تعارف
محمد ابراهيم جويو
جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته هيلتائين سنڌي ۾ والٽيئر جو ڪوبه ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي. ان جو سبب غالبن هيءُ به هجي، جو والٽيئر علم جي معاملي ۾ خالص عقل جي برتي جو قائل هو---
’ايمان‘ تي هن جو اعتبار ڪونه هو. سنڌي ٻولي جي علمي ۽ ادبي دنيا، پنهجي تاريخي حالات سبب، مشرق جي اڪثر ٻولين وانگر، تقريبن، سڄي جي سڄي
’ايماني‘ ماحول ۾ رچيل يا ورتل رهي اهي. ۽ هوڏانهن والٽيئر هڪ اهو باغي ليکڪ هو، جنهن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو هن جي مُئي کان 160 سال پوءِ،
هاڻي تازو 1935ع ۾ انگلينڊ جهڙي سجاڳ ۽ آزاد خيال ملڪ ۾ اتان جي
Thinkers Library وارن شايع ڪيو، ته به هُنن کي هُن جي هڪڙي ڪهاڻي
(”زباپوٽ سوال ٿو پڇي“ Question of Zapata-- ) مان ڪي ٽُڪرا پنهنجي انگريزي ترجمي ۾ ڪڍي ڇڏڻا پيا، ڇو جو انهن ٽڪرن ۾، سوالن رستي، ”انجيل مقدس جي ڪن ناهموار ڳالهين کي ڪجهه زياده بر حرمتي سان کوليو ۽ اُکوليو ويو هو.“
انهي ڪري، جيڪڏهن سنڌي ۾ والٽيئر جو هيءُ پهريون ڪتاب هاڻي پيش ٿي رهيو آهي، ته ان ۾ ڪو عجب کائڻ نه گهرجي.
والٽيئر، 84 سالن جي وڏي عمر ماڻي، هيءُ جهان ڇڏيو. هُن جو پهريون ڪتاب ”او ڊيپ“ ڏک جو هڪ ناٽڪ جنهن هن کي ادبي دنيا ۾ مشهور ڪيو. اهو هن چوويهه سالن جي عمر ۾ لکيو. اهو ڪتاب هن
جيل ۾ لکيو، جتي عجيب حالتن هيٺ پهريون ڀيرو هڪ سال جي مدت هن کي گهارڻي پئي هئي. ان جو وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو. هيءُ ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“
جنهن جو، ڪجهه اختصار سان، ترجمو هتي پيش ٿي رهيو آهي. اُهو هن پنجويهه ورهين جي عمر ۾ لکيو. 1774ع ۾ جڏهن پاڻ اسي سالن جو هو، تڏهن هن جو
هڪ مضمون ’ڪاڻو پوٽر‘ (One eyed Porter) هڪ رسالي ۾، گمنام نالي سان، شايع ٿيو، جنهن جو مرڪزي ويچار هي هو ته ’زندگيءَ
جو مَرڪ ۽ ڏاج خوشي اُهي ۽ هر شخص اها پنهنجي سرت ۽ سڀاءَ سارو حاصل ڪري ٿو، ڇو ته خوشي شين ۾ نه پر پنهنجي پاڻ ۾ آهي.‘ يعني پنهنجي آسپاس
۽ان جي شين ڏانهن انسان جو پنهنجو ردعمل ڪهڙو آهي، خوشي جو دارومدار ان تي آهي. مرڻ کان ٽي سال اڳ هن پنهنجو آخري مضمون ”ياد جو ڪشالو“
(Memory’s Adventure) لکيو جيڪو هن بنيادي خيال تي بيٺل هو ته ’حواس ئي آهن جيڪي حافظي کي ترتيب ڏين ٿا، ۽ حافظي کان سواءِ ذهن جو ڪو وجود ڪونه هو: حواسن ۽ حافظي کان سواءِ خيال يا فڪر جو
ٻيو ڪو سرچشمو نه هو، نه ٿي سگهيو ٿي.‘
والٽيئر جي مرڻ کان پوءِ هن جي سمورين لکيتن کي گڏ ڪري، 99 جلدن ۾ شايع ڪيو ويو. سندس زندگي ۾ اهڙي ڪا مشڪل سندس تصنيف هئي، جنهن تي سرڪار يا مذهب (مسيحي ڪليسا، ڪيٿولڪ يا
پروٽيسٽنٽ) اعتراض نه ورتو هجي ۽ ان جي اشاعت يا ان جي پڙهڻ خلاف ممانعت جا حڪم يا فتوائون نه جاري ڪيون هجين. ۽ اهو سڀ تڏهن جڏهن هن کي
خود ئي خيال هوندو هو ته کيس پنهنجا نوان ويچار ۽ رايا پوري ذميداري ۽ احتياط سان ظاهر ڪڻ کپن، ڇو ته ”آءٌ نٿو گهران ته منهنجو پنهنجو
بورچي ئي ڪٿي جوش ۾ اُٿي، اجايو خون ڪري ڇڏيم!“
هُن، بهرحال، پنهنجي حياتي جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. پنهنجي زندگي جي پوئين سال، يعني 1778ع ۾، چوويهه سال يڪا جلاوطن رهڻ کان پوءِ، هو پنهنجي جنم جي شهر پئرس ۾ سو
به بنان اجازت، موٽي آيو، جتي هن جو آخري عمر ۾ لکيل (وري به) هڪ ڏک وارو ناٽڪ ”آئرين“
(Irene)
اسٽيج تي پيش ٿي رهيو هو. گهٽين ۾ ماڻهن جا انبوهه نڪري آيا، جن هن کي ڏسي نعرا هنيا: ”والٽيئر آيو، جيءُ آيو! والٽيئر زندهه باد! ڪالَس[1]
جي حامي کي سَوَ سلام!“ هن جي ناٽڪ جي ڇهين پيشڪش تي پهريائين خود سندس هن جي پنهنجي نشست تي ويٺي، ۽ پوءِ هن جي مجمسي جي کُلي اسٽيج تي
گلن سان تاجپوشي ڪئي وئي. هن سان ملڻ لاءِ هن جا دوست ۽ واقفڪار جيڪي هن کي سالن کان پوءِ ڏسي رهيا هئا ۽ هن جا پرستار ۽ قدردان ٽولن ۾ ۽
قطارن ۾، جتي هن جي رهائش هئي اتي وٽس ايندا رهيا. پڇاڙي جو، هن جي ان کيڪار جي، ٻه ڏينهن لاڳيتا اهي ئي حالت رهي، والٽئير پنهنجن دوستن ۽
قربدارن سان گڏبو رهيو ۽ هٿ ملائيندو رهيو، ۽ ائين ڪندي ڪندي، هو بنهه هُپجي پيو، ۽ ائين ڏسجي رهيو هو ته 74 سالن جي هن پير مرد لاءِ وڌيڪ
زندگي جو بار کڻڻ وس کان ٻاهر ٿي چڪو هو.
ترت ئي پوءِ جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن پئرس جي ديني اختياري وارن هن کي مسيحي ڪفن دفن ڏيڻ کان انڪار ڪيو- ڇو؟ چي، ’هو ملحد هو‘ هن جي دوستن هن کي ٺاهي جوڙي جيئري شخص وانگر، هڪڙي
گاڏي ۾ کڻي ويهاريو، ۽ ايئن هن جو لاش رات وڳڙي ۾، هو شهر کان ٻاهر ڪڍي ويا. شهر کان ٻاهر ويجهي هڪ ديول ۾ هڪڙو ڪشادي دل وارو پادري سندن
واقف هو. يا ايئن ئي اهو کين ملي ويو، جنهن ”آمر لوڪن کي مسيحي شريعت جي احڪمان کان بالاتر“ سمجهي، والٽيئر جي لاش کي پنهنجي ديول جي
”مقدس“ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني.
تيرهن سال پوءِ، 1891ع ۾، فتح سان سرشار انقلابين، پنهنجي قومي انقلابي اسيمبليءَ طرفان ٺهراءُ پاس ڪري، ”انقلاب جي آمر استاد“ ۽ ”عقل جي پياسيءَ“ والٽيئر جا هڏا واپس پئرس آڻڻ
جو فيصلو ڪيو. پوءِ هن جا هڏا هڪ لک ماڻهن، مردن ۽ عورتن، گڏجي جلوس ٺاهي، پاڻ سان گڏ واپس پئرس ۾ آندا، ۽ ڇهن لکن کان وڌ ماڻهن رستن تي ۽
گهٽين ۾ بيهي انهن جو سلام ڪيو- جلوس ۾ ويندڙ جنازي جي گاڏي تي هي لفظ لکيل هئا: ”هن شخص جو انساني ذهن تي عظيم احسان آهي؛ هن ئي اسان کي
آزادي جو سبق سيکاريو.“ والٽيئر جي جنازي کي پوءِ، ساڳي پئرس ۾ ”قومي ديوتائن جي قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ هن جي قبر جي پٿر تي رڳو هي لفظ
اڪيريا ويا: ”هي والٽيئر جو مدفن آهي“ – ايئن سمجهيو ويو ته والٽيئر ڪير هو، ان لاءِ والٽيئر جي قبر تي والٽيئر جو نالو ئي ڪافي هو.
فرانس جو هيءُ غير معمولي انسان سڄي زندگي ٻن ڳالهين جي سلسلي ۾ بيحد خوش نصيب رهيو- هڪڙو دوستن ۽ ٻيو دولت جي سلسلي ۾، هڪ ته هن کي ڪجهه اباڻي ۽ ڪجهه وڌيڪ ناناڻي ملڪيت ورثي ۾
آيل هئي. هن جو پيءُ ان زماني جي پئرس جو هڪ ڪامياب وڪيل هو، ۽ سندس ماءُ ته ”چند امير نسل“ جي هئي. ۽ حيو ته خود کيس به تجارتي ڪاروبار جو
اهڙو ڪو ڍنگ هو. انهي ڪري هو ڪڏهن به مالي پريشاني جو شڪار نه رهيو. هن جي دوستن جي ڳالهه هئي هئي ته جو جڏهن هن کي جلاوطني توري جيل جي
حالت ۾ پنهنجي بچاءُ توڙي پناهه جي خيال کان، ڪنهن دوستانه اثر ۽ رسوخ جي ضرورت درپيش آئي، ته هو ان کان ڪڏهن به محروم ڪونه رهيو. چوڌاري
دشمنن ۽ بدخواهن جي وچ ۾ هوندي به، هڪ پاسي ڪيترا همعصر عالم ۽ اديب هن جا دوست ۽ ساٿي هئا، ته ٻئي پاسي ڪيئي علم دوست ۽ ادب نواز امير،
مرد توڙي عورتون، ويندي وقت جي بادشاهن ۽ انهن جي ويجهي کان ويجهي منصبدارن تائين هن جا خيرخواهه ۽ قدردان هئا- جرمني جو بادشاهه فريڊرڪ
اعظم ته هن جو پڪو منعقد هو. هن جي انفرادي دوستي ۽ گهڻگهرائي جي دائري جي وسعت جو سبب هن جي ذاتي خوشحالي خوش طبعي ۽ خوش ذوقي سان گڏ هن
جي فڪر توڙي عمل جي بي غرض ۽ بي خوف سچائي پڻ هئي. عوام يعني پورهيت ۽ غريب ماڻهن ۾ ته ڪيئي هن جا بنهه فدائي هئا- ڇو ته اهي هن کي، سڄي
جهان جي خلاف، خاص پنهنجو همدرد ۽ حامي سمجهندا هئا.
والٽيئر جي ڪهل، سخا ۽ شيواڌاري سڀاءُ جون ڳالهيون انيڪ آهن. هو اڪثر چوندو هو ته ”افسوس آهي، جو نيٺ مري وڃبو، ۽ چڱو ڪم ڪرڻ کان رهجي ويندو!“ اوري جا پري جا ماڻهن هن وٽ صلاح
مصلحت لاءِ، قلم توڙي پيسي جي مدد لاءِ، خالص همدردي ۽ هانءَ ڏڍ لاءِ سدائين ايندا رهندا هئا. سزا کاڌل غريبن لاءِ هن جي دل م خاص جاءِ
هوندي هئي. انهن کي اڪثر معافي ڏيارڻ جي ۽ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ هو ڇٺي ايندا هئا. ته انهن کي مدد ڪري ڪنهن ڌنڌي سان لائي ڇڏيندو هو، ۽
پوءِ انهن جو وقت بوقت سماءُ رکندو هو ۽ انهن کي صلاحون ۽ مشورا ڏيندو رهندو هو ته جيئن زندگي ۾ پنهنجن پيرن تي بيهي هو ڪامياب بنجن. هڪڙي
ڀيري هڪڙا نوجوان زال مڙس، جن هن سان ڪا ٺڳي ڪئي هئي ۽ هن کي ڦريو هو، وٽس آيا ۽ گوڏن ڀر جُهڪي کانئس معافي وٺڻ لڳا، والٽيئر پاڻ هنن جي
اڳيان گوڏن تي ويهي جهڪي هنن کي اٿاري مٿي ڪيو، ۽ کين پنهنجي طرفان معافي جي خاطري ڏياريندي چيائين ته ”انسان کي جهڪڻو آهي ته فقط خدا جي
اڳيان جهڪڻ گهرجي، ۽ ڪنهن کان معافي گهڻ بدران پنهنجي نفس کي گناهه کان روڪڻ کپي.“ هن جي انيڪ پر اپڪاري ڪمن مان، مثال طور، هڪڙُ نيڪ ڪم هي
به ٻڌايل اهي ته پنهنجي هڪڙي مخالف جي بيواهي نياڻي کي هن گود ۾ ورتو، پالي پڙهائي وڏو ڪيو، ۽ هن جي شادي لاءِ شاهاڻي قسم جي ڏاچي جو
بندوبست ڪيائين ته جيئن هو سُکي زندگي گذاري سگهي. ”هي جيڪو نيڪي جو ننڍڙو ڪم مون کان ٿي سگهيو آهي.“ هن چيو، هن کي آءٌ پنهنجو بهترين ڪم
سمجهان ٿو.... جڏهن مون تي ڪو هلان ڪري ٿو تڏهن آئون حيوان بنجي وڙهان ٿو، ڪنهن جي اڳيان جُهڪي نٿو پوان، پر اندر ۾ آئون نيڪ حيوان آهيان ۽
پڇاڙي ۾ آءٌ کلي ٿو وجهان.“
هيءُ ”کلڻو فيلسوف“ جڏهن 75 ورهين جي ڄمار جو ٿيو، ته سندس دوستن فيصلو ڪيو ته پاڻ ۾ پيسا گڏ ڪري، ڪنهن اعليٰ سنگتراش کان هن جو هڪ يادگار مجسمو تيار ڪرايو وڃي. ان لاءِ اهو شرط
رکيائون ته ڪوبه هڪ ”مائيٽ) (- اڌ پينس، يعني ٽامي جي هڪ ٽڪي) کان وڌيڪ رقم نه ڏئي- کڻي ڪيترو به ڪو شاهوڪار هجي- ته جيئن گهڻي کان گهڻا
دوست ان ۾ حصو وٺي سگهن. جرمني جي بادشاهه فريڊڪ اعظم پڇا ڪئي ته هو ان لاءِ ڇا ڏئي؛ جواب مليس ته ”حضور هڪ ’ڪرائون‘ – ”تاج“- (پنج شلنگ،
يعني اٽڪل چار روپيا) موڪلي ته چڱو ٿيو، جو توهان ٻين علمن ۽ هنرن جي سرپرستي سان گڏ هڪ هڏائين پڃري جي مجسمي لاءِ پنهنجو ”ڪرائون“ ڏيئي
”علم بدن“ جي واڌاري طرف به توجهه فرمايو آهي“ پنهنجن دوستن کي ان تجويز کان ڪجهه باز رکڻ جي ڪوشش ڪندي، لکيائين! ” اڙي منهنجا دوستؤ، مون
۾ ته اهڙو ڪو منهن ئي ڪونه بچيو آهي، جو ان جو ڪو نمونو ٺهي سگهي. اوهان يا اوهان جي سنگتراش لاءِ ته اهو اندازو ڪرڻ ئي ڏکيو ٿي پوندو ته
اهو هئڻ ڪٿي گهرجي؟ منهنجو اکيون ئي انچ اندر پيهي ويون آهن؛ منهنجا ڳل پراڻي کل وانگر سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن؛........ جيڪي ٿورا ڏند هئم، سي
به ڪري پيا اٿم......“ کيس جواب مليو ته ”ڏات ڌڻي (genius)
جا مهانڊا پڌرا هوندا آهن ۽ ڏات ڌڻي هن جو ڀاءُ، هر هنڌ ۽ هر وقت هن کي آساني سان سڃاڻي سگهي ٿو.“
والٽيئر پنهنجن پوين ڏينهن ۾ جڏهن بستري داخل ٿيو، تڏهن هڪڙو پادري مسيحي شريعت موجب مغفرت جي دعا ڪرڻ لاءِ پاڻهئي ڄاڻي وٽس لنگهي آيو. والٽيئر کلندي پڇيس ”پادري سڳورا توهان کي
ڪنهن موڪليو آهي“ پادري جواب ڏنس ته خداوند قدوس پاڻ“ اهو ٻڌي، پادري سڳورو جيئن آيو هو تيئن مغفرت جي دعا ساڻ کڻي، موٽي ويو. والٽيئر
پنهنجن گناهن بخشائڻ لاءِ پوءِ ٻيو هڪڙو پادري سڳورو پاڻ گهرايو، جنهن وري چيس ته ”پهرين پنهنجي ايمان جي قبوليت صحيح ڪري ڏي ته تون مسيحي
دين جي ڪئٿولڪ شريعت جو معتقد آهين، ته پوءِ تنهنجي گناهن جي قبوليت وٺان.“ والٽيئر کلي منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ ان جي عوض هيٺيون مختصر بيان
لکي، پنهنجي سيڪريٽري جي حوالي ڪيائين، ۽ ان کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ دم ڏنائين: ” آئون ڌڻي جي پياسي دل ۾ رکي مران ٿو، پنهنجند وستن لاءِ
محبت اٿم، ۽ دشمنن لاءِ نفرت ڪانه اٿم، ۽ آئون هر قسم جي وهم ۽ وسوسي کي ڌڪاريان ٿو (بقلم) والٽيئر 28 فيبروري 1778ع“
والٽيئر جي صحت ننڍي هوندي کان نازڪ هوندي هئي. ڄمڻ وقت هو بنهه ٽنب ماس جي هو. هن جي ماءُ کيس ڄڻيندي ئي گذاري ويئي هئي، پر هو ڪنهن طرح جي پيو ۽ سڄا سارا 84 سال جيئندور هيو-
نه رڳو جيئندو رهيو، پر سڄو وقت ڳهندو رهيو، وڙهندو رهيو، لکندو رهيون، ۽ پاڻ تي سڄي دنيا تي کل چرچا ۽ مسخريون ڪندو رهيو. هو اڪثر ڪانه ڪا
بيماري ساڻ کنيو گهمندو هو. ايتريقدر جو، هڪ موقعي تي هن کي چوڻو پيو ته اسي سالن کان وڌيڪ ڏينهن مون رڳو مرڻ ۾ ورتا آهن.“ پر، هن جي طبع
جي مک خاصيت هي هوندي هئي، جو ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به حالت ۾، ڪم کان هن گهڙي به پاڻ کي واندو نه رکيو. سندس سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ”زندگي
۾ جيڪڏهن هن ڪا ڪنجوسائي ڏيکاري هئي ته فقط پنهنجي وقت جي سلسلي ۾.“ هن جو پنهنجو چوڻ هو ته ”مصروف نه هجڻ ۽ زندهه نه رهڻ ساڳي ڳالهه
آهي.... ماڻهو سڀ چڱا آهن، سواءِ انهن جي جيڪي بيڪار ۽ ٽوٽي آهن.... جي ماڻهو چاهي ته حياتي ڪجهه گذاري جهڙي بنجي، ته کيس گهرجي ته جيترو
ٿي سگهي اوترو پاڻ کان ڪم وٺندو رهي.... جيئن عمر ۾ آئون وڌان ٿو، تيئن ڪم جي پنهنجي لاءِ وڌيڪ ضرورت محسوس ڪريان، ڪم زندگي جو نشو آهي، ڪم
ئي زندگي جي مسرت آهي.... جيڪڏهن ڪو خودڪشي ڪرڻ نٿو گهري ته هن کي سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ گهرجي.“ واقعي پنهنجي زندگي جا سٺ سال جيڪي
هن سوچن ۽ لکڻ ۾ صرف ڪيا... ”منهنجو اهو ڌنو آهي ته جو ڪجهه سوچيان سو لکان“.... انهن جي هڪ هڪ گهڙي هو ڪم ڪندو رهيو. فلسفي ۽ تاريخ جي
ڄاڻو، ول ڊيورانٽ، جو چوڻ آهي ته ”والٽيئر جي دور جو ٻيو ڪو مشڪل ماڻهو اهڙو هو، جنهن فڪر ۽ فن جي ميدان ۾ هن کان وڌيڪ محنت سان ڪم ڪيو هجي
۽ ان ۾ هن کان وڌيڪ ڪا حاصلات دنيا کي ڏني هجي. والٽيئر جي صدي (1778ع—1694ع) يورپ ۾’ڪمالات جي صدي‘ سڏجي يٿ ۽ هو ان صدي جو خالص ترين روح
۽ جوهر هو. “ فرانس جي عظيم عالم ۽ اديب، وڪٽرهوگيو جو چوڻ آهي ته ”والٽيئر جي نالي وٺڻ سان سڄي جي سڄي ارڙهين صدي جي ڪارڪردگي، معني ۽
مقصد سامهون اچي وڃن ٿا.“
والٽيئر جو خانداني نالو فرانڪوس ماري اروٽ هو، ”والٽيئر“ (جنهن جي معنيٰ ”برق“، ”شعلو“ يا ”سو“ ڪري سگهجي ٿو) هن جو ادبي نالو هو، جو هن ٽيويهن سالن جي عمر ۾ پاڻ تي رکيو هو،
جڏهن هو فرانس جي مشهور شاهي قيدخاني، باسٽيل، ۾ بند هو، شعر چوڻ ته هن لکڻ پڙهڻ سان گڏ شروع ڪيو هو، هن جو پيءُ مذهب جي معاملي ۾ پڪو
اعتقادي ڪئٿولڪ هو، پر هن جو وڏو ڀاءُ آرمنڊ، پيءَ جي ان عقيدي تان ڦري، وڃي ’جئنسيني‘ فرقي (پايو وجهندڙ: ڪارنيليس جئنسين- وفات 1638) ۾
داخل ٿيو هو، جنهن فرقي جو هي عقيد هو ته ”فطري انساني ارادو بدي ڏانهن ويندڙ هو ۽ ۾ ان ۾ نيڪي جي بنيادي اهليت ڪانه هئي: انهي ڪري جيڪڏهن
ماڻهو کي بدي کان بچڻو هو ته هن کي ان لاءِ پنهنجي فطري ارادي جي خلاف پنهنجي عمل ۾ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي. گناهن جي قبوليت يا مغرفت جو ڪو
سوال ئي ڪونه هو.“ مسيحي دين جي بنيادي عقيدي کان هن ڪفر جي پاداش ۾ ڪئٿولڪ شريعت جي ديني عدالت آرمنڊ کي پاسي جي سزا ڏني ۽ هو آخري دم
تائين پنهنجي ڳالهه تي محڪم بيٺو رهيو. پنهنجي هڪڙي دوست کي ڇينڀندي جيڪو کيس توبهه تائب ٿيڻ لاءِ چئي رهيو هو چيائين: ”جيڪڏهن تون پاڻ
سوري تي چڙهڻ نٿو گهرين، ته ڪم از م ٻين کي ته ان کان نه روڪ!“ والٽئير تي پنهنجي پي جي ڀيٽ ۾ ان پنهنجي ”باغي“ ڀاءُ جي طبيعت ۽ قرباني جو
وڌيڪ اثر هو. سو جڏهن والٽيئر جي شعربازي جي آخر هن جي پي کي خبر پئي ته تڏهن هن ”ٻئي بيوقوف پٽ“ مان به هو آسرو لاهي ويٺو ته هو ڪو دنيا ۾
ڪجهه ڪندو يا ڪنهن درجي کي پهچندو- ڇاڪاڻ ته هن جي چوڻ مطابق ”ادب ان ماڻهو جو ئي پيشو ٿي سگهي ٿو، جيڪو معاشري لاءِ بيڪار ۽ مائٽن تي بار
هجي، ۽ جنهن کي زندگي ۽ بک وگهي مرڻو هجي...“ شايد فرانس ۾، اسان جي اڄوڪي سنڌ وانگر ان زماني ۾ ادب جي ڪجهه اها ڪيفيت ۽ اديبن جو ڪجهه
اهوئي حال هوندو هو!
هوڏانهن عجب جهڙي ڳالهه هي ته پئرس کان ٻاهر سندن اباڻي ڳوٺ ۾ رهندڙ ان زماني جي هڪ مشهور ميلاني رقاصه نني انڪلاس، هن ”ڇوڪري آروٽ“ جي غير رواجي ذهن ۽ ذوق کان ايتري ته متاثر
ٿي، جو مرڻ وقت پنهنجي وصيت ۾ ٻه هزار ”فرئنڪ“ هن جي تعليم ۽ پسند جي ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويئي. هن جي پهرين استادن ۾ هڪڙو گهڻ ڄاڻ قسم
جو پادري، جيروم ڪونارڊ نالي، چيو وڃي ٿو، جنهن هن کي انجيل جون آيتون ته سيکاريون پر انهن بابت هن جي دل ۾ ڪيترا شڪ به جاڳائي ڇڏيا. هن جي
اعليٰ تعليم ”جيسوئي“[2]
استادن جي هن ۾ ٿي، جن هن کي ”علم ڪلام“ ۾ اهڙو ڀڙ ڪري ڇڏيو، جو خود انهن وانگر هو ڪنهن ڳالهه جي ثابت ڪرڻ تي ايندو هو ته هر ڳالهه ثابت
ڪري ڇڏيندو هو. يعني، ايمانم، اعتقاد، يا تقليد جنهن جو نالو، سو هن ۾ نه رهيو، بلڪ هر ڳالهه تي شڪ ڪرڻ هن جي عادت بنجي وئي. رڳو پيو دليل
دلائل ڏيندو هو. ٻيا هن جي هم عمر ڇوڪرا پيا رانديون ڪندا هئا ته هو ڪلاسن ۾ ويٺو استادن ۽ عالمن سان شرعي ۽ فقهي مسئلن تي بحث ڪندو هو.
رات جو دير دير سان گهر اچڻ ۽ شهر جي آزاد ماڻهن جي سنگ ۾ اٿڻ ويهڻ هن جو دستور بنجي ويو. هن جي پي سندس استاد صاحبن سان صلاح ڪئي، جن به
هن لاءِ ڪو کيس سٺو سرٽيفڪيٽ ڪونه ڏنو چي ڏاڍو هوشيار ۽ تيز فهم آهي پر گهڻي رول طبع اٿس.“ نيٺ پڻس، ڪڪ ٿي، پري ٻئي هنڌ ڪٿي رهندڙ پنهنجي
هڪڙي سخت مزاج مائٽ وٽ موڪلي ڏنس، ته جيئن اتي ”پرديس“ ۾ هن وٽ هو قيد ۾ ٻڌو رهي. پر هن پنهنجي ان جيلر کي پنهنجي عقلمندي ۽ چتر زباني سان
ايترو ته موهت ڪري ڇڏيو جو نه رڳو هن مٿانس سڄي چوڪسي هٽائي ڇڏي، پر هن جي ڳالهين ۾ هن جو هو پاسو وڍي بييه رهيو! پڻس لاچار ٿي، اتان به
کيس گهرائي، هالينڊ جي فرينچ سفير کي منٿ ڪري ته هو مٿس ڪرڙي نظر رکندو، هن جي اٽالي ۾ هن کي ڪا جاءِ ڏياري، مرڳو فرانس مان ئي ٻاهر موڪلي
ڇڏيس. پر ترت ئي اتي وري هڪ معمولي ڇوڪري سان عشق ۾ ڦاسي پيو، ان لاءِ دلگداز نظم لکندو رهيو، ان کي خطن مٿان خط لکندو رهيو ۽ ڏينهن رات
لڪي لڪي ان سان ملاقاتون ڪندو رهيو. نيٺ ڳالهه ڦاٽي پيئي ۽ بدنامي ٿي، ۽ ههڙي ”غير ذميدار سفارتي عملدار“ کي ٿڙا مٿي تي ٻڌائي، هڪدم واپس
پئرس ڏياري موڪليائون.
|