42
سقراط چيو ته، سمئس، هن سوال کي ٻيءَ طرح به جاچ،
تون ڀائين ٿو ته ڪا همسازي (Harmony)
يا ڪا ٻي مرڪب شيءِ ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ زنده رهي
سگهندي، انهيءَ حالت کان سواءِ جا انهن عنصرن جي
آهي، جن مان هوءَ جڙيل آهي؟
بلڪل نه.
نه ئي وري آءُ ڀانيان ٿو ته، هوءَ ڪجهه ڪري سگهندي
يا سهي سگهندي انهيءَ کان وڌيڪ جيڪي هو ڪري سگهن
ٿا ۽ سهي سگهن ٿا.
هن هائو ڪئي.
تنهنڪري ڪابه همسازي (Harmony)
جن عنصرن جي هوءَ جڙيل آهي تن جي رهبر ٿي ڪين
سگهندي، هن کي ضرور هنن جي پٺيان هلڻو پوندو؟
هن اها ڳالهه قبول ڪئي.
۽ هوءَ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن جزن جي برخلاف چري،
يا آواز ڪڍي، يا ٻيو ڪجهه ڪري ڪين سگهندي.
هن ورندي ڏني ته، تحقيق ڪري ڪين سگهندي.
چڱو، ائين ڪين آهي ته سڀڪا همسازي (Harmony)
پنهنجي فطرت موجب اهڙي همسازي (Harmony)
آهي جهڙيءَ طرح هوءَ بنائي وئي آهي؟
هن جواب ڏنو ته، آءُ تنهنجي ڳالهه سمجهي نٿو
سگهان.
هن چيو ته، جيڪڏهن هوءَ وڌيڪ ۽ زيادهه حد تائين سر
تي آندي وڃي، جي ائين ممڪن هجي، ته پوءِ هوءَ وڌيڪ
همسازي (Harmony)
۽ وڌيڪ حد واري همسازي (Harmony)
ڪين ٿيندي، ۽ جيڪڏهن هوءَ گهٽ ۽ ٿوري حد تائين سر
تي آندي وڃي، ته جيڪر هوءَ گهٽ همسازي (Harmony)
۽ ٿوريءَ حد واري همسازي (Harmony)
ڪين ٿيندي؟
تحقيق.
چڱو، روح بابت ائين چئي سگهبو؟ ٿي سگهندو هڪڙو روح
ٻئي کان ڪنهن به درجي ۾ زياده روح ۽ وڌيڪ حد وارو
روح، يا گهٽ روح ۽ ٿوري حد وارو روح؟
هن جواب ڏنو ته، بلڪل نه.
هن چيو ته، چڱو تڏهن مهرباني ڪري مون کي هي ٻڌاءِ؛
چيو ڪين ويندو آهي ته هڪڙو روح کي هوش ۽ زهد آهي ۽
هو نيڪ آهي، ۽ وري ٻئي روح لاءِ چيو ويندو آهي ته
هن ۾ حماقت ۽ قباحت آهي ۽ هو بد آهي؟ ۽ اها ڳالهه
برابر ڪين آهي؟
هائو، تحقيق.
تڏهن اُهي، جيڪي چون ٿا ته روح هڪڙو همسازي (Harmony)
آهي، ڇا چوندا زهد ۽ قباحت بابت، جيڪي اسان جي
روحن ۾ آهن؟ هو چوندا ته زهد هڪڙي ٻي همسازي (Harmony)
آهي ۽ قباحت هڪڙي ٻي ناسازي آهي؟ چوندا هو ته نيڪ
روح سر تي بيٺل آهي، ۽ هو پاڻ هڪڙي همسازي (Harmony)
آهي، ۽ پاڻ اندر وري ٻي همسازي (Harmony)
اٿس ۽ بد روح پاڻ سر کان نڪتل آهي، ۽ پاڻ اندر ٻي
ڪابه همسازي (Harmony)
ڪانه اٿس؟
سمئس چيو ته، آءُ چئي نٿو سگهان. پر ايترو صاف آهي
ته هنن کي اهڙيءَ طرح ڪجهه چوڻو هوندو.
