سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪئنڊِيڊ

 

صفحو :9

 نوٽ

 

جين ڪالس (ڏسو ڪتاب جي ”تعارف“ جو صفحو پنجون)، اٺهٺ سالن جو پير مرد، ٽولوز شهر جو رهاڪو هڪ پروٽيسٽنٽ هو، ٽولوز فرانس جو ستون نمبر وڏو شهر، ۽ ڪئٿولڪ شريعت جي مومنن جو ڳڙهه هو. اتي ڪوبه پروٽيسٽنٽ نه وڪيل، نه حڪيم نه پساري نه سيڌي جو واپاري نه ڪتاب ڇاپيندڙ ۽نه ڪتب فروش ٿي سگهيو ٿي. اتي ڪوبه ڪئٿولڪ پاڻ وٽ ڪنهن پروٽيسٽنٽ کي نوڪر يا منشي  به رکي نٿي سگهيو. 1748ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ عورت ضرورت تحت مجبور ٿي، هڪ پروٽيسٽنٽ دائي کان ويم ڪرايو ته مٿس ٽي هزار فرئنڪ ڏنڊ وڌو ويو. ٻه سئو ورهيه اڳ هن ئي شهر ۾ ڇار هزار پروٽيسٽنٽ ”ملحد“ شهرين جو ڪوس عمل ۾ آيو هو، ۽ هر سال اتي وڏي جوش خروش سان ان ڪوس جو ڏينهن ”دين مسيح جي فتح“ طور عيد جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو هو. 1762ع جو سال ان ”فتح“ جي ٻه سئو ورسي جو سال هو.

سن 1761ع جي تيرهين آڪٽوبر تي جين ڪالس جي هڪڙي پٽ مارڪ ائنٽون ڪالس جيڪو هڪ مغموم، نراس ۽ تيز طبع جو نوجوان هو، غالبن ڌنڌي ۾ ناڪامي سبب ۽ انهن ڏينهن جوا ۾ پئسا هارائيندي، پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ماري وڌو. جين ڪالس جي هڪڙي ڌيءَ ڪجهه عرصو اڳ پروٽيسٽنٽ فرقي کي ڇڏي، وڃي ڪئٿولڪ فرقي ۾ داخل ٿي هئي. سو ڪنهن طرح شهر جي ڪئٿولڪ ادم ۾ ڳالهه هلي وئي ته جين ڪالس پنهنجي پٽ کي پاڻ خون ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته اهو به پنهنجي ڀيڻ وانگر پروٽيسٽنٽ جماعت کي ڇڏي، ڪئٿولڪ جماعت ۾ داخل ٿيڻ وارو هو.

ٽولوز شهر جي ڪئٿولڪ اختياري وارن هڪدم جين ڪالس هُن جي زال، هن جيوڏي پٽ پيئري ڪالس، سندس هڪ ڪئٿولڪ نوڪرياڻي ۽ هڪ نوجوان جنهن جو نالو لئوي هو ۽ جيڪو ائنٽون ڪالس جو دوست هو ۽ هڪ ڏنهن اڳ ڏورانهين ’بورڊو‘ شهر مان وٽن مهمان ٿي آيو هو. تن پنجن ئي کي آئنٽون ڪالس جي خون جي ڏوهه ۾ کڻي گرفتار ڪيو، ۽ ٻئي پاسي هنن مارڪ ائنٽون ڪالس جي لاش کي وڏي تقدس ۽ پورن ڪئٿولڪي ڪريا ڪرمن سان ”خدا جي وليءَ اسٽيفن“ جي ديول ۾ دفن ڪرايو، ۽ ايئن اهو هڪ رات ۾ شهر جي ڪئٿولڪ خلق لاءِ ’ولايت‘ جي درجي کي پهچي ويو، ۽ ماڻهن جا انبوهه هروقت ان جي قبر تي زيارين، دعائن ثوابن لاءِ ڳاهٽ ٿيندا رهيا. هڪڙي پادري ته دعويٰ ڪئي ته ”سنت مارڪ ائنٽون“ جا ڪجهه ڏند ۽ وار وٽس هئا، جن جي ڪرامت هيءَ هئي ته انهن جي پسيل پاڻي جو ڍڪ مرگهي جي بيماري لاءِ هڪ ٽڪ علاج هو!

