سيڪشن؛ شخصيات

يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :3

باب ٻيو

سر چارلس نيپيئر – ارھھ زورائيءَ جا طريقا – اميرن جي ھار  - سنڌ تي قبضو – سنڌين جي رضامندي – نائونمل جون اميدون برصواب – ھن جي جلاوطن پتا جو موٽڻ – نيپئر جي زماني ۾ نائونمل جون تڪليفون – ديوان چنديرام – نائونمل جي رھائي لاءِ  پاٽنجر جي شاھدي – سر بارٽل فريئر جي دوستي – جاگير ۽ وظيفي جو ملڻ – سي. ايس. آءِ. جو خطاب – واپاري ڪوٺيءَ جو سميٽجڻ ۽ عالومل ٽيڪمداس جون اعلي خدمتون.

ھينئر سنڌ جي جداگانھ علائقي جي حيثيت جلد ختم ٿيڻ واري ھئي. ١٨٤٢ع ۾ نئين گورنر جنرل، لارڊ ايلنبرو، جنھن جي دل ۾ اھو اثر گھر ڪري ويو ھو تھ ١٨٤١ع واريءَ ڪابل جي شڪست جو باعث فوجي ۽ سياسي عملدارن جا اختلاف ھئا، تنھن آئوٽرام کي ريٽي، سر چارلس نيپئر (جنھن ھسپانيھ اپٻيٽ واري لڙائي ۾ بھرو ورتو ھو) کي مقرر ڪيو. تھ ھو سنڌ جي معاملن جون واڳون سنڀالي ۽ مختلف سياسي مسئلا سلجھائي. نيپئر آڪٽوبر ١٨٤٢ع ۾، سنڌ جي سري ۾ پھتو. ھن جي فرمائش تي، آئوٽرام (جيڪو انگلستان لاءِ روانو ٿي چڪو ھو) ساڻس سياسي مسئلن ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ، موٽي آيو. بدقسمتيءَ سان، سر چارلس نيپئر سري خواھھ لاڙ جي ميرن سان تشدد جا طريقا اختيار ڪيا، جن جن جي منظوري دراصل لارڊ ايلنبرو پاڻ ڏني ھئي. آئوٽرام انھن طريقن جو عادي نھ ھو، ۽ نڪي ھن جي مشورن کي ڪو وزن ئي ڏنو ويو ھو. انھيءَ اختلاف مان جيڪي گل ٽڙيا، سي تاريخ جو ھڪ اھم ورق آھن. اتر سنڌ ۾، خيرپور جي پوڙھي مير رستم  کي (جو ھميشھ انگريزن جو خيرخواھھ ھوندو ھو) سندس ننڍيءَ ڀاءُ، مير علي مراد پنھنجي چالبازين جو نشانو بنايو ھو. مير علي مراد کي جو اباڻي ورثي جو حصو مليو ھو، تنھن تي ھو راضي نھ ھو ۽ ھن جي مرضي ھئي تھ کيس وڌيڪ ملڪيت جو حصو ملي. انھيءَ نيت سان ھن ھڪ سازش ڪري، پنھنجي پوڙھي ڀاءُ تي الزام لڳايو تھ ھو سرچارلس نيپئر جي مخفي طرح مخالفت ڪرڻ وارو آھي. نيپئر مير رستم کي اھڙو تھ ڊيڄاريو جو ھو علي مراد جي فائدي ۾ پڳ تان دستبردار ٿي، حيدرآباد ڀڄي ويو. نيپئر جي پھچڻ کان ٿورو وقت اڳ، مير شھداد ۽ ٻين ٻروچن، جن کي مير رستم جي ڳالھھ تي سرچارلس نيپئر جي اشتعال انگريز حرڪتن (جن کي ھنن چڙھائي ٿي سمجھيو) تي سخت غصو ھو، تن رات جو انگريزن جي حيدرآباد واري مقامي سفارتخاني تي حملو ڪيو، آئوٽرام ھڪ سؤ سپاھين جي مختصر دستي سان انھن جو دليرانھ مقابلو ڪيو، ۽ آخر ھو ھڪ آگبوٽ تي پناھھ وٺي وڃي سرچارلس نيپئر سان شامل ٿيو. اھڙيءَ طرح ميرن جي اڳرائيءَ ڪري مياڻيءَ ۽ حيدرآباد جون لڙايون ٿيون، جن جو انجام اھو ٿيو جو مير پيش پيا. ميرن جا گھرو زيورات فوج لاءِ مال يغما طور ضبط ڪيا ويا ۽ ساري سنڌ (1) (سواءِ خيرپور جي،) برطانيھ سلطنت ۾ شامل ڪئي وئي ۽ سڀ مير سواءِ مير علي مرادجي  ڏھن سالن لاءِ جلاوطن ڪيا ويا. ٿورن سالن کان پوءِ، خود علي مراد، نھايت ڊرامائي انداز ۾، پنھنجي اعمالن جي جزا لوڙھي. ٿيو ھيئن جو جڏھن انگريزن، خيرپور جي علائقن جي حدبندي ڪئي، تڏھن ظاھر ٿيو تھ مير علي مراد نھايت چالاڪيءَ سان، جعلسازي ڪري، ڪيترا ضلعا، جن تي ھن جو ڪو حق ئي ڪونھ ھو، پنھنجي قبضي ۾ آندا آھن. انھيءَ تي لارڊ ڊلھالوسيءَ ھن جي سموري ميراث ضبط ڪئي (سواءِ سندس ننڍي پٽ جي حصي جي). ھينئر خيرپور جي ننڍڙي رياست، مير علي مراد جي پوٽي ھزھائينس مير امام بخش خان، جي. سي. آءِ. اي، جي سرپرستيءَ ۾، انگريز سرڪار جي مقرر ڪيل وزيرن جي مدد سان ڪافي ترقي ڪري رھي آھي.

ياد رھي تھ حڪومت جي تبديليءَ وقت رعايا جي طرفان ڪنھن بھ قسم جي بغاوت يا ھنگامون ڪونھ ٿيو. البت، ڪجھھ بدامني ضرور ٿي ھئي. مشرق ۾ اھڙن موقعن تي ھميشھ بدامني ٿيڻ جو امڪان ھوندو آھي. مير، مياڻيءَ ۾ لڙائيءَ وقت، ٻروچن جو ھڪ غير منظم ھجوم (ميرن جي فوج واقعي ھڪ غير منظم ھجوم ھو) وٺي آيا ھئا. دراصل عوام جي ھمدردي خيرپور جي ٻڍي مير، رستم سان ھئي، جيڪو پنھنجي ڀاءُ مير علي مراد جي سازشن سببان ڀڄي ويو ھو. مير ڪڏھن بھ عوام ۾ مقبول ڪونھ ٿيا ھئا، ۽ نھ وري ڪو ھنن ڪڏھن زور يا طاقت جو مظاھرو ڪري، پنھنجو ڌاڪو ڄمايو ھو. سر چارلس نيپئر جلد ئي ملڪھ وڪٽوريا جي سالگرھھ جي موقعي جو فائدو وٺي، ٢٤- مئي ١٨٤٣ع جي، حيدرآباد ۾ ھڪ درٻار ڪوٺائي. ھن سڀني وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن کان، نئين حڪومت جي عيوضيءَ جي حيثيت ۾، سلامي ورتي. سڀ زميندار ۽ جاگيردار، سواءِ ڪنھن اعتراض جي، وڏي تعداد ۾ اچي شامل ٿيا ۽ وفاداري  جو قسم کنيائون. ان وقت کان وٺي ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪشيدگي ڪانھ ٿي آھي. غدر جي زماني ۾ يا ٻين جي لڙاين وقت، ڪنھن بھ سنڌيءَ (مسلم ھجي يا ھندو) جي وفاداريءَ ۾ لوڏو نھ آيو آھي. صوبي جي ترقي، ريلون، آبپاشيءَ جو شاندار طريقو ۽ عاليشان بندرگاھھ انھيءَ ڳالھھ جي تصديق ڪن ٿا تھ سر چارلس نيپئر جي اوچتي ۽ بنا اجازت چڙھائيءَ (جنھن جو ڪارڻ سفارتخاني تي بزدلانھ حملو ھو)، ملڪ لاءِ نعمت ثابت ٿي آھي.(1)

