سيڪشن؛ شخصيات

يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :2

 

تعارف

(مؤلف جو لکيل)

 

باب پھريون

 

سنڌ ارڙھينءَ صديءَ جي پھرين اڌ ۾ - آڳاٽا  حاڪم ٽالپر ھئا – ٽالپرن جون ٽي حڪومتون – افغانن ۽ رنجيت سنگھھ جون سنڌ ۾ حريص نگاھون – انگريزن جي مداخلت جا سبب – ڪابل جي مھم لاءِ سنڌونديءَ جي واديءَ مان گذر – حيدرآباد سان معاھدو – اميرن جون اڙيون – نائونمل جي پيدائش ۽ نسل – ٽالپرن جا ھندن سان ظلم – نائونمل جي پيءُ سان ظالمانھ ورتاءُ – نائونمل جا انگريزن سان اوائلي ناتا – سنھ ١٨٣٨ع ۾، پاٽنجر جو مدد لاءِ سوال – آئوٽرام جي سنڌ ۾ آمد – ميرن جون اڙيون – نائونمل جي آئوٽرام ۽ پاٽنجر کي واھر – آئوٽرام جو سنڌ ۾ سفير ٿيڻ – ڏيھي ماڻھن جون سازشون – نائونمل جي مير شير محمد سان ڪامياب چالبازي.

ھڪ معزز ھندوستانيءَ، جيڪو ھونئن تھ ساري ڄمار برطانيا سان وفادار رھيو ۽ ان جون خدمتون ڪيائين، پر جنھن جي وفاداري ۽ خدمتون اڄ کان بھ ڪئين پيڙھين اڳ يعني ١٨٣٧ – ١٨٤٣ع واريءَ پھرينءَ افغان لڙائيءَ جي وقت نمايان ھيون، تنھن جو ١٩١٥ع ۾ جيون چرتر شايع ڪرڻ شايد بيوقتائتو نظر اچي پر ھڪ اھڙو ماڻھو، جنھن غدر جي نازڪ زماني ۾ سر ھينري پاٽنجر، سر جيمس آئوٽرام ۽ سربارٽل فريئر جھڙين ھستين جو مڪمل اعتماد حاصل ڪيو، سو وسارڻ جي لائق نھ آھي. انھن ناميارن عملدارن، سندس اتساھھ ۽ ھمت جي بيحد واکاڻ ڪئي آھي. ھن، افغانستان واريءَ لڙائيءَ وقت پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي انگريزن جي فوج لاءِ وھٽ ۽ سيڌو سامان مھيا ڪري، ھڪ بيش بھا خدمت سرانجام ڪئي ھئي. انھيءَ خدمت جي عوض آئوٽرام کيس ”برطانيا سرڪار جو ھڪ فدائي“ ڪري سڏيو آھي، ۽ ٻيو ھڪ انگريز عملدار پڻ چوي ٿو تھ ’ان وقت اسان جو ڪراچيءَ کان وٺي قنڌار تائين، نائونمل کان سواءِ، ڪوبھ دوست ڪونھ ھو. غدر جي زماني ۾، سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي سنڌ جي عوام جي جذبات ۽ پاڙيوارن ملڪن جي سازشين جي باري ۾ جيڪي خبرون سيٺ نائونمل پھچائيندو ھو، تن کي ھو گھڻي اھميت ڏيندو ھو.‘ سيٺ نائونمل ڪافي عمر جو ھو، جڏھن سربارٽل فريئر کيس پنھنجي جيون چرتر لکڻ  جو مشورو ڏنو ۽ سندس پوٽي راءِ بھادر عالومل (عالمچند) ٽيڪمداس پڻ ان باري ۾ مٿس زور ڀريو. تنھن ڪري ھن پنھنجو جيون چرتر پنھنجي ڏيھي زبان ۾ لکيو، جيڪو ھو پاڻ پنھنجي پوٽي کي ڏاڍيان پڙھي ٻڌائيندو ھو ۽ ھو ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو ويندو ھو. نائونمل انھيءَ ترجمي جو نقل سربارٽل فريئر ڏي موڪليو. سر بارٽل فريئر جي ھڪ خط مان (جيڪو اڃا موجود آھي) سندس اھو ارادو ظاھر آھي تھ ھيءُ ڪتاب ڇپائڻ گھرجي، پر ھو صاحب ان وقت انڊين ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھن کي ايترا تھ گوناگون ۽ مشڪل فرائض انجام ڏيڻا ھئا جو ان ڳالھھ لاءِ ھن کي فرصت نھ ملي سگھي. سر فريڊيرڪ گولڊ سمڊ، سي. بي. ڪي. سي. ايس. آءِ، جنھن جو سرجيمس آئوٽرام جي سوانح عمري لکي ھئي، تنھن جو بھ اھڙوئي ارادو ھو. پر ھو صاحب بھ صحت ٺيڪ نھ ھئڻ سبب، پنھنجي ارادي کي عملي جامو پھرائي نھ سگھيو. بعد ۾ جڏھن مؤلف سنڌ جو ڪمشنر ھو، تڏھن راءِ بھادر عالومل ٽيڪمداس، ”يادگيرين“ جو ھڪ قلمي نسخو سندس حوالي ڪيو، جنھن جي ھو ھينئر ويھن ورھين جي افسوسناڪ دير کان پوءِ، اشاعت ڪري رھيو آھي، سندس رايو آھي تھ ڪم از ڪم، انھن ماڻھن لاءِ جن جو سنڌ سان لاڳاپو رھيو آھي، سيٺ نائونمل جي دلچسپ ڪھاڻي ۽ ھن جي اعليٰ ڪردار، جيڪو ”يادگيرين“ مان ظاھر ٿئي ٿو، سو گمناميءَ جي تاريڪيءَ کان محفوظ رکجي.

