19
تڏهن هنن سڀني حالتن ۾ هڪ جهڙين ۽ پڻ مختلف شين
ڏسڻ سان يادگيري پئجي سگهي ٿي؟
هائو.
پر جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ جهڙين شين ڏسندي ڪا
يادگيري پوي ٿي، تڏهن هن کي هڪڙي وڌيڪ حس دل ۾
ڪونه ايندي ۽ هو خيال ڪونه ڪندو ته جيڪا شبيهه هن
کي جنهن شيءِ جي يادگيري ڏياري ٿي سان هن کان ڪنهن
طرح گهٽ آهي يا نه؟
هن چيو ته، هائو.
هن چيو ته، هاڻي ڏس ته هي ڳالهه برابر آهي؟ اسان
کي برابري جي هستيءَ ۾ اعتبار آهي، نه ڪاٺين يا
پٿرن جي ٽڪرن جي برابريءَ ۾، پر انهيءَ کان به
ڪنهن وڌيڪ شيءِ ۾، يعني ڪامل برابري ۾؟ اسين چئي
سگهنداسون ته اهڙي شيءِ آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بيشڪ.
اسان کي انهيءَ جي ڪل ڪيئن ۽ ڪڏهن پئي؟ جيئن اسان
هينئر هڪ جيڏن ڪاٺي ۽ پٿر جي ٽڪر جي ڳالهه ٿي ڪئي،
انهن کي ڏسندي اها خبر پئي ڇا؟ اسان جي دل ۾ انهن
کي ڏسندي ڪيئن ڪامل برابريءَ جو تصور پيدا ٿيو، جو
انهن سڀني کان نرالو آهي؟ يا تون ڀائين ٿو ته اهو
نرالو نه آهي؟ سوال کي هن ريت جاچ. اسان کي ڪيئن
ڪاٺيءَ ۽ پٿر جا هڪ جيڏا ٽڪر ڪڏهن هڪ جيڏا ڏسڻ ۾
ايندا آهن ۽ ڪڏهن وڏا ننڊا ڏسڻ ۾ ايندا آهن،
جيتوڻيڪ هو هر وقت هڪجهڙا ئي رهندا آهن؟
هائو، برابر.
پر توکي ڪڏهن به ڪامل برابري واريون شيون ننڍيون
وڏيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، يا ڪامل برابريءَ ۾ ڪو فرق
ڏسڻ ۾ آيو آهي؟
سقراط، بلڪل نه.
هن ورندي ڏني ته، اها ڳالهه بلڪل درست آهي.
۽ اها به خبر توکي انهن مان ئي پئي ته هوءَ انهن
جهڙي آهي يا نه؟
هائو.
هن چيو ته، پر انهيءَ جي ڪري ڪا حرڪت آهي، جيڪڏهين
هڪ شيءِ جو ديدار ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي دل تي ٿو آڻي
ته، انهيءَ کي چئجي يادگيري، پوءِ ڀل اهي ٻه شيون
هڪ جهڙيون هجن يا نه.
ائين ته آهي.
هن چيو ته، چڱو تڏهن ڪاٺيءَ جا هڪ جيڏا ٽڪر ۽ ٻيون
اهڙيون هڪ جيڏيون شيون، جن بابت اسان ذڪر پئي ڪيو
آهي، سي اسان تي هن طرح اثر ڪن ٿا؟ اهي اسان کي
اهڙي طرح هڪ جيڏا نظر اچن جهڙيءَ طرح ڪام برابري
آهي يا اهي ڪامل برابري کان گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا
يا نه؟
هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اهي هن کان گهڻو گهٽ نظر
اچن ٿا.
اسين هن ڳالهه بابت متفق راءِ آهيون؟ ڪو ماڻهو ڪا
شيءِ ڏسي ٿو ۽ دل ۾ چوي ٿو ته، ”هيءَ شيءِ جيڪا
آءُ ڏسان ٿو سا فلاڻي شيءِ جهڙي ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري
ٿي، پر هوءَ انهيءَ کان گهٽ آهي ۽ انهيءَ جهڙي ٿي
نٿي سگهي، هوءَ نيچ قسم جي آهي. “ جيڪو ماڻهو
اهڙيءَ طرح ويچار ٿو ڪري تنهن ضرور اها ٻي شيءِ
اهڙي ڪنهن اڳئين وقت تي ڏٺي هوندي، جنهن جهڙي هو
پهرينءَ شيءِ کي ڀائين ٿو ۽ چوي ٿو ته اها نيچ قسم
جي آهي. برابر؟
چڱو تڏهن اسان کي هڪ جيڏين شين ۽ ڪامل برابريءَ
نسبت دل ۾ اهڙو خيال اچي ٿو يا نه؟
هائو، ضرور اهڙو خيال اچي ٿو.
