باب ڏھون
فريئر جي سنڌ کان موڪلاڻي- ھند- سرڪار جو
نائونمل لاءِ دائمي جاگير ۽ ٽن پيڙھين
لاءِ پينشن جي سفارش قبول ڪرڻ- نائونمل جي
ڪيلڪٽر جي پسند ڪيل زمين قبول ڪرڻ- عالومل
جي شادي، فريئر جو بمبئيءَ جو گورنر مقرر
ٿيڻ- نائونمل کي ڪوٺ- گورنمنٽ ھائوس ۾
تقريب- پورگھاٽ ريلوي جو افتاح- دکن جي
تيرٿن جي ياترا- نائونمل کي سي. ايس. آءِ
جو خطاب ملڻ- نائونمل جي اعزاز ۾ ڪمشنر جي
درٻار، فريئر جي ڪراچيءَ ۾ درٻار ۽
نائونمل کي پنھنجن ھٿن سان سي. ايس. آءِ
جي تمغي سان نوازڻ، عالومل کي فريئر جي
ھٿان بي. اي جي سند ملڻ- نائونمل جي
معلومات جا ذريعا پوين کي نصيحت خاتمو.
سنبت ١٩١٤ (٥٨-١٨٥٧ع) ۾، منھنجو ڀاءُ
بريتمداس گذاري ويو. ساڳئي سال جي بڊراپک
مھيني ۾ مون کي دل ۾ خيال آيو تھ مون
پنھنجي جواني ١٨٣١ع کان وٺي اڻٿڪ سرجوشيءِ
سان انگريز سرڪار جي ٻيلھپي ۾ گذاري آھي،
بيش بھا ۽ اھم خدمتن ادا ڪرڻ جي ڪوشس پئي
ڪئي اٿم ۽ منھنجو سمورو وقت سرڪار لاءِ
وقف ٿيل ھو، جنھنڪري انھيءَ عرصي ۾ منھنجا
ڌنڌا ڌاڙيون رلي ويا ۽ مون اھو سمورو وقت
گھران خرچ ڪري، پنھنجي خانگي عملي سان
سرڪار جي خدمت ڪئي آھي، مون کي ان مان
ڪھڙو فائدو ٿيو آھي؟ انھيءَ تڪليف جو مون
کي ڪھڙو عيوضو مليو آھي؟ اھو خيال ڏاڍو
دکدائڪ ھو، ۽ منھنجي دل ھڪدم ڀرجي آئي.
آءٌ ان وقت سڌو سربارٽل فريئر ڏانھن ويس.
ھو سمجھي ويو تھ ھن جي دل تي ڪو بار آھي.
صحت جي باري ۾ سوال ڪيائين، چيومانس تھ
”مون سرڪار لاءِ ڇا نھ ڪيو آھي، پاٽنجر،
آئوٽرام، ۽ نيپئر جي ڏينھن ۾ مون نھايت
مشڪل ۽ صبرآزما خدمتون انجام ڏنيون آھن.
مان سمجھان ٿو تھ سرڪار مون کي بلڪل وساري
ڇڏيو آھي. آئوٽرام ۽ نيپئر جي ڏينھن ۾ مون
جيڪي خدمتون ڪيون ھيون، تن جي عيوض مون کي
ڏک ۽ رنج کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ھڙ حاصل
ڪونھ ٿيو آھي. شايد منھنجون خدمتون سرڪار
جي ڌيان تي ڪونھ آنديون ويون آھن، نھ تھ
جيڪر مون تي مھربانيءَ جي نظر ضرور ڪئي
وڃي ھا. ائين چوندي، مون ان وقت ٿڌو ساھھ
ڀريو. سر بارٽل محسوس ڪيو تھ مون سان ڪافي
زيادتي ڪئي وئي آھي. چيومانس تھ ھاڻي
پيرسن ٿيو آھيان، ڪجھھ ڪري بھ نٿو سگھان.