هن چيو ته، پر ايترو قبول ڪيو ويو آهي ته، هڪڙو
روح ٻئي روح کان وڌ يا گهٽ روح نه آهي. يعني، اسان
قبول ڪيو آهي ته هڪڙي همسازي (Harmony)،
ٻيءَ همسازي (Harmony)
کان وڌيڪ يا زياده حد واري، يا گهٽ يا ٿوري حد
واري ڪڏهنبه نه ٿيندي. ائين ڪين آهي؟
هائو، تحقيق.
۽ جيڪا همسازي (Harmony)
نڪي وڌيڪ ۽ نڪي گهٽ همسازي (Harmony)
آهي، سا وڌيڪ يا گهٽ سر تي ٿي ڪين سگهندي. ائين
آهي؟
هائو.
۽ جيڪي نه وڌيڪ نه گهٽ سر تي آهي، تنهن کي همسازي
(Harmony)
جو وڌ يا گهٽ حصو هوندو، ڪين برابر حصو هوندو؟
هن کي برابر حصو هوندو.
تڏهن، جنهن صورت ۾ هڪڙو روح ٻئي روح کان ڪڏهين به
وڌ يا گهٽ روح نه آهي، تنهن صورت ۾ هو وڌ کان گهٽ
سر تي نه هوندو.
برابر.
تنهنڪري هن کي همسازي (Harmony)
يا ناسازي جو وڌيڪ حصو نه هوندو.
بلڪل نه.
۽ تنهنڪري هڪڙي روح ۾ ٻئي روح کان وڌي قباحت يا
زهد نه هوندو، جيڪڏهن قباحت جي معنيَ آهي ناسازي،
زهد جي معنيَ آهي همسازي؟
ڪنهن به حالت ۾ نه.
سمئس، جيڪڏهن بلڪل برابر طرح ذڪر ڪيو ته، آءُ
ڀانيان ٿو ته، چئي سگهبو ته جيڪڏهن روح هڪڙي
همسازي آهي ته ڪنهن به روح ۾ قباحت ڪانه هوندي.
آءُ سمجهان ٿو ته ڪنهن به همسازي جا ڪامل همسازي
آهي، ناسازي هرگز نه هوندي.
تحقيق نه.
نڪي ڪنهن به روح ۾، جو درست روح آهي، قباحت هوندي؟
نه، جيڪي چيو ويو آهي تنهن مان ضرور اهائي معنيَ
نڪري ٿي.
تڏهن هن مباحثي جو نتيجو هي نڪرندو؛ جيڪڏهن پنهنجي
فطرت موجب سڀ روح هڪ جهڙا آهن ته ائين سڀني جاندار
شين جا روح هڪ جهڙائي نيڪ هوندا.
هن چيو ته، هائو، سقراط، آءُ ائين ٿو ڀانيان.
هن پڇيو ته، تون ڀائين ٿو ته ائين برابر آهي، ۽
اسان جي مباحثي جي هيءَ پڄاڻي ٿئي ها، جيڪڏهن اهو
وهم ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony)
آهي، برابر هجي ها ته؟
هن جواب ڏنو ته، نه، بلڪل نه.
43
هن چيو ته، چڱو، مون جيڪر ڪين چرين ته، انسان جي
سڀني ڀاڱن کان وڌيڪ روح، خاص ڪري هوشمند روح،
حڪومت ڪري ٿو؟
هائو.
هو جسم جي گهرجن جي راءِ رکي ٿو، ڪين انهن جي
مخالفت ڪري ٿو؟ منهنجي معنيَ هيءَ آهي ته جڏهن جسم
گرم ۽ اڃايل آهي تڏهن روح انهيءَ کي گهلي وڃي ٿو۽
انهيءَ کي پيئڻ کان روڪي ٿو، ۽ جڏهن هو بکايل آهي
تڏهن هو هن کي کائڻ کان روڪي ٿو؟ ۽ اسين ڪين ڏسندا
آهيون ته ٻين هزارن نمونن ۾ روح جسم جي گهرجن آڏو
ايندو آهي؟
هائو، تحقيق.
