سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: موڪلاڻي

باب: --

صفحو :10

47

منهنجا دوست، منهنجون سڀئي عاليشان اميدون چٽ ٿي ويون، ڇو ته جيئن آءُ پڙهندو ويس، تيئن مون ڏٺو ته مصنف ضمير مان ڪوبه ڪم نه ورتو، ۽ هن شين جي انتظام لاءِ ڪي به سبب نه ڏنا،هن جيڪي سبب ڏنا سي هئا، هوا، لاوا، ۽ پاڻي، ۽ ٻيون ڪيتريون عجيب شيون. مون سمجهيو ته هو بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر آهي جو شروع ۾ چوي ته، جڏهن هو منهنجي هر هڪ فعل جي سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهين چوي ته، پهريون ته، آءُ هٿ هينئر ويٺو آهيان، ڇو جو منهنجو جسم هڏن ۽ رڳن جو جڙيل آهي، ۽ هڏا سخت آهن ۽ هڪٻئي کان سنڌن جي ڪري جدا ٿيل آهن، ۽ رڳون ڇڪي ۽ ڍريون ڪري سگهجن ٿيون، ۽ اهي گوشت سميت، ۽ کل سميت جا هنن کي گڏ رکي ٿي، هڏهن کي ڍڪين ٿيون؛ ۽ تنهنڪري، جڏهن هڏا پنهنجن جاين تان کڙا ڪيا وڃن ٿا، تڏهن رڳن جي ڍرائي ۽ ڇڪ مون لاءِ ممڪن ڪري ٿي ته، آءُ پنهنجا عضوا نوڙائي سگهان ۽ چوري سگهان، ۽ اهوئي سبب آهي منهنجي هن وقت هت ڄنگهن لڙڪائي ۽ وهڻ جو. ۽ انهيءَ ساڳيئي دستور موجب هو سمجهائيندو ته ڇو آءُ اوهان سان ڳالهايان ٿو: هو آواز، هوا ۽ ٻڌڻ، ۽ ٻيا هزارين سبب ڏيندو؛ پر سچو سبب ڏيڻ هن کان بلڪل ڀلجي ويندو، جو آهي ته جنهن صورت ۾ اٿينس واسين مون کي ڏوهاري ٺهرائڻ واجبي سمجهيو آهي ته جنهن صورت ۾ هتي وهڻ ۽ جيڪا به سزا هو مون تي مقرر ڪرڻ برابر سمجهن سا قبول ڪرڻ، مون واجب سمجهيو آهي؛ ڇو ته، مون کي مصر جي ڪتي جو سنهن آهي ته آءُ ڀانيان ٿو ته هي رڳون ۽ هڏا گهڻو اڳي جيڪر ميگارا يا بويوشيا ۾ وڃي نڪرن ها، ۽ اها ڳالهه جيڪر هنن جي نظر ۾ سڀ کان سهڻي لڳي ها، پر مون سمجهو ته چڱائي ۽ عزت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته جيڪا به سزا سرڪار مقرر ڪري سا سهجي، ۽ ڀاڄ وسيلي جند نه ڇٽائجي. پر اهڙين شين کي سبب سمجهڻ اجائي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته هڏن ۽ رڳن توڙي پنهنجي جسم جي ٻين ڀاڱن کان سواءِ، آءُ جيڪر پنهنجن ارادن کي عمل هيٺ آڻي ڪين سگهان ها، ته اها ڳالهه برابر ٿئي ها. پر ائين چوڻ ته جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تن جا اهي سبب آهن، ۽ ته اهو ئي دستور آهي، جنهن موجب آءُ ضمير جي وسيلي ڪم ڪريان ٿو، ۽ نه جيڪا سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي تنهنجي اختيار ڪرڻ سان، سو آهي ڳالهائڻ جو نا محڪم ۽ بي احتياط نمونو. انهيءَ جي معنيَ فقط هيءَ آهي ته ڪو ماڻهو سچي سبب کي انهي کان سواءِ سڃاڻي نه سگهي، جنهن کان سواءِ سبب سبب ٿي نٿو سگهي، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته؛ اهوئي آهي جنهن کي، عام ماڻهو، اونداهي ۾ هٿوراڙيون ڏيندي، سبب ڪري سڏين ٿا، ۽ هن کي اهڙو نالو ڏين ٿا جو هن جو نه آهي. ۽ اهڙي طرح ڪو ماڻهو چوي ٿو ته ڌرتيءَ جي چوگرد اونهون ڪن آهي، ۽ عرش هن کي کنيو بيٺو آهي. وري ڪو ٻيو چوي ٿو ته ڌرتي هڪ سنئين تئي جي مثل آهي، ۽ هوا تي بيٺل آهي. پر هو انهيءَ طاقت کي معلوم ڪرڻ جو ڪوبه خيال نٿا ڪن جا انهن شين کان وڌيڪ چڱائي آهي؛ نڪي هو ڀائين ٿا ته اهڙي طاقت کي قدرتي زور اصل آهي. هو اميد رکن ٿا ته کين خبر پوندي ته ڪو وڌيڪ سگهار ۽ جٽائدار ۽ هوشيار پهلوان ائٽلس وانگر هوندو جو دنيا کي جهليو بيٺو آهي. ۽ ذري برابر به اهو نٿا ڀائين ته ڪو چڱائي جو مصبوط زور ئي آهي جو دنيا جي شين کي جهليو ۽ کنيو بيٺو آهي. آءُ جيڪر گهڻي خوشيءَ سان انهيءَ سبب جي فطرت جو احوال ڪنهن ماڻهوءَ کان سکان؛ پر انهيءَ کي پاڻهي ڳولي هٿ ڪرن ۾ يا ڪنهن ٻئي وٽان سکڻ ۾ آءُ بلڪل ناڪامياب ٿيو آهيان. پر، منهنجي ڪمان کي ٻي تند به هئي، ۽ شايد، ڪيبيز، تون چاهيندين ته آءُ توکي بيان ڪري ٻڌايان ته ڪيئن مون انهيءَ سبب جي ڳولا ۾ قدم کنيون.