منھنجي جوانيءَ واري ڄمار سرڪار جي ئي
خدمت ۾ گذري آھي، منھنجون اڳوڻيون واپاري
ڪوٺيون ۽ وھنوار ٻين جي ھٿن ۾ اچي ويا
آھن. ھاڻي مون کي دنيا ۾ وري نئين سر
حياتي شروع ڪرڻي پوندي. سر بارٽل منھنجي
عرض کي نھايت لطف ۽ ڪرم سان ٻڌو ۽ دلاسو
ڏيندي چيائين تھ مون کي تنھنجي سموري خبر
آھي، تون مون کي ياد آھين. مون تنھنجي
لاءِ ”راءُ بھادر“ جي خطاب ۽ سٺ رپين
ماھوار پالڪي
لاءِ وظيفي جي سفارش
ڪرڻ وارو آھيان. مون ھن جو شڪريو ادا ڪيو
۽ چيومانس تھ ”راءُ بھادر“ جو لقب ۽
پالڪيءَ جو معاوضو تھ منھنجي خواب و خيال
۾ بھ نھ ھئا.“
ٿوري وقت کان پوءِ، سر بارٽل فريئر ڪلڪتي
۾، ھند سرڪار جي ڪائونسل جو ميمبر مقرر
ٿيو. سنڌ جي ماڻھن کي جڏھن خبر پيئي تھ
سندن پيارو حاڪم جلد وڃڻ وارو آھي، تڏھن
کين ڏاڍو ڏک ٿيو. جيئن جيئن ھن جي
موڪلاڻيءَ جو ڏينھن ويجھو ايندو ويو، تيئن
سنڌ جا سڀ وڏا ماڻھو، مير خواھھ ٻيا، ھن
جي تعظيم ۽ جدائيءَ تي افسوس جي اظھار ڪرڻ
لاءِ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. ڪراچيءَ جي ماڻھن
سر بارٽل فريئر جي شان ۾ اھڙي تھ پرتڪلف
ضيافت جو انتظام ڪيو، جو ڪراچيءَ ۾ اھڙو
انتظام اڳي ڪڏھن ڪونھ ٿيو ھو. سر بارٽل
فريئر کي ھڪ سينگاريل تخت تي ويھاريو ويو
ھو، جو خاص ھن موقعي لاءِ تيار ڪرايو ويو
ھو. آءٌ تقريب ۾ سڄو وقت ساڻ ھوسانس. ھن
جي پيشانيءَ تي صاف لکيو پيو ھو، تھ مڙس
اڃا بھ اوج کي رسندو. تقريب اھڙي شاندار
ھئي، جو ان جو بيان ڪرڻ مشڪل آھي. انھيءَ
ضيافت جي اھميت فقط اھي ئي محسوس ڪري سگھن
ٿا، جي ان ۾ شريڪ ٿيا ھئا. ڪراچيءَ جا
يورپي مرد ۽ زالون ان موقعي تي وڏي تعداد
۾ حاضر ھئا. اھو موقعو ماڻھن کي ڪڏھن بھ
ڪونھ وسرندو.
سر بارٽل فريئر کان پوءِ سنڌ جي حڪومت
بمبئيءَ جي سول سرورس جي جي. ڊي.
انويرارٽيءَ جي حوالي ڪئي ويئي. ميجر ايف.
جي. گولڊ سمڊ، مسٽر جي. ڊي. انويرارٽيءَ
جو فرسٽر اسٽنٽ ڪمشنر رھيو. نئون ڪمشنر
نرم دل، نھايت شريف طبع ۽ تعريف جي لائق
ھو.
ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، سنڌ جي ڪمشنر کي،
بمبئي سرڪار جي معرفت، ھند سرڪار جو فيصلو
پھتو، جنھن ۾ منھنجي لاءِ ٻھ سؤ رپيا
ماھوار پينشن،
ٽن پيڙھين لاءِ مقرر ڪئي ويئي ھئي. ان کان
سواءِ، منھنجي لاءِ انعام طور دائمي جاگير
بھ منظور ڪئي ويئي ھئي. مون کي اجازت ڏني
ويئي تھ سنڌ ۾ ڪٿي بھ اھڙي زمين پسند
ڪريان، جنھن جي سالياني پيدائش ٻارھن سؤ
رپين کان مٿي نھ ھجي. انھيءَ اطلاع ملڻ
کان پوءِ، سنڌ جي ڪمشنر مون کي گھرائي،
سرڪار جي نيڪ ارادي کان واقف ڪيو. مون
احوال ٻڌي، خدا جو شڪر ڪيو ۽ انگريز سرڪار
جا احسان مڃيم. ڪمشنر مون کي خاص طرح چيو
توکي ٽن ضلعن ۾ ڪٿي بھ زمين انتخاب ڪرڻ جو
حق آھي.
ان وقت جي ڪليڪٽر، ميجر ڊسٽرولي، مون کي
گھرائي ھند سرڪار جي فيصلي جو نقل ھٿ ۾
ڏئي پڇيو تھ ”زمين ڪٿي پسند ڪندين؟“
چيومانس تھ ”مون کي ڪراچي ضلعي جو سيوھڻ
تعلقو پسند آھي.“ پوءِ چيائين تھ ”ڪھڙو
مڪان کپي؟“ ان بعد پاڻ ئي ڪرم فرمائي صلاح
ڏنائين تھ ”جي غيرآباد زمين پسند ڪندين تھ
جاگير جي وڌيڪ ايراضي ملنديئھ، جنھن مان
اڳتي ھلي خرچ ۽ سڌاري سان، وڌيڪ پيدائش
ٿيندءِ.“ مون چيومانس تھ ”مون کي وقت ڏي
تھ سيوھڻ تعلقي ۾ وڃي مختلف مڪان روبرو
ڏسي، جاگير جي لاءِ زمين پسند ڪريان.“
ڪليڪٽر جي اجازت ملڻ تي مان سيوھڻ وڃي
ڳھير سب ڊويزن ۾ ٽي مڪان، ١. سسني، ٢.
