59
هن چيو ته، چڱو، منهنجا دوست، هيءَ آهي منهنجي
آکاڻي. پهريائين ته اها ڌرتي پاڻ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو
انهيءَ کي مٿان ڏسي سگهندو ته، اهڙن کينهوڙن مان
هڪڙي وانگر نظر ايندي، جي ٻارنهن چم جي ٽڪرن سان
ڍڪيل هوندا آهن، ۽ هن تي گهڻا رنگ نڪتل آهن، جن
مان جيڪي رنگ سان جا نقاش/ آرٽسٽ هتي ڪم آڻين ٿا،
سي، ڄڻ ته نمونا آهن. پر اتي سڄي ڌرتي انهن رنگن
سان چٽي پئي آهي، ۽ ٻين رنگن سان به جي انهن رنگن
کان گهڻو وڌيڪ چمڪندڙ ۽ صاف آهن. ڇو ته هن جو ڪو
ڀاڱو عجيب سونهن واري وانڱڻائي رنگ جو آهي، ۽ ڪو
ڀاڱو سونهري رنگ جو اٿس، ۽ جيڪو ڀاڱو اڇو اٿس، سو
چاڪ يا برف کان به وڌيڪ سفيد آهي. ساڳئي دستور
موجب هن تي ٻيا رنگ نڪتل آهن، ۽ پڻ ڪي اهڙا رنگ
نڪتل اٿس جن جهڙا سهڻا اسان ڪڏهن به ڪين ڏٺا آهن.
خود انهيءَ جا هيٺاهان ڀاڱا، جيڪي پاڻيءَ ۽ هوا
سان ڀريل آهن، انهن کي به هڪڙي قسم جو رنگ آهي، جو
ٻين مختلف رنگن جي وچ ۾ چمڪي ٿو، ۽ تنهن ڪري
انهيءَ جي صورت هڪڙي سنئين ۽ پٽاپٽي مٿاڇري وانگر
ڏسجي ٿي ۽ جيڪي انهيءَ سهڻيءَ ڌرتيءَ ۾ پيدا ٿئي
ٿڳو ٿو- هن جا وڻ ۽ گل ۽ ميوا- سو وڌيڪ سهڻو آهي
انهيءَ کان جيڪي ساڳئي انداز ۾ اسان وٽ پيدا ٿئي
ٿو. ۽ ساڳئي دستور موجب هن جون ٽڪريون ۽ پٿر
لسائيءَ، چمڪ ۽ رنگ ۾ وڌيڪ سهڻا آهن. اسين جيڪي
پٿر هن دنيا ۾ قيمتي ڪري ليکيون ٿا، اسان جا عقيق،
يشم، زمرد ۽ ٻيا اهڙا، سي انهن جا فقط ذرڙا آهن.
پر انهيءَ جو سبب هي آهي جو هو صاف آهن، ۽ اسان جي
پٿرن وانگر، گند ۽ کاري پاڻي جي ڪري خراب ٿيل ۽
سينواريل نه آهن، جي انهيء مير مان پيدا ٿين ٿا جو
هيٺاهينءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو، ۽ پٿرن ۽ زمين ۽ انهن سان
گڏ سون ۽ روپو
۽ ٻيون اهڙيون شيون، سچيءَ ڌرتيءَ کي سينگارين
ٿيون ۽ اهي پنهنجي جهجهائي ۽ مقدار جي ڪري نروار
آهن، ۽ اهي گهڻن هنڌ لڀن ٿيون؛ تنهنڪري جيڪو ماڻهو
انهيءَ ڌرتيءَ کي ڏسي سگهندو، تنهن کي راحت ايندي.
گهڻائي ساهوارا انهيءَ تي رهن ٿا؛ ۽ ڪي هوا جي
چوگرد رهن ٿا، جيئن اسين سمنڊ جي چوڌاري رهون ٿا،
۽ ڪي ٻٽين ۾ رهن ٿا، جن جي چوڦير هوا آهي، جي
انهيءَ ڏيهه جي نزديڪ آهن. مطلب ته، اهي هوا کي
ائين ٿا ڪم آڻين جيئن اسين پاڻي ۽ سمنڊ کي ڪم ٿا
آڻيون، ۽ اهي اَڻيون، ۽ اهي اَثير کي ائين ٿا ڪتب
آڻين جيئن اسان هوا کي ڪتب آڻيون ٿا. انهن جي
موسمن جي هوا اهڙي معتدل آهي جو هو بيماري کان ڇٽل
رهن ٿا، ۽ هو اسان کان گهڻو وقت جيئن ٿا؛ ۽ هنن جي
نظر ۽ ٻڌڻ ۽ سنگهڻ جون قوتون، ۽ ٻيا حواس، اسان جي
حواسن کان ايتري قدر وڌيڪ سالم آهن، جيتري قدر هوا
پاڻي کان وڌيڪ صاف آهي، ۽ اَثير (ايٿر) هوا کان
وڌيڪ صاف آهي. تنهن کان سواءِ انهن وٽ خدائن مندر
۽ مقدس مڪان آهن، جن ۾ سچ پچ خدا رهن ٿا؛ هو خدائن
جا آواز ۽ قول ٻڌن ٿا، ۽ انهن کي خوابن ۾ ڏسن ٿا،
۽ روبرو هنن سان رغبت ۾ اچن ٿا ۽ هو سج، چنڊ ۽
تارا ائين ڏسن ٿا، جيئن هو سچ پچ آهن؛ ۽ ٻين
ڳالهين ۾ به هنن کي اهڙي ئي راحت پلئه پوي ٿي.
