سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪئنڊِيڊ

 

صفحو :5

باب پنجون

 

طوفان جو زور ۽ جهاز جي تباهي، ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، ۽

ڊاڪٽر پئنگلاس، ڪئنڊيڊ، ۽ مئڪس پادري جي حالت

 

طوفان بيحد غضبناڪ هو، وڏيون وڏيون ڀوائتيون ڇوليون جهاز کي ايڏي ته زور سان لوڏي ۽ ڌوڏي رهيون هيون، جو مسافرن جون وايون بتال ٿي ويون. ڪيترا ته بدحواسي وچان ازخود سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي مئا. ٻيا رڙيون ۽ واڪا ڪري رهيا هئا. ڪي دعائون گهري رهيا هئا ته ڪن جو خوف جي ڪري آواز نٿي اڪليو. طوفان جيئن پوءِ تيئن زور ٿيندو ويو. ڏسندي ڏسندي جهاز جا سڙهه سڀ ڦاٽي پيا ۽ کوها ڀڄي پيا. تري واري تختي جي وچ ۾ ڦوٽ پئجي وئي، ۽ جهاز تيزي سان ٻڏڻ لڳو.

 هر شخص جهاز کي بچائڻ لاءِ سرگرمي ڏيکاري رهيو هو، پر ڪنهن به ڪنهن جي ڪانه ٿي ٻڌي، رڳو گوڙ ۽ شور رهيون ۽ ڪيهون، روڄ ۽ راڙو هو. ڪنهن کي به ٻئي جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو وقت ڪونه هو، ۽ ڪنهن کي به ٻين کي هدايت ڏيڻ جو موقعو ڪونه هو.

نيڪ دل پادري جئڪس به، جهاز جي مٿانهين طبقي تي، جهاز کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو، ته اوچتو هڪڙو بددماغ خلاصي کيس اهڙو ڌڪ هنيو ، جو هو اونڌي منهن وڃي هيٺ فرش تي ڪريو، پر ڌڪ هڻڻ سان اهو خلاصي پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ سندس پير جهاز تان کسڪي ويو، ۽ منهن ڀر وڃي هڪڙي ڀڳل کوهي تي ڪريو. هو کوهي کي قابو جهلي، پاڻي مٿان لٽڪندو رهيو. ايتري ۾ نيڪ دل پادري کيس وري به مٿي ڇڪي ورتو. پر ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي، هو پاڻ سمنڊ ۾ ڪري پيو، احسان فراموش خلاصي کيس ڏسندي به ڪو ڌيان ڪونه ڏنو، ۽ پنهنجي بچائڻ واري کي ٻڏندو ڏسي منهن ڦيرائي اتان هٽي ويو. ايتري ۾ ڪئنڊيڊ ڊوڙندو آيو ۽ ڏٺائين ته سندس محسن، نيڪ دل پادري غوطا کائي رهيو آهي. ڏسندي ڏسندي بي رحم لهرن ان کي ٻوڙي ڇڏيو.

ڪئنڊيڊ پادري کي بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ تي هو ته ايتري ۾ ڏاهو پئنگلاس اچي پهتو، جنهن کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڃا هو پنهنجي انهي خيال کي ٿابت ڪرڻ لاءِ ڪو دليل ڏئي ئي ڏئي، ته جهاز پاني سان ڀرجي وڃڻ ڪري وڃي تر ورتو. ۽ پئنگلاس ڪئنڊيڊ ۽ پادري کي ٻوڙڻ واري بددماغ خلاصي کانسواءِ سمورا مسافر ٻڏي ويا، خلاصي ته ڪناري تائين ترندو ويو، باقي پئنگلاس ۽ ڪئنڊيڊ هڪڙي تختي جي سهاري سان تُڙڳندا نيٺ اچي ڪناري ڀيڙا ٿيا.

