ضميمو ٨
(ليفٽيننٽ ليڪيءَ جي ١١ جون ١٨٤١ع واريءَ
رپورٽ مان حوالو، جنھن سان گڏ مڪار منشين
جي تيار ڪيل معاھدي جو ترجمو پڻ ڏنل آھي.
انھيءَ معاھدي ۾ سيٺ نائونمل سان وعدو ڪيل
آھي تھ جيڪڏھن ھو ميجر آئوٽرام کان، مير
شير محمد تي مڙھيل فوج جي خرچ جو حصو گھٽ
ڪرائي ڏيندو تھ ھن کي مٺائيءَ جو مقرر ٿيل
حصو ملندو.)
بعد ۾ ھنن خيال ڪيو تھ اسان جو منصوبو
تڏھن ڪامياب ٿيندو، جڏھن سيٺ نائونمل بھ
اسان سان شامل ٿيندو. تنھنڪري ھنن نائونمل
سان مشورو ڪيو. ھن ھڪدم اھا ڳالھھ وڃي
مسٽر ليڪيءَ سان ڪئي. جنھن ميجر آئوٽرام
جي مشوري سان کيس ھدايت ڪئي، تھ ھو منصوبي
جي ثابتي ھٿ ڪرڻ لاءِ ظاھري طور آئوٽرام
جي مرضيءَ جي ابتڙ ھلي. چنانچ، سيٺ ھنن کي
چيو تھ مون کي مير شير محمد جي ڏنل رشوت
جي پئسن مان جيڪو حصو ملندو، (ڏھھ ھزار
رپيا ھڪڙا ۽ ڏھھ ھزار رپيا ٻيا) سو لکت ۾
ڏيو. نائونمل اھڙي لکت وٺي، ڪئپٽن ليڪيءَ
جي حوالي ڪئي. ان جو ترجمو ھن ريت آھي:
منشي آوتراءِ ۽ چترسنگھھ (مير شير محمد جو
ديوان) ۽ سلامتراءِ جي ڪيل معاھدي جو
ترجمو.
اسان قبول ٿا ڪريون تھ اسان کي جيڪا بھ
رقم شيرينيءَ
طور مير شير محمد کان
ملندي، سا اسان پنھنجي ساک مطابق ڇھن حصن
۾ تقسيم ڪنداسين، جن مان ٻھ حصا نائونمل
کي ملندا ۽ باقي چار حصا ديوانن ۽ ٻين
گماشتن ۾ تقسيم ڪيا ويندا. اسان ڀڳوان
(نالو پڙھڻ ۾ نٿو اچي) جو قسم ٿا کڻون تھ
پنھنجي وعدي کان ذري ماتر بھ ڪين
ڦرنداسين. ھيءَ تحرير معاھدي طور لکي وئي
آھي.
٢. مير ميان شير محمد خان ڏانھن، ميجر
آئوٽرام جي نالي لکيل جعلي خط جو ترجمو:
”بخدمت جناب عاليشان، بلند مرتبه، جاه ۽
جلال جو مالڪ، سردارن جو سردار، دوستيءَ
جو ڄاڻو، مير ميان شير محمد خان.
خدا جو توتي ھميشه سايو ھجي. دستوري آداب
۽ نيازي بعد، ۽ (تنھنجا آداب دوستيءَ ۽
ياريءَ جي بزار کان زياده باري آھن) توھان
جي اعليٰ حوصلي دوستيءَ ۽ محبت جي زبان ۾
عرض ٿو ڪجي ۽ ساڳئي وقت ڪي زباني نياپا بھ
موڪلجن ٿا. اھي پيغام ھڪ وڏي خاندان جي
فرد، شرافت جي باغيچي جي ٻوٽي، مھربان
وفادار دوست، سيد مير سليمان شاھھ جي
معرفت موڪلجن ٿا، جو ھڪ ھڪ پيغام اوھان جي
خدمت ۾ عرض ڪندو. ماشاالله! دوستيءَ جي
تقاضا آھي تھ توھان جي مرضيءَ مطابق ڪم
ٿئي. منھنجي ۽ شان واري، سردارن جي سردار
نامدار، عزتماب، مير ميان جھان (شاھھ) خان
ٽالپر، جي وچ ۾ بيحد دوستي آھي ۽ اميد تھ
توھان سان بھ دوستي ڏينھون ڏينھن وڌندي
رھندي اميد تھ پنھنجي خير عافيت کان واقف
ڪري ممنون ڪندا رھندا. ھا ھڪ خسيس تقاضا
آھي.“ ٻيو سڀ خير.