60
اهڙي آهي سراسري فطرت انهيءَ ڌرتي جي، ۽ جيڪي مٿس
آهي؛ ۽ هر هنڌ انهيءَ جي گولي تي هيٺاهين ۾
ڪيترائي ڀاڱا آهن، جن مان ڪي اسان جي رهڻ وارن
ڀاڱن کان وڌيڪ کليل ۽ اونهان آهن؛ ۽ ڪي وڌيڪ
اونهان. پر سوڙهن منهن وارا آهن؛ ۽ ڪي وري اسانجن
کان وڌيڪ تراکڙا ۽ ويڪرا آهن. اهي سڀئي هڪ ٻئي سان
ڳنڍيا پيا آهن. ڪيترين واهين جي وسيلي جي انهيءَ
ڌرتي جي هيٺان وهن ٿيون، جن مان ڪي سوڙيون آهن۽ ڪي
ويڪريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪي پيچرا آهن، جن جي وسيلي
ڳچ پاڻي هڪ مان وهي ٻئي ۾ پوي ٿو، جيئن ماٿرين ۾
ٿيندو آهي، ۽ انهيءَ ڌرتي جي هيٺان ڪشاديون ۽ سدا
وهندڙ نديون گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون وهن ٿيون، ۽ اتي
گهڻي باهه موجود آهي، ۽ وڏيون باهه جون نديون
هلندڙ آهن، ۽ گهڻيون آلي گپ جون نهرون به آهن، جن
مان ڪي صاف آهن ۽ ڪي ميريون آهن، جهڙوڪ گپ جون
نهرون سسلي (ٻيٽ) ۾ ٻرندڙ جبلن جي بخار نڪرڻ کان
اڳ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ۽ خود ٻرندڙ جبلن وارا
بخار به اتي نظر ايندا. جيئن اهي نديون انهيءَ
ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرن ٿيون، تيئن هر هڪ هيٺاهين
ڀاڱي کي واري تي ڀرين ٿيون. اهي سڀئي هيٺ مٿي ٿين
ٿيون، هڪڙي لوڏي جي ڪري جي انهيءَ ڌرتي ۾ رکيل
آهي، ۽ جو پيدا ٿيو آهي ڪنهن هيٺين قسم جي طبعي
سبب جي ڪري. انهيءَ ڌرتي جي هيٺاهين مان هڪڙي ٻين
کان وڌيڪ ڪشادي آهي، ۽ انهيءَ کي هڪڙي پاسي کان
ٻئي پاسي تائين، وچان وڍي ٿي. هومر (شاعر) انهيءَ
جو هيٺئين لفظن ۾ بيان ڏئي ٿو:
تمام پري، ڌرتيءَ اندر سڀ کان وڌيڪ اونهي کڏ آهي.
۽ ٻين هنڌ هن ۽ ٻين ڪيترن شاعرن انهيءَ کي ٽارٽيرس
(يعني دوزخ) ڪري سڏيو آهي. سڀ نديون هن اونهيءَ کڏ
۾ وهي اچن ٿيون، ۽ وري انهيءَ مان ٻاهر نڪرن ٿيون؛
۽ انهن مان هر ڪا اهڙي صورت اختيار ڪري ٿي جهڙيءَ
زمين مان اها وهي ٿي. ڇو ته هو سڀئي انهيءَ کڏ ۾
وهي اچن ٿيون ۽ وري اتاهون نڪرن ٿيون، تنهن جو سبب
هي آهي جو پاڻيءَ کي ترو آهي ئي ڪونه، جنهن تي هو
بيهي سگهي. هوءَ لڏي ٿي ۽ هيٺ مٿي ٿئي ٿي، ۽ هوا ۽
باد جي هن جي چوگرد آهن سي به ائين ئي ڪن ٿا، ڇو
ته اهي هن سان هلن ٿا، جيئن هوءَ ڌرتيءَ جي هڪڙي
پاسي کان ٻئي پاسي وڃي ۽ وري موٽي ٿي؛ ۽ جيئن ساهه
کڻڻ ۾ ساهه سدائين ٻاهر ۽ اندر اچي وڃي ٿو، تيئن
اتي هوا، پاڻيءَ سان گڏ چري، خوفناڪ ۽ زبردست
طوفان اٿاري ٿي، جيئن هوءَ اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي
ٿي. جڏهن پاڻي ڌرتيءَ جي انهن ڀاڱن ڏانهن زور سان
هٽي ٿو، جن کي اسين هيٺاهان ڀاڱا سڏيون ٿا، تڏهن