گمبوٽ ۽ ٣. ڪرو پسند ڪيا. ۽ ٻڌايم تھ انھن
مان ڪوبھ مڪان مون کي ڏنو وڃي. پوءِ
ڪراچيءَ اچي، ڊسٽروليءَ کي پنھنجي انتخاب
کان واقف ڪيم. ھن وراڻيو تھ سرڪار جي
اندازي موجب انھن مڪانن ۾ توکي ٿوري
ايراضي ملندي، بھتر ٿيندو تھ ڪا غير آباد
زمين پسند ڪر. چيومانس تھ مون کي پيٽي کپي
۽ تون مون کي کيتي ٿو مڙھن گھرين، جنھن
لاءِ سارو سال محنت ۽ ڪشالو ڪرڻو پوندو ۽
مون کي ھن عمر ۾ گھر کان گھڻو وقت دور
رھڻو پوندو.“ ان تي وڏو بحث ھليو. آخر
ڪيلڪٽر چيو تھ ”سيوھڻ تعلقي ۾ دري ديرو
ديھھ قبول ڪر، جنھن جي سرڪاري رڪارڊ مطابق
١٠٤٥٦ بگا ايراضي آھي.“ پڇيومانس تھ ”ان
مان سرڪار کي سال ۾ ڪيتري پيدائش ٿيندي
آھي؟“ چيائين تھ ”سرڪار جي پيدائش جو حصو
سراسري پنجن يا ڇھن سون رپين کان وڌيڪ نھ
ھوندو آھي، پر جيڪڏھن سڌاري تي خرچ ڪبو تھ
زمين مان وڌيڪ پيدائش ۽ آمدني ٿيندي.“ مون
اھا تجويز قبول ڪانھ ڪئي. اھڙيءَ طرح بحث
مباحثي ۾ وقت گذرندو ويو ۽ سڄا سارا چار
مھينا گذري ويا. آخر سنڌ جي ڪمشنر، ڪليڪٽر
کان پڇيو تھ ھن معاملي ۾ ڪھڙا قدم کنيا
ويا آھن؟ ڪليڪٽر، مون کي گھرائي پاڻ سان
ڪمشنر وٽ وٺي ويو. ميجر (ھاڻي جنرل گولڊ
سمٿ) ملاقات وقت حاضر ھو، جڏھن ڪليڪٽر،
ڪمشنر کي چيو تھ ”مون صلاح ڏني اٿمانس تھ
ديھھ دري ديرو ۾ جاگير وٺي، پر ھي ان تي
راضي نھ آھي،“ مون ڪمشنر کي دري ديري جي
باري ۾ پنھنجا اعتراض ٻڌايا. چيومانس تھ
”ان جو وڏو حصو غيرآباد ۽ بنجر آھي، ان کي
آباد ڪرڻ تي وڏو خرچ ۽ تڪليف ڪرڻي پوندي.
تنھن کان سواءِ ان تر جا زميندار بھ ڦڏئي
آھن.“ پر، ڪمشنر زور ڀريو تھ اھا ديھھ
قبول ڪر، انھيءَ زمين ۾ خدا برڪت وجھندو ۽
عاليشان درخت پيدا ٿيندا، جن جي ٽارين مان
سونا ميوا پيا لٽڪندا. ڪمشنر جي انھيءَ
دعا مون تي ڏاڍو اثر ڪيو. چيومانس تھ
”چڱو، جي اوھان جي مرضي آھي تھ مان دري
ديري جي ديھھ ئي قبول ڪندس.“ اھڙيءَ ريت
دري ديري جي ديھھ مون کي دائمي جاگير ۾
ملي، جنھن جو حدون سيٽلمينٽ ۽ سروري
ڊپارٽمينٽ جي رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ھيون، اھي
حدون ھن طرح آھن. اوڀر طرف سنڌو ندي، ڏکڻ
۾ ڪرمپور جو ڳوٺ، اولھھ ۾ ٽلٽيءَ جو ڳوٺ ۽
اتر ۾ بلاولپور جو ڳوٺ. ان تي ڪمشنر مون
کي سند ڏيڻ فرمائي ۽ ڪيلٽر ٻيا ضروري ڪاغذ
مھيا ڪري ڏنا.
