سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪئنڊِيڊ

 

صفحو :3

بهرحال پهريون ڀيرو 1759ع ۾ جڏهن والٽيئر جو هي ”ڪل ادب جو بهترين مختصر افسانو“ شايع ٿيو، تڏهن اهو سندس پنهنجي نالي ۾ نه پر هڪ خيالي مصنف جي نالي ۾ شايع ٿيو.. والٽيئر جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به اهڙي قسم جي ڪا ’چيڙائيندڙ‘ يا ’خار ڏياريندڙ‘ تصنيف شايع ڪرڻ چاهيندو هو ته پهريائين ان کي ايئن ڪنهن نه ڪنهن خيالي مصنف جي نالي ۾ پيش ڪندو هو. ان ۾ ٻه مقصد هن جي پيش نظر هوندا هئا: هڪ هيءُ ته ايئن ڪاوڙ ڀريل ۽ هوش کان نڪتل مخالفن جو پهريون اکين پور حملو هو گسائي ڇڏيندو هو، ۽ ٻيو ته انهي طريقي سان پنهنجي ان تصنيف جي پيغام ڏانهن علمي، ادبي ۽ فڪري دنيا جو ڀرپور توجهه فورن ڇڪائي سگهندو هو.

ايئن جڏهن ان وقت جي امارت زده جاگيرداري سماج جي پٺي تي ”ڪئنڊيڊ“ جي هن پسيل چهبڪ کان سخت ۽ سنهي ۽ سراڻ تي چڙهيل شمشير کان تکي طنزيه ناول اچي ٺڪاءُ ڪيو، تڏهن ان تي نالي واري عبارت هيءَ لکي هئي:

ڪئنڊيڊ

يا

آشاواد

(ڊاڪٽر رالف جي جرمني ٻولي تان ترجمو ڪيل، بمع اضافي مواد جي، جيڪو ڊاڪٽر مرحوم جي کيسي مان هٿ آيو، جڏهن هن اسان جي سڳوري يسوع مسيح جي سال 1759ع ۾ انتقال فرمايو)

ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ ڪيترو عرصو، جڏهن والٽيئر کان ان بابت ڪو پڇندو هو، ته هو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي عادت مطابق ان جي تصنيف کان نه فقط لاتعلقي ڏيکاريندو هو پر صاف انڪار ڪري ڇڏيندو هو.

ڪتاب جي جيئن نالي مان ظاهر آهي، ۽ جنهن سماجي ۽ واقعاتي پس منظر ۾ ان جي تخليق عمل ۾ آئين، ان مان به اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته ان جو بنيادي مقصد ڏک ۽ ڏاڍ سان ڀريل سماجي دنيا ۾ سکين پيٽ ڀريلن ۽ بي حس قسم جي حريص ۽ خودپسند حاشيه بردارن طرفان پيش ٿيندڙ ”سڀڪجهه ٺيڪ آهي“ واري ڳالهه يعني انهن جي فلسفيانه آساوادي نظريي تي سٺ ۽ ٽوڪ ڪرڻ هو ۽ ان کي طنز ۽ مزاح جو نشانو بنائڻ هو. نراشائي حقيقت جو وستار ايتري آشائي نموني ۽ ايتري خوش طبعي سان شايد ئي ڪنهن ادب ۾ ڪٿي پيش ٿيو هجي، جيئن هن مختصر ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ڪيو ويو آهي.

ناول جو مک ڪردار ’ڪئنڊيڊ‘ جيئن سندس نالي جي معني مان پڌرو ٿئي ٿو، هڪ سادو، صاف دل ۽ ايماندار قسم جو نوجوان آهي. هو ” ٿنڊر- ٽن – ٽرنڪ“ (ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ) نالي هڪ وڏي سردار/ نواب جي ’قلعي‘ ۾ ان جي ويٺل (شايد حق بخشايل) ڀيڻ جو حرامي پٽ آهي- هن جي پيءُ سان ان مائي صاحبه جي شادي ان ڪري عمل ۾ اچي نه سگهي جو اهو جيتوڻيڪ پاڻ به نواب هو، پر ننڍو نواب هو ۽ ”ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ“ واري نواب جو هو ثاني شريڪ نه هو! نواب عالي مقام جي درٻار سان وابسته هڪ دين مسيح جو پارسا صفت پادري آهي. جيڪو شهر جي وڏي ديول جو واعظ يا پيش امام به آهي ۽ نواب بهادر جي نج ستر پيڙهين جي نسلي ۽ خانداني تاريخ جو دستاويزي ڄاڻو به آهي. نواب ”ٿندڙ ٽن ٽرنڪ“ جي هڪ چار مڻ پندرهن سير تور بيگم صاحب به موجود آهي، جيڪا ان تور ماپ سبب پاڻ وڌي معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي. نواب صاحب جي خاندان سان واڳيل ”پئنگلاس“ (مجلس بزاز، ڳالهائڻو) نالي هڪ دانشور پڻ موجود آهي (ممڪن آهي ته اهو اديب ۽ شاعر به هو) جيڪو آشاوادي يا خوش خيالي نظريي جو نه رڳو عالم پر مبلغ به آهي. اهو ڪئنڊيڊ جو محترم استاد آهي ۽ ان جو ئي چوڻ هو ته

”سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي، ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهترين بيگم آهي....“

اهوئي ’قلعي‘ ۾ رهندڙ ماڻهن کي روحانيت،د ينيات ۽ ڪائنتات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته

”...... ڪائنات جي هر ڪا شيءِ..... بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي آهي. مثال طور، ڏسو ته اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا، تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون، ظاهر آهي ته ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا، پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو ته ان کي گهڙي ٺاهي، منجهانس قلعا جوڙيا وڃن- ۽ اهوئي سبب آهي، جو منهنجي آقا کي هڪ عاليشان قلعو آهي، ڇو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳهه به اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون (مصنف هتي ’سوئر‘ لفظ ڪتب آندو هو) ان لاءِ خلق ڪيون ويون ته انهن کي ذبح ڪري، انهن جو گوشت کاڌو وڃي؛ تنهنڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا، تنهنڪري جن فقط ايئن چيو اهي ته ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“ سي گمراهه اهن، کين ائين چوڻ کپي ته ”سڀ ڪجهه تمام ٺيڪ آهي، ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“،‘ “

نواب ” ٽنڊر ٽن ٽرنڪ“ جي پناهه ۽ سرپرستي ۾ رهندڙ ڪليسا جو پادري، علم ۽ فلسفي جو صاحب پئنگلاس ٻيئي پنهنجي آقا جي سماجي فوقيت جا ثناخوان ۽ بهي خواهه آهن، ۽ ان فوقيت کي جائز سمجهدنڙ ۽ استحڪام ڏيندڙ مروج سماجي رشتي کي ”سڀ کان بهترين امڪاني سرشتو“ سمجهن ٿا ۽ مشهور ڪن ٿا- هنن جي آشاواد جو نظريون ماڻهن ۾ اها سوچ ۽ اها ’ڄاڻ‘ عام ڪري ٿو. پادري مذهب جي علامت آهي ۽ استاد پئنگلاس علم ۽ ادب يعني ثقافت جي جيڪي ان نواب عالي مقام ۽ امير بي مثال جي اقتدار يعني ان جي رياست يا حڪومت جا حامي ۽ ٿنڀ آهن.

پر انهن ٻنهي جي اقتدار پرست ۽ انهي ڪري حق ناشناس ۽ انسان دشمن تعليم جي برعڪس حقيقت جي دنيا چوڌاري دل ڏاريندڙ بک، ڏک ۽ ظلم سان ڪنان تار ڀري پيئي آهي. ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ان دنيا جو وڌ ۾ وڌ نراشائي نقشو چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ اسين هولناڪ مصيبتن جو شڪار ٿيون ٿا، اسين ڪنهن گناهه ڪئي بغير سزائون کائون ٿا، يا وري گناهه ڪريون به ٿا ته به ڪجهه ڪونه ٿو ٿئسون، ماڻهو بلگرن (يعني تشدد جي تلواربازن) هٿان قتل ٿين ٿا، يا احتسابي ديني عدالتن هٿان جيئري جلايا وڃن ٿا. عورتن کي بحري ڊاڪو بڇڙو ڪن ٿا، يا دين جا وڏا عالم ۽ روحانيت جا وڏا صاحب انهن جي عصمت لٽين ٿا-ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ هي دنيا ڪو ڀيانڪ سپنو آهي، جيڪو ڪو ذهني پريشان ماڻهو بيماري ۾ ڪڏهن ڏسندو آهي، ۽ اکيون پوري ۽ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي هانءِ ڏاريندڙ دانهن ڪري، اٿي ويهندو آهي، ان سڀ کان پوءِ به (باب پنجين ۾) هڪ موقعي تي جڏهن ڪئنڊيڊ ۽ استاد پئنگلاس الائي ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ڪاٽيندا ۽ ڪيترا سور سهندا ۽ عذاب ڏسندا، پڇاڙي ۾ ٻڏندڙ جهاز مان ٽپو ڏيئي ڀڳل تختي کي چنبڙي تڙڳندا تڙڳندا، اسپين جي بندرگاهه، لزبن، جي ڪناري تي پهچن ٿا، ته عين انهي گهڙي لزبن ۾ زلزلو اچي ٿو، جايون ڪرن ٿيون، سامونڊي سيلاب شهر ڏانهن ڌوڪيندو وڌي ٿو، ٽيهه هزار بي گناهه ماڻهو اک ڇنڀ ۾ ناس ٿي وڃن ٿا- ان موقعي تي به جڏهن ڦٽيل ۽ رت ڳاڙيندڙ ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس کي دانهن ڪندي چوي ٿو ته ”ترت ڪٿان ڪو شراب ڍڪ ۽ تيل هٿ ڪر، تڪليف کان منهنجو ساهه ٿو نڪري“، ته پئنگلاس اتي به هن کي زلزلي جي پٺيان لڪل ”راز“ ۽ ان جا ”سبب“ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهي.

”ممڪن آهي ته ائين هجي“ ڪئنڊيڊ چيو ”پر خدا جي واسطي ڪجهه شراب جو ڍڪ ۽ تيل ڪٿان هٿ ڪر!“

”ممڪن آهي ڇا تنهنجو مطلب آهي“ فيلسوف پئنگلاس جواب ڏنس، ”آئون ٿو چوان ته ڳالهه ثابت ٿي پئي آهي، ساڳئي قسم جا ”سبب ساڳيا ”نتيجا“ پيدا ڪن ٿا.....“

ڪئنڊيڊ چيو، ”ضرور ايئن هوندو، پر منهنجي لاءِ شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر......“

”’هوندو‘ نه، بلڪ چو ته ’آهي‘“ پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو – ”اها حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو!“

ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو.........

ائين والٽيئر غير عملي دليل آرائي ۽ عمل کان روڪيندڙ يا عمل ڏانهن نه نيندڙ مفروضي بازي کي وقت جو زيان، حقيقت کان فرار يا چشم پوشي ۽ محض هڪ فضول ذهني عياشي سمجهي، نندي ٿو.

پر خوش خيالي نظريي ۾ ايمان رکندڙ پئنگلاس جي دليل بازي ناول جي آخر تائين جاري آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، قسم قسم جي ماڻهن هٿان، لاتعداد ٺوڪرن کائڻ کان پوءِ ڪئنڊيڊ آخر ترڪيءَ ۾ پاڻ کي ڪنهن زمين ٽڪري تي آباد ڪري ويهي ٿو، ۽ ناول جي ”پڄاڻي“ ۾ هن جي ۽ هن جي ان آشاوادي استاد جي وچ ۾ گفتگو پيش ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ پر چٽي ۽ واضح انداز سان والٽيئر پنهنجي زندگي جو فلسفو بيان ڪيو آهي.

پئنگلاس کي ويٺي ويٺي، ڪئنڊيڊ سان ڳالهائيندي، ناول جي بنهه آخر ۾، پنهنجي دلپسند نظريي جي حمايت ۾ دليل آرائي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي—

”..... هُن وري وري ۽ هر موقعي تي ڪئنڊيڊ کي هيئن پئي چيو: ’ سڀني امڪاني جهانن مان هيءُ جهان بهترين جهان آهي.... اُن جون سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن.... جيڪڏهن توهان کي..... انهيءَ خوبصورت قلعي مان.... لتون هڻي، ٻاهر نه ڪڍيو وڃي ها، جيڪڏهن توهان کي ’مذهبي عدالت‘ جيل ۾ بند نه ڪري ها، جيڪڏهن توهان کي... انڪاس جي بادشاهن جا هيرا ۽ موتي هٿ نه اچن ها، جيڪڏهن شروع ۾ توهين بئرن جي پيٽ ۾ ترار ٽنبي نه ڪڍو ها، جيڪڏهن توهان.... ته اڄ توهان هتي ويٺا هيئن نارنگين جو مُربو ۽ پستن جا مغز ڪونه کائو ها!“

اُن تي ڪئنڊيڊ جواب ڏئيس ٿو:

”اها ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي اٿوَ، ۽ اها سڄي سچ ئي سچ به ٿي سگهي ٿي، پر ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پهرين اچو ته هلي پنهنجو باغ پوکيون.“

والٽيئر انهي پنهنجي آخري جملي ۾ جنهن سان ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي، فطرت پرست جين جئڪس روسو جي قدامت پسنديءَ ۽ قدرت پرست ڪليسائي پادريت جي تقدير پسندي جو جواب پيش ڪيو آهي. ماڻهو کڻي ڪيترو به حقير جيو هجي، توڻي جو هن جي زندگي کهنبي جو چٽڪو يا ڪا گهڙي پل مس هجي، جنهن ڌرتيءَ تيهو رهي ٿو اها کني مٽي جو هڪڙو ذرڙو ئي ڇو نه هجي--

بهرحال هو اهوئي آهي، ايتري لاءِ ئي آهي، ۽ جا ڪجهه پسورائي پڌري ڪرڻي اٿ ان جو ميدان به اهوئي اٿس. زندگي بري آهي يا ڀلي- بهرحال اسان کي اها قبول آهي: ان جو وڌاءُ ڪرڻ يا ان کي گهٽ سمجهڻ معنيٰ ان کي رد ڪرڻ ۽ ان کي رد ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. اسان جي وس ۾ رڳو ايترو ڪجهه آهي ته ان کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريون. ۽ اهو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ ڪم سان، سُرت سان، اورچائي سان: محنت سان، ضبط سان ۽ صبر سان. زندگي کي بهتر بنائڻ جي وسيلن ۽ ان جي آڏو بيٺل رڪاوٽن جي ڄاڻ ئي سڀ کان ڪارائتي ڄاڻ آهي، ۽ انهن وسيلن کان ڪم وٺڻ ۽ انهن رڪاوٽن کي راهه تان هٽائڻ جو ڪم ئي سڀ کان وڌيڪ جاندار ۽ ڪارائتو ڪم آهي. اهوئي اسانجو علم ۽ علم جو ٿاهه ٿي سگهي ٿو، ۽ اهوئي اسان جوعمل ۽ عمل جو ڇيهه ٿي سگهي ٿو. پاڻ کان مٿي، پنهنجي سرُت کان ٻاهر، مابعدالطبعياتي دليل آرايون من جا آوائي اوٿڪ ته ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان ڪو ڪارج سڌ ڪونه ٿيندو. هاريءَ جي هر جي اوڙ، مالهيءَ جي کرپيءَ جو لپو وڌيڪ ڦلدائڪ آهن. اسان کي پنهنجي ٻني کيڙن کپي. اچو ته پنهنجو باغ پوکيون. ـــ بلڪل ايئن جيئن، پيري ۾ ڪئنڊيڊ لکڻ وقت، ان کان اڳ جواني ۾، يا ان کان پوءِ مرڻ دم تائين، والٽيئر پاڻ ڪندو رهيو. هو پنهنجي ڪم ۾ خوش هو، ڪم جي خوشيءَ به تڏهن آهي، جڏهن ان جو واسطو ۽ اثر پنهنجي وجود کان اڀري بين جي وجود تائين رسي ٿو. پيري ۾، ٻئي ڪم سان گڏ هن باغ به لڳايو هو، ۽ هو پنهنجي باغ ۾ خوش هو، هو سڄو وقت اتي ميويدار وڻن پوکڻ ۾ خوش هو، جيتوڻيڪ هن کي اميد ڪانه هئي ته اهي هن جي جيئري گل به جهليندا ۽ هن کي ڪو ميوو به ڏيندا. جڏهن هن جي هڪڙي قدردان ۽ احسان شناس دوست آئينده نسلن لاءِ سندس ڪيل ڪم جي ساراهه ڪئي، تڏهن هن جواب ڏنو، ”هائو، پيارا ڀاءُ مون 4000 وڻ پوکيا آهن.“

 

...........................

 

”ڪئنڊيڊ“ جي سنڌي ترجمي ۽ اشاعت جو فيصلو سنڌي ادبي بورڊ جي ’ترجمي ڪاميٽي‘ ڊسمبر 1952ع ۾ ۽ اسٽئنڊنگ ڪميٽي 8 جولاءِ 1954ع تي ڪيو، ۽ ان فيصلي جي منظوري بورڊ پنهنجي 21 سيپٽمبر 1954ع جي مينٽنگ ۾ ڏني. ان ئي ميٽنگ ۾ ڪتاب جي ترجمي جو ڪم تعليم کاتي جي برک آفيسر ۽ ادبي ذوق رکندڙ مرحوم فتح محمد قريشي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. قريشي مرحوم پنهنجن مصروفيتن سبب، بهرحال، ان جي سرانجامي، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ به نه ڪري سگهيو.، هي ڪم پوءِ فيبروري 1960ع ۾ محترم الهه رکئي پريي جي حوالي ڪيو ويو، جنهن ٽن مهينن ۾ پورو ڪري، ترجمي جو مسودو بورڊ جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ نومبر 1965ع ۾ مسودي جي ايڊٽنگ جو ڪم ڀاءُ شمشير الحيدري کي ڏنو ويو، جنهن جنوري 1967ع ۾ ڪتاب جو اڌ (صفحي 44 تائين) ”ڪجهه ڏسي ۽ ڪجهه نيئن سر ترجمو ڪري“ واپس ڪيو. آگسٽ 1976ع ۾ هن مسودي کي نظر مان ڪڍي، پنهنجي نظرداري ۾ ڇپائڻ جو ڪم، بورڊ طرفان مون کي سونپيو ويو. ڪتاب جو رهيل اڌ حصو، اختصاري صورت م (ص 42 کان ص 85 تائين)، محترم سومار علي کان ترجمو ڪرائي، سڄي سنڌي مسودي کي اصل سان ڀيٽي، ان جي تصحيح ڪري، مٿس مقدمو لکي، ڊسمبر 1976ع ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپائي لاءِ ڏنو ويو، ۽ ائين هي جڳ مشهور ڪتاب تقريبن پنجويهه سالن جي ممڪن ۽ موقعي سارو ڪوششن کان پوءِ، پنهنجن لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي هٿن ۾ هاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته هيءُ فرينچ ٻوليءَ جو شاهڪار ۽ عالمي ادب جو عظيم ڪتاب سنڌي ادب ۾، پنهنجي اهميت پٽاندر، سنگ ميل جي حيثيت ۾، هڪ بنيادي اضافو ثابت ٿيندو.

ـــــ م. ا. ج

 مددي ڪتاب:

1. “Selected Works of Voltaire”, Thinkers Library 1935

2. “Voltaire” The living Thoughts Library, 1946

3. “The Story of philosophy”, Will Durant, The Pocket Library, 1955

4. “ Voltaire—Candide, Zadig and selected stories” New American Library, 1961

5. “A Short History of French Literature”, Geoffrey Brereton, Penguin Books, 1965.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org