اهو انهن نهرن وارن ملڪن مان وهي ٿو، ۽ انهن کي
ڀري ٿو، ڄڻ ته ڪنهن انهن ۾ اٿلائي وڌو اٿس. ۽ وري،
جڏهن هو انهن ملڪن مان زور سان پوئتي هٽي ٿو، تڏهن
وري سڀني نهرن کي ڀري ٿو، ۽ پوءِ اهي ڌرتيءَ جي
سڀني واهن مان وهن ٿيون، ۽ پنهنجن جدا جدا مڪانن
تائين وڃن ٿيون، ۽سمنڊ، ڍنڍون ۽ نديون ۽ چشما پيدا
ڪن ٿيون. پوءِ هو وري ڌرتيءَ ۾ اندر هٽن ٿيون، ۽
ڪي گهڻن ملڪن ۾ ۽ ڪي ٿورن ملڪن جي چوڌاري وڏا ۽
ننڍا چڪر ڏئي، وري ٽارٽيرس ۾ پون ٿيون، ڪي جنهن
هنڌان نڪتيون هيون تنهن کان گهڻو هيٺ ۽ ڪي ٿورو
هيٺ، پر سڀئي پنهنجي نڪرڻ واري هنڌ کان هيٺ لهي
ڇوڙ ڪن ٿيون. ۽ انهن مان ڪي وري جنهن پاسي کان
اندر آيون هيون تنهن مان زور سان نڪري ٻاهر ٿين
ٿيون؛ ۽ ڪي وري ٻئي پاسي کان نڪرن ٿيون؛ انهن مان
ڪي وري آهن جي ڌرتيءَ جي چوگرد ڦرن ٿيون، ۽ انهيءَ
کي چوڌاري نانگن جي مثل وڪوڙين ٿيون، هڪڙو دفعو يا
شايد گهڻائي دفعا، ۽ پوءِ وري، جيترو ٿي سگهي ٿو
اوترو هيٺ، ٽارٽيرس ۾ وهي وڃن ٿيون. اهي ڌرتيءَ
جي ٻنهي پاسن کان هن جي وچ تائين هيٺ اچي سگهن
ٿيون. انهيءَ حد کان اڳتي ٻنهي پاسن کان هنن کي
ٽڪر تي چڙهڻو پوندو.
61
اهي نديون گهڻيون ۽ وڏيون ۽ انيڪ قسمن جون آهن؛ پر
انهن سڀني مان مشهور چار آهن، جن مان سڀني کان وڏي
۽ سڀني کان ٻاهرين، جيڪا ساري ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري
ٿي، تنهن کي سڏين ٿا اوشينس. ”اوشينس“ جي سامهون،
۽ انهيءَ جي ابتڙ طرف وهندڙ آهي ”ائڪيران“، جا
بيابان وارن ملڪن مان وهي ٿي، ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي
هيٺان هلي ٿي، جيسين ڪِ اچي ”ائڪروسي“ ڍنڍ ۾ پوي
ٿي، جتي گهڻو ڪري مئلن جا روح وڃن ٿا، ۽ مقرر ٿيل
وقت ترسن ٿا، جو ڪن لاءِ وڏو آهي، ۽ ڪن لاءِ ننڍو
آهي، ۽ پوءِ وري جانور ٿي ڄمڻ لاءِ موڪليا وڃن ٿا.
ٽين ندي انهن ٻن جي وچ واري هنڌان اڀري ٿي، ۽
پنهنجي نڪرڻ واري هنڌ جي ڀرسان هڪڙي ڪشادي باهه
واري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، ۽ هڪڙي ڍنڍ بنجي پوي ٿي،
جا اسان جي سمنڊ کان ڪشادي آهي، ۽ پاڻي ۽ گپ سان
ڇوليون ڏئي ٿي. اتاهون وري اها گپ ۽ گند سان ڀرجي
ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري ٿي، ۽ گهڻن وراڪن بعد اچي
ائڪروسي ڍنڍ جي پڇڙيءَ ۾ پوي ٿي، پر هوءَ ڍنڍ جي
پاڻيءَ سان ملي نٿي وڃي؛ ۽ وري ڌرتيءَ جي هيٺان
ڪيترن وڪڙن کان پوءِ اچي ٽارٽيرس جي هيٺئين ڀاڱي ۾
ڇوڙ ڪري ٿي. اها آهي ندي جنهن کي ماڻهو سڏين ٿا
”پائريفليگيٿان“ جي نالي سان؛ ۽ انهيءَ جا ڪي ڀاڱا
گرم نهرن ۾ پون ٿا، جتي هو ڌرتيءَ تي لڀن ٿيون.