ڪجهه دير تائين ٿڪ ڀڃي، هنن لزبن جي شهر جو رخ ڪيو. موت جي منهن مان بچي نڪرڻ کان پوءِ جيڪا ٿوري گهڻي رقم وٽن موجود هئي، تنهن مان هو ڪجهه ويلا کائي پي سگهيا ٿي. پر اڃا هو پنهنجي مهربان ۽ محسن دوست، جئڪس پادري جي موت تي ارمان ڪندا، شهر ۾ داخل ٿيا ئي مس ته ايتري ۾ زلزلو شروع ٿي ويو. ڌرتي ڌٻڻ سان سمنڊ ايڏي زور سان اڇل کاڌي جو بندر تي جيڪي به جهاز لنگر هڻي بيٺا هئا، سي سڀ پرزا پرزا ٿي لڙهي ويا. جايون ڊهي اچي پٽ پيئون ۽ گهٽين ۽ بازارين کي باهه جا الا ۽ مٽي جا واچوڙا وڪوڙي ويا. ٽيهه هزار ماڻهو، مرد ۽ عورتون ٻڍا ۽ ٻار مٽي جي ڍيرن هيٺ دٻجي مري ويا.

تباهي ۽ بربادي جو اهو لقاءَ ڏسي خلاصي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. هن شيطاني ٽهڪ ڏيندي چو: ”آفرين آهي ابليس کي، هاڻي مال ميڙڻ جو وجهه ڏاڍو سٺو آهي!“

پئنگلاس چيو: ”قدرت جي هن قهري ڪارنامي جو ڪهڙو ”معصول سبب“ ٿي سگهي ٿو؟“

ڪئنڊيڊ چيو: ”ڀائنجي ٿو ته قيامت اچي وئي آهي؟‎!“ خلاصي سر جو سانگو لاهي پئسن جي ڳولا ۾ ڊٺل جڳهين جي کنڊرن اندر گهڙي پيو، ڪافي نقدي هٿ آئي، تنهن کانپوءِ هن خوب شراب پيتو، ۽ آخر نشي ۾ چور ٿي سمهي رهيو. جڏهن سجاڳ ٿيو ۽ نشي جو خمار لٿس تڏهن کيس هڪڙي ننڍي نيٽي ڇوڪري هٿ اچي ويئي جنهن کي ساڻ ڪري، هو پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، مڙدن ۽ زخمي ماڻهن جي ڍيرن کي لتاڙيندو، ڊٺل جڳهين جي ڪنهن گوشائتي ڪنڊ ڏانهن وڌڻ لڳو.

پئنگلاس کيس ٻانهن کان جهلي چيو: ” منهنجا دوست! اها ڳالهه ٺيڪ ڪانهي، جو تون ”عالمگير معقوليت“ جون حدون لتاڙي رهيو آهين. تو پنهنجي ڪڌي ارادي لاءِ وقت ۽ جڳهه جي چونڊ به غلط ڪئي آهي.“

خلاصي ڪاوڙجي وراڻيو: ”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي منع ڪرڻ وارو! توکي خبر ناهي ته آءٌ جهاز ران آهيان ۽ بئٽاويا ۾ ڄايو آهيان. مون چار ڀيراجاپان جو سفر ڪيو آهي، ۽ هر ڀيري يسوع مسيح جي صليب کي پيرن هيٺيان لتاڙيو اٿم. سو، تون مون مان پنهنجي ”عالمگير معقوليت“ جي ڪابه اميد نه رک!“

هوڏانهن پٿرن جي اڏامي لڳڻ سان، ڪئنڊيڊ زخمي ٿي پيو هو، ۽ ڌوڙ سان ڀڀوت ٿيو، گهٽي جي وچ تي پيو هو. پئنگلاس کي رڙ ڪري چيائين: ”مهرباني ڪري مون لاءِ ترت ئي ڪجهه شراب ۽ تيل هٿ ڪري وٺ، تڪليف جي ڪري منهنجو ساهه ٿو نڪري.“

پئنگلاس چيو: ”هي زلزلو ڪا نيئن ڳالهه ڪانهي، آمريڪا جي ليما شهر ۾ به اڳين سال ڌرتي ڌٻڻ سان اهڙي ئي حالت ٿي هئي. ساڳي قسم جا سبب ساڳيا نتيجا پيدا ڪن ٿا. ليما کان لزبن تائين، ضرور گندرف جون ڪي لاڳيتيون زير زمين قطارو پکڙيل آهن.“