هن ورندي ڏني ته، سچ پچ آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته تنهنجو بيان ٻڌان.

 

48

هن چيو ته، جڏهن مون سچي هستيءَ جي ڳولا کي ڇڏي ڏنو، تڏهن مون خيال ڪيو ته مون کي خبرداري وٺڻ گهرجي ته متان منهنجو حال انهن ماڻهن وانگر ٿئي، جيڪي گرهڻ وقت سج ڏي نهاريندا آهن. ڇو ته هو اڪثر ڪري پنهنجي اکين جي ديد وڃائي ويهندا آهن، پر ان صورت ۾ پنهنجي ديد بچائي وٺندا آهن جڏهن هو پاڻي ۾ يا ڪنهن ٻيءَ اهڙي شيءِ ۾ سج جي پاڇي کي پسندا آهن، انهيءَ خطري جو مون کي خيال ٿيو. مون کي خوف ٿيو ته جيڪڏهن آءُ شين ڏي پنهنجن اکين سان نهاريندس، ۽ هنن کي پنهنجن حواسن جي وسيلي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ته منهنجو روح شايد بلڪل انڌو ٿي پوندو. تنهنڪري مون ويچار ڪيو ته آءُ خيالن جي مدد وٺان، ۽ انهن جي وسيلي هستيءَ کي جاچيان، شايد منهنجو مثال بلڪل برابر نه آهي. آءُ اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ته جو ماڻهو هستيءَ تي خيالن جي معرفت غور ڪري ٿو. سو فقط تصورن سان وهنوار رکي ٿو، ۽ ڪجهه به وڌيڪ معلوم نٿو ڪري، انهيءَ ماڻهوءَ کان جو هستيءَ کي ائين جاچي ٿو جيئن اها ظاهري شين ۾ پاڻ پڌرو ڪري ٿي. ڪيئن به هجي پر مون ڪم هن ريت شروع ڪيو: هر حالت ۾ جيڪو اصول مون کي سڀني کان وڌيڪ مضبوط نظر آيو سو مون کڻي قابو جهليو؛ ۽ پوءِ جيڪي به، سبب يا ٻيو ڪجهه، انهيءَ سان ڀچي آيو سو مون سمجهيو ته صحيح آهي، ۽ جيڪي به انهيءَ سان ٺهڪي نه ٿي آيو سو مون غلط ليکيو. منهنجي مرضي آهي ته آءُ پنهنجو مطلب وڌيڪ صاف ڪري سمجهايان. آءُ نٿو ڀانيان ته ڪو تون اڃا منهنجي ڳالهه سمجهي سگهين ٿو.