چوٿين ندي ٻئي پاسي ڏانهن آهي. انهيءَ جي نسبت سان
چون ٿا ته هوءَ پهريائين هڪڙي خوفناڪ جهنگلي ڏيهه
۾ پوي ٿي، جنهن جو چهرو ڪارو آسماني آهي. انهيءَ
کي سٽجي نهر سڏين ٿا. ۽ جيڪا ڍنڍ هن جي پاڻي مان
ٺهي ٿي تنهن کي ”سٽڪس“ سڏين ٿا. ۽ جيڪا ڍنڍ ۾ پوڻ
کان پوءِ ۽ پنهنجي پاڻيءَ ۾ عجيب طاقت حاصل ڪرڻ
بعد، هيٺ ڌرتيءَ ۾ پيهي وڃي ٿي، ۽ پائريفليگيٿان
جي سامهين طرف ور وڪڙ کائي ٿي، جا هن سان ٻئي طرف
مان ائڪروسي ڍنڍ ۾ ملي ٿي. هن جو پاڻي پڻ ٻئي
پاڻيءَ سان ملي نٿو وڃي. اهو هڪڙي دائري ۾ ڦري ٿو
۽ پائريفليگيٿام جي سامهون ٽارٽيرس ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
هن جو نالو. شاعر چون ٿا، آهي ڪاڪيٽس.
62
اهڙي آهي فطرت انهن مڪانن جي؛ ۽ جڏهن مئا انهيءَ
هنڌ اچن ٿا جتي انهن مان هر هڪ کي سندس فرشتو آڻي
ٿو، تڏهن پهريائين انهن نسبت فتويَ ڏني وڃي ٿي،
اهڙيءَ طرح جيئن هنن حياتيون چڱيون ۽ پاڪ ٿي
گذاريون آهن، يا نه. اُهي جن جون حياتيون نڪي تمام
چڱيون ٿي گذريون آهن ۽ نڪي تمام خراب، سي ائڪيران
ندي ڏي وڃن ٿا، ۽ اُتي جيڪي جهاز هنن کي هٿ اچن ٿا
تن ۾ چڙهي، ڍنڍ ڏي روانا ٿين ٿا. اُتي هو رهن ٿا.
۽ هنن جيڪي گناهه ڪيا آهن تن جي هنن کي سزا ملي
ٿي، ۽ هو صاف ڪيا وڃن ٿا ۽ کين معافي ڏني وڃي ٿي؛
۽ سندس چڱن ڪمن لاءِ کين، هر هڪ جي حق موافق،
انعام ڏنا وڃن ٿا. پر اهي سڀئي جيڪي سخت گناهن سبب
سڌرڻ جهڙا ڏسڻ ۾ نٿا اچن- اهي جن گهڻا ۽ وڏا
بيحرمتيءَ جهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ بڇڙا ۽ بي قاعدي خون
ڪيا آهن، يا انهن جهڙا ٻيا ڏوهه ڪيا آهن- سي سندن
قسمت موجب ٽارٽيرس ۾ اڇلايا وڃن ٿا، جتان هو وري
ڪڏهن به ٻاهر نٿا نڪرن. اهي جن عظيم گناهه ڪيا
آهن؛ پر اهي گناهه اهڙا نه آهن جو هنن جو بدلو ڏيڻ
ناممڪن هجي، جيئن ته، مثلا، اُهي جي ڪاوڙ وقت پيءُ
يا ماءُ سان سختيءَ سان هليا آهن، ۽ پوءِ ساري عمر
انهيءَ لاءِ پڇتاءُ ڪيو اٿن، يا اُهي جن ڪنهن ساڳي
دستور موجب خون ڪيا آهن، تن کي به ٽارٽيرس ۾ اندر
لهڻو پوندو. پر جڏهن اُهي اتي سال کن رهندا، تڏهن
ڪا لهر هنن کي ٻاهر اڇلائي وجهندي، خون ڪندڙ
ڪاڪيٽس ۾ وڃي ڪرندا، ۽ پيءُ ۽ ماءُ سان وڙهندڙ
پائريفليگيٿان ۾ وڃي پوندا؛ ۽ جڏهن اهي ائڪروسي
ڍنڍ تائين کڄي ويندا، تڏهن اهي رڙيون ڪندا ۽ جن کي
ڪٺو يا ماريو هوندائون تن کي سڏ ڪندا، ۽ آزيون ۽
نيزاريون ڪندا ته کين ٻاهر نڪري ڍنڍ ۾ اچڻ جي
اجازت ملي، ۽ کين رفيقن وانگر ورتو وڃي. جيڪڏهن
هنن جي آزين نيزارين اثر ڪيو ته، هو ٻاهر نڪرندا،
۽ سندن تڪليفون دفع ٿينديون؛ پر جي انهن اثر نه
ڪيو ته، هو وري کڄي وڃي ٽارٽيرس ۾ ڪرندا، ۽ اتان
هو وري وڃي ندين ۾ پوندا، ۽ هنن جي سزا تيسين ختم
نه ٿيندي، جيسين جن کي هنن آزاريو آهي سي کين
معافي نه ڏيندا. اهڙي سزا انهن تي سندن منصف مقرر
ڪن ٿا. پر اهي جيڪڏهن پنهنجن حياتين ۾ پاڪائي سان
پڌرا ٿي رهيا آهن سي هن دنيا مان ائين ڇٽن ۽ آزاد
ٿين ٿا، جيئن ڪِ زندان مان. اهي پنهنجي مقدس مڪان
تي چڙهي وڃن ٿا، ۽ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهن ٿا، ۽
انهن مان اهي جن پاڻ کي فيلسوفيءَ سان پوريءَ طرح
صاف ڪيو آهي، سي آئنده جسمن کان جدا گذارين ٿا، ۽
انهن کان به سهڻن مڪانن ڏي وڃن ٿا، جن جو سولائي
سان بيان ڪري ڪين سگهبو، ۽ جن نسبت هينئر ذڪر ڪرڻ
لاءِ مون کي وقت ڪونهي. انهن سڀني سببن جي ڪري،
سمئس، اسان کي هن حياتيءَ ۾ زهد ۽ حڪمت حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪنهن به تڪليف کان موشو ڪرڻ نه کپي. اعليَ
آهي انعام، ۽ قوي آهي اميد.