٣. مير صوبدار ڏانھن، ميجر آئوٽرام جي
لکيل خط جو ترجمو: ”مون کي ڪجھھ وقت کان
معلوم ٿيو آھي تھ حضورمنشيءَ آوتراءِ، مير
شير محمد خان کي اسان سان ھڪ اھڙي معاھدي
ڪرڻ کان پئي جھليو آھي، جيڪو خود مير صاحب
لاءِ نھايت مفيد ثابت ٿئي ھا. منشيءَ
ڪيترا دفعا پنھنجي پاران کيس ڪوڙا پيغام
ڏنا آھن، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن شير
محمدخان اسان سان معاھدو نھ ڪري. ھن، ميرن
کي لکيو ۽ چوائي موڪليو آھي تھ مون
(آئوٽرام) ٽيھھ ھزار رپيا وٺڻا ڪيا آھن.
اھا ڳالھھ سراسر ڪوڙي آھي. اھڙو مڪار ۽
دغاباز ماڻھو توھان جي نوڪريءَ ۾ رھي،
توھان جي وقار کي نقصان پھچائيندو. انھيءَ
منشيءَ، سيٺ نائونمل سان منصوبو ڪري، ويھھ
ھزار رپيا قاضي نورمحمد ۽ ديوان سلامتراءِ
جي معرفت پنھنجي ۽ ٻين جي لاءِ گھرايا
آھن. مون کي شير محمد جي گماشتن مان معلوم
ٿيو آھي تھ منشيءَ، مير صاحب کي لکيو آھي
تھ مان خراج گھڻو گھٽ ڪرائي ڏيندس.
مان ٻڌو آھي تھ ڪن بدخواھھ ماڻھن توھان کي
چيو آھي تھ مان مير شير محمد کان ٽيھھ
ھزار رپيا خراج وٺڻو ڪيو آھي. ھي نسورو
ڪوڙ آھي. گورنر جنرل، جي سفارش کي پنجاھھ
ھزار ڪمپنيءَ جا رپيا خراج بست ڪيو آھي،
ڇاڪاڻ تھ مير جو علاقو حيدرآباد جي ميرن
کان گھڻو ننڍو آھي.
ضميمو ٩
(سنڌ جي سياسي سفير ڏانھن خط، جنھن ۾ سيٺ
نائونمل کي دڙڪن ملڻ جو احوال ڏنل آھي.)
١. آڪٽوبر ١٨٤٢ع
حيدآباد
سنڌ جي سياسي سفير جي نائب، ليفٽيننٽ
ملنيءَ ڏانھن. ڏسجي ٿو تھ آخر ميرن
(ميرنصير محمد) درياءَ جي ھن ڀر شڪار تي
وڃڻ واري ڏينھن، ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل کي
گرفتار ڪرڻ لاءِ ماڻھو موڪليا ھئا ۽ ائين
ظاھر ڪيو ھئائون تھ گرفتاريءَ جي مون
اجازت ڏني آھي. پريڊي ۽ گارڊن مون کي لکيو
آھي تھ نائونمل، حيدرآباد جي ميرن کي ٺاھھ
لاءِ خط لکڻ وارو ھو ۽ مھينو اڳ ميرن جي
اجازت ۽ پرواني ھيٺ جيڪو سامان در آمد ڪري
وڪيو ھئائين، ان تي محصول ڏيڻ وارو ھو. پر
اسان ھن کي انھيءَ ڳالھھ تان باز آندو.
ھاڻي ضروري آھي تھ اسان ميرن کي ڏيکاريون
تھ اسان پنھنجي حق تلفي ٿيڻ ھرگز نھ
ڏينداسين.
چنانچ، مون ھنن ڏي اھڙو خط لکيو آھي،جنھن
جو ترجمو ھن سان شامل آھي. مون انھيءَ خط
۾ صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو آھي. اميد تھ
توھان مون سان شامل راءِ ٿيندا تھ ھن
موقعي تي اھڙا لفظ ڪم آڻڻ ضروري ھئا. ميرن
کي، نائونمل جي گرفتار ڪرڻ جو ايتروئي حق
آھي، جيترو مون کي گرفتار ڪرڻ جو.
(٢. ليفٽيننٽ ملنيءَ طرفان مير نصير خان
ڏانھن لکيل خط، حيدرآباد، مورخ ١ آڪٽوبر
١٨٤٢ع جو اختصار، جنھن ۾ نائونمل سان جيڪو
برتاءُ ڪيوويو ھو، تنھن تي ھن احتجاج ڪيو
آھي.)
”مون کي معلوم ٿيو آھي تھ حضور جن انگريز
سرڪار جي ڏيھي گماشتي،نائونمل سيٺ کي
گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ماڻھو موڪليا آھن
۽ ان لاءِ سبب اھو ڏنو ويو آھي تھ ھن
ڇانوڻيءَ ۾ بنا محصول سامان آڻي وڪيو آھي.