سند وٺڻ کان پوءِ، آءٌ پنھنجي ننڍي پٽ
ٿانورداس کي وٺي دري ديري ويس. مون کي اڳي
دري ديرو ڪڏھن ڪونھ ڏٺو ھو. زمين جو
معائنو ڪيم تھ ساري غير آباد ۽ جھنگ ئي
جھنگ ھئي. زميندار بلڪل نڪما ھئا. ھو فقط
ايتري آبادي ڪندا ھئا، جنھن مان سندن ڍورن
جو ۽ پنھنجو گذران ٿي سگھندو ھو. مون ھنن
جي حوصلھ افزائي ڪئي ۽ کين محنت ۽
ايمانداريءَ سان پورھئي ڪرڻ جي ترغيب
ڏنيم. ازان سواءِ، مون کين تقاويون
لونگيون ۽ ٻيا انعام وغيره بھ ڏنا. انھيءَ
ھمت افزائيءَ ھوندي بھ پھرئين سال ۾ جاگير
جي ڪل پيدائش پنج سؤ رپيا ٿي. پھرئين سال
آءٌ چار مھينا جاگير تي رھيس ۽ منھنجو خرچ
آمدنيءَ کان گھڻو ڪجھھ وڌيڪ ٿي ويو ھو،
ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھن کان سواءِ، جو ھيءَ
ڪاڇي
۽ ٻين ھنڌن جا سردار ۽ معزز ماڻھو مون سان
ملڻ ايندا ھئا ۽ ملڪ جي دستور مطابق انھن
سڀني جي مھمان نوازي ڪرڻي پوندي ھئي.
اپريل ۾ جڏھن گرمي شروع ٿي، تڏھن مان
ڪراچيءَ موٽي آيس ۽ ٻئي سال وڏي پٽ
ٽيڪمداس کي ساڻ وٺي ويس. وري بھ پنج ڇھھ
مھينا جاگير تي رھيس. ۽ ڪل اٺ سؤ رپيا
حاصل ٿيم. ان جي مقابلي ۾ گھڻوئي خرچ ٿيو.
گرمي شروع ٿي تھ اڳي وانگر ڪراچيءَ موٽي
آيس. ان کان سواءِ، پنھنجي پٽ ٿانورداس کي
آباديءَ جي نظرداريءَ لاءِ سال ۾ نو مھينا
جاگير تي رھائيندو ھوس. زميندار، تقاوي
خرچ ڪري ڇڏيندا ھئا ۽
ڪڏھن بھ موٽائڻ جي نھ ڪندا ھئا ۽ ھردفعي
اجايا سجايا بھانا ڪندا ھئا. انھن بيوقوفن
کي پنھنجي پيٽ جو خيال بھ نھ ھوندو ھو ۽
آباديءَ ڏانھن پورو ڌيان ڪين ڏيندا ھئا.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي پوٽي، عالمچند
(عالومل)، بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ
پاس ڪئي ۽ ھن کي ميجر گولڊ سمڊ جي صلاح
سان، ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
بمبئيءَ موڪليو ويو. جي ڊي انويرارٽي
کي،جنھن سنڌ تي صلح سانت سان حڪومت ڪئي
ھئي، بمبئيءَ ۾ گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر
ڪيو ويو ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر سيموئل
مئنسفيلڊ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. مسٽر
موئر کي مسٽر مئنسفيڊ جو روينيو نائب
نامزد ڪيو ويو.
سنبت ١٩١٩ (٦٣-١٨٦٢ع) ۾، عالمچند جي
حيدرآباد ۾ شادي ٿيڻي ھئي،تنھنڪري ھن کي
سنڌ ڏانھن موٽڻو پيو. ھن کي چار مھينا
ترسڻو پيو، جنھن کان پوءِ ھو پڙھڻ لاءِ
بمبئيءَ موٽي ويو.
انھن ڏينھن ۾، سر بارٽل فريئر کي بمبئيءَ
جو گورنر نامزد ڪيو ويو، جنھنڪري سنڌ جي
گھر گھر ۾ خوشي ملھائي وئي. جڏھن مون کي
معلوم ٿيو تھ سربارٽل فريئر بمبئيءَ پھتو.
آھي، تڏھن مون کيس مبارڪباديءَ جو خط
موڪليو ۽ لکيومانس تھ ”اسان جي بمبئيءَ ۾
ڪيترين پيڙھين کان ڪوٺي ھوندي ھئي، پر
اسان سان ڪوبھ ڪڏھن اتي ڪونھ ويو ھو.
منھنجي ڏاڍي مرضي آھي تھ مان روبرو اچي
حصور اعليٰ جا نياز حاصل ڪريان. سر بارٽل
فريئر ڪرم فرمائي جواب ڏنو تھ ”بمبئي ڏسڻ
جھڙو شھر آھي ۽ توکي ضرور ھتي اچڻ کپي.
مان توکي شھر جون سڀ مشھور جايون
ڏيکاريندس.“ عالمچند ان وقت بمبئيءَ ڪاليج
۾ پڙھندو ھو. مون ٻين ماڻھن کي بھ پنھنجي
اچڻ جو اطلاع ڏنو. منھنجي رھائش لاءِ
ڇيپيواڙي ۾، سؤ رپئي ماھوار مسواڙ تي،ھڪ
جدا جاءِ ورتي. مان ڪراچيءَ کان آگبوٽ ۾
روانو ٿيس ۽ سٺ ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ،
بمبئيءَ پھتس. مون کي بمبئي ڏاڍي وڻي ۽ سر
بارٽل فريئر سان پڻ ملي خوش ٿيس. آءٌ
بمبئيءَ ۾ سر بارٽل فريئر سان ٻئي ٽئين
ڏينھن ملڻ ويندو ھوس، ۽ ھروقت سندس
پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر آرٿر (وڏو)، مون
کي شفقت سان پيش ايندو ھو، جنھن لاءِ مان
ھن جو شڪر گذار آھيان. شھر جي گھڻن وڏن
ماڻھن مون کي ملاقات جو شرف بخشيو، جھڙوڪ:
سر جمشيد جي جيجيائي بئرونيٽ، واڙيا
خاندان جو جڳناٿ شنڪر سيٺ ۽ ڪيترا ٻيا.