پر اسان اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته، جيڪڏهن هو هڪڙي
همسازي (Harmony)
آهي ته، هو ڪڏهن به، جن عنصرن جو هو جڙيل آهي تن
جي اينگهڻ، سڪڙجڻ ۽ جنبش ۽ ٻين ڦيرن گهيرن جي
برخلاف آواز ڪڍي ڪين سگهندو؛ مطلب ته هو هنن جي
پٺيان هلندو، ۽ ڪڏهن به هنن جو رهبر ٿي ڪونه
سگهندو. برابر؟
هن ورندي ڏني ته، هائو، اسان برابر اها ڳالهه قبول
ڪئي آهي.
چڱو، هاڻي اسين ڪين ٿا ڏسون ته روح انهيءَ ڳالهه
جي بلڪل ابتڙ ٿو هلي، ۽ جن عنصرن جو چيو وڃي ٿو ته
هو ٺهيل آهي تن کي هلائي ٿو، ۽ سموري حياتي گهڻو
ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ هنن جي سامهون ٿئي ٿو؛ ۽ سڀ
ڪنهن نموني ۾ هنن تي حڪومت هلائي ٿو، ۽ هنن کي
تنبيهه ڪري ٿو، ڪڏهن سختي سان دردناڪ ضابطي سان،
جيئن روزش ۽ دوائن سان، ۽ ڪڏهن نرمائي سان؛ ڪڏهن
هو خواهشن ۽ گهرجن ۽ خوفن کي ڌمڪائي ٿو ۽ ڪڏهن هنن
کي سمجهائي ٿو ته، ڄڻ ته هو پاڻ کان ڪنهن ٻيءَ طرح
جي شيءِ سان ڳالهائي ٿو، جيئن هومر شاعر پنهنجي
آڊاسي واري آکاڻي ۾ آڊيسيوس پهلوان کان ڪرائي ٿو،
جتي هو چوي ٿو ته:
”هن پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هنيو،
۽ پنهنجي دل کي تنبيهه ڪيائين:
سهه، منهنجي دل،
انهيءَ کان به وڌيڪ سختي تو سٺي آهي.“
تون ڀائين ٿو ته جڏهن هومر هي لکيو، تڏهنهن روح کي
هڪڙي همسازي (Harmony)
ڪري ليکيو ۽ هن کي جسم جي گهرجن پٺيان هلڻ وارو
ڪري سمجهيو، ۽ نه اهڙي فطرت وارو، جو هو هنن کي
هلائي ۽ هنن جو سردار ٿي رهي، ڇو ته هو پاڻ همسازي
(Harmony)
کان گهڻو اعليَ ۽ مقدس شيءِ آهي؟
تحقيق، سقراط، آءُ ائين نٿو ڀانيان.
تڏهن، منهنجا فاضل دوست، ائين چوڻ بلڪل غلط آهي ته
روح هڪڙي همسازي (Harmony)
آهي. ڇو ته تڏهن، تون ڏسين ٿو ته، اسين نڪي مقدس
شاعر هومر سان متفق راءِ ٿينداسون، ۽ نڪي پاڻ سان.
هن ورندي ڏني ته، ائين برابر آهي.
