باب ٽيون
نائونمل جو
نسل – ڪاھري – نادرشاھھ جو حملو – سيوھڻ جي لٽ –
مٿرا جي قيدين جي سھائتا – ڀوڄومل – کرڪ بندر
ڏانھن لڏپلاڻ – ڪراچيءَ جو بنياد وجھڻ – قلعي جي
تعمير – ڪلھوڙا - راڻي ارجن جو قتل – ڪراچيءَ کي
قلات جي حوالي ڪرڻ – ڪلھوڙن جو ٽالپرن ھٿان خاتمو
– ٽالپرن جو ڪراچيءَ کي محاصرو – ڪراچيءَ تي حملي
وقت دريانيمل جي ٽالپرن کي واھر – دريا نيمل سان
رعايتون – ھن جي دوستي مير ڪرم عليءَ سان واگھرن
جا بحري ڊاڪا – نائونمل جي وڏن جي دولت – ھنگلاج –
شديد ڏڪار – عظيم خان جو حملو – ڀوڄومل جي ملڪيت
جي ورڇ – پوريل خزانو – لعلمڻداس - خاندان ۾
اختلاف – مير ڪرم عليءَ جي مداخلت – نائونمل جو
پور بندر ڏانھن سفر – راڻي لاءِ بلوچن جو حفاظتي
جٿو – لعلمڻداس جو مرتيو.
منھنجا وڏا
اصل ڪاھريءَ
جا ويٺل ھئا. ڪاھري، ڀانن
جي شھر ۾ (الھندي) ناري درياءَ جي وچ تي، پنج ميل ڀانن
کان ھڪ ميل ناري کان پري آھي. اھو شھر ڪنھن وقت
نھايت آباد ۽ ترقي وارو ھوندو ھو. منھنجي ھڪڙي وڏي
کي، جو سڄڻمل سڏبو ھو، ڪاھريءَ جي ويجھو وڏي
زمينداري ھئي. تنھن کان سواءِ ھو وڏو واپاري ۽ صراف ھو.
ھن چڱو نالو ڪڍيو ۽ شھر واسي کيس وڏي عزت ڏيندا
ھئا. ھن جي پٽ نانڪ، پنھنجي وھنوار کي زور وٺايو ۽
زمين پڻ وڌايائين. ھو وڏي ٺاٺ سان رھندو ھو. ھن جا
گماشتا شاھھ بندر
، ٺٽي
،
سون مياڻيءَ
،
ٻيلي
،
شڪارپور
۽ چانڊڪي
۾ ھوندا ھئا. ان وقت ڪراچيءَ جو نالو نشان بھ ڪونھ
ھو. نانڪداس شادي ڪئي، جنھن مان ڀوڄومل پيدا ٿيو.
جڏھن ڀوڄومل ڏھن – ٻارھن سالن جو ٿيو، تڏھن ھن جي
ماءُ گذاري ويئي ۽ نانڪداس ٻي شادي ڪئي، جنھن مان
ھن کي ٽي پٽ ڪيولرام، ھيمراج ۽ ڀاڳچند ڄاوا.
ان وقت
پنھورن ۽ چنن
قومن جا ماڻھو سنڌ جي انھيءَ ڀاڱي تي حڪومت ڪندا ھئا ۽
ڪاھري، سامتاڻي پرڳڻي جو صدر مقام ھو. وڪر ماجيت
جي سنبت ١٧٢٥ (مطابق ١٧٢٥ع) ۾، جڏھن ڀوڄومل سورھن
سالن جو ھو، تڏھن پنھنجي ماٽيلي ماءُ سان اڻبڻت
ڪري ڪاھري ڇڏي سيوھڻ ويو، جتان وري ھڪ قافلو تيار
ڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ قسمت آزمائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿي
ويو.
ڀوڄومل جي
وڃڻ کان پوءِ، سيٺ نانڪداس جي سيوھڻ واري ڪوٺي، ھن
جو وڏو پٽ (ٻيءَ زال مان) سيٺ ڪيولرام، سنڀاليندو
ھو ۽ ھن بھ پنھنجو ڌنڌو چڱو وڌايو.
سنبت ١٧٧٩
مطابق ١٧٢٣ع ۾، نادرشاھھ، ھندستان تي حملي ڪرڻ
لاءِ، ڪابل مان روانو ٿيو. قلات جو خان، نصير خان
اعظم، جو ھن جي ماتحت ھو، سو بھ ھڪ وڏو ڪٽڪ وٺي
ساڻس شامل ٿيو. دھليءَ جو شھنشاھھ، محمد شاھھ، مٺ
ماٺ ۾ پيش پيو. ٿورو وقت دھليءَ ۾ رھڻ کان پوءِ،
نادر شاھھ مٿرا
طرف ڪاھي ويو، جتي ھن جي لشڪر
انڌاڌنڌ ملڪ کي تلف تاراج ڪيو. ھو مذھبي جنون ۾
اڳتي وڌندا ويا ۽ گھڻا غلام، مرد خواھھ زالون ھٿ
ڪيائون. نصير خان جي ماڻھن، مٿرا جي رھواسين جي وٺ
پڪڙ ۾ وڏو بھرو ورتو. موٽ ۾ نادر شاھھ، لاھور کان
ٿيندو، ڪابل ويو. نصير خان لاھور ۾ نادر خان کان
موڪلائي، ملتان ۽ شڪارپور جي رستي پنھنجي ملڪ
ڏانھن موٽي آيو. جڏھن نصير خان جي لشڪر، مٿرا جا
ماڻھو قيد ڪري پاڻ سان آندا، تڏھن اھا خبر ساري
ھندستان ۾ پکڙجي ويئي. اھا خبر منھنجي تڙ ڏاڏيءَ،
شريمتي تخت ٻائي، ڀوڄومل جي ننڍي ڀاءُ، سيٺ
ڪيولرام جي زال جي ڪنن تائين بھ وڃي پھتي. سيٺ
ڪيولرام کي شڪارپور ۽ ڪڇيءَ
جي ڪيترن شھرن ۽ سنڌ جي گھڻن علائقن ۾ ڪوٺيون ھيون.
شريمتي تخت ٻائيءَ جي چوڻ تي، شڪارپور ۽ ڪڇيءَ جي
گماشتن کي لکيو ويو تھ ھو ڪارخاني مان پئسا ڏيئي
ٻانڀڻن کي آزاد ڪرائين. اھڙيءَ طرح، انھن بدنصيب
ماڻھن جي آزادي، ڪيولرام جي گماشتن خريد ڪئي. ھنن
کي في ماڻھو لاءِ ١٠٠ کان ٢٥٠ رپين تائين رقم ڏيڻي
پيئي ۽ شريمتي تخت ٻائيءَ جي مرضيءَ مطابق، ھنن کي
رستي جو خرچ خوراڪ ڏيئي پنھنجي گھرن ڏانھن واپس
موڪليو.
ان وقت
ڪراچيءَ جو ھاڻوڪو شھر خيرڪي ھو. البت حب ندي
جي ھن طرف کڙڪ بندر نالي ھڪ شھر ھو، جو واپار لاءِ
مشھور ھوندو ھو. ڀوڄومل اتي وڃي واسو ڪيو. ھن
پنھنجا گماشتا گوادر
، ٻيلي ۽ مسقط
۾ موڪليا. مسقط واري گماشتي وري بُو شھر، شيراز ۽
بحرين
۾ ڪوٺيون کوليون. آھستي آھستي شاھھ بندر ۽ لاھوري
(لاھري) بندر
،
جي ان وقت سنڌ جا مشھور بندرگاھھ ھئا، اتي شاخون
کوليون ويون ۽ سورت، پور بندر ۽ ملبار سان وڻج
واپار شروع ڪيو ويو. کڙڪ بندر حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ
ھوندو ھو. گھڻي وقت کان پوءِ بندر جو منھن سمنڊ جي
طرف کان ريتيءَ سان لٽجي ويو ۽ جھازن جو داخلو بند
ٿي ويو. ان وقت سمورا جھاز، بانس جي لڪڙن مان
ٺاھيندا ھئا. انھن کي لوھھ جي ڪوڪن بدران، کٻڙ جي
نوڙين سان ٻڌي جوڙيندا ھئا.
بندر جي
منھن پورجي وڃڻ جي ڪري واپارين کي گھڻي تڪليف ٿيڻ
لڳي. سيٺ ڀوڄومل اتان جي ٻين معزز ماڻھن جي صلاح
سان، رھڻ لاءِ ڪا ٻي نزديڪ جاءِ ڳولڻ لڳو، جتي کين
واپار جي سھولت ٿئي، ڳولھيندي ڳولھيندي، ھنن جي
نظر ڪراچيءَ جي کاريءَ تي پئي. اتي واريءَ جي بند
جي منھن وٽ، ويھھ – پنجويھھ ميربحرن جون جھوپڙيون
ھونديون ھيون. انھيءَ جاءِ کي ان وقت ”درٻو“ چوندا
ھئا. درٻي جي ويجھو ھڪ پاڻيءَ جو چشمو ھو جنھن کي
”ڪلاچيءَ جو ڪن“ سڏيندا ھئا. ڪن جي معنيٰ آھي ھڪ
اونھي پاڻيءَ واري کڏ، ۽ ڪلاچي ھڪ مير بحر جو نالو
پڻ ھو. کڏ جي چوڌاري تمر جا وڻ ھئا. آخر جاءِ پسند
ڪري، اتي گھر ٺھرايا ويا ۽ کڙڪ بندر مان سڀ متحرڪ
سامان منتقل ڪيو ويو. پوءِ سڀ ڪلاچيءَ جي ڳوٺ، جو
ان وقت ”ڪراچي“ سڏبو ھو، اتي اچي ويٺاسين. ان وقت
منھوڙي
جي ٻار (نار) ڪانھ ھوندي ھئي. ”بابا ٻيٽ“
جي مٿان ھڪ ٻي ٻار يا نار ھوندي ھئي، جنھن کي ھاڻي نئين
نار چئبو آھي. آمدورفت لاءِ اھا استعمال ٿيندي
ھئي. منھوڙي جي منھن وٽ ھڪ ٽڪرين جي قطار ھوندي
ھئي. سنبت ١٧٨٥ع (مطابق ١٧٢٩ع) ڌاري کڙڪ بندر جا
ماڻھو لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺا. ڀوڄومل جي مشوري
سان، آسوديمل نالي ھڪ شخص، بيبي مرادان سان صلاح
ڪئي تھ ڪراچيءَ ۾ حفاظت لاءِ ڪو قلعو اڏائجي. اھا
صلاح سڀني کي پسند آئي. ماڻھن تمر جو جھنگ صاف
ڪـري، ڪـاٺين ۽ مـٽيءَ جـو قـلعـو ٺاھڻ شروع ڪيو.
