باب ٻارهون
وينس جي نواب سينورپوڪوڪيورنٽيءَ سان ملاقات
ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن برينٽا ندي تي ٻيڙي ۾ سوار ٿيا، ۽ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جا باغ ڏاڍا ويڪرا ۽ سنگ مر مر جي بتن سان سينگاريل هئا، ۽ سندس محل به اڏاوت جي فن جو هڪ خوبصورت نمونو هو.
هو بيحد دولتمند مانهو هو، ۽ هن جي عمر ساٺيڪو سال پئي لڳي. هو اسان جي هنن سيلاني نوجوانن سان ڏاڍي شرافت سان مليو، پر پوري دل سان هنن جي
آجيان نه ڪيائين. هن جي انهي اڇاتري آڌر ڀاءُ جيتوڻيڪ ڪئنڊيڊ کي منجهائي ڇڏيو، پر مارٽن کي ان تي ذري برابر به ڪا پريشاني ڪانه ٿي.
سڀ کان اڳ ۾، ٻن حسين نوجوان ۽ خوش پوشاڪ ڇوڪرين هنن کي چاڪليٽ جي شربت جا پيالا پيش ڪيا. جن جي مٿان چاڪليٽ جي گجي تري رهي هئي. ڪئنڊيڊ هنن جي سونهن ۽ سوڀيا نرم گفتار ۽ سهڻي
رنگ ڍنگ تي، سندن ساراهه ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو. جنهن تي پوڪوڪيورنٽيءَ جيڪو سينيٽر به هو، اٻاسي ڏيندي بي پرواهي وچان چيو: ” هائو،
اهي ٻه ڇوريون مڙئي چڱيرڙيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ انهنکي پاڻ سان گڏ سمهاريندو به آهيان، ڇو ته آءٌ هلڪي مزاج وارين شهري عورتن کان بلڪل
بيزار ٿي پيو آهيان--- سندن نت نواز ناز نخرا، هڪٻئي لاءِ حسد ۽ ساڙ، جهيڙا جهٽا، مڪر ۽ فريب،سندن خودثنائي ۽ ٻيون بيوقوفي جون ڳالهيون، ۽
روز زور جي نون قصيدن لاءِ سندن فرمائشون جيڪي ماڻهو يا پاڻ ٺاهڻ لاءِ مجبور ٿئي يا انهن لاءِ هن کي ڀاڙيتو شاعرن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون
پون، وغيره وغيره، پر مان ته هاڻي هنن ٻن ڇوڪرين مان به ڪڪ ٿي پيو آهيان.“
ڪئنڊيڊ نيرن کائڻ کان پوءِ، هڪ ڊگهي ورانڊي ۾ گهمندي، اتان جي ڀتين تي لٽڪيل تصويرن جي سونهن ۽ سوڀيا کان ڏاڍو متاثر ٿيو. هن پڇا ڪئي ته انهن مان پهريون ٻه تصويرون ڪهڙي استاد
مصور جون هيون! سينيٽر نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو ته ” ٻئي تصويرون استاد رافيل جون آهن. مون ته اهي ٻئي ڪجهه سال اڳ، رڳو انهي ورانڊي کي
سينگارڻ لاءِ تمام وڏي قيمت تي خريد ڪيون هيون. چون ٿا ته سڄي اٽلي ۾ اهي بهترين تصويرون آهن، پر مون کي ته اهي بلڪل ڪونه ٿيون وڻن، انهن
جا رنگ مئل ۽ بي جان آهن، انهن جا خاڪا ۽ شبيهون نامڪمل آهن، ۽ انهن ۾ ڪا گهڻي ڪشش ڪانهي، انهن ۾ ڪم آندل ٽاٽ ته ڏاڍو خراب آهي، مطلب ته
ماڻهن کڻي ڇا به چون، مون کي انهن ۾ فطرت جو سچو نقل نظر نٿو اچي. مون کي ڪوبه فنپارو تيسين نه وڻندو آهي، جيسين اهو مون کي ائين سوچڻ لاءِ
آماده نه ڪري ته ان کي ڏسي آءٌ قدرت کي ڏسي رهيو آهيان. پر افسوس، جو اهڙيون شيون اڄڪلهه ڪٿي به نظر نٿيون اچن. مون وٽ سچ ته اهڙيون تمام
گهڻيون تصويرون موجود آهن، پر منهنجي نظر ۾ انهن جي ڪابه وقعت ڪانهي. آءٌ انهن ڏانهن ڪڏهن اک به کڻي ڪونه ڏسان.“
جيستائين هو رات جي ماني جو انتظار ڪندا رهيا، تيستائين نواب پوڪوڪيورنٽيءَ هنن کي راڳ ۽ موسيقي سان ويٺي وندرايو، ڪئنڊيڊ تي موسيقي جادو جهڙو اثر ڪري وڌو. پوڪوڪيورنٽيءَ هنن کي
چيو ته ”ممڪن آهي ته هيءَ ’شور‘ ماڻهو کي اڌ ڪلاڪ کن تائين وندرائي سگهي، پر جي ان کان وڌيڪ هلي ٿو ته اهو ماڻهوءَ کي ٿڪايو وجهي--- حالانڪ
ڪوئي به پنهنجي ٿڪ جي ڳالهه مڃيندو نه اهي، اڄڪلهه جو راڳ رڳو هڪڙو مشڪل فن وڃي رهيو آهي. انهي ڪري ماڻهو کي ترت ئي ڪڪ ڪريو وجهي. راڳ اهو
جو باهه وسائي ڇڏي، ۽ وري جوهلي ته باهه ٻري پوي. هوا جا پکي ۽ جهنگ جا جانور ٻڌي، بيهي رهن، آسمان ۾ ڪڪر هجن ته هڪدم ڀرجي اچن، نانگ،
ڀلائون ۽ وڇون به ٻڌن ته اهي پنهنجي زهر هاري ۽ ڏنگ ڪيرائي، اتي جو اتي جهومڻ بيهي رهن! پر افسوس، اهڙو راڳ اڄڪلهه آهي ئي ڪونه!