ڪئنڊيڊ چيو: ”ضرور ائين ئي هوندو. پر خدا جي واسطي منهنجي شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر.“

”هوندو“ نه بلڪ چئو ته ”آهي“ ! پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو. ”اها هڪ حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو.!“

ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو اهو ڏسي پئنگلاس هڪدم ڊوڙي وڃي ڀر واري چشمي تان پاڻي کڻي آيو، ۽ آهستي آهستي ڪري ڪئنڊيڊ جي منهن ۾ وڌائين.

ٻئي ڏينهن ڊٺل ڦٽل جڳهين اندر گهمندي کين کاڌي پيتي جون ڪي شيون هٿ لڳيون جن کي کائي، هنن پنهنجي بک لاٿي، ۽ ڪجهه قدر تازا توانا ٿيا. تنهن کان پوءِ شهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي زلزلي جي ڪري زخمي ٿيل ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ۾ مصروف ٿي ويا. انهن مان ڪن جن جي هنن مدد ڪئي هئي، کين منجهند جي ماني کارائي، ۽ اهڙي مصيبت جي هالت ۾ به جيڪي ڪجهه وٽانئن ٿي سگهيو سو هنن جي اڳيان آڻي حاضر ڪيائون. اها ڄڻ ته ماتمي دعوت هئي. جنهن ۾ ميزبان کاڌي کائڻ سان گڏ روڄ ۽ فرياد به ڪري رهيا هئا. پر پئنگلاس انهن کي تسلي ڏني ته جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو، تئين ئي ٿيو آهي، ڪنهن به شيءِ جي اصليت کي بدلائي نٿو سگهجي، ۽ هر ڪنهن شيءِ ۾ ڪانه ڪا چڱائي جي رمز رکيل آهي، ڇو ته قدرت اها ڪنهن نه ڪنهن بهترين مقصد لاءِ پيدا ڪئي آهي. جيڪو زلزلو آيو، سو ضرور اچڻو هو ڇاڪاڻ ته جيڪي ٻڙندڙ جبل لزبن ۾ آهن، تن جو اثر به لزبن تي ئي ٿيڻو هو. قدرت پنهنجن ٺهرايل اصولن جي ابتڙ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪندي. اهو ناممڪن آهي ته ”سبب“ هڪڙي هنڌ هجي ۽ ان جو ”نتيجو“ ٻئي هنڌ ظاهر ٿي. هرڪا شيءِ جتي موجود آهي، اها اتي ئي سونهي ٿي، سڀئي شيون بهترين نموني ۾ رٿيل آهن، ۽ اهي بهترين مقصد سان خلقيون ويون آهن.“

پئنگلاس جي ڀرسان هڪڙو بندري قد وارو ماڻهو ويٺو هو، جنهن کي ڪارا ڪپڙا پيل هئا. ۽ مذهبي عدالت جو جاسوس هو. هن پئنگلاس کان نرمي سان پڇيو ته ”سائين اوهين شايد انهي ڳالهه ۾ ويساهه نٿا رکو ته انسان پيدائشي طور گناهگار آهي، ڇو ته اوهان جي چوڻ موجب هرڪنهن شيءِ ۾ چڱائي رکيل آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته آدم جو گناهه ڪابه حقيقت نٿو رکي، ۽ انسان جي بهشت مان تڙجڻ ۽ دائمي سزا ڀوڳڻ جي ڳالهه اجائي آهي!“

پئنگلاس تهان ئي نرمي سان جواب ڏنو: ”سائينجن بلڪل بجا فرمايو. پر مون کي اها ڳالهه واضح ڪرڻي آهي ته آدم جي بهشت مان تڙجڻ ۽ سزا ڀوڳن ضرورت جي پابندي هيٺ، کيس سڀني کان بهترين جهان ۾ پهچايو، جنهن ۾ ئي هن جي بهتري ۽ ڀلائي هئي.“