شھـر واسين جي مدد لاءِ ٻاھريان مزور بھ گھرايا
ويا. انھن کي مزوريءَ ۾ بحرين ۽ مسقط جا سڪا ۽
تازي کجور ڏني ويندي ھئي. ٿوري وقت ۾ ھڪ چڱو خاصو
قلعو ٺھي راس ٿيو. مسقط کان توبون گھرائي قلعي جي
ديوارن تي رکيون ويون. قلعي جي ديوار اندر اٽڪل سٺ
– ستر جريبن
جي ايراضي ھئي. قلعي کي ٻھ دروازا ھئا. اولھھ واري
دروازي کي ”کارو دروازو“
يعني کاري پاڻيءَ ڏانھن ويندڙ
دروازو چوندا ھئا ۽ ٻيو دروازو جيڪو اتر – اوڀر
طرف ڏانھن ھو، تنھن کي ”مٺو دروازو“ مٺي پاڻيءَ
ڏانھن ويندڙ دروازو چوندا ھئا. ماڻھو سڀ قلعي ۾
رھندا ھئا، جنھن جي چوڌاري تمر ۽ ٿوھر
جو جھنگ ھو.
شاھھ بندر
جي بندرگاھھ جو منھن سنڌونديءَ جي لٽ سان بند ٿي
ويو، جنھنڪري گھڻا ماڻھو اتان لڏي ڪراچيءَ آيا.
انھيءَ وقت ڪلھوڙن ماٺ ميٺ ۾، سواءِ ڪنھن مخالفت جي، ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو
ھو.
ٺٽو بھ
ڪلھوڙن جي ماتحت ھو ۽ اتي ھڪ نواب حڪومت ڪندو ھو.
نواب کي بجر جوکيي
نالي ھڪ ملازم ھوندو ھو. ٺٽو
ھڪ قديمي شھر آھي ۽ چون ٿا تھ ان جو پايو ٤٠٠
ورھيھ اڳ ڪنڊي سمي
وڌو ھو. ٺٽي جي آسپاس جيڪي شاندار ويرانا (مقبرا) آھن،
سي ان جي ماضيءَ جي شھادت ڏين ٿا. لاھوري بندر ۽
سنڪري ڌاريجي
۾ راڻي ارجن نالي، ھڪ ھندو ڪنور راڄ ڪندو ھو. فطرتا ڪلھوڙن کي
اھا ڳالھھ نھ آئڙي. ٺٽي ۾ پنھنجي نواب کي لکي
موڪليائون تھ ھن کي مارائي ملڪ تي قبضو ڪري. نواب،
بجر جوکيي سان صلاح مصلحت ڪئي، ۽ بجر راڻي کي ختم
ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي ھموار ڪيو. راڻو پنھنجي حفاظت
لاءِ جھڙوتھڙ پھرو رکندو ھو. بجر جوکيو، سيٺ
ڀوڄومل جو واقف ھو. ھن ڇا ڪيو جو سيٺ کا پئسا
اڌارا وٺي، ملير
جا اسي جوکيا ساڻ ڪري، ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ڪلفٽن جي راس
وٽان لاھوري بندر ڏانھن ھاڪاري ھليو. راڻو ارجن ان
وقت رتي جي ڳوٺ ۾، جو ھڪ ٻيٽ ھو، شڪار لاءَ منزل
انداز ھو. رات وھاڻيءَ، جڏھن رائو ارجن پنھنجي
تنبوءَ ۾ ڏيئو ٻاري ننڊ جي گود ۾ آرامي ٿيو، تڏھن
بجر ۽ ھن جا جوان سيڻھين تي تري، تراريون واتن ۾
جھلي، وڃي مٿس ڪڙڪيا ۽ ھن کي گھات ڪيائون. راڻي
ارجن کي اولاد ڪونھ ھو، تنھنڪري بجر آسانيءَ سان
ھن جي ملڪ تي قبضو ڪري ويو. اھو ڪم پورو ڪري، ٺٽي
جي نواب کي اطلاع ڪيائين، جنھن کيس ھڪ خلعت بھ ڏني
۽ ”ڄام“
جي خطاب سان جوکين جو سردار پڻ
مقرر ڪيو.
قلات جي خان
جو ڀاءُ جاڙڪ خان، ڪلھوڙن سان لڙندي مارجي ويو ۽
ڪلھوڙن ان جي عيوض، خون بھا طور، ڪراچي قلات جي
خان جي حوالي ڪئي. تنھن کان پوءِ، قلات جي فوج جو
دستو اتي رھندو ھو.
سيٺ ڀوڄومل
کي چار پٽ ھئا: سيٺ دريانومل، لعلمڻداس، ٺاڪرداس ۽
ٻلرامداس. جي سڀ ھٽا ڪٽا ۽ جانٺا جوان ھوندا ھئا.
ڀوڄومل سنبت ١٨٣٨، مطابق ٨٣-١٧٨٢ع ۾ گذاري ويو.
چارئي ڀائر گڏ ڏاڍي پريم سان رھندا ھئا ۽ پنھنجو
واپاري ڪاروبار بھ چڱو وڌايائون. گدومل گماشتي کي
سنبت ١٨٠٥ مطابق ١٧٤٩ع ۾، بمبئيءَ موڪليو ويو،
جتان ھو پنھنجي ڪوٺيءَ جي ذريعي بنگال ۽ چين سان
واپار ڪندو ھو. مسقط واري گماشتي، ھنسراجمل،
ايران، بصري ۽ بحرين سان چڱو چوکو وھنوار قائم
ڪيو. انھن جون شاخون ڪابل، قنڌار، ھرات، قلات ۽
ڪشمير ۾ بھ ھونديون ھيون، سيٺ دريانومل وڏي شان ۽
شوڪت سان رھندو ھو ۽ سيٺ لعلمڻداس
واپاري ڪاروبار سنڀاليندو ھو.
سنبت ١٨٤٠،
مطابق ١٧٧٣ع ۾، ٽالپرن ميرن بحر
جي سرداريءَ ۾ سنڌ ڪلھوڙن کان کسي پنھنجي قبضي ۾ ڪئي.
ڪلھوڙن ۽ ميرن جي آخري لڙائي، ھالاڻيءَ ڀيلاڻيءَ
وٽ ٿي، جتي ڪلھوڙن ھارايو. مير بجر کي جوڌپور جي
ملازمن ھٿان مارايو ويو ھو. ھن جا وارث مير فتح
علي خان
، غلام علي، ڪرم علي ۽ مراد علي ھئا، جي گڏجي حڪومت ڪندا ھئا.
ٽالپر سنڌ
جا والي ٿيا، تنھن کان اڳي مير ڪرم علي ۽ سيٺ
دريانيمل جا دوستانا تعلقات ھوندا ھئا. ڪلھوڙا
شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويا ۽ اتان جي حاڪم کان مدد
وٺي قنڌار جي فوج سان، مدد خان جي حڪم ھيٺ، سنڌ تي
حملو ڪيائون. ٽالپرن وڃي عمر ڪوٽ ۾ پناھھ ورتي.
سنڌ ۾ پھريون شھر جو قنڌارين ناس ڪيو، سو سيوھڻ
ھو. سيٺ ڪيولرام جو ان سيوھڻ ۾ ھو. ھن جو پڻ گھر
لٽيو ويو اتان گھڻو مال ھٿ آين. ھڪڙي پٺاڻ کي شڪ
پيو تھ ڇت جو شھتير پورو آھي، سو وٺي جو ان کي
پنھنجو ڊگھو گرز ھنيائين تھ پندرھن سؤ سونيون
اشرفيون ڇڻ – ڇڻ ڪري اچي پٽ تي پيون. پوءِ تھ زمين
بھ کوٽي ھيٺ مٿي ڪيائون ۽ جيڪي ھٿ آين سو کڻي ويا.
مدد خان ملڪ ڦري ناس ڪري موٽي ويو. ھن ڪلھوڙن کي
ٻيھر سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ڪابھ مدد ڪانھ ڪئي.
سيٺ ڪيولرام
سيوھڻ مان جبلن ڏانھن ڀڄي ويو، پر ڏينھن گرم ھئا،
چيٽ (اپريل) مھيني جي پڇاڙي ھئي. سيٺ ڪيولرام کي
ڏينھن لڳو ۽ ھو اتي گذاري ويو. ڪيولرام جي مرڻ کان
پوءِ ھن جو ننڍو ڀاءُ ھميراجمل ڪاروبار سنڀالڻ
لڳو. سيٺ ڪيولرام کي، مختلف جڳھن تي، اٽڪل چار سؤ
گماشتا ھئا. سيوھڻ ۾ سيٺ ڪيولرام جي جيڪا بھ موڙي
ھئي، سا لٽي ويا ھئا. ڪيولرام جي جيڪا بچت گماشتن
وٽ ھئي، سا وٺي، سيٺ ھيمراجمل وري وڏي پئماني تي
واپار شروع ڪيو. سيٺ ھيمراجمل کي چار پٽ ھئا:
جھامراء، ٺارومل، ٽيڪچند ۽ خوشحالداس.
سنبت ١٨٤٨،
مطابق ٩٣-١٧٩٢ع ڌاري، مير فتح عليءَ ڪراچيءَ وٺڻ
لاءِ پندرھن ھزار ٻروچ چاڙھي موڪليا. ھو توبن ۽
گولن سان مسلح ھئا ۽ ھنن پنھنجي ڇانوڻي لياريءَ
جي ھن ڀر، شھر جي اتر – اوڀر
طرف باغيچن ۾ لڳائي. ڪراچي ان وقت قلات جي خان جي
ماتحت ھئي، پر حفاظت جو انتظام خيرڪي ھو. شھرواسي
سڀ قلعي ۾ رھندا ھئا. جنھن جي چوڌاري تمر ۽ ٿوھر
جو جھنگ ھو. مير جي حملھ آور فوج جا اڳواڻ ميان
فقيرو ۽ پليو ھئا، قلعي تي توبون سڌيون ڪيون ويون.