ميرن جو گھراڻو فقط ٦٠ سالن تائين ھليو ۽ انگلنڊ جا حڪمران اڄ (١٩١٤ع) تائين ٧٢ ورھيھ حڪومت ڪري چڪا آھن. ٿورڙن سالن کان پوءِ، سر بارٽل فريئر، جلاوطن ميرن کي سنڌ ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني. ھو انگريز سرڪار جي وفادار ۽ پر امن پينشن بردارن جي حيثيت ۾ اڄ تائين مناسب گھرن ۾ رھن ٿا، جيڪي کين ٺھرائي ڏنا ويا ھئا. ھن وقت انھن ميرن مان ڪوبھ زندھھ نھ آھي جن جي ھوندي سنڌ ختم ٿي ھئي.

اھڙيءَ طرح، سيٺ نائونمل جي دلي مراد پوري ٿي ۽ ميرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ سيٺ نائونمل، پنھنجي پيءُ، سيٺ ھوتچند جو، ميرن کان انتقام ورتو. سن ١٨٣٩ع جي بھار ۾، جڏھن انگريزن جي فوج سيٺ نائونمل جي مدد سان، ميرن جي ڳجھيءَ مخالفت ھوندي، سنڌ مان لنگھي اڳتي وڌي وئي ھئي، تڏھن سيٺ نائونمل جي ملاقات مير مراد علي خان جي پٽن، مير نور محمد ۽ مير نصير خان سان ٿي ھئي. ان ملاقات جو احوال سيٺ نائونمل ”يادگيرين“ ۾ فخر سان ڪيو آھي. ھو چوي ٿو تھ متڪبر ميرن منھنجي اٿي آجيان ڪئي، ھٿ ھٿ ۾ ڏنائون ۽ ويھاري، پڇيائون تھ ”پيءُ جو انتقام دل کولي ورتئي؟“ آءٌ ان وقت خاموش رھيس، پر مون کي اھو يقين ھو تھ بابي جي قلب کي ضرور آرام رسيو ھوندو. چئن سالن کان پوءِ، جڏھن ڪراچيءَ ۾ ميرن جي ھار ۽ انگريزن جي فتح جو اعلان ڪيو ويو، تڏھن ان وقت ھن جو ڪراڙو پيءُ، سيٺ ھوتچند، بندر کان پرڀرو (انتظار ۾) ھڪ جھاز ۾ لڪو ويٺو ھو، پنھنجي جلاوطني پوري ڪري، ھيٺ لٿو ۽ ھن کي وڏي شان مان سان گھر پھچايو ويو. ان وقت ھن جي مسرتن جو پيمانو ضرور لبريز ٿي چڪو ھوندو.

ھن وقت تائين جي خدمتون سيٺ نائونمل سر انجام ڪيون ھيون، سي بنا ڪنھن اجرت جي ھيون. ھن انگريز جي مدد غيرت وچان ڪئي، ۽ ھن جي پيءُ سان جي زيادتيون ٿيون ھيون، ھيءُ تن جو بدلو ھو. ھن ڪيترن موقعن تي جوکو کڻي، وڏيون رقمون پيشگي طور ھڙان ڏنيون ھيون. بھرحال، ھن جون اھي خدمتون نظرانداز ڪين ڪيون ويون ھيون. پاٽنجر وڃڻ کان اڳ، ھن کي روڪ معاوضي ۽ سندس چوڻ موجب بمبئيءَ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ (قانون ساز مجلس) (1) ۾ ھڪ نشست وٺي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جا ھن عقل کان ڪم وٺي ٺڪرائي ڇڏي. ١٨٤٠ع ۾، آئوٽرام ھن جي لاءِ سؤ رپيا ماھيانو معاوضو قبول ڪرايو، جو سيٺ نائونمل جھڙي دولتمند ماڻھوءَ لاءِ اعزازي حيثيت جو نھ ھو. ھن کان پوءِ گورنر جنرل ھن کي ھڪ خلعت عطا ڪرڻ فرمائي ۽ ھن کي ڪراچيءَ ۾ ٢٠٠ رپيا ماھياني وظيفي تي سنڌ فتح تائين انگريزن جو گماشتو ڪري تسليم ڪيو ويو. اھي اعزاز ھن جي نظر ۾ ڪافي گرانقدر ھئا.