44
سقراط چيو ته، تمام چڱو؛ آءُ ڀانيان ٿو ته اسين
پنهنجي ٿيبس واري هومونيا کي چڱي فتحيابي سان راضي
ڪري سگهيا آهيون. هن چيو، ڪيبيز، پر اڃا ڪئڊمس
رهيو پيو آهي. اسين هن کي ڪيئن راضي ڪنداسون ۽
ڪهڙن دليلن سان؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته تون ئي
لهي سگهندين ته ايئن ڪيئن ڪجي، لٿي پٿي تو اهڙي ته
نموني ۾ بحث ڪري ڏيکاريو آهي ته روح همسازي (Harmony)
نه آهي جو انهيءَ مون کي تمام گهڻي حيرت ۾ وجهي
ڇڏيو آهي. جڏهين سمئس پنهنجو اعتراض پئي ظاهر ڪيو،
تڏهين مون کي عجب ٿي لڳو ته ڪيئن ڪو هن جي بحث کي
باز آڻي سگهندو، تڏهن مون کي وڏو عجب لڳو جڏهن ڏٺم
ته تنهنجي پهرئين حملي سان اهو پري وڃي پيو. مون
کي اچرج ڪونه لڳندو جيڪڏهن ڪئڊمس جي بحث جي به
ساڳي ئي قسمت ۽ پڄاڻي ٿيندي.
سقراط چيو ته، منهنجا سڄڻ، گهڻو باور نه ڪر، متان
ايندڙ بحث کي ڪنهن جي نظر لڳي وڃي. ٺهيو انهيءَ
ڳالهه کي اسين خدا جي مرضيءَ تي ٿا ڇڏيون. اچو ته
هاڻي، هومر جي پهلوئن وانگر دليري سان اڳتي وڌي،
ڏسون ته جيڪي تون چوين ٿو تنهن ۾ به ڪجهه آهي.
توکي اهوئي ڪجهه کپي ٿو: تون گهرين ٿو ته آءُ توکي
ثابت ڪري ڏيان ته روح اڻ مٽ ۽ لايموت آهي، ڇو ته
جيڪڏهن ائين نه هجي ته، تون ڀائين ٿو ته فيلسوف جو
اعتقاد، جنهن کي موت ۾ باور آهي، ۽ نهن کي ڀروسو
آهي ته جڏهن هو مري ويندو تڏهن ٻيءَ دنيا ۾ سندس
نصيب بيحد موچارو ٿيندو. انهيءَ کان جيڪر پڄي ها
ته هو هن دنيا ۾ ٻيءَ طرح حياتي گذاري ها، سو
اجايو اعتقاد آهي. تون چوين ٿو ته ايترو ڏيکارڻ بس
نه آهي ته ڪو روح مضبوط ۽ مقدس آهي. ۽ هو اسان جي
انسان ٿي پيدا ٿيڻ کان اڳ حيات هو؛ ڇو ته اهي
ڳالهيون هروڀرو سندس ابديت ثابت نٿيون ڪن، پر فقط
ايترو ثابت ڪن ٿيون ته هو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو،
۽ گهڻو وقت حيات رهيو آهي، ۽ اڳئين حالت ۾ گهڻيون
ئي ڳالهيون سمجهيون اٿس ۽ ڪيون اٿس. پر انهن
ڳالهين هوندي به هو ڪو وڌيڪ لايموت نه آهي. هن جو
انسان جو جسم ۾ خود اچڻ، ڪنهن بيماريءَ وانگر،
سندس ناس ٿيڻ جي شروعات هئي. ۽ تون چوين ٿو ته، هو
هيءَ حياتي درماندگيءَ ۾ گذاري ٿو، ۽ نيٺ جنهن
شيءِ کي اسين موت سڏيون ٿا ته، تنهن ۾ ناس ٿي وڃي
ٿو، تون ڀائين ٿو ته، روح جسم ۾ هڪڙو دفعو گهڙي يا
گهڻا دفعا گهڙي، تنهن ڳالهه مان اسان سڀني جي خطرن
۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي؛ ڇو ته ڪنهن بيوقوف کان
سواءِ ٻيو سڀڪو موت جو خوف رکندو، جيڪڏهن هن کي
خبر نه آهي ۽ ثابت ڪري نٿو سگهي ته ڪو روح لايموت
يا اڻ مٽ آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته، ڪيبيز، اها آهي
تنهنجي اعتراض جو مطلب، آءُ وري وري پاڻهي انهيءَ
کي بيان ٿو ڪريان ته جيئن ڪجهه به اسان کان گسي نه
وڃي، ۽ جيئن تون پنهنجي مرضيءَ تي انهيءَ ۾ ڪجهه
ڳنڍي سگهين يا انهيءَ مان ڪجهه ڪڍي سگهين.