’مذهبي عدالت‘ جوعملدار چوڻ لڳو: ”تنهن جي معنيٰ ته اوهين انسان جي فعل مختيار هجڻ جو عقيدو نٿا رکو!“

پئنگلاس وراڻيو: ” معاف ڪجو، اوهين منهنجو مطلب نٿا سمجهو. انسان کي جيڪا عمل جي آزادي ۽ اختياري مليل آهي، سا ’ازلي ضرورت‘ جي پابنديءَ سان بلڪل ٺهڪيل اهي، ڇاڪاڻ ته اهو ضروري هو ته اسين فعل مختيار هجون، ۽ جيڪو قدرت جو ارادو هجي...“

پئنگلاس اڃا جملو پورو نه ڪيو هو ته ’مذهبي عدالت‘ جي عملدار پنهنجي هڪ ڇاڙتي کي خاص نموني جو اشارو ڪيو، جيڪو کيس شراب جو جام ڀري ڏيئي رهيو هو.

  

باب ڇهون

 

زلزلن کي روڪڻ جا اپاءُ، ۽ ڪئنڊيڊ جو ڦٽڪا کائڻ

 

لزبن شهر جا ٽي حصا زلزلي جو شڪار ٿي چڪا هئا. ڪوئمبرا يونيورسٽي اڳي ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته وڌيڪ زلزلن جي تباهي کان بچڻ جو اهوئي هڪڙو ڪارگر طريقو آهي ته انساني قرباني جي رسم ادا ڪئي وڃي، جنهن ۾ ٻن ٽن ماڻهن کي نرم باهه تي جيئري جلايو وڃي. انهي ڪري، جڏهن زلزلن جي نقصانن تي ويچارڻ ۽ انهن کان بچڻ جي اپائن ڳولڻ لاءِ شهر جا چڱا مڙس هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي انساني قربانيءَ جي رسم واري طريقي کان سواءِ ٻي ڪابه خاطريءَ جهڙي تجويز ذهن ۾ ڪانه آئي.

انهي سلسلي ۾،پهرين جنهن شخص کي پڪڙيو ويو، سو فرانس جي بسڪ علائقي جو رهاڪو هو، ۽ مٿس الزام هو ته هن پنهنجي دين جي ماءُ سان شادي ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ ٻه پورچوگيز گرفتار ٿيا، جن دعوت جي موقعي تي رڳو ڪڪڙ جو گوشت واپرايو ۽ سوئر جو گوشت نه کاڌائون. دعوت جي پڇاڙي ۾ مذهبي عدالت جا ڪارندا هڪڙي پئنگلاس ۽ سندس شاگرد ڪئنڊيڊ کي به جهلي آيا. هڪڙي کي ملحدانه خيالن جي ڪري ۽ ٻئي کي انهن خيالن جي تائيد ڪرڻ سبب ٻنهي کي جدا جدا ڪوٺين ۾ بند ڪيو ويو، جن ۾ بيحد سردي ۽ اوندهه هئي هڪ هفتي کانپوءِ کين قرباني جي رسم واير خاص پوشاڪ پهرائي وئي ۽ مٿن ۾ ڪاغذ جون ڊگهيون ٽوپيون وڌيون ويون. ڪئنڊيڊ جي ٽوپي ۽ ڪپنن ڀوتن جون شڪليون چٽيل هيون ان جي ابتڙ ئنگلاس جي ڪپڙن ۽ ٽوپي تي چٽيل جنن ڀوتن کي پڇ ۽ چنبا به هئا، ته باهه جا شعلا به سڌا ڏيکاريل هئا. انهي عجيب غريب لباس ۽ حالت ۾، سندن سرگرس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ سڄي شهر جي خلق اچي گڏ ٿي هئي. پهرين کين هڪ تمام درديلو وعظ ٻڌايو ويو، جنهن کان پوءِ عجيب سرن ۾ عبادت جو راڳ شروع ڪيو ويو. راڳ جي لَي تي ڪئنڊيڊ تي چهبڪن جو وسڪارو ڪيو ويو. ساڳئي وقت گرفتار ڪيل بسڪائي ۽ ٻن پورچوگيزن کي جيئري باهه ۾ اڇلايو ويو، ۽ پئنگلاس کي ڦاسي ڏني ويئي. جيتوڻيڪ قربانيءَ جي اهڙن موقعن تي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جو عام رواج ڪونه هو.