ھوڏانھن ديوارين جي حفاظت رعيت طرفان پنج سؤ
ميربحرن ۽ منھنجي وڏن جي جھازن جي خلاصين، اسان جي
وڏي سيٺ ٻلرامداس جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي ڪئي. شھر جي
دفاع لاءِ جيڪي گولا باروت سيٺ ڪيولرام ڪم آندا
ھئا، سي اسان جي گدامن
مان گھرايا ويا ھئا. جتي ھميشھ
اسان جي واپاري جھازن لاءِ جنگي اسباب موجود رھندو
ھو.
حملھ آور
فوج اڍائي مھينا، شھر کي گھيرو ڪري ويٺي ھئي. شھر
واسي سڀ قلعي جي اندر ھئا. اندر ڪافي سامان جمع
ٿيل ھو. تنھن کان سواءِ سمنڊ جي پاسي وارو رستو
کليل ھو، تنھنڪري ھنن کي کاڌي پيتي جي ڪابھ تڪليف
ڪانھ ھئي. پر ان وقت، رڌڻ پچائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي
لياريءَ جي پيٽ مان آڻي نٿي سگھيا. تنھنڪري انھن
کي لاچار قلعي اندر جي کوھھ ھئا، تن جي کاري
پاڻيءَ تي قناعت ڪرڻي ٿي پئي. اڍائن مھينن کان
پوءِ، ٻروچن جي فوج ٿڪجي بيراز ٿي، گھيرو ختم ڪري،
حيدرآباد موٽي ويئي.
وري سنبت
١٨٤٩ مطابق ٩٣-١٧٩٢ع ۾ مير فتح علي خان، ڪراچيءَ
جي فتح لاءِ ٻي فوج موڪلي، جنھن بھ لياريءَ جي
ڪناري سان ۽ باغيجي واري محلي ۾ ڇانوڻي لڳائي،
قلعي تي توبزني شروع ڪئي. وري بھ سيٺ ٻلرامداس
رعيت ۽ پنھنجن جھازن جي خلاصين جي مدد سان قلعي جي
حفاظت ڪئي ۽ دشمن جي توبزنيءَ جو جواب پنھنجي
جھازن جي حفاظت لاءِ رکيل بارود سان ڏنو. ھن دفعي
گھيرو ٽي مھينا ھليو، جنھن کان پوءِ وري سنبت
١٨٥١، مطابق ٩٥-١٧٩٤ع جي سانوڻ مھيني ۾، مير فتح
علي خان ڪراچيءَ وٺڻ لاءِ ويھن ھزارن فوجين جو
لشڪر چاڙھي موڪليو.
مير ڪرم علي
۽ سيٺ دريانيمل جا ھڪٻئي سان دوستانا تعلقات ھوندا
ھئا، جيئن مٿي ڄاڻايل آھي. تنھنڪري ھن مير فتح علي
خان ڏي لکيو تھ ”اسان کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو
آھي تھ ڪراچيءَ ۾ قلات جي خان جي ڪابھ حفاظتي فوج
ڪانھ آھي. ھن ۾ لڙائيءَ جو دم نھ آھي اسان کي ٻڌي
ڏک ٿيو آھي تھ تو اسان جي ماڻھن جي مخالفت ڪئي آھي
۽ پنھنجن جھازن جو گولابارود اسان جي فوج جي خلاف
استعمال ڪري ھنن کي ٻھ دفعا شڪست ڏيئي، نراس ڪري
ھٽائي ڪڍيو. اسان جي گھڻي وقت کان دوستي آھي ۽
ھموطني آھيون. تنھنڪري توکي اسان جي مخالفت نٿي
جڳائي.“ اھڙيءَ طرح انھيءَ خط ۾ گھڻو ڪجھھ لکيل
ھو.
خط کان
پوءِ، سيٺ دريانيمل، قلات جي خان کي ٻن ٽن قاصدن
جي ھٿان چوائي موڪليو تھ: ميرن، ڪراچيءَ تي حملي
ڪرڻ لاءِ ٻھ دفعا فوج چاڙھي موڪلي آھي پر اسان ٻئي
دفعا، سخت محنت ۽ ڪشالا ڪري، ھنن کي شڪست ڏئي
ھٽائي، ڪراچي کي بچايو آھي. ھاڻي ميرن شھرن وٺڻ
لاءِ ٽين فوج موڪلي آھي ۽ رعايا ۾ گھڻو وقت مقابلي
ڪرڻ جي طاقت نھ آھي شھر توھان جي ماتحت آھي،
تنھنڪري مزيد فوج موڪلي ڪا تدبير ڪيو. خان جواب ۾
لکيو تھ ”مون ۾ لڙائيءَ جي طاقت ڪانھ آھي ۽ نڪي
لشڪر منھنجي اختيار ۾ آھي. جي تون شھر جو دفاع ڪري
سگھين تھ ڀلو، نھ تھ تو ڏي ڪابھ ميار ڪانھ آھي.“
انھيءَ تي
سيٺ دريانيمل پنھنجي خاص ملازم فقيري ھٿان، جو
بھرامي
بلوچن جو چڱو مڙس ھو، خط موڪليو. خط جو مفھوم ھن طرح ھو:
”تحقيق،
اسان جي گھڻي وقت کان دوستي آھي، توھان جو حڪم
برچشم آھي، پر منھنجو عرض آھي تھ جڏھن ڪراچي توھان
جي حوالي ڪئي وڃي تھ ٻروچ سپاھين کي، جي ھڪ سرڪش ۽
بي لغام طبقو آھن، شھر ۾ داخلا نھ ڏني وڃي. ٻيو تھ
جيڪو نواب توھان مقرر ڪرڻ فرمايو، سو اسان جي صلاح
سان ڪاروبار ھلائيندو ۽ رعيت تي ظلم نھ ڪندو.“
مير ڪرم علي
جواب ۾ لکيو تھ ”سيٺ دريانيمل جا شرط قبول آھن ۽
واعدو آھي تھ ڪراچيءَ ۾ ميرن جي پاران جيڪو نواب
مقرر ڪيو ويندو، تنھن کي ھدايت ڪئي ويندي تھ ھو
سڀڪنھن ڳالھھ ۾ ساڻس مشورو ڪري ۽ کيس حقيقي مالڪ
سمجھي.
سنبت ١٨٥٠،
مطابق ٩٤-١٧٩٣ع ۾، ڪراچيءَ ۾ قلات جي خان پاران،
ملان شفيع علي خان، نواب ھو. ھڪ ڪٽر مسلمان ھو ۽
ھڪ دفعي ”دريا خان“ نالي ھندن جي ھڪ مندر تي حملو
ڪري، مندر ۽ اسان جي گھرن جي وچ تي ھڪ مسجد اڏائي
ھئائين، جنھن تان ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ وڳوڙ
ٿيو.
منھنجو نانو
سيٺ لعلمڻداس، ھڪ ھٽو ڪٽو ۽ دلير آدمي ھوندو ھو.
جڏھن مسلمان ھندن جي مندر تي حملو ڪيو تھ ھو سڌو
مندر ۾ وڃي مورتيون کڻي بچائي ٻاھر آيو. ھن واقعي
کان پوءِ، سيٺ دريانيمل، قلات جي خان کي شفيع علي
خان جي ظلمن جي باري ۾ لکيل پڪار ڪئي، جنھن تي
خان، شفيع علي خان کي برطرف ڪري، ھن جي جاءِ تي
حاجي سعدو مقرر ڪيو. ھو سنبت ١٧٥١ مطابق ٩٥-١٧٩٤ع
تائين نوڪريءَ ۾ ھو. جڏھن اميرن ٽيون دفعو ڪراچيءَ
جي وٺڻ لاءِ چڙھائي ڪئي، تڏھن سيٺ دريانيمل،
سعدوءَ کي قلات خان جي جواب کان واقف ڪيو ۽
سمجھايائينس تھ وڌيڪ لڙائي جاري رکڻ ڪري منھنجي
واپار کي نقصان ٿو رسي، پر جيڪڏھن تون چاھين تھ
ڀلي حملھ آور فوج جو مقابلو ڪر. حاجي سعدوءَ بھ
پنھنجي ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪيو. ھن کي فڪر فقط اھو
ھو، تھ ڪيئن جان بچائي قلات پھچان. سيٺ دريانيمل
ھن کي محافظ ساڻ ڏيئي روانو ڪيو.
اھو سمورو
وقت ميرن جو لشڪر تي گوليبازي ڪندو رھيو. ٻن– ٽن
گولن ڪجھھ نقصان ڪيو، پر جلدئي ميان فقيري ۽ پليي
سالارن کي مير فتح علي خان ۽ ڪرم علي خان وٽان جنگ
بند ڪري دريانيمل سان مشوري ڪرڻ جي ھدايت ملي.
ڇاڪاڻ تھ ڌرين جي وچ ۾ ٺاھھ ٿي ويو ھو.
تنھن کان
پوءِ، سنبت ١٨٥١، مطابق ٩٥-١٧٩٧ع جي بڊي مھيني (١٢
ٻارس) جي يارھينءَ تاريخ، سيٺ دريانيمل قلعي جي
دروازن جون ڪنجيون وڃي ميرن جي لشڪر جي سالارن جي
حوالي ڪيون. سيٺ دريانيمل پنھنجي ملازم فقيري خان
(جو بھرامي قوم جو چڱو مڙس ھو) جي معرفت فقيري ۽
پليي کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو. ھنن ٻاھر نڪري،
نھايت عزت سان سندس استقبال ڪيو. سيٺ دريانيمل مٺي
۽ کاري درن جون چاٻيون ميان فقيري ۽ ميان پليي جي
حوالي ڪيون ۽ ھنن وعدو ڪيو تھ حڪم مطابق ڪنھن بھ
سپاھيءَ کي شھر اندر اچڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي.