63
ڪوبه عقل وارو ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي ضد نه ڪندو
ته، اهي ڳالهيون بلڪل ائين آهن يا نه، جيئن مون
انهن جو ذڪر ڪيو آهي. پر آءُ ڀانيان ٿو ته هو
اعتبار ڪندو ته روح ۽ سندس رهڻ جي جاءِ نسبت ڪا
اهڙي ڳالهه مڙيئي سچي هوندي، ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته
هو (روح) لايموت آهي، ۽ هن لاءِ چڱو آهي ته ههڙي
اعتقاد جي ڪري سڀ تڪليفون سر تي کڻي. اهو سودو
سستو آهي، ۽ هن کي کپي ته ههڙن منترن سان پنهنجن
انديشن تي جادو هڻي.انهي ڪري مون هي سمورو وقت هن
آکاڻي کي ڊيگهارو ڪيو آهي. انهن سببن جي ڪري انسان
کي کپي ته پنهنجي روح نسبت دلجاءِ ڪري، جيڪڏهن هن
پنهنجي حياتيءَ ۾ بدن جي زيب زينت ۽ عيش عشرت کي
ترڪ ڪيو آهي، ڇو ته اهي هن جي لاءِ ڪِي به ڪين
هئا، ۽ هن سمجهيو آهي ته اهي کيس ڪوبه فائدو ڪونه
رسائيندا، پر اٽلندو نقصان پهچائيندا؛ ۽ جيڪڏهن
انهن جي بدران هن دلچسپيءَ سان علم جا مزا اختيار
ڪيا آهن، ۽ پنهنجي روح کي پرهيزگاري، انصاف،
دليري، آزادي ۽ سچ جي زيورن سان سينگاريو اٿس، جي
هن جي ملڪيت آهن ۽ حق آهن، ته پوءَ هو ٻيءَ دنيا
ڏانهن مسافريءَ لاءِ تيار ٿي بيهندو، جنهن وقت به
کڻي هن کي قضا جي ڪوٺ ٿئي هو مُور نه مڙندو.
توهين، سمئس ۽ ڪيبيز، ۽ ٻيا سڀئي ڪنهن ايندڙ ڏينهن
روانا ٿيندو، هر ڪو پنهنجي خاص وقت تي هليو ويندو.
پر مون کي هينئر، جيئن ڪو مغموم شاعر چوندو ته،
ازل جو سڏ ٿيو آهي. منهنجي لاءِ هينئر وقت ڀرجي
آيو آهي ۽ مون کي وهنجڻ لاءِ اٿڻ گهرجي. آءُ
سمجهان ٿو ته چڱو ٿيندو ته زهر پيئڻ کان اڳ ۾ آءُ
تڙ ڪريان، ۽ عورتن کي پنهنجي مئل بدن جي ڌوئڻ جي
تڪليف نه ڏيان.
64
جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن ڪريٽو چيو ته، جيڪا
اوهان جي مرضي. پر توکي مون لاءِ يا پنهنجن دوستن
لاءِ يا پنهنجن ٻارن يا ٻين ڳالهين نسبت ڪي حڪم
ڏيڻا آهن؟ ڪهڙيءَ طرح اسين تنهنجي سڀ کان چڱيءَ
طرح خدمت ڪري سگهنداسون؟
ڪريٽو، جيئن آءُ اوهان کي سدائين چوندو رهيو
آهيان، فقط ائين ڪرڻ سان. اوهين پنهنجي وجود جي
پوري طرح خبرداري وٺو، ۽ ائين ڪرڻ سان اوهين
منهنجي پنهنجي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ خدمت ڪندا رهندو،
جيتوڻيڪ هن وقت اوهين کڻي ڪي به انجام نه ڏيو. پر
جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڻ نسبت بي پرواهه رهندو، ۽
اهو طريقو حياتيءَ جو اختيار نه ڪندو جو اسان
پنهنجي اڄوڪي ۽ اڳ وارن مباحثن ۾ ڏيکاريو آهي، ته
پوءِ اوهان جا سمورا هينئر وارا انجام، کڻي اهي
ڪهڙا به سرگرم ۽ گهڻا هجن، ته به ڪنهن نه ڪم جا
ٿيندا.