”مون کي شايد ’اوپيرا‘ (سنگيت – ناٽڪ) ۾ وڌيڪ مزو اچي، پر ان کي به هنن بدلائي اهڙي هڪ ڀيانڪ صورت ڏيئي ڇڏي آهي، جو ان کي ڏسندي ئي مون کي ته ڊپ وٺيو وڃي، ڀلي ته جيڪي اهڙا
غمناڪ ناٽڪ ڏسڻ چاهين سي شوق سان اهي ڏسن. ڏسو ته انهن کي ڪيئن ڪري ڇڏيو اٿن ساڳيان ساڳيا مناظر فقط انهي ڪري انهن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا ته
يجئن تيئن ڪري ٻن يا ٽن کل جهڙن راڳن کي، نڪ مان وڍي يا ڪن کان جهلي، انهن ۾ شامل ڪيو وڃي، ته جئين ڪنهن سهڻي اداڪاره جي گلي جي تماشائين
اڳيان نمائش ڪري سگهجي! ڀلي ته اهي سنگيت ناٽڪ اهڙا ماڻهو ڏسڻ لاءِ وڃن، جيڪي ڪنهن کدڙي کي اسٽيج تي چيلهه کي لوڏيندي ۽ مصنوعي ۽ سنهي آواز
۾ قيصر ۽ ڪيٽو جا ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ جا خواهشمند هجن، ۽ انهن کي ائين خوشي ۽ مزي وچان ڏسندي بيهوشي ٿي ڪري پون! باقي جيسين منهنجو سوال
آهي، مون ڪڏهوڪو اهڙين هلڪين ۽ خسيس تفريحن کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هاڻي منهنجي لاءِ انهن مان لطف اندوز ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونهي. ڏسو ته
سهي، انهن واهيات شين کي اڄ اٽلي جي عظمت سمجهيو وڃي ٿو! ۽ اهي مهانگيون به ڪيتريون آهن! انهن فضول خرچين کي آءٌ قوم جو گناهه سمجهان ٿو!“
ڪئنڊيڊ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ سان انهن ڳالهين ۾ گهڻو اختلاف ڪيو، جيڪو هن ڏاڍي احتياط ۽ حرفت سان ظاهر ڪيو، پر مارٽن، هن کي اک ڀڃندي چيو ته هو پوريءَ طرح نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جي
زرين خيالن سان متفق هو!