ساڳئي وقت ائين بھ ظاھر ڪيو ويو آھي تھ ھن
جي گرفتاريءَ لاءِ مون کان اجازت گھري
ويئي آھي ۽ مون گرفتاريءَ جي منظوري ڏني
آھي. مون کي اميد آھي تھ ليفٽيننٽ گارڊن
کي غلط اطلاع مليو آھي. مان حضور جن کي
ڪنھن بھ وقت ۽ خاص ڪري جڏھن توھان شڪار ۾
مشغول ھوندا آھيو، تڪليف ڏيڻ مناسب نھ
سمجھندو آھيان، پر مان توھان کي ھڪ دوست
جي حيثيت ۾ ٻڌائڻ ٿو چاھيان تھ نائونمل
انگريز سرڪار جو ملازم ۽ پگھاردار آھي ۽
ھن کي انگريز سرڪار جي اجازت کان سواءِ
گرفتار ڪرڻ جو ايترو حق آھي، جيترو مون کي
گرفتار ڪرڻ جو. ٻيو ھن جيڪي ڪجھھ ڪيو آھي،
سو توھان جي پرواني ھيٺ، جيڪو توھان ڪجھھ
مھينا اڳ کيس ڏنو ھو. منھنجي سرڪار،
پنھنجن ملازمن سان بي انصافي ٿيڻ نھ ڏيندي
۽ مان توھان کي صلاح ڏيندس تھ پنھنجو حڪم
واپس وٺو. جيڪڏھن منھنجو نالو ڪم آندو ويو
آھي تھ اھا ڳالھھ غلط آھي. بلڪ مان عرض
ڪندس تھ خابروءَ کي سزا ڏني وڃي.“
(٣. مير محمد خان طرفان ڪراچيءَ ۾ انگريز
سرڪار جي ڏيھي گماشتي، نائونمل جي نالي تي
جاري ٿيل پروانو. مورخ... شعبان ١٢٥٨ھھ
(١٨٤٢ع) جو ترجمو.)
توکي اسان جي حضور ۾ حاضر رھڻ جو حڪم ٿو
ڏجي. ضروي آھي تھ ھن پرواني ملڻ شرط تون
ھڪدم خوشيءَ سان اچي اسان جي در تي حاضر
ٿيءُ. اچڻ ۾ ھڪ لمحو بھ دير نھ ڪر. ٻئي
مير توتي مھربان آھن. ھن تحرير تي عمل ڪر
۽ ھي حڪم ضروري ڄاڻ.“
٤. مير شھداد خان جو ڪراچيءَ ۾ سرڪار جي
ڏيھي گماشتي، نائونمل ڏانھن جاري ڪيل
پروانو. مورخ شعبان... ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) جو
ترجمو.)
.توکي اسان جي حضور ۾ حاضر رھڻ جو حڪم ٿو
ڏجي. تون مير نور محمد جي ڏينھن کان وٺي
اسان جو ۽ سرڪار جو پراڻو ملازم ۽
خراجگذار آھين. ضروري آھي تھ ھن پرواني جي
ملڻ شرط تون خوشيءَ سان ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي،
ڪراچيءَ مان اچي اسان جي دروازي تي حاضر
ٿيءُ. دير اصل نھ ڪجانءِ. ڄاڻ تھ سرڪار
توتي مھربان آھي. تون ھڪدم پاڻ کي ھت حاضر
ڪر ۽ اچڻ ۾ دير نھ ڪر. ھن تحرير تي غور
ڪري، حڪم جي تعميل ڪر.“
ضميمو ١٠
(ميجر ئاوٽرام ڏانھن ھند سرڪار جو خط،
تاريخ ٢٧، اپريل ١٨٤٢ع، جنھن ۾ ڪراچيءَ ۾،
سؤ رپيي ماھوار تنخواھھ تي ھڪ ڏيھي گماشتي
جي تقرر جي اجازت ڏنل آھي.
سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي سفير، ميجر
آئوٽرام ڏانھن.
”حضور، گورنر جنرل جي ھدايت مطابق عرض ٿو
ڪجي تھ توھان جو ٢٩ مارچ جو لکيل خط، نمبر
٩٢٦، جنھن ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏيھي گماشتي رکڻ جي
باري ۾ سفارش ڪيل آھي، موصول ٿيو. جواب ۾
اطلاع ٿو ڪجي تھ حضور اعليٰ جي مرضي آھي
تھ انھيءَ عھدي جو مدو سرڪار جي خوشيءِ تي
منحصر ھوندو. عھديدار کي اھا ڳالھھ واضح
ڪري ٻڌائي وڃي. انھيءَ ڪم لاءِ عھديدار کي
ھڪ سو رپيا مھينو ملندو، مگر ھن کي سرڪاري
طور مقرر نھ ڪيو ويندو.،
توھان جو ايس. ڊبليو. مئڊڪ.