سيٺ نائونمل، انگريز سرڪار کي سخت ضرورت جي وقت مدد ڪئي ھئي. پر جڏھن خليق ۽ حليم سياسي عملدارن جي حڪومت ختم ٿي، ۽ سر چارلس نيپئر جي فوجي سربراھن جو راڄ شروع ٿيو، تڏھن سيٺ نائونمل کي اھا تبديلي ڀانءِ ڪانھ پئي. ان وقت ميرن سان جا روش نيپئر اختيار ڪئي ھئي، ان جي باري ۾ نيپئر ۽ آئوٽرام جي وچ ۾ ھڪ زھريلو بحث ڇڙي چڪو ھو. ظاھر آھي تھ جنھن جو مربي آئوٽرام ھجي، تنھن لاءِ نيپئر جو ھڏ ڪيئن ڪرڪندو؟ ھندستان ۾ اھو ھڪ رواج آھي تھ جو ڏيھي ملازم ڪنھن انگريز عملدار جو دلداده ھوندو آھي، سو، جڏھن تبديل ٿي ويندو آھي، تڏھن ھن جي جانشين جي نظر ۾ اھو ماڻھو ڪري پوندو آھي. ھن جو جانشين کيس بار بار ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ سندس حقيقي مرتبو ڪھڙو آھي. سرچارلس نيپئر جيڪي بھ ماڻھو وڏن انتظامي عھدن لاءِ نامزد ڪيا، سي فوجي ماڻھو ھئا. سيٺ نائونمل جا ڀاڳ چڱا ھئا، جو ڪئپٽن پريڊي، جو ڪجھھ وقت ڪراچيءَ ۾ فوجي رسد جي محڪمي جو اعليٰ عملدار ٿي رھيو ھو ۽ اڳتي ھلي ڪراچي ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو ھو، تنھن جا سيٺ نائونمل سان گھاٽا دفتري تعلقات ھئا، جنھن ڪري ھن مٿس ھٿ رکيو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ لاءِ سفارش ڪيائينس. سيٺ نائونمل، ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، پر پگھار ايتري تھ ٿوري ھيس جو جلد ئي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. نائونمل جا ھڪ ٻئي انگريز عملدار جنھن کي ڪراچيءَ جو انتظام حوالي ڪيو ويو ھو، ساڻس اھڙا خوشگوار تعلقات نھ ھئا. اھو عملدار، ليفٽيننٽ مارٽن ھو. ھو دلير جوان ھو ۽ مياڻي جي جنگ ۾ جڏھن ٽن، ٽن ٻروچن گڏجي سر چارسل نيپئر تي ھلان ڪئي ھئي، تڏھن ھن اڪيلي سر، انھن مان ٻن کي ماري جنرل جي حياتي بچائي ھئي. ھن جو مزاج ڪئپٽن پريڊي کان مختلف ھو. ھن سيٺ نائونمل تي الزام لڳايو تھ ھو ھن جي پوليس سان دست اندازي ڪري رھيو آھي. نيپئر کي پنھنجي پوليس تي خاص فخر ھوندو ھو، پر ان الزام جو نزلو سيٺ نائونمل کان وڌيڪ سندس دوستن تي پيو.  ڪپتان پريڊيءَ، سيٺ نائونمل جي مشوري سان ديوان چنديرام نالي ٽلٽيءَ جي ھڪ شريف ھندوءَ کي مختيارڪار مقرر ڪيو ھو، ھن تي سيوھڻ  سب ڊويزن، جو سنڌ جو ھڪ اھم علائقو ھو، ان ڍلون ۽ محصول وصول ڪرڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم رکيل ھو. ٿورن مھينن گذرڻ بعد، ديوان چنديرام تي ڪي معمولي غبن جا الزام لڳايا ويا. انھن جي جاچ ليفٽيننٽ مارٽن ۽ سرچارلس نيپئر جي سيڪريٽري، ڪپتان برائون، شروع ڪري ڏني. ھن جو مقدمو فوجي عدالت ۾، انھن عملدارن اڳيان ھلايو ويو جي شاھديءَ جي قانون کان غير واقف ۽ سنڌ جي حالت کان غير مانوس ھئا. آخر ديوان کي ٻھ سال قيد جي سزا آئي ۽ ھن کي ھڪ مجرم جي حيثيت ۾ رستن تي ڪم ڪرڻو پيو. آنجھاني سر وليم ميريويندر ڪي. سي. ايس. آءِ، جو ١٨٦٨ع کان ١٨٧٧ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ھو ۽ سڀني حقيقتن کان واقف ھو، سو جڏھن ديوان جي ڳالھھ نڪرندي ھئي، تڏھن غصي ۾ اچي ويندو ھو. ھو ھميشھ ديوان جي وڏي عزت ڪندو ھو. جڏھن ھن ”تعارف“ جو راقم الحروف، سيوھڻ جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ سر وليم سان ١٨٧٠ – ١٨٧١ع ۾ گشت ڪري رھيو ھو، تڏھن سر وليم خاص تڪليف وٺي ساڻس ديوان چنديرام جو تعارف ڪرايو. دفتري ملاقات کان پوءِ، سر وليم ميريويدر، ھن کي ھٿ ھٿ ۾ ڏئي، نھايت دوستاني نموني ۾ پنھنجي خانگي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. ڪمشنر اھڙيءَ طرح ورلي ڪنھن خانگي ماڻھوءَ کي اعزاز بخشيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ غير معمولي دوستيءَ جي نشاني عام ماڻھن ۽ غلط فھميءَ جو باعث ٿي سگھي ٿي، ۽ ان مان بيجا فائدا بھ وٺي سگھجن ٿا.

نيپئر لاشڪ فطري طور ضابطي جو وڌيڪ پابند ھو  ۽ دائمي انتظام قائم ڪرڻ لاءِ ھن  لاچار موجود مواد کان ڪم وٺڻو پيو. سر بارٽل فريئر، جنھن کي سر چارلس نيپئر جي انتظامي لياقتن جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي ذريعا ھئا، تنھن جو خيال ھو تھ ھو لاشڪ ھندستان جي وڏن مدبرن مان ھو. پر ساڳئي وقت ھو مزاج خواھھ عمل ۽ عجلت پسند ھو. ھن پھرينءَ درٻار ۾، سيٺ نائونمل سان جيڪو برتاءُ ڪيو ۽ جنھن جو ذڪر ”يادگيرين“ ۾ ڪيل آھي، سو دلسوز ۽ غير واجبي ھو. سيٺ نائونمل جو چوڻ آھي تھ ’ھڪ دفعي سر چارلس ھن کي قيد جو دڙڪو پڻ ڏنو ھو.‘ تعجب آھي تھ اھا ڌمڪي عمل ۾ ڇو نھ آئي؟ مئڪالي جو چوڻ آھي تھ ”ھن ھندستاني گورنر کي فقط اشاري ڪرڻ جي دير آھي تھ فلاڻو ماڻھو تباھھ ٿيڻ کپي. بس چوويھن ڪلاڪن اندر ان جي خلاف شديد الزام، اھڙين تفصيلوار ۽ واقعاتي شھادتن سان تيار ٿي ويندا آھن جو ڪوبھ ماڻھو جيستائين ھن کي اھا خبر نھ ھجي تھ ايشيا ۽ دروغگوئي کان ڪيترو ڪم ورتو ويندو آھي، سو ائين سمجھندو تھ ھن تي جرم سورھن آنا ثابت آھي.“

سيٺ نائونمل جي ديانت مسلم ھئي. ھن وڏيون خدمتون ڪيون، پر تنھن ھوندي بھ اھا ڳالھھ ظاھر ھئي تھ ھو سرچارلس نيپئر جي حڪومت جو دادلو نھ ھو. انھيءَ ڪري ھن، عقل کان ڪم وٺي، اچ-وڃ جو سلسلو گھٽ ڪري ڇڏيو. ھڪڙي دفعي تھ ھن جي ليکي جون وھيون کڻي وڃي چڪاسي ڏٺائون، جو گمان ھو تھ ھن سرڪاري خزاني جي موڪلڻ ۾ بدديانتي ڪئي آھي. اھو الزام ھن لاءِ زھر قاتل جي مثال ھو، مگر ھو ان کان باعزت بري ڪيو ويو(1). الزام ان ڪري بھ نامنصفانھ ھو جو ھن، سنڌ جي فتح کان اڳ خواھھ پوءِ، ھنگامي حالتن ھيٺ معمولي اجوري تي، پنھنجي ڪوٺي ۽ ٻين صراف دوستن جي معرفت، نقد رقمون ھيڏانھن ھوڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ حڪومت جي وڏي خدمت ڪئي ھئي. حقيقت ۾، ١٨٤٧ع ۾، جڏھن سر چارلس نيپئر سنڌ مان آخري طور روانو ٿي ويو تنھن کان اڳ، سيٺ نائونمل ۽ ٽن دفتر جي منشين کي سرڪاري نوڪريءَ مان ڇھن مھينن لاءِ معطل ڪري، بچاءَ وٺڻ کان سواءِ، موقوف ڪيو ويو ھو. (ڏسو ضميمو ١) جنھن ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ ڪپتان پريڊيءَ جي، سيٺ نائونمل جي خدمتن جي باري ۾، ھڪ دلچسپ يادداشت ڏنل آھي. آخر اھي ڪاغذ بمبئي سرڪار وٽ پيش ڪيا ويا، جو سنڌ ان وقت تائين بمبئي کاتي سان شامل ڪئي ويئي ھئي ۽ گورنر پنھنجي ڪائونسل جي مشوري سان فيصلو ڪيو، تھ سيٺ نائونمل خلاف، غبن جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪافي ثابتي ڪانھ ھئي ۽ اھو بھ ڄاڻايو ويو تھ نائونمل جي برطرفيءَ ڪري سندس ديانتداريءَ تي ٽِڪو نھ لڳڻ کپي. انھيءَ موقعي تي، سر ھينري پاٽنجر، جو مدراس جو گورنر ٿي ويو ھو، شايد سيٺ نائونمل جي استدعا تي، ١٧- جنوري ١٨٤٩ع تي، مدارس جي گورنمينٽ ھائوس مان لکي موڪليو تھ:

”منھنجي زماني ۾ جڏھن سنڌ جو ڪاروبار منھنجي تحويل ۾ ھو، تڏھن سيٺ نائونمل جنھن سرجوشيءَ، قابليت ۽ ديانتداريءَ سان پنھنجا فرض ادا ڪيا ھئا، تنھن کان گھڻو متاثر ٿيو ھوس ۽ اڃا پڻ آھيان. انھيءَ ڪري مان سيٺ نائونمل جي، حڪومت اعليٰ کي سفارش ڪئي ھئي ۽ پنھنجي جانشين ڪرنل آئوٽرام کي بھ پارت ڪئي ھيم تھ ھن تي ھٿ رکي ۽ مھر جي نظر ڪري. مون کي ان ڳالھھ تي نھايت خوشي ٿي آھي تھ سيٺ جي ديانتداريءَ تي جو بيواجبي ٽڪو لڳايو ويو ھو، سو ھاڻي ڌوپي صاف ٿي ويو آھي. جيئن ھن درخواست سان شامل ٿيل ڪاغذ ڏيکارين ٿا. ساڳئي وقت مان ھن معاملي ۾ ڪابھ دست اندازي نٿو ڪري سگھان. البت اھڙي شاھدي خوشيءَ سان ڏيڻ لاءِ تيار آھيان تھ ھو انگريز سرڪار ۽ ان جي عملدار جو ھميشھ خير خواھھ ٿي رھيو آھي.“

ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾، سيٺ نائونمل جون ٺھرايل چار جايون مسمار ڪيون ويون جيئن ”يادگيرين“ ۾ ڏيکاريل آھي. اھو واقعو ڏيکاري ٿو تھ ھن جا دشمن مٿس ھر طرف کان حملا ڪري رھيا ھئا. ھندستان ۾، ڪراچيءَ کان سواءِ، ٻين ڇانوڻين ۾ بھ اڄ تائين، گھرن جي پلاٽن جي باري ۾، خانگي ۽ سرڪاري حقن جي تصادم ڪري، شديد قانوني اختلاف ۽ تڪليف ده واقعا ٿيندا آھن. سيٺ نائونمل اھي جڳھيون کلم کلا فوجي اختياريءَ وارن جي ڄاڻ سان ۽ عام سھولت لاءِ ٺھرايون ھيون. ھن کي ضرور اھو خيال ھوندو، تھ اڳتي ھلي اھي جايون وڏي قيمت ڪنديون. پر جنھن صورت ۾ اھي جايون ڏيھي حڪومت جي ڏينھن ۾ ٺھرايون ويون ھيون، ۽ سيٺ نائونمل، جي دليل ڏنا آھن انھن مان بھ ائين ٿو معلوم ٿئي تھ پوءِ اھڙيءَ حالت ۾ ھن سان سخت ارھھ زورائي ڪئي وئي ھئي.

خير، سر چارلس نيپئر جي حڪومت جو دؤر آخر پورو ٿيو ۽ پوءِ، جيئن ”يادگيريون“ ڏيکارين ٿيون تھ ھن جو وري وڏن ماڻھن وٽ آڌر ڀاءُ ٿيڻ لڳو. بمبئيءَ جو لائق ۽ نامور گورنر، سر جارج ڪلارڪ ۽ سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر، پنھنجي حڪومت جي طويل عرصي ۾، سيٺ نائونمل جي خاص عزت ڪندا ھئا. بارٽل فريئر سوانحعمريءَ ۾، جا مرحوم مسٽر جان ماٽينيو تصنيف ڪئي ھئي، تنھن ۾ ھيٺان حوالا ڏنل آھن:

”ڪراچيءَ جي معزز ماڻھن مان فريئر جو سڀ کان زيادھ اچ –وڃ جو رستو سيٺ نائونمل نالي ھڪ ھندو واپاريءَ سان ھوندو ھو. نائونمل اھو ماڻھو ھو جنھن شروع کان ئي سمجھيو ھو تھ انگريزن جو ھڪ ڏينھن پلؤ ڀاري ٿيندو ۽ ھن سمورو وقت افغانستان واريءَ لڙائيءَ، خواھھ سنڌ جي فتح وقت انگريزن جي نھايت مستقل مزاجيءَ سان طرفداري ڪئي. ١٨٣٨ع ۾ جڏھن جان ڪين جي فوج، افغانستان ويندي، ڪراچيءَ جي بندر تي لٿي، ۽ ان کان پوءِ وري ان نازڪ دؤر ۾ جڏھن پاٽنجر آئوٽرام ۽ جيڪب فوج جي آمدورفت لاءِ رستن جي حفاظت ڪري رھيا ھئا، تڏھن نھايت اھم خدمتون انجام ڏنيون، جنھن لاءِ کيس گھڻائي انعام ۽ عزتون مليون. ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ سرچارلس نيپئر کي ھن لاءِ ڪابھ محبت ڪانھ ھئي. نائونمل کي اھا ڳالھھ نھ آئڙي تنھنڪري ھو لکي ٿو تھ ”نيئپر جيتوڻيڪ ظالم ۽ ستمگر آھي، پر سادھ لوح، صاف دل ۽ ڌرم آتما شخص آھي. نيپئر جي خيال ۾، ۽ شايد ٻيا انگريز بھ ائين سمجھندا ھجن تھ نائونمل خود پسند ۽ گھڻ ڳالھائو ھو، مگر فريئر جي نگاھھ ھڪدم ھن جي خوبين ڏانھن ڇڪجي ويئي، ۽ سمجھيائين تھ ھو واقعي ڪم وارو ماڻھو آھي. انھيءَ ڪري ھو ھن کي لطف ۽ ڪرم جي نگاھھ سان ڏسندو ھو. نائونمل کي اتر ھندستاني، افغانستان ۽ ايران ۾ گماشتا يا خابرو ھوندا ھوندا ھئا، جي ھن کي مقامي ماڻھن جي جذبات جي باري ۾ خبرون موڪليندا ھئا، جي ھو پوءِ فريئر کي پھچائيندو ھو. ھو فريئر کي ايرانين ۽ افغانن جي منصوبن ۾ مقامي ماڻھن جي ڪار گذارين ۽ جذبن جي باري ۾ صحيح قيمتي معلومات پھچائيندو ھو. ھن کي نائونمل جو ايترو تھ قدر ھو، جو غدر واري زماني ۾ پنھنجي ماڻھن کي، ھدايتون ڏئي ڇڏيون ھئائين تھ ھو جنھن وقت اچي، خواھھ ھجي يا رات، تھ ھن کي ھڪدم اندر اچڻ جي اجازت ڏني وڃي.

