط لکيو. ھو ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ھڪ پلٽڻ جو سالار ھو. ڪرنل، ڏھن پندرھن منٽن ۾ پھچي ويو. گھر ۾ ڪو مخفي ڪمرو ڪونھ ھو، تنھنڪري اسان سڀ غسلخاني ۾ ھليا وياسين. ڪرنل بائلو ۽ ڪئپٽن پريڊي ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڳالھائيندا رھيا ۽ مون ويٺي ٻڌو. ڪئپٽن پريڊيءَ، ڪرنل کي سڀڪجھھ ٻڌايو، مشوري کان پوءِ ڪرنل بائلوءَ مون کي چيو تھ تون ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ ترس تھ مان پنھنجي عبادت ڪري، (اھو ڏينھن آچر جو ھو) ۽ چاءِ ٽوسٽ کائي پي وٺان. مون چيومانس تھ ”ڏھھ وڄي ويا آھن، ڏينھن گرم ٿي ويو آھي، مون رات جو بھ روٽي نھ کاڌي آھي، نھ ننڍ ڪئي آھي. ھن وقت بھ مون کي اڃ لڳي آھي.“ چيائين تھ ”کٽمٺڙا کاءُ.“ جواب ڏنومانس تھ ”کٽمٺڙا پياس لاھڻ بدران پاڻ اڃ وڌائيندا.“ ان کان پوءِ چيائين تھ ”چڱو تون ڇانوڻيءَ ۾ پنھنجي گماشتي نارائڻداس وٽ وڃي ٻھ ٽي منٽ ترس.“ مون ڪئپٽن پريڊيءَ سان شڪايت ڪئي تھ ڪرنل بائلو شايد مون کي مشڪوڪ نگاھن سان ڏسي رھيو آھي. تنھن تي ھن ڪرنل بائلوءَ پوءِ مون کي گھر وڃڻ جي اجازت ڏني. مان گھوڙي تي چڙھي تڪڙو تڪڙو گھر ويس. رام باغ تلاءَ جي ڀرسان ھڪ فقير گڏيو جو تقريبا ننگو ھو. فقط ھڪ چوتيو اڳيان ۽ چيلھھ تي ٻڌل ھوس. ھو سنڌي نھ ھو، ترڪ پئي لڳو. ھن چرين وانگر ھندستانيءَ ۾ چيو تھ انگريزن جي فتح ٿي آھي ۽ ھنن سنڌ ورتي آھي. ميرن ھميشه لاءِ سنڌ وڃائي ڇڏي.“ اھو ماڻھو مون پھريون دفعو ڏٺو ھو.

مان شھر جي خوفائتين گھٽين مان لنگھي گھر پھتس. اندر سراءِ ۾ اٽڪل پنجاھھ سٺ ماڻھو (منھنجي خاندان جا سڀ مرد، پنھنجن گماشتن ۽ نفرن سان) منھنجي انتظار ۽ ملڻ لاءِ ويٺا ھئا. چيائون تھ اسان سامان ٻڌي ھلڻ لاءِ تيار ويٺا آھيون. مونکي سخت پياس لڳي ھئي، چيومان تھ مون کي پھريائين اڃ لاھڻ ڏيو تھ پوءِ مان توھان کي ٻڌائيندس تھ ڇا ڪرڻ کپي. مان سنان ڪري گھر ويس، جتي منھنجي ڏاڏيءَ وري چيو تھ نوڪر اچي ٻڌايو تھ ڪئپٽن پريڊي ٻاھر بيٺو آھي ۽ توھان کي سڏي ٿو. مان ھڪدم ھن سان ملڻ لاءِ ٻاھر ويس. چيائين تھ منھنجي اڳيان ھل. مون ڪپڙا پائي ھن جي اڳيان ھلڻ شروع ڪيو. جڏھن بئرڪن وت پھتاسين، تڏھن ٽالپرن جي حڪومت جا گھڻائي عملدار مٿي ھڪ ٿلھي تي ويٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊيءَ مونکي چيو تھ انھن کي سڏي چؤ تھ ھيٺ لھي اچن. اتي ھيٺ ٻيا ٽي ماڻھو ويٺا ھئا: ١. محمد صديق، نصير خان ۽ حسن علي ميرن جي پاران، ٢. ديوان ٽيڪچند، مير نور محمد پاران، ٣. ديوان مولچند، مير صوبيدار جي پاران. اھي ٽيئي مقاطعيدار ھڪدم لھي اچي ڪئپٽن پريڊيءَ جي اڳيان بيٺا، جنھن چين تھ اسان جي اڳيان ٿيو. ھنن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ اڳيان ھلندا ھليا، تان جو انھيءَ جاءِ تي پھتاسين، جنھن کي ھاڻي ”جوڙيا بزار“ چوندا آھن. اتي منھنجا نوڪر، ھڪ سنجيل گھوڙو ۽ اٺ تيار ڪيو بيٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊيءَ چيو تھ ”تون ھنن ماڻھن جي حفاظت ڪر.“ مون کي ائين چئي پاڻ گھوڙو ڊوڙائي ڪجھھ پنڌ ھليو ويو. مقاطعيدار ھڪٻئي ڏي ۽ مون ڏي تعجب سان ڏسڻ لڳا، ۽ پڇيائون تھ ”ڇاھي؟“ مون چيومان تھ ”مان بھ توھان وانگر بلڪل ڪورو آھيان.“