پوءِ هو سڀ گڏجي ماني کائڻ واري ميز تي وڃي ويٺا ۽ ڏاڍن شاندار ۽ لذيذ طعامن کائڻ کانپوءِ ڪتبخاني ۾ ويا. ڪئنڊيڊ جون اکيون چئني طرفن ڏانهن ڦري رهيون هيون، تان جو هن جي اک ڏاڍي
هڪري سهڻي جلد چڙهيل ’هومر‘ جي ڪتاب وڃي پيئي، جنهن تي هن نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جي علمي ذوق جي ڏاڍي تعريف ڪئي، ۽ چيائين ته ”هيءُ اهو ڪتاب
آهي، جيڪو جرمنيءَ جي عظيم فيلسوف، نيڪدل پئنگلاس لاءِ وڏيءَ خوشيءَ جو باعث هوندو هو.“
”مون کي ان مان ڪائي خوشي حاصل نه ٿي ٿئي.“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ ڏاڍي بي نيازي سان جواب ڏنو، ”هن کان اڳي مون کي ائين مڃايو ويو هو ته مون کي ’هومر‘ جي مطالعي مان ڏاڍو مزو ايندو
آهي. پر هن جي ساڳين ساڳين لڙاين جي بيان پڙهڻ مان ۽ هن جي انهن ديوتائن کان، جيڪي ڪنهن به انساني مسئلي جي نبيري ڪرڻ کان سواءِهردم
انتهائي مصروف ۽ رڌل نظر اچن ٿا، ۽ هن جي ’هيلن‘ کان جيڪا جنگ جو اصل باعث آهي ۽ جنهن کي سڄي قصي ۾ مشڪل ئي ڪو ڪم ڪندي ڏيکاريل آهي، --
آئون چوان ٿو ته هنُ جي انهن سڀني اوڻاين ۽ ڪمزورين کان مون کي ڏاڍي مٺيان لڳندي آهي. مون ڪن عالمن کان پڇيو آهي ته ڇا، انهن کي به هومر جو
مطالعو اهڙو ئي خشڪ ۽ ڏکيو لڳندو آهي، جهڙو مون کي! انهي سوال جي جواب ۾ انهن مان جيڪي صاف دل ۽ بي ريا هئا تن مون کي ٻڌايو آهي ته کين به
ڪڏهن ان کي هٿ لائڻ جي همت ڪانه ٿي ٿئي، پر هو رڳو پنهنجن ڪتبخانن جي زينت وڌائن لاءِ ان کي قديم زماني جي هڪ يادگار طور بلڪل اهڙي طرح اتي
رکي ڇڏيندا آهن، جهڙي طرح کين پراڻن ۽ ڪٽ کاڌل تاريخي ٻلن ۽ تمغن کي ڏيکاءَ لاءَ گهر ۾ ڪنهن کلي پر محفوظ جاءِ تي رکي ڇڏڻو پوندو آهي، ۽
اهو انهي لاءِ، به جو انهن جو واپار وڙي ۾ ڪو قدر ۽ قيمت باقي ڪانه هوندي آهي.“
”يقينن سائينجن جو رايو ’ورجيل‘ جي متعلق اهڙوڪونه هوندو؟“ ڪئنڊيڊ چيو.
”ها، مون کي اهو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو،“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو، ” ته ورجيل جي تصنيفات مان ڪتاب نمبر ٻيو، نمبر چوٿون ۽ نمبر ڇهون چڱيرڙا ڪتاب آهن، پر ٻيا ته سڀ ڪتاب هن جا
به بنهه چٽي آهن—رڳو فلسفو ئي فلسفو، فڪر ئي فڪر، انهن ۾ ڪابه دلچسپيءَ وڌيڪ ’تاسو‘
(Tasso)
۽ ائريئوسٽوس (Ariostos)
جون مدهوش ڪندڙ ڪهاڻيون وڻنديون آهن.“
”ڇا، آءٌ اوهان کان هن ڳالهه پڇڻ جي جرئت ڪري سگهان ٿو،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”ته اوهان کي ’هوريس‘ جي مطالعي مان ڪيترو لطف ايندو آهي؟“
”هورين ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، هن جا اصول پنهنجا آهن.“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ وراڻيو، ”پر اهي ڪنهن اهڙي ماڻهو لاءِ گهڻي قدر ڪارگر ٿي نٿا سگهن، جيڪو دنيا کي اڳئي چڱي طرح ڄاڻي سڃاڻي
ٿو. سچ پڇو ته ڪي احمق ماڻهومشهور ليکڪن جي هرهڪ ڳالهه کڻي پسند ڪندا آهن، پر جيسين منهنجو پنهنجو معاملو آهي، آءٌ ته فقط پنهنجي ئي من جي
ورونهن خاطر پڙهندو آهيان، آءٌ فقط اهڙيءَ شيءِ کي چڱو سمجهندو ۽ ان جي تعريف ڪندو آهيان، جيڪا منهنجي پنهنجي مزاج کي وڻندي آهي.“
ڪئنڊيڊ، جنهن کي اهو پڙهايو ۽ سمجهايو ويو هو ته ڪنهن به شيءِ متعلق ڪو پنهنجي پسند مطابق فيصلو نه ڪري سو اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو حيران ٿي ويو، پر مارٽن، ڪنڌ ڌوڻيندي نواب
پوڪوڪيورنٽيءَ جي لفظن کي بلڪل ٺيڪ ۽ معقول ٻڌائي رهيو هو.