ميان فقيرو ۽ پليو، سيٺ دريانيمل سان گڏ شھر ۾
داخل ٿيا ۽ سرڪاري سپاھين لاءِ جيڪي چبوترا ٺاھيا
ويا ھئا، تن جو معائنو ڪري دريانيمل جي اوطاق
تي آيا. جتي شربت پاڻي پِي گلاب جي پاڻي سان تازا توانا
ٿي، پنھنجي ڇانوڻيءَ ڏانھن موٽي ويا. نواب پنھنجو
عھدو سنڀاليو ۽ شھر جي حفاظت لاءِ ھڪ سؤ ڪرمتي
قوم جا بلوچ مقرر ڪيا. تنھن کان پوءِ فوج حيدرآباد موٽي
ويئي.
مير فتح علي
خان ۽ ڪرم علي ڪراچيءَ جي تسخير جي خبر ٻڌي ڏاڍا
سرھا ٿيا مير فتح عليءَ، مير ڪرم عليءَ کي مشورو
ڏنو تھ سيٺ دريانيمل کي، اعزاز طور، ڪراچيءَ جي
آمدنيءَ مان مقرر حصو ڏنو وڃي يا ھن جي ٻاھران آيل
واپاري مال تي محصول جي معافي ڏني وڃي. مير ڪرم
علي خان اھڙو اطلاع دريانيمل کي موڪليو، پر ھن
آمدنيءَ جو حصو وٺڻ قبول نھ ڪيو. جو چيائين تھ
متان عام ماڻھو يا قلات جو خان سمجھن تھ مون
پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ ساڻن ڌوڪو ڪيو آھي. پر مير
فتح عليءَ حڪم جاري ڪيو تھ سيٺ جي واپار تي آبڪاري
محصول جي ٽئين حصي جي، ۽ باغات تي سموريءَ ڍل جي
معافي ڏني وڃي. تنھن کان سواءِ ھن کي پنھنجي بٺيءَ
۾ ذاتي استعمال لاءِ شراب ٺاھڻ جي اجازت بھ ڏني
ويئي. ياد رھي تھ اھا رعايت ھن جي خاندان کي
ڪلھوڙن جي زماني کان ۽ قلات جي خان جي دور ۾ بھ
مليل ھئي. ھاڻي ڏينھون ڏينھن سنڌ جي ميرن ۽ سيٺ جا
تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا. ڪجھھ وقت کان پوءِ،
ميرن، سيٺ کي حيدرآباد اچڻ جي ڪوٺ ڏني. ھن جي وڏي
شان سان آجيان ڪئي ويئي ۽ ھڪٻئي کي قيمتي تحفا
ڏنائون ورتائون. سيٺ حيدرآباد ۾ مھينو رھي،
ڪراچيءَ موٽي آيو.
سنبت
١٨٥١-١٨٥٠ع کان وٺي گومتي
۽ ٻيٽ جي واگھرن سمنڊ ۾ آزار مچائي ڏنو. جيڪو جھاز ھٿ ٿي آين،
سو ڦريائون ٿي. اسان جي خاندان کي، ڪراچيءَ واريءَ
وڏيءَ ڪوٺيءَ جي ڪاروبار لاءِ ٥٠ يا ٦٠ ھر قسم ۽
ھر مقدار جون ديسي ڪشتيون ھونديون ھيون، جي
ھندستان جي مغربي ساحل جي بندرگاھن تي ڪرايو
کڻنديون ھيون. ۽ عربستان، ايران، بلوچستان جي
ڪنارن تي اچ- وڃ ڪنديون ھيون. تنھن کان سواءِ ھنن
وٽ يورپي نموني جا خواھھ ٻيا جھاز بھ ھئا، جن جو
تعلق مسقط ۽ ڪلڪتي جي ڪوٺين سان ھوندو ھو. واگھرن
جي ڊپ کان، ھرھڪ جھاز توبن، بارود ۽ ٻئي جنگي
اسباب سان مسلح ھوندو ھو. ننڍن جھازن تي ٽي – ٽي ۽
وڏن تي ١٢ کان ١٥ توبون ھونديون ھيون، جن جي ڊيگھھ
اٽڪل ٦ فوٽ ھئي. اسان جو ”لکمي پرساد“ جھاز، ملبار
کان موٽندي جڏھن پور بندر جي ويجھو آيو تھ واگھرن
جي جھاز جلھھ ڪيس. لکميپرساد تي ڪيترا جوکيا سپاھي
ھئا. لڙائيءَ ۾ واگھرن ھارايو ۽ ھنن جا گھڻا ماڻھو
مارجي ويا. ھنن جا ٽي جھاز ڪيترن ماڻھن سميت پڪڙي
ڪراچي آندا ويا. جتي لکميپرساد جي فاتحانھ آمد جو
اسان خوشي سان استقبال ڪيو ۽ شڪرانا بجا آندا.
جڏھن گومتيءَ جي واگھر سردار کي انھيءَ واقعي جي
خبر پيئي تھ ھن منھنجي ڏاڏي کي لکيو تھ سندس ماڻھن
کي آزاد ڪيو وڃي. انھن بحري ڌاڙيلن جو دستور ھوندو
ھو تھ ھو ھندي وڏي سمنڊ جي اولھائين ڪناري تي سفر
ڪندڙ جھازن کان ھڪ قسم جو باج يا خراج وصول ڪندا
ھئا، جنھن جي عيوض ھو خراج گذار جھازن کي ھر قسم
جون راھداريون يا پروانا ڏيندا ھئا ۽ ان آڌار تي
ھو سمنڊ ۾، آزاديءَ سان، واگھرن جي مداخلت کان
سواءِ، آمدرفت ڪري سگھندا ھئا. واگھر جو سردار
ھاڻي خراج تان دستبردار ٿيو ۽ وعدو ڪيائين تھ جن
جھازن کي توھان جو پروانو ھوندو تن کان خراج وصول
نھ ڪيو ويندو ۽ نھ راھداريءَ جي طلب ڪئي ويندي. ھن
جا شرط قبول ڪيا ويا ۽ ھن اھڙي معاھدي تي دستخط
ڪئي، ان بعد واگھرن جي قيدين ۽ جھازن کي آزاد ڪري
گھر اماڻيو ويو.
سنبت ١٨٦١
مطابق ١٨٤٥ع ۾، آخر انگريز سرڪار واگھرن جي وڌندڙ
سرگرمين کان متاثر ٿي، گومتيءَ ۽ ٻيٽ جي قلعن تي
قبضو ڪيو پر گومتي ۽ ٻيٽ، ھندن جون پوتر ياترائون
ھيون، تنھنڪري اھي گائڪواڙ جي استدعا تي احمدآباد
جي عيوض، ھن جي حوالي ڪيون ويون. اھڙيءَ طرح احمدآباد
جو مشھور شھر انگريزن جي ھٿ آيو.
سنبت ١٨٦١،
مطابق ٥-١٨٠٤ع ۾ مير فتح علي خان انتقال ڪيو ۽ پڳ
مير غلام علي خان کي ملي ۽ ھو ٽالپرن جي خاندان جو
حڪمران ٿيو. ھن دانائيءَ سان حڪومت ڪئي.
سنبت ١٨٦٨
مطابق ١٢-١٨١١ع ۾ مير غلام علي رحلت ڪري ويو ۽ مير
ڪرم علي ۽ مراد علي، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جا والي ٿيا.
مير ڪرم علي ۽ سيٺ دريانومل گھرا دوست ھئا، ۽
ھڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا وٺندا ھئا، جا
ڳالھھ مير مراد عليءَ کي پسند نھ ھئي.
سيٺ ڀوڄومل
کي چارپٽ ھئا. انھن مان سيٺ ٺاڪرداس سنبت ١٨٥٦
مطابق ١٨٠٠-١٧٩٩ع مري ويو. ھن چار پٽ ڇڏيا.
ويرومل، ھمٿسنگھھ، نيڻومل ۽ نيڪومل. سيٺ دريانيمل
کي ٻھ پٽ ھئا: سيٺ موتيرام ۽ اڌنمل. سيٺ لعلمڻداس
کي فقط ھڪ پٽ، ھوتچند ھو. سيٺ ٻلرامداس کي بھ
لڇيرام نالي ھڪ پٽ ھو.
اسان جي
ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو پاڻ ۾ مڪمل اتحاد ھوندو ھو،
جنھنڪري ھنن پنھنجي لاءِ ڪافي عزت ۽ اثر پيدا ڪيو
ھو. جنھنڪري ھنن پنھنجي لاءِ ڪافي عزت ۽ اثر پيدا
ڪيو ھو. ھنن جو ڪاروبار ائين ھلندو ھو، ڄڻ ھڪ ننڍي
پيماني تي حڪومت آھي. ھنن کي کاڌي پيتي جي سامان،
تنبن ۽ ٻئي ساز و سامان رکڻ لاءِ گڏيل گدام ھوندو
ھو. ھڪ وڏي تنبيلي ۾ چاليھھ بھترين نسل جا گھوڙا ۽
گھوڙيون بيٺل ھونديون ھيون. ھڪ ٻئي اڱڻ ۾ پاليل
ھرڻ، سھا، مور، ڊيلون، ڪبوتر ۽ ڪٻريون رکيل ھيون.
ڪراچيءَ واري گھر جو خانگي خرچ، گماشتن جي پگھارن
سميت، ٤٠،٠٠٠ رپيا سال ۾ ھوندو ھو.
سنبت ١٨٦٢
مطابق ٦-١٨٠٥ع ۾، منھنجا ڪي وڏا تيرٿ ڪرڻ لاءِ
ٻارين ٻچين ھنگلاج
ويا. شھر جا اٽڪل ٢٠٠٠ ماڻھو
بھ ھن سان گڏ ھئا. اتي ھنن دان پڃ ۾ ٻانڀڻن فقيرن
کارائڻ تي وڏيون رقمن خرچ ڪيون. ھو ڪراچيءَ کان
اٽڪل اڍائي مھينا غير حاضر ھئا ۽ سخاوت ۾ ايڏو
نالو ڪڍيائون جو ڀٽ ۽ برھمڻ ھنن جي دان جي تعريف
جا گانا ڳائڻ لڳا.