اول اول، مان مختصر لفظن ۾ ٻڌائڻ گھران ٿو تھ جي انھيءَ دؤر (١٨٣٠ کان ١٨٤٥ع) ۾ جنھن سان ”يادگيرين“ جي ھڪ اھم حصي جو تعلق آھي، تنھن ۾ ڏيکاريل آھي تھ انگريز سرڪار جو سنڌ ۽ پاڙي وارن ملڪن جي باري ۾ ڪھڙو نظريو ھو – سنڌ ان وقت بھ، ھاڻي وانگر، سنڌونديءَ جي ھيٺئينءَ حصي تي مشتمل ھئي. صوبي جي ڊيگھھ ٣١٠ ميل ۽ ويڪر ١٤٠ کان ١٦٠ ميلن تائين ھئي ۽ اتر ۾ بھاولپور جي مختصر ھندستاني مسلم رياست ۽ ان جي پريان پنجاب جي سک فاتح، رنجيت سنگھھ جو وسيع علائقو ھو. اولھھ طرف ان کي جبلن ۽ ماٿرين، ڪابل ۽ قنڌار (افغانستان) جي پٺاڻ حاڪمن ۽ قلات (بلوچستان) جي بروھي سردار جي علائقن کان جدا ٿي ڪيو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اوڀر ۾ ريگستان، جنھن جي پريان جيسلمير ۽ جوڌپور جون ڏيھي رياستون ھيون. ڪڇ جي رياست (بمبئي کانو)، جنھن کي ڪلر اٺين ڌٻڻين ۽ کارين سنڌ کان ڌار ٿي ڪيو، سا سنڌ سان ڏکڻ – اوڀر واريءَ ڪنڊ تي اچي ٿي ملي. سنڌ جا اصل رھاڪو ھندو ھئا. سنھ ٧١٢ع ۾، عربن جي فتح کان پوءِ، بھ ھندو گھراڻن، ساري ملڪ تي، وقت بوقت حڪومت پئي ڪئي. ٽالپرن کان اڳ، ڪلھوڙن جي دؤر تائين، بھ لاءَ ۾ ھندو حاڪم ھئا، پر اھي مقامي ھندو حاڪم، آھستي آھستي غائب ٿيندا ويا. ھندن جو تعداد نھ فقط گھڻو گھٽ ٿي ويو، پر تعصبي مسلمان کين حقارت جي نظر سان ڏسندا ھئا، پر ھو پنھنجي ھوشياريءَ، اعليٰ چترائيءَ ۽ تعليم جي ڪري وڻج واپار ۾ اڳرا رھيا ۽ مسلمان حاڪمن جي ھٿ ھيٺ سرڪاري ڍلن جا مقاطعيدار پڻ ھوندا ھئا.

سنھ ١٧٣٩ع ۾، نادرشاھھ ھندوستان تي حملو ڪري، دھليءَ کي تلف تاراج ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سنڌ ڪيترن مڪاني قومن ۽ گھراڻن جي حڪومت ھيٺ، دھليءَ جي مغل شھنشاھت جو ھڪ صوبو ٿي چڪي ھئي، پر نادر شاھھ جي فتح کان پوءِ، ھوءَ ڪابل جي ماتحت ۽ خراج گذار بنجي ويئي، اڪثر ڪري سنڌي حاڪمن طرفان وقت تي خراج ڪونھ پھچايو ويندو ھو ۽ بعضي بعضي خراج جي وصوليءَ لاءِ ٻاھرين حڪمرانن کي حملو ڪرڻو پوندو ھو، جيئن عيسوي ١١- ١٨١٠ ۾ ڪيو ويو. حقيقت ۾ سنڌ، اتر – اولھھ واري حصي ۾ شڪارپور جي مشھور شھر ۽ واپاري منڊيءَ کان سواءِ، ڪابل جو دور دراز ۽ غير اھم صوبو ھئي. شڪارپور جو شھر وچ ايشيا ۽ ھندوستان جي شاھراھھ، يعني بولان جي دڙي جي ويجھي ھنڌ آھي. ڪابل جا حاڪم ان جي حق ملڪيت کي خاص اھميت ڏيندا ھئا. ان کان سواءِ، سنڌ جو اندروني ڪاروبار، جيڪا بھ مڪاني حڪومت برسراقتدار ھوندي ھئي، سا ھلائيندي ھئي. ارڙھين صدي ۾، ھڪ مسلم درويش جي خاندان، جن جو رشتو بھاولپور رياست جي دائودپوٽن حڪمرانن سان ھو، تن قبضو ڪيو. ڪلھوڙا ھڪ ظالم قوم ھئي ۽ ١٧٨٣ع ۾ کين ٽالپر بلوچن، جن جي سردارن کي ھنن وحشاني طريقي سان قتل ڪيو ھو، تن کين ملڪ مان ھڪالي ڪڍيو. ٽالپر ١٨٤٣ع تائين برسراقتدار رھيا، جڏھن انگريزن مٿن سوڀ پاتي، تڏھن ٽالپرن جا ٽي پاڙا ھئا، ۽ انھيءَ ڪري سنڌ کي بھ ٽن حڪومتن ۾ ورھايائون. لاڙ جي حڪومت جا ٽنھي حڪومتن ۾ وڏي ۽ زياده اھم ھئي، سا قوم جي سردار مير فتح علي، جنھن جي ڪوشش سان سنڌ فتح ٿي ھئي، پنھنجي ھٿ ۾ رکي ۽ ڪلھوڙن جي گاديءَ، حيدرآباد تي قبضو ڪيو، جتي ھنن ھڪ قلعو اڏايو ھو. سرو مير سھراب کي مليو، جنھن جي گادي خيرپور ۾ ھئي. ھن پڻ بکر جي مضبوط قلعي تي قبضو ڪيو، جيڪو شڪارپور جي ويجھو، سکر ۽ روھڙيءَ جي وچ ۾، سنڌوندي جي ھڪ ٻيٽ تي آھي. ڏکڻ – اوڀر جي رياست جيڪا سڀ کان ننڍي ھئي، سا مير ٺاري خان جي حصي ۾ آئي. حيدرآباد ۾ مير فتح علي پنھنجن ٽن ڀائرن: ڪرم علي، غلام علي ۽ مراد عليءَ کي پاڻ سان حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. ھي واقعو مشرق جي تاريخ ۾ ھڪ بيمثال ڪرشمو ھو. چار ڀائر، ھميشھ پاڻ ۾ قرب سان رھندا ھئا. انھن مان جيڪڏھن ڪو گذاري ٿي ويو، تھ ان جو پٽ پنھنجي پيءُ جي حق جو وارث بڻيو ٿي. خود فتح علي کي ”رئيس“ ڪري سڏبو ھو ۽ سنڌ جي رواج مطابق پڳ جو حقدار بھ اھوئي ھو. ١٨٣٢ع ۾، چئن ڀائرن مان فقط مير مراد علي جيئرو ھو. ھو ان وقت ”رئيس“ ٿيو ۽ ھو ئي متحد حڪومت، جنھن ۾ ٻين ٽن ڀائرن جي پٽن جا حصا ھئا، تن جو وڏو ھو.