سر بارٽل فريئر ١٨٥٩ع ۾، سنڌ ڇڏڻ کان ٻھ – چار ھفتا اڳ، بمبئي سرڪار کي لکيو تھ ’سيٺ نائونمل کي ١٢٠٠ ايڪڙن جي دائمي جاگير ۽ ٽن پيڙھين لاءِ سؤ رپيا مھينو ڏنو وڃي.‘ ھندسرڪار اھي ٻئي سفارشون قبول ڪيون. ان کان اڳ سيٺ عمر لاءِ جاگير ۽ وظيفي وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھن ٢٠٠ رپين ماھوار پگھار جي بقايا، جا نيپئر ضبط ڪئي ھئي، وٺڻ قبول ڪئي ھئي.

جڏھن سر بارٽل فريئر بمبئيءَ جو گورنر ھو، تڏھن ھن سيٺ نائونمل کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو ھو. فريئر سيٺ سان عمر ڀر وقتا فوقتا خط و ڪتابت ڪندو رھيو. سر بارٽل فريئر ھڪ خط جي ذريعي (جيڪو ھن انڊيا آفيس ما ٧- جنوري ١٨٦٩ع جي لکيو ھو) سيٺ نائونمل کي پنھنجن ”يادگيرين“ لکڻ جو مشورو ڏنو ھو. جيئن اڳي ڄاڻايل آھي تھ سيٺ پنھنجي پوٽي، راءُ بھادر، عالومل ٽيڪمداس بي. اي کان ھنن ”يادگيرين“ جي عبارت لکرائي. سيٺ نائونمل انھن پھرين ماڻھن مان ھو، جن سر بارٽل فريئر جي سنڌ ۾ انگريزي تعليم شروع ڪرڻ جي تجويز جي پٺڀرائي ڪئي ھئي ۽ راءُ بھادر عالومل پھريون سنڌي جوان ھو، جنھن بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي، اتان جي سند حاصل ڪئي ھئي. ٤- فيبروري ١٨٧٤ع جي، سر بارٽل فريئر سيٺ نائونمل ڏي ھڪ چٺي لکي، جنھن ۾ ”يادگيرين“ جي پھچ جو اقرار ڪيل آھي. ساڳئي وقت اھو بھ واعدو ڪيل آھي تھ فريئر صاحب، انگلنڊ ۾ انھن جي ڇپائڻ جو انتظام ڪندو، تھ جيئن انگلنڊ جا ماڻھو ھن جي خدمتن جي نوعيت کان واقف ٿين.

سيٺ نائونمل کي آخري اعزاز، سر بارٽل فريئر، طرفان ڪراچيءَ جي فريئر ھال ۾ ڪوٺايل ھڪ درٻار ۾ ڏنو ويو ھو. فريئر ھال ھڪ خوبصورت عمارت آھي جا سر بارٽل فريئر جي خدمتن جي يادگيريءَ ۾ سنڌ جي عوام ٺھرائي ھئي. انھيءَ درٻار ۾ سر بارٽل فريئر، بمبئي کاتي جي گورنر جي حيثيت ۾، سيٺ نائونمل کي ھندستان جي اعليٰ اعزاز سي. ايس. آءِ (ڪمپينئن آف دي اسٽار آف انڊيا) جي تمغي سان آراستھ ڪيو. ھن جو نالو خاص اعزاز طور، ملڪھ وڪٽوريا جي تيار ڪيل صلاحڪارن (Companions) جي پھرينءَ فھرست ۾، اعزاز جي ٽين درجي تي قائم ٿيڻ جو اعلان ١٢- جون ١٨٦٦ع تي ھندستان جي گزيٽ ۾ ڪيو ويو ھو. ان موقعي تي سر بارٽل فريئر جي ڪيل تقرير، لفظ بلفظ، ضميمي ۾ ڏنل آھي.

يادگيرين جي اندروني شھادت جي بناءَ تي ڪوبھ ڄاڻو ماڻھو خاطريءَ سان چئي سگھندو تھ مصنف ھڪ سنئون سڌو ۽ ديانتدار ماڻھو آھي. انھن حالتن ۾ بھ، جتي ھو مصلحت جي خلاف ھليو ھو يا غلط فھميءَ لاءِ ڪو پاڻ سبب ڏنو ھئائين، ھو حقيقتن بيان ڪرڻ کان نٿو ھٻڪائي، پوءِ ڀل تھ انھن مان ھن جي ديانتداريءَ تي ڇنڊن پوڻ جو امڪان ئي ڇو نھ ھجي. مثلا، ھو پنھنجي ڪتاب ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ ڪيئن اھم سرڪاري ڪاغذن جي ھڪ صندوق سندس قبضي مان چوري ٿي وئي، جنھن تي سر جيمس آئوٽرام مٿس اچي ڏمريو. ڇاڪاڻ تھ ھن سندس حڪم مطابق، صندوق، ھنن جي نائب،  ڪپتان ليڪي جي حوالي نھ ڪئي ھئي. ان واقعي کي بيان ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانھ ھئي، بلڪ ھو ان کي آسانيءَ سان درگذر ڪري سگھيو ٿي ۽ اھا خبر ڪنھن کي بھ ڪانھ پئي ھا. ٻئي موقعي تي، ھو ڪن بلوچ سردارن، جن ڪراچيءَ تي حملو ڪري انگريزن جي فوج کي قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ھو، تن جي جھلائڻ ۾ مدد ڪري رھيو ھو تھ ھن جي نوڪر اتفاق سان پستول ڇوڙي دشمن کي سجاڳ ڪيو ۽ انگريز عملدار فطرتا ائين سمجھيو تھ اھا باغيانھ حرڪت سيٺ نائونمل جي چرچ تي ڪئي ويئي آھي. سيٺ نائونمل انھيءَ واقعي جي اھميت گھٽائڻ تھ نٿو گھري، پر جنھن آزاد نموني ان واقعي جو ذڪر ڪيو آھي، سو ڏيکاري ٿو تھ ھو بلڪل بيباڪ ھو ۽ ھن جو ضمير پاڪ ھو. جيتريقدر ان وقت جي دستاويزن مان معلوم ٿي سگھيو آھي، ڏسجي ٿو تھ سيٺ نائونمل جا تاريخي حوالا بلڪل صحيح آھن. ائين آھي تھ ھو پنھنجين خدمتن کي بار بار دھرائي ٿو. پر ھن جون خدمتون لاشڪ نھايت قيمتي ھيون ۽ ھر حالت ۾ قلمبند ڪرڻ جي لائق آھن. ھن پنھنجي ھڙ مان انگريز سرڪار جي پاران وڏيون رقمون پيشگيءَ طور ڏئي، انگريز عملدارن ۾ پنھنجو اعتماد ڏيکاريو ھو، جو واقعي ثابت ڪري ٿو تھ بلڪل بجا ھو. دنيا جي ڪنھن بھ حصي ۾ اھڙا صراف مشڪل لڀندا جي اھڙيءَ طرح دل کولي پنھنجي ھڙان پئسا اڌارا ڏين، (خاص ڪري لڙائيءَ ۽ اضطراب جي زماني ۾) جڏھن سنڌ جي مستقبل جو اڃا فيصلو بھ نھ ٿيو ھجي ۽ جڏھن ھن کي اھا بھ خاطري ڪانھ ھجي تھ سرڪار انھن عملدارن جو ساٿ ڏيندي، جن کي ھن پئسا مھيا ڪري ڏنا ھئا.