ڪريٽو چيو ته، اسين ائين ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪنداسون.
پر اسين توکي ڪهڙيءَ ريت دفن ڪريون؟
هن جواب ڏنو ته، جيئن اوهان کي وڻي؛ پهريائين
اوهان کي مون کي پڪڙڻو پوندو، جيئن آءُ اوهان وٽان
ڀڄي نه وڃان. پوءِ هن مشڪي اسان ڏانهن نهاريو ۽
چيائين ته، منهنجا دوستو، آءُ ڪريٽو کي يقين ڏياري
نٿو سگهان ته ڪو آءُ ساڳيو سقراط آهيان، جنهن
اوهان سان ويٺي گفتگو ڪئي، ۽ پنهنجن دليلن کي پئي
پوري طرح پيش ڪيو. هو ڀائين ٿو ته آءُ جسم آهيان
جو جلد ئي جنازو ٿي پوندو، ۽ پڇي ته ڪيئن هو مون
کي دفن ڪري. سڀئي دليل جيڪي مون انهيءَ ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪم آندا ته زهر پيئڻ بعد آءُ اوهان وٽ نه
رهندس، پر سڳورن واري راحت ڀرئي هنڌ ڏانهن هليو
ويندس، جن سان مون اوهان کي ۽ پاڻ کي دلجاءِ ڏيارڻ
جي ڪوشش ڪئي، سي نسورا ڄڻ هن مٿان گذري ويا آهن.
تنهن ڪري اوهين هن وٽ منهنجي پاران صامن پئو، جيئن
مقدمي وقت هو منهنجو ضامن پيو هو، پر ٻئي نموني ۾-
هو منهنجي لاءِ ضامن هو ته آءُ حاضر رهندس، پر
اوهين منهنجي لاءِ ضامن پئو ته آءُ مرڻ بعد هليو
ويندس، ۽ اوهان وٽ ڪين رهندس. تڏهن هن کي منهنجي
موت تي گهٽ ارمان ٿيندو، ۽ جڏهن هو منهنجو بدن
سڙندو يا دفن ٿيندو ڏسندو، تڏهن هو ڏک نه ڪندو ۽
سمجهندو ته ڪو آءُ خوفناڪ تڪليفون ٿو سهان؛ ۽
منهنجي ڪانڌپي وقت نه چوندو ته هي سقراط آهي جنهن
کي سينگاريان ٿو، يا قبر ڏانهن کڻي هلان ٿو، يا
پوريان ٿو ۽ هو چوندو رهيو ته، پيارا ڪريٽو، توکي
سمجهڻ گهرجي ته لفظ غلط طرح ڪم آڻڻ نه رڳو خطا
آهي، پر ائين ڪرڻ ڪري روح ۾ پڻ خرابي پيد ٿي ٿئي.
توکي خوش رهڻ گهرجي ۽ تون چئه ته، تون ئي منهنجو
بدن دفن ڪندين؛ ۽ انهيءَ کي جيئن توکي وڻي، ۽ جيئن
تون سهڻو سمجهين تيئن پورجانءِ.
اِ هي لفظ چئي اٿيو ۽ وهنجڻ لاءِ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾
ويو؛ ڪريٽو به ساڻس ويو ۽ اسان کي چيائين ته ترسو.
تنهنڪري اسين ترسياسون ۽ مباحثي نسبت ڳالهيون ڪرڻ
لڳاسون، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳاسون، ۽ گهڙين
بعد جيڪا اسان تي عظيم مصيبت نازل ٿيڻي هئي، تنهن
تي ڌيان ڏيڻ لڳاسون. ائين ڏسڻ ۾ ٿي آيو ڄڻ ته اسان
پنهنجو ابو ٿي وڃايو، ۽ پنهنجي باقي حياتيءَ لاءِ
ڇورڙا ٿي ٿياسون. جڏهن هو وهنجي رهيو هو، تڏهن
سندس ٻار وٽس آندا ويا- هن کي ٻه ننڍڙا پٽ هئا ۽
هڪ وڏو پٽ هو- سندس ڪٽنب جون عورتون به وٽس آنديون
ويون، ۽ هن ڪريٽو جي روبرو هنن سان ڳالهايو، ۽ هنن
کي پنهنجا پويان ڪم ڏنا؛ ۽ پوءِ هن عورتن ۽ ٻارن
کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ اسان وٽ آيو. ايستائين سج به
اچي لٿو، ڇو ته هن ڳچ وقت اندر لاتو هو. وهنجڻ
کانپوءِ جڏهن هو موٽي اسان وٽ آيو تڏهن اچي ويهي
رهيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪانه
هلي. سگهوئي يارهن عملدارن جو نوڪر آيو ۽ اچي هن
جي اڳيان بيٺو ۽ چيائينس ته، سقراط، مون کي معلوم
آهي ته آءُ توکي ٻين ماڻهن وانگر بي سمجهي سان
هلندو ڪين ڏسندس. اُهي مون تي خفا ٿيندا آهن، جڏهن
آءُ حاڪمن جي حڪم موجب هنن کي زهر پيئڻ لاءِ چوندو
آهيان. پر جيڪي به ماڻهو هتي آيا آهن، تن سڀني کان
تون سمورو وقت مون کي وڌيڪ اشراف، حليم ۽ چڱو ڏسڻ
۾ آيو آهين؛ ۽ هينئر مون کي پڪ آهي ته تون مون تي
رنج ڪين ٿيندين، پر انهن تي ٿيندين جن جو ڏوهه
آهي. هاڻي الوداع، ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهي ايترو
صبر سان سه؛ توکي خبر آهي ته آءُ ڇو آيو آهيان
ائين چئي هو روئي ويٺو ۽ پاسو وٺي وڃڻ لڳو.