سنت ائنٽون ڪالس جو ڪيس پوءِ تيرهن ججن وٽ پي ٿيو. انهن کي چيو ويو ته ڪيس جو جلد اڪلاءُ ڪيو وڇي، تان ته جنهن ”موت جي ڦيٿي“ تي چڙهي جين ڪالس ۽ سندس ساٿي موت جي سزا ڀوڳيندا، اهو ”دين مسيح جي فتح“ واري ڏينهن جي جلسو جي اڳيان کڄي هلي سگهي. ڇهه جج انهي خيال جا هئا ته جين ڪالس، هن جي پٽ ۽ لئوي کي هڪدم ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهي، چيڀاٽي مارجي ۽ جين ڪالس جي زال کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. ست جج انهي خيال جا هئا ته ايڏي تڪڙ نه ڪجي ڪم از ڪم ڪيس جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. انهن ٻن ڳالهين تي ججن جي وچ ۾ سخت مباحثا هليا، ۽ نتيجي طور ٻه جج ڪاوڙجي عدالت مان اٿي ويا، ۽ اعلان ڪيائون ته هو عدالت ۾ وري شريڪ نه ٿيندا—انهن ٻن ججن مان هڪڙو هڪڙي خيال جو هو ۽ ٻيو ٻئي جو، جين ڪالس ۽ سندس ساٿين جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ٻن ججن مان وري به اهو جيڪو ڪٽر قسم جو جج هو، پنهنجيءَ ڳالهه تان هٽي، واپس اچي ”عدالت“ ۾ ويهي رهيو، ۽ جيڪو سندن ’فائدي‘ ۾ هو، اهو، پنهنجي ڳالهه کي اصول بنائي، ان تي قائم رهيو ۽وري عدالت ۾ نه آيو.

موٽي آيل جج اچڻ سان رٿ ڏني ته اهو خون سڀني جوابدارن گڏجي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙي پوڙهي ڪالس جي طاقت کان اهو ڪم مٿي هو، جو چوويهن سالن جي صحتمند ۽ سگهاري جوان کي اڪيلي سر هو ڦاسي جي تختي چاڙهي سگهي: انهي ڪري پهريائين هن کي ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهيو وڃي، ته پاڻهي ڳالهه کلي پوي، ڇو ته هو پوڙهو مڙس هو ۽ سنڌن جي سور جو مريض هو، انهي ڪري جهٽ ۾ سچي ڪري ڏيندو. اٺن ججن انهي رٿ جي فائدي ۾ راءِ ڏني ڇهه هو پهرين هئا، ستون انهن جي پاسي نئون جج ٿيو، جو اٿي ويل جج جي جاءِ تي آيو هو، ۽ اٺون جج پهريئن ڌر مان ڦري ”انصاف کي سازگار بنائڻ لاءِ“ هن ڌر سان ملي ويو. جين ڪالس کي پوءِ ”موت جي ڦيٿي“ تي چاڙهيو ويو. پر تعصب جي انڌ ۾ ورتل ۽ تشدد جي گهوڙي تي چڙهيل جج حيران ٿي ويا، جڏهن پوڙهو جين ڪالس ”موت جي ڦيٿي“ تي ڀڄي ڀري ڳاهجي بُهه ٿي ويو، پر نه رڳو ڏوهه جو قبولدار ٿيو، آخر دم تائين خدا کي پڪاريندي چوندو رهيو: “تون ئي منهنجي بينگاهيءَ جو شاهد آهين، تون ئي سڀني جو بخشڻهار آهين.... تون ئي منهنجي مارڻ وارن کي بخشيندين!“