ڊاڪٽر جيمس برنس، ڪڇ جي گاديءَ مان انگريزن جي سفارتخاني جو جراح ٿي آيو. ھيءُ پھريون يورپي ماڻھو ھو، جنھن کي سنڌ جي درٻار ۾ ڳچ وقت تائين رھڻ جو موقعو مليو. ھن کي ١٨٣٠ع ۾ مير مراد علي جي ڪنھن معمولي عارضي جي علاج لاءِ گھرايو ويو ھو. ھن پوءِ، ملڪ ۽ حڪومت جي باري ۾ پنھنجا تاثرات ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيا. ھو انھيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو تھ ”ڪي مير خوشخلق ۽ نيڪ ھئا پر مير مراد عليءَ جي باري ۾ ھن جو خيال ھو تھ ھو ھڪ خود غرض، اداس طبع، لالچي ۽ خودسر حاڪم ھو. سري ۾، مير سھراب کان پوءِ ھن جو پٽ مير رستم گاديءَ تي ويٺو. ھو ھڪ نھايت شريف طبع حاڪم ھو ۽ انگريزن لاءِ ھڏ ڪرڪندو ھوس. مير ٺاري خان جي گاديءَ تي ميرپور وارو مير شير محمد ويٺو، جو انگريزن جو خيرخواه ڪونھ ھو. ”يادگيرين“ جي شروع ٿيڻ وقت، لاڙ ۾ مير مراد عليءَ جا پٽ مير نور محمد ۽ نصير خان، ۽ مير فتح عليءَ جو پٽ صوبدار خان ۽ مير غلام عليءَ جو پٽ مير محمد خان ٻين ميرن کان وڌيڪ اڳرا ۽ طاقت وارا مير ھئا. پويان ٻھ (مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان) مير نورمحمد خان ۽ نصير خان ٻنھي ڀائرن کان عمر جي لحاظ کان وڏا ھئا، مگر حڪومت جي ڪاروبار ۾ ايترو دخل ڪونھ ھوندو ھون.

انگريز سرڪار کي ڪيتري وقت تائين سنڌ جي متعلق محدود معلومات رھندي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھنن سنڌ جي حڪمرانن سان ڪنھن لاڳاپي قائم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪانھ ڪئي ھئي. سنڌ پنھنجي جداگانھ حيثيت جي ڪري، ٻاھرينءَ مداخلت کان پاڪ صاف رھي ھئي. ارڙھينءَ صديءَ ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، لاڙ جي ھڪ مشھور شھر يعني ٺٽي ۾ ڪوٺيون وڌيون ھيون، پر اھي قبل از وقت بند ڪيون ويون. انگريزن جا سفير جڏھن ٽالپرن ميرن جي ويجھو پوڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا تھ ھو پريشان ۽ بدظن نظر ايندا ھئا. مثلا ١٨٠٩ع ۾، جڏھن پھريون دفعو ھندستان تي فرينچن جي حملي جو خطو ھو ۽ کين، ٻين ڏيھي رياستن وانگر چيو ويو ھو تھ ھو فرينچن کي پنھنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نھ ڏين. پر ھنن ھميشھ لاءِ، پاڻ کي، باقي دنيا کان منقطع رکڻ جو فيصلو ڪيو. آخر، ١٨٣٠ع ۾، اھو وقت آيو، جڏھن انگريز سرڪار ھنن جي ملڪ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. ان وقت رنجيت سنگھھ، جيڪو انگريزن جو ھميھ پڪو دوست ٿي رھيو ھو، ۽ پاڙيوارن سان اڳرائيءَ ڪرڻ ۾ نھ ٽرندو ھو، سو پنجاب ۾ ھڪ پائدار حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ھن ڪشمير، ديرو اسماعيل خان ۽ ملتان جا پرڳڻا، جيڪي ان وقت تائين ھميشھ ڪابل جي ماتحت رھندا آيا، سي پنھنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيا ھئا. ھن سنڌ جي پاڙي واريءَ رياست، بھاولپور تي حملو ڪري، خراج وصول ڪيو. اھڙي طرح، رنجيت سنگھھ سنڌونديءَ جي سموريءَ ماٿريءَ لاءِ خطري جو باعث بڻيو. اھا ڳالھھ عالم آشڪار ھئي تھ سنڌ وٺڻ لاءِ ھن کي طمع ھئي، ۽ انھيءَ خيال سان ١٨٣٦ع ۾ سنڌ تي حملو بھ ڪيو ھئائين. ساڳئي وقت، ھند سرڪار، ايران ۽ افغانستان سان ساز باز ڪري، روس جو ھندستان تي فرضي حملي ڪرڻ جو منصوبو معطل ڪرڻ ٿي چاھيو. ان ڪري لازما ھنن جي نگاھھ سنڌو نديءَ تي پئي، جا عربي سمنڊ کان، اتر ھندستان ۽ ڪابل جي وچ ۾ قدرتي شاھراھھ آھي. سنھ ١٨٣١ع ۾، حيدرآباد جي اميرن، گھڻي جھنجھٽ کان پوءِ، سر اليگزينڊر برنس کي سنڌونديءَ مان گھوڙن کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. رنجيت سنگھھ کي گھوڙن جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو، ان ڪري انگلنڊ جي بادشاھھ اھي گھوڙا کيس تحفي طور موڪليا ھئا. ساڳئي وقت اھو موقعو درياءَ جي ملاحظي ڪرڻ لاءِ پڻ غنيمت سمجھيو ويو. ١٨٣٢ع ۾، ميرن ھڪ اھڙي عھدنامي تي دستخط ڪيا، جنھن موجب انگريزن کي واپار لاءِ، سواءِ فوجي اسباب ۽ ھٿيار بند جھازن جي، سنڌونديءَ جي استعمال جي اجازت ڏني ويئي. ان کان پوءِ، ١٨٣٦ع ۾ ھن مجبورا درياءَ تي ھلندڙ آگبوٽن لاءِ پنھنجن ٻيلن مان ھنن کي ڪاٺين ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان کان سواءِ، ھنن ڪپتان ڪارليس کي، ڪراچيءَ جي بندر ۽ سنڌونديءَ جي دوآبي وارن بندرن جي پيمائش جي اجازت ڏني.

