باب چوڏهون
ڪئنڊيڊ
جو قسطنطنيہ ڏانهن سامونڊي سفر
وفادار ڪئڪامبو اڳئي انهي جهاز جي ترڪ ڪپتان کي جيڪو سلطان احمد کي واپس قسطنطنيہ وٺي وڃي رهيو هو، انهي ڳالهه تي آماده ڪري چڪو هو ته هو انهي جهاز ۾ ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن کي به کڻي
هلي. ٻئي ڄڻا جڏهن جهاز تي چڙهيا، تڏهن پهريائين هنن ان تڙيل اعليٰ حضرت آڏو جهڪي سجدا ڪيا. جنهن مهل ڪئنڊيڊ جهاز تي چڙهي رهيو هو تنهن مهل
هن مارٽن کي چيو اسان تخت تان لاٿل ڇهن بادشاهن سان گڏجي رات جي ماني کاڌي هئي وري انهيکان وڏي ڳالهه ته انهن ۾ هڪڙواهڙو به هو، جنهن کي
مون خيرات ڏني، شايد اڃا به ڪي اهڙا ٻيا شهزادا موجود هوندا، جيڪي انهن کان به زياده بدنصيب هجن. منهنجي قسمت ۾ ته فقط ايتري مصيبت آئي
آهي، جو مون هڪ سئو رڍون وڃايون آهن، ۽ هاڻي واري پنهنجي پياري ڪيونيگونڊي جي ڀاڪر ۾ وڃي رهيو آهيان. منهنجا عزيز مارٽن، آئون ته اڃا به
ايئن ئي چوندس ته پئنگلاس صحيح هو، ڇاڪاڻ ته سنڀي ڪمن ۾ چڱائي هوندي آهي.“
”ڪاش ائين هجي ها! مارٽن چيو.
”پر يار“ ڪئنڊيڊ چيو اسان کي وينس ۾ جيڪو واقعو درپيش آيو، سو ڪجهه قدر رومانوي نوعيت رکي ٿو. اهڙي ڳالهه ته اڳي ڪڏهن به نه ٻڌي وئي ۽ نه ڏٺي وئي ته تخت تان لٿل ڇهه بادشاهه هڪ
ئي عامياني قسم جي مسافرخاني ۾ گڏجي وڃي هڪ ئي ميز تي ماني کائين.“
” اها ڳالهه انهن ڳالهين کان ڪا وڌيڪ غيرمعمولي ناهي.“ مارٽن چيو، ”جيڪي هن وقت تائين اسان جي سامون اچي چڪيون آهن، بادشاهن جو تخت تان لهڻ انهن جي لاءِ هڪ معمولي ۽ عام رواجي
ڳالهه آهي، باقي جيسين اسان جي لاءِ انهن سان گڏجي ويهي ماني کائڻ ۾ عزت جي ڳالهه آهي، ته اها اهڙي ته خسيس ۽ معمولي ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن
توجهه جي لائق ئي ڪانهي.“
ڪئنڊيڊ جهاز تي اڃا چڙهيو ئي مس هو ته ڊوڙي وڃي پنهنجي پراڻي وفادار نوڪر، ڪئڪامبو جي ڪنڌ تي چڙهيو چڱو ڀلا، هن چيو، ”ڪيونيگونڊي جو ڪهڙو حال احوال آهي؟ ڇا، هوءَ اڃا به حسن ۽
خوبصورتي جو اهوئي معجزو آهي؟ ڇا، هوءَ اڃا به مون سان محبت ڪري ٿي؟ هوءَ آهي ڪئين، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي، تو هن لاءِ قسطنطنيہ ۾ ضرور ڪو
محل خريد ڪيو هوندو؟
”منهنجا پيارا آقا“ ڪئڪامبو جواب ڏنو، ”ڪيونيگونڊي اڄ ڪلهه هڪ شهزادي جي
لاءِ پروپونٽرز ندي جي ڪپن تي ويهي ٿالهيون ڌوئيني اهي، جنهن وٽ ڌوئارڻ لاءِ تمام ٿوريون ٿالهيون آهن، هو هڪ قديم زماني جي خودمختار
بادشاهه نالي راغوتسڪي جي گهر جي ٻانهي آهي، جنهنکي ترڪ اعظم نظربندي ۾ گذاري ڪرڻ لاءِ وظيفي طور ٽي ڪرائون روزانو ڏئي ٿو. پر جيڪا ڳالهه
