سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪئنڊِيڊ

 

صفحو :4

 

باب پهريون

 

ڪئنڊيڊ جو اميراڻي محل ۾ پلجي وڏو ٿيڻ، ۽ اتان کيس نيڪالي ملڻ

 

ويسٽ ــ فيليا جي ملڪ ۾ هڪڙو هلنديءَ وارو، وڏ- گهراڻو جاگيردار رهندو هو. سندس نالو هو ٿنڊر ٽن ٽرنڪ. هن کي نواب ڪري به سڏيندا هئا. سندس خاندان جي فوقيت ۽ فضيلت سندس محل جي عاليشان اڏاوت مان ظاهر هئي. انهي محل ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. جنهن کي قدرت تمام عمدي طبيعت عطا ڪئي هئي. جهڙي هيس معصوم ۽ سٻاجهي صورت، تهڙو ئي هو سادو ۽ صافدل. شايد انهي ئي ڪري ماڻهو کيس ”ڪئنڊيڊ“ ڪري سڏيندا هئا. يعني ”اندر جو صاف“ خاندان جي جهونن ملازمن جو خيال هو ته اهو نوجوان، جاگيردار جي ڀيڻ کي پاڙي جي هڪڙي معزز رئيس مان ٿيو هو. پر پوءِ جاگيردار جي نوجوان ڀيڻ جي شادي انهي ريس سان ان ڪري نه ٿي سگهي جو هو پنهنج حسب نسب فقط ايڪهتر پيڙهين تائين ثابت ڪري سگهيو، جن جا نشان سندس تلوار، ڍال ۽ ٻين هٿيارن تي اڪريل هئا، ۽ باقي سندس خاندان جو شجرو زماني جي گردش ڪري گم ٿي ويو هو.

جاگيردار ٿنڊر ٽن ٽرنڪ، ويسٽ فيليا جي سڀ کان طاقتور سردارن مان هڪ هو، ڇاڪاڻ ته سندس محل کي هڪ اوچي عالم پناهه صدر دروازو، ۽ ڪيتريون ئي دريون هيون. انهي قلعي جهڙي محلات جو وچون صفحو تمام وڏو ۽ قيمتي پردن سان سينگاريل هو به جن تي گلڪاري جو نفيس ڪم ٿيل هو. گهڙي جي سنڀالڻ لاءِ رکيل ڪُتا ضرورت وقت جاگيردار کي شڪاري ڪتن جي لوڌ جو ڪم ڏيندا هئا. ۽ سندس گهوڙن جا سئس سندس شڪاري به هئا. ‎شهر جو پادري سندس عظيم نسبنامي جو محافظ هو. قلعي جا سڀ ماڻهو، خوشماد وچان کيس آقا ڪري سڏيندا هئا. آقا جيڪا به ڳالهه ڪندو هو، تنهن جي هو ضرور ساراهه ڪندا هئا، ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي اجائي خوشي ظاهر ڪندا هئا.

جاگيردار جي بيگم تنهن ڪري هونئن به معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي.وري سندس خانداني هلت چلت جي ڪري سڀڪو سندس عزت ڪرڻ تي مجبور هوندو هو. سندس ڌيءَ ڪيونيگو نڊي، سترهن سالن جي هئي، هن جا ڳل گلابي هئا، سندس حسن ۾ تازگي هئي. ۽ بدن ڀريل ۽ دلڪش هوس جاگيردار جو پٽ، طبيعت توڙي شڪل شباهت ۾ سڌ ٻڌ پيءُ جهڙو هو. ۽ سندس سڄي خاندان ۾ استاد پئنگلاس جي گهڻي مڃتا هئي، ۽ سندس ڳالهين کي ڄڻ الهام ڪري سمجهندا هئا. ننڍڙو ڪئنڊيڊ، پنهنجيءَ سمجهه ۾ عمر آهر، سندس هدايتن ۽ خطبن کي ڌيان سان ٻڌندو هو.

اُستاد پئنگلاس قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي روحانيت دينيات، ۽ ڪائنات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو. هو تمام دلچسپ نموني سان اهو ثابت ڪري سگهندو هو ته ڪوبه ”نتيجو“ ”سبب“ کان سواءِ نٿو ٿئي. هو چوندو هو ته سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهتر آهي.

ڊاڪٽر پئنگلاس اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيندو هو ته ”قدرت جا نيم ۽ قانون مقرر آهن، ۽ ڪائنات جي هر ڪا شي انهن مقرر ڪيل نيمن ۽ قانونن پٽاندر هلي رهي آهي. جيئن ته هر ڪا شيءِ ڌڻي سڳوري بنائي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته اها ڪنهن بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي هجي. مثال طور، ڏسو ته اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون. ظاهر آهي ته ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا،. پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو ته ان کي گهڙي ٺاهي منجهائنس قلعا جوڙيا وڃن ۽ اهوئي سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳهه به اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون ان لاءِ خلق ڪيون ويونت ه انهن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کاڌو وڃي، تنهن ڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا. تنهن ڪري جن فقط ايئن چيو آهي ته سڀڪجهه ٺيڪ آهي، سي گمراهه آهن، کلين ائين چوڻ کپي ته سڀڪجهه تمام ٺيڪ آهي ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“

ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس جون اهي قيمتي ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو ۽ انهن تان بنا چون چرا جي ويساهه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هو مس ڪيونيگونڊي تي دل جان سان فدا هو ۽ ان کي سڄي دنيا کان سهڻي سمجهندو هو—ايتري قدر جو سندس حسن جي رعب کان هو اها ڳالهه مس ڪيونيگونڊي سان ڪرڻ جي ڪڏهن به جرئت نه ڪري سگهيو هو. سندس خيال هو ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي خوشي اها آهي جو ماڻهو نواب ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جي حيثيت سان ڄمي ان کان پوءِ وڏي ۾ وڏي خوشي آهي نوابزادي ڪيونيگونڊي ٿيڻ ۾، ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏي خوشي آهي مس ڪيونيگونڊي جي هر روز ديدار حاصل ٿيڻ ۾، ۽ چوٿون نمبر خوشي آهي استاد پئنگلاس جي ڳالهين ٻڌڻ ۾، جيڪو هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فيلسوف آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هي ئي ملڪ سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهن ڪري هو سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهنڪري هو سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏا ڪڏهن ڪڏهن تفريح خاطر گهمڻ ويندا هئا اتي هن ڏٺو ته ڊاڪٽر پئنگلاس ٻوڙن جي هڪڙي جهڳٽي ۾ سندس ماءُ جي نوجوان نوڪرياڻي کي جنهن جا وار ڀورا هئا ۽ تمام خوبصورت هئي جسماني علم جي عملي سکيا ڏيئي رهيو هو. مس ڪيونيگونڊي کي عملي قسم جي علمن سان گهڻو چاهه هو. تنهنڪري هو انهن تجربن کي جي سندس سامهون ٿي رهيا هئا تمام ڌيان ۽ دلچسپي سان ڏسڻ لڳي. هوءَ استاد پئنگلاس جي ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ بابت پيش ڪيل دليلن ۽ اصولن کي چڱي طرح حاصل ڪرڻ جو تمام زوردار چاهه پيدا ٿي ويو. انهي ڪري هو تمام بيچيني وچان اهو سوچيندي گهر موٽي ته ”شايد نوجوان ڪئنڊيڊ منهنجي لاءِ، ۽ آءٌ ڪئنڊيڊ جي لاءِ سٺو ”سبب“ بنجي سگهون ٿا.“

واٽ تي اتفاق سان ملاقات ڪئنڊيڊ سان ٿي ويئي، کيس ڏسي هو شرمائجي ويئي ۽ ڪئنڊيڊ به شرمائجي ويو هٻڪندڙ آواز ۾ هن ڪئنڊيڊ کي سلام ڪيو. ڪئنڊيڊ به هڪدم سلام جو جواب ڏنو، پر اهو پتو ڪونه پيس ته پاڻ ڪهڙا لفظ موٽ ۾ چيا هئائين. ٻئي ڏينهن جڏهن هو کاڌي جي ٽيبل تان اٿيا، ته ٻيئي ڄڻا پردي جي پٺيان هليا ويا ڪيونيگونڊي پنهنجو رومال پٽ تي ڪيرايو، ۽ ڪئنڊيڊ اهو کڻي ورتو، ڪيونيگونڊي تمام معصوميت سان ڪئنڊيڊ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو، ۽ ڪئنڊيڊ به اهڙي ئي معصوميت سان ڪيونيگونڊي جي هٿ کي چمي ڏني اها سادگي اها گرمجوشي اهو جذبو سڀڪجهه غير معمولي هو. سندن چپ چپن سان مليا، اکيون چمڪڻ لڳيون، ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون، هٿ ڀٽڪڻ لڳا. ايتري ۾ اتفاقن جاگيردار اچي اتان لنگيهو ۽ ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جي هيءَ روئداد ڏسي، ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو. هن ڪئنڊيڊ کي پيٽ ۽ پٺي واريون سخت لتون هڻي، ڌڪا ڏيئي، محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪيونيگونڊي کي ان وقت غشي اچي ويئي، ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، ته ماڻس خوب چماٽون هنيس. اهڙيءَ ريت دنيا جي هن سڀ کان شاندار ۽ معزز محلات ۾ هر طرف بيچيني ڦهلجي ويئي.

باب ٻيو

 

بلگيريا وارن ڪئنڊيڊ جو ڪهڙو حال ڪيو؟

 

جاگيردارن ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جو محل ڪئنڊيڊ لاءِ بهشت سمان هو، جتان نيڪالي ملڻ بعد هو ڪيتري وقت تائين بي مقصد رلندو رهوي. کيس ڪابه خبر ڪانه ئي ته کيس ڪيڏانهن وڃڻو هو. ڪڏهن سندس ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏانهن کڄي ٿي ويون ته ڪڏهن وري پوئتي مڙي انهي شاندار محلات ڏانهن حسرت جي نگاهه سان ڏٺائين ٿي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان سهڻي نوجوان اميرزادي، ڪيونيگونڊي رهي ٿي.