تنهن ڏينهن به وري زلزلو آيو جنهن زبردست جاني ۽ مالي نقصان ڪيو. ڪئنڊيڊ خوفزده ۽ خاموش هو، چهبڪن سان ڦٽيل ۽ پريشان هو، تنهن دل ۾ ويچاريو ’جيڪڏهن هن بهترين امڪاني دنيا جو اهو حال آهي، ته پوءِ ٻين دنيائن جي الائي ڪهڙي حالت هوندي! جيڪڏهن رڳو مون کي ئي کڻي چهبڪن سان ماريو وڃي ها ته به ٺيڪ هو، ڇو ته مون اڳي بلگيريا وارن جا سخت ڦٽڪا به برداشت ڪيا هئا، پر دنيا جي وڏي ۾ وڏي فيلسوف کي ڦاسي تي چاڙهڻ لاءِ ڪهڙو ”سبب“ ٿي سگهي ٿو؟ اي منهنجا پيارا استاد، خدا مون کي اهو ڏينهن نه ڏيکاري ها، جو توکي پنهنجين بيوس اکين سان ڦاسيءَ تي لٽڪندو ڏٺم! اي پيارا جئڪس اي بهترين انسان ڇا قدرت جي انتظام لاءِ اهو ضروري هو ته تون لزبن جي ڪناري تي پهچي سمنڊ ۾ ٻڏي مرين! اي منهنجي پياري ڪيونيگونڊي اي جهان جي سڀني سهڻين عورتن جي سرتاج، ڇا اهو ضرور هو ته تنهنجو پيٽ چيريو وڃي.“

وعظ ٻڌڻ، چهبڪن کائڻ، معافي ملڻ ۽ برڪت حاصل ڪرڻکان پوءِ تڪليف سان هلندو، ڪئنڊيڊ لزبن شر مان واپس وڃي رهيو هو، ته ايتري ۾ هڪڙي ٻڍڙي عورت سندس اڳيان اچي کيس کيڪاريو، چوڻ لڳي: ”همت کان ڪم وٺ، ٻچڙا! منهنجي پٺيان پٺيان هليو اچ.“

 

باب ستون

 

هڪ ٻڍڙي جو ڪئنڊيڊ کي سنڀالڻ ۽ کيس سندس محبوب سان ملائڻ

 

ڪئنڊيڊ ۾ حوصل ته ڪونه رهيو هو، پر ٻڍڙي جو پيار ۽ همدردي ڏسي، هو سندس پويان هلڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيئي ڄڻا هڪڙي ڪکائين جهوپڙي ۾ اچي پهتا. ٻڍڙي ڪئنڊيڊ کي پهرين ڦٽن تي لڳائڻ لاءِ ملم جي دٻي ڏني. پوءِ کيس هنڌ وڇائي ڏنائين، ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون سندس اڳيان رکي، ڌوتل ڪپڙن جو وڳو ڏيئي، چوڻ لڳي:”کائي، پي ڪپڙا بدلائي، آرام ڪر. آءٌ وري صبح جو ايندس. آٽوچا جي پاڪدامن ديوي، پاڊوئا جو بزرگ سنت ائنٿوني، ۽ ڪمپوسٽيلا جو درويش جيمس، تنهنجي حفاظت ڪندا.“

ڪئنڊيڊ پنهنجي حال تي اڳ ئي حيران هو ويتر هن ٻڍڙي جي همدردي واري هلت کيس عجب ۾ وجهي ڇڏيو. جئين ئي ٻڍڙي وڃڻ لڳي، ته هن اڳتي وڌي سندس هٿ چمڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻڍڙي کيس روڪيندي چيو: ” منهنجي هٿ چمڻ جي ضرورت ڪانهي، توکي هي مهربانيون منهنجي طرفان ناهن. آءٌ سڀاڻي صبح جو وري اينديس، تيستائين تون پٺن تي ملم جي مالش ڪر، ۽ کائي پي آرام ڪر.“