سقراط هن ڏانهن مٿي نهاريو، ۽ چيائين ته الوداع.
آءُ ائين ڪندس جيئن تون چوين ٿو. پوءِ هن سقراط
اسان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته، هو ڪهڙو نه فضيلت
ڀريو انسان آهي! ۽ سمورو وقت جيڪو آءُ هتي رهيو
آهيان، سو هو سدائين مون کي ڏسڻ لاءِ پئي آيو آهي،
۽ ڪڏهن ڪڏهن هن مون سان ويهي ڳالهيون ڪيون آهن، ۽
تمام نيڪ انسانن وانگر مون سان هليو آهي؛ ۽ هينئر
ڪهڙي نه همدرديءَ سان هو مون لاءِ روئي پيو! چڱو،
ڪريٽو، اچو ته هن جو حڪم مڃون؛ جيڪڏهن زهر تيار
هجي ته انهيءَ کي آڻيو، ۽ جيڪڏهن تيار نه هجي، ته
انهيءَ کي تيار ڪريو.
ڪريٽو ورندي ڏني ته، نه، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته
سج اڃان ٽڪرين مٿان چمڪي پيو، هو اڃان لٿو نه آهي.
تنهن کان سواءِ، معلوم آهي ته ٻيا ماڻهو، حڪم ملڻ
کان پوءِ، تمام دير سان زهر پيئندا آهن، ۽ چڱي طرح
کائيندا پيئندا آهن، ۽ خود پنهنجن چونڊ دوستن جي
صبحت جو مزو به ماڻيندا آهن. تنهن ڪري تڪڙ نه ڪر؛
اڃان وقت پيو آهي.
سقراط جواب ڏنو ته، ڪريٽو، جن جي تون ڳالهه ڪرين
ٿو سي سڀاويڪ ائين ڪندا آهن؛ ڇو ته هو ڀائيندا آهن
ته ائين ڪرڻ سان هنن کي فائدو رسندو. ۽ آءُ فطرتي
طرح سان ائين ڪين ڪندس؛ ڇو ته آءُ سمجهان ٿو ته
گهڙي دير سان زهر پيئڻ سان مون کي ڪوبه نفعو نه
ٿيندو، پر اٽلندو پنهنجي لاءِ حقارت پيدا ٿيندي،
جيڪڏهن اهڙي حرص سان آءُ پنهنجي حياتي وڌائيندس جا
اڳيئي ختم ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري جيئن آءُ چوان ٿو
تيئن ڪرڻ کان تون انڪار نه ڪر.
پوءِ ڪريٽو پنهنجي غلام کي اشارو ڏنو جو پاسي کان
بيٺو هو؛ ۽ غلام ٻاهر ويو، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ
هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيو، جنهن کي زهر ڏيڻو هو، جو
هن کي هڪڙي پيالي ۾ تيار هو. جڏهن سقراط هن کي ڏٺو
تڏهن چيائين ته:
منهنجا پيارا دوست، توکي انهن ڳالهين جي خبر آهي
ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟
هن ورندي ڏني ته، توکي فقط هي پيئڻو آهي، ۽ پوءِ
پسار ڪرڻو آهي، جيستائين ڪِ توکي ڄنگهن ۾ ڳرائي
محسوس ٿئي، ۽ پوءِ توکي سمهي رهڻو آهي؛ پوءِ هو
پاڻهي اثر ڪندو. ائين چئي هن پيالو سقراط کي ڏنو،
جنهن، ايڪيڪرئٽيز، اهو تمام سرهائي سان ورتو، ۽
نڪي ڏڪيو ۽ نڪي رنگ يا چهري ۾ بدليو ۽ هن ماڻهوءَ
ڏانهن پنهنجي دستور موجب چتائي نهاريائين، ۽
پڇيائين ته، تون ڇا ٿو چوين ته هن پيالي مان ڪجهه
خدائن جو صدقو ڏئي سگهبو يا نه؟ آءُ ائين ڪريان،
يا نه؟ هن جواب ڏنو ته، سقراط، اسين فقط ايترو
تيار ڪندا آهيون جيترو اسين ڪافي سمجهندا آهيون.