ڪيبيز چيو ته، تحقيق آءُ اڃا اُها تمام چڱي طرح نٿو سمجهان.

 

49

هن چيو ته، آءُ ڪا نئين ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان، آءُ اها ئي ڳالهه ٿو ڪريان جا مون وري وري پنهنجي اڄوڪي گفتگو ۾ توڙي ٻين وقتن تي پئي ڪئي ۽ ورجائي آهي. جنهن سبب صحيح ڪرڻ تي آءُ سعيو ڪندو رهيو آهيان تنهن کي توکي سمجهائڻ لاءِ آءُ ڪوشش ڪندس، ۽ آءُ موٽي انهيءَ ڳالهه تي ايندس جنهن جو اسان ڪيترا دفعا ذڪر چوريو آهي، ۽ آءُ انهيءَ قياس سان گفتگو شروع ڪندس ته خالص حسن، ۽ خالص خوبي، ۽ خالص عظمت زنده آهن، ۽ ٻيون به اهڙيون خالص شيون آهن، جي هميشه رهڻيون آهن. جيڪڏهن تون هيتري ڳالهه قبول ڪندي، ۽ مڃيندين ته اهي حيات آهن، ته پوءِ مون کي اميد آهي ته آءُ توکي ڏيکاري سگهندس ته منهنجو سبب ڪهڙو آهي، ۽ آءُ ظاهر ڪري سگهندس ته روح لايموت/ اڻ مٽ آهي.

ڪيبيز چيو ته، تون کڻي سمجهه ته آءُ تنهنجي ايتري ڳالهه قبول ٿو ڪريان؛ هاڻي تون پنهنجو اثبات بيان ڪر.

هن چيو ته، تڏهن جيڪو هن مان نتيجو نڪري تنهن ۾ تون مون سان هم راءِ آهين؟ مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ خالص حسن کانسواءِ سهڻي آهي، ته اها فقط انهيءَ ڪري ائين آهي جو هوءَ خالص حسن مان وجود وٺي ٿي، ۽ دنيا ۾ جيڪي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو تنهن سڀ لاءِ منهنجو ساڳيو ئي رايو آهي. تون اهڙي قسم جو سبب قبول ڪرين ٿو؟

هن ورندي ڏني ته، آءُ قبول ڪريان ٿو.