ڪيبيز ورندي ڏني ته، نه، اهائي آهي منهنجي معنيَ.
هن وقت آءُ ڪجهه به ڳنڍڻ يا ڪڍڻ نٿو گهران.
45
سقراط ڪجهه وقت ترسيو ۽ خيال ڪيائين. پوءِ هن چيو
ته، ڪيبيز تو ڪو سولو سوال نه اٿاريو آهي. اسان کي
پيدا ٿيڻ ۽ ناس ٿيڻ جي سببن جي سڄي مسئلي تي پوري
طرح جاچ جوچ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي
ته، آءُ خود پنهنجا تجربا تو اڳيان پيش ڪريان، ۽
جيڪڏهن تون ڀائين ته جيڪي آءُ چوان تنهن مان ڪنهن
ڳالهه کي تون ڪم آڻي سگهين ٿو ته، تون ڀلي انهيءَ
کي پنهنجن خطرن دور ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻ.
ڪيبيز چيو ته، تحقيق، منهنجي مرضي آهي ته آءُ
تنهنجا تجربا ٻڌان.
هن ورندي ڏني ته، ڪيبيز، تڏهن به ته ٻڌايانءِ،
جڏهن آءُ جوان مڙس هوس تڏهن مون کي انهيءَ حڪمت
لاءِ بيحد شوق هو، جنهن کي علم طبعي سڏين ٿا، آءُ
ڀائيندو هوس ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سبب مان واقف ٿيڻ
ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي؛ ته ڇو ڪا شيءِ هستيءَ ۾ اچي
ٿي، ۽ ڇو اها ناس ٿئي ٿي، ۽ ڇو اها حيات رهي ٿي.
آءُ سدائين پيو پاڻ کي اهڙن مسئلن سان هلاک ڪندو
هوس ته ائين آهي ڇا ته، زنده شيون ڪا خاص صورت
اختيار ڪن ٿيون، گرميءَ ۽ سرديءَ جي جوش ڪري، جيئن
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؟ جنهن شيءِ وسيلي اسين تصور
ڪريون ٿا سا رت آهي، هوا آهي، يا باهه آهي؟ يا
انهن مان ڪابه نه آهي، پر مغز آهي جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۽
سنگهڻ جا حواس ڏئي ٿو، ۽ حافظو ۽ خيال ان مان
اُڀرن ٿا، ۽ جڏهين حافظو ۽ خيال آرام جي حالت ۾
آهن تڏهن علم الهام جي صورت ۾ اچي ٿو؟ وري، آءُ
انهن شين جي ڊهڻ، ۽ زمين ۽ آسمان جي انقلابن تي
غور ڪندو هوس. تان جو مون محسوس ڪيو ته، آءُ
اڀياسن جو بلڪل ۽ بنهه لائق ڪين هوس. اها ڳالهه
آءُ توکي چڱي طرح ثابت ڪري ڏيکاريندس. انهن اڀياس
جي ڪري آءُ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو جيڪي اڳي پاڻ
توڙي ٻين بابت چڱي طرح ڄاڻندو هوس، سو به وساري
ويٺس. جيڪي آءُ ڀائيندو هوس ته ڄاڻان ٿو سو سڀ دل
تان لاهي ڇڏيم؛ خود انسان جي واڌ جو سبب به، اڳي
آءُ صاف سمجهندو هوس ته واڌ جو سبب آهي کائڻ ۽
پيئڻ؛ ۽ ته، جڏهن کاڌي مان گوشت تي گوشت چڙهي ٿو،
هڏ وڌي ٿو، ۽ ساڳئي نموني ۾ جسم جي ٻين ڀاڱن ۾
سندن ضروري جزا ملايا وڃن ٿا، تڏهن درجي بدرجي
ننڍو قدم وڌي وڏو ٿئي ٿو، ۽ ائين ڇوڪرو مرد ٿئي
ٿو. تون نٿو ڀائين ته منهنجو خيال واجبي هو؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو واجبي هو.