ڪئپٽن پريڊي، پنجن ڇھن منٽن کان پوءِ موٽي آيو. سندس پٺيان توبخانو ۽ سپاھي ھئا. اسان وري شھر ڏي وياسين ۽ مير جا عملدار اسان جي اڳيان پئي ھليا، مان ۽ ڪئپٽن پريڊي توبخاني ۽ سپاھين سان پٺيان ھئاسين. ڪراچيءَ کي ان وقت ٻاھران ڀت ھوندي ھئي، جنھن ۾ ٻھ دروازا ھئا: ھڪڙو مٺو در ۽ ٻيو کارو در. مٺي دروازي وٽ چار پنج سپاھي ھڪ ٿلھي تي ويٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊي انھن کي لھي اچڻ جو حڪم ڏنو. ھو جڏھن ھيٺ آيا، تڏھن کانئن ھٿيار کسي، سندن جاءِ تي انگريزن جي پلٽڻ جا سپاھي بيھاريا ويا. پوءِ اسان چائڙيءَ (ٽائون ھال) ڏانھن وياسين، جتي ٽالپرن جو جھنڊو ھوا ۾ پئي جھوليو. ڪئپٽن پريڊيءَ جي حڪم مطابق اھو جھنڊو، جنھن ۾ ڇھھ ست لڳو لڳ ڳاڙھا ۽ اڇا پٽا ھئا ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”يونين جئڪ“ لڳايو. چائڙيءَ ۾ جيڪي ٽپڙ ھئا (ڪاغذ ۽ بنديون وغيره)، سي ھڪ ڪمري ۾ رکي ان کي مھر لڳائي وئي ۽ اھا جاءِ منھنجي حوالي ڪئي ويئي. اسان سڄيءَ بزار جي تلاشي وٺندا شھر جي ھن طرف کاري دروازي تائين وياسين. ڪارروائي ڪئي ويئي.ڪچي قلعي تي ترتيب سان سپاھي بيھاري توبون رکيون ويون. مطلب تھ ھر ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال ڪيو ويو. اسان پوءِ چائڙيءَ تي آياسين، جتي اعلان ڪيو ويو تھ ”ڪراچي ھاڻي انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪي آھي ۽ سيٺ جي حوالي ڪئي وئي آھي.“ اعلان جا نقل چائڙيءَ جي ڀتين ۽ ٻن دروازن تي لڳايا ويا ۽ شھر ۾ اھرو ڍنڍورو بھ ڦيرايو ويو. ان بعد ماڻھن کي اطمينان ٿيو ۽ شھر ۾ دڪان ۽ ڪوٺيون کوليون ويون ۽ وري ساڳي چھل پھل شروع ٿي وئي. حڪومت جي تبديلي نھايت ماٺ ميٺ ۾ ڪئي وئي، ڪنھن بھ قسم جو نقصان ڪونھ ٿيو ۽ ڪنھن کي بھ ڌڪ ڦٽ ڪونھ لڳو. شھر ۾ چوڪين جي نظرداريءَ لاءِ فوج جو ھڪ يورپي سارجنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ منھنجي گھر ۽ سراءِ تي سپاھين جو پھرو بيھاريو ويو. ٽالپرن جي حڪومت جي عملدارن کي ڇانوڻيءَ ۾، حوالات ۾ رکيو ويو.

مون جوکين، ڪرمتين ۽ نومڙين جي خبر رکڻ لاءِ ماڻھو موڪليا ھئا. انھن موٽي اچي خبر ڪئي تھ ڌاڙيلن انگريزن جي ڇانوڻيءَ کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي پھچي ويا ھئا ۽ ڀر وارن ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪئي ھئائون، ۽ باھيون ڏنيون ھئائون. پر پوءِ جڏھن ھنن کي معلوم ٿيو تھ انگريزن کي سندن ارادن جو پتو پئجي ويو آھي ۽ ساڳئي وقت ٽالپرن جي عملدارن کي گرفتار ڪري ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ويو آھي، تڏھن ھنن جا ڇيھھ ڇڄي پيا ۽ ڪراچيءَ تي حملي ڪرڻ جي ھمت ئي ڪانھ ٿين. مون اھا خبر ڪئپٽن پريڊيءَ کي ٻڌائي، جنھن بروقت وڌيڪ مناسب انتظام جو بندوبست ڪيو.

اسان جي خاندان ۾ ڪيترين پيڙھين کان برھماڻي قوم جا ٻروچ نوڪر رکيا ويندا ھئا. مون وٽ ان وقت بھ انھيءَ قوم جا ويھھ سپاھي ھئا. ڪراچيءَ تي جنھن ڏينھن قبضو ڪيو ويو ھو، ان جي ٻئي ڏينھن مان ڇانوڻيءَ ۾ ويس ڪرنل بائلوءَ وقتائتي اطلاع لاءِ منھنجو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيائين تھ ”ڪراچيءَ کي ٻروچن جي اوچتي حملي کان بچائڻ لاءِ اسان ھر قسم جا اپاءُ ورتا آھن. اسان کي ھن وقت سر چارلس نيپئر جي باري ۾ معتبر معلومات کپي، جو ھالا ۾ پھچڻ کان پوءِ اسان کي ھن جو ڪوبھ اطلاع ڪونھ مليو آھي. بمبئيءَ جو سر چارلس سان ٽپال جو سلسلو ڪٽجي ويو آھي ۽ ٻيا سڀ شھر بھ منقطع ٿي ويا آھن. سر چارلس نيپيئر ۽ ھن جي فوج ھن وقت ڇاٿا ڪن؟ ان جي باري ۾ اسان کي معلومات کپي. انھيءَ معاملي ۾ اسان کي تنھنجي مدد جي ضرورت آھي.“ مون چيومانس تھ ”توھان مون کي خط لکي ڏيو تھ مان ھڪدم روانا ڪندس.“ ان وقت مون سان پنج ڇھھ برھماڻي سپاھي ساڻ ھئا. انھن مان ھڪڙي جو نالو جادو ھو، جو نھايت وفادار، سچار ۽ دلير ھو. مون ھن کي پنھنجي سواريءَ جو اٺ ڏنو ۽ چيومانس تھ ”سر چارلس جي ڇانوڻيءَ تائين وڃڻ جي تياري ڪر.“ جادي تياري ڪئي ۽ سفر لاءِ سيڌو سامان خريد ڪيائين، ان بعد انگريزن جي عملدارن خط لکيا، جي سورھن سنھن پنن تي مشتمل ھئا. اھي ديسي خطن وانگر ويڙھي سيڙھي، جادي جي جتيءَ جي تري ۾ رکي، مٿان چمڙي جو نئون تھھ ڏئي، بند ڪيا ويا. جادو، مگر پير رستي حيدرآباد ڏانھن روانو ٿي ويو. ھو انھيءَ رستي کان پاسو ڪري ويو، جتي جوکيا ۽ ٻيا رھندا ھئا. ھو حيدرآباد ۾ پورن ڇٽيھن ڪلاڪن کان پوءِ پھتو. ڇا ڏسي تھ سر چارلس،نيپئر اڳيئي ميرن جي صدر مقام ۾ ديرو ڄمايو ويٺو آھي. ھو ڇانوڻيءَ مان پڇندو پئي ويو تھ سرچارلس ڪٿي آھي؟ جنھن بھ ماڻھوءَ سوال جواب پئي ڪيس تھ ان کي چيائين تھ سيٺ جي ڪم سان آيو آھيان. ھن کي اندر گھرايو ويو. جادي اندر وڃي، جتيءَ جو ترو ڦاڙي، خط ڪڍي پيش ڪيو. سر چارلس، ھڪ طرف جادي جي اھا چالاڪي ۽ ھمت ڏسي، ۽ ٻئي طرف ڪراچي تي قبضي ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھن کي انعام ڏيڻ جو اقرار ڪيائين. پوءِ پڇيائينس تھ ڪراچيءَ ٽپال کڻي ويندين؟“ جادي اھا ڳالھھ ھڪدم قبول ڪئي. پوءِ سر چارلس، جوابي خط ھنجي حوالي ڪيا، جن ۾ مياڻيءَ جي جنگ جي نتيجي، حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ ۽ ٽالپرن جي پيش پوڻ جو احوال ڏنل ھو. اھي خط ھن ساڳيءَ طرح، مون وٽ حيدرآباد مان رواني ٿيڻ کان پوءِ چاليھن ڪلاڪن جي اندر پھچايا. مان ھي خط ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ وٽ کڻي ويس، جي ڏاڍا خوش ٿيا. اھڙيءَ طرح منھنجا خانگي برھماڻي ملازم، پندرھن ڏينھن ساندھھ، سرچارلس نيپيئر ۽ ڇانوڻيءَ جي وچ ۾ ٽپال کڻي ايندا ويندا ھئا. انھيءَ وچ ۾ جوکيا ۽ ٻيا ٻروچ ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ ڦريون لٽيون ڪندا رھيا.