سنھ ١٨٣٦ع ۾ لارڊ آڪلنڊ، ھندستان جو گورنر جنرل مقرر ٿيو. ھن ترڪستان (جنھن تي روس پيشقدمي ڪري رھيو ھو) ۽ ھندستان جي وچ ۾، ھڪ دوستانھ ۽ مضبوط رياست قائم ڪرڻ جي ارادي سان معاھدو ڪيو، جنھن مطابق ڪابل جي تخت تي سابق سدوزئي حڪمران، شاه شجاع کي (جو ڪيترن سالن کان ھندستان ۾ جلاوطن ھو) وري ٿاڦي انجام ورتو تھ ڪابل مان انگريزن جي دشمنن کي تڙي ڪڍڻ ۾ سندن مدد ڪري. لارڊ آڪلنڊ جو اھو فيصلو پوءِ نھايت پرحماقت ۽ نقصانڪار ثابت ٿيو؛ ڇاڪاڻ تھ شاھھ شجاع جي اھا بھ دعوا ھئي تھ سرو سندس موروثي ملڪيت آھي. ھو جنھن وقت برسر اقتدار آيو، تڏھن ھن سنڌ جي حڪمرانن کان زوريءَ خراج وصول ڪيو. اھا ھڪ تعجب جي ڳالھھ آھي تھ مشرق ۾ جلاوطن حڪمران، تخت وڃائڻ کا پوءِ بھ پنھنجي حمايت ۾ فوج ڪٺي ڪري سگھندا آھن! اھڙيءَ طرح شاھھ شجاع بھ جلاوطنيءَ جي زماني ۾، ١٨٣٨ع ۾ فوج وٺي، شڪارپور جي ويجھو، ٽالپر ميرن کي شڪست ڏيئي، کانئن پنجن لکن روپين (1) سالياني خراج جو وعدو ورتو. سنڌ ان وقت ٻن گھيرن ۾ ھئي: ھڪ طرف افغانن جون اکيون ھيون ۽ ٻئي طرف سکن جون. انگريزن فيصلو ڪيو تھ ھو پھريون تھ سنڌ کي ٻنھي ڌرين جي لاءِ جنگي آکاڙو نھ بنجڻ ڏيندا ۽ ٻيو تھ جنھن وقت ٽالپرن کي پنھنجي ملڪ جي دفاع ڪرڻ جي طاقت ۾ پٺتي ڏسندا تھ ھو انھن جھڳڙن جو خود تصفيو ڪندا ۽ جيڪڏھن سنڌ تي ڪو حملو ٿيو تھ ھو سنڌ کي پنھنجي سرحد سمجھي ان جو دفاع ڪندا. انھيءَ ڪري انگريز سرڪار، ميرن تي دٻاءُ آندو تھ ھو ھڪ نئين معاھدي تي دستخط ڪن، جنھن جي بدولت ھو شاھھ شجاع جي وڌيڪ مداخلت کان آزاد رھندا. انھيءَ نئين عھدنامي مان ميرن کي ھيءُ نقصان ھو تھ کين شاھھ شجاع ۽ رنجيت سنگھھ لاءِ پنجويھن يا ڇويھن لکن روکين جي ڀاري رقم ادا ڪرڻي ٿي پئي. نالي ۾ تھ ھيءَ رقم خراج جي بقايا ھئي، پر دراصل اھا شڪارپور لاءِ ڀنگ جي رقم ھئي. ان رقم مان ١٥ لک رپيا رنجيت سنگھھ کي، افغانستان تي چڙھائيءَ واري منصوبي ۾ شامل ٿيڻ ۽ مدد ڏيڻ جي عيوض ملڻا ھئا. ان کان سواءِ، سنڌ جي دفاع ۾ معاون فوج جي خرچ لاءِ، ميرن کي ٽي لک رپيا ساليانو خرچ پڻ ڏيڻو ھو. ميرن گھڻي ئي گوٿناڪي ڪئي، پر عھدنامي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي مٿن عملي طور دٻاءُ وجھڻ لاءِ، شاھھ شجاع جي امدادي فوج جو ھڪ حصو سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ لاٿو ويو، ۽ انگريزن جي جنگي جھازن جي مدد سان ڪراچيءَ تي زوريءَ قبضو ڪيو ويو. حيدرآباد جي ميرن تھ آخر ڪؤڙو منھن ڪري، عھدنامو قبول ڪيو، پر ھنن انگريزي فوج لاءِ وھٽن ۽ سيڌي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ رنڊڪون وجھڻ شروع ڪيون. انھيءَ وچ ۾ سر اليگزينڊر برنس، پنجاب جي طرف کان سري ۾ داخل ٿيو ۽ سري جي ٽالپر حڪمران، مير رستم کان، جو انگريزن جو ھميشھ ھڏ ڏوکي ھوندو ھو، ريھي ريبي، سکر ۽ روھڙيءَ جي وچ ۾ سنڌونديءَ جي ھڪ ٻيٽ تي بکر جو قلعو ورتائين. انھيءَ قلعي تي قبضي ڪرڻ سان درياءَ پار ڪرڻ آسان ھو، ۽ شڪارپور اچڻ ۾ بھ وڏي سھوليت ھئي.

ھاڻي، سيٺ نائونمل جو ذڪر ڪبو ۽ ٻڌائبو تھ ھن ڪيئن انھن مشڪلاتن ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو، جن جو انجام اھو نڪتو، جو انگريزن جو سنڌ تي تسلط قائم ٿي ويو. ھيءُ سمورو احوال، جيڪو سندس خود نوشت بيان تي ٻڌل آھي، نھايت احتياط سان چڪاسيو ويو ۽ ان ۾ ضرورت مطابق ۽ ان وقت جي ڇپيل دستاويزن جي روشنيءَ ۾، اضافو پڻ ڪيو ويو آھي.

سيٺ نائونمل پٽ ھوتچند، لوھاڻي قوم جو ھڪ ھندو واپاري ھو. ھو ڪراچيءَ جو رھاڪو ھو. جتي، ھن ١٨٠٤ع يا ١٨٠٥ع ڌاري جنم ورتو ھو. ھن جا وڏا اصل وچولي ۾ خدا آباد جي ويجھو ڪاھريءَ (1) جي ڳوٺ ۾ رھندا ھئا. خدا آباد ڪلھوڙن جي شروعاتي حڪومت واري دؤر جو پھريون گاديءَ جو ھنڌ ھو. ارڙھين صديءَ جي اوائل ۾، سيٺ نائونمل جو پڙ ڏاڏو (ڀوڄومل) خانداني اختلافن ۽ لاشڪ ڪلھوڙن جو تخت گاھھ، خدا آباد کان حيدرآباد ڏانھن (جنھن جو پايو ١٧٦٨ع ۾ ڪلھوڙن وڌو ھو)، کڄي وڃڻ سبب، وچولي مان لڏي ويو. ڀوڄومل پنھنجيءَ رھائش لاءِ کڙڪ بندر انتخاب ڪيو، جو ايراني نار يا اڃا بھ عمان جي نار (جا سنڌ کي قلات جي خان جي ملڪ کان جدا ڪري ٿي)، جي ڇوڙ وٽ ھڪ ننڍڙو بندر آھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ، اھو بندر واريءَ سان لٽجي ويو، جنھنڪري ھن پنھنجو گھر ۽ ڪاروبار ڪراچيءَ منتقل ڪيو. ڪراچي، کڙڪ بندر کان ٿورو پري ڏکڻ – اوڀر طرف، ھڪ ننڍي مياڻي ھئي. ان وقت ڪراچي قلات جي ماتحت ھئي، پر پوءِ جيئن اڳتي ھلي ظاھر ٿيندو تھ قلات جو خان ان تان حيدرآباد جي ٽالپر ميرن جي فائدي ۾ دستبردار ٿيو ھو. بندرن جو انتخاب نھايت دورانديشيءَ سان ڪيو ويو ھو، ڇاڪاڻ تھ ڪراچي سٺو محفوظ بندر ھو، ۽ ڪراچي سنڌونديءَ جي ڇوڙ جي ويجھو ھئي، جنھن ڪري کيس پاڻيءَ رستي، اندرين ملڪن سان واپار ڪرڻ جي سھوليت ھئي. بندر کان سواءِ ڪراچي ڪا اھڙي دلفريف جڳھھ ڪانھ ھئي. پاڻي کارو ھو، ۽ گرد و نواح، يعني اتر خواه اوڀر طرف، ٥٠ ميلن ۾ سنڌ جي زرخيز دو آبدي تائين، اٺن چارڻ جي لائق، ھڪ ويران پھاڙي علائقو ھو.