سرڪار جو سيڪريٽري
ضميمو ١١
١. نائونمل جي خلاف تھمت ۽ ھن جي بري ٿيڻ
جي باري ۾ لکپرھھ.
سنڌ جي جج ائڊووڪيٽ کان ڪراچيءَ جي سابق
ڪاردار، نائونمل ڏانھن.)
٢٤. آگسٽ ١٨٤٨ع
مھربان توھان جي ٥ تاريخ واري خط جي ٢١
فقري، جنھن ۾ چيلي کان جي ھنڊيون تحفيمل ۽
ريويمل خريد ڪيون ھيون، تن جي باري ۾ ذڪر
ڪيل آھي. انھيءَ جي جواب ۾ لکجي ٿو تھ
ڪمشنر صاحب جو چوڻ آھي تھ فرض ڪجي تھ چيلي
کي ھنڊيون سرڪار کان رعايتي اگھن تي مليون
ھيون، اسان سمجھي نٿا سگھون تھ جيڪڏھن ھن،
ساڳئي اگھھ تي ٻين کي وڪيون تھ ان ڪري
توکي ڪيئن نردوش ٺھرائي سگھبو؟
مان سومر ڏانھن ١١ بجي، پرسرام ۽ کيمي جو
حساب ڪتاب چڪائيندس. ان وقت توھان حاضر
رھي سگھو ٿا. پر جي پاڻ نھ اچي سگھو تھ ڪو
عيوضي موڪلي سگھو ٿا.
(صحيح)
توھان جو ڪيٿ ينگ، ڪئپٽن
٢. گھوڙاٻاريءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر طرفان سيٺ
نائونمل (ڪراچيءَ) ڏانھن.)
١٤ نومبر ١٨٤٨ع
مھربان سنڌ جي ڪمشنر جي ھدايت مطابق، ھن
سان گڏ بمبئيءَ سرڪار جي اسٽنٽ سيڪريٽريءَ
مسٽر ڪورٽيءَ جو خط نمبر ٨٤٠، ٦، مورخ ١
نومبر ١٨٤٨ع جو نقل موڪلجي ٿو، جنھن ۾
گورنر ۽ سندس ڪائونسل جي فتوا ڏنل آھي تھ
تنھنجي خلاف بي ايمانيءَ جي تھمت ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪافي ثابتي ڪانھ آھي ۽ سرڪاري
نوڪريءَ مان برطرف ٿيڻ ڪري اوھان جي ڪردار
تي ڪنھن بھ قسم جو داغ ڪونھ ٿو لڳي.
(صحيح)
تنھنجو جي. آر. اسٽوئرٽ، ڪئپٽن
٣. آر. ڪي. پرنگل سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن
مھربان منھنجي ۽ ١ نومبر جي خط، نمبر ٦٨٤٠
جي سلسلي ۾، توھان کي اطلاع ٿو ڪجي تھ مون
کي مانواري گورنر ۽ سندس ڪائونسل حڪم ڪيو
آھي تھ ڪراچيءَ جي اڳواڻي ڪاردار، نائونمل
جي مقدمي جي باري ۾، مانواري دائريڪٽرن جي
ڪورٽ جي خط ٦، مورخ ٤، جو اختصار (فقرو ٧)
اوھان جي اطلاع ۽ ھدايت لاءِ موڪلجي.
توھان جو ڊبليو. ڪورتني.
سرڪار جو عارضي سيڪريٽري
٤. مانواري ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو خط نمبر
٦، تاريخ ٤، اپريل ١٨٤٩ع جو حوالو.)
فقرو ٧ ”ھن ڪارروائيءَ جي ڪاغذن جو غور
سان مطالعو ڪرڻ بعد، اسان جو خيال آھي تھ
نائونمل جي خلاف نوڪريءَ ۾ خيانت ڪرڻ جي
جيڪا تھمت ھئي، ان لاءِ ثابتي ڪانھ آھي،
پر جنھن صورت ۾، انھيءَ تر ۾ ھن جي خاندان
جو وڏو اثر ۽ رسوخ آھي، تنھن صورت ۾ اسان
اھا ڳالھھ قبول ٿا ڪريون تھ ھن جو ڪليڪٽر
جي دفتر ۾ مکيھ ڪاردار ٿي رھڻ مناسب نھ
آھي. پر ھن کي جيڪڏھن ڪنھن ٻيءَ سرڪاري
ملازمت ۾ رکيو وڃي تھ اعتراض نھ آھي.