تڏهن هڪ جيڏين شين ڏسڻ کان اڳ ۾ اسان کي ضرور
برابريءَ جي ڄاڻ هوندي، ۽ اسين تڏهين چئون ٿا ته
اهي شيون برابريءَ موافق ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر
اهي سڀئي برابريءَ کان گهڻو پوئتي پون ٿيون.
هائو، ائين آهي.
۽ اسين هن بابت به متفق راءِ آهيون ته برابري جو
خيال اسان جي اندر ۾ نڪي آيو آهي ۽ نڪي اچي سگهي
ها، پر فقط ڏسڻ يا ڇهڻ جي قوتن جي ڪري ئي يا ڪنهن
ٻئي حواس جي وسيلي ئي ائين ٿيو آهي. هي ڳالهه سڀني
حواسن سان لاڳو آهي.
هائو، سقراط، مباحثي لاءِ ائين قبول ڪبو.
لٿي پٿي ائين ته قبول ڪبو ته حواسن جي وسيلي ئي
اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته، سڀئي مظهر شيون ڪامل
برابرين وانگر ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر هن کان پست
پون ٿيون. ائين آهي يا نه؟
هائو.
تڏهن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي قوتن يا ٻين حواسن جي پيدا ٿيڻ
کان اڳ ۾ اسان کي ڪامل ۽ خالص برابريءَ جي سيرت جي
ڄاڻ پئي هوندي، نه ته جيڪر اسين هڪ جيڏين مظهر شين
کي ڪامل برابريءَ سان ڀيٽي ڪين سگهون ها ۽ چئي ڪين
سگهون ها ته هو هن جهڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر
سدائين هن کان پست پون ٿيون. برابر؟
سقراط، اسين جيڪي چئي رهيا آهيون، تنهن مان ضرور
هي نتيجو نڪري ٿو.
ڏسڻ يا ٻڌڻ جون قوتون ۽ ٻيا حواس اسان وٽ ڄمڻ کان
وٺي موجود ڪين رهيا آهن؟
هائو، تحقيق.
تڏهن، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، اسان کي اها ڄاڻ ڄمڻ کان
اڳ حاصل ٿي هوندي؟
ائين ٿو ڏسجي.
20
پر جيڪڏهن هيءَ ڄاڻ ڄمڻ کان اڳ ۾ اسان کي حاصل ٿيل
هئي، ۽ اسين انهيءَ سوڌا پيدا ٿيا هئاسون ته، چئي
سگهبو ته ڄمڻ جي وقت ۽ انهيءَ کان اڳ نه رڳو اسان
کي هڪ جيڏائي ۽ گهٽ وڌ جي خبر هئي، پر سڀ ڪنهن
اهڙي قسم جي شيءِ جي خبر هئي. اسان جو هي مباحثو
فقط برابري سان لاڳاپو نٿو رکي. انهيءَ جو ايترو
ئي لاڳاپو ڪامل خوبي، ڪامل حسن، ڪامل انصاف، ۽
ڪامل پاڪيزگي سان آهي. جنهن کي اسين پنهنجي مباحثي
۾ نج جو نالو ڏيون ٿا. تنهنڪري چئبو ته سڀني سچين
شين جي ڄاڻ اسان کي ڄمڻ کان اڳ ۾ پوي ٿي.
ائين ئي آهي.
۽ اسين سدائين هن علم سوڌا پيدا ٿيندا هونداسون ۽
اسين سدائين انهيءَ علم کي حياتيءَ جي عرصي ۾ پاڻ
وٽ قابو رکندا هونداسون، نه ته چئبو ته انهيءَ علم
کي حاصل ڪرڻ بعد هر ڀيري انهيءَ کي وساريون ٿا. ڇو
ته معلوم ڪرڻ جي معنيَ آهي علم حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ
کي قابو رکڻ ۽ انهيءَ کي نه وڃائڻ، سمئس، وسارڻ جي
معنيَ علم وڃائڻ نه آهي.