سيٺ ڀوڄومل جنھن جي نالي پٺيان ھن جو اولاد اڄ تائين پاڻ کي ”ڀوڄواڻي“ سڏائيندو آھي، ھڪ جانباز شخص ھو ۽ ڪافي دولت گڏ ڪئي ھئائين. ھنن جي ڪوٺيءَ جون وچ ايشيا ۽ ھندستان ۾ گھڻيون ئي شاخون ھيون. ممڪن آھي تھ سيٺ نائونمل پنھنجن وڏن جي تجارتي ڪاميابيءَ جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم وٺندو ھجي، مگر اڄ تائين شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ھندن جا اھڙا ڪارخانا آھن، جن جون شاخون بخارا، سمرقند، ماسڪو، پيٽرو گراڊ، بلڪ قاھره ۽ لنڊن جھڙن ڏورانھن شھرن ۾ سندن رشتيدار سنڀاليندا آھن. سچ پچ تھ ھندن جنھن جانبازيءَ ۽ جرئت سان حڪمرانن جي ظلم ۽ وحشي قومن جي جور ۽ ستم ھوندي،  وچ ايشيا جي غير مھذب قومن جي وچ ۾ وڻج واپار پئي ڪيو آھي. تنھن ڳالھھ جي سمورن سياحن ھميشھ واکاڻ ڪئي آھي. تنھنڪري سيٺ نائونمل، پنھنجي خاندان جي دور دراز واپاري ناتن جو جيڪو ذڪر ڪيو آھي، تنھن ۾ ذري ماتر بھ شڪ ڪرڻ نھ کپي. حقيقت ھيءَ آھي تھ سنڌ ۾ واپار جا موجد ھندو آھن، جي شروع کان وٺي حڪومت جي مالي امداد ڪندا ھئا ۽ سندن، پنھنجن مسلمان حاڪمن تي بھ خاصو اثر ھوندو ھو. جيتوڻيڪ ھو کين حقارت جي نظر سان ڏسندا ھئا.

سنڌ جي ٽالپر اميرن جي اسي ورھين جي حڪومت جي دؤر ۾، ھندن جي حالت نھايت دکدائڪ ھئي. مير، شيعا فرقي جا مسلمان ھئا. ھو فطرتا نيڪ، بامروت ۽ خوش خلق ھئا، پر مشرڪن جي باري ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندا ھئا. لاڙ ۾ جيڪڏھن ڪنھن بدنصيب ھندوءَ کان ڪا معمولي خطا ٿيندي ھئي، تھ ان کي جھلي، ڪلمو پڙھارائي، طھرائي ڇڏيندا ھئا. بعضي بعضي تھ ھو اھڙو بيدرديءَ جو ڪم رؤنشي خاطر ڪندا ھئا. ھت ڊاڪٽر برنس جيمس، جنھن جو ذڪر اڳتي ٿي چڪو آھي، تنھن جو ھڪ حوالو ڏجي ٿو، جنھن ۾ ھندن سان جيڪا ھلت ٿيندي ھئي، ان باري ۾ سندس تاثرات ڏنل آھن. ڊاڪٽر برنس ھڪ ھندو رياست ۾ رھندو ھو، تنھنڪري ھن جي دل ۾ مسلمان حڪمرانن جي خلاف شايد ڪجھھ تعصب ھجي، پر ھن جي بيان ۾ گھڻو وڌاءُ ڪونھ ٿو ڏسجي. ھو لکي ٿو تھ ”ميرن جو ظلم ۽ ڏاڍ سڀ کان زياده سندن تبليغي سرگرمين مان ظاھر ٿئي ٿو. عقل ان ڳالھھ سمجھڻ کان قاصر آھي تھ ھندو ھن ملڪ ۾ ڇو رھيا پيا آھن؟ ان لاءِ فقط ھڪ سبب ٿي سگھي ٿو، سو آھي پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ محبت. ان باري ۾ انسان ۽ نباتات ھڪجھڙا آھن. ھندن سان نھايت صبر آزما عقوبتون ٿينديون ھيون. ھنن کي زوريءَ مسلمانڪو لباس اوڍڻو پوندو ھو. ڪيتري وقت تائين تھ ھنن کي گھوڙي تي چڙھڻ جي اجازت بھ ڪانھ ھوندي ھئي. جن ڪامورن کي گھوڙي تي سوار ڪرڻ جي اجازت مليل ھئي، تن کي وري زين ڪم آڻڻ جو اعزاز ۽ آسائش حاصل ڪانھ ھئي. ڪيترا شاھوڪار ۽ معزز واپاري گڏھن ۽ خچرن تي سواري ڪندا نظر ايندا ھئا. حالانڪ اھا جنس اھڙي ناپاڪ سمجھي ويندي آھي، جو ٻين ملڪن ۾ ان کي ڇھندو بھ نھ آھي. جڏھن ڪو متڪبر مسلمان رستي سان لنگھندو آھي، تڏھن ھندن کي انھن نيچ وھٽن تان بھ لھي پاسو وٺي بيھڻو پوندو آھي.

مسلمانن کي ترغيب ڏني ويندي آھي تھ سنڌ ۾ جيڪي بھ ڪفر جون نشانيون نظر اچن، تن جو خاتمو آڻين. برھما جي بدنصيب ۽ اڀاڳن پوئلڳن کي، مذھب جي آزادي بھ ڪانھ آھي! گھنڊ جو آواز ورلي ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. اجازت کان سواءِ گھنڊن وڄائڻ جي منع آھي. حيدرآباد ۾ بنا مورتين جي ڪي مندر آھن، پر انھن جي ديوارين مان بھ گاني بجاني جو پڙلاءُ ڪونھ پوندو آھي. ڪٿي بھ ٻھ مومن جيڪڏھن شاھدي ڏين تھ ھڪ ھندوءَ، قرآن جي ڪي آيتون يا ڪلمو پڙھيو آھي، تھ اھا شاھدي ھن جي ھڪدم سنت ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڄاتي ويندي آھي. ھيءَ ھڪ رواجي ڳالھھ آھي، پر مظلوم ھندو ان کي سڀ کان زياده ۽ وڏي آپدا ڪري سمجھندا آھن. مسلمانن کي ٿورڙوئي ڪو بھانو ملندو آھي تھ اھا ڪاروائي اختيار ڪندا آھن. وڏي ڳالھھ تھ ظاھر ائين ڪيو ويندو آھي تھ اھا مظلوم جي ڀلائي لاءِ آھي ۽ ان ۾ ھن جو محشر چڱو ٿيندو. اھڙيءَ طرح ھن جي جسماني عذاب ۾ دماغي ڪاوش جو اضافو ڪيو ويندو آھي.“