هن چيو ته، چڱو تڏهن، انهن ٻين عقلي سببن کي آءُ نڪي سمجهي سگهان ٿو ته ۽ نڪي سڃاڻي سگهان ٿو: جيڪڏهن ڪو مون کي چوي ٿو ته ڪا شيءِ سهڻي آهي انهيءَ ڪري جو هن کي تيز رنگ آهي، يا ڊولائتو ڏيک ڏئي ٿي، ته آءُ اهڙيءَ ڳالهه ڏي ڪوبه ڌيان نٿو ڏيان، ڇو ته اهڙي ٻولي مون کي فقط منجهائي ٿي؛ ۽ هڪڙي سادي ۽ صاف ڳالهه ته اها شيءِ سهڻي فقط انهيءَ ڪري ٿئي ٿي جو خالص حسن انهيءَ ۾ موجود آهي يا انهيءَ ۾ گهڙي ٿو، تون انهيءَ کي جيڪي به کڻي سڏين- ميلاپ جي انهيءَ فطرت تي آءُ زور ڏيڻ نٿو چاهيان، پر جنهن ڳالهه جي مون کي خاطري آهي سا اها آهي ته اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سڀني سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. هي جواب ئي مون کي سڀ کان وڌيڪ سلامتيءَ وارو نظر اچي ٿو، جو آءُ پاڻ کي يا ٻين کي ڏئي سگندس؛ آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن آءُ هن ڳالهه تي برقرار رهندس ته مون کي ڪوبه جيتي ڪونه سگهندو؛ پاڻ کي يا ٻين کي هي جواب ڏيڻ سلامتي جهڙو آهي، اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. تون ائين نٿو ڀائين؟

آءُ ائين ٿو ڀانيان.

۽ اها شيءِ مقدر ئي آهي جا وڏين شين کي وڏو ڪري ٿي، ۽ وڌيڪ وڏين شين کي وڌيڪ وڏو ڪري ٿي، ۽ ڇوٿائي آهي جا وڌيڪ ڇوٽين شين کي وڌيڪ ڇوٽو ڪري ٿي؟ هائو.

۽ جيڪڏهن ڪو توکي کڻي چوي ته هڪڙو ماڻهو ٻئي کي سر جيترو ڊگهو آهي، ۽ بندرو ماڻهو سر جيترو ڇوٽو آهي، ته تون اها ڳالهه ڪين قبوليندين. تون اعتراض وٺندين ۽ چوندين ته وڌيڪ وڏو وڌيڪ وڏو آهي مقدار جي ڪري، ۽ مقدار ئي سبب آهي انهيءَ جي وڌيڪ وڏي ٿيڻ جو. تون ائين چوڻ کان ڊڄندي ته ڪو ماڻهو سر جيترو وڏو يا ننڍو آهي، انهي ڪري ته متان توکي جواب ملي ته، پهرين ڳالهه ته وڏو وڏو آهي ۽ ننڍو ننڍو آهي ساڳيءَ شيءِ جي ڪري، ۽ ٻي ڳالهه ته، وڏو وڏو آهي سر جي ڪري، جو هڪڙي ننڍڙي شيءِ آهي، ۽ اها هڪڙي عجيب عالهه آهي ته هڪڙي ننڍڙي شيءِ (سر) ڪنهن ماڻهو کي وڏو ڪري. تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين؟

ڪيبيز کلي چيو ته، هائو، تحقيق.

۽ تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن ٻن جي ڪري، ۽ ٻه سبب آهن انهي سرسائي جو. تون چوندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن عدد جي ڪري، ۽ عدد سبب آهي انهيءَ سرسائي جو؟ ۽ ساڳيئي دستور تون ائين چوڻ کان ڪين ڊڄندين ته ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي ڪنهن ٻيءَ شيءِ هڪ هٿ ڊگهيءَ کان پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيترو ڊگهي آهي، ڊيگهه جي ڪري ۽نه مقدار جي ڪري، برابر؟

هائو، بلڪل برابر.