اڃا ٻيو به تجربو تنهنجي اڳيان پيش ڪندس. منهنجي
دل ۾ ڪوبه شڪ پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن آءُ ڪنهن
ڊگهي ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪوتاهه قد ماڻهوءَ جي ڀر ۾
بيٺل ڏسندو هوس، ته هڪڙو ٻئي کان سر جيترو سوايو
آهي، يا، ساڳئي دستور موجب، هڪڙو گهوڙو ٻئي کان
وڏو نظر ايندو آهي. هيءَ ڳالهه ته پاڻ منهنجي لاءِ
وڌيڪ صاف هوندي هئي ته ڏهه، اٺن کان ٻن جي جوڙ سان
وڌيڪ آهن، ۽ ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي، پنهنجي ڊيگهه جي
اڌ جيتري وڌيڪ لنبي آهي ان شيءِ کان جا هڪ هٿ ڊگهي
آهي.
ڪيبيز پڇيو ته، ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين؟
آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي ڪوبه يقين نه آهي ته ڪو
مون کي انهن ڳالهين مان ڪهڙي جي به سبب جي خبر
آهي. ڇو ته، جڏهن هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو وڃي ٿو، تڏهن
مون کي پڪ نه آهي ته اهو هڪ جنهن سان هڪ جوڙ ڪيو
ويو آهي سو ٻه ٿي پيو آهي، يا اهو هڪ جو جوڙ ڪيو
ويو آهي ۽ اهو هڪ جنهن سان هو جوڙ ڪيو ويو آهي، سي
جوڙ سبب، ٻه ٿي پيا آهن. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته
ڪيئن، جڏهن اهي گڏ ڪيا ٿا وڃن، اهو ميلاپ، يا هڪڙي
جو ٻئي جي ڀرسان رکڻ، سبب ٿئي ٿو هنن جي ٻن ٿيڻ
جو، ڇو ته، جڏهن اهي جدا هئا، تڏهن انهن مان هر ڪو
هڪ هو، ۽ اهي ٻه نه هئا. نڪي، وري، جڏهن هڪ کي ٻن
۾ ورهائجي ٿو، مون کي يقين ٿئي ٿو ته هي ورهاڱو ئي
سبب ٿئي ٿو هڪ جي ٻن ٿيڻ جو؛ ڇو ته تڏهن ڪا شيءِ
ٻه ٿي ٿئي بلڪ مخالف سببن منجهان. پهرينءَ حالت ۾
ائين ٿيو ڇو جو ٻه ايڪا گڏ آندا ويا، ۽ هڪڙو ٻئي
سان جوڙ ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري ائين ٿئي ٿو جو هو
ڌار ڪيا وڃن ٿا، ۽ هڪڙو ٻئي کان ورهايو وڃي ٿو.
نڪي، وري آءُ پاڻ کي قبول ڪرائي سگهندس ته آءُ
ڄاڻان ٿو ته ڪيئن هڪڙو پيدا ٿئي ٿو، مطلب ته، هي
دستور ڪنهن به شيءِ جي پيدا ٿيڻ، ڊهڻ يا زنده رهڻ
جو سبب مون کي ڏيکاري نٿو سگهي. مون کي پنهنجي دل
۾ هڪڙي ٻئي طريقي جو منجهيل خيال بيٺل آهي، پر آءُ
هن دستور کي لحظي لاءِ به قبول ڪين ڪندس.
46
پر هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي ماڻهوءَ ڏي ڪن ڏنو، جنهن
چيو ٿي ته، هن انئڪسئگورس جو ڪو ڪتاب پڙهيو هو.
جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ضمير ئي آهي جو حڪم ڏئي ٿو
۽ سڀني شين جو سبب آهي. هي قياس مون کي پسند آهي؛
مون کي اها ڳالهه برابر نظر آئي ته، ضمير سڀني شين
جو سبب ٿيڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي اندر ۾ ويچار
ڪيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ائين ضمير هر ڪنهن
شيءِ کي سڀ کان سهڻي نموني ۾ انتظام ۽ حڪم هيٺ ٿيڻ
يا ڊهڻ يا حيات رهڻ جو سبب هٿ ڪريون، ته اسان کي
معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڪيئن اها شيءِ سڀ کان سهڻي
دستور موجب حيات رهي سگهندي، يا ڪم ڪري سگهندي يا
مٿس ڪم ٿي سگهندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي فقط ايترو
تصور ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان سهڻي ۽ واجبي ڳالهه سندس
لاءِ، يا ٻين شين لاءِ، ڪهڙي آهي، ۽ پوءِ ضرور اهو
نتيجو نڪرندو ته هو ڄاڻندو ته خراب ڳالهه ڪهڙي
آهي؛ ڇو ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪڙي ئي علم ۾ چي وڃن
ٿيون. انهن خيالن مون کي گهڻي خوشي ڏني. مون
سمجهيو ته مون پنهنجي دل موافق هستي جي سبب جو
ڄاڻندڙ انئڪسئگورس ۾ هٿ ڪيو آهي، ۽ مون اميد ڪئي
ته هو پهريائين مون کي ٻڌائيندو ته ڌرتي سئين آهي
يا گول، ۽ پوءِ مون کي انهيءَ جو سبب به ضرور
سمجهائيندو، ۽ چوندو ته سڀ کان بهتر ڳالهه ڪهڙي
آهي، ۽ ڪيئن ڌرتيءَ لاءِ اهڙي صورت هئڻ سڀ کان
بهتر آهي. جيڪڏهن هو چوندو ته ڌرتي ساري ڪائنات جي
وچ تي آهي ته مون ڄاتو، هو سمجهائيندو ته هن جو
انهيءَ هنڌ رهڻ هن جي لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي؛
۽ آءُ تيار هوس ته هو جيڪڏهن مون کي هيءَ ڳالهه
صاف ڪري ڏيندو ته آءُ ٻئي ڪنهن قسم جو سبب نه
پڇندس. هن ساڳي ئي دستور موجب آءُ تيار هوس. سج،
چنڊ ۽ تارن بابت سوالن پڇڻ لاءِ ۽ انهن جي متعلق
رفتارن ۽ گردشن ۽ ڦيرن نسبت؛ ۽ آءُ تيار هوس ته
ٻڌان ته ڇو انهن مان هر هڪ لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه
آهي ائين ڪرڻ ۽ ٿيڻ جيئن ٿي رهيو آهي. مون بلڪل
نٿي ڀانيو ته، جڏهن هن چيو ته سڀ شيون ضمير جي حڪم
هيٺ آهن، تڏهين هو انهن جي ائين هئڻ لاءِ هن کان
سواءِ ڪو ٻيو سبب ڏيندو ته، هنن لاءِ ائين رهڻ سڀ
کان سهڻي ڳالهه آهي. مون ڄاتو ته هو هرهڪ شيءِ
لاءِ سبب ڄاڻائيندو، ۽ هن عالم جو به سبب ڏيندو، ۽
پوءِ مون کي سمجهائيندو ته، هر هڪ شيءِ لاءِ سڀ
کان سهڻي ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ سڀني جي چڱائي ڇا ۾
آهي. ڪيترو به کڻي حاصل ٿيم ها ته به جيڪر آءُ
پنهنجون اميدون ڪين وڪڻان ها مون وڏي شوق مان اهي
ڪتاب هٿ ڪيا، ۽ جيترو جلد ٿي سگهيو ايترو انهن کي
پرهيم، انهيءَ لاءِ ته خبر پويم ته سڀ کان سٺي
ڳالهه ڪهڙي آهي ۽ خراب ڪهڙي آهي.
(وڌيڪ پڙهو) |