سيٺ ھوتچند
جو وڏو پٽ پريتمداس سنبت ١٨٦٢، مطابق ٦-١٨٠٥ع کان
اڳ پيدا ٿيو ھو ۽ مان (مصنف) ھن کان پوءِ ڄائو
ھوس. سنبت ١٨٦٤، مطابق ٨-١٨٠٧ع ۾ اسان کي ٽيون
ڀاءُ پرسرام ۽ ١٨٦٧، مطابق ١١-١٨١٠ع ۾ سيٺ ھوتچند
کي چوٿون پٽ تلسيداس ڄائو. سنبت ١٨٦٨، مطابق
١٢-١٨١١ع ۾ سيٺ ٻلرامداس گذاري ويو. سنبت ١٨٦٨
مطابق ١٢-١٨١١ع ۾ جي آخر کان سنبت ١٨٦٩ مطابق
١٨١٢ع تائين ھالارا، ڪڇ مارواڙ ۽ آسپاس وارن ملڪن
۾ سخت ڏڪار پيو ۽ اناج جي سخت اڻاٽ ٿي. ان وقت
تائين منھنجن وڏن جو وھنوار ايترو تھ وڌي ويو ھو
جو اٽڪل پنج سؤ شھرن ۾ ڪوٺيون ھونديون ھين. ڏڪار
جي زماني ۾ ھالار
،
ڪڇ، ماواڙ ۽ گجرات جي ماڻھن جا ھشام سنڌ ۾ ھر ھنڌ
اچي گڏ ٿيا. ان وقت مون کي چڱيءَ طرح سانڀر آھي تھ
ان جي ايتري اڻاٺ ھئي جو دنيادار ماڻھو، جن کي سون
۽ چانديءَ جون ٿيليون ھيون، سي بھ بک جو شڪار ٿي
ٿيا. سنڌ ۾ جوئر، نانگليءَ
۽ جون جھڙن سادن اناجن جا ٽي-
چار سير بھ ھڪ رپئي ۾ نٿي مليا. بي انداز ماڻھو
مري ويا. منھنجن وڏن سيٺ دريانيمل ۽ سيٺ لعلمڻداس
وٽ ان جون ڪوٺيون ڀريل ھيون ۽ ھنن خيال ڪيو تھ دان
ڪرڻ جو، ھن کان بھتر موقعو ٻيو ڪونھ ملندو.
تنھنڪري ھنن ان مفت تقسيم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سواءِ
ذات پات جي تميز جي، ھندو ھجي يا مسلمان يا ڪو
ٻيو. مطلب تھ جنھن کي ان جي ضرورت ھئي تنھن کي في
ماڻھو، روزانو سير ٻاجھريءَ يا چانورن جي حساب سان
ملندو ھو. دان جو ڪم ڪوٺيءَ جي پٺئين در وٽ ھلندو
ھو. گھڻا آسودا ماڻھو مجبوريءَ سبب، منھن ڍڪي وڃي
خيراتي ان وٺندا ھئا. سيٺين کي خبر پئي تھ گھڻن
معزز خاندانن کي پيسي تي بھ ان ڪونھ ٿو ملي ۽ ھنن
کي ڏينھن ڏٺي جو، بلڪ رات جو بھ، سيٺين جي دان جي
فائدي وٺڻ کان شرم ٿو اچي، ڇاڪاڻ تھ ھو ڊڄن ٿا تھ
ڪوٺيءَ جي ڏيئن جي روشنائيءَ تي ڪو کين سڃاڻي نھ
وٺي. تنھنڪري ھنن حڪم ڏنو تھ آئنده گدام ۾ رات جو
ڏيا گل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبھ مرد يا عورت ھٿ ڊگھيري تھ
ان کي سير ان جو ڏيو.
تنھن کان
پوءِ، ڪيترن آسودن خاندانن، جن کي دنيا سان بھ ان
نھ پئي مليو، سيٺ جي سخاوت جو فائدو ورتو. وري
جڏھن منھنجن وڏن کي خبر پئي تھ گھڻن گھرن ۾ اھڙيون
وڌوائون ۽ اپاھج رھن ٿا، جن کي ٻاھر نڪرڻ جي طاقت
نھ آھي، تڏھن انھن جي گھرن ڏانھن اڳواٽ مھيني جي
سيڌي سامان موڪلڻ جو انتظام ڪيائون.
سنڌ جي سري
۾، ڪڇ ۽ ھالار جي ڪيترن غريبن پنھنجا پٽ ۽ ڌيئرون
وڪڻي ان خريد ڪيو. منھنجي وڏن جي گماشتن بھ اٺ ڏھھ
ماڻھو خريد ڪري ڪراچيءَ موڪليا. ڪراچيءَ ۾ انھن جي
خاطر خواه پرورش ڪئي وئي. جڏھن ھو ساماڻا ۽
ڪمائيءَ جھڙا ٿيا، تڏھن ھنن کي آزاد ڪيو ويو. قحط
ست اٺ مھينا شدت سان ھليو. تنھن کان پوءِ ڌڻيءَ جي
ديا ٿي ۽ وري سڪار ٿيو.
سنبت ١٨٦٨
(١٢-١٨١١ع) ۾ مير غلام علي سنڌ جو والي، رحلت ڪري
ويو. ھن جي وفات کان اڳ سنبت ١٨٦٨ (١٢-١٨١١ع)،
اسان دريانيمل جن پٽ سيٺ موتيرام جي شاديءَ تي
حيدرآباد وياسين. ڪراچيءَ مان اسان سان اٽڪل ٥٠٠
ماڻھو ھليا ھئا حيدرآباد ۾ سيٺ دريانومل ۽ سيٺ
لعلمڻداس، مير غلامي عليءَ وٽ ملاقات لاءِ ويا.
مان انھن سان گڏ ھوس. مون کي اڄ تائين ھنن جي
گفتگو چٽائيءَ سان ياد آھي.
مير غلام
عليءَ کان پوءِ مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي گڏجي
سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. مير غلام عليءَ ھڪ پٽ
نورمحمد نالي ڇڏيو، جنھن کي پڳ ملي، پر ھو صغير ھو، انھيءَ ڪري
ھن جي نالي ۾، ھن جا چاچا، ناظم جي حيثيت ۾ حڪومت
جو ڪاروبار ھلائيندا ھئا.
سنڌ، ڪابل ۽
قنڌار يعني افغانستان جي ماتحت ھوندي ھئي ۽ سال ۾
٠٠٠، ٩٠٠ رپيا خراج ڀريندي ھئي. ميرن جا ايلچي،
ڪابل جي دربار ۾ رھندا ھئا ۽ شاھھ سجاول صدوزئي جي زماني تائين رھندا آيا ڪجھھ وقت کان پوءِ شاھھ سجاول
۽ ھن جي وزيرن فتح خان
۽ عظيم خان بارڪزئي جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا.
شاھھ، فتح خان جون اکيون ڪڍرايون، ان تان سخت
تڪرار ٿيو، جنھن جو انجام اھو نڪتو جو شاھھ سجاول
شڪست کائي لڌياني ۾ وڃي پناھھ ورتي. فتح خان ۽
عظيم خان، پايندي خان وزير جا پٽ ھئا. ھنن پنھنجي
حڪومت ھرات کان ڪشمير تائين، بلڪ پنجاب جي
پسگردائيءَ تائين وڌائي ھئي.
سنبت ١٨٧١،
مطابق ١٥-١٨١٤ع ۾، سيٺ ھوتچند کي ٻيو پٽ، سکرامداس
ڄائو. سنبت ١٨٧٣ مطابق ١٧-١٨١٦ع ۾ منھنجي وڏي ڀاءُ
پرتمداس ۽ منھنجي شادي ٿي ۽ سيٺيون ساٺن – ڳنن
لاءِ سيوھڻ ويا. اسان سان ٢٠٠ اٺ ۽ ٨٠ گھوڙا ھئا ۽
ٽن مھينن کان پوءِ ڪراچيءَ موٽياسين. انھن شادين
تي اسان جي وڏن کي ڳاٽي ڀڳو خرچ ڪرڻو پيو ھو.
سنبت ١٨٧٥،
مطابق ١٩-١٨١٨ع ۾، سيٺ ھوتچند کي ٻيو پٽ، گوپالداس
پيدا ٿيو. سنبت ١٨٦٧، مطابق ١١-١٨١٠ع ۾ قنڌار جو
وزير اعظم خان، ھڪ وڏي فوج وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو.
ھن جو لاڙڪاڻي تائين ڪنھن بھ مقابلو ڪونھ ڪيو
لاڙڪاڻي ۾ ھن سان اميرن ملاقات ڪئي ۽ ھو نولک رپيا
خراج وٺي خوش ٿي واپس ويو. تنھن کان پوءِ جلد ئي
خراسان
۾ حالتون خراب ٿيون ۽ رنجيت سنگھھ جي اڳواڻيءَ ۾
سکن زور ورتو. رنجيت سنگھھ، اتر ۽ ڪشمير فتح ڪيو ۽
ڏکڻ ۾ ملتان تائين قبضو ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ جي
ميرن خراسان يا سکن کي خراج ڪونھ ڏنو.
سنبت ١٨٧٢
(١٦-١٨١٥ع) ۾، سيٺ ڀوڄومل جي زال شريمتي پارپي
ٻائيءَ جو ديھانت ٿيو ۽ سنبت ١٨٧٣ (١٧-١٨١٦ع) ۾
چار ڀائر (سيٺ ڀوڄومل جا پٽ) پنھنجي ملڪيت ھڪجيترن
حصن ۾ ورھائي ھڪٻئي کان جدا ٿيا. متحرڪ ملڪيت،
جايون، گھر، جھاز، ڪوٺيون، سڀ ھڪجيترن حصن ۾
ورھايائون ۽ ھڪ ھڪ ڀاءُ کي ھڪ حصو آيو. ھن کان
پوءِ ھر ھڪ جدا پنھنجي ليکي وھنوار ڪندو ھو. فقط
مسقط واري ڪوٺي، جنھن جو ايراني نار، بصري ۽
بوشائر ۾ سيٺ ڀوڄومل جي نالي سان وڏو واپار ھلندو
ھو، ھڪ يورپي جھاز، جيڪو ڪارخاني جي ملڪيت ھو، اھو
گڏجي استعمال لاءِ رکيائون.