ڊاڪٽر برنس جي پنھنجي شاھدي آھي تھ ھڪ موقعي تي ھن پاڻ ھڪ ھندو واپاريءَ جي خلاف شڪايت ڪئي، تھ وڏي مير ھڪدم واعدو ڪيو تھ ’مجرم کي سزا طور، زوريءَ سچي دين ۾ داخل ڪيو ويندو.‘ تنھنڪري اھا ڪا غير طبعي ڳالھھ ڪانھ ھئي تھ ھندو، جن جي ملڪ تي مسلمانن جي مختلف خاندانن صدين جون صديون حڪومت ڪئي ھئي، ۽ جن لاءِ ھنن جي دلين ۾ ڪا محبت ڪانھ ھئي، سي حڪومت جي تبديليءَ جي خواھش رکن. خصوصا جڏھن ھنن ڏٺو پئي تھ ڪڇ جي پاڙيسري حڪومت ۾، ھندو ھڪ ھم – ڌرم حڪمران جي ھٿ ھيٺ سندن مقابلي ۾ وڌيڪ آرام جي زندگي بسر ڪري رھيا ھئا. لاشڪ ھن ھندوستان ۽ ڪڇ ۾ پنھنجن مقيم گماشتن کان بھ انگريزن جي طاقت ۽ انصاف جون ڳالھيون ٻڌي فيصلو ڪيو ھجي تھ ڪو موقعو ملي تھ انگريزن جي سايي ۾ رھجي.

١٨٣٢ع ۾ ھڪ ڪٽر مسلمان ڪراچي ۾ ھندن جي خلاف احتجاج اٿاريو ۽ لاڙ جي ڪن وڏن شھرن ۾ جھاد جو پرچار ڪيو ۽ مشرڪن جي خلاف مومنن کي ڀڙڪايو. اھڙا فساد مغرب ۾ ھميشھ حڪرانن لاءِ مٿي جو سور ھوندا آھن، خواھھ انھن جو مذھب ڪھڙو بھ ھجي. سيٺ نائونمل جو پيءُ، سيٺ ھوتچند، ڪراچيءَ جو ھڪ نھايت بااثر فرد ۽ سنڌ جي ھندن جو اڳواڻ ھو. ڪراچيءَ ۾ جي فساد شروع ٿيا ھئا، تن جو ھو خاص نشانو بڻايو ويو. چنانچھ وڏي مير، مراد عليءَ، ھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ڪري صدقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مير جي چشم پوشيءَ سان ڪي تعصبي ماڻھو ھن کي زوريءَ اغوا ڪري دوآبي ۾ ڪنھن مسلم درگاھھ تي وٺي آيا. ھن جو پٽ نائونمل، اھا ڳالھھ قبول نٿو ڪري تھ ڪو پڻس کي طھر ڪرائي، ذليل ڪيو ويو ھو. پر سنڌ جا ماڻھو ھميشھ ان ڳالھھ جا قائل رھيا آھن تھ سنت ادا ڪئي وئي ھئي. بند ۾، سيٺ ھوتچند، ڌرم مطابق کاڌو نھ ملڻ ڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويو ھو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ، سيٺ ھوتچند ميرن جي برتاءُ کان بيزار ٿي وڃي ڪڇ ۾ پناھھ ورتي، جتي اتان جي راجا، جنھن کي ”راءِ“ چوندا آھن. ھن جي ھمدرديءَ ۽ عزت سان آجيان ڪئي.

سيٺ نائونمل کي ميرن جي باري ۾، جن ھن جي پيءُ سان ھھڙيون عقوبتون ڪيون ھيون، تلخيءَ پيدا ٿيڻ لاءِ ڪافي سبب ھو. ھن اھو فيصلو ڪيو ھو تھ پيءُ جي انتقام وٺڻ لاءِ ۽ عام ھندن جي بھبوديءَ لاءِ کين غلاميءَ جي طوق مان آزاد ڪرائڻ جو موقعو ملي، ان کي غنيمت ڄاڻجي. غالبا، سيٺ نائونمل  جي ڪڇ جي مقامي سفير ڪرنل پاٽنجر سان پھرين ملاقات ١٨٣٢ع ۾ ٿي ھئي، جڏھن ھو سنڌونديءَ ۾ تجارتي جھازن ھلائڻ جي اجازت وٺڻ جي سلسلي ۾، معاھدي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيو ھو. ان کان پوءِ ھو ھنن سان دوستانھ تعلقات وڌائڻ جي ھميشھ ڪوشش ڪندو رھيو.پوءِ سر اليگزينڊر برنس، سان بھ واقفيت ڳنڍي، ۽ ليفٽيننٽ جان ڪين کي، جو بعد ۾ قلات جو سياسي عملدار مقرر ٿيل ھو، تنھن کي پڻ مختلف قسمن جي مدد ڪئي ھئي. ان کان سواءِ، ڪئپٽن ڪاريس ڪن ٻروچن جي ايراضيءَ ۾ بنا اجازت شڪار ڪرڻ ويو ھو، جتي کيس قاتلانھ حملي کان سيٺ نائونمل بچايو ھو. مطلب تھ ھن کي جڏھ بھ موقعو ملندو ھو، تڏھن ھو انگريزن جي خدمت ڪندو ھو.

آخر ١٨٣٨ع ۾، ڪڇ جي مقامي سفير، ڪرنل پاٽنجر، جنھن ان وقت ڪڇ ۾ وھٽ پئي گڏ ڪيا، سيٺ نائونمل کي لکيو تھ ھو جنرل ڪين جي فوج کي اٺن ۽ سيڌي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري، ڇاڪاڻ تھ ھند سرڪار، سنڌ جي رستي، شڪارپور ڏانھن ھڪ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جتي سر وليم مئڪناٽن ۽ شاھھ شجاع بھ پنھنجن فوجن سان ان جو انتظار ڪري رھيا ھئا. سيٺ نائونمل، ميرن جي مڪاني عملدارن جي مخالفت ھوندي بھ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي، اھي تقاضائون پوريون ڪيون. فقط اھي ماڻھو، جي سيٺ کي چڱيءَ طرح سڃاڻن، محسوس ڪري سگھندا تھ سيٺ نائونمل جو وحشي ٻروچن تي ڪيترو نھ اثر ھوندو ھو. ھن ميرن جي کلم کلا مخالفت ھوندي بھ، ايتري ٿوري وقت ۾ ھڪ غير قوم جي ماڻھن کي گھربل اٺ ۽ ٻيو سامان مھيا ڪري ڏنو. ڪراچيءَ جي آسپاس جابلو ۽ ويران علائقو آھي. جتي زبردست قومون، جھڙوڪ جوکيا، نومڙيا، ڪرمتي ۽ ڇٽا ۽ ٻيون ڪيتريون زبردست ۽ سرفروش قومون، بلوچ سردارن جي اڳواڻيءَ ھيٺ رھنديون ھيون، جن جي دولت جو ذريعو اٺ ھوندا ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ سيٺ انھن کي پنھنجي تجارتي ڪاروبار لاءِ اڳيئي اٺ ڀاڙي ڪندو ھجي، ۽ انھيءَ ڪري انھن سان چڱي آشنائي ھجيس. ممڪن آھي تھ ھو، ھڪ دولتمند جي حيثيت ۾، انھن جي مالي مدد بھ ڪندو ھجي. ھڪڙو ھندو، ميرن جي عملدارن جي مخالفت ھوندي، ھڪ مختصر عرصي ۾، ايترا اٺ مھيا ڪري ڏئي سگھي! اھا ڳالھھ ڏيکاري ٿي تھ ھو ڪيڏي نھ حوصلي وارو انسان ھو.