هن چيو ته، سقراط، هائو ائين برابر آهي.
پر، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين ائين آهي ته اسين
ڄمڻ وقت اهو علم وڃايون ٿا، جيڪو اسان ڄمڻ کان اڳ
حاصل ڪيو هو، ۽ پوءِ وري مظهر شين تي پنهنجن حواسن
کي ڪم لائڻ سان اڳوڻو علم وري هٿ ڪريون ٿا، ته
چئبو ته جنهن ڳالهه اسين سکڻ سڏيون ٿا، سو آهي
اڳوڻو علم وري حاصل ڪرڻ. اسين انهيءَ کي يادگيري
سڏيون ته صحيح ڪين آهي؟
تحقيق.
ڇو ته اسان ڏٺو آهي ته ڏسڻ يا ٻڌڻ يا ڪنهن ٻئي
حواس جي وسيلي ڪا ڳالهه معلوم ڪري سگهجي ٿي ۽ پوءِ
انهيءَ تان ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو خيال دل ۾ اچي سگهي
ٿو، جا انهيءَ جهڙي هجي يا ڪنهن ٻئي قسم جي هجي،
جا وسري وئي هجي؛ پر هن شيءِ سان لاڳاپو هجيس.
تنهنڪري آءُ چوان ٿو ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪ ضرور
صحيح هوندي: يا ته اسين هن علم سوڌا پيدا ٿيون ٿا
۽ انهيءَ کي ساري عمر قابو رکون ٿا، يا ته ڄمڻ بعد
جن بابت اسين چئون ٿا ته، سکن ٿا، سي رڳو ياد ڪن
ٿا، ۽ اسان جو علم فقط يادگيري آهي.
سقراط، هائو، ائين بلڪل صحيح آهي.
21
تڏهن، سمئس، تون ڪهڙيءَ ڳالهه کي پسند ٿو ڪرين؟
اسين علم سوڌا پيدا ٿا ٿيون، يا انهن شين کي ياد
ٿا ڪريون جن بابت ڄم کان اڳ اسان کي علم حاصل ٿيل
هو؟
سقراط، هن وقت آءُ چئي نٿو سگهان.
چڱو هن سوال بابت تنهنجو ڪهڙو رايو آهي ته جو
ماڻهو ڪجهه ڄاڻي ٿو سو جيڪي ڄاڻي ٿو، تنهنجو احوال
ڏئي سگهي ٿو يا نه؟ هائو، سقراط، هو ضرور ڏئي سگهي
ٿو.
۽ تون چئي سگهندين ته جن تصورن نسبت اسين ذڪر ڪندا
رهيا آهيون، تن بابت هو هر احوال ڏئي سگهي ٿو؟
سمئس چيو ته، آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته، جيڪر اءُ
ائين چئي سگهان، پر مون کي وڏو انديشو آهي ته
سڀاڻي هن وقت تائين ڪوبه اهڙو انسان حيات نه
هوندو، جو اهو احوال جيئن ڏيڻ گهرجي تيئن ڏئي
سگهي.
هن چيو ته، تڏهين، سمئس، تون نٿو ڀائين ته ڪو سڀني
ماڻهن کي انهن ڳالهين جي خبر آهي.
بلڪل نه.
تڏهن هو ياد ڪن ٿا، جيڪي هو ڪنهن وقت سکيا هئا؟
ضرور ائين آهي.
۽ اسان جي روحن کي ڪڏهين اهو علم حاصل ٿيو؟ انسان
ٿي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ته ائين نه ٿيو هوندو.
نه، بلڪل نه.
تڏهين ائين اڳ ۾ ٿيو هوندو؟
هائو.
تڏهين، سمئس اسان جا روح اڳئي، جسمن کان جدا، حيات
هئا ۽ انسانن جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هنن وٽ هوش
موجود هو.
يا ته، سقراط، هي علم اسان کي ڄمڻ وقت ملي ٿو. اهو
وقت اڃا ليکڻو آهي.