ٿڪ ۽ تڪليف هوندي به، ڪئنڊيڊ ڍءُ ڪري کاڌو ۽ پوءِ سمهي رهيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ٻڍڙي ڪئنڊيڊ لاءِ نيرن کڻي آئي. سندس پٺيءَ جا ڦٽ چڪاسي، انهن تي پنهنجن هٿن سان ملم لڳايائين. ان کان پوءِ هوءَ منجهند جي ماني کڻي آئي، ۽ تنهن کانپوءِ وري رات جي ماني ڏيئي، ڪئنڊيڊ کان موڪلائي ويئي.

ٽيئن ڏينهن به ساڳيءَ ريت ٻڍڙي ڪئنڊيڊ جي پٺن تي ملم هنيو. ۽ ٽنهي ويلن جي ماني باقاعدي کيس آڻي ڏني.

آخر ڪئنڊيڊ کان رهيو نه ٿيو ۽ ٻڍڙي کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ۽ مون تي ايڏي مهرباني ڪهڙي سبب ڪري رهي آهين؟ آءٌ ڪهڙي ريت تنهنجا ٿورا لاهي سگهندس؟

ٻڍڙي ان جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنائين شام جو هوءَ آئي پر هن ڀيري ڪئنڊيڊ لاءِ رات جي ماني ڪانه آندائين. اچڻ شرط کيس چيائين: ” اٿي چپ چاپ مون سان گڏجي هل.“

هن ڪئنڊيڊ کي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿاريو، ۽ ڳوٺ کان ٻه فرلانگ کن پنڌ تائين وٺي اچي هڪ اڪيلي جڳهه ۾ پهتي، جيڪا چوڌاير واهن ۽ باغن سان گهيريل هئي. ٻڍڙي هڪ ننڍڙي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي، دروازو هڪدم کلي پيو. ٻڍڙي ڪئنڊيڊ کي پوئين ڏاڪڻ رستي هڪ سينگاريل ڪمري اندر وٺي آئي ۽ کيس هڪ نرم ڪوچ تي ويهاري پاڻ ٻاهر هلي وئي ۽ دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيائين. ڪئنڊيڊ کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. ائين پئي محسوس ڪيائين، ڄڻ ڪو خواب ڏسي رهيو هجي، سچ پچ سندس سموري گذريل زندگي هڪ ڀيانڪ خواب مثل هئي، پر هيءُ گهڙي کيس هڪ سندر سپنو معلوم ٿي رهي هئي.

ٻڍڙي جلدي موٽي آئي. پر هوءَ اڪيلي ڪانه هئي بلڪ ساڻس گڏ هڪ ٻي نوجوان عورت هئي، جيڪا شاهاڻي قد بت واري ٿي ڏٺي. سندس پوشاڪ سڄي هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هئي. ۽ منهن نقاب سان ڍڪيل هوس. هوءَ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ڪئنڊيڊ کي ويجهي ايندي ويئي تيئن سندس پير وڌيڪ ڏڪي رهيا هئا. ٻڍڙي کيس سهارو ڏئي، ڪئنڊيڊ جي اڳيان آڻي بيهاريو ۽ پوءِ ڪئنڊيڊ کي چيائين: ”هن جي منهن تان نقاب هٽاءِ!“

ڪئنڊيڊ هٻڪي هٻڪي ڏڪندڙ هٿن سان ان عورت جي منهن تان نقاب پري ڪيو. اها سندس زندگي جي سڀ کان حيرت انگيز گهڙي هئي. کيس اعتبار ئي نٿي آيو ته هو ڪو پنهنجي خوابن جي راڻي ڪماري ڪيونيگونڊي کي ڏسي رهيو آهي. پر اها حقيقت هئي--- سندس محبوبه سندس سامهون بيٺي هئي. هن جو دماغ چڪرائجي ويو، همت جواب ڏئي ويس ۽ هڪڙو لفظ به زبان مان اڪلي نه سگهيس، بيحال ٿي ڪيونيگونڊي جي قدمن ۾ ڪري پيو. ڪيونيگونڊي تي به اهڙو ئي اثر ٿيو، ۽ هوءِ بيهوش ٿي صوفي تي ڪري پئي. ٻڍڙي هڪدم ٻنهي جي منهن تي گلاب جي پاڻي جا ڇنڊا هنيا، ۽ کين هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