سر جان ڪين، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ پھتو، تنھن کان پوءِ جلدئي ميجر (پوءِ ”سر“) جيمس آئوٽرام، جو انھيءَ مھم ۽ از خود شامل ٿيو ھو، سو ٻيڙيءَ رستي ڪراچيءَ ۾ انھيءَ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو تھ سيٺ نائونمل، جنھن کي ھو ھڪ ”غريب واڻيو“ ڪري سڏيندو ھو، سو اٺن ھٿ ڪرڻ ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيو آھي. ڪراچي ان وقت ھڪ گمنام مڇي مياڻي ھئي، جتي ھڪ – ٻھ شاھوڪار واپاري رھندا ھئا. ھو ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل جي گھر ۾ رھيو. ان کان پوءِ ھو تمام سخت تڪليفن وارو سفر ڪري، ريگستان لتاڙي وڪر پھتو، جتي سر جان ڪين جي فوج منزل انداز ٿي ھئي. ھن جي سيٺ نائونمل سان اڌ رستي ۾ گھاري وٽ پھرين ملاقات ٿي، جتي سيٺ اٺن خريد ڪرڻ لاءِ ترسيل ھو. نائونمل سان ملي، ھو اڪيلو ٩٥ ميلن جو سفر ڪري موٽي اچي جھازن تي پھتو. اڳتي ھلي سيٺ پاڻ ٻڌائيندو تھ ھن ڪيئن انگريزي فوج کي سنڌ مان لنگھڻ وقت، مختلف طريقن سان سوارين ۽ ٻئي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

ياد رھي تھ سنڌ جا مير تمام بھانھ ساز ۽ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ  ھئا. سر جان ڪين جي اچڻ کان اڳ ھنن اٺن ۽ سيڌي گڏ ڪرڻ لاءِ اجازتنامي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، پر جڏھن اھو وقت آيو تھ ھو کيس اٽلو ڌمڪائڻ لڳا. پاٽنجر مجبور ٿي کين سندن واعدا ورجايا. ھڪڙي مير تھ دوآبي ۾، فوج جي نقل و حرڪت وقت، حيدرآباد جي ويجھو، حملو ڪري نائونمل جو گڏ ڪيل ذخيرو پسپا ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد ۾ ٻروچن جو ايڏو تھ لشڪر اچي ڪٺو ٿيو جو پاٽنجر سمجھيو تھ انگريزن جي فوج تي اجھو ٿو حملو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ عين ان وقت پاٽنجر، بحسب حڪم، ميرن وٽ ھڪ عھدنامي جو مسودو پيش ڪيو ھو. جو ھر لحاظ کان انھن لاءِ ناگوار ھو. جڏھن صورتحال نازڪ ٿيڻ لڳي، تڏھن اطلاع آيو تھ انگريزن جو بحري ٻيڙو ڪراچيءَ پھتو ھو، جتي ميرن جي مقامي عملدارن حماقت کان ڪم وٺي مٿس بندوقبازي ڪئي ھئي، ۽ موٽ ۾ آڙماڙ شھر تي قبضو ڪيو ھو. اتي ميرن جا ڍڍر ڍرا ٿيا ۽ پاٽنجر جي حڪمت عمليءَ سان فوج کي بنان روڪ ٽوڪ جي لنگھڻ جي اجازت ملي ۽ عھدنامو منظور ٿيو. سيٺ نائونمل پنھنجي جانفشاني ڪندو رھيو، ۽ پنھنجي ڀاءُ ۽ نوڪرن کي، اتر ڏانھن يعني شڪارپور تائين فوج سان ھم رڪاب ڪري موڪليائين. پاٽنجر لکي ٿو تھ: ”١٨٣٩ع ۾ نائونمل ۽ سندن خاندان جي مدد کان سواءِ بمبئيءَ جو فوجي دستو بنگال جي فوج سان اتصال ڪري نھ سگھي ھا.“ ڪرنل پريڊي، جو پڻ ان موقعي تي حاضر ھو، سو چوي ٿو تھ ’جنھن صورت ۾ اسان جي ڪاميابيءَ جو سارو دارومدار تيز رفتاريءَ تي ھو، تنھن صورت ۾ تسليم ڪرڻو پوندو تھ نائونمل حڪومت جي خاصي خدمت ڪئي آھي.‘