تڏهن، منهنجا دوست، ڪهڙي ٻئي وقت اسين اهوعلم
وڃايون ٿا؟ اسان اڃا هينئر قبول ڪيو آهي ته اسين
انهيءَ سميت نٿا ڄمون. ڇا اسين انهيءَ علم کي ان
ساڳيءَ وقت وڃايون ٿا، جنهن وقت انهيءَ کي حاصل ٿا
ڪريون؟ يا تون ڪو ٻيو وقت ڏئي سگهندين؟
سقراط، آءُ ائين ڪري ڪين سگهندس. مون خيال ڪونه
ڪيو ته ڪو آءُ غلط پيو ڳالهايان.
22
هن چيو ته، سمئس، تڏهن هيءَ ڳالهه سچي ڪين آهي؟
جيڪڏهن، جيئن اسين سدائين چوندا رهيا آهيون ته،
حسن، چڱائي ۽ ٻيا تصور سچ پچ زنده آهن، ۽ جيڪڏهن
اسين سڀئي شيون، جيڪي حواسن سان معلوم ڪريون ٿا،
انهن تصورن ڏانهن رجوع ڪريون ٿا جي اڳي اسان جا
هئا، ۽ جن کي اڃان به اسين معلوم ڪريون ٿا ته اسان
جا آهن، ۽ حواسن سان معلوم ٿيندڙ شين کي انهن سان
ڀيٽيون ٿا، تڏهن، جيئن اهي حيات آهي تيئن اسان جا
روح به اسان جي ڄمڻ کان اڳ موجود هوندا. پر جيڪڏهن
اهي حيات نه آهن ته پوءِ اسان جو مباحثو اجايوٿيو.
ائين اهي يا نه جيڪڏهين اهي تصور زنده آهن ته يڪدم
ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا روح به اسان جي ڄمڻ کان اڳ
موجود هوندا، ۽ جيڪڏهن اهي حيات نه آهن ته پوءِ
اسان جا روح به موجود نه رهيا آهن؟
سمئس چيو ته، سقراط، ڪهڙي نه سهڻي نموني هيءَ
ڳالهه وڌي ٿي. آءُ سمجهان ٿو ته جهڙي ضرورت هڪ
لاءِ آهي تهڙي ٻيءَ لاءِ به آهي. اسان جي ڄمڻ کان
اڳ اسان جي روحن جي موجودگي ۽ انهن تصورن جي
زندگي، جن بابت تو ذڪر ڪيو، انهن ٻنهي جي ثابتيءَ
۾ مباحثو هڪ سلامتي واري هنڌ تي رسيو آيه. منهنجي
ليکي حسن، چڱائي ۽ ٻيا تصور جن بابت تو هينئر ذڪر
ڪيو، تن کي تحقيق بلڪل سچي پچي زندگي آهي. تنهنجو
دليل مون لاءِ بلڪل ڪافي آهي.
سقراط چيو، پر ڪيبيز جو به ته خيال رکڻو آهي. مون
کي ڪيبيز کي به ضرور خاطري ڏيارڻي آهي.
سمئس چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته هن کي به خاطري ٿي
وئي آهي، جيتوڻيڪ مباحثي ۾هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ
شڪي آهي، پر آءُ سمجهان ٿو ته هن کي بلڪل پڪ ٿي
وئي آهي ته اسان جي ڄمڻ کان اڳ اسان جا روح حيات
هئا.
23
هن وڌيڪ چيو ته، پر، سقراط، آءُ پاڻ نٿو ڀانيان ته
ڪو تو ثابت ڪيو آهي ته اسان جي مري وڃڻ کان پوءِ
روح حيات رهندو. عام خطرو جنهن بابت ڪيبيز ذڪر ڪيو
ته مرڻ وقت شايد روح برباد ٿي وڃي ٿو ۽ موت شايد
هن جي حياتي پڄاڻي آهي، اهو مسئلو اڃا درپيش آهي.