”ها! پر هتي به اوهان وٽ سيسرو به موجود آهي.“ ڪئنڊيڊ چيو ته منهنجو خيال آهي ته توهان انهي عظيم انسان جي ڪتابن کي پڙهڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪبا هوندا.“
”سچ ته اهو آهي ته آءٌ هن کي ڪڏهن به نه پڙهندو آهيان،“ وينس جي رهاڪو سينيٽر نواب پوڪوڪيورنٽيءَ جواب ڏنو، ”منهنجو ڀلا ان ۾ ڇا ته هو رئبيريئس جي وڪالت ڪري ٿو يا ڪليونٽيس جي؟
مونکي پنهنجا ئي گهڻا سارا مسئلا آهن. آءٌ شايد هن جي فلسفيانه ڪتابن کي وڌيڪ پسند ڪريان ها، پر جڏهن مون ڏٺو ته هو هر هڪ شيءِ ۾ شڪ ڪري
ٿو، تڏهن مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هن کي به اوتري ئي ڄاڻ آهي، جيتري مون کي آهي، ۽ مون کي جهالت ۽ اڻڄاڻائي سکڻ لاءِ ڪنهن استاد جي ضرورت
ڪانهي.“
”چڱو ڀلا“، مارٽن زوردار آواز ۾ چيو ته ”اوهان وٽ ائڪيڊمي آف سائنسز“ جا هي چوويهه جلد رکيل آهن، ممڪن آهي ته انهن ۾ ڪا نه ڪا ڪارگر ۽ فائديمنڊ شيءِ هجي!“
”مڪن آهي ته ائين هجي،“ نواب پوڪوڪيورنٽيءَ چيو، ”ڪاش، انهي گڙٻڙ گهوٽالي جي ليکڪن مان ڪو هڪ ئي اهڙو هجي ها، جنهن ٽاچني ٺاهڻ جو فن ئي ايجاد ڪيو هجي ها! پر انهي سڀني جلدن ۾ ته
محض خيالي ڏس پتي ۽ وهمي طريقن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي ۽ منجهن ڪا هڪ شيءِ به حقيقي استعمال يا ڪم جي موجود ڪانهي.“
”اوهان وٽ ناٽڪن جي ڪتابن جو ڪيڏو نه وڏو تعداد موجود آهي!“ پر انهن سڀني ۾ رڳو ٽي درجن به اهڙا ڪينهن جن کي سٺو چئي سگهجي، ۽ جيستائين مذهبي وعظن جي هن مجموعي جو واسطو آهي،
جيڪي سڀ گڏجي به مقدس انجيل جي هڪ صفحي جهڙا به ناهن، ۽ خدائي تعليم جي موضوع وارا اهي سمورا ٿلها جلد جيڪي تون ڏسين ٿو، تن بابت پڪ ڄاڻ ته
انهن کي نه آءٌ ڪڏهن کوليندو آهيان ۽ نه ئي ڪو ٻيو.“
مارٽن اهو ڏسي ته ڪجهه خانا انگريزي ۾ لکيل ڪتابن سان ڀريل آهن، چيو ته ”آئون سمجهان ٿو ته جئين ته توهان ريپبلڪن (عوامي) راڄ جي حق ۾ آهيو، انڪري اوهان کي پڪ ئي پڪ اهڙن ڪتابن
کي ڏسي خوشي ٿيندي هوندي، جيڪي ايتريقدر آزادي ۽ بي باڪي سان لکيل آهي.“
”هائو“ پوڪوڪيورنٽيءَ، ”اها ڳالهه واقعي تعريف لائق اهي، جو ماڻهو جيڪي به سوچي، سو لکي سگهي. اهو ماڻهو جو خاص حق ۽ سندس خصوصي شان آهي. پر اسان جي اٽلي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ماڻهو
ايترا هيسيل آهن، جو هو اهو ڪجهه ڪڏهن به نٿا لکن، جو ڪجهه هو سوچين ٿا. اسان جا اهي ماڻهو، جيڪي عظيم قيصرن ۽ ائنٽونائينس جي ملڪ جي
سرزمين تي رهن ٿا، سي اڄ ڪنهن ٻئي ملڪ جي لوفر ۽ باغي کان پروانو حاصل ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي دماع ۾ هڪڙو خيال به نٿا آڻي سگهن. مون کي اها
آزادي ڏاڍي وڻدني آهي، جيڪا انگريزي ليکڪن ۾ موجود آهي، پر انهن کي وري ڪاوڙ ۽ جماعت سازي جو مرض آهي- ڀانئين ته جيڪي آهي، سو هجي ئي نه،
هردم نئين ڳالهه جي سودا مغز ۾ ويٺي اٿن.“
اتي ڪئنڊيڊ جي نظر سامهون رکيل ملٽن جي ڪتابن تي پيئي، ۽ هن وڏي اتساهه سان پنهنجي ميزبان کي چيو ته هو انهي ليکڪ کي ضرور هڪ عظيم مصنف سمجهندو هوندو! جنهن تي پوڪوڪيورنٽيءَ رڙ
ڪري چيو ته ”ڇا اهو بيوقوف، جنهن ’تخليق‘ بابت انجيل جي هڪ سورت تي ڏهن جلد ۾ تفسير لکيو آهي؟ يونانين جو اهو اڍنگو نقال، جنهن تخليق جي
صورت ئي بگاڙي رکي آهي, جنهن مسيح جي هٿ ۾ هڪ وڏي پڪار ڏيئي، ويهي ڪائنات جي ماپ ڪرائي آهي، حالانڪ موسيٰ ڳالهه کي هڪ ئي ڌڪ سان طيءِ ڪري ڇڏيو هو--- چي، خداوند قدوس کي هن سڄي ڪائنات ٺاهڻ ۾