سڀ کان وڌيڪ ڏهڪائيندڙ ۽ خراب آهي، سا اها آهي ته هوءَ نهايت بدصورت ۽ ڊيڄاريندڙ شڪل واري ٿي پيئي آهي.“
”ٺيڪ، ٺيڪ، سهڻي هجي خواهه بڇڙي“ ڪئنڊيڊ چيو، ”آئون عزت وارو ماڻهو آهيان، ۽ منهنجو فرض آهي ته آءٌ هن سان اڃا به پيار ۽ محبت ڪريان. پر اهو ته ٻڌاءِ ته هوءَ اهڙي مسڪين حالت کي
پهتي ڪئين؟ تون ته هن جي لاءِ ساٺيڪو لک کڻي روانو ٿيو هئين؟“
”چڱو ڀلا“ ڪئڪامبو چيو، ”پهرين ٻڌايو ته ڇا، آءٌ بيوناس آيريس جي گورنر سائنور ڊان فرنئنڊس ڊي اوبيرا وفگيورو وئيسڪرينس ولئمپورڊوس وسوزا کي مس ڪيونيگونڊي کي واپس وٺي وڃڻ جي
اجازت ڏيڻ لاءِ ويهه لک نه ڏيان ها؟ ۽ ڇا هڪ بحري قزاق اسان کي باقي يو سڄو مال ڦري نه ويو؟ ۽ ڇا اهو قزاق اسان کي راس مئٽاپان ڏانهن نه
کڻي ويو، ۽ اتان کان وري اسان کي مائيلو، نڪارپا، ساموس، دره دانيال، مارمورا ۽ سڪوتري ڏانهن نه کڻي آيو ۽ ڇا هاڻي ڪيونيگونڊي ۽ پوڙهي انهي
شهزادي جون نوڪرياڻيون نه آهن، جن جو مون اوهان کي بيان ڪري ٻڌايو، ۽ آءٌ تخت تان لٿل هن سڃي سلطان جو غلام آهيان.“
”ڪهرين نه ڏهڪائيندڙ مصيبن جوهي اڻ کٽ ۽ ڳنڍيل سلسلو آهي“ ڪئنڊيڊ چيو، پر وري به مون وٽ ڪجهه هيرا آهن ۽ آءٌ ڪيونيگونڊي جي آزادي آساني سان حاصل ڪري سگهندس. افسوس جي ڳالهه آهي،
جو هوءَ پنهنجي شڪل صورت وڃائي ويٺي آهي، ۽ بنهه اهڙي بدصورت ٿي ويئي آهي.“
پوءِ هن پنهنجي منهن مارٽن ڏانهن ڦيرائي چيو، ”توهين ڇا ٿا سمجهو ته اسان سڀني مان هڪڙو سڀ کان وڌيڪ رحم لائق آهي، سلطان احمد، شهنشاهه آئوان، شاهه چارلس ايڊورڊ يا خود آءُ؟“
”آءُ نه ٿو چئي سگهان.“ مارٽن چيو؛ ” مون کي انهي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ اوهان سڀني جي دلين اندر ليئو پائڻو پوندو.“
”آها“ ڪئنڊيڊ چيو، ”جيڪڏهن پئنگلاس هتي هجي ها، ته کيس ڄاڻ هجي ها ته هو اسان کي ٻڌائي سگهي ها.“
”مون کي خبر ڪانهي“ مارٽن جواب ڏنو، ته تنهنجو پئنگلاس انسان ذات جي بدبختين کي ڪهڙي قسم جي ساهمي ۾ توري ها، ۽ هو انهن جي ڏکن جو اندازو ڪيئن ڪري ها. آءٌ فقط ايتري ڳالهه ڪرڻ
جي همت ڪري سگهان ٿو ته هن ڌرتي تي لکين ماڻهو اهڙا رهن ٿا، جيڪي شاهه چارلس ايڊورڊ، شهنشاهه آئوان يا سلطان احمد کان سوين ڀيرا وڌيڪ رحم
جا حقدار آهن.“
”ائين ٿي سگهي ٿو“ ڪئنڊيڊ جواب ڏنو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهي سڀ ڪاري سمنڊ تي پهچي ويا. ڪئنڊيڊ تمام وڏي رقم ڀري ، ڪئڪامبو جي آزادي حاصل ڪرڻ سان، پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي، ۽ ٿورو به وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ
ڪيونيگونڊي جي تلاش م پروپونٽز ندي جي ڪناري تي پهچڻ لاءِ پنهنجي سڀني ساٿين سميت هڪ وڏي سامونڊي ٻيڙي ۾ سوار ٿيو.