آخرڪار شام تائين هلي هلي دلشڪستو ٿي بکيو ۽ اڃيو هو کليل ميدان ۾ ليٽي پيو، ۽ ٿڪ جي ڪري جلدي ئي ننڊ کڻي ويس. رات جو سخت برف پئي ۽ جڏهن صبح جو هو سجاڳ ٿيو، ته سندس سڄو بت ساڻو ٿي پيو هو. تنهن هوندي به هو اٿيو ۽ سيءَ ۾ ٿڙڪندو، ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو ڀر واري هڪ ڳوٺڙي تائين وڃي پهتو. وٽس هڪڙي پائي به کيسي ۾ ڪانه هئي ۽ بک ٿڪ ۽ سي جي ڪري سندس حالت تمام خراب هئي.هو مغموم ۽ ماندو ٿي هڪڙي مسافر خاني جي در وٽ اچي بيهي رهيو. اڃا گهڻي دير نه بيٺو هو ته مسافرخاني ۾ ويٺل ٻن ماڻهن کيس تاڙي ورتو. انهن کي نيري رنگ جون ورديون پيل هيون. هڪڙي ٻئي کي چيو ته ”ڏس، هو نوجوان جيڪو در وٽ بيٺو آهي تنهن جو قد بت ڪيڏو نه بلڪل پورو ۽ ٺيڪ آهي.“

پوءِ اهي ٻئي ڄڻا وڌي ڪئنڊيڊ وٽ آيا، ۽ تمام شائستگي سان کيس پاڻ سان گڏ ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين، ڪئنڊيڊ تمام انڪساري سان چيو ”صاحبو، انهيءَ عزت افزائيءَ لاءِ اوهان جي مهرباني، پر مون وٽ دراصل هڪڙي پائي به ڪانه آهي، جو مانيءَ جي خرچ لاءِ پنهنجو حصو ڏيئي سگهان.“

هڪڙي وردي واري چيو: ”خرچ جو حصو وري ڪهڙو؟ سائين، اوهان جهڙن لائق ماڻهن کي ته ڪجهه به خرچ ڪرڻو ڪونهي. ڇا اوهان جو قد پنج فوٽ ۽ پنج انچ نه آهي.“

ڪئنڊيڊ نوڙت سان وراڻيو: ”جي ها، منهنجو قد ايترو ئي ٿيندو.“

”ته پوءِ اچو، سائين، اسان سان گڏجي ويهي ماني کائو. اسين نه رڳو اوهان جي کاڌي جو بل ڀرينداسين، بلڪ اوهان جهڙي هوشيار نوجوان کي ڪڏهن به پئسي ڏوڪڙ جي تنگي محسوس ٿيڻ نه ڏينداسين. انسان کي ته پيدا ئي هڪٻئي جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي.“

”اوهين بلڪل صحيح ٿا چئو“ ڪئنڊيڊ وراڻيو. ”استاد پئنگلاس به مون کي هميشه ايئن ئي چوندو هو، ۽ آءٌ ڏسان ٿو ته هر ڪا شيءِ واقعي ڪنهن بهترين مقصد لاءِ آهي.“

هنن ڪئنڊيڊ کي خرچ پکي لاءِ ڪجهه رقم آڇي، جا هن قبول ڪئي، ۽ ان کي اوڌر سمجهي، کين ان جي رسيد ڏيڻ گهريائين، پر هنن اها نه روتي، پوءِ ٽيئي ڄڻا گڏجي ماني کائڻ ويٺا.

ماني کائيندي هڪڙي ڄڻي ڪئنڊيڊ کان پڇيو: ”ڇا، اوهين محبت ڪندا آهيو؟“

”هائو“ ڪئنڊيڊ وراڻيو، ”مون کي مس ڪيونيگونڊي لاءِ بيحد محبت آهي.“

”هوندي“ ٻئي ڄڻي چيو، ”پر اسان جي سوال جو مطلب اهو ڪونهي. اسين اهو ڄاڻڻ ٿا گهرون ٿا اوهان کي بلگيريا جي بادشاهه سان محبت آهي يا نه؟”

”بلگيريا جي باشاهه سان؟ بلڪل نه، مون ته ان کي ڪڏهن ڏٺو به ڪونهي“

”اهو وري ڪيئن! هو ته سڄي دنيا جو سڀ کان خوبصورت بادشاهه آهي. هاڻي اچ ته ان جي صحت جو جام پيون.“

”بيشڪ وڏيءَ خوشي سان“ ائين چئي، ڪئنڊيڊ پنهنجو جام هڪدم پي ڇڏيو.

نيري وردي وارا تمام خوش ٿيا، ۽ کيس چيائون ته ”هاڻي تون بلگيريا جو محافظ ۽ سورمو آهين. تنهنجو ڀاڳ کليو آهي، تون تمام مشهور ماڻهو ٿيڻ وارو آهين.“

ائين چئي، انهن هڪدم ڪئنڊيڊ کي پيرن ۾ لوهي ٻيڙيون وڌيون ۽ کيس پنهنجي پلٽڻ ۾ وٺي آيا. اتي کيس ساڄي ۽ کاٻي مڙڻ سلامي ڏيڻ، بندوق هلائڻ نشاني چٽڻ ۽ قاعدي سان قدم کڻڻ جي مشق ڪرائي ويئي ۽ آخر ۾ کيس ٽيهه ڦٽڪا هنيا ويا. ٻئي ڏينهن هن ڪجهه چڱي مشق ڪئي، تنهن ڪري کيس ويهه ڦٽڪا هنيا ويا. ٽئين ڏينهن فقط ڏهه ڦٽڪا لڳس. انهي تي سندس ٻيا سڀ ساٿي حيران ٿيا، ۽ کيس تمام طاقتور ۽ ذهين سمجهڻ لڳا. ڪئنڊيڊ پاڻ به حيران هو ۽ کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو بلگيريا جو ايئن سورمو ڪيئن بنجي ويو.!