سنبت ١٨٧٧
(٢١-١٨٢٠) ۾ سيٺ دريانومل گذاري ويو. ساڳئي سال
١٨٧٧ (٢١-١٨٢٠ع) جي پڇاڙيءَ ۾، سيٺ ھوتچند کي ستون
پٽ ليکراجمل ڄايو جڏھن سيٺين، يعني سيٺ ڀوڄومل جي
پٽن پاڻ ۾ ملڪيت تقسيم ڪئي ھئي، تڏھن سيٺ ڀوڄومل
جو مدفن خزانو زمين مان کوٽي ڪڍيو ھئائون. اٽڪل
پنج ڇھھ ٺڪر جا مٽ، جن مان ھر ھڪ ۾ ٽي مڻ ڳڙ يا
مستيءَ جا پئجي وڃن، سونين مھرن، سيتارامن
۽ پراڻن چاندي جي سڪن سان ڀريل، اسان جي گھر جي
ڀرسان ھڪ جاءِ ۾ پوريل ھئا، جنھن کي سيٺ خوبچند جو
گدام چوندا ھئا. خزاني مٿان پنج سؤ مڻ گگر جا
پاڻيءَ ۾ ڳوھي لنبيا ويا ھئا.
زمين اھڙي تھ سخت ٿي ويئي ھئي، جو مٽن کوٽي ڪڍڻ ۾
ويھن ماڻھن کي مھينو لڳو.
انھيءَ وچ
۾، سيٺ ڀوڄومل جي چئن پٽن مان ٽي پٽ دريانومل،
ٺاڪرداس ۽ ٻلرامداس گذاري ويا. باقي منھنجو ڏاڏو
لعلمڻداس وڃي بچيو. ھو واپار جي ڪم ۾ ڏاڍو ڀڙ
ھوندو ھو ۽ سنڌ ۾ سڀڪو سڃاڻندو ھوس. ھن جو سڄو
خيال پنھنجي ڌنڌي ۾ ھوندو ھو. ھن پنھنجو ڪاروبار
گھڻو وڌايو، جنھن مان کيس ججھو فائدو ٿيو.
سيٺ
دريانيمل ٻھ پٽ ڇڏيا: سيٺ موتيرام ۽ اڏيرنومل، سيٺ
لعلمڻداس کي فقط ھڪ پٽ، سيٺ ھوتچند ھو، جنھن کي ست
پٽ ھئا. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي تھ سيٺ ٺاڪرداس
کي چار پٽ ھئا: ويرومل، ھمٿ سنگھھ، نيڻومل ۽
ٽيڪومل. سيٺ ٻلرامداس کي فقط ھڪ پٽ، سيٺ لڇيرام
ھو، جنھن کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ڄائو ھو. ھو مري ويو تھ
ھڪ ڌيءَ ڇڏيائين.
سيٺ
لعلمڻداس جي پوين بھ واپار شروع ڪيو. ٻين جو اولاد
عيش عشرت ۾ ڪاھجي پيو ۽ پنھنجو ڪاروبار منين جي
حوالي ڪيائون. انھيءَ حماقت ڪري انھن کي وڏا نقصان
سھڻا پيا. تنھنڪري ھنن جي بمبئيءَ واريءَ ڪوٺيءَ
جي منيب گدومل وٽ جيڪا موڙي ھئي، سا سموري ڪڍرائي
ورتائون، سواءِ ٥٠،٠٠٠ رپيا جي، ھنن سيٺ ڀوڄومل جي
نالي ڇڏيا.
گدومل پوءِ
جلدي گذاري ويو ۽ ھن جي ٻن پٽن گلابراءِ ۽
وسرامداس سيٺين جي نوڪري ڇڏي، پنھنجي ليکي ڌنڌو
شروع ڪيو. ھنن ڪشمير بنگال ۽ چين تائين ڪوٺيون
کوليون. ھنن ٽي سال چڱو واپار ڪيو. پر پوءِ ھنن جو
ڌنڌو بيھجي ويو ھنن جي پيءُ وٽ ٥٠،٠٠٠ رپيا، جي
سيٺ ڀوڄومل جي نالي امانت رکيا ويا ھئا، سي رھجي
ويا.
سنبت ١٨٧٤
(١٨-١٨١٧ع) ۾، سيٺ لعلمڻداس نظر کان ويھجي ويو ۽
مان (نائونمل) ھميشھ ھن جي حاضري ۾ رھندو ھوس.
جڏھن مان يارھن ورھين جو ھوس تھ روزنامچي لکڻ جو
ڪم ۽ ڪراچيءَ جي ڪوٺيءَ جي وھنوار جو ڪاروبار
منھنجي حوالي ڪيو ويو. شام جو ڇھين بجي کان وٺي
رات جو اٽڪل ڏھين بجي تائين روز گماشتن ڏانھن
واپار جي باري ۾ چٺيون لکندو ھوس. لکپڙھھ ھندو،
سنڌي، پنجابي ۽ گجراتي اکرن ۾ ٿيندي ھئي. بعضي
بعضي تھ وقت تي ويھھ ويھھ سڄا پنا بھ لکڻا پوندا
ھئا.
ڪجھھ وقت
کان پوءِ، سيٺ لعلمڻداس جو ڌنڌو چڱو وڌي ويو. ٻين
ٽن ڀائرن جو اولاد عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو ۽
پنھنجو ڪاروبار گماشتن جي حوالي ڪري ڇڏيائون. جيئن
مٿي ڄاڻايو ويو آھي، جنھنڪري ھنن کي وڏو نقصان
پيو. تنھنڪري ھنن کي حسد ٿيو ۽ سيٺ موتيرام،
ويرومل ۽ لڇيرام، سيٺ لعلمڻداس سان وڙھڻ لڳا.
مسقط واريءَ
ڪوٺيءَ جي گماشتي جو نالو پريمراءِ ھو. اھا ڪوٺي،
جيئن اڳي چيو ويو آھي تھ سيٺ ڀوڄومل جي نالي ھلندي
ھئي ۽ ان ۾ سڀني ڀائرن جو گڏيل حصو ھو. گماشتن
موقعو وٺي سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام کي جھيڙي
ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. ھنن سيٺ لعلمڻداس تي الزام لڳايو
تھ ھو ساڳيءَ جاءِ، جتان اڳ ٥-٦ مٽ نڪتا ھئا، جي
ٻيءَ ڪوٺيءَ مان ٽي مٽ ٻيا سون ۽ چانديءَ جا
کوٽائي ھضم ڪري ويو ھو. ھنن جو چوڻ ھو تھ سيٺ
دريانيمل سکيا ڏينھن گذاريا ھئا. ٺاڪرداس سنبت
١٨٥٦ (١٨٠٠-١٧٩٩ع) ۾ گذاري ويو ھو، ۽ سيٺ ٻلرامداس
کي جو بھادريءَ لاءِ مشھور ھو پر لکپڙھھ مان گھڻو
نھ ڄاڻندو ھو، خانداني وھنوار سان گھڻي دلچسپي
ڪانھ ھوندي ھئي. تنھنڪري سيٺ لعلمڻداس ئي سمورو
خانداني ڪاروبار ھلائيندو ھو. وڌيڪ چيائون تھ اسان
کي وڏن جي ملڪيت جي باري ۾ ڪابھ خبر ڪانھ آھي. اھو
بھ پتو نھ آھي تھ وراست ڪيئن ڪئي وئي ھئي. تنھنڪري
ھنن گھر ڪئي تھ حساب – ڪتاب نئين سر ڪيو وڃي. سيٺ
موتيرام مير ڪرم عليءَ کي شڪايت لکي موڪلي تھ
لعلمڻداس، جو گڏيل ڪارخانو سنڀاليندو آھي، جو اسان
کي حساب – ڪتاب نٿو ڏئي. مير کي پنھنجي سرڳواسي
دوست سيٺ دريانيمل لاءِ عزت ھوندي ھئي، تنھنڪري ھن
ٺٽي جي عملدار، حافظ، کي لکيو تھ ڪراچيءَ وڃي ھنن
جو فيصلو ڪر. ھن جي اچڻ تي سيٺ موتيرام، ويرومل ۽
لڇيرام پنھنجي ٻڍي چاچي خلاف نھايت اڻ سھائيندڙ
الزام لڳايا، جن جي ٻڌائڻ لاءِ ھڪ سارو داستان
کپي. آخر فيصلو خود ميرن جي ذمي ڪيو ويو. اسان
بندين جا (سنبت ١٨٢٠ مطابق ٦٦-١٨٦٥ع کان وٺي) ڇھھ
اٺ ڀري، حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. منھنجو پيءُ
سيٺ ھوتچند ۽ مان بھ انھن سان سوال – جواب لاءِ
وياسين. اسان مير ڪرم عليءَ سان ملاقات ڪئي. ھن
ٻنھي، سيٺ موتيرام ۽ سيٺ ھوتچند کي پاڻ سان گڏ
ساڳيءَ کٽ
تي ويھاريو ۽ ٻنھي جي ڳچيءَ ۾
ٻانھن وجھي چيائين تھ: ”مون دريانيمل جي مٿي تي
سوني پڳ رکي ھئي، ھاڻي منھنجي مرضي آھي تھ توھان
کي ھيرن جي پڳ پھرايان. پاڻ ۾ نھ وڙھو، جيڪڏھن
توھان مان ڪنھن کي پئسن جي لالچ آھي تھ منھنجي
خزاني ۾ توھان کي ڏيڻ لاءِ ڪافي دنيا آھي، جيڪي
کپيو، سو کڻو، پر پاڻ ۾ نھ وڙھو.“ اتي موتيرام
ڪجھھ شرمسار ٿيو ۽ عرض ڪيائين تھ پئنچات
نواب ولي محمد
جي اڳيان اسان جي ڪاغذن جي جاچ
ڪري.