فقط هڪ لفظ چوڻو پيو هو. منهنجي نظر ۾ هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي، جيڪو ابليس جهڙي وڏي هستيءَ کلي ڪڏهن ڏيڏر ٿو سڏي ۽ ڪڏهن
ڄامڙو! جيڪو هن کان سوين ڀيرا ساڳي تقرير ڪرائي ٿو، جيڪو کيس، اريوسٽو جي هاڻوڪن آتشي هٿيارن جي نقالي ڪندي، بهشت ۾ توبون ڇوڙيندي ڏيکاري
ٿو؟ آءٌ هڪڙو ته ڇا، پر سڄي اٽلي ۾ ڪو هڪ ماڻهو به اهڙو نٿو ٿي سگهي، جيڪو هن جي انهي بڪ تي خوش ٿيندو هجي، ڏسو ته سهي، هي عقل جو اڪابر
موت کي گناهه جي سزا ٿو سمجهي. ههڙي ڳالهه جي ٻڌڻ سان ٿورڙي به شرافت ۽ نزاڪت واري ماڻهوءَ کلي الٽي نه ايندي ته ٻيو ڇا ٿيندو! انهي خام
خيال گهڻ ڳالهائو شاعر کي ڪنهن به ڌيان لائق ڪونه ٿو سمجهان. آءٌ هن کي بس فقط اهڙو سمجهان ٿو، جهڙو خود سندس ملڪ ۾ هن جا همعصر کيس مجهندا
هئا. آءٌ اوهان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته جيڪي ڪجهه آءٌ دل ۾ سمجهندو آهيان، اهو چئي ڇڏيندو آهيان، آءٌ انهي ڳالهه تي پنهنجي ننڊ ڪونه
ڦٽائيندو آهيان ته ٻيا ماڻهو به ائين سمجهن ۽ سوچين ٿا يا نه، جيئن آءٌ ڪا ڳالهه سمجهان يا سوچيان ٿو.“
ڪئنڊيڊ انهيءَ گفتگو تي ڏاڍو پريشان ٿي ويو، ڇو ته ’هومر‘ جو هو ڏاڍو احترام ڪندو هو، ۽ ملٽن کي ته هو ڏاڍو پسند ڪندو هو.
هن ٿورو هلي، مارٽن جي ڪن ۾ سس پس ڪئي. ”مون کي ڏاڍي حيرت آهي ته هن عجيب و غريب ماڻهو جي دل ۾ اسان جي جرمن شاعرن لاءِ ايڏي نفرت آهي!“ ” انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو گهڻو نقصان ڪونهي.“
، مارٽن چيو.
”ڪهڙو نه عجيب جهڙو ۽ غيرمعمولي قسم جو ماڻهو آهي هيءُ“، ڪئنڊيڊ پنهنجو پاڻ سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”هي پوڪوڪيورنٽيءَ ڪهڙو نه عظيم، عقلمند ۽ ذهين آدمي آهي! هن کي ته ڪا ڳالهه خوش
ڪري نه ٿي سگهي!“
اهڙي طر، ڪتبخاني جي سڀني ڪتابن تي تبصرو پورو ڪرڻ کان پوءِ هو باغيچي ۾ ويا. ڪئنڊيڊ ان جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڏاڍي ساراهه ڪئي، جنهن تي ان جي مالڪ، پوڪوڪيورنٽيءَ چيو، ”مون
پنهنجي سڄي زندگي ۾ اهڙو ڪو باغ ڏٺو ئي ڪونهي، جنهن جي رٿابندي اهڙي بدذوقي ۽ اڻڄاڻائي سان ڪيئ وئي هجي، جهڙي هن باغ جي آهي. هن باغيچي ۾
بلڪل خسيس شين کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي، پر ٿورن ڏينهن ۾ مان هڪ اهڙو ٻيو باغيچو رکائيندس، جنهن جي رٿابندي اهڙي شاندار انداز ۾ ٿيل
هوندي، جو اها پنهنجو مٽ پاڻ هوندي.“
اهڙي طرح اسان جا اهي ٻيئي سيلاني جڏهن نواب صاحب کان موڪلائي ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪئنڊيڊ مارٽن کي چيو ته توکي هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته هي ماڻهو روءِ زمين جي سڀني خوش
نصيب ماڻهن منجهان هڪ آهي، ڇو ته هن وٽ جيڪي به شيون موجود آهن، تن سڀني کان هو بالاتر آهي!“
”ڇا تون اهو نٿو ڏسي سگهين،“ مارٽن جواب ڏنو، ”ته هو انهن سڀني شين کان بيزار آهي، جيڪي وٽس موجود آهن؟ افلاطون هزارين ورهيه اڳي چئي ڇڏيو هو ته بهترين پيٽ اهي ناهن، جن جي اندر
سڀني قسمن جا طعام اڇلايا ويندا آهن.“
”پر ڇا،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”هر شيءِ تي نڪته چيني ڪري سگهڻ ۾ لطف ڪونهي؟--- يعني اهڙين شين ۾ نقص ڏسي سگهڻ، جن لاءِ ٻيا ماڻهو ايئن سمجهن ته انهن ۾ خوبيون ئي خوبيون آهن.“
”انهي جو مطلب اهو ٿيو، مارٽن چيو، ته لطف نه هئڻ جو لطف آهي؟“
”آها“، ڪئنڊيڊ چيو، ”ٺيڪ آهي، پر جڏهن نه آءٌ مس ڪيونيگونڊي جو وري ٻيهر ديدار ڪندس، تڏهن مون جهڙو خوشنصيب ماڻهو هن دنيا ۾ ٻيو ڪوئي ڪونه هوندو.“
”اميد ۾ رهڻ هميشه چڱي ڳالهه آهي،“ مارٽن چيو.