جهاز جي عملي ۾ ٻه اهڙا غلام هئا، جيڪي ڏاڍي عذاب سان ونجهه هلائي رهيا هئا، ۽ انهن جي اگهاڙن پٺن تي ’ليوانٽ‘ جو واپاري ڍڳي جي پڇ جي چهبڪ(1)
جا رکي رکي، سٽڪا ڪري رهيو هو. ڪئنڊيڊ پنهنجي فطري همدردي جي جذبي سبب جهاز جي ونجهه هلائيندڙ ٻانهن جي قطار ۾ ويٺل باقي ٻين غلامن کان
وڌيڪ انهن ٻنهي کي ڌيان سان ڏٺو ۽ رحم جي جذبي ان ڀريل دل کڻي انهن ڏانهن وڌي آيو. ٻنهي ڄڻن جا مهانڊا،جيتوڻيڪ گهڻي قدر بدلجي ويا هئا، پر
ان جي باوجود انهن ۽ پئنگلاس ۽ مس ڪيونيگونڊي جي ڀاءُ بدبخت بئرن، جي مهانڊن ۾ گهڻي مشابهت ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهيءَ خيال جي ايندي ئي، ڪئنڊيڊ
ڏاڍو مغموم ٿي ويو، ۽ هن وري ٻيهر انهن کي چتائي ڏٺو.
”سچ پچ“ هن ڪئڪامبو کي چيو، ”جيڪڏهن مون نيڪ مرد پئنگلاس کي ڦاسي تي چڙهندي نه ڏٺو هجي ها ۽ بئرن کي پنهنجن هٿن سان پاڻ ئي قتل ڪرڻ جو برو ڪم نه ڪيو هجي ها، ته هوند آئون بلڪل
سمجهان ها ته غلامن جي هن جهاز ۾ جيڪي اهي ٻه ڄڻا ويٺا ونجهه هلائين، سي پڪ ئي پڪ اهي ئي آهن.!“
جهاز جي انهن ٻنهي ٻانهن، بئرن ۽ پئنگلاس جا نالا ٻڌندي ئي وڏي چيخ و پڪار ڪئي ۽ پنهنجين ويهڻ وارين جاين ۾ ڄڻ ته هڪ هنڌ ڄمي ويا، ۽ انهن جي هٿن مان ونجهه ڪري پيا، ’ليوانٽ‘ جي
مالڪ اها حالت ڏڍي ته وٺي انهن ڏانهن ڊوڙيو ۽ سندس پٺين تي ڍڳي جي پڇ جا چهبڪ اڳي کان ٻيڻي زور سان وسائڻ لڳو.
”ترسو! ترسو! سائنور (جناب) “ ڪئنڊيڊ رڙ ڪري چيو، ”آئون توهان کي انهن لاءِ اوتري ئي رقم ڏيندس، جيتري اوهين پاڻ چوندا.“
”ڇا! اهو ته ڪئنڊيڊ آهي!“ انهن مان هڪ غلام چيو، ”واقعي“ ٻئي غلام چيو، ”اهو ته سچ پچ ڪئنڊيڊ ئي آهي! ڇا آئون ڪوئي خواب ته نه پيو ڏسان؟“ ڪئنڊيڊ چوي، ڇا آئون جاڳي رهيو آهيان؟
ڇا، آءٌ واقعي هن جهاز ۾ آهيان، ڇا، اهو واقعي ماسٽر بئرن آهي، جنهن کي مون قتل ڪيو هو، ڇا، اهو ماسٽر پئنگلاس آهي، جنهن کي مون پاڻ ڦاسي
تي لٽڪندي ڏٺو هو؟“
”اسين اهي ئي آهيون! واقعي اسين ٻئي سچ پچ ساڳيائي آهيون،“ انهن ٻنهي گلي تي زور ڏيندي چيو، ”ڇا اهوئي اهو عظيم فيلسوف آهي؟“ مارٽن چيو.