کڻي قبول ڪجي ته روح ڪن ٻين عنصرن مان ٺهيل يا
پيدا ٿيل آهي، ۽ انسان جسم ۾ پوڻ کان اڳ حيات رهيو
آهي، تنهن هوندي به بدن ۾ پوڻ بعد جڏهن هن کي ان
هنڌان رهائي ملي ٿي، تڏهن ڇو نه هن جي پڄاڻي ٿيڻ
کپي ۽ ڇو نه هو نابود ٿيڻ گهرجي؟
ڪيبيز چيو ته، سمئس، تون صحيح آهين. آءُ ڀانيان ٿو
ته گهربل دليل جو فقط اڌ ملي رهيو آهي. ڏيکاريو
ويو آهي ته اسان جي ڄمڻ کان اڳ اسان جا روح حيات
هئا، پر جيڪڏهين دليل پورو ڏيڻو آهي ته، ضرور ظاهر
ڪرڻ کپي ته اسان جي مرڻ پڄاڻان به اسان جا روح
ائين حيات رهندا، جيئن هو اسان جي ڄمڻ کان اڳ حيات
هئا.
سقراط چيو ته، سمئس ۽ ڪيبيز، اهو ته اڳيئي ڏيکاريو
ويو آهي، جيڪڏهن اوهين هن مباحثي کي پنهنجي اڳينءَ
آخري ڳالهه سان ملائيندو، ته هر حياتي موت مان
پيدا ٿي آهي. ڇو ته جيڪڏهين روح اڳ ڪنهن به نموني
۾ حيات آهي، ۽ جيڪڏهن جڏهن هو جسماني حياتي ۾ اچي
ٿو ۽ ڄمي ٿو، ته ضرور هو موت مان پيدا ٿيو هوندو،
ته پوءِ موت جي حالت ۾ پڻ موت کان پوءِ به ڇو نه
حيات رهي، جنهن صورت ۾ هن کي وري پيدا ٿيڻو آهي؟
تنهن ڪري جنهن نقطي بابت تون چوين ٿو سو اڳيئي
ثابت ڪيو ويو آهي.
24
تنهن هوندي به آءُ ڀانيان ٿو ته تون ۽ سمئس خوش
ٿيندوء ته هن سوال تي بحث ڪجي. ٻارن وانگر اوهان
کي ڊپ ٿو ٿئي ته جڏهين روح جسم کي ڇڏيندو، تڏهن
هوا هن کي اڏائي انتشار ڪري ڇڏيندي، خاص ڪري
جيڪڏهن ڪو ماڻهو طوفان ۾ مرندو ۽ نه سانت ۾.
ڪيبيز کلي ڏنو ۽ چيائين ته، سقراط، ڪوشش ڪري اسان
کي پڪ ڏيار ڄڻ ته اسان کي خطرو آهي. بهتر ائين
ٿيندو ته تون اهو نه ڄاڻ ته ڪو اسين پاڻ ٿا ڊڄون؛
پر شايد اسان جي اندر ۾ ڪو ٻار ويٺو آهي، جنهن کي
اهي خطرا لاحق آهن. اچ ته ڪوشش ڪري هن کي انهيءَ
ڳالهه تي آڻيون ته موت لاءِ خوف رکڻ نه کپي ۽ نه
اهو سمجهڻ گهرجي ته موت هيبناڪ شيءِ آهي.
سقراط چيو ته، اوهان کي انهيءَ ٻار تي هر روز
جادوءَ ٽوڻو ڪرڻو پوندو، ايستائين جيستائين ان ٻار
کي ريهي ريبي من مان ڪڍي ڇڏيو.
هن چيو ته، سقراط، هاڻي جڏهين تون اسان کي ڇڏي ٿو
وڃين ته، پوءِ اسين اهڙو جادوگر ڪٿان آڻينداسون.
هن جواب ڏنو ته، ڪيبيز، يونان وڏو ملڪ آهي ۽ هن ۾
اوهان کي ڪي چڱا ماڻهو ضرور لڀي پوندا، بلڪ اجنبي
ماڻهن جون به ڪيتريون ئي قومون آهن. اوهان کي کپي
ته خرچ ۽ تڪليف جو سانگو نه ڪريو ۽ انهن سڀني ۾
اهڙي جادوگر جي تلاش ڪريو، ڇو ته اهڙي ٻي ڪابه
شيءِ نه آهي جنهن تي خرچ سجايو ٿيندو. اوهين پاڻ ۾
پڻ هن لاءِ ڳولا ڪريو، ڇو ته اوهان کي پاڻ کان
وڌيڪ ڪو ٻيو جادوگر ملي نه سگهندو.
ڪيبيز چيو ته، اسين ائين ڪنداسون. پر هاڻي، جيڪڏهن
تنهنجي مرضي هجي ته ڳالهه کي اتان کان اڳتي کڻون
جنهن جاءِ تي انهيءَ کي ڇڏيو اٿئون.