انهيءَ وچ ۾ ڏينهن مٿان ڏينهن ۽ هفتن پٺيان هفتا گذرندا ويا، پر ڪئڪامبو جو نالو نشان نظر نه پئي آيو. ڪئنڊيڊ انهي صورتحال تي ايڏو ته غمزده هو، جو اهو به ياد نه رهيس ته
پاڪوئيٽه ۽ گائروفلي هڪ ڀيرو به سندس شڪر ادائي ڪرڻ لاءِ وٽس نه آيون هيون.
باب تيرهون
قصو ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن جو ڇهن اجنبي
ماڻهن سان گڏ ماني کائڻ جو، ۽ ٻڌائڻ اهو ته اُهي ڪير هئا؟
هڪڙي رات جيئن ئي ڪئنڊيڊ، جنهن جي پٺيان مارٽن به لڳو آيو هو، ڪن اجنبي ماڻهن سان، جيڪي انهي ئي هوٽل ۾ مقيم هئا، کاڌي جي ميز تي ويهڻ وارو ئي هو، ته اوچتو ڪو ماڻهو، جنهن جو
چهرو اهڙو ڪارو هو، جهڙو آلين ڪاٺين جي دونهين جو رنگ، اچي سندس پٺيان بيٺو، ۽ هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس چيو، ”اسان سان گڏ هتان رواني ٿيڻ
لاءِ تياري ڪريو، انهي ڪم ۾ سستي يا ڪوتاهي نه ڪجو!“ هن پنهنجو منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو ته ڏٺائين ته اهو ڪئڪامبو هو! ان تي هو ايترو خوش
ٿيو، جو شايد انهي مهل هن کي فقط ڪيونيگونڊي جي صورت ڏسڻ سان ئي انکان وڌيڪ خوشي ٿئي ها. هو خوشي وچان پاڳل بڻجي ڊوڙون پائڻ لاءِ تيار هو.
هن پنهنجي ان اوچتي مليل پياري دوست کي ڀاڪر وجهي، چيو، ”شڪ ناهي ته ڪيونيگونڊي هتي ئي آهي، ڀلا ٻڌاءِ ته هوءَ ڪٿي آهي؟ مون کي هڪدم هن
ڏانهن وٺي هل، ته خوشي وچان هن جي قدمن ۾ ويهي پنهنجو ساهه هن جي حوالي ڪري ڇڏيان!“
”ڪيونيگونڊي هتي ڪانهي“ ڪئڪامبو چيو، هوءَ ته قسطنطنيہ ۾ آهي.“
”او خدايا! هوءَ قسطنطنيہ ۾ آهي؟ پر توڙي کڻي هو چين ۾ هجي، تڏهن به آءٌ هن ڏانهن پرواز ڪري پهچندس، اٿ ته هلون.“
”پان رات جي ماني ائڻ کان پو ڪئڪامبو وراڻيو، ”انهي کان وڌيڪ آءٌ هن وقت ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، آءٌ هڪ ٻانهون آهيان، منهنجو آقا انتظار ڪري رهيو آهي ۽ مون کي وڃي سندس دسترخوان
تي خدمت سرانجام ڏيڻي آهي. هاڻي وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهائجو! ماني کائي وٺو، ۽ پوءِ تيار ٿي ويهجو.“
ڪئنڊيڊ پاڻ کي خوشي ۽ غم جي وچ ۾ لٽڪيل محسوس ڪندي پنهنجي اعتبار جوڳي ساٿي کي ڏسڻ تي خوش ٿيندي، ۽ ان کي وري هڪ ٻانهي جي حيثيت ۾ ڏسي حيرت زده ٿيندي، ۽ پنهنجي محبوبه کي ايترن
ڪشالن کان پوءِنيٺ ڏسڻ جي خيال ۾ سڄي پنهنجي دماغ جي چڪرائجڻ ڪري، هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ سمورا پنهنجا هوش حواس تقريبن وڃائيندي، هو
مارٽن جيڪو انهن سڀني واقعن کي ڪنهن به جذبي کان سواءِ ڏسي رهيو هو. ۽ ڇهن اجنبي ماڻهن سان گڏ، جيڪي ڪارنيوال جو وقت وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيا
هئا، ڦهڪو ڏيئي، ميز تي ويهي رهيو.