راقم الحروف، ١٨٧٩ع جي بھار ۾، سنڌ ۾ نائب ڪليڪٽر ٿي سنڌ ۾ ويو، جڏھن اڃا ھو ننڍيءَ عمر جو ھو، جلد ئي سيٺ نائونمل وٽ وڃي ملاقات ڪري، سندس تعارف حاصل ڪيو. مصنف جو خيال آھي تھ ١٨٧٢ع جي سياري ۾ جڏھن وائسراءِ ارل آف نارٿ بروڪ، پنھنجي پھرئين گشت تي سنڌ مان لنگھيو ھو، تڏھن ھن جي درٻار ۾ وائسراءِ جي عملي کان سواءِ، سيٺ نائونمل، واحد شخص ھو جو سي. ايس. آءِ جي تمام شانائتي تمغي سان آراستھ ھو. ھن جي شاندار شڪل وائسراءِ کي جھڪي سلام ڪرڻ وقت، مصنف کي اڃا بھ ياد آھي. ماڻھن ۾ ان ڳالھھ تي البت مايوسي ٿي تھ وائسراءِ کي ھن سان ھٿ ملائڻ جو مشورو نھ ڏنو ويو ھو، پر ھندستانين ۾ اھڙو امتياز رکڻ ھڪ ڪٺن ڪم آھي. انھيءَ ساڳئيءَ درٻار ۾ ھڪڙي ٻي دلچسپ شخصيت بھ حاضر ھئي. اھو ڏکڻ – اوڀر سنڌ جو سابق فرمانروا، ھزھائينس مير شير محمد خان ٽالپر ھو، جنھن مياڻيءَ ۾ ميرن جي شڪست کان پوءِ، سر چارلس نيپئر جو سرجوشيءَ سان پرزور مقابلو ڪيو ھو. لارڊ ناٿ بروڪ خاص طرح فرمائش ڪئي تھ مير صاحب کي ٻڌايو وڃي تھ آءٌ ساڻس ملاقات ڪري خوش ٿيو آھيان.

سيٺ نائونمل جي پوٽي، مؤلف کي دستاويزن جو ھڪ وڏو ذخيرو ڏنو آھي، جن مان گھڻا اڳ ۾ ئي سرڪاري ڪتابن ۾ ڇپيا آھن. اھي ڏيکارين ٿا تھ ھن جي ڏاڏي ڪھڙا اھم ڪم پنھنجي ذمي ڪيا ھئا ۽ وڏا برٽش عملدار، سر ھينري پاٽنجر کان وٺي سر بارٽل فريئر تائين ھن جو ڪيترو قدر ڪندا ھئا. ضميمي ۾ انھن جو انتخاب ۽ ڪن ٻين سرڪاري ڪاغذن مان حوالا پڻ ڏنل آھن، جي ”يادگيرين“ ۾ ڏنل ڪن واقعن تي روشني وجھن ٿا ۽ انھن جي تائيد ڪن ٿا.

سيٺ نائونمل وچولي قد جو ھو، ھو سادي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ اکيون تيز ۽ چمڪندڙ ھئس.  ھندو ٿي ڪري بھ ھو نھايت ھمت وارو ھو. ھن کي گھوڙن سان انس ھوندو ھو ۽ شام جو روز سواري ڪندو ھو. ھو ٻانھون لوڏي ھلندو ھو ۽ رفتار شاھاڻي ھوندي ھيس ۽ سر ھميشھ اوچو رکندو ھو. پنھنجي ڌرم لاءِ وڏو اتساھھ ھوس. ١٨٧٠ع ۾، جڏھن مؤلف پھريون دفعو ھن سان گڏجاڻي ڪرڻ ويو ھو، تڏھن سنجھا جي وقت ھن جي گھر اڳيان ڏيا ٻاريا ويا تھ ھن ان وقت ھٿ ٻڌي مختصر پرارٿنا ڪئي، ۽ ان کان پوءِ وري پنھنجي خوش گفتار شروع ڪيائين. ھن جي تصوير جا عڪس سندس شڪل جو پورو اندازو نٿا ڏين. سيٺ نائونمل ١٦- سيپٽمبر ١٨٧٨ع جي ٧٣ ورھين جي پختيءَ ۽ عزت ڀريءَ عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو. ھن پنھنجي ديھانت کان گھڻو وقت اڳ، پنھنجي واپاري ڪوٺيءَ ۾ ڌنڌي کان پاڻ کي آجو ڪيو ھو. ھن کي سنڌ بلڪ ھندستان جي سلطنت ۾ گھڻي وقت تائين ياد ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ تھ ھن انگريز سرڪار جي تمام ڏکين وقتن تي سھائتا ڪئي ھئي. جڏھن ھڪ ڏيھي ماڻھوءَ لاءِ انگريزن جي وفاداريءَ جو اظھار ڪرڻ ۽ انگريزن جي حڪومت جي فائدن جو عملي اعتراف ڪرڻ ھڪ آسان ڳالھھ نھ ھئي.

ھيءُ تعارف سيٺ نائونمل جي پوين ۽ ڌنڌي جي احوال کان سواءِ اڌورو رھجي ويندو، تنھنڪري ان جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. ١٨٤٨ع ۾ سيٺ ھوتچند جي وفات کان پوءِ، سيٺ ھوتچند جا ست پٽ پنھنجو گڏيل ڪارخانو بند ڪري، جدا جدا ڪم ڪرڻ لڳا. جڏھن سيٺ نائونمل انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ٻھ سال آئوٽرام جي زيردستي ۾ ھو ۽ وري ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي عھدي تي رھيو، تڏھن کان ئي، ھن پنھنجي ڌنڌي ۾ عملي دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ھئي، جنھنڪري ھن جو ڪارخاني ۾ گھڻو حصو گھٽجي ويو ھو. سيٺ نائونمل وارن جو وھنوار، گھڻي ڀاڱي، صرافڪو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جو ھوندو ھو. ھن پنھنجي ڌنڌي جو رھيو کھيو حصو، پنھنجي وڏي پٽ، سيٺ ٽيڪمداس جي حوالي ڪيو، جنھن جا ڪيترن شھرن ۾ گماشتا ھوندا ھئا. پر ھن پوءِ ١٨٦٠ع ڌاري پيءُ جي صلاح سان سڀ ڪوٺيون بند ڪري، سارو ڌيان کيتي ڏانھن ڏنو جنھن ۾ ان وقت وڌيڪ فائدو ھو. ڇاڪاڻ تھ ساري خاندان کي اٽڪل ٢٠ ھزار ايڪڙ زمين ھئي، جنھن ۾ ڏھھ موروثي ڳوٺ اچي ٿي ويا. بعد ۾ ھن پنھنجو حصو پنھنجي سؤٽ، سيٺ آتما رام کي وڪڻي ڏنو. خاندان جا باقي ٻيا فرد اصلوڪي ڌنڌي ۾ مشغول رھيا. سيٺ نائونمل جي ننڍي ڀاءُ جي پٽ، سيٺ گدومل ليکراج کي اڃا تائين مالابار جي ڪناري تي ڪوٺيون آھن. ھو ان جو واپار ڪندو آھي ۽ تنھن کان سواءِ کنڊ جو بھ وڏو واپاري آھي. سيٺ گدومل، ڪراچيءَ جي معزز ماڻھن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي ۽ ڪراچي ڪارپوريشن جو رڪن پڻ آھي. سيٺ نائونمل جي ٻئي ڀاءُ، سيٺ پريتمداس جو پٽ، سيٺ آتما رام، ڪجھھ وقت ان جو واپار ڪندو ھو ۽ ھن جا پوٽا ھاڻي ان ۽ لوھھ جو ڌنڌو ڪندا آھن. خاندان جون وسيع زمينون ڪٽنب جا ٻيا فرد سنڀاليندا آھن. سيٺ نائونمل جو ننڍو پٽ، سيٺ ٿانورداس سنڌ ۾ رھندو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ ۽ عالومل جي پيءُ، ٽيڪمداس، سان گڏ جاگير سنڀاليندو ھو، جا ھند سرڪار سيٺ نائونمل کي ھميشھ لاءِ ڏني ھئي. مؤلف ھن تعارف ڏيڻ کان اڳ سيٺ عالومل (1) ٽيڪمداس جي باري ۾ ڪجھھ وڌيڪ عرض ڪرڻ ضروري سمجھي ٿو. ھڪ تھ انھيءَ ڪري جو جيڪڏھن ھو جوانيءَ ۾ تازو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، پنھنجي عمر رسيده پتا جي واتان ٻڌل امر ڪھاڻي نھ لکي ھا، تھ اڄ ھيءَ مختصر تصنيف ڇپائيءَ جي مرحلي تي نھ پھچي ھا. ٻيو تھ ھو گذريل پنجيتاليھھ ورھيھ، مؤلف جو بھترين ذاتي دوست ٿي رھيو آھي. پر سڀ کان وڏو سبب ھيءُ آھي تھ ھو ھميشھ تعليم جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو رھيو آھي. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي. ھن ٢١- مارچ ١٨٦٨ع ۾ سرڪار جي تعليمي کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترا دفعا ساري صوبي جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو.