مان بھ ھنن وٽ ملاقات لاءِ ويس ۽ سندن
دوستيءَ جو شرف حاصل ڪيم. سنڌي تھ روز مون
سان ملڻ ايندا ھئا. انھن کان سواءِ،
پوربندر ۽ مانڊويءَ جي دوستن جا مٽ مائٽ
دوست ۽ گماشتا بھ ايندا ھئا.
تنھن کان پوءِ جلدئي ليڊي فريئر کي يورپ
وڃڻو ھو ۽ ھن جي خير سان اسھڻ کان اڳ
گورنمينٽ ھائوس ۾ الوداعي تقريب ڪئي ويئي.
دعوتناما شام جي اٺين يا ساڍي اٺين بجي
لاءِ موڪليا ويا. ھن موقعي تي حاضر ٿيڻ
لاءِ مون کي حڪم ڪيو ويو. مان حڪم مطابق
تقريب ۾ شامل ٿيس. گورنمينٽ ھائوس جي ھڪ
خوشنما ۽ روشن ڪمري ۾، ڪيتريون ئي حسين ۾
خوشپوش يورپي زالون ۽ مرد اچي ڪٺا ٿيا
ھئا. انھن کان سواءِ ڏھھ ٻارھن ديسي ماڻھو
بھ ھئا. سر بارٽل فريئر ۽ ليڊي صاحبھ پاڻ
مھمانن جو ڏاڪڻ تي، گول ڪمري جي در وٽ،
استقبال ٿي ڪيو. مجلس ڪجھھ ھندستاني رنگ
روپ اختيار ڪيو ۽ مون کي اڳين زماني جي
ھندستان جي بادشاھن جي يادگيري دل ۾ تري
آئي، جي اھڙي قسم جون مجلسون ڪندا ھئا.
انھن ڏينھن ۾ ڪپھھ جا اگھھ چوٽ چڙھي ويا
ھئا، بمبئيءَ جي ماڻھن کي وڏا فائدا ٿيا
ھئا. شھر دولت سان ٿي ڦاٽو. پوني
تائين سڌو الھندي
گھاٽن مان، ريل جو رستو ٺاھيو ويو ھو.
رستو جبلن جي وچان ھو، جنھنڪري ويھن کان
وڌيڪ سرنگھون ھنيون ويون ھيون. اھو منصوبو
ان وقت مڪمل ٿي چڪو ھو ۽ ريل آمدرفت لاءِ
کلڻي ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ بھ ھڪ افتتاحي
تقريب جو انتظام ڪيو ويو ھو. اھا تقريب
سرنگن جي پاسي. کنڊالا جي ھيٺان لنولائي
اسٽيشن وٽ ٿيڻي ھئي. جلسي جي صدارت، جناب
گورنر صاحب جن کي ڪرڻي ھئي. مون کي بھ
دعوت ھئي. چنانچ مان پنھنجي پوٽي سان گڏجي
اوڏانھن ويس. اسان بائڪلا اسٽيشن تان ريل
گاڏيءَ ۾ روانا ٿياسين. رستي ۾ ڪيترين
سرنگن مان لنگھڻو پيو آفرين آھي. انھن
ماڻھن جي ھنر ۽ تحمل کي، جن اھو ڪارنامو
رٿي ان کي عملي جامو پھرايو آھي. لنولائي
۾ گھڻائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا. ھئا. يورپي
خواھھ ديسي ماڻھن لاءِ سٺو انتظام ڪيو ويو
ھو. تقريب ختم ٿيڻ کان پوءِ، اسان رات جو
ڏھين بجي بمبئيءَ موٽي آياسين.
مئي مھيني ۾ سربارٽل فريئر، قيام لاءَ پوني ويو. ان کان اڳ مان ھن کان ناسڪ جي تيرٿن ڏسڻ جي اجازت ورتي ھئي. آءٌ
ناسڪ کان ٽرمبڪ
ويس، جتي مھاديو جو
مندر آھي. ٽرمبڪ ۾ تلاءَ جي مٿان ھڪ ٽڪري
آھي، جنھن مان گوداوري ندي نڪري ٿي. مون
خيال ڪيو تھ گوداوريءَ جو منھن ڏسان،
تنھنڪري ست سؤ ڏاڪا، جي ھڪ ڌرم آتما
ھندوءَ جي خرچ تي ٽڪر ٽاڪي ٺاھيا ويا ھئا،
چڙھي، وڃي اھا جاءِ ڏٺم، جتان پاڻي ٽيپو
ٽيپو ٿي نڪري ٿو. اتي جبل ۾ ھڪ گانءِ جي
صورت اڪريل آھي، جنھن مان پاڻي وھي ٿو.