آخر ھڪ جڳھھ مقرر ڪئي وئي ۽ پئنچات سڄا سارا ڇھھ
مھينا ويھي دفتر جي چڪاس ڪئي. ان کان پوءِ پئنچات
سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام جي فائدي ۾ فيصلو
ڪيو ۽ حڪم ڪيائون تھ مسقط واريءَ ڪوٺيءَ جو
ڪاروبار بند ڪري، خانگي طرح فيصلو ڪيو وڃ
پوءِ اسان ڪراچيءَ آياسين. پر موتيرام ۽ ھن جا سؤٽ فيصلي تي
راضي نھ ٿيا۽ سنبت ١٨٨٢ (٢٦-١٨٢٥ع) ۾ اسان وري
حيدرآباد وياسين، جتي اسان جو پوڙھو ڏاڏو بھ
گڏجي ھليو. مير ڪرم عليءَ کي ھن جي معذوريءَ
تي ڏاڍو ترس آيو ۽ موتيرام کي ڏاڍي ڇنڊ
ڪڍيائين تھ تو خاندان جو نالو ٻوڙيو آھي.
موتيرام ھن جو چيو نھ ڪيو ۽ الٽو مير مراد
عليءَ کي رومي بندوقون ۽ ٻيا قميتي تحفا ڏئي،
ٺاھڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر جھيڙي جو نبيرو ڪونھ
ٿيو ۽ اسان ڇھن مھينن کان پوءِ ڪراچيءَ موٽي
آياسين، جتي اسان کي ڪيترن تڪرارن جا فيصلا
ڪرڻا پيا. وري سنبت ١٨٨٤ (٢٨-١٨٢٧ع) ۾ منھنجي
پيءُ سيٺ ھوتچند ۽ مون کي مير مراد عليءَ جي
سڏ تي حيدرآباد وڃڻو پيو، جتي سيٺ موتيرام ھن
وٽ ڪا شڪايت ڪئي ھئي. اتي گھڻو ڪجھھ وھيو
واپريو. مختصر لفظن ۾، آخر منھنجن ٻن سالن
ديوان
ھيرانند ۽ ھاسارام ۽ سيٺ
موتيرام جي ٻن نياڻن، ديوان ڪان سنگھھ ۽ ديوان
اننوراءَ خيرپور وارو، جو بھ ان وقت حيدرآباد
۾ ھو، تن کي خيال آيو تھ ڌرين جو ڪيترو اجايو
خرچ آيو آھي، سو ويھي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ وچ
۾ پئي سڀني اختلافن جو دوستانو فيصلو ڪرڻ کپي.
انھن جي چوڻ تي اسان مير ڪرم عليءَ ۽ مير مراد
عليءَ کان موڪلائي، پار ڪوٽڙيءَ
وياسين، جتي چيائون تھ اسان صلاح ڪري توھان کي پنھنجو
فيصلو ٻڌائينداسين. آّخر رات جو دير سان،
سنڌونديءَ جي ڪناري تي گھڻيءَ ردبدل کان پوءِ
منھنجي پيءُ کي چيائون تھ تون مائٽيءَ جو ننگ
سڃاڻي، پنھنجن سوٽن جو سقيم حال ڏسي، کين
٤٢،٥٠٠٠ رپيا ڏي. منھنجي پيءُ صاف انڪار ڪيو ۽
چيائين تھ ھڪ پائيءَ بھ غير واجبي طور نھ
ڏيندس. پوءِ مون ڏي منھن ڪري ٻاڏائي چيائون تھ
تون وچ ۾ پئي اسان جي مدد ڪر. مان ڏاڍو ششدر
ٿيس ۽ لاچار پيءُ جي مرضيءَ خلاف ۽ ھن ڪاوڙ ۾
غصي ھوندي، ھنن کي پنھنجي نالي، مذڪور رقم جي
ھنڊي لکي ڏنم، جا قسطن ۾ ادا ڪرڻي ھئي. تنھن
کان پوءِ اسان وري کير کنڊ ٿي وياسين ۽ رستي ۾
گڏ کائيندا پيئندا، ڪراچيءَ واپس آياسين.
سنبت ١٨٧٧ (٢١-١٨٢٠ع) ۾ مون کي پٽ ڄائو، پر ھو گھڻو وقت نھ
رھيو. سنبت ١٨٧٨ (٢٢-١٨٢١ع) ۾ سيٺ پريتمداس کي
پٽ ڄائو، جنھن جو نالو سيرومل رکيائون. ھن کي
ٻھ ڌيون ڄايون، ھڪ سنبت ١٨٨٢ (٢٦-١٨٢٥ع) ۾،
جنھن کي آچل ٻائي چوندا ھئا ۽ ٻي سنبت ١٨٨٢
(٢٦-١٨٢٥ع) ۾ جاپيوند ٻائي ڪري سڏبي ھئي. سنبت
١٨٧٩ (٢٣-١٨٢٢ع) ۾ منھنجي ڌيءَ بيگي ٻائي ڄائي
۽ ١٨٨١ (٢٥-١٨٢٤ع) ۾، منھنجي ٻي ڌيءَ اتم ٻائي
پيدا ٿي. سنبت ١٨٨٤ (١٨-١٨٢٧ع) ۾، فيصلي کان
پوءِ، ڪراچيءَ موٽندي، اسان کي ڪوٽڙيءَ ۾ اھا
خوشخبري ملي تھ منھنجي وڏي ڀاءُ سيٺ پريتمداس
کي ٻيو پٽ، جنھن جو نالو آتمارام رکيو ويو ھو،
ڄائو ھو. اسان جڏھن ڪراچيءَ جي ويجھو ملير ۾
پھتاسين تھ اتي ٻي واڌائي ملي تھ منھنجو پٽ
ٽيڪمداس پيدا ٿيو ھو.
سنبت ١٨٨٥ (٢٩-١٨٢٨ع) ۾، منھنجو ڀاءُ پريتمداس جو وڏو پٽ سيرومل
ماتا ۾ گذاري ويو. ھندڪي رواج موجب منھنجي
ڏاڏي لعلمڻداس جي مرضي ھئي تھ اسان مان
ڪوسيرومل جي ڪرياڪرم لاءِ دوارڪا جي مشھور
تيرٿ تي وڃي. وڃڻ لاءِ گھڻائي تيار ھئا پر
منھنجي ڏاڏي انھيءَ ڪم لاءِ مون کي پسند ڪيو.
چيائين تھ مان پاڻ دوارڪار، ياترا لاءِ سنبت
١٨٤٢ (١٧٨٦ع) ۾ ويو ھوس ۽ ان کان پوءِ وري وڃي
نھ سگھيو آھيان. ائين برابر آھي تھ توکي گھر ۾
گھڻو ڪم آھي، پر چڱو ٿيندو تھ ٿورو وقت وڃي
دوارڪا جي پوتر پاڻيءَ ۾ سنان ڪري اچ. اسان
لاءِ ”ھارونگر“ نالي ھڪ ڪنيا يعني ٻن عرضن
واري ٻيڙي جا اسان جي پور بندر واري ڪوٺيءَ جي
ملڪيت ھئي، تيار ڪئي ويئي ۽ مان دوارڪا لاءِ
روانو ٿيس. دوارڪا کان مان گومتي رستي، ”ٻيٽ“
ڏانھن ويس، جا بھ ھڪ پوتر جڳھھ آھي جو اتي ھڪ
ھندن جو مندر آھي.
مان ٻيٽ ۾ ھوس تھ منھنجي ڏاڏي، ھڪ خاص قاصد جي ھٿان، مڇوي ۾،
نياپو موڪليو تھ مون کي بحرين جي گماشتن وٽان
اطلاع مليو آھي تھ عربي سمنڊ ۾ عطوفي
ڌاڙيل نڪري پيا آھن،
تنھنڪري تون احتياط کان ڪم وٺجانءِ ۽ اسان جي
اجازت کان سواءِ ڪراچيءَ موٽڻ جي نھ ڪجانءِ.
پر جيڪڏھن تنھنجي مرضي ھجي تھ ڀل خشڪيءَ رستي
مانڊوي
(مدائي) کان اچ يا تون وڃي پوربندر
۾ اسان جي ڪوٺيءَ تي مھينو اڌ رھھ، جيستائين بحرين کان ڪا وڌيڪ
خبر اچي. مان اھو خط پڙھي ڏاڍو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ
تھ ڳالھھ منھنجي دل وٽان ھئي. مان ساڳئي ڏينھن
پور بندر روانو ٿي ويس. پوربندر ۾ پھتس تھ
منھنجي دل و جان سان آجيان ڪئي ويئي ۽ ماڻھو
مون کي وڏي شان سان جلوس ۾ وٺي ويا.
اسان جي ھڪ
صديءَ جي بھ وڌيڪ عرصي کان پوربندر ۾ ڪوٺي
ھوندي ھئي. پوربندر جو محصول، سال ۾ ٽن لکن
راڻا شاھي ”ڪوڙين“
۾ نيلام ٿيندو ھو. فقط اسان جي ڪوٺي پنھنجي مال تي سال ۾
چاليھھ ھزار ڪوڙيون محصول ڀريندي ھئي. ان مان
اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ اسان جي پوربندر
واري ڪوٺي جو ڪيڏو وھنوار ھلندو ھو.
پور بندر جي راڻي جو نالو پرٿيراج ھو. ھو ان وقت پنھنجي تختگاھھ
۾ نھ پر راڻا واھھ ۾ ھڪ قلعي ۾ رھندو ھو. جو
پوربندر کان فقط چئن ڪوھن
جي مفاصلي تي ھو. راڻي کي
جنھن وقت منھنجي اچڻ جي خبر پئي تھ مون ڏي
ماڻھو موڪليائين ۽ مان وٽس. ملاقات لاءِ ويس.