سقراط چيو ته، مون ڳالهه سمجهي. پر آءُ ڀانيان ٿو
ته مون کي اجازت آهي، ۽ مون کي ائين ضرور ڪرڻ کپي،
ته آءُ خدائن کي ٻاڏايان ته هو منهنجي هتان روانگي
آسانيءَ سان ڪن- اها آهي منهنجي التجا، ۽ هاڻي آءُ
حاضر آهيان. اِهي لفظ چئي هن پيالو چپن تي رکيو ۽
سمورو زهر صبر ۽ سرهائي سان پي ويو. ايستائين مس
اسان مان گهڻا پنهنجي اندوهه تي ضابطو رکي سگهيا
هئا؛ پر جڏهن اسان هن کي زهر پيئندو ڏٺو ۽ تڏهن
اسين صبر ڪري ڪين سگهياسون. مون گهڻي ئي ماٺ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، پر ڳوڙهن ڳڙڻ کان بس ڪانه ڪئي، ۽ آءُ
پنهنجو منهن ڍڪي روئڻ لڳس. ائين مون هن جي ڪري ڪين
ڪيو، پر هن جهڙي دوست وڃائيندي جيڪا مصيبت نازل
ٿِي ٿي، تنهن جي ڪري مون کان ائين ٿيو. خود انهيءَ
کان اڳ ڪريٽ پنهنجا ڳوڙها جهلي ڪين سگهيو هو، هليو
ويو، ۽ پوءِ اپالوڊورس، جنهن سمورو وقت روئڻ کان
بس ڪانه ڪئي هئي، سو زارو زار روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ
لڳو، ۽ پنهنجي حسرت ۽ آهُن سان اسان سڀني جو ضابطو
ٽوڙي رکيائين. هڪڙي سقراط جي سر تي ڪوبه اثر ڪونه
ٿيو. هن واڪو ڪري چيو ته، منهنجا دوستو، اوهين هي
ڇا ٿا ڪريو؟ مون زالن کي انهيءَ ڪري روانو ڪري
ڇڏيو ته متان هو اهڙيءَ طرح اجائي هلت اختيار ڪن؛
ڇو ته مون ٻڌو آهي ته ماڻهوءَ کي ماٺ ۾ مرڻ کپي،
تنهنڪري توهين سانت ڪريو ۽ صبر سان سهو. جڏهن اسان
اهي لفظ ٻڌا تڏهن شرمندا ٿياسون، ۽ روئڻ کان بس
ڪئي سون. هن هيڏي هوڏي پسار ڪيو، تان جو چيائين ته
سندس ٽنگون ڳريون ٿيڻ لڳيون آهن، ۽ پوءِ هو پٺيءَ
ڀر سمهي رهيو، جيئن هن کي چيو ويو هو. ۽ جنهن
ماڻهوءَ هن کي زهر ڏنو سو ويهي، ذري ذري، هن جا
پير ۽ ڄنگهون جانچڻ لڳو. پوءِ هن، سقراط جي پير کي
زور ڏنو، ۽ پڇيائينس ته کيس ڪجهه اثر ٿيو ٿي يا
نه؛ ۽ هن ورندي ڏني ته، نه. پوءِ هُن هِن جون
ڄنگون تپاسيون، ۽ اهڙي طرح مٿي تائين ڏسندو ويو، ۽
اسان کي ڏيکاريائين ته هو ڪيئن ٿڌو ۽ ساڻو ٿيندو
ٿي ويو. اتي سقراط پاڻ کي جانچڻ لڳو، ۽ چيائين ته،
جڏهن زهر سندس دل تائين پهچندو، تڏهن هو هليو
ويندو. هو جڏهن چيلهه تائين ٿڌو ٿي ويو هو، تڏهن
هو پنهنجو منهن کوليو، جو اڳ بند ڪري ڇڏيو هئائين
۽ پويون دفعون ڳالهايائين. هن چيو ته، ڪريٽو، مون
کي هڪ ڪڪڙ ائسڪليپس (اهو خدا جنهن کي بيماري مان
شفاياب ٿيڻ بعد قرباني ڏيڻي پوندي هئي ۽ جنهن جي
قرباني ڪرڻ سقراط دنيوي حياتيءَ جي بخار مان آزاد
ٿيڻ ڪري واجب سمجهي ٿو) کي ڏيڻو آهي؛ بنان ويسر جي
اهو ڀري ڏجانءِ. ڪريٽو جواب ڏنو ته، ائين ڪيو
ويندو. آهي ڪا ٻي ڳاله جنهن نسبت تنهنجي ڪا خواهش
هجي؟ هن سوال جو جواب هن ڪونه ڏنو؛ پر ٿوري دير
بعد ڪجهه چرپر ٿي، ۽ هن ماڻهوءَ هن جو منهن کوليو،
۽ هن جون اکيون کتل ڏسڻ ۾ آيون. پوءِ ڪريٽو هن جو
وات ۽ اکيون بند ڪيون.
ايڪيڪرئٽيز، اها هئي اسان جي دوست جي موڪلاڻي، آءُ
سمجهان ٿو ته، جيڪي به (اعليَ) انسان مون اکين ڏٺا
آهن، تن مان سقراط سڀ کان سياڻو، انصاف وارو ۽ نيڪ
هو.
*پورو ٿيو* |