مان ٽرملڪ کان موٽي ناسڪ آيس ۽ اتان
پنديرپور جي رستي پوني ويس. پنديرپور بھ
انھيءَ طرف جو ھڪ مشھور تيرٿ آھي. مون
پوني جو سڄو شھر گھمي ڏٺو ۽ پاروتيءَ
جي مندر ۾ پڻ ويس.
ڪنھن وقت پونو ھڪ مشھور شھر ھوندو ھو، پر
ھن وقت ان جي ڏتڙيل حالت ھئي. سير پور
تائين سڌو ريل جو رستو ڪونھ آھي. ريل
گاڏيءَ اسان کي ڪورلاسوريءَ ۾ لاٿو، جتان
اسان گھوڙا ڪري پنديرپور وياسين. ھن جاءِ
تي وتوبا ديوتا جو آستانو آھي جنھن جي
ھيٺان چندرڀاڳ ندي وھي ٿي. مان چار ڏينھن
پنديرپور ۾ رھي پوني موٽي آيس، جتي معلوم
ٿيو تھ گورنر صاحب جن مھابليشور ويا آھن.
تنھنڪري صاحب بھادر ڏي خط لکيم تھ چؤماسو
جلد شروع ٿيڻ وارو آھي ۽ مون کي ھاڻي سنڌ
ڏانھن موٽڻ کپي. پوءِ مان بمبئيءَ موٽي
آيس، جتان چئن ڏينھن کان پوءِ، ڪراچيءَ
روانو ٿي ويس. موٽ تي سفر تمام اھنجو ھو.
سارو وقت طوفان ھو ۽ سمنڊ ڏاڍو تکو ھو، پر
خدا جو شڪر آھي، جو مان ٽن ڏينھن کان پوءِ
صحيح سلامت ڪراچيءَ پھتس مون کي بمبئيءَ ۾
ڏاڍو مزو آيو. سر بارٽل فريئر صاحب مون تي
ڏاڍو مھربان ھو.
سن ١٨٦٦ع ۾، مسٽر مئنسفيلڊ ڪمشنر، موڪل تي
بمبئيءَ روانو ٿي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي
مسٽر رابرسٽن عارضي ڪمشنر مقرر ٿيو. ٻن
مھينن کان پوءِ، خبر آئي تھ انگلنڊ ۽
ھندستان جي ملڪه، ھندستان جي راجائن ۽
نوابن ۽ حڪومت جي ٻين لائق ماڻھن لاءِ ھڪ
نئون اعزاز مقرر ڪيو آھي. انھيءَ اعزاز جو
نالو ھو ”موسٽ ايگزالٽيڊ آرڊر آف دي
اسٽار
آف انڊيا“ (ھندستان جي ستاري جو ممتاز
ترين اعزاز) ٻڌڻ ۾ آيو ٿي تھ انھيءَ عزاز
لاءِ منھنجو نالو پڻ تجويز ڪيو ويو ھو.
مون کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن مون سرڪار
نامدار جو شڪرانو ادا ڪيو، جنھن مون کي
انھيءَ اعليٰ اعزاز جي لائق سمجھيو ھو.
بمبئي سرڪار وٽان، سنڌ جي ڪمشنر وٽ اھڙو
اطلاع سرڪاري طور پھچايو ويو ۽ ھن ھڪ
درٻار ڪوٺائي، جتي منھنجن ٽيھن سالن جي
خدمتن جو اعتراف ڪري، مون کي ملڪه معظمه
جي طرفان ھندستان جي ستاري جي اعزاز سان
نوازيو ويو.
اھڙيءَ طرح، ساريءَ سنڌ منھنجو اعزاز ڏسي
سرڪار نامدار جي بينظير انصاف کي ساراھيو.