بهار جي هڪ وڻندڙ صبح جو، ڪئنڊيڊ جي دل ۾ سير ڪرڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو سوچي ته سڀني انسانن توڙي حيوانن کي اهو حق آهي ته پنهنجين ٽنگن کي جڏهن ۽ جيئن وڻين تيئن استعمال ڪن، هو اٿي پنڌ پيو. پر اڃا ٻه ٽي ميل مس هليو هو ته چئن ٻين قداور سورمن اچي پٺيان قابو ڪيس ۽ کيس ٻڌي گهلي آڻي ترم ۾ وڌائون. فوجي عدالت فيصلو ڏنو ته کيس سڄي ريجمنيٽ جي جوانن هٿان ڇٽيهه ڀيرا ٺونشن ۽ مُڪن جي مار ڏجي، يا وري هڪ درجن بندوقون هڪ ئي وقت سندس مغز ۾ هڻجن.

ڪئنڊيڊ گهڻو ئي اعتراض ڪيو ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انسان پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي ۽ کيس ٻنهي مان ڪابه سزا قبول ڪانهي، پر آخرڪار کيس ٻنهي کان هڪ سزا جي چونڊ ڪرڻي پيئي. سو، خدا جي بخشيل راءِ جي آزادي واري نعمت جو فائدو وٺي، هن سڄي پلٽن جي جوانن هٿان ڇٽيهه ڀيرا مار کائڻ قبول ڪئي. چنانچه ٻه ٻه ڀيرا ته سڀ سپاهي مٿس پنهنجو وارو پورو ڪري چڪا، لشڪر ۾ ڪل ٻه هزار سپاهي هئا، اهڙي ريت کيس چار هزار ٺونشا لڳي چڪا هئا. ۽ ڪنڌ کان وٺي چيلهه تائين سندس رڳون ۽ پٺا اکڙي پيا هئا. جڏهن سپاهي هاڻي ٽيون وارو هلائڻ وارا هئا ته مار کان بيحال ٿي ويل ڪئنڊيڊ وڌيڪ ست نه ساري کين درخواست ڪئي ته ”مهرباني ڪري منهنجي کوپڙي گولي سان اڏائي ڇڏيو.“

ڪئنڊيڊ جي اها درخواست قبول ڪئي وئي ۽ سندس اکين تي پٽي ٻڌي کيس گوڏن ڀر ويهاريو ويو، بنهه ان وقت بلگيريا جو بادشاهه اچي پڇا ڪيائين. بادشاهه عقلمند هو ۽ ڪئنڊيڊ جو احوال ٻڌي هن صحيح ڪيو ته هي نوجوان جو فيلسوف آهي ۽ دنيا جي معاملن کان بي خبر آهي، سو پنهنجي شاهاڻي شفقت سان کيس جيئدان ڏنائين. انهي رحمدلي جي ڪري، بادشاهه سلامت جو نالو تاريخ ۾ سونن اکرن ۾ لکيل رهندو. ۽ انهي ڪري هو هر دؤر ۾ مشهور هوندو.

هڪ همدرد ۽ هوشيار جراح، ڪئنڊيڊ جا زخم يوناني حڪيم ڊائسڪارڊيز جي آزمايل ۽ مجرب ملم سان، ٽن هفتن اندر ڇٽائي ڇڏيا. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن بلگيريا جي بادشاهه آباريا ملڪ جي بادشاهه خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، ته ڪئنڊيڊ به فوج سان گڏ ڪُوچ ڪرڻ جهڙو ٿي ويو ويو هو.

 

 

باب ٽيون

 

ڪئنڊيڊ جو بلگيريا جي لشڪر مان ڀڄي نڪرڻ، ۽ تنهن کانپوءِ جو احوال

 

بلگيريا ۽ اباريا جي ٻنهي ڌرين جي لشڪرن جي تياري ۽ تنظيم، شان ۽ ڀڀڪو اهڙو هو، جهڙو اڳي ڪنهن به ڪونه ڏٺو هو. دهلن ۽ نغارن توبن ۽ بندوقن اهڙو هل ۽ هنگامو مچائي ڏنو، جهڙو دوزخ ۾ به ڪنهن نه ٻڌو هوندو. لڙائي شروع ٿي، ته پهرين ئي واري سان ٻنهي طرفن کان ڇهه ڇهه هزار جوان توبن جي آهي ۾ اچي ويا. وري بندوقن جي ٺڪاٺوڪي ٻين ڏهن هزار منحوسن جي صفائي ڪري ڇڏي، جيڪي استاد پئنگلاس جي ”بهترين امڪاني دنيا“ جي ڇاتي تي بار هئا. ڪي هزار وڌيڪ ماڻهو سنگينن به ماريا. اهڙي ريت، ٻنهي طرفن کان ٽيهارو هزار جانيون ڪتب آيون.

ڪوس ۽ قتلاس جي انهي عرصي ۾، جڏهن هرڪو سپاهي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ سينو سپر ڪري، پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري رهيو هو تڏهن ڪئنڊيڊ هڪڙي الهه لوڪ فيلسوف جيان ڏڪي ۽ ڪنبي رهيو هو. کانئس جيتريقدر ٿي سگهيو، پاڻ کي خون خرابيءَ کان پري رکيائين، ۽ سڄو وقت لڪو رهيو.