ڪئڪامبو، جيڪو انهن ڇهن اجنبين مان هڪ لاءِ شراب اوتي رهيو هو، کاڌي ختم ٿيڻ تي پنهنجي مالڪ جي ويجهو ويو، ۽ سندس ڪن ۾ آهستي چيائين، ”عاليجاهه! حضور جن جڏهن به چاهين، تڏهن
روانا ٿي سگهن ٿا، حضور جو جهاز بلڪل تيار بيٺو آهي.“ اهي لفط چئي هو ٻاهر هليو ويو. ميز تي ويٺل مهمان ڪجهه به ڳالهائڻ کان سواءِ هڪٻئي کي
حيرت وچان تڪڻ لڳا. ان کان پوءِ هڪٻئي نوڪر پنهنجي آقا کي ويجهو وڃي هيئن مخاطب ڪيو، ”اي آقا توهان جي شڪار گاڏي پاڊوئا ۾ آهي، ۽ اوهان جي
ٻيڙي تيار بيٺي آهي.“ آقا ڪنڌ ڌوڻي اشارو ڪيو ۽ نوڪر اتان هليو ويو. سڀني مهمانن وري هڪٻئي کي گهوري نهاريو، ۽ انهن سڀني جي حيرت ۾ اضافو
ٿيو. هاڻي وري هڪ ٽيون نوڪر، ٽيئن اجنبي ڏانهن وڌي آيو، ۽ کيس چيائين، ”منهنجا آقا مون تي يقين ڪريو ته حضور جن کي هڪ گهڙي به وڌيڪ هت ترسڻ
نه گهرجي، آءٌ اوهان جي سامان تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ ائين چئي هو هڪدم اتان هليو ويو.
سڀني نوڪرن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ڇهه ئي اجنبي ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن سميت ڪجهه دير تائين پوري طرح خاموش ويٺا رهيا. نيٺ ڪئنڊيڊ خاموشي جي مهر کي ٽوڙيو ۽ چيو ته ”اي شريف انسانو،
هي ڳالهه بلڪل سمجهه کان ٻاهر آهي، اوهين سڀ بادشاهه ڪيئن ٿي سگهو ٿا؟ جيستائين منهنجو ۽ مارٽن جو معاملو آهي ته آءٌ اوهان کي خاطري ٿو
ڏيان ته نه آءٌ بادشاهه آهيان، ۽ نه مارٽن ئي بادشاهه آهي.“
ڪئڪامبو جي آقا ڏاڍي گنڀيرتا سان اطالوي ٻولي ۾ جواب ڏنو، ”آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آءٌ توهان سان چرچو ڀوڳنٿو ڪريان. آءٌ احمد ثالث (ٽيون) آهيان. آءٌ گهڻن ئي سالن
تائين سلطان اعظم هوس، مون پنهنجي ڀاءُ کي تخت تان لاٿو، مون کي وري منهنجي ڀائيٽي تخت کان محروم ڪيو، منهنجن وزيرن جا سر قلم ڪيا وا، آءٌ
هاڻي پنهنجي زندگي جا ڏينهن پنهنجي پراڻي حرم سراءِ ۾ گذاريان هو. پر منهنجو ڀائيٽو، سلطان اعظم محمود، ڪڏهن ڪڏهن مون کي منهنجي صحت خاطر،
سامونڊي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي، هن ڀيري آءٌ ڪارنيوال جو وقت گذارڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
احمد جي قريب ويٺل هڪ نوجوان شخص هن کان پوءِ ڳالهايو---- ” منهنجو نالو آئوان آهي ۽ آءٌ سڀين روسين جو شهنشاهه هوس، مون کي ان وقت تخت تان لاٿو ويو، جڏهن آئون اڃا پينگهي ۾
هوس، منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي قيد ڪيو ويو، مون کي جيل ۾ پالي وڏو ڪيو ويو. مون کي ٻن محافظن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.