آخر جڏهن ٻنهي کي هوش آيو، تڏهن هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳا. پهرين ته ٿڌن ساهن ۽ لڙڪن جو سلسلو هليو، پوءِ ڀڳل ٽٽل فقرا، ۽ تنهن کان پوءِ اڌروا سوال جواب شروع ٿيا.

ٻڍڙي جڏهن کين بهتر حالت ۾ ڏٺو، تڏهن آهستي آهستي گفتگو ڪرڻ جي هدايت ڪري کين اڪيلو ڇڏي، ٻاهر هلي وئي.

ڪئنڊيڊ رڙ ڪندي چيو: ”يا خدا! آءٌ ڇا ڏسي رهيو آهيان!، منهنجون اکيون مون کي دوکو نه نٿيون ڏين؟ ڇا، آئون ڪيونيگونڊي کي زنده ۽ پنهنجي سامهون ڏسي رهيو آهيان؟ سو به پورچوگال ۾! تڏهن استاد پئنگلاس مون کي غلط ٻڌايو هو؟ تنهن جي معنيٰ ته نڪا تنهنجي عصمت دري ٿي، ۽ نه تنهنجو پيٽ ڦاڙيو ويو؟“

”بيشڪ، اهو سڀ سچ آيه پر اهي ٻيئ ڳالهيون هميشه موت جو ڪارڻ نٿيون بنجن.“

”ڇا تنهنجي پي ۽ماءُ کي به قتل ڪيو ويو هو؟“

”ها، اهو بلڪل سچ آهي.“ ڪيونيگونڊي روئڻ لڳي.

”۽ تنهنجو ڀاءُ“

”ان کي به قتل ڪيو ويو.“

”پر تون هتي پورچوگال ۾ ڪيئن اچي پهتين؟ توکي ڪئين خبر پئي ته آءٌ هتي آهيان؟ ۽ تو مون کي هتي گهرائڻ جو بندوبست ڪئين ڪيو؟“

”آئون توکي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائيندس، پر تون ٻڌاءِ ته ان ڏينهن کان وٺي، جڏهن تو مون کي پيار جي پهرين پاڪيزه چمي ڏني، ۽ جڏهن توکي لتون هڻي محلات مان ڪڍيو ويو، توتي اڄ تائين ڪهڙيون حالتون گذريون؟“

ڪئنڊيڊ لاءِ پنهنجي محبوب جي فرمائش، حڪم ۽ قانون جي برابر هئي. ان ڪري جيتوڻيڪ هو اڃا حيرت جي ڪن ۾ غرق هو، سندس طبيت ناساز هئي ۽ پٺي جي سور سبب ڳالهائڻ ۾ تڪيلف پئي ٿيس تنهن هوندي به ڪيونيگونڊي کان جدا ٿيڻ واري وقت کان وٺي هن جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو هو، تنهن جو ذري پرزي جو احوال کيس ڪري ٻڌايائين. ڪيونيگونڊي جي نرم دل تي ڪئنڊيڊ جي آپدائن جو گهڻو اثر ٿيو، ۽ جڏهن ڊاڪٽر پئنگلاس ۽ نيڪدل پادري جي موت جو واقعو ٻڌائين، ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون، ۽ هوءَ آسمان ڏانهن شڪايت جي نگاهه سان نهارڻ لڳي.

تنهن کان پوءِ ڪيونيگونڊي پنهنجي ماجرا ٻڌائڻ شروع ڪئي. ڪئنڊيڊ سمورو وقت ڪيونيگونڊي ۾ اکيون کپائي هن جو هڪ هڪ لفظ پوري ڌيان سان ٻڌندو رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org