آخر جڏهن ٻنهي بادشاهن جو بچيل لشڪر پنهنجي ڇانوڻين ۾ وڃي فتح جا ترانا ڳائڻ لڳو (ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين ان هرهڪ ڌر پاڻ کي کٽيل ۽ ٻي ڌر کي هارايل ٿي سمجهيو) تڏهن ڪئنڊيڊ ارادو ڪيو ته اتان ڀڄي، ”سببن ۽ نتيجن“ تي سوچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي جنگ جي ميدان ۾ پکڙيل لاشن ۽ زخمي سپاهين جي ڍيرن مٿان اُڪري، هو پهرين جنهن هنڌ اچي پهتو، سو ابارين جي ملڪ جو هڪڙو سرحدي ڳوٺ هو، جنهن کي بلگيريا وارن بين الااقوامي قانون موجب باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هتي جو منظر ڏاڍو دردناڪ ۽ دلسوز هو، ٻڍڙا، زخمن جي پيڙا کان ڪنجهي رهيا هئا. مائرون پنهنجن روئندڙ ٻارن کي رتوڇاڻ ڇاتين سان لڳائي، پنهنجن مڙسن کي سڪرات جي حالت ۾ تڙپندو ڏسي رهيون هيون. ڪنواريون نينگريون جن جا پيٽ بليگريا جي سپاهين پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ بعد چيري ڇڏيا هئا، پوين پساهن ۾ هيون. ڪي بدنصيب جن جا جسم اڌ سڙي چڪا هئا، سي دعائون گهري رهيا هئا ته ڪو اچي، کين ماري، هن عذاب کان نجات ڏياري. چئني طرف ڪپيل سسين، ٻانهن ۽ ٽنگن جا انبار پکڙيا پيا هئا. سڀني پاسن رت جا ريلا پئي وهيا. ڪئنڊيڊ اهو دل ڏاريندڙ نظارو ڏسي نه سگهيو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي ٻئي ڳوٺ کان نڪتو.

هاڻي هو جنهن ڳوٺ ۾ پهتو، سو بلگيريا وارن جو هو. هن ڏٺو ته اباري سورمن به هن ڳوٺ سان ساڳي حالت ڪئي هئي، جهڙي بلگيريا وارن ابارين جي ڳوٺن سان ڪئي هئي. پوءِ تڙڦندڙ لاشن کي لتاڙيندو ۽ تباهه ٿيل جڳهين جي کنڊرن کي پار ڪندو، آخرڪار هو جنگ جي حدن کان اُڪري آيو.

وٽس فقط ڪجهه کاڌو ڳوٿري ۾ ساڻ هو ۽ ٻي مس ڪيونيگونڊي جي ياد دل ۾ هيس، جنهن کي هو ڪهڙي به حالت ۾ وساري نٿو سگهي، هلندي هلندي، جڏهن هو هالنڊ جي ملڪ ۾ پهتو، تڏهن وٽس کاڌو به ختم ٿي ويو. تنهنڪري کيس خاطري هئي ته ساڻس اهڙو ئي عمدو سلوڪ ڪيو ويندو، جهڙو مس ڪيونيگونڊي جي سهڻين اکين تي موهجي مار کائي نڪرڻ کان اڳ، جاگيردار جي قلعي ۾ ساڻس ڪيو ويندو هو. هن ڪيترن ئي ماڻهن کان خيرات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀني کيس ساڳي ئي جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو اهو پنڻ جو سلسلو جاري رکندو ته پوءِ کيس جهلي، اصلاح، گهر ۾ اماڻيو ويندو، جتي کيس صبر ۽ شڪر سان مرڻ جو گُر سيکاريو ويندو.

رلندي رڙندي، نيٺ هو هڪڙي چونڪ تي پهتو، جتي وڏو ڪارو جبو پهريل هڪ شخص، ماڻهن جي وڏي ميڙ اڳيان، سخاوت بابت وعظ ڪري رهيو هو. هن هڪ ڪلاڪ لڳاتار تقرير ڪئي، ۽ جڏهن فارغ ٿيو ته ڪئنڊيڊ کيس خيرات لاءِ التجا ڪئي. ان شخص ڪئنڊيڊ کي شڪي نظرن سان گهوريندي پڇيو: ” تون هتي ڇو آيو آهين؟ تنهنجي اچڻ جو سبب ڪيتريقدر نيڪ ۽ بي خطر آهي؟“

ڪئنڊيڊ نوڙت سان جواب ڏنو:” ڪوبه نتيجو سبب کان سواءِ نٿو ظاهر ٿئي. هر ڪا شيءِ، لازمي طرح بهترين مقصد خاطر خلقي ۽ رٿي وئي آهي. اها ڳالهه ضروري هئي ته آءٌ مس ڪيونيگونڊي جي صحبت کان محروم ٿيان، تنهن کان پوءِ سڄي پلڻ هٿان مار سهان، ۽ هاڻي خيرات پني گذارو ڪريان، جيستائين پاڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيان. اهي سڀ ڳالهيون ائين ئي ٿيڻون هيون، جيئن ٿيون، ڪنهن ٻيءَ طرح نٿي ٿي سگهيون.“

”منهنجا دوست“ ان شخص چيو، تنهنجين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته تون چڱي علم وارو آهين. ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون ’پوپ‘ کي يسوع مسيح جو مخالف يعني دجال سمجهين ٿو يا نه؟“

ڪئنڊيڊ وراڻيو: ”مون اڳي ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ڪانه ٻڌي آهي. پر پوپ مسيح جو مخالف هجي يا نه، تنهن سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، آءٌ سخت بکايل آهيان، مون کي ته ماني کان سواءِ ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي سُجهي.“

اهو ٻڌي هو شخص ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ ڪئنڊيڊ کي چيائين، ” توکي ماني کارائڻ هرام آهي! ڪميڻا، بدمعاش، ٽري وڃ، منهنجي اکين کان! وري ڪڏهن به هيڏانهن منهن نه ڪجانءِ“

گوڙ تي، انهي گهڙيءَ هن جي زال مٿان دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍيو، ۽ جڏهن ڏٺائين ته هڪڙو ماڻهو پوپ بابت مسيح جي مخالف هجڻ جي عقيدي ۾ شڪ ٿو رکي، تڏهن گند سان ڀريل ڏول ڪئنڊيڊ مٿان اٿلائي وڌائين..... توبهه! عورتون مذهب جي باري ۾ ڪيڏيون نه انتهاپسند ۽ تعصبي ٿين ٿيون.!