ججن جو آخري فيصلو هي بيٺو ته ڪالس خاندان جي ڪئٿولڪ نوڪرياڻي ۽ سندن مهمان لئوي کي ڇڏيو وڃي- ”جيڪي ٿين سوئي گهڻو هون“ ڪالس جي وڏي پٽ پيئري کي جلاوطن ڪيو وڃي ۽ هن جي باقي هڪ ڀيڻ کي ڪئٿولڪ ڪانوئيٽ ۾ موڪليو وڃي، جتي هو پنهنجي ڪئٿولڪ مومنياڻي ڀيڻ جي ”سنڀال“ ۾ رهندي- ”هن جي ’هوش کان نڪتل‘ ماءُ هن جي پرورش ۽ تربيت لائق نه رهي هئي.“ پئيري ڪائش اڳتي هلي پئرس جي عدالت اڳيان قسم تي بيان ڏنو ته ”پيءُ جي مارجڻ کان پوءِ مان جڏهن جيل ۾ هوس ته هڪڙو پادري مون وٽ آيو ته ڪئٿولڪ شريعت ۾ ايمان آڻ، يا پيءُ وانگر موت جي ڦيٿي تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿيءُ!“ انڪار ڪرڻ تي، جلاوطن ٿي، هو شهر مان ٻاهر ئي مس ٿيو، ته هڪڙو پادري پنهنجن ’ساٿين‘ سميت کيس وڃي ڀڳو، ۽ زوري وٺي آڻي ڪئٿولڪ مڙهي ۾ وڌائونس، جتي ڪيترو وقت هو زوري ڪئٿولڪ شريعت جا ڪلما پڙهندو رهيو.

هنن جي پوڙهي، ”هوش مان نڪتل“ ماءُ، موت جي ڦيٿي تي هاريل مڙس جي رت جا ڦڙا منهن تي مليا، جنهن جو ننڍو پٽ مري چڪو هو، ۽ وڏو پٽ جلاوطن هو، ۽ جنهن کان ڌيئرون ۽ ملڪيت کسجي چڪيون هيون. رندين راهين دانهون ڪندي، بکن ۾ پاهه ٿيندي، ڳوڙها ڳاڙيندي، نراس ۽ بيجان رلندي رهي.

 ٽولُوز جو شهر فرانس ۽ سئٽرزلينڊ جي سرحد کان گهڻو پري ڪونه هو، جتي والٽيئر ”بادشاهن ۽ رعيتين جي لوڌين“ کان پڇيو پنهنجن ”پناهگاهن“ ۾ لڪو ٿي رهيو. هن ڪنهن طرح پيئري ڪالس ۽ هن جي ماءُ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو، ۽ هنن کان سندن ڏک ڀرئي داستان جا تفصيل وٺي، فورن ٻه قدم کنيائين (1) پئرس جي وڪيلن کي سڄي سانحي کان واقف ڪري، انهن کي ڪالس خاندان طرفان اتي ملڪ جي وڏي عدالت ۾ اپيل داخل ڪرايائين- پندرهن وڪيلن گڏجي اها اپيل داخل ڪئي، وٽس جيڪي به فرينچ، انگري ۽ يورپ جا ٻيا اديب، دانشور ۽ بااثر ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا هئا، تن کي ان سلسلي ۾ ’ڪجهه ڪرڻ‘ لاءِ آمادهه ڪندو رهندو هو، ۽ ٻين اهڙن باشعور ۽ انسان پسند ماڻهن ڏانهن سڄي يورپ ۾ جتي جتي سندس اهي واقف هئا. خطن پٺيان خط ۽ پترن پٺيان پتر موڪليندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته مظلوم انسانيت جي حمايت ۾ هو پاڻ به سجاڳ ٿين ۽ پنهنجي آسپاس جي علمي ۽ سماجي دنيا کي به سجاڳ ڪن ۽ تحرڪ ۾ آڻين؛ ۽ (2) هن جين ڪالس جي هن ناحق خون جي پسمنظر ۾ هڪ بيحد عظيم، لافاني تعصب شڪن ڪتاب ”رواداري جو محضرنامو“ تيار ڪيو، جيڪو انساني ذهن جي نجات ۽ فڪر جي آزاديءَ جو اڄ به اهڙو ئي صحيح، وقتائتو ۽ اهم دستاويز آهي، جهڙو ان وقت اهو ثابت ٿيو--- ” جيڪو مون کي چوي ٿو ته ’جيئن آئون مان ٿو تيئن ون به مڃ، نه ته خدا توتي ڪاوڙبو‘ اهو اتي ئي مون کي هيئن به چوندو ته ’جيئن آئون مڃان ٿو تيئن تون به مڃ، نه ته آءٌ توکي ڪهندس!‘..... وهم جهالت جي ڪٽرپڻي جي هن وبا ۾ انسان صدين کان ورتل رهيا آهن- ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ماڻهوءَ جي وڏي ۾ وڏي نيڪي ۽ بهترين عمل آهي.“