وري، تون ائين چوڻ کان خبردار ڪين ٿيندين ته، جيڪڏهين هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو ويندو ته اهو جوڙ ٻن جو سبب ٿيندو، يا جيڪڏهن هڪ ونڊيو ويندو ته اها ونڊ ٻن جو سبب ٿيندي؟ تون وڏي واڪ اعتراض وٺندي ته توکي ڪنهن ٻه ٻئي طريقي جي خبر نه آيه جنهن ۾ ڪا شيءِ پيدا ٿي سگهي، ۽ چوندين ته فقط پنهنجي خاص جوهر مان بهرو وٺڻ سان هوءَ پيدا ٿي سگهندي؛ ۽ تون چوندين ته تون ٻن جي پيدا ٿيڻ جو هن کانسواءِ ڪوبه ٻيو سبب ڏئي ڪين سگهندين ته هو ٻيائي مان بهرو وٺن ٿا؛ ۽ چوندين ته سڀ شيون جيڪي ٻه ٿيڻيون آهن سي ضرور ٻيائي مان بهرو وٺنديون، ۽ جيڪي به هڪ ٿيڻو آهي تنهن کي ضرور هڪڙائي مان بهرو وٺڻو پوندو. تون انهن سڀني ونڊن ۽ جوڙن ۽ ٻين اهڙين سڀني مونجهاري وارين ڳالهين جو تفسير پاڻ کان وڌيڪ عاقل ماڻهن جي هٿ ۾ ڇڏيندين. جيئن ته چوڻي آهي تيئن تون پنهنجي پاڇي ڀر ۽ پنهنجي جهالت. کان ڊڄندين، ۽ اسان جي اصول واريءَ سلامتيءَ کي پختو جهليندين، ۽ انهي موجب پنهنجو جواب ڏيندين. پر جيڪڏهن ڪو خود انهيءَ اصول تي حملو ڪندو. ته تون خيال ڪري وٺندين ته انهيءَ جا نتيجا مواقف آهن يا نه، ۽ جيڪڏهن توکي انهيءَ اصول جو احوال ڏيڻو پوندو ته تون اهو ساڳئي دستور موافق ڏيندين، ۽ ڪو ٻيو اصول انهيءَ ڪم لاءِ اختيار ڪندين جو تنهنجي نظر ۾ پهرئين اصول کان اعليَ هوندو، ۽ اهڙيءَ طرح هليو ويندين، جيسين ڪِ ڪنهن پسند جهڙي سلامتيءَ واري هنڌ پهچندين. جيڪڏهن توکي سچ پچ حياتيءَ جو ڪو احوال معلوم ڪرڻو هوندو ته، تون پهرئين اصول ۽ انهيءَ جي نتيجن کي پنهنجي مباحثي ۾ وچڙائي ڪين وجهندين، جيئن رواجي بحث ڪندڙ ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن جي مرضي نه هوندي آهي ته ڪو هڪڙو لفظ خيال اهڙي طرح صرف ڪجي. ڇو ته هو چالاڪ هوندا آهن ۽ پاڻ کي بلڪل خوش ڪري سگهندا آهن، پوءِ کڻي سندن مباحثو نسوري نيستي هجي. پر تون، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين فيلسوف هوندين ته، ائين ڪندين جيئن آءُ توکي چوان ٿو.

سمئس ۽ ڪيبيز گڏجي چيو ته، بلڪل برابر.

ايڪيڪرئٽيز- فيدو، اُهي صحيح هئا، آءُ ڀانيان ٿو ته هن جي مباحثي جي صفائي بلڪل موڳي ماڻهوءَ کي به صفا عجيب لڳندي.

فيڊو: تحقيق، ايڪيڪرئٽيز، جيڪي اتي حاضر هئا انهن به ائين سمجهو.

ايڪيڪرئٽيز- اهڙي ئي طرح اسين به ٿا سمجهون، جيڪي اتي حاضر نه هئاسون، ۽ تنهنجي ڳالهه پيا ٻڌون، پر انهيءَ کان پوءِ مباحثو ڪيئن هليو؟

 

50

فيڊو: هنن قبول ڪيو ته هر ڪو خيال حيات آهي، ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ ڳالهيون انهن خيالن جا نالا اختيار ڪن ٿيون، جيئن هو انهن ۾ بهرو وٺن ٿيون. تنهن کانپوءِ آءُ ڀانيان ٿو ته سقراط پڇڻ لڳو ته:

جيڪڏهين اوهين هينءَ چئو ٿا ته پوءِ جي اوهين چوندو ته سمئس سقراط کان ڊگهو آهي ۽ فيڊو کان بندرو آهي، ته قبول ڪين ڪندو ته، سمئس وٽ ڊگهائي ۽ بندرائي جون ٻئي خصلتون موجود آهن؟

ڪيبيز چيو ته، پر تون اهو اقرار ڪندين ته، سمئس سقراط کان ڊگهو آهي، برابر نه آهي، جيئن هو بيان ڪو ويندو آهي. حقيقت ڪري سمئس انهيءَ ڪري ڊگهو نه آهي جو هو سمئس آهي، پر هو پنهنجي قد ڪري ڊگهو آهي. نڪي وري هو سقراط کان ان ڪري ڊگهو آهي جو سقراط سقراط آهي، پر هو ڊگهو آهي سقراط جي بندرائي سبب، جڏهن اها بندرائي سمئس جي ڊگهائي سان ڀيٽي وڃي ٿي.

برابر.

سمئس، فيڊو کان ان ڪري بندرو نه آهي جو فيڊو فيڊو آهي، پر هو بندرو آهي فيڊو جي ڊگهائي سبب، جڏهن اها سمئس جي بندرائي سان ڀيٽي وڃي ٿي.

ائين ئي آهي.

هن طرح سمئس بندرو ۽ ڊگهو ٻئي سڏيو وڃي ٿو، جڏهين هو ٻنهي جي وچ ۾ آهي: هوهڪڙي جي بندرائي کان پنهنجي ڊگهائي جي واڌ جيترو اوچو آهي ۽ ٻيو کانئس سندس بندرائي جي گهٽتائي جيترو اوچو آهي. هن مشڪي چيو ته، آءُ سمجهان ٿو ته، تون ڀائيندو هوندين ته، منهنجي ٻولي درستيءَ ۽ وقت ۾ ڪنهن قانوني دستاويز وانگر آهي؛ پر آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهه ائين آهي جيئن آءُ چوان ٿو.

هن قبول ڪيو.

آءُ ائين ايتري لاءِ چوان ٿو ته تون به مون وانگر خيال ڪرين. منهنجي نظر ۾ ائين اچي ٿو ته خالص وڏائي وڏي ۽ ننڍي هرگز ٿي ڪين سگهندي، پر آءُ ائين به ڀانيان ٿو ته اسان واري وڏائي ڪڏهن به ننڍائي ٿي ڪين سگهندي، ۽ هن کان ڪجهه به وڏو ٿي ڪين سگهندو. هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي ضرور ٿيندي: يا ته وڏو پنهنجي مخالف، ننڍي جي اوڏي اچڻ تي ڀڄي پاسو ڪندو، يا ته ناس ٿي ويندو. هو پنهنجي جاءِ تي بيهي، ننڍائيءَ کي پاڻ وٽ آڻي ڪين سگهندو، ۽ نه ئي بدلجي ٻيو ٿي سگهندو، جيئن آءُ پنهنجي جاءِ تي محڪم آهيان، ۽ بندرائي کي پاڻ وٽ هجڻ ڏيان ٿو ۽ ساڳو ئي بندرو ماڻهو رهان ٿو جهڙو هئس. پر وڏائي، وڏي هئڻ سبب، ننڍي ٿي ڪين سگهندي. ساڳيءَ طرح وري اسان واري ننڍائي نڪي ڪڏهن وڏي ٿي سگهندي ۽ نڪي وڏي آهي. نڪي ڪا مخالف شيءِ، جيسين اها ساڳيءَ حالت ۾ رهي ٿي، ساڳيئي وقت پنهنجي حالت جي ابتڙ ٿي سگهندي يا آهي. يا ته اها ڪاڏي هلي وڃي ٿي، يا ته ڦير گهير ۾ ناس ٿي وڃي ٿي.

ڪيبيز چيو ته، آءُ به بلڪل ائين ئي ڀانيان ٿو.