ھيٺ ڏنل انگ اکر ڏيکارين ٿا تھ مسٽر عالومل جي نوڪريءَ جي دؤر ۾ (اڄ تائين) آرٽس ڪاليج کان سواءِ، تعليم جي ڪم ۾ ٻي ڪھڙي ترقي ٿي:

سرڪاري ادارا

٦٨ – ١٨٦٧

١٤ – ١٩١٣

١٥ – ١٩١٤

ھاءِ اسڪول

٢

٣

٣

ثانوي اسڪول

١١

١١

١٣

ھيٺين ڪلاسن جا اسڪول (ابتدائي ۽ مقامي)

٤١

٦٦٧

٨٨٩

عام اسڪول

٢

٢

٢

خاص اسڪول

١

٣

٣

خانگي ادارا، جن ۾ فيون نتيجن مطابق ورتيون وينديون آھن:

ھاءِ اسڪول

١

٥

٧

ثانوي اسڪول

١

٧

٢١

ھيٺين ڪلاسن وارا اسڪول

١

٧٣٨

٨١١

ثانوي اسڪول جن کي امداد ڪانھ ملندي آھي

١

٣

٣

جملي

٦٢

١٤٣٩

١٧٥٢

ڪيترا سال سنڌ ۾ ڪو جدا تعليم جو ماھر انسپيڪٽر ڪونھ ھو. تعليم جي ڪم جي نظرداري اڪثر ڪري ڪمشنر جو ذاتي نائب ڪندو ھو. تنھنڪري عالومل ئي حقيقي طور تعليم جي محڪمي جو سربراھھ ھو. تنھنڪري مٿيان ڪارآمد نتيجا عالومل جي محنت جو ڦل سجھڻ گھرجن. ھن جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ھو تھ ھن سنڌ ۾ ننڍڙن خانگي ملان اسڪولن جن ۾ قرآن شريف طوطي وانگر ياد ڪرايو ويندو ھو، ڦيرائي ڪارآمد ڳوٺاڻا اسڪول بڻايو. ھن ڏس ۾ پھريون قدم مسٽر ايڇ. پي. جيڪب، جو تعليم کاتي جو ھڪ نھايت اورچ عملدار ھو، کنيو ھو. پر ان کي عملي جامي پھرائڻ جو ڪم مسٽر عالومل جي حوالي ھو.

١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، عالومل کي ”راءِ بھادر“ جو خطاب عطا ڪيو، جنھن جو تمغو (1) کيس ھڪ درٻار ۾ ڏنو ويو ھو، جا ڪمشنر، مسٽر جان جينڪنس، ڪي. سي. ايس. آءِ ( جو پوءِ ”سر“ ٿيو ھو) جي صدارت ھيٺ ڪوٺائي وئي ھئي. صدر ھن جو تعارف ڪرائيندي ھيٺان الفاظ ڪم آندا:

مسٽر عالومل، سنڌ ۾ ايڪيھھ ورھيھ جنھن ايمانداريءَ عقلمنديءَ ۽ سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو آھي، تنھن جو ھن صوبي ۾ مثال ملڻ مشڪل آھي. ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي جذبات ۽ گھرجن جي صحيح خبر ھئي، جنھنڪري ھو تعليم کاتي لاءِ ڄڻ تھ ھڪ تڪيو ھو. ڪوھستان جي خانھ بدوش جکرين ۾ تعليم جو پکڙجڻ ۽ ھن ضلعي جي ابتدائي اسڪولن ۾ ضروري سامان، سکيا ۽ انتظامي سڌارو، خصوصا ننڍن ٻچن جي نگراني ۾ سنڀال ۽ فين جي وصوليءَ جو ڪامياب حل (اھو مسئلو اھڙو ڏکيو ھو، جو سنڌ جي ڪيترن حصن ۾ اختياريءَ وارن ان جي حل ٿيڻ جي اميد بلڪل لاھي ڇڏي ھئي) ۽ اسڪولي راندين لاءِ ھر طرح جي سرجوشي، مطلب تھ اھي سڀ ترقيءَ جون نشانيون، عالومل جي جفاڪشيءَ، محنت ۽ دورانديشيءَ جو نتيجو آھن. مسٽر عالومل پنھنجن زيردستن خواھھ عام ماڻھن جن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ ھن پاڻ کي وقف ڪيو آھي، تن سان نھايت خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندو آھي.

ڇا، ھي ڪارگذارين جي فھرست قابل فخر ڪم نھ آھي. ھن جي ڪم جو اندازو اھي لڳائي سگھندا جي ھن جي مشڪلاتن کان واقف ھوندا. ھن کي تعصب، غفلت ۽ اڪثر مقامي مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻو ھو. ھو انھن سڀني مشڪلاتن تي، پنھنجي عقل، ھمت ۽ بي انتھا خوش خلقي سان، جا ھميشھ ھڪ نيڪ ۽ غمخوار دل جي ظاھري نشاني ھوندي آھي، غالب پيو. ھو نھايت ھر دلعزيز ھو ۽ سڀڪو ھن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪندو ھو.