والٽيئر جي هن ڪوشش جو نتيجو هيءُ نڪتو جو سڄي يورپ ۾ انسانن جي سالم ۽ صحتمند راءِ جاڳي پئي- ۽ فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ته ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ٻنهي قومن جا دردمند روح نه فقط ان انسانيت ڪش سانحي تي ماتم ڪرڻ ۽ ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ بلڪ ان جي فوري ازالي لاءِ ۽ پڻ آئيندي ان جي سد باب واسطي هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيا هئا. جين ڪالس جي پوڙهي زال پهريائين ته عدالت ۾ حاضِر ٿيڻ واسطي پئرس وڃڻ لاءِ تيارئي نه هئي- ايتريقدر هوءَ هر ڳالهه کان نراس ۽ پنهنجي پاڻ کان بيزار ۽ بي تعلق ٿي چڪي هئي پر نيٺ پنهنجي مرحوم خاوند تان جرم جي ٽڪي لاهڻ ۽ سندس نالي جي صفائي لاءِ هوءَ اوڏانهن وڃڻ تي آماده ٿي. جيتوڻيڪ پئرس پهچندي پهچندي، هوءَ تقريبن ساڻي ٿي پيئي هئي، ته به هن جڏهن اتي هزارها ماڻهن، زالن، مردن، ننڍن وڏن عام ۽ خاص طرفان دلي قرب ۽ محبت، سڪ ۽ سنيهه ڀريو پنهنجو آڌرڀاءُ ٿيندو ڏٺ، تڏهن هن جي دل ڀرجي آئي ۽ من تي درد ۽ امنگ جي بار سببان هن زبان مان هڪ اکر به اُڪلي نه سگهيو.

ٽولُوز جي اختياريءَ وارن سان طويل قانوني رسم ڪشيءَ کان پوءِ، پئرس جي وڏيءَ عدالت انهن جي ’فتوائن‘ کي رد ڪيو- پئرس ۾، فرانس ۾، انگلينڊ ۾، يورپ جي سمورن انسان شناس ۽ انصاف پسند حلقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي.

پويئن گهڙين ۾ جڏهن عدالت عاليه جي اڳيان پئري ڪالس، هن جي ’هوش کان نڪتل‘ پيرسن ماءُ ۽ ان جي ڌيءُ ڪنڌ هيٺ ڪيو ڳوڙها ڳاڙيندا ٿي رهيا، تڏهن سندن جج به پنهنجو فيصلو کين پڙهي ٻڌائيندي، ۽ ڏانهن نهاريندي، روئڻ کان پاڻ جهلي نه سگهيا.

(م.ا. ج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org