 

51

اتي ڪنهن- مون کي پڪ نه آهي ته اهو ڪير هو- چيو ته،

پر هي ضرور انهيءَ جي ابتڙ ڪين آهي جيڪي اسان مباحثي ۾ اڳ برابر سمجهي قبوليو هو ته، وڏو ننڍي مان پيدا ٿئي ٿو ۽ ننڍو وڏي مان، مطلب ته مخالف شيون مخالف شين مان پيدا ٿين ٿيون؟ پر هاڻي ڏسجي ٿو ته ان کان انڪار ڪيو ٿو وڃي ته ڪو ڪڏهن ائين به ٿي سگهندو.

سقراط ڳالهائڻ واري ڏينهن ڪنڌ ورايو ۽ ٻڌڻ لڳو. هن چيو ته، واهه جي دليري سان ڳالهه ڪئي اٿئي، پر تو هنن ٻن قولن جي وچ ۾ فرق نه جاچيو آهي. ساڳي اسان جيڪي به چيوهو سو هيءَ هو ته هرڪا شيءِ پنهنجي مخالف مان پيدا ٿئي ٿي. اسين جيڪي هاڻي چئون ٿا سو هيءُ آهي ته، ڪابه مطلق شيءِ، کڻي اها اسان ۾ اندر هجي يا ٻاهر خلقت ۾ هجي، هرگز پنهنجي مخالف حالت ۾ اچي ڪين سگهندي. اسان اڳي انهن شين جو بيان ڪيو ٿي، جن ۾ مخالف خصلتون رهن ٿيون، ۽ اسان انهن کي انهن مخالف خصلتن جي پٺيان نالا ڏنا هئا. پر هنيئر اسين خود انهن مخالف خصلتن جو بيان ڪريون ٿا، جن جي هئڻ سبب شين کي سندن نالا ملن ٿا، ۽ اهي، اسين چئون ٿا ته، ڪڏهن به هڪ ٻئي مان پيدا ڪين ٿينديون. انهي ساڳئي وقت هن ڪيبيز ڏانهن نهاريو ۽ پڇائينس ته، ڪيبيز، هن اعتراض توکي ڪا تڪليف ڏني آهي؟

ڪيبيز ورندي ڏني ته، نه: اها تڪليف آءُ محسوس نٿو ڪريان. پر آءُ ان کان به انڪار نٿو ڪريان ته، ٻيو ڪيتريون ڳالهيون به مون کي تڪليف نٿيون ڏين.

هن چيو ته، تڏهين اسين هن نقطي تي بلڪل متفق راءِ آهيون: هڪڙي مخالف شيءِ هرگز پنهنجي مخالف ڪين ٿيندي.

هن ورندي ڏني ته، نه، بلڪل نه.

 

52

هن چيو ته، هاڻي وري مون کي ٻڌاءِ؛ هن ڳالهه ۾ تون مون سان متفق راءِ آهين؟ اهڙيون شيون ڪين آهن، جن کي تون گرمي ۽ سردي سڏين ٿو؟

هائو.

اهي اهڙيون آهن، جهڙيون برف ۽ باهه؟

نه، بلڪل نه.

گرمي باهه کان نرالي آهي، ۽ سردي برف کان الڳ؟

هائو.

پر آءُ سمجهان ٿو ته، جيئن اسان چيو آهي، تون نٿو ڀائين ته ڪو برف، گرميءَ کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندي؛ ۽ وري جهڙي هئي تهڙي رهندي، برف ۽ گرمي، هوءَ گرميءَ جي اوڏي اچڻ تي يا ته ڀڄي پاسو ڪندي يا ته ناس ٿي ويندي.

تحقيق.

۽ باهه، وري، سردي جي اوڏي اچڻ تي يا ته ڀڄي پاسو ڪندي يا ته ناس ٿي ويندي.

هن چيو ته، سچ آهي.