ھن منھنجي نھايت شفقت سان آجيان ڪئي ۽ منھنجي
اچڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيائين. مان راڻاواھھ
۾ ھن وٽ ٽي ڏينھن رھيس. تنھن کان پوءِ مون کي
رخصت ڏنائين. چيائين تھ ھن وقت منھنجو علاج ٿي
رھيو آھي، مان پنڌرھن ڏينھن کان پوءِ پوربندر
ايندس. تون اتي مون سان گڏبين تھ مان نھايت
خوش ٿيندس. پنڌرھن ڏينھن کان پوءِ راڻو
پوربندر آيو، ۽ اچي منھنجي محل ۾ رھيو. شام جو
پنجين کان ساڍي ستين بجي تائين درٻار ٿيندي
ھئي، جتي مان سندس فرمائش مطابق روز ويندو
ھوس. راڻو پنھنجي تخت جي وچ تي رھندو ھو، ھن
جي سڄي پاسي ھن جو ڀاءُ راڻو رام سنگھھ ۽ کٻي
پاسي گونل جي راجا جو ڀاءُ موتي ڀائي، جو
پنھنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي اچي راڻي پرٿيراج وٽ
رھيو ھو، ويھندا ھئا. مون کي راڻي جي ڀاءُ،
رام سنگھھ
جي ڀرسان ويھاريو ويندو ھو. درٻار ۾ اٽڪل ستر – اسي
ماڻھو ايندا ھئا. ھو سڀ قطارون ڪري ويھندا
ھئا. درٻار ۾ ھندستان جون ٻھ ڪنڃريون ناچ
ڪنديون ھيون. درٻارين کي آفيم
جو چمچو پيش ڪيو ويو، جو ھڪ رڪابيءَ ۾ رکيل ھو. مون کي
بھ شريڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، پر مون انڪار
ڪيو، جنھن تي راڻي پاڻ پنھنجي ھٿ سان پٻڻ جي
ھڪ ڏوڏيءَ جيترو سڪل آفيم ڏنو، جنھن جي وٺڻ
کان مان انڪار نھ ڪري سگھيس. مون کي آفيم روز
ڏيندا ھئا، جو آءٌ راڻي ۽ درٻارين کي خوش ڪرڻ
لاءِ، وٺي وات ۾ پاسي کان رکي ڇڏيندو ھوس ۽
مجلس برخاست ٿيڻ کان پوءِ ٿوڪاري ڦٽي ڪندو
ھوس. پر ان جو ست تھ ضرور اندر جذب ٿي ويندو
ھو، ۽ باقي ڦوڳ ٻاھر اڇليندو ھوس.
ھڪڙي ڏينھن راڻي مون کي خانگي طرح گھرائي چيو تھ ’پوربندر ۾
منھنجو منيب اتمچند گانڌيءَ نالي ھڪ ھندو آھي.
ھن کي سال ۾ ٽيھھ ھزار ڪوڙيون (يعني ١١٠٠٠٠
سرڪاري رپيا) وظيفو ملندو آھي. مون کي تنھنجي
لاءِ عزت آھي، تنھنڪري منھنجي مرضي آھي تھ اھا
جاءِ توکي ڏيان.‘ وڌيڪ چيائين تھ ’ مون کي
پنجويھھ اعتبار جھڙا جوکيا
پنھنجي ذاتي حفاظت لاءِ
کپن‘ مون پنھنجي ڏاڏي کي لکيو، جنھن پنجويھھ
جوکيا پنھنجن ملازمن مان چونڊي موڪليا. منھنجي
ڏاڏي جي مرضي نھ ھئي تھ مان پوربندر جي منيب
جو عھدو قبول ڪيان، ڇاڪاڻ تھ مان کانئس پري ٿي
پوان ھا، تنھنڪري ھڪدم بمبئيءَ واري منيم
، جو ان وقت ڪراچيءَ ۾ موڪل تي آيل ھو، ۽ منھنجي ڀاءُ پرسرام کي
موڪليائين تھ مون کي واپس وٺي اچن.
راڻي کي جيڪي جوکيا جان جي حفاظت لاءِ موڪليا ھئائين، تن کي ھن
پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکيو ھو ۽ ھو رات ڏينھن ھن
جي خوابگاھھ تي پھرو ڏيندا ھئا. راڻي جي وڏي
زال ھن کان بدظن ٿي چڪي ھئي. ھن کي فقط ھڪ پٽ
ھو ۽ سندس مرضي ھئي تھ راڻو انھيءَ جي حق ۾
دستبردار ٿئي. راڻي اھا ڳالھھ نھ پئي مڃي ۽
چيائينس تھ ڪجھھ وقت ترس انھيءَ تي ھنن جي پاڻ
۾ اڻبڻت ٿي پئي. راڻي کي ھن مان ھر وقت
حياتيءَ جو خوف رھندو ھو. تنھنڪري ھن کي
پنھنجي لاءِ خاطريءَ جھڙا نوڪر کپندا ھئا.
پرسرام ۽ نارومل کي ھدايتون مليل ھيون تھ مون کي ھڪدم واپس وٺي
اچن ۽ مان ھنن جي اچڻ تي راڻي وٽ ويس ۽
چيومانس تھ ’ڏاڏي جو حڪم آھي تنھنڪري مون کي
ھن وٽ وڃڻو پوندو. منھنجي ڏاڏي جي مرضي آھي تھ
توھان جي آڇ قبول ڪريان، پر ڪجھھ وقت لاءِ مون
کي ضرور ڪراچيءَ وڃڻو پوندو. ڪراچيءَ مان ڏاڏي
سان صلاح ڪندس ۽ ھن جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش
ڪندس. پر جي اوھين بھ ان باري ۾ کيس لکندؤ تھ
مان خوشيءَ سان موٽي ايندس. پوءِ راڻي کان
موڪلائي، پرسرام، نارومل ۽ مان پاڻيءَ رستي،
ڪراچيءَ روانا ٿياسين، جتي اسان چيٽي
جي ڏينھن پھتاسين. آءٌ پوربندر ۾ ساڍا چار مھينا رھيس.
موٽڻ وقت، بندر تي اٽڪل ھزار ماڻھن دھلن دمامن
سان، مون سان موڪلاڻي ڪرڻ آيا. راڻي موڪلائڻ
وقت مون کي سون جا ڪنگڻ، سون جا ھار ۽ ريشمي ۽
اوني شالون ۽ منھنجي ڀاءُ پرسرام کي سونا ڪنگڻ
۽ ريشمي شال ڏني. پوربندر ۾ مان جيترو وقت ھوس
اھو ڏاڍو خوش گذريو ھوم.
جڏھن مان اڃان پور بندر ۾ ئي ھوس تھ مون کي ڪراچيءَ مان خبر
آئي، تھ سنبت ١٨٨٥ (٢٩-١٨٢٨ع) جي مانگھھ مھيني
۾ مير ڪرم علي خان رحلت ڪري ويو ھو. مان
ڪراچيءَ ۾ پھچڻ سان، ڏاڏي کي پيرين پيئي،
پوربندر جي ڪوٺيءَ جي حالت کان واقف ڪيو.
جيتريقدر مون کي بندين مان خبر پئجي سگھي ھئي.
ھو ڏاڍو خوش ٿيو. سنبت ١٨٨٦ (٣٠-١٨٢٩ع) جي
پوھھ
مھيني ۾، منھنجي گھر واري
۽ ٻار، ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان گڏجي منھنجن
ڀائرن پرسرام، تلسيداس ۽ سکرامداس جي شادين
لاءِ سيوھڻ ويا. مان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ڏاڏي
سان رھيس ويساک جي مھيني ۾، ڏاڍي ٺٺ سان
شاديون ملھائي موٽي آيا. سنبت ١٨٨٦ (٣٠-١٨٢٩ع)
جي چيٽ ميھني ۾، سيٺ دريانيمل جو ٻيو پٽ، سيٺ
اڏيرنومل گذاري ويو. ان کان مھينو پوءِ،
دريانيمل جي وڏي پٽ، سيٺ موتيرام دم ڏنو. سنبت
١٨٨٧ (٣١-١٨٣٠ع) جي ڦڳڻ مھيني جي ويده (پنچم)
منھنجي ڏاڏي لعلمڻداس، نھايت عجيب ۽ پراسرار
حالت ۾ پر ان تياڳيا. ھن کي ھڪ اک ۾ خارش ھئي
ويده پيچم ڦڳڻ
جي صبح جو ھن چلم پئي ڇڪي ۽ اسان ڏٺو تھ ٻڏو ٻڏو ٿي ويو
۽ حقي جي ڦوڪ سان نڙ بھ اندر وات ۾ ٿي ويس.
اسان پڇيس تھ سنان ڪندا؟ جواب ڏنائين تھ جيڪا
توھان جي آگيا. تنھنڪري ھندو رواج مطابق ھن کي
سنان ڪرائي کٽ
تي
ليٽايو ويو. پوءِ رپين، مھرن ۽ سيتارامين جي
مٺ ڀري دان ڪرڻ لاءِ ڏنيمانس. سڪا مٺ ۾ وٺي،
انھن جو وزن معلوم ڪري مون کي چيائين تھ ھاڻي
ورھاءِ. ھن کي سوين ماڻھو ڏسڻ آيا ۽سڀني جي
سوالن جا جواب صاف ۽ چٽي آواز ۾ پئي ڏنائين.
تنھن کان پوءِ، ھمٿ سنگھھ ۽ بھارمل ۽ مون کان
سواءِ، ٻين سڀني کي ڪمري مان ٻاھر وڃڻ لاءِ
اشارو ڪيائين. ان وقت ڪراچيءَ ۾ ميرن جو مکيھ
عملدار، جمعدار الھرکيو نياز ڪرڻ ۽ طبيعت پڇڻ
آيو ھو. الھرکيو ڪوٺيءَ جي ٻاھران کليل اڱڻ ۾
بيٺو ھو، ۽ منھنجي ڏاڏي صاف ۽ بلند آواز ۾ چيس
تھ ”مھربان سائين، ڀڳوان جي ديا کپي.“ اڃا
جمعدار الھرکيو ويو تھ ھن جي ڏکيل اک ڦرڻ لڳي
۽ تاري جو رنگ ڳاڙھو لعل ٿي ويو ۽ اک ڇنڀ ۾
ڌڻيءَ کي ياد ڪندي، ھن جو آتما پروان ڪري ويو،
ڄڻ تھ ھو ئي ڪو نھ.
ھن جي چکيا وغيره تي گھڻو خرچ آيو. ٻھ مھينا ساندھھ سڀڪنھن طبقي
جي ماڻھن ھندن خواھھ مسلمانن، مردن ۽ زالن کي
کارايو ويو. ھندو اسان وٽ اچي کائيندا ھئا ۽
مسلمانن کي گھرن ۾ کاڌو موڪليو ويندو ھو. ڪئين
ماڻھو جدا جدا ھنڌان پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا.
انھن سڀني کي روٽي پاڻي ڏنو ويندو ھو. ڪراچيءَ
جي نزديڪ رھندڙ ماڻھن کي حب، مگر پير ۽ ملير تائين، سيڌو سامان موڪليو ويو.
|