ڪراچيءَ جي آسپاس ۾، ڪرمتين، نومڙين ۽ جوکين جي ڇاپن، ماڻھن جي دلين ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ٻاھرينءَ دنيا سان آمدورفت ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو پڻ ختم ٿي چڪو ھو. ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ ھڪڙي ڏينھن مون کان صلاح پڇي تھ ”ٻروچن جي حرڪتن بند ڪرڻ جو رستو آھي؟“ ڇٽي قوم جو سردار، صاحب خان، شاھھ بلاول وارو منھنجو دوست ھو. ھو سنبت ١٨٩٥، ١٨٣٩ ۾، ڪئپٽن ھئنڊ جي قتل جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيو ھو. جو انھيءَ قتل ۾ خليفي چاڪر سان گڏ ھن جي قوم جي ڪن ماڻھن جو بھ ھٿ ھو. مون ان وقت ھن جي چڱي خاطرداري ڪئي ھئي، ۽ انھيءَ خدمت جي عيوض ھن مون سان ڪلمي تي وعدو ڪيو ھو تھ ”منھنجيءَ خدمت جي جڏھن بھ توکي ضرورت پوندي تھ مان اچي حاضر ٿيندس. مان جبل جو ماڙھون آھيان، منھنجو قول پٿر تي ليڪو آھي. مان پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي بھ تنھنجي خدمت ڪندس.“ ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ مون کي چيو تھ جيستائين اسان کي بمبئيءَ مان ڪمڪ پھچي، تيستائين اسان کي ماڻھن جي مدد کپي. مون صاحب خان ڇٽي ڏي ھڪ برھماڻي سوار جي ھٿان خط موڪليو، جنھن ۾ لکيو مانس تھ تو ڪجھھ سال اڳ مون سان وعدو ڪيو ھو، جو توکي ياد ھوندو. ھاڻي مون کي تنھنجن ماڻھن جي مدد جي ضرورت آھي. ڪم اھڙو ضروري آھي جو توکي مٿي ۾ ميٽ ھجي تھ ڌوئڻ لاءِ نھ ترس، پر ھڪدم ڪراچيءَ پھچي وڃ. ھن حب نديءَ تي پھچي، پنھنجي اچڻ جو اڳواٽ اطلاح موڪليو. تنھن کان پوءِ جلدئي اچي باغيچن جي ڀرسان ديرو ڄمائي ويٺو. آءٌ ھن جي ماڻھن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوسبت ڪري، ساڻس ملڻ ويس. پوءِ ھن کي سندس ھٿياربند ماڻھن سميت، انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ وٺي ويس ۽ سردار کي ڪرنل بائلوءَ ۽ ڪئپٽن سان تعارف ڪرايم. ھو ڏاڍو خوش ٿيا. ڇانوڻيءَ جا ماڻھو مسلمان سپاھين کي ڏسي حيران ٿي ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ پڇيو تھ ”ھنن جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪيئن ڪيو اٿئي ۽ جي چئين تھ ”ھنن جو خرچ رسد جي محڪمي مان ڏيارانءِ؟ پر مون چيومانس تھ ”ھنن جي کاڌي جو خرچ مان پنھنجي ھڙان ڪرڻ گھران ٿو.“ صاحب خان، تقريبا سارو چوپايو مال ۽ ٻي ملڪيت جا ڌاڙيلن جي ٽولن، ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ مان لٽي ھئي، ھٿ ڪري، حقي مالڪن کي موٽارائي ڏني. جڏھن ڪرمتين، جو کين ۽ نومڙين کي خبر پيئي تھ صاحب خان مدد لاءِ آيو آھي، تھ ھنن جا ڇيھھ ڇڄي پيا ۽ ھمت ھارجي وين. انھيءَ وچ ۾ بمبئيءَ کان ڪمڪ بھ پھچي ويئي ۽ صاحب خان کي اٺن ڏينھن رھڻ کان پوءِ، موٽي وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. منھنجي چوڻ تي صاحب خان کي ۽ ڪن ٻين سردارن کي، جي ھن سان گڏ آيا ھئا، انگريز عملدارن سراپائون ڏنيون.

ان کان پوءِ جلدئي، منھنجو پيءُ، سيٺ ھوتچند، جو ٻن ھفتن کان منھوڙي جي ڀرسان اسان جي جھاز ”ڪوٽيا ھريپسا“ تي ترسيل ھو. ڪناري تي آيو. سڀڪنھن طبقي جا ھزارين ماڻھو ھندو خواھھ مسلمان، ھن جي آجيان ڪرڻ لاءِ اچي بندر تي ڪٺا ٿيا ۽ کيس نھايت شان ۽ سرگس سان گھر تائين وٺي آيا.

بعد ۾ ٽالپرن جا عملدار بند مان آزاد ڪيا ويا. منھنجو ڀاءُ سکرامداس، ڪسٽمس جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ مون ڪئپٽن پريڊيءَ جي صلاح ۽ اجازت سان، ديوان مولچند کي پوليس چوڪيءَ تي رکيو ويو. اھڙيءَ طرح انتظاميھ جي ٻين ڳالھين جو بھ خاطر خواھھ بندوبست ڪيو ويو. ان کان ٿورو پوءِ سرچارلس نيپئر، سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو ويو ۽ ھن ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي عھدي لاءِ چونڊيو.