هائو، منهنجي بلڪل اها ئي مرضي آهي؟
ڪيبيز ورندي ڏني، پوءِ ڏاڍو چڱو.
25
سقراط چيو ته، چڱو، اسان کي هي سوال پاڻ کان به ڇو
نه پڇڻ کپي ته، ڪهڙي شيءِ انتشار ٿيڻ جهڙي آهي ۽
ڪهڙي قسم جي شيءِ لاءِ انتشار ٿيڻ جو خطرو رکڻ
کپي؟ پوءِ اسان کي ڏسڻ کپي ته روح اهڙي قسم جي
شيءِ آهي به يا نه، ۽ انهيءَ موجب اسان کي پنهجن
روحن لاءِ دلجاءِ ڪرڻ گهرجي يا ڪو خوف ۽ وسوسو رکڻ
کپي.
هن جواب ڏنو ته، ائين برابر آهي.
هاڻي ائين ڪين آهي ته گڏيل ۽ مرڪب شيءِ ضرور ائين
انتشار ٿيندي، جهڙيءَ طرح هن جنم ورتو هوندو؟ ۽
ائين نه آهي ته جيڪڏهن ڪا شيءِ انتشار نه ٿيندي ته
اها ضرور اها هوندي جيڪا مرڪب نه هوندي؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهه ائين ئي
آهي.
۽ ائين نه آهي ته، جيڪا شيءِ سدائين ساڳي حالت ۾
رهي ٿي ۽ ڦري گهري نٿي سائي گهڻو ڪري مرڪب نه
هوندي، ۽ جيڪا سدائين ڦري گهري ٿي ۽ ڪڏهين به ساڳي
حالت ۾ نٿي رهي، سا ئي مرڪب هوندي؟
هائو، آءُ ائين ٿو ڀانيان.
هن چيو ته، هاڻي اچ ته وري انهيءَ ڳالهه کي وٺون،
جنهن جو اڳ مباحثي ۾ ذڪر ڪيوسون پئي. اها شيءِ،
جنهن کي اسين ٻولي ۾ مطلق هستي سڏيون ٿا، سا
سدائين بلڪل ساڳي حالت ۾ رهي ٿي، يا ڦري گهري ٿي؟
مطلق برابري، مطلق سونهن ۽ ٻيءَ سڀ ڪنهن مطلق
هستيءَ ۾ ڦير گهير ٿي سگهي ٿي؟ يا مطلق هستي سڀ
ڪنهن حالت ۾، پنهنجي جوهر موجب متفق هئڻ سبب،
سدائين ساڳي ۽ اڻ مٽ رهي ٿي، ۽ هرگز ڪنهن به حالت
۾ هن ۾ ڪهڙي به قسم جي تبديلي ٿي نٿي سگهي؟
ڪيبيز چيو ته، سقراط، هوءَ ضرور ساڳي ۽ اڻ مٽ
رهندي.
۽ هيتريون سهڻيون شيون، جيئن ته انسان، گهوڙا،
پوشاڪون، ۽ ٻيون اهڙيون شيون، ۽ اهي سڀئي جي خيالي
نالن سان سڏجن ٿيون، جيئن ته حسن، يا ٻيون شيون،
انهن کي ڇا ٿو سمجهين؟ اهي ساڳي حالت ۾ رهن ٿيون،
يا انهن جو حال انهيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي؟ مطلب ته
اهي ڪڏهن به پنهنجي پاڻ ۾ يا پنهنجن لاڳاپن ۾ ساڳي
حالت ۾ نٿيون رهن ڇا؟
ڪيبيز چيو ته، اهي شيون ڪڏهن به ساڳي حالت ۾ نٿيون
رهن.
انهن شين کي اوهين ڇهي سگهو ٿا، ڏسي سگهو ٿا ۽ ٻين
حواسن سان جانچي سگهو ٿا، پر اڻ مٽ يا تاحيات شين
کي اوهين فقط ضمير جي دليلن سان سمجهي سگهو ٿا.
اهي پويون شيون ڳجهه آهن ۽ ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.
ائين ڪين آهي؟
هن چيو ته، ائين برابر آهي.
(وڌيڪ پڙهو) |