آءٌ به ڪارنيوال ڏسڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
ٽئين چيو، ”آءُ انگلينڊ جو شاهه، چارلس ايڊورڊ ، آهيان، منهنجي والد تخت ۽ تاج جا سڀ حق منهنجي نالي ۾ منتقل ڪري ڇڏيا، مون انهن جي بچاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجن اٺ سو حامين
جون دليون، سندن جيئري سندن سينن مان پٽي ٻاهر ڪڍيون ويون ۽ انهن جا سر قلم ڪيا ويا. آءٌ پاڻ جيل ۾ رهيو آهيان، پر هاڻي آءٌ روم وڃي رهيو
آهيان ته پنهنجي والد سان وڃي ملاقات ڪريان، جنهن کي تخت تان ائين لاٿو ويو هو، جيئن خود مون کي لاٿو ويو آهي، منهنجي ڏاڏي کي به تخت تان
ائين ئي لاٿو ويو هو، روم ڏانهن ويندي ويندي، آءٌ ڪارنيوال جي لطف وٺڻ لاءِ وينس آيو آهيان.“
ان کان پوءِ چوٿين چيو، ”آئون پولينڊ جو بادشاهه هوس، جنگ جي ڦرندڙ گهرندڙ نصيب مون کي پنهنجن موروثي علائقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي پي کي به ساڳئي انقلاب جو ذائقو چکڻو
پيو، آءٌ پاڻ کي خدا جي سپرد ڪريان ٿو، جيئن سلطان احمد، شهنشاهه آئوان ۽ چارلس ايڊورڊ ڪيو آهي، جن کي شل الله تعاليٰ ڊگهي عرصي تائين
محفوظ رکي. آءٌ هتي ڪارنيوال جا ڏينهن وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
پنجين چيو، آئون پولينڊ جو بادشاهه هوس، مون پنهنجي بادشاهي ٻه دفعا وڃائين، پر خدا مون کي هڪ ٻي خالص پنهنجي پاڻ تي حڪومت هلائڻ لاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ مون خالي هٿن سان اڪيلي
سر، ايتري ته نيڪي ڪمائي اهي، جيتري سارماٽا جا بادشاهه وسٽيولا ندي جي ڪنارن تي سڀ گڏجي به ڪمائي نه سگهيا آهن. مون پاڻ کي بس قدرت جي
حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اوهان وانگر مان به ڪارنيوال جي هيءُ ڏڻ وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
هاڻي ڇهين بادشاهه جي ڳالهائڻ جو وارو هو. هن چيو ته اي شريف انسانو آءٌ ايڏو وڏو ماڻهو ناهيان جيڏا وڏا اوهين آهيو، پر انهي ڳالهه جي باوجود آءٌ به اهڙو ئي چڱو بادشاهه ٿي
گذريو آهيان، جيترو اوهان منجهان ڪوبه هڪ ٿي گذريو آهي. منهنجو نالو تيئوڊور آهي. مون کي ڪورسيڪا جو بادشاهه چونڊيو ويو هو. ڪنهن وقت مون
کي اعليٰ حضرت جي لقب سان مخاطب ڪيو ويندو هو، پر هن وقت مون کي مشڪل سان ئي سائينجن ڪري سڏيو وڃي ٿو. مون پنهنجا سڪا به جوڙيا هئا، پر
اڄڪلهه آءٌ هڪ پائي جو به مالڪ ناهيان. مون وٽ ٻه مملڪتي سيڪريٽري هئا، پر هاڻي هڪڙو نوڪر به ڪونهيم، آءٌ بنفس نفيس تخت تي به ويٺو آهيان،
۽ ڪجهه وقت لاءِ لنڊن جي هڪ عام جيل ۾ ڪکن پن تي به سمهيو آهيان. مون کي ڊپ آهي ته هتي پڻ مون سان ائين ئي ٿيندو، جيتوڻيڪ آءٌ به اوهان
سڀني صاحبن وانگر، ڪارنيوال جا ڏينهن وينس ۾ گذارڻ لاءِ آيو آهيان.“
پنجن ٻين بادشاهن هن ڇهين بادشاهه جي اها تقرير شاهاڻي رحم و ڪرم سان ٻڌي. انهن مان هر هڪ، شاهه ٿيئوڊور کي ويهه ويهه سڪا ڏنا، هو انهي رقم سان پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪپڙا ۽ قميصون
خريد ڪري ۽ ڪئنڊيڊ هن کي هڪ اهڙو هيرو تحفي طور ڏنو، جنهن جو ملهه ٻه هزار سيڪوئنس (انهي وقت جو سڪو) هو. ” هيءُ ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو،“
پنجن بادشاهن گڏجي چيو، ”جيڪو اسان مان هرهڪ کان سئوڻو وڌيڪ ڏيئي سگهي ٿو، ۽ جنهن سچ پچ اوترو پنهنجن هٿن سان ڏيئي به ڇڏيو آهي؟“
”جناب اعليٰ، ڇا، اوهين به ڪٿان جا بادشاهه آهيو؟“ ”نه سائين“ ڪئنڊيڊ چيو، ” ۽ نه وري مون کي بادشاهه ٿيڻ جو ڪو شوق ئي آهي.“
جنهن مهل اهي سڀ ميز تان اٿيا ان مهل ساڳئي مسافر خاني ۾ چار وڏا پادري اچي وارد ٿيا، جن جا مال ملڪيتون ۽ علائقا پڻ جنگ جي انقلاب جي نذر ٿي چڪا هئا ۽ اهي به ڪارنيوال جو جشن
وينس ۾ گذارڻ لاءِ اتي اچي نڪتا هئا. پر ڪئنڊيڊ نون آيل ماڻهن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، ڇو ته هن جا خيال سندس محبوبه ڪيونيگونڊي جي تلاش ۾
قسطنطنيہ وڃڻ جي معاملي ۾ مصروف هئا. |