مان روز ڏھين بجي صبح جو ڇانوڻيءَ ۾ وڃي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين حصن جي ماڻھن جي جذبات جي متعلق خبرون پھچائيندو ھوس، جي مون کي مختلف ذريعن سان ملنديون ھيون. مان جيڪي ٻندو ھوس، سو لکندو ھوس ۽ پوءِ اھي ڪاغذ ڪئپٽن پريڊي کي پڙھي ٻڌائيندو ھوس. ھو انھن مان اھم خبرن جي ھڪ ياداشت ٺاھي، سر چارلس نيپئر کي پھچايئندو ھو. اسان جو خانداني گماشتو، فيض محمد حسن، جو قنڌار ۾ اسان جو ڪاروبار سنڀاليندو ھو، سو مون کي ان طرف جي ماڻھن جي ڪاررواين ۽ جذبات جي باري ۾ معتبر خبرون موڪليندو ھو. منھنجا گماشتا، مسقط، بصري ۽ ٻين ھنڌان ايران ۽ عربستان جي متعلق اھڙيون خبرون موڪليندا ھئا. آءٌ اھا ساري معلومات، انگريز عملدارن ۽ ڪئپٽن پريڊيءَ جي معرفت، سر چارلس نيپئر جي خدمت ۾ پھچائيندو ھوس.

مياڻيءَ جي جنگ کان ڏيڍ مھينو پوءِ، ٽڙيل پکڙيل ٻروچ، شيرمحمد جي جھنڊي ھيٺان اچي ڪٺا ٿيا ۽ ھن انھن جي مدد سان حيدرآباد کان اٺ ميل پري، ٽنڊي الھيار واري رستي تي ”دٻاري“ (دٻو) جي ڳوٺ وٽ سرچارلس نيپئر جو مقابلو ڪيو. ٻروچن وري بھ شڪست کاڌي ۽ شير محمد، دودي مري علاقي جي پھاڙي لڪن ڏانھن ڀڄي ويو. ھن جي ڀاءُ مير شاھھ محمد، سپاھي ڀرتي ڪرڻ جي ارادي سان، چانڊڪيءَ ۽ ڪاڇي جو طرف ورتو. سر چارلس کي ھن جي ارادن کان واقف ڪيو ويو. جنھن سندس پٺيان ھڪ فوجي دستو روانو ڪيو، جو کيس جھانگارن وٽ پھچي، قيد ڪري وٺي آيو. ان کان پوءِ، سر چارلس نيپئر، حيدرآباد ۽ خيرپور جي سڀني ميرن کي شاھھ محمد سميت، سياسي قيدي ڪري، بمبئيءَ ڏانھن موڪليو.