جئڪس نالي هڪ همدرد ۽ ايماندار پادري اهو اڻسهائيندڙ سلوڪ ڏسي رهيو هو، جيڪو عقل ۽ روح رکندڙ انساني برادري جي هڪ بي سهاري فرد سان ڪيو ويو. هو ڪئنڊيڊ کي پنهنجي گهر وٺي ويو. کيس وهنجاري سهنجاري صاف ڪپڙا پهرايائين. کيس ماني کارايائين ۽ بيئر پياريائين، ڪجهه نقد پئسا به ڏنائين، ۽ کيس هالنڊ ۾ ٺهندڙ ايراني غاليچن اُڻڻ جي هنر سيکارڻ جي آڇ به ڪيائين، ته جيئن هو پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي سگهي. جئڪس جي اها محبت ۽ مهرباني ڏسي، ڪئنڊيڊ سندس پيرن تي ڪري پيو، ۽ چيائين ته ”استاد پئنگلاس جو چوڻ بلڪل صحيح هو ته هن دنيا ۾ هرڪا شيءِ ڀلائي ۽ بهتري لاءِ آهي، ڇو ته مون کي ڪاري جبي واري ۽ سندس زال جي تنگدلي ۽ بدتميزي کان گهڻو وڌيڪ اوهان جي فراخدلي ۽ مهرباني جي هلت متاثر ڪيو آهي.“

ٻئي ڏينهن ڪئنڊيڊ ٻاهر سير لاءِ ويو ته کيس هڪڙو پينو فقير رستي تي مليو، جنهن جي سڄي بت تي آتشڪ جي مرض جا ڦٽ ۽ ڦلڻا هئا. اکيون اندر پيل، نڪ جو اڳيون حصو غائب، ڄاڙيون اڌ رنگ جي مرض جيان ڦريل، ۽ ڏند ڪوئلي جهڙا ڪارا هئس. هو زور سان کنگهي رهيو هو، ۽ جڏهن کانگهارو اڇلايائين ته ان سان گڏ هڪڙو ڏند ٻه ٻاهر اچي ڪريس.

 

باب چوٿون

 

ڪئنڊيڊ جي پنهنجي استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس سان ملاقات ۽ پوءِ جو احوال

 

فقير کي اهڙن بڇڙن حالن ۾ ڏسي، ڪئنڊيڊ کي بڇان به آئي ۽ قياس به ٿيو. نيٺ مٿس ترس آڻي، هن اها سموري نقدي کڻي سندس جهولي ۾ وڌي، جيڪا نيڪدل جئڪس پادري کان ملي هيس. ڪئنڊيڊ جي ايڏي رحمدلي ڏسي اهو غليظ ۽ ڀوائتي شڪل وارو فقير ڪئڊيڊ کي غور سان گهورڻ لڳو. اوچتو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪئنڊيڊ کي کڻي ڀاڪر وڌائين. ڪئنڊيڊ گهٻرائجي پوئتي هٽيو.

تنهن تي هنن ٻنهي بدبختن مان هڪڙو بدبخت ٻئي کي چوڻ لڳو: ” افسوس، تون پنهنجي پياري استاد پئنگلاس کي به نٿو سڃاڻين!“

ڪئنڊيڊ تپرس ۾ پئجي ويو. ”هي آءٌ ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڇا، اوهين منهنجا عزيز استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس آهيو؟ آءٌ اوهان کي هن رحم جوڳي حالت ۾ ڪيئن ڏسي رهيو آهيان! اوهان تي ڪهڙي مصيبت آئي، جنهن اوهان کي جاگيردار جو عاليشان محل ڇڏايو؟....... ڀلا، مس ڪيونيگونڊي جو ڪهڙو حال هو، جيڪا سڀني عورتن جي سرتاج ۽ قدرت جو شاهڪار آهي؟“

”آئون بيحد ٿڪل آهيان“ پئنگلاس سهڪندي وراڻيو، مون کان بيٺو به نٿو ٿئي.“

ڪئنڊيڊ هڪدم پنهنجي استاد کي جئڪس جي طبيلي ۾ وٺي آيو، ۽ کيس ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون آڻي ڏنائين. جڏهن هو ڪجهه سامت ۾ آيو، تڏهن ڪئنڊيڊ وري بيصبري سان پڇيس:

”ڪيونيگونڊي جو ڇا ٿيو؟”

”اُها مري ويئي!“ پئنگلاس وراڻيو.

اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ هڪدم بيهوش ٿي ويو. اتفاق سان اُتي ڪجهه سرڪو پيل هو، جنهن جي مدد سان پئنگلاس کيس هوش ۾ آندو. ڪئنڊيڊ اکيون کوليون، تڏهن به ڪيونيگونڊي جو نالو سندس زبان تي هو.-

”ڇا، ڪيونيگونڊي سچ پچ مري ويئي! هاءِ قسمت! هاڻي هيءَ دنيا، ’بهترين امڪاني دنيا‘ ڪيئن چئبي؟ آءٌ ڪيئن مڃان ته هتي هر ڪاشيءِ چڱي آهي، ۽ چڱائي لاءِ آهي؟ پر هوءَ ڪهڙي بيماري جي ڪري مُئي؟ هوءَ ته پڪ سان منهنجي بيعزتي جو اهو ڏک نه سهي سگهي هوندي، جو سندس پيءُ مون کي لتون هڻي پنهنجي محل مان لوڌي ڪڍيو هو!“

”نه“ پئنگلاس چيو، ”هن کي ڪابه بيماري ، ڪوبه ڏک ڪونه هو. بلگيريا وارن اوچتو اسان جي قلعي تي حملو ڪيو. هوءَ بلگيريا جي سپاهين جو شڪار ٿي ويئي. انهن سندس عصمت دري ڪئي. تان جو هوءَ بيهوش ٿي ويئي. پوءِ سندس پيٽ چيري ڇڏيائون. وڏي نواب کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي به ماري ڇڏيائون. بيگم صاحبه جا ته ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ننڍي نواب سان به اهڙي ئي حالت ٿي، جهڙي سندس ڀيڻ سان. محلات جي برباديءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، ڪا سر سلامت ڪانه رهي: ڪا رڍ جيئري نه بچي، ڪا بدڪ باقي نه رهي، ڪو وڻ ڇانوَ لاءِ نه ڇڏيائون! سمورا اناج جا گدام ۽ ٻيو اسباب تباهه ٿي ويو. پر قدرت کانئن اسان جو انتقام به خوب ورتو؛ ابارين جو لشڪر وري مٿن ڪاهي ويو، ۽ اسان جي ڀر واري ان بلگيريائي نواب جي جاگير سان به ساڳي اسان واري جٺ ٿي.“

اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ وري غش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن انهن ”سببن“ ۽ ”نتيجن“ بابت پڇا ڪيائين، جن پئنگلاس جي اهڙي درگتي ڪئي هئي.

پئنگلاس چيو: ” افسوس، اهو سڀڪجهه محبت جي ڪري مون کي ڀوڳڻو پيو--- انهيءَ محبت جي ڪري، جيڪا انسانذات جو ڏڍ ۽ آسرو آهي، جيڪا سڄي جهان جو سوجهرو ۽ سڀني ساهوارن جو روح آهي.“

”هاءِ هاءِ!“ ڪئنڊيڊ ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”مون کي به انهي دلين تي حڪمراني ڪندڙ محبت جي اثر جو ڪجهه تجربو آهي. پر مون کي ان جي صدقي يعني محبوب جي چپن کي هڪ ڀيري چمڻ جي عيوض، فقط ويهه لتون پٺيءَ تي کائڻيون پيون—ان کان وڌيڪ قيمت مون کي ڏيڻي ڪانه پيئي. پر عجب آهي جو اهڙي سهني ”سبب“ تنهنجي لاءِ اهڙو آگرو ۽ خوفناڪ ”نتيجو“ ڪيئن پيدا ڪيو.“

پئنگلاس سمجهاڻي ڏيندي چيو ته منهنجا پيارا ڪئنڊيڊ توکي ياد هوندو ته اسان جي بيگم صاحبه وٽ هڪ سهڻي نوڪرياڻي هئي، جنهن جو نالو ”پئڪي“ هو. مون ان جي آغوش ۾ جنت جا مزا ماڻيا، جن مون لاءِ اهي جهنم جا عذاب پيدا ڪيا. هوءَ بادفرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ شايد هن وقت تائين اُن وگهي مري چڪي هوندي. پئڪي کي اهو تحفو هڪڙي وڏي پادري وٽان مليو هو پادري کي اهو هڪ پوڙهي اميرياڻي کان مليو، جيڪا هڪڙي فوجي ڪپتان مان وڇڙي، ڪپتان کي هڪ وڏ گهراڻي عورت کان اهو تحفو مليو، جنهن پنهنجي هڪ نوجوان ملازم کان ورتو. انهي نوجوان کي هڪ مڪار پادري کان مليو، جيڪو پنهنجي الهڙائپ واري وقت ۾ سڌيءَ ريت ڪولمبس سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ ساٿيءَ مان روڳي ٿيو هو. پر آءٌ هاڻي اهو پئڪي کان مليل تحفو ڪنهن کي به ڪونه ڏيندس، ڇو ته آءٌ ڪن ڏينهن جو مهمان آهيان.“

ڪئنڊيڊ عجب وچان رڙ ڪئي: ”پئنگلاس تو هن بيماريءَ جو عجيب شجرو بيان ڪيو! ان جو اصل باني مباني ته خود شيطان ٿو ڀائنجي!“