تڏهن، انهن شين مان ڪن لاءِ برابر آهي ته، نه رڳو انهن جو خيال سدائين لاءِ پنهنجي نالي تي حق رکي سگهي ٿو، پر ٻي به هڪڙي شيءِ، جا خيال نه آهي، پر هر هنڌ جتي اها رهي ٿي تتي خيال جي صورت اٿس، تنهن کي به انهيءَ نالي ۾ حصو آهي. شايد منهنجي معنيَ مثال ڏيڻ سان وڌيڪ صاف ٿيندي. اڪي شين کي سدائين اڪي نالو هئڻ گهرجي، هائو يا نه؟

هائو، بلڪل برابر.

چڱو، منهنجو سوال هي آهي.اڪي شيءِ ئي فقط انهي نالي سان آهي، يا ڪا ٻي به شيءِ آهي، جا اڪي جهڙي ساڳي نه آهي، پر جنهن کي سدائين پنهنجي نالي سميت اهو به نالو هئڻ گهرجي، ڇو ته هن جي فطرت اهڙي آهي جو هوءَ ڪڏهن به اڪي کان جدا ٿي نٿي سگهي؟ آءُ جيڪي چوان ٿو تنهنجا گهڻائي مثال آهن: اچو ته انهن مان هڪڙي، عدد ٽي، کي هٿ ۾ کڻون، ۽ انهيءَ کي جاچيون. تون نٿو ڀائين ته اسان کي سدائين انهيءَ کي اڪي جي نالي سان سڏڻ گهرجي، ۽ پڻ سندس پنهنجي نالي سان، جيتوڻيڪ اڪي ساڳي شيءِ نه آهي جهڙو عدد ٽي؟ جيتوڻيڪ عدد ٽي، ۽ عدد پنج، ۽ انگن جي سلسلي جي اڌ جي بيهڪ/ فطرت اهڙي آهي جو انهن مان هر ڪو اڪي آهي، البت انهن مان ڪو ساڳيو نه آهي جهڙو اڪي. ساڳيءَ طرح عدد ٻه، ۽ عدد چار، ۽ انگن جو ساروئي ٻيو سلسلو، سدائين ٻڌي آهن، جيتوڻيڪ اُهي ساڳيا نه آهن جهڙو ٻڌي. تون هيءَ ڳالهه قبول ڪرين ٿو يا نه؟

هن ورندي ڏني ته، هائو ضرور.

تڏهن ڏس ته آءُ توکي ڇا ڏيکارڻ گهران ٿو. نه رڳو ائين آهي ته، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مخالف خيال پنهنجن مخالفن کي پاڻ وٽ اچڻ نٿا ڏين؛ پڻ ائين آهي ته جيڪي شيون مخالف نه آهن، پر هن جن ۾ مخالف خصلتون سدائين موجود آهن، سي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڄڻ انهيءَ خيال کي پاڻ وٽ اچڻ ڪين ڏينديون، جيڪو منجهن موجود خيال جي ابتڙ آهي. اُهي يا ته انهيءَ جي اوڏي اچڻ تي ناس ٿي ٿيون وڃن يا ته ڀڄي پاسو ٿيون ڪن. اسين ائين ڪين چئي سگهنداسون ته عدد ٽي، جيسين اهو ٽي ٿي رهي، تيسين ٻڌي هرگز ڪين ٿيندو، ليڪن ٻيو ڪجهه سهي سگهندو يا ناس ٿي ويندو؟

ڪيبيز چيو ته، تحقيق، برابر.

هن چيو ته، تنهن هوندي به عدد ٻه، عدد ٽن جي ابتڙ نه آهي.

نه، بلڪه نه.

تڏهين اُهي نه رڳو خيال آهن جي پنهنجن مخالفن جو اوڏو اچڻ سهي نٿا سگهن؛ انهن کان سواءِ ٻيون به شيون آهن جي انهن جو اوڏو اچڻ سهي نٿيون سگهن.

هن چيو ته، اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org