جڏھن مسٽر عالومل ملازمت کان سبڪدوش ٿي پينشن تي ويو تڏھن بمبئي سرڪار، ٤- سپٽمبر ١٩٠٣ع جي چيف سيڪريٽريءَ جي صحيح سان، ھيٺيون ٺھراءُ منظور ڪيو:

”راءُ بھادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، سنڌ جو عارضي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ٣٥ ورھين جي نوڪريءَ کان پوءِ، ھن مھيني جي ٥- تاريخ، نوڪريءَ کان سبڪدوش ٿي رھيو آھي. اھو ڊگھو عرصو راءُ بھادر، سنڌ جي صوبي ۾ ھڪ نھايت ذميدار ۽ ڏکيو عھدو سنڀاليو آھي. ھن جي نوڪري قابليت، دانشمندي، بلند اخلاق ۽ انتظام ۾ منصف مزاجيءَ لاءِ نمايان ھئي، جنھن ڪري ننڍي وڏي کي ھن لاءِ عزت ھوندي ھئي. جناب گورنر صاحب ۽ ھن جي ڪائونسل کي راءُ بھادر عالومل جي گوناگون، ديانتداري ۽ بيش بھا خدمتن جو احساس آھي.“

مسٽر عالومل کي ٽي پٽ ڄاوا ھئا. ھن جو وڏو پٽ، ھڪ قابل اھلڪار ۽ بئرسٽر (وڪيل) ھو، جو پوءِ ھڪ سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، مگر ھو بدقسمتيءَ سان ١٩٠٦ع ۾ گذاري ويو. ڪمشنر ينگ ھسبنڊ لکي ٿو تھ ”ھن جي قبل از وقت قضيي ڪري جو انتظاميھ کي نقصان ٿيو ھو، تنھن جو مون کي پورو احساس آھي. ھن جو ٻيو پٽ، ٿر پارڪر ضلعي جي ريگستاني پر اھم علاقي جو ڊپٽي ڪليڪٽر آھي، ۽ ھن جو ٽيون پٽ، سيٺ ڪندنمل بي. اي. ايل. ايل. بي. بئرسٽر، بمبئي جي ھاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آھي. تنھن کان سواءِ، ھن کي ڪيترين صنعتن، جھڙوڪ ڌاتن تي پاڻي چاڙھڻ، ۽ شيشي ٺاھڻ ۾ پڻ مھارت آھي. ھن اھو علم انگلنڊ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي وظيفي تي پرايو ھو، جڏھن ھو بئرسٽري پڙھڻ ويو ھو.

مسٽر عالومل اڃا ٽين پيڙھيءَ جي سؤ رپيا ماھيانو پينشن کڻندو آھي، جا ھن جي ڏاڏي کي ٽن نسلن لاءِ ملي ھئي ۽ موروثي جاگير جي پيدائش بھ سموري کيس ملندي آھي. مسٽر عالومل جو چوڻ آھي تھ جاگير مان ھاڻي ڪافي پيداوار آھي، جيتوڻيڪ شروع ۾ جھنگ صاف ڪرڻ، پراڻن واھن جي سڌاري جي نون ڪڙين جي کوٽائڻ تي ڪافي خرچ ڪيو ويو ھو. ان جي ڪل ايراضي ٥،٤٥٧ ايڪڙ آھي. ھندڪي رواج مطابق، سيٺ عالومل جي چاچي سيٺ ٿانورداس، جو سيٺ نائونمل جو ٻيو پٽ ھو، جاگير ۾ اڌ حصي جي دعوا ڪئي ھئي، حالانڪ سند موجب فقط پھريون نر اولاد حقدار ٿي سگھيو ٿي. ان ڳالھھ تان تڪرار ھليو، پر آخر ڌرين جو رضانامو ٿيو. مسٽر عالومل جو ھڪڙو سؤٽ، مسٽر ليلارام گدومل، بي. اي، ٢٥٠ رپيا مھيني جي پگھار تي، ڪراچيءَ جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آھي. ھن جو ٻيو سؤٽ


 


(1)  ان وقت سنڌ ۾ نيپئر جون ڪارروايون ھڪ وڏي بحث جو موضوع ھيون. ولايت ۾ سر رابرٽ پيل جي حڪومت آخري فيصلو ڪيو تھ ھاڻي جيڪي ٿيو، سو ٺھيو. ٽيھن ورھين کان پوءِ، مسٽر ڊبليو، اي. گلئڊسٽن، ان ڳالھھ تي تبصرو ڪندي چيو تھ مرڪزي حڪومت لاءِ دور دراز عملدارن تي ضابطو رکڻ ڪھڙي مشڪل ڳالھھ آھي، جنرل چرنائيف جنھن سينٽ پيٽرسبرگ مان جاري ٿيل حڪمن خلاف تاشقند فتح ڪيو ھو، تنھن جو مقابلو سنڌ ۾ سرچارلس نيپئر پنھنجي ارھھ زورائيءَ سان ڪيو ھو. مسٽر گلئڊسٽن لکي ٿو تھ ”١٨٤٣ع ۾ ھڪ ناقابل فراموش واقعو ٿيو، جڏھن نيپئر، لارڊ ايلنبرو جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ فتح ڪئي. انھيءَ حملي لاءِ، جيتريقدر مون کي ياد آھي، ڇاڪاڻ تھ مان پاڻ انھيءَ وزارت ۾ شامل ٿيو ھوس، سر رابرٽ پيل جي ڪابينھ اتفاق راءِ سان نفرت جو اظھار ڪيو ھو. پر وزارت بيوس ھئي. ملڪ کي ڇڏي ڏيڻ کان ملڪ کي ھٿ ۾ رکڻ ۾ گھٽ خسارو ھو. سنڌ جي فتح ھاڻي ھڪ حقيقت ٿي چڪي آھي.“ (ماخوذ ڪيل گولڊ سمڊ جي ڪتاب ”آئوٽرام جي سوانح عمري“ مان).

(1)  جميمو 16 ۾ ڱي انگ اڳر ڙنل آهن تي ڱراچيءَ تي ٺنڍ تي واپار تي اتھوڱي ٿالٻ ۽ ٺنڍ تي مالياٻي آمدني ڙيڳارين ٿا.

(1)  ھت ڪجھھ غلط فھمي معلوم ٿئي ٿي. ليجسليٽو ڪائونسل جنھن تي ٿورا ڏيھي ماڻھو ۽ غير سرڪاري ميمبر ٿاڦيل ھئا، سا بمبئيءَ ۾ ١٨٦٢ع تائين وجود ۾ ڪانھ آئي ھئي. ان تي سر بارٽل فريئر، ھڪ سابق مير کي ھڪ نشست ڏني ھئي. سيٺ نائونمل کي شايد اھا ڳالھھ دل ۾ ھئي تھ ممڪن آھي تھ ھن رقعي جي محرر کي چيو ھجي تھ جنھن صورت ۾ ھو انگريزي نھ ڄاڻندو آھي، تنھن صورت ۾ ھن جو ميمبر ٿيڻ بيڪار آھي. مان نٿو ڀانيان تھ ھن ائين چيو ھوندس تھ پاٽنجر ھن کي اھڙي آڇ ڪئي آھي. (مؤلف)

(1)  ڏسو ضميمو ١١.

(1)   حقيقت ۾ سيٺ عالومل جو نالو عالمچند آھي، جنھن جو تصغير عالو آھي، پر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ ان ۾ مل جو اضافو ڪيو تھ جيئن نالو وڌيڪ معتبر ڏسڻ ۾ اچي. تنھنڪري سرڪاري نوڪري ۾ اچڻ کان پوءِ ھن کي عالمچند جي بدران عالومل ڪري سڏيندا آھن ۽ سر بارٽل فريئر بھ کيس انھيءَ نالي سان سڏيو آھي.

(1)  ڏسو ضميمو ١٤.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org