”ٻڌايو سائين، ليوانٽ ڪپتان!“ ڪئنڊيڊ چيو توهين سلطنت جي پهرين صف جي نوابن مان هڪ موسيو ٿنڊر ٽن ٽرنڪ لاءِ ۽ جرمني جي هڪ قابل ترين مابعدالطبيعات جو عالم، ماسٽر پئنگلاس لاءِ
ڪيترو فديو قبول ڪندا.“
”اڙي او عيسائي ڪتا!“ ليوانٽ جي ڪپتان گجندي چيو، ”جيئن ته هي ٻئي مسيحي غلام هڪ نواب ۽ هڪ علم مابعد الطبيعات جو عالم پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ايڏ وڏا ماڻهو آهن، تنهنڪري توهان کي
انهن لاءِ مون کي پنجويهه پنجويهه هزار سيڪوئينس ڏيڻا پوندا.“
”توهان کي اهائي رقم ملندي جناب مون کي قسطنطنيه ڏانهن وڄ جي تيزي سان کڻي هليو ته توهان کي اتي پهچڻ سان ئي هڪدم پئسن جي ادائگي ٿي ويندي . پر بيهو، مون کي پهريائين مس
ڪيونيگونڊي ڏانهن وٺي هلو.“
جهاز جي ڪپتان، ڪئنڊيڊ جي پهرين آڇ تي ئي جهاز جو رخ وڌيڪ سڌو ان شهر ڏانهن ڪرائي، ٻين ونجهه هڻندڙ غلامن کان ايتري ته تيز رفتاري سان ونجهه هلرائڻ شروع ڪيا هئا، ۽ جهاز ايترو
ته پاڻي کي چيريندو اڳتي وڌندو پئي ويو، جو ڪوئي پکي به ايتري تيزي سان اڏامڻ جي دوران هوا کي نه چيريندو هجي.
ڪئنڊيڊ، پئنگلاس ۽ بيرن کي ڪي سوين ڀيرا ڀاڪر وڌا. ”اهو ڀلا ڪيئن آهي ته مون توهان کي قتل نه ڪيو، منهنجا پيارا بئرن؟ ۽ توهان، منهنجا پيارا پئنگلاس، توهان ڦاهي ملڻ کان پوءِ
وري ٻيهر ڪيئن جيئرا ٿيا؟ ۽ اهو وري ڪيئن ٿيو، جو توهان ٻيئي ترڪيءَ ۾ جهاز تي گڏ ٻانها بڻجي پيا!“
”ڇا اهو سچ آهي ته منهنجي پياري همشيره هن ملڪ ۾ موجود آهي؟“ بئرن پڇيو. ”هائو“ ڪئڪامبو جواب ۾ چيو. ”تڏهن آءٌ پنهنجي پياري ڪئنڊيڊ کي هڪ دفعو ٻيهر پيو اکئين ڏسان!“ پئنگلاس
چيو.
ڪئنڊيڊ انهن مان مارٽن ۽ ڪئڪامبو جو تعارف ڪرايو، ۽ پوءِ سڀني هڪٻئي سان وري وري ڀاڪر پاتا ۽ سڀ ساڳي مهل ڳالهائي رهيا هئا. جهاز وڄ وانگر پاڻي کي چيريندو اڳتي وڌي رهيو هو ۽ هو
جلدئي بندر تي پهچي ويا. هڪ يهودي کي گهرايو ويو، جنهن کي ڪئنڊيڊ هڪ هيرو پنجاهه هزار سيڪوئينس ۾ فروخت ڪيو.، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ لک لهندو هو،
پر اسرائيلي آبرهام (حضرت ابراهيم) جو قسم کڻي چيو ته ان لاءِ هو هڪ پائي به وڌيڪ نه ڏيئي سگهندو. ڪئنڊيڊ انهي رقم مان بئرن ۽ پئنگلاس جو
فديو ڀري کين غلامي مان هڪدم آزاد ڪرايو. انهن مان پوئين يعني پئنگلاس پاڻ کي پنهنجي نجات ڏياريندڙ جي قدمن ۾ کڻي اڇلايو ۽ انهن کي پنهنجن
وهندڙ لڙڪن سان پسائي جهٽڪو ڏيئي، سندس شڪر ادائي ڪئي، ۽ سموري رقم جلد از جلد هن کي واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو. پر ڇا، اهو ممڪن آهي ته منهنجي
ڀيڻ ترڪي ۾ آهي، هن چيو ته انهي کان وڌيڪ ممڪن ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي، ڪئڪامبو جواب ڏنو، ”ڇاڪاڻ ته هوءَ ٽرانسلوايا جي شهزادي جي گهر ۾
ٿالهيون مانجيندي آهي!“
پوءِ ٻن يهودين کي هڪدم گهرايو ويو، جن کي ڪئنڊيڊ ڪجهه وڌيڪ هيرا ڪڍي فروخت ڪيا، ۽ پوءِ هو ۽ سندس سڄي سنگت هڪٻئي جهاز ۾ چڙهي ڪيونيگونڊي کي ڇڏائڻ لاءِ روانا ٿيا.
باب پندرهون
ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي، پئنگلاس، مارٽن وغيره سان پوءِ
ڪهڙا واقعا درپيش آيا
”آءٌ هڪ دفعو وري به توهان کان معافي ٿو وٺان،“ ڪئنڊيڊ بئرن کي چيو