١٨٦٦ع جي آخر ۽ ١٨٦٧ع جي اول ۾، سربارٽل
فريئر سند کي پنھنجي تشريف آوريءَ جو شرف
بخشيو. جيئن ھن جي ارادي جي خبر پئي، تيئن
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مان سڀ معزز ماڻھو،
سردار ۽ امير صاحب موصوف کي سندن شان
مطابق آجيان ڪرڻ لاءِ اچي ڪراچيءَ ۾ گڏ
ٿيا. آءٌ حضور اعليٰ سان گڏجي ڏاڍو خوش
ٿيس. جلدئي سر بارٽل فريئر مون کي ”ستاره
ھند“ جو اعليٰ ترين تمغو ۽ اعزاز ڏيڻ لاءِ
فريئر ھال ۾ دربار ڪوٺائي. فريئرھال کي
خاص نموني سان سينگاريو ويو ھو. فريئر جي
اچڻ کان اڳ سارو ھال ماڻھن سان پر ٿي ويو
ھو. ھن جي پھچڻ جو اطلاع بگل باجن، دھلن
دمامن ۽ توين جي سلامي سان ڪيو ويو. گورنر
صاحب ھال ۾ پير پاتو تھ حاضرين سڀ اٿي
بيٺا. ھن جي ويھڻ کان پو، مون کي تخت وٽ
وٺي ويا، جنھن جي ھڪ پاسي کان بمبئي سرڪار
جو سيڪريٽري، ايف. ايس چئپمئن، ٻئي پاسي
کان ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر، ميجر (ھاڻي ڪرنل)
لامبرٽ بيٺا ھئا. گورنر صاحب اٿي بيھي مون
ڏانھن خطاطب ٿي انگريزيءَ م تقرير ڪئي.
تقرير کان پوءِ مون کي ملڪه جي سند،
ڪيمخاب جي ڳوٿريءَ ۾، ۽ اعزازي تمغو ڏيڻ
فرمايو. تمغو ھيرن سان جڙيل ستارو آھي،
جنھن جي ھيٺان ملڪه جي تصوير ٽنگيل آھي.
مان پاڻ کي سرڪار جو ايڏو تھ مشڪور ۽ منون
محسوس ڪيو، جو مون کي پنھنجي احساسن کي
لفظي تشڪيل ڏيڻ جي طاقت ئي ڪانھ رھي. مون
مختصر لفظن ۾، سنڌيءَ ۾ ملڪه صاحبه جي
حڪومت جي انصاف جي تعريف ڪئي، ۽ ڄاڻايم تھ
ان جي روشنائي، سج وانگر دور دراز ملڪن کي
منور ڪري ٿي.
مون ھندستان ۽ يورپ جي جھونين ۽ نين
حڪومتن جا اتھاس پڙھيا ۽ ٻڌا آھن. منھنجي
خيال ۾ برٽش حڪومت جھڙي مخير، دورانديش
حڪومت ڪڏھن ڪانھ قائم ٿي آھي، جا ھر شخص
کي سندس خدمتن جو صلو ڏيڻ لاءِ تيار آھي.
ان بعد سر بارٽل فريئر صاحب، ڪراچيءَ کان
حيدرآباد روانو ٿيو، جتي پڻ درٻار ڪرڻي
ھيس. ٻن ڏينھن کان پوءِ، ھو واپس موٽي
ايو، جو کيس بمبئي يونيورسٽيءَ جي سالياني
جلسي ۾ سندن ڏيڻ لاءِ صدارت ڪرڻي ھئي.
منھنجو پوٽو عالمچند، بي. اي جي امتحان ۾
ڪامياب ٿيو ھو. يونيورسٽيءَ جي امتحان ۾
ھن کي سند ڏني وئي ھئي. اھا سند سربارٽل
فريئر صاحب پنھنجن مبارڪ ھٿن سان کيس ڏني
ھئي. حقيقت ۾ سربارٽل فريئر ۽ جنرل سر
ايف. جي گولڊ سمد ئي ھن جي تعليم جا
ذميدار آھن ان کان پوءِ جلد ئي عالمچند
سنڌ ۾ موٽي آيو.
١٨٦٧ع جي مئي مھيني ۾، مسٽر مئنسفيلڊ
بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر
مقرر ٿيو سر وليم ميريويدر کي مستقل طور
ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر ھيولاڪ ڇھن
مھينن کان پوءِ سنڌ ڇڏي ويو.
انھيءَ وچ ۾ سر بارٽل فريئر جي عھدي جو
مدو ختم ٿيو ۽ صاحب موصوف ھندستان جي ساحل
کي خيرباد چئي، انگلستان روانو ٿي ويو،
جتي ھو ڪائونسل آف انڊيا جو ميمبر مقرر
ٿيو. ان کان پوءِ، بمبئيءَ جي حڪومت جون
واڳون سر سيموفزجيرلڊ کي ڏنيون ويون. نئون
گورنر ١٨٦٧ع جي آخر ۾، سنڌ ۾ تشريف فرما
ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾، ھڪ درٻار ڪيائين جتي مان
بھ حاضر ھوس.
سنبت ١٨٢٥ جي اسو مھيني مطابق ٨ آڪٽوبر
١٨٦٨ع ۾، عالمچند کي پٽ ڄائو، جنھن جو
نالو حشمتراءِ رکيو ويو.
سنبت ١٨٢٧ جي مانگھھ مھيني، مطابق جنوري
١٨٧١ع ۾، آءٌ پنھنجي ڀائٽي، آتمارام جي پٽ
فتحچند جي شاديءَ تي حيدرآباد ويس. شادي
ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. اسان مھيني کان پوءِ
حيدرآباد موٽي آياسين.