ان کان پوءِ جلدئي، فوج جو ھڪ ننڍو دستو، بمبئيءَ کان حيدرآباد ۾ سر چارلس نيپئر جي مدد لاءِ ڪراچيءَ پھتو. ھنن جي سواريءَ لاءِ ملير جي ميمڻن جا اٺ ڀاڙي ڪيا ويا ۽ ھو ڪراچيءَ کان ٺٽي جي رستي روانا ٿيا. گجي وٽ ھنن تي ملير جي ڄام، مھرعليءَ جي ڀائٽي، چاڪر خان جو کيي ٻن، ٽن سون جو کين سان اوچتو حملو ڪيو. انگريزن جي ڌر وارا ماڻھو ٿورا ھئا ۽ ھنن جو مقابلو نھ ڪري سگھيا. ھنن جو سمورو مال لٽيو ويو، ۽ گھڻا مارجي ويا. فقط ڏھھ ٻارھن ماڻھو جان بچائي ڪراچيءَ پھتا ۽ پنھنجي دک ڀري ڪھاڻي اچي ٻڌايائون. معلوم ھجي تھ ميمڻ، جوکين سان انھيءَ حملي ۾ ٻِٽ ھئا. انھيءَ غضبناڪ حادثي جي خبر سر چارلس نيپئر کي سندس مشوري لاءِ پھچائي ويئي. حڪم ڏنائين تھ انگريزن جي فوجي طاقت جي توھين ٿي آھي، ان جي انتقام وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ جي فوج کي ھڪدم قدم کڻي جوکين کي سزا ڏيڻ کپي. پر ان ڪم ۾ وڏي احتياط ۽ عقل کان ڪم وٺڻو پوندو. ڪئپٽن پريڊيءَ جي چوڻ تي مون پنھنجا ٻھ ٽي برھماڻي ٻروچ سپاھي، جوکين ۽ ميمڻ جي رھڻ جي جاين ۽ سندن حرڪتن جي خبرچار لھڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا. ھن جلدئي خبر آندي تھ ڄام مھرعلي جوکيو ۽ ابراھيم خان ڪرمتي پنھنجا ٻار ٻچا وٺي ملير مان نڪري، حيدرآباد جي رستي مالامھاڙي (مالماڙي) جي مڪان وٽ ھڪ ڏکئي لک ۾ پناھھ ورتي اٿن ۽ ميمڻ، سيوھڻ جي رستي تي، ڊمب ڳوٺ جي مٿان، درياءَ جي پيٽ ۾ ھڪ ڏکئي لڪ ۾ وڃي لڪا آھن. مون اھا خبر ڪئپٽن پريڊيءَ کي تفصيلوار ٻڌائي، ٻئي ڏينھن چئين بجي شام جو، ڪئپٽن پريڊيءُ مون کي عزتماب سنڌ جي ليفٽيننٽ گورنر جي احڪامن کان واقف ڪيو، ۽ پڇيائين تھ ڪي اھڙا وفادار نوڪر ڏيئي سگھندين جو کين ۽ ميمڻ جي لڪن تي ڪنھن سولي رستي کان وٺي ھلن. آءٌ ھن وٽ پنھنجا برھماڻي سپاھي وٺي ويس، جن ۾ منھنجو مڪمل اعتقاد ھو ۽ جي ٽڪرين ۾ ڳجھن رستن جا ڄاڻو ھئا. ھن وڌيڪ خاطريءَ لاءِ ماڻھن کان پاڻ پڇا ڪري خاطري ڪئي تھ اوھان جبلن جا لڪ ۽ رستا چڱي طرح ڏٺا آھن. ھنن جواب ۾ چيو تھ ”اسان کي ھڪڙيءَ واٽ جي خبر آھي، جا جوکين ۽ ميمڻن جي پناھگاھھ ڏي وڃڻ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو رستو آھي. انھي رستي کان ھنن تي اوچتو حملو ڪري سگھبو، پر ساڳئي وقت اھو رستو تمام ڏکيو آھي ۽ ان تي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي دستياب ڪونھ ٿي سگھندو. پر جيڪڏھن تکو ھلبو تھ پاڻيءَ جي اڻاٺ کي منھن ڏيئي سگھبو، ڇاڪاڻ تھ رستي جو ڏکيو ٽڪر جتي پاڻي ڪونھي، سو فقط ٻھ ڪوھھ کن ٿيندو.“ ڪئپن پريڊيءَ مون کي چيو تھ ”اسان کي ھڪدم ھلڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي. آءٌ رات جو اٺين بجي تائين تيار ٿي ويندس، تون ان وقت پنھنجي خاص ماڻھن سان حاضر رھجانء.“ مان فوجي وردي پھري پنھنجي ڀاءُ، سکرامداس، ٻارھن سوارن ۽ ٻين برھماڻين نوڪرن سان مقرر وقت تي ڪرنل بائلوءَ جي تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيس. اسان ھن جي حڪم جي تعميل ڪئي. ۽ نائين بجي سوار ٿي نڪتاسين اسان ساري رات سواري ڪئي ۽ ٻئي ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ جو ڊمب ۾ وڃي پھتاسين. منھنجا نوڪر اڳيان رستو ڏيکاريندا پئي ھليا. اٽڪل ستين بجي صبح جو ميمڻن جي ڳوٺ پھتاسين. ڳوٺ ۾ مردن کان زالن جو تعداد وڌيڪ ھو، ڇاڪاڻ تھ گھڻا مرد ڊپ ۾ ڀڄي ويا ھئا، ۽ باقي پٺتي رھيل مرد ۽ زالون انگريز عملدارن وٽ پيش ٿيا، ھٿ ٻڌي عرض ڪيائون تھ اسان کي ڇڏيو جو اسين غريب ۽ بيوس آھيون. اسان کي ڊمب جي ماڻھن جي قبضي مان، گجي جي ڀرسان قتل ٿي ويل انگريز سپاھين جا گھڻائي برتن ۽ ٻيون شيون مليون اتي چار پنج ڏينھن رھي، ھڪڙي ڏينھن شام جو مالماڙيءَ جو رخ ڪيوسين، جتي ڄام مھرعلي ۽ ڪرمتي وڃي لڪا ھئا. رستي تي پيئڻ لاءِ تازي پاڻيءَ جون ڏھھ پخالون(1) پاڻ سان کنيونسين. اھا چانڊوڪي رات ھئي. ٽين بجي صبح تائين اسان کي رستي ۾ ڪابھ تڪليف ڪانھ ٿي، جو رستو ڪافي سڌو سنئون ھو. پواءِ اسان ھڪ رستي ۾ وڃي پياسين جو اتانھين ٽڪرين جي وچ مان ٿي ويو. اھو رستو وارياسو پر سڪل ھو ۽ غالبا ڪنھن نئين جو پيٽ ھو ان کان پوءِ ھڪ لاھن چاڙھن وارو پٽ ھو جنھن جي مٿان ٽڪرين جي قطار ھئي. جوکين ۽ ڪرمتين ان جي پريان، ھڪ ٻيءَ سڪل نئين جي ھن ڀر ھڪ ماٿريءَ ۾ پناھھ ورتي ھئي. اسان سان توبخانو، بار جا گاڏا ۽ پيادا سپاھي ساڻ ھئا. جنھنڪري لازما انھيءَ سخت پھاڙي رستي تي اسان جي رفتار، تمام سست ھئي، ڏينھن چڙھندو پئي ويو. اپريل جو مھينو ھو، ۽ جبلن جي ڪري سج جي سخت تپش ھئي، سڄي رات سخت پھاڙي رستي تي ھليا ھئاسين. ٿڪ ۽ گرميءَ اسان کي نڍال ڪري وڌو ھو. انگريز عملدار بيزار ٿي بڙ بڙ ڪرڻ لڳا. اٺ ڪڏھو ڪو وڄي ويا ھئا، بلڪ نو ٿيڻ وارا ھئا. انھيءَ وچ ۾ جوکين ۽ ڪرمتين کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ ھو وٺي ڀڳا. پرھھ ڦٽيءَ جو اسان کي ڪيترا مخالف ڌر جا ماڻھو جبلن جي چوٽين تي نظر آيا، جن ڪنھن وقت بيھي پٺتي نھاريو ٿي، تھ ڪنھن وقت وٺي ڀڳا جيئن ھرڻ شڪارين کي ڏسي ڊوڙندا آھن. انھن کي ڏسي، اسان جا ماڻھو اڳئين کان بھ وڌيڪ سرجوشيءَ کان ڪم وٺڻ لڳا ۽ اسان انتقامي جذبي ۾ ڪڏھن ڪڏھن بندوقون ٿي ڇوڙيون. مون سان منھنجو وفادار نوڪر، خداداد چانڊيو ساڻ ھو. چانڊيا ٻروچ سنڌ ۾ ھڪ مشھور لڙاڪو قبيلو آھي. خداداد انگريزن جي لڙائيءَ جي طريقي کان غيرواقف ھو، سو وٺي اوچتو پنھنجو پستول ڇوڙيائين. توبخاني جا انگريز عملدار، جن کي ٿڪ ۽ پياس اڳي ئي ڇتو ڪري ڇڏيو ھو، ۽ بيتاب ھئا تن پستول جي ٺڪاءَ ٻڌندي وٺي ھل مچايو، تھ ”ڌوڪو ڙي ڌوڪو!“ پڙھندر سمجھي سگھن ٿا تھ مون کي ان ڳالھھ تي ڪيترو صدمو پھتو ھوندو، جڏھن منھنجي نوڪر تي اھڙو الزام لڳايو ويو. ظاھر آھي تھ ان جو برو اثر خود مون تي بھ پئجي سگھيو ٿي. عملدارن جو چوڻ ھو تھ ھن ماڻھوءَ پستول ڇوڙي اسان جو مقصد ظاھر ڪيو ھو ۽ دشمنن کي خبردار ڪري، اسان جي مقصد کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. مطلب تھ جيترا ماڻھو اوترا خيال. ڪن تھ اڃا بھ وڌيڪ ھن ڏانھن برا ارادا منسوب ڪيا. چانڊيي کي ھڪدم ٻڌي، انگريز عملدارن وٽ پيش ڪيو ويو. پڇا ڪيائيونس تھ ”پستول ڇوڙيئي؟“ چيائين تھ اسان دشمن جي دوبدو ھئاسين، پستول مھيني کان بھ وڌيڪ وقت کان ڀريو رکيو ھو ۽ مون خيال ڪيو تھ متان وقت تي ڌوڪو نھ ڏئي، تنھنڪري آزمائش لاءِ ٺڪاءُ ڪري ڏٺم. پر عملدارن جو غصو ٿڌو ڪين ٿيو. تنھن کان پوءِ اسان جلد ئي ھڪ اتانھين ٽڪريءُ جي تري ۾ پھتاسين. مان پنھنجن نوڪرن ۽ جادي برھماڻيءَ سان اڳيان ھوس. جادو سونھو ھو، تنھنڪري ھو سڀني جي اڳيان پئي ھليو. انھيءَ جادي اڳ بھ ڪيترا دفعا پنھنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ھو ۽ ھو لڪن جو چڱيءَ طرح واقف ھو. ٽڪري اڀي ھئي، رستو ھيٺ مٿي، ڏکيو ۽ پيچرو تمام سوڙھو ھو. دشمن ھڪ ماٿريءَ جي اندر ۾ لڪو ويٺو ھو، اوستائين توبخاني سان گڏ پھچڻ لاءِ ان کان وڌيڪ بھتر ٻيو ڪو بھ رستو ڪونھ ھو. اسان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي جيئن تيئن ڪري وڃي پھتاسين. پر ھيٺ ڪيئن لھون. ھيٺ لھڻ لاءِ لڪ مان فقط ٻڪرين ۽ رڍن جو ھڪ چارو ھو. اسان لاءِ وڏي آزمائش جو وقت ھو. مان ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل ھوس. توبخاني جي عملدارن غصي ۾ دانھون ٿي ڪيون. مان گھوڙي تان لھي، لغام ھني سان ٻڌي گھوڙي کي رستي کان جھليو، ۽ پوءِ گھوڙي کي اڳيان ڌڪيندو جبل کي ٽيڪ ڏيندو، آھستي آھستي اچي جبل جي تر ھيٺان نئين جي پيٽ ۾ پھتس. منھنجا ماڻھو بھ اھڙيءَ طرح منھنجي پٺيان آيا. توبن ۽ گاڏين جا پرزا ۽ ڦيٿا الڳ ڪري، ھيٺ اڇلايا ويا. تنھن کان پوءِ توبخاني جي ماڻھن ھيٺ لھي، انھن کي وري ٺاھي جوڙي تيار ڪيو.