مارچ ١٨٣٩ع ڌاري، بمبئيءَ جو فوجي دستو شڪارپور کان قنڌار ۽ ڪابل ڏانھن روانو ٿي چڪو ھو ۽ آئوٽرام پڻ انھن سان گڏ ھو. سيٺ نائونمل، ڪرنل پاٽنجر سان گڏجي ڪڇ ويو ۽ ھن جي ڪڇ خواھھ سنڌ ۾، مختلف نمونن سان مدد ڪيائين، جن جو تفصيلوار ذڪر ”يادگيرين“ ۾ ڪيل آھي. پاٽنجر پوءِ موڪل تي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي، جنوري ١٨٤٠ع ۾، آئوٽرام جنھن اڳيئي نمايان فوجي خدمتون سرانجام ڪيون ھيون، لاڙ جو سياسي سفير مقرر ٿيو ۽ سري جون گر انبار سياسي ذميداريون بھ ھن تي مڙھيون ويون. آئوٽرام جڏھن پنھنجو نئون عھدو سنڀاليو تھ سيٺ نائونمل بھ اچي ھن سان شامل ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي ھو، غالبا ھن جي عملي جو ھڪ فرد ٿي ڪم ڪندو رھيو. سرڪاري دفتر ۾ ڪيترا واقعا بيان ٿيل آھن جي ان ڳالھھ جي تصديق ڪن ٿا تھ ان وقت ميرن ۽ ھنن جي عملي ۾ وڏا فتنا پئي ھليا، اھڙي موقعي تي سيٺ نائونمل جي وفاداري خاص اھميت رکي ٿي. سفارتخاني جي عملي جو وڏو منشي، ڄيٺا نند نالي، ھڪ ھندو ھو، جو ١٨٣٨ع کان اڳ، ڪيترا سال، حيدرآباد ۾، پاٽنجر جو گماشتو ٿي رھيو ھو. ھيءُ ماڻھو مڪار ۽ راشي ثابت ٿيو ۽ نائونمل ھن جو بدعنوانيون ظاھر ڪري ڏيکاريون. ھن گھڻيون ئي خطائون ڪيون ھيون. ھن جو ھڪ جرم اھو ھو، جو سندس قبضي ۾ مير نصير خان جو ھڪ رقعو ھو، جنھن ۾ سرحد پار جي سردارن کي انگريزن تي حملي ڪرڻ جي ھشي ڏنل ھئي. منشيءَ، ميرن کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ، اھو خط ھٿ ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ھو. ٻيو، آئوٽرام جي جڙتو صحيح ۽ مھر سان، ھڪ جعلي رقعو تيار ڪري ان جي مدد سان ھڪ غير مستحق مير لاءِ ڪجھھ زمين ۽ لوازمات منظور ڪرايا ھئائين. ان وقت، مير پور جي واليءَ مير شير محمد سان، مڪاني فوج جي خرچ لاءِ کانئس حصي وٺڻ متعلق ڳالھيون ٻولھيون ھلي رھيون ھيون، جنھن جي باري ۾ حيدرآباد جي ميرن سان اڳيئي معاھدو ٿيل ھو. مير شير محمد جي مرضي ھئي تھ کانئس جيترو ٿي سگھي اوتري گھٽ رقم ورتي وڃي. ھو منشين جي صلاح سان ويھھ ھزار رپيا رشوت ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. منشيءَ تي انھيءَ جرم ثابت ڪرڻ لاءِ سيٺ نائونمل، آئوٽرام جي چوڻ تي، منصوبي ۾ شامل ٿيو. ٿوري وقت ۾، ھن منشين کان کليل قبوليت حاصل ڪري پيش ڪئي(ڏسو ضميمو ٨).

بعد ۾ سيٺ نائونمل ھڪ مجرمانھ خط ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو مير شير محمد، مير صوبدار کي لکيو ھو. آئوٽرام جو خاص زور ھو تھ اھو خط ھٿ ڪجي. سيٺ نائونمل خط ھٿ ڪيو، پر ھن جي تنبوءَ مان چوري ٿي ويو، جنھن تي آئوٽرام کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ سخت ناراض ٿيو، پر نائونمل جي ديانتداري مسلم ھئي، نھ تھ چوريءَ جي ڏند ڪٿا تي ڪوبھ ماڻھو اعتبار نھ ڪري ھا ۽ ھن جي نيڪناميءَ کي عمر ڀر ٽڪو لڳي ھا. ان وقت سيٺ نائونمل ھڪ خاص خدمت سرانجام ڪئي، جنھن جو ”يادگيرين“ ۾ تفصيلوار ذڪر ڪيل آھي. ھي ١٨٤٠ع جي آخر جو ذڪر آھي، جڏھن گجرات کان ڪڇ جي رستي، ٻيلاري (1) تائين، مير شير محمد جي علائقي جي سرحد تي ھڪ ڳوٺ آھي، ڪمڪ اچي رھي ھئي ۽ آئوٽرام کي خاطري نھ پئي ٿي تھ مير شير محمد ڪا مخالفت ڪانھ ڪندو (جيئن ٻھ سال اڳ حيدرآباد جي ميرن رنڊڪن وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي). تنھنڪري ھن پھرين دستي کي ترسائي، سيٺ نائونمل کي مير شير محمد جي گاديءَ ڏانھن موڪليو. ھن کي وڏي خبرداريءَ سان سياسي ھدايتون ڏنيون ويون ھيون تھ مير سان ڪابھ ڳالھھ ٻولھھ نھ ڪري. آئوٽرام جي اھا دورانديشي (ضميمو ٧) ڏيکاري ٿي تھ نائونمل انھيءَ فرمائش کي ڪھڙيءَ نھ خوش اسلوبيءَ سان نباھيو ھو. فوج، سواءِ ڪنھن جھڙپ جي، خير سان لنگھي وئي. مير معاھدو قبول ڪيو ۽ انگريز سرڪار کي اڌ لک رپيا ساليانو خرچ جي حصي ۾ ڏيڻا ڪيائين. انگريز سرڪار ھن جي علائقي تي، ٻاھرين حملن کان حفاظت ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي ھموار ڪئي. مير شير محمد واري معاھدي جي تصديق ١٦ – آگسٽ ١٨٤١ع ۾ ڪئي ويئي. انھيءَ معاھدي جا بھ اھڙائي شرط ھئا، جھڙا حيدرآباد جي ميرن ١١- مارچ ١٨٣٩ع واري معاھدي ۾ قبول ڪيا ھئا. ٻنھي معاھدن مطابق سنڌو نديءَ تي محصول ڪيا ويا ھئا، فقط رواجي ڪسٽم جا لوازما ڏيڻا ھئا:

 


(1)  لک معنيٰ سؤ ھزار. ان وقت لک روپين جي قيمت ڏھھ ھزار پائونڊ ھئي.

(1)  مؤلف، ڪاھري ۽ خدا آباد جا شھر ١٨٧٠ع ۾ ڏٺا ھئا. انھيءَ وقت بھ انھن جي زبون حالت ھئي. يادگار طور، فقط خاندان جي پھرئين حاڪم، يار محمد ڪلھوڙي جو شاندار مقبرو قائم ھو. عمارت ۾ اندر ڪيترا ڏنڊا ٽنگيل ھئا، جن انھيءَ ڳالھھ جي تصديق پئي ڪئي تھ سنڌ جو اھو حصو ڪلھوڙن، پنھورن جي قوم کان آسانيءَ سان ورتو ھو. ڏنڊن رکڻ جي مراد ھئي تھ لڙائيءَ ۾ تلوارن جي استعمال جي بجاءِ لوڙھين ۽ ڏنڊن جو استعمال ڪيو ويو ھو.

(1)   ٻيلاري يا ٻيلياري ڪڇ جي رڻ جي اتر واري ڇاڙ تي سنڌ جي طرف  ڪڇ جي ويجھي ۾ ويجھي ڳوٺ، ڍور باتا کان ٣٠ ميل پري آھي. فوج جو ھڪ حصو ڀڄ کان، رڻ مان ھڪ مشھور رستي وٺي ٿي آيو. غالبا ٻيلاري، مير شير محمد جي علائقي ۾ پھرين منزل ھجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org