سنبت ١٩٢٧جي چيٽ مھيني برابر مارچ ١٨٧١ع ۾
ٽيڪمداس کي ٻيو پٽ ڄائو، جنھن جو نالو
مولچند رکيائين.
ھڪڙي دفعي، منھنجي پوٽي عالمچند، مون کي
چيو تھ ”ڏاڏا ڇو نھ پنھنجو ۽ پنھنجي
گھراڻي جو ھڪ مختصر احوال لکون. اھا ڪا
غير معمولي ڳالھھ نھ آھي. ڪيترن ماڻھن
پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجا جيون چرتر لکيا
آھن جي مون پڙھيا آھن. پر مان ھن کان پيو
نٽائيندو ھوس. آخر مون ھن جي بار بار چوڻ
تي، ١٨٧١ع جي اپريل مھيني برابر سنبت ١٩٢٧
جي ويساک مھيني ۾ اھو ڪم شروع ڪيو.
معلوم ھجي تھ ھن ڪتاب ۾ جو ڪجھھ لکيل آھي،
ان جو ڪجھھ حصو، مون شريمتي پارپتي
ٻائيءَ، زال سيٺ ڀوڄمل، جو منھنجو چوٿينءَ
پيڙھيءَ ۾ وڏو ھو، ان کان ٻڌو آھي. آءٌ
ننڍپڻ ۾ ھن جي نظر ھيٺ کيڏندو ۽ رانديون
ڪندو ھوس ۽ ھوءَ مون کي پنھنجون يادگيريون
ٻڌائي، وندرائيندي ھئي. ڪي ڳالھيون مون
پنھنجي ڏاڏي لعلمڻداس، کان ٻڌيون ھيون.
ٻارھن سالن جي عمر کان وٺي آءٌ سيٺ
لعلمڻداس جي حاضريءَ ۾ رھي، ڪراچيءَ واري
ڪارخاني جي دفتر جو ڪم ڪندو ھوس. باقي
احوال منھنجي ذاتي علم ۽ آزمودي تي ٻڌل
آھي. مون ھرھڪ واقعي جو مختصر، پر سچو ۽
صحيح احوال ڏنو آھي. جيڪڏھن ان ۾ ڪا غلطي
ٿي ويئي ھجي تھ خدارا معاف ڪندا. منھنجي
عمر ھاڻي ستھٺ سالن کان بھ مٿي ٿي وئي
آھي، نظر جھڪي ٿي وئي اٿم ۽ وات ۾ ھڪ بھ
ڏند نھ بچيو آھي. جيڪڏھن آءٌ پنھنجي
خاندان ۽ ان جي اثر ۽ اقتدار جو تفصيلوار
احوال لکان تھ ھن جھڙا ٽي ڪتاب ڀرجي وڃن!
پر خراب نظر جي ڪري اکين تي بار پوي ٿو ۽
وڌيڪ لکڻ جي طاقت نٿي ٿئيم. قصو ختم ڪرڻ
کان اڳ، مان پوين کي ھڪ نصيحت ڪندس: ”مان
پندرھن ورھين جو ھوس، تھ سنسڪرت، گجراتي
۽ گرمکي
پڙھڻ سکيس. انوقت کان
وٺي مون ڪيترن ڌرمي ۽ سياسي
ڪتابن جو
مطالعو ۽ اڀياس پڻ ڪيو آھي. مون کي خاطري
آھي تھ انسان جي قسمت ۾ جو ڪجھھ لکيل آھي،
سو کيس آخر ملڻو آھي، تنھنڪري ھن کي خدا
جي رضا تي راضي رھڻ کپي. ڪنھن کي بھ نھ
ڏکوئجي، پوءِ ھو ڀل تھ دشمن ئي ڇو نھ ھجي.
ڪنھن جي بھ بدخواھي نھ ڪجي. دنيا فاني آھي
۽ جلد وقت گذري ويندو. ھميشه خدا کي ياد
ڪجي ۽ ھن تي ڀروسو رکجي. غريبن تي رحم ڪجي
۽ پنھنجي وس آھر مٿن ديا ڪجي. خراب ماڻھن
جي صحبت کان ھميشه ڪنارو ڪجي.“ منھنجي ٻي
ھدايت ھيءَ آھي تھ ”انگريز سرڪار، ھڪ
مھاساگر يا روشن سورج وانگر آھي، تنھنڪري
سڀني انگريزن سان سچا ۽ وفادار رھو. سرڪار
جي خدمت ڪرڻ لاءِ ھردم تيار رھو، جڏھن بھ
کين ضرورت پوي تھ دل ۽ جان سان مدد ڪريو.
دل صاف رکو ۽ سرڪاري پئسي کان پري رھو.“
ھيءُ،
پنھنجو ۽ پنھنجي گھراڻي جو مختصر احوال،
مون پنھنجي ھٿن سان لکيو آھي. ويساک ١٩٢٧،
برابر ١١ تاريخ مئي ١٨٧١ع جي پورو ٿيو.