پئنگلاس، هڪ عظيم مدبر جيان، سنجيدگي سان وراڻيو، ”نه ڪئنڊيڊ! خدا جي خلقيل هن بهترين جهان ۾ اها ته هڪڙي تمام ضروري ۽ لازمي شي آهي. جيڪڏهن ڪولمبس جو اهو همسفر آفريڪا جي ڪنهن ٻيٽ ۾ انهي مرض ۾ نه وٺجي ها. جيڪو انساني نسل جي تخم کي زهريلو بنائي ڇڏي ۽ قدرت جي پيدائش واري سرشتي ۾ رڪاوٽ ٿو وجهي---- ته اڄ اسان وٽ جيڪر اهي چاڪليٽي ۽ ڳاڙها رنگ ڪين هجن ها. مذهبي تڪرارن وانگي، اهو مرض به اسان يورپ وارن لاءِ مخصوص آهي. ترڪ، هندستاني، ايراني ، چينائيڃا ان کان ناواقف آهن پر ان لاءِ ڪافي ”سبب“ موجود آهن ته ٻن ٽن صدين اندر انهن ۾ به هي مرض ڦهلجي ويندو. تيستائين سان ۾ هو خوب ترقي ڪري رهيو آهي، خاص ڪري اسان جن انهن عظيم ايماندار ۽ تربيت يافته فوجن ۾، جيڪي قومن جون قسمتون سنڀالي ويٺيون آهن. اسين بيڌڙڪ ايئن چئي سگهون ٿا ته جيڪڏهن ٽيهن هزارن جي ڪا فوج، ايتري ئي تعداد واري ٻي فوج سان مقابلو ڪرڻ اچي ٿي، ته هرهڪ ڌر جا گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار سپاهي بادفرنگ ۾ ورتل هوندا آهن.“

”اوهان ڏاڍي عجب ڳالهه ٻڌائي آهي،“ ڪئنڊيڊ چيو. ”آءُ اوهان جون دلچسپ ڳالهيون تاڄمار پيو ٻڌندس. پر پهرين اوهان جو اعلاج ٿيڻ کپي.“

”منهنجا دوست، مون وٽ ته هڪڙي ڪوڏي به ڪانه آهي، علاج ڪيئن ڪرايان”؟ پئسي بنان ته ڪوبه ڊاڪٽر رڳو سير به ڪونه ڇوڙيندو.“

ڪئنڊيڊ، پئنگلاس جي علاج ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري، رحمدل پادري جئڪس وٽ ويو. سندس پيرن تي ڪري، پنهنجي استاد ۽ دوست جي دردناڪ تصوير اهڙي انداز ۾ چٽيائين، جو اهو نيڪدل پادري پئنگلاس جي علاج جي خرچ ڀرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

علاج ڪامياب ٿيو ۽ پئنگلاس چڱو ڀلو ٿي ويو. پر بيماري ۾ هو هڪڙي اک ۽ هڪڙو ڪن وڃائي ويٺو. پئنگلاس چڱي طرح لکي پڙهي سگهيو ٿي ۽ حسابي ڪم ۾ به هوشيار هو، تنهنڪري پادري هن کي پاڻ وٽ منشي ڪري رکيو.

ٻن مهينن کان پوءِ، جئڪس پادري کي وارپار سانگي لزبن ڏانهن وڃڻو پيو. هن ٻنهي فيلسوفن کي به پاڻ سان گڏ کنيو. سمنڊ رستي، هو پنهنجي جهاز تي روانو ٿيو. واٽ ۾ ٽيئي ڄڻا هڪٻئي کي پنهنجن خيالن کان واقف ڪندا هليا.پئنگلاس پادري کي اهو ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”جيڪا ڳالهه جنهن نموني ۾ ٿي رهي آهي، تنهن کان بهتر ٻئي نموني ۾ نٿي ٿي سگهي.“ پر جئڪس هن سان سهمت نه ٿيو، هن جو چوڻ هو ته ” انسان ڪن معاملن ۾ پنهنجي اها معصوميت وڃائي چڪو آهي، جيڪا فطرت کين شروع ۾ عطا ڪئي هئي. هن قدرت جي ڪارخاني سان هٿ چراند ڪري، ان کي ڪي قدر بگاڙي ڇڏيو آهي. انسانن کي بگهڙي ڪري ڪونه پيدا ڪيو ويو هو. پر تڏهن به اهي هڪ ٻئي کي شڪار جانور جيان چيرين ۽ ڦاڙين ٿا. خدا کين ڄمڻ وقت سنگينون ۽ بندوقون هرگز ڪين ڏنيون هيون. پر تنهن هوندي به هنن هڪ ٻئي کي تباهه ڪرڻ لاءِ پنهنجن هٿن سان خوفناڪ هٿيار تيار ڪري ورتا. انسان انسان جو رت پيئي ٿو، توبن ۽ تلوارن سان ، به دوکي ۽ مڪاري سان به. هتي جو قانون ۽ انصاف اهو آهي جو ڏيوالي ڪڍڻ واري جي ملڪيت ضبط ڪري لهڻيدار کي به دوکو ڏنو وڃي ٿو.“

هڪ اک واري سياڻي پئنگلاس وراڻيو: ” اهي ڳالهيو اٽل ۽ ضروري آهن، جدا جدا ماڻهن کي جيڪي ذاتي ڏک ۽ تڪليف رسن ٿيون، تن مان گهڻن ماڻهن کي وري گڏيل فائدا ٿا حاصل ٿين. انهي ڪري جيڪڏهن ذاتي ڏک گهڻا نظر اچن، ان جو مطلب اهو سمجهڻ کپي ته گڏيل فائدا وڌيڪ ٿي رهيا آهن: جيئن ذاتي ڏک گهڻا، تيئن عام فائدا وڌيڪ!“

اهو بحث جاري هو، ايتري ۾ آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، چئني پاسن کان تيز هوائون هلڻ لڳيون، ۽ لزبن جي بندر جي بنهه سامهون، جهاز خطرناڪ طوفان ۾ گهيرجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org