انھيءَ وچ ۾ منھنجو ڀاءُ سکرامداس، جادي سونھي جي مدد سان، پيادن ۽ عملدان کي ھڪ ويجھي، پر ڏکيي لڪ مان ھيٺ وٺي آيو. اھو لڪ ھيٺ مٿي، ور وڪڙ ۽ غير ھموار ھو، جنھنڪري ان تان توبخانو گھلي اچڻ مشڪل ھو. اسان کي سونھين ٻڌايو ھو تھ رستو ٽڪرين جي ھڪ ورن وڪڙن واري سلسلي مان لنگھي ٿو. باقي ھڪڙي ٽڪري بچي ھئي، جنھن جي دامن ۾ اسان ان وقت پھتا ھئاسين، مان توبخاني ٽپائڻ لاءِ اتي ترسي پيس. ٽڪريءَ جي پريان ھڪ سڪل نيئن جو پيٽ ھو، جنھن جي ھن ڀر دشمن لڪا ويٺا ھئا ۽ جتي ھنن پاڻ کي محفوظ ٿي سمجھيو.

ٽڪريءَ تان جو کين ۽ ڪرمتين جون جھوپڙيون صاف ڏسڻ ۾ پئي آيون. اسان کي ان جاءِ تي پھچڻ ۾ گھڻو وقت ڪونھ لڳو. ڪيتريون زالون کليل وارن سان سامھون ٽڪرين طرف ڊوڙنديون ٿي ويون. ھڪڙا ٻار ڪڇ ۾ ھئن ۽ ٻيا سندن پٺيان ڀڄندا ٿي ويا. چلھين تي ديڳڙا چڙھيا پيا ھئا ۽ جنڊن ۾ پيٺل ۽ اڻپيٺل ان پيو ھو. مان ڏاڍو ٿڪل ۽ اڃايل ھوس. نوڪرن کي چيم تھ پاڻي ۽ کٽولو کڻي اچو. ھو ھڪدم ملڪ ابراھيم خان جي کٽ کڻي آيا. مان ان تي پنھنجو ھنڌ وڇارائي ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ ليٽي پيس، جيستائين منھنجو نوڪر پاڻيءَ جي کلي کڻي آيو. تنھن کان پوءِ، ڪجھھ اٽو ھٿ ڪري، چمڙي جي ٿيلھيءَ مان پنھنجو لوٽو ڪڍي، ان ۾ اٽو ڳوھي چاڻو ٺاھي، ڇيڻن جي باھھ ۾ (جا انھيءَ وچ ۾ منھنجن مسلمان نوڪرن ٻاري ھئي) وڌم. منھنجن نوڪرن منھنجي اجازت سان، ڪرمتين جا ديڳڙن ۾ ڇڏي ويل رڌل چانور کائي ڍؤ ڪيو. ڪرمتين جون اٽڪل ٧٥ جھوپڙيون ھيون ۽ انھن مان منھنجن ماڻھن کي ڪجھھ نشاني ۽ شاديءَ جي ڏاج جي ٽپڙن جي ٻيو ڪجھھ بھ ڪين ھٿ لڳو.

پيادا ۽ ٻيا انگريز عملدار، جن کي منھنجو ڀاءُ سکرامداس ٻئي رستي سان وٺي آيو ھو، وڃي ساڳيءَ طرح جو کين جي جھوپڙين مٿان پيا، جي سندن سامھون ڀڳا ٿي ويا. سپاھين جھوپڙيون ڦري خالي ڪيون. ٽپڙن ۾ چاڪرخان جي ڀيڻ جو باقي رھيل ڏاج بھ مليو. مائيءَ جي شادي شايد ٿورا ڏينھن اڳ ٿي ھئي ۽ ڀاڄ وقت سمورو سامان پاڻ سان کڻي وڃي نھ سگھيا ھئا.

اسان اتي ٻھ ڏينھن رھي، ٽئين ڏينھن رنپٽياڻيءَ جي رستي ڪراچيءَ ڏانھن روانا ٿياسين. اھو رستو ڊگھو ۽ ڏنگو ھو، پر سولائيءَ وارو ھو. اسان ڪراچيءَ ۾ ٻن ھفتن جي عرصي کان پوءِ واپس پھتاسين. انھيءَ وچ ۾، منھنجي ننڊ ۽ آرام ڦٽل ھئا. سمورو وقت اھو فڪر ھوم تھ جيئن جبلن جي ڏاکڙن ۾ لڪن ۾ فوج کي ڪو حادثو نھ پيش اچي، حالانڪ ھنن ڄاڻي واڻي، مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ رستي جو انتخاب ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تھ اھو ويجھو ھو، مون کي انديشو ھو تھ جيڪڏھن ڪو اھڙو حادثو پيش آيو تھ منھنجي ساري ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويندي ۽ منھنجون اڳيون خدمتون جي جان جوکي ۾ وجھي ھڙان خرچ ڪري ڪيون ھئم، سي پڻ وسري وينديون. منھنجا شڪ بيجا نھ ھئا، ڇاڪاڻ تھ اسان جا ڪي عملدار بنھھ شڪي طبع جا ھئا. موٽندي گھاگھر وٽ، ڪئپٽن پريڊيءَ مون کي ٻڌايو تھ چانڊيي ٻروچ جيڪا بيوقوفي ڪري پستول ڇوڙيو ھو، تنھن جي حماقت تي جنرل کي سخت ڪاوڙ لڳي آھي، ۽ تنھجي خلاف سرڪار کي شڪايت ڪرڻ جو ارادو اٿس. اھا خبر ٻڌي، منھنجا حوصلا خطا ٿي ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ کان پڇيم تھ منھنجي وفاداريءَ ۾ شڪ اٿن ڇا؟ تون نھ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻين؟“ جواب ڏنائين تھ مون کي تو ۾ مڪمل اعتقاد آھي. مون کي خبر آھي تھ تون انگريز سرڪار جو وڏو خيرخواھھ آھين. خاطري ڪر، مان جنرل کي صحيح حقيقت کان واقف ڪندس،“ اسان سلامتيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان ڪراچيءَ واپس آياسين ۽ مھم جي ڪاميابيءَ تي ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آنداسين. مان پنھنجي خانگي نوڪرن جي روش کان بلڪل مطمئن ھوس ۽ ھنن کي مقرر پگھار ۽ کاڌي خوراڪ جي خرچ کان علاوه،ھر ڪنھن جي لياقت مطابق، ٻيا بھ انعام اڪرام ڏنم.

ملڪ احمد خان جي ڌر جا جوکيا، ڪرمتي ۽ نومڙيا ڏاڍو ذليل ٿيا، ھنن کي خبر پئي تھ مير، سر چارلس نيپئر جي آڏو پيش پيا ھئا ۽ ھن کين سياسي قيدي ڪري بمبئي موڪليو آھي. ھو اچي ششدر ٿيا تھ ھاڻي انھن حالتن ۾ ڇا ڪجي! انھيءَ شش و پنج ۾ مون ڏي قاصد موڪليائون، تھ تون وچ ۾ پئي اسان جون جاگيرون، مرتبا ۽ اعزاز واپس وٺرائي ڏي. مان ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر، ڪئپٽن پريڊيءَ سان مشورو ڪيو ۽ ھن سر چارلس نيپئر کي لکي، کانئس ھدايتون ۽ حڪم ورتا. ان کان پوءِ، مون کين چوائي موڪليو تھ جيڪڏھن توھان خاموشيءَ ۽ صلح سانت ۾ اچي انگريز سرڪار جي پيش پوندؤ تھ توھان کي جاگيرون ۽ عھدا واپس ڏنا ويندا. سندن قاصدن جي معرفت کين نياپو ڪيم تھ ھينئر اچي پيش پئو، دير نھ ڪريو. جواب ڏنائون تھ اسان کي ڪراچيءَ اچڻ ۾ ڊپ ٿو ٿئي تھ متان انگريز سرڪار، ميرن وانگر اسان کي بھ قيد ڪري بمبئي نھ موڪلي ڏئي. تنھن ھوندي بھ اسان ڪراچيءَ جي ويجھو مگر پير کان ڪوھھ پنڌ تي اچڻ لاءِ تيار آھيون، بشرطيڪ تون اتي اسان سان ملي خاطري ڏين تھ اسان سان عزت وارا برتاءُ ڪيو ويندو ۽ جاگيرون بحال رکيون وينديون. ان کان پوءِ اسان کي اطمينان ٿيندو ۽ اسان توسان گڏجي ھلي انگريز سرڪار جي پيش پونداسين اسان جي وڏن جو تنھنجي وڏن سان رستو ھوندو ھو، ۽ اسان جي وڏن جو تنھنجي وڏن ۾ اعتماد ھوندو ھو. ٻنھي ڌرين کي خاطري ھوندي ھئي تھ ھو ڪڏھن بھ ھڪٻئي کي ڌوڪو نھ ڏيندا. آءٌ ڪئپٽن پريڊيءَ جي صلاح سان ٻھ ٽي سپاھي ساڻ ڪري ھنن سان ملڻ ويس. ڄام مھر علي، ملڪ ابراھيم خان ڪرمتي ۽ ملڪ احمد خان نومڙيو، ٽيئي سردار اٽڪل ھزار مسلح ماڻھن سان، منگھي پير جي ھن ڀر، گرم پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڇانوڻي ھڻي ويٺا ھئا. گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ، ڄام مھر عليءَ مون ڏانھن مخاطب ٿي چيو تھ ”ملماڙي جي ماٿريءَ ۾ جوکين تي جيڪو حملو ٿيو ھو، ان لاءِ تون جوابدار آھين. تنھنجي مدد ۽ سونھين بنجڻ کان سواءِ، انگريزن لاءِ پھاڙن جي وچ ۾ اسان جي ڪمينگاھھ تائين پھچڻ بلڪل محال ھو. انھيءَ ڳالھھ تي اسان کي رنج آھي ۽ اھا ڳالھھ تنھنجي شان وٽان نھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ توکي خبر ھئي تھ اسان جي وڏن جو پاڻ ۾ رستو ھوندو ھو.“ مون سمجھايو مانس تھ ”سڄو ڏوھھ تنھنجو آھي توکي ياد ھوندو تھ جڏھن انگريزن جي فوج سر جان ڪين جي سربراھيءَ ھيٺ ھن ملڪ مان لنگھي ھئي، تڏھن تو ٺٽي ۾ منھنجي معرفت، ڪرنل پاٽنجر جي اڳيان انگريز سرڪار سان وفادار رھڻ جو وعدو ڪيو ھو، جنھن لاءِ انگريزن توکي ٻھ ھزار رپيا انعام ڏنا ھئا. ان کان پوءِ تو وعدي خلافي ڪئي: پھريون تھ تو خود ڪراچيءَ ۾ ھڪڙي انگريز سپاھيءَ ۽ انگريزن جي سڀني واسطيدارن کي قتل ڪرڻ جو عزم ڪيو: ٻيو تنھنجي ڀائٽي، چاڪر خان، گجي وٽ حيدرآباد ڏانھن ويندڙ انگريزن جي فوجي دستي تي حملو ڪري ڦرمار ڪري ڪيترا سپاھي قتل ڪيا ھئا.“

آخر طويل بحث مباحثي کان پوءِ مون کين چيو تھ ”ھاڻي ڏينھن چڙھندو ٿو وڃي، جي توھان کي ھلندو آھي تھ دير نھ ڪيو.“ تنھن تي منھنجو ھٿ وٺي چيائون تھ ”تون اسان کي خاطري ڏي تھ اسان جي بيعزتي نھ ڪئي ويندي ۽ اسان جي جاگيرن ۾ ڪابھ دست اندازي نھ ڪئي ويندي.“ پوءِ ھو الله توھار چئي اٿي بيٺا ۽ اسان سڀني ڇانوڻيءَ جو رخ ڪيو. ڇانوڻيءَ ۾ اسان ھزار ھٿياربند ماڻھن سان پنجين بجي شام پھتاسين. آءٌ ھنن کي شاھي بزار مان سڌو ڪئپٽن پريڊيءَ جي قيامگاھھ تي وٺي ويس. مون پھريائين ڪئپٽن وٽ اندر وڃي، جيڪي وھيو واپرايو ھو سو ٻڌايومانس ۽ سمجھايومانس تھ مصلحت انھيءَ ۾ آھي تھ ھنن جي جاگيرن کي ھٿ نھ لائجي، ڪئپٽن پريڊيءَ، منھنجي تجويز منظور ڪئي، پوءِ مون ساڻس ٽنھي سردارن جو تعارف ڪرايو. ملاقات پوري ٿيڻ کان پوءِ، ھنن کي ھدايت ڪئي وئي تھ لياريءَ واري رستي تي وڃي رھو. ھڪڙي ڏينھن مون ھنن جي پنھنجي خرچ تي دعوت ڪئي ۽ کين رواج مطابق ڪڻڪ جو اٽو، چانور، کنڊ، گيھھ ۽ گوشت لاءِ پئسا موڪليم. اھي ھڪ بھ ڏينھن ڪراچيءَ ۾ رھيا ۽ پوءِ ھليا ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ ھنن کي خاطري ڏياري ۽ صلاح ڏنائين تھ ھاڻي پنھنجي گھرن ڏانھن موتي وڃي صلح سانت سان انگريزن جي رعيت ٿي، ھنن جي پناھھ ۾ رھو. سيٺ جيڪي توھان سان امن امان سان رھڻ لاءِ وعدا ڪيا آھن، انھن تي جوڳو ويچار ڪيو ويندو. ڪئپٽن پريڊيءَ سموريءَ ڪارروائيءَ جو تفصيلوار احوال، سرچارلس نيپئر سان ڪيو، جنھن پنھنجي منظوري ڏني ۽ ڪئپن کي گھوڙاٻاريءَ کان سيوھن تائين ساري علائقي جو مستقل طور ڪليڪٽر مقرر ڪيو. ڪئپٽن پريڊي مون کي گھڻي وقت کان سڃاڻندو ھو ۽ مون تي ڏاڍو مھربان ھوندو ھو ھڪڙي ڏينھن چيائين تھ ”مون توکي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ سرچارلس نيپئر کان اجازت ورتي آھي، اميد تھ تون اھو عھدو قبول ڪندين.“


 

(1)  ليفٽيننٽ اي. پي. ايسٽوڪ ”Dry tieanes from young Egypt“ جو مصنف، جو پوءِ ھيليبري ۾ ھڪ پروفيسر ھو، طھران ۾ انگريزي سفارتخاني جو سيڪريٽري ۽ ١٨٧٨ کان ١٨٧٤ع تائين پينرھن ۽ فالمٿ جو ايم. پي ۽ (Murrags Hanol Book for India).

(2)  مؤلف ھن نالي جو پتو لڳائي نھ سگھيو آھي.

(3)  ڏسو ضميمو ١٠.

(1)  ڏسو مقدمو. اھي جايون سر چارلس نيپئر جي دؤر ۾ ڊھرايون ويون ھيون.

(1)  حقيقت ھيءَ ھئي تھ ميرن جي عملدارن کي انگريزن جي ڇانوڻيءَ مان ڍلون وصول ڪرڻ مشڪل ٿي پيون.

(2)  اصل ”يادگيرين“ ۾ عملدارن جو نالو ميلول لکيل آھي، پر ملني، پارليمنٽ جو بلو بڪ ”صاف ڏيکاريٿو تھ  خط ليفٽيننٽ“ لکيو آھي.

(1)  سيٺ نائونمل شروع ۾ انھن ٽنھي سردارن کان، جيڪي ڪراچيءَ جي آسپاس ڪوھستاني ۽ ريگستاني علاقن ۾ وڏين قومن جا چڱا مڙس ھئا، باربرداريءَ لاءِ اٺ ورتا ھئا، ھو وڏي اثر ۽ طاقت جا مالڪ ھئا ۽ نومڙين جو تھ، ٽالپرن سان سڱابنديءَ جو رشتو پڻ ھو.

(1)  سيٺ نائونمل جي ڏاڏي لعلمڻداس جي زال ھئي، ھيءَ مائي ھن جي پيءُ جي پڦي ھوندي.

(1)  مينھن جي کل مان پاڻيءَ رکڻ لاءِ ٺاھيل ٿيلھي يا سانداري ھڪ ڊڳو ٻھ پخالون کڻي سگھندو آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org