باب اٺون
ڪيونيگونڊي جي ڪهاڻي
ڪيونيگونڊي پنهنجو احوال هن ريت شروع ڪيو: ”تنهن رات آءٌ گهري ننڊ ۾ هيس، ته خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي، جو بلگيريا وارن اسان جي شاندار محلات، ٿنڊر ٽين ٽرنڪ، تي اوچتو حملو ڪري ڏنو.
هنن منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ منهنجي ماءُ کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. آءٌ انهي گوڙ گهمسان تي جاڳي پيس، ۽ قتل ۽ خونريزي
ڏسي، دهشت ۽ صدمي جي ڪري، بيهوش ٿي ويس. ان جو فائدو وٺي، هڪڙي قداور ۽ مضبوط بليگريا سپاهي منهنجي عزت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سان
آءٌ هوش ۾ اچي ويس، ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪيم، ۽ انهي هيبتناڪ بليگيريائي سپاهي کي لتون هنيم، ڏندن سان چڪ پاتم، ننهن سان
رانڀوٽا هنيم ۽ وس پڄندي هر طرح جو مقابلو ڪيم، دل ۾ چيو ته جيڪر سندس ٻئي اکيون پٽي ڪڍي وٺان. پر مون کي اها خبر ڪانه هئي ته منهنجي پيءُ
جي قلعي اندر ان وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو ڪو ايتريقدر معمولي هو. هن حيوان منهنجي کاٻي ران تي چاقو وهائي ڪڍيو—جنهن جو نشان اڃا تائين
بيٺو آهي.“
”اوهه! مون کي ته ڏيکار، ڪٿي آهي اهو نشان!“
ڪئنڊيڊ سادگي سان رڙ ڪندي چيو.
”پوءِ ڏيکارينديسانءِ. پهرين مون کي ڳالهه ڪرڻ ڏي.“ ڪيونيگونڊيءَ وراڻيو.
”چڱو ڀلا، ٻڌاءِ.“ ڪئنڊيڊ چيو.
ڪيونيگونڊي ٻڌائڻ شروع ڪيو:
”ايتري ۾، اتفاق سان هڪڙو بلگيريائي ڪئپڻ اچي اتي نڪتو. هن مون کي رت ۾ ٻڏل ڏٺو، اهڙي حالت ۾، جو سپاهي منهنجي مٿان سوار هو، ۽ڪئپٽن جي اچڻ کي خيال ۾ نه آڻي، کيس سلام به نه
ڪيائين. ڪئپڻ کي پنهنجي انهي بيعزتي تي سخت ڪاوڙ لڳي، ۽ تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان سپاهي جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين. پوءِ انهي ڪيپٽن
منهنجي حفاظت ڪئي، ۽ ملم پٽي ڪرائي، جنگي قيدي طور، مون کي پنهنجي جڳهه تي وٺي آيو. آءٌ اتي سندس ڪپڙن ڌوئڻ ۽ کاڌي تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندي
رهيس. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هو مون کي تمام خوبصورت سمجهندو هو، ۽ آءٌ اها ڳالهه به قبول ٿي ڪريان ته هو به قداور ۽ سهڻو هو. سندس بدن نرم
۽ رنگ صاف هو، پر هو ايڏو عقلمند ۽ فلسفي جي چاڻ رکڻ وارو نه هو،. ظاهر آهي ته هن ڊاڪٽر پئنگلاس وٽان ڪا سکيا ڪانه ورتي هئي. ٽن مهينن اندر
سندس بچت ڪري رکيل رقم کپي ويئي ، تڏهن، نيٺ مون مان تنگ ٿي، هن مون کي ڊان اساچر نالي هڪ يهودي هٿ وڪڻي ڇڏيو. انهي يهودي جو هالينڊ ۽
پورچوگال سان ڏيساوري واپار هلندو هو، ۽ هو خاص ڪري عورتن جو گهڻو شوقين هو. هو انهي اميد تي مون سان مهربانيي جي ڪري هلت هلندو رهيو ته
آءٌ ساڻس راضي ٿينديس، پر ان ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيو، ڀلگيريائي سپاهي کان وڌيڪ آساني سان مون هن کي پاڻ کان پري رکيو. هڪ پاڪدامن عورت جي
هڪ ڀيرو آبرو ريزي ته ڪري سگهجي ٿي، پر ان سان هن جي ڪردار ۾ ڪمزوري بدران وڌيڪ مضبوطي پيدا ٿي پوي ٿي. منهنجي چڱي طرح نگراني ڪرڻ ۽ مون کي
آساني سان راضي ڪرڻ خاطر، اهو يهودي مون کي ٻهراڙي جي هن محلات ۾ وٺي آيو، جتي اسين هينئر ويٺا آهيون. هن کان اڳ آءٌ سمجهندي هيس ته اسان
جي ٿنڊر ٽين ٽرنڪ جهڙو شاندار محل ڪو روءِ زمين تي ڪونه هوندو، پر هي شاهي عمارت ڏسي محسوس ڪيو اٿم ته آ ءُ غلطيءِ تي هيس.
” هڪڙي ڏينهن گرجا ۾، عبادت جي موقعي تي، ڪليسا جي وڏي ڀشپ جي نظر مون تي پئجي ويئي، ۽ هو سمورو وقت مون کي گهوريندو رهيو. عبادت جي مهل ختم ٿيڻ کان پوءِ هن مون کي چوائي موڪليو
ته کيس ڪنهن ضروري معاملي ۾ مون سان اڪيلائي ۾ ملڻو آهي. پوءِ مون کي سندس محلات ۾ وٺي ايا، جتي ڪليسا جي وڏي ڀشپ مون کان پنهنجي واقفيت
وٺندي حسب نسب دريافت ڪيو. مون کيس جڏهن پنهنجي خاندان کان واقف ڪيو ته هن سخت افسوس ظاهر ڪندي، مون کي چيو ته ايتريقدر اعليٰ خاندان مان
يٿ ڪري، هڪ يهودي جي ملڪيت ٿي رهڻ تنهنجي شان جي خلاف آهي. پوءِ هن ڊان اساچر يهودي ڏانهن چوائي مڪو ته هو مون تان هٿ کڻي ڇڏي ۽ رضامندي
سان منهنجي ٻانهن سندس مقدس خدمت ۾ پيش ڪري. پر ڊان اساچر يهودي به چڱي پهچ وارو ۽ درٻار ۾ رسوخ رکندڙ ماڻهو هو، سو کيس راضي ڪرڻ ڪو سٿرو
ڪم ڪونه هو. پهرين ته هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو، پر جڏهن ڪليسا جي وڏي ڀشپ کيس اها ڌمڪي ڏني ته هو مٿس اعتقادي ڪارروائي ڪري، قرباني واري رسم
جي موقعي تي کيس جيئرو جلائي ڇڏيندو، تڏهن هو البت نرم ٿيو، ۽ ٺاهه ڪرڻ تي رضامند ٿيو. نيٺ ٻنهي جي وچ ۾ اهو سودو ٿيو ته آءٌ ۽ هي محل،
يهودي اساچر ۽ ڪليسا جي ڀشپ ٻنهي جي گڏيل ملڪيت سمجهي ويندي، ۽ سومر، اربع ۽ ڇنڇر جا ڏينهن يهودي هن محل ۾ اچي سگهندو. ۽ باقي ڏينهن ڪليسا
جي وڏي ڀشپ جا ٿيندا. انيه ٺاهه کي ڇهه مهينا ٿي چڪا آهن، پر ٻنهي ڄڻن ۾ هن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ٻنهي
مانهن ڪنهن کي ملي. ان جو نبيرو اڃا ٿي نه سگهيو آهي، ۽ انهي ڪري آءٌ اڃا ٻنهي کان بچيل آهيان. اهوئي سبب آهي، جو ٻيئي ڄڻا اڃا منهنجي محبت
۾ گرفتار آهن.
”ان وچ ۾ زلزلن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ۽ يهودي کي ڊيڄارڻ خاطر ڪليسا جي وڏي ڀشپ نيٺ قرباني واري رسم ادا ڪرڻ جوبندوبست ڪيو، ۽ ان موقعي تي مون کي حاضر ٿيڻ جي دعوت ڏئي، منهنجي
عزت افزائي ڪيائين. مون کي عورتن واري حصي ۾ خاص ۽ شاندار جڳهه تي ويهاريو ويو، ۽ قرباني جي رسم ادا ٿيڻ وقت عورتن ۾ سٺا طعام ۽ شربت تقسيم
ڪيا ويا. سچ پچ ته مون تي سخت هيبت طاري ٿي ويئي ۽ منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا جڏهن مون ٻن يهودين کي ۽ پوءِ ان بسڪائي کي باهه ۾ سڙندو ڏٺو،
جنهن پنهنجي روحاني ماءُ سان شادي ڪئي هئي. پر ان وقت منهنجي حيرت ۽ بيچيني جي حد ئي نه رهي، جڏهن هوبهو استاد پئنگلاس جهڙي هڪ شخص کي
قرباني جي رسم وارا ڪپڙا ۽ ٽوپي پهريل ڏٺم! مون بار بار اکيون مهٽي، چتائي، غور سان ڏٺو--- تان ڏٺم ته اهو برابر استاد پئنگلاس ئي هو، جنهن
کي ڦاسي ڏني ويئي. آءٌ اهو ڏسي غش ٿي ويس، ۽ اڃا مس هوش ۾ آيس، ته توکي اگهاڙي بت سان بيٺل ڏٺم، تنهنجي اگهاڙي پٺي تي چهبڪ هنيا ويا. تون
اندازو ڪري سگهين ٿو ته مون کي اهو ڏسي ڪيڏو نه عذاب ٿيو هوندو! منهنجي ڏک ۽ بيوسي جي انتها ٿي ويئي. پر هڪڙي ڳالهه ضرور چونديس—تنهنجو بدن
بلگيريائي ڪئپٽن کان گهڻو نرم، ۽ تنهنجي چمڙي جو رنگ ان کان گهڻو صاف ۽ کليل آهي. خير، مون کي انهي دردناڪ نظاري ديوانو ڪري ڇڏيو. آءٌ رڙ
ڪرڻ تي هيس- ’اي ظالمو، وحيسو، اهڙو قهر نه ڪريو!‘—پر منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي هئي، ۽ ڳالهائڻ جي طاقت جواب ڏيئي چڪي هئي. هونئن به، منهنجون
دانهون ۽ ڪوڪون ڀلا ڪهڙي ڪم جون ٿين ها؟ جڏهن توکي چهبڪ هڻي چڪا تڏهن مون دل ۾ ويچاريو: ’ منهنجو پيارو ڪئنڊيڊ ۽ ڏاهو پئنگلاس هتي لزبن ۾
ڪيئن اچي نڪتا؟ هڪڙو انهي لاءِ ته ان کي هڪ سئو چهبڪ اگهاڙي پٺي تي لڳايا وڃن، ۽ ٻيو انهي لاءِ ته کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي، سو به ڪليسا
جي انهي وڏي ڀشپ جي حڪم سان، جيڪو منهنجي محبت ۾ گرفتار آهي، استاد پئنگلاس مون کي ائين ٻڌائي وڏو ظلم ۽ دوکو ڪيو هو ته دنيا ۾ هرڪا ڳالهه
چڱا.ئي لاءِ آهي.‘
”تون اندازو لڳاءِ ته آءٌ ڪهڙيءَ نه بدحواسي جي حالت ۾ هونديس! ان وقت سمورا گذريل واقعا منهنجي ذهن ۾ تري آيا: پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ جو قتل ٿيڻ، بلگيريائي سپاهيءَ جي ڪميڻائپ ۽
منهنجي سٿر کي زخمي ڪرڻ، تنهن کان پوءِ بلگيريائي ڪئپٽن جي غلام ٿيڻ ۽ سندس بورچياڻي ٿي رهڻ، تنهن کانپوءِ خبيث يهوديءَ ۽ ظالم ڪليسائي ڀشپ
جي قبضي ۾ اچڻ، تنهن کانپوءِ پئنگلاس جهڙي ڏانهن انسان کي ڦاسي تي لٽڪندو ڏسڻ، ۽ وري اهو عبادت جو مقدس راڳ ٻڌڻ، جنهن سان گڏ توکي چهبڪ
لڳندا رهيا—اهي سڀ واقعا هڪٻئي پويان منهنجين اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. پر هي سمورا ڏينهن سڀ کان وڌيڪ منهنجي ذهن ۾ اهو واقعو ڦرندو رهيو، جڏهن
ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جي قلعي ۾، پڙدي پويا، تو اخري ڀيرو مون کي چمي ڏني هئي. توکي ٻيهر ڏسي، مون خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنهن بيشمار آزماشن کان پوءِ
توکي انهي هنڌ آڻي ڪڍيو، جتي آءٌ هيس. پوءِ مون پنهنجي ملازم ٻڍڙي کي اهو ڪم سونپيو ته هوءُ تنهنجي سنڀال ڪري، ۽ جڏهن تنهنجي حالت بهتر
ٿئي، تڏهن مون وٽ وٺي اچي. هن اهو فرض چڱي ريت ادا ڪيو، ۽ نيٺ اسان وڇڙين کي ملايو. توکي پنهنجي سامهون ڏسي، توسان ڳالهائي ۽ تنهنجون
ڳالهيون ٻڌي مون کي جيڪا خوشي راحت محسوس ٿي رهي آيه تنهن منهنجي من تان چنتائون مٽائي ڇڏيون آهن .هاڻي، پهرين اچ ماني کائون--- تون به
بکيو هونديون، مون کي به بک لڳي آهي.“
ٻنهي ڄڻن رات جي ماني کاڌي، ۽ وري به ساڳيا ڪوچ تي اچي ويٺا. هنن پنهنجون پيار ڀريون ڳالهيون پئي ڪيون، ته ايتري ۾ ڊان اساچر يهودي، گهر جو هڪڙو مالڪ، اندر داخل ٿيو. اهو ڇنڇر
جو ڏينهن هو، تنهنڪري مقرر ڪيل واري موجب، هو پنهنجي محبت جا جذبا ظاهر ڪرڻ آيو هو.
باب نائون
ڪيونيگونڊيءَ ۽ ڪئنڊيڊ ڪليسائي ڀشپ ۽ يهوديءَ جو اڳتي احوال
بابل جي غلامي واري زماني کان وٺي، ڊان اساچر جهڙو سخت مزاج وارو يهودي ڪونه پيدا ٿيو. هن جڏهن ڪئنڊيڊ کي ڪيونيگونڊي سان گڏ ويٺل ڏٺو، تڏهن ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو، ۽ رڙ ڪري چيائين:
”ذليل ڪتي، ڪليسا جو وڏو ڀشپ تنهنجي لاءِ ڪافي نه هو، جو هي نئون بدمعاش پاڻ وٽ ويهاري ويٺي آهين!“
ائين چئي، هن هڪدم خنجر ڪڍيو، جيڪو هو سدائين پاڻ سان گڏ کڻندو هو، ۽ اهو سوچڻ بنا ته اڳلي وٽ به ڪو هٿيار آهي يا نه، ڪئنڊيڊ تيزي سان حملو ڪري ڏنائين. دراصل جڏهن ٻڍڙي ڪئنڊيڊ
کي ڪپڙن جو نئون وڳو ڏنو هو. تڏهن ان سان گڏ هڪڙي تيز تلوار به کيس ڏني هئائين. ڪئنڊيڊ جيتوڻيڪ نهايت ئي نيڪدل ۽ نرم طبيعت وارو هو، پر
موقعي جي نزاڪت کي ڏسندي، هن به پنهنجي تلوار ڪڍي، ۽ اکڇنڀ ۾ يهودي جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. يهودي ڪيونيگونڊي جي پيرن وٽ، فرش تي ڍير ٿي
ڪري پيو.
ڪيونيگونڊي تي دهشت ڇانئجي ويئي، ۽ ڊپ وچان رڙ ڪيائين: ”هاڻي ڇا ٿيندو! منهنجي گهر ۾ خون! جيڪڏهن پوليس اچي ويئي ته اسان ٻنهي جو خير ڪونهي!“
ڪئنڊيڊ چيو: ”جيڪڏهن پئنگلاس حيات هجي ها ته ههڙي نازڪ وقت ۾ اسان کي ڪا عمدي صلاح ڏئي ها،ڇاڪاڻ ته هو دنيا جو وڏي ۾ وڏو داناءَ انسان هو. پر جڏهن هو ڪونهي ته تڏهن اچ ته هاڻي
ٻڍڙي کان ئي ڪو مشورو وٺون.“
ٻڍڙي تمام ڏاهي ۽ تجريبڪار هئي. هن اڃا پنهنجي ڪابه راءِ ڪانه ڏني هئي ته ايتري ۾ ٻئي پاسي کان ڳجهو دروازو کليو. ان وقت اڌ رات جي مهل ٿي هئي، ۽ ڇنڇر جو ڏينهن پورو ٿي چڪو هو،
هاڻي ڪليسا جي وڏي ڀشپ جو وارو شروع هو. هو اندر داخل ٿيو، ۽ ڏٺائين ته ڪئنڊيڊ، جنهن کي هن چهبڪ هڻايا هئا، سو هٿ ۾ اگهاڙي تلوار جهليو
بيٺو هو، ۽ فرش تي رت ٻڏل لاش پيو هو، ڪيونيگونڊي سخت گهٻرايل هئي، ۽ ٻڍڙي کين ڪو مشورو ڏيئي رهي هئي.
ڪئنڊيڊ لاءِ اهو بيحد سخت ۽ نازڪ موقعو هو. ڪئين خيال سندس دل ۽ دماغ کي ورائي ويا. کيس فورن ڪنهن فيصلي تي پهچڻو هو. وقت وڃائڻ بنان، هن تيزي سان سوچڻ شروع ڪيو. هن جي خيال ۾
هڪدم هيٺيان دليل اچي ويا: ’جيڪڏهن ڪليسا جو وڏو پادري هن وقت مدد لاءِواڪا ڪندو ته اسين پڪ سان پڪڙجي پونداسين، پوءِ پڪ سان مون کي باهه ۾
ساڙيو ويندو، ۽ ڪيونيگونڊي سان به اهڙو ئي حال ٿيندو.... اهوئي شخص آهي جنهن جي حڪم سان مون کي چهبڪ لڳا هئا ۽ اهوئي شخص منهنجو رقيب به
آهي.... تلوار منهنجي هٿ ۾ آهي، ۽ هڪڙي شخص کي قتل ڪري ويٺو آهيان... رت ۾ هٿ اڳي ئي رڱجي چڪا آهن، تڏهن هاڻي پس پيش ڪرڻ فضول آهي... .وڌيڪ
ويچارڻ جو وقت ڪونهي......‘.
ڪئنڊيڊ هڪ گهڙي اندر فيصلو ڪري ورتو، ۽ ٻي گهڙي، جيستائين ڪليسائي ڀشپ اڃا حيران ٿي بيٺو ئي هو، ته تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن کي پورو ڪري ڇڏيائين.
ڪيونيگونڊي کان رڙ نڪري ويئي،. ”هي ٻيو خون! هاڻي اسان جو خير ڪونهي. مون اکين سان پيو ڏسجي. پر، ڪئنڊيڊ مون کي حيرت آهي ته تو جهڙي نرم دل شخص ڪيئن هڪڙي ساعت ۾ ٻن ماڻهن کي قتل
ڪري ڇڏيو! تو ۾ اهڙي همت ڪٿان آئي.“
منهنجي پياري، محبت ڪرڻ وارو شخص نتيجي کان بيپرواهه هوندو آهي---سو به جڏهن رقيب سندس اڳيان هجي، ۽ جڏهن کيس بيگناهه چهبڪن سان ماريو ويو هجي.!“
ٻڍڙي کين بروقت مشورو ڏنو ته ”طبيلي ۾ ٽي ڀلا عربي گهوڙا ٻڌا بيٺا اهن، سنج ۽ لغام سڀ موجود آهن. اسان کي وقت نه وڃائڻ کپي، ۽ جلد ئي هتان نڪري ڪئنڊز شهر ڏانهن روانو ٿي وڃڻ
کپي. ڪئنڊيڊ تون وڃي گهوڙا سنجي تيار ڪر. ڪيونيگونڊي تون تيستائين پنهنجا هيرا جواهر هٿيڪار ڪر. آءٌ جيتوڻيڪ گهڙي تي هڪ ٻنڊڻ سان ويهي
سگهنديس ۽ تڪليف ٿينديم، پر تڏهن به اوهان سان گڏ هلنديس. موسم تمام چڱي آهي، ۽ رات جي اونداهي ۾ سفر ڪرڻ اسان لاءِ فائدي وارو ٿيندو.“
ڪئنڊيڊ هڪدم گهوڙا تيار ڪري ورتا، ۽ ٽيئي ڄڻا انهي تي چڙهي اٿي هليا. هو يڪساهي ٽِيهه ميل پنڌ ڪري ويا. هوڏانهن، سندن وڃڻ کان ٿورو ئي پوءِ، پوليس واردات تي پهچي ويئي. ڪليسا جي
وڏي ڀشپ کي احترام سان شاندار ديول ۾ دفن ڪيائون، ۽ ڊان اساچر يهودي جي لاش کي اروڙي تي اڇلي ڇڏيائون. ان وچ ۾ ڪئنڊيڊ ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي
اواسينا (Avacena)
جي ننڍي شهر تائين پهچي ويا، جو سيرا مورينا
(Sierra Morena)
ٽڪرين جي وچ ۾ آهي اتي هو هڪ مسافر خاني ۾ وڃي ترسيا.
باب ڏهون
ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي جو ڪئڊز
شهر ۾ پهچڻ، ۽ سامونڊي جهاز ۾ ”نيئن دنيا“ ڏانهن روانو ٿيڻ
ٻئي ڏينهن هو ڪئڊز ڏانهن رواني ٿيڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳا. پنهنجو سامان ساريندي، ڪيونيگونڊي اوچتو رڙ ڪئي: “هي ڇا، منهنجا زيور ۽ جواهر ته آهن ئي ڪين! الائي ڪنهن تڳائي ورتا، هاڻي
اسين ڪيئن گذاري سگهنداسين؟ وري ڪو يهودي ۽ ڪليسا جو ڀشپ ڪٿان ايندو، جو اهڙا قيمتي هيرا جواهر مون کي ڏئي.!“
ڪيونيگونڊي ائين چئي روئڻ لڳي. ٻڍڙي چيو: اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي. منهنجو شڪ انهي بزرگ صورت راهب تي آهي، جيڪو ڪلهه ’باداجوز‘ واري مسافر خاني ۾ اسان سان گڏ ترسيل هو. ڪنهن
تي ناحق الزام هڻڻ نه کپي، پر مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هو ٻه ڀيرا اسان جي ڪمري ۾ ايو هو، ۽ اسان جي نڪرڻ کان گهڻو اڳ هو اتان روانو ٿي
ويو هو.“
ڪئنڊيڊ چوڻ لڳو: ”استاد پئنگلاس مون کي سدائين اهو سمجهائيندو هو ته دنيا سموريون شيون، سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت آهن، ۽ سڀني کي انهن جي استعمال جو هڪجيترو حق آهي. پر انهي
اصول موجب ته راهب کي کپي ها ته هو ايترو ثمر اسان لاءِ ڇڏي وڃي ها. جو اسين ان مان رڳو پنهنجو سفر پورو ڪري سگهون ها. ڇا، پياري
ڪيونيگونڊي هن اسان لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيو آهي؟“------
”هڪڙي ڪوڏي به ڪانه بچي آهي!“
”پوءِ هاڻي ڇا ٿيندو؟“
ٻڍڙي صلاح ڏني ته ”هڪڙو گهوڙو وڪڻي ڇڏجي. جيتوڻيڪ مون کي ويهڻ لاءِ هڪڙو ئي ٻُنڊڻ آهي، پر آئون ڪيونيگونڊي سان گڏ، گهوڙي تي سندس پويان چڙهي پونديس. اسان کي ڪنهن به ريت ڪئڊز
پهچڻ کپي.“
انهي سراءِ ۾ ڪنهن خانقاهه جو راهب ترسيل هو، جنهن ڪئنڊيڊ کان گهوڙو خريد ڪيو. مجبوري حالت م ڪري، ڪئنڊيڊ کي گهوڙو سستو وڪڻڻو پيو.
آخرڪار، ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙي مسافري ڪندا، ليوسينا، چيلاس، ۽ ليبريڪسا شهرن مان ٿيندا، اچي ڪئنڊز ۾ پهتا. ان وقت اتي پيراگوئي جي ڪئٿولڪ پادرين کي سکيت ڏيڻ لاءِ جنگي
آڙماڙ پئي تيار ڪيو ويو ۽ فوج جي عام ڀرتي شروع هئي. مٿن اها تهمت هئي ته هنن سئڪرامينٽ شهر جي ڀر واري هڪ قبيلي کي اسپين ۽ پورچوگال جي
بادشاهن خلاف بلوي ڪرڻ تي آڀاريو هو. ڪئنڊيڊ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ۽ انهيءُ مختصر فوج جي ڪمانڊر اڳيان وڃي حاضر ٿيو. کيس بلگيريائي
فوج ۾ رهڻ جو اڳ ئي آزمودو هو. تنهنڪري فوجي مشق ۾ سندس ڦڙتي ۽ لياقت کان اهو ڪمانڊر ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس هڪڙي پيادل دستي جو سالار مقرر
ڪيائين. انهيءَ عهدي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڪيونيگونڊي ۽ ٻڍڙيکي ساڻ ڪري، هو جهاز ۾ سوار ٿيو، هن پاڻ سان ٻه خدمتگار به کنيا، ۽ اهي ٻئي گهوڙا
به، جيڪي اڳي ڪليسا جي وڏي پادري جي ملڪيت هئا.
سمنڊ جي مزيدار مسافري ڪندا، هو اڪثر ڊاڪٽر پئنگلاس ۽ سندس فلسفي بابت ڳالهيون ڪندا رهيا.
ڪئنڊيڊ چيو: ” هاڻي اسين هڪ ٻي دنيا ۾ هلي رهيا آهيون، مون کي پڪ آهي ته اها اهڙي دنيا هوندي، جتي جي هر شيءِ بهترين هوندي، ڇو ته مون کي اها ڳالهه قبول ڪرڻي ٿي پوي ته اسان جي
هن دنيا ۾ ڏاڍيون افسوسناڪ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ۽ اسنا کي هتي جي مادي توڙي اخلاقي ڪمزورين جو ڪڙو تجربو ٿيو آهي.“
ڪيونيگونڊي چيو: ” جيتوڻيڪ مون کي توسان سچي محبت آهي، پر ان لاءِ مون کي هيستائين جيڪي مصيبتون ڀوڳڻيون پيون آهن، تن جي خيال اچڻ سان هيئنر به منهنجي دل ٿي ڏڪي.“
ڪئنڊيڊ کيس آٿت ڏيندي چيو: ”گهٻراءِ نه پياري، هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. ڏس، هن دنيا جو سمنڊ يورپ جي سمنڊن کان ڪيتريقدر بهتر آهي، هي وڌيڪ پرسڪون آهي، ۽ هيءَ هوا به وڌڪ
سازگار آهي. يقين ڄاڻ ته اها نئين دنيا ئي سڀني دنيائن ۾ بهترين امڪاني دنيا آهي.“
”خدا ڪري ته ائين ئي هجي!“ ڪيونيگونڊي وراڻيو. ”پر اسان جي دنيا ۾ مون سان اهڙو بدترين سلوڪ ٿيو آهي، جو آءٌ ڪنهن بهترين دنيا جي امڪان کان صفا نااميد ٿي چڪي آهيان.“
]بابت
يارهين ۾ والٽيئر ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ٻيو ڀيرو ڪئنڊيڊ کان ڪيونيگونڊي جدا ٿي ويئي، ڪئين هن کي آمريڪا ڏانهن ڀڄي وڃڻو پيو، جتي پنهنجي خادم
ڪئڪامبو سان گڏجي هو الڊوراڊو ملڪ ۾ ويو، ڪئين هن کي ان ملڪ مان قيمتي چمڪندڙ هيرا هٿ آيا، جن سان هن جي قسمت وري ڦيرو کاڌو، ڪيئن هن جي
فيلسوف مارٽن سان ملاقات ٿي ۽ هن کي پاڻ سان گڏ کنيائين، جيڪو اهڙو ئي نراشاوادي هو جهڙو پئنگلاس آشاوادي هو، ۽ ڪيئن آخرڪار هو، ڪيونيگونڊي
جي تلاش ۾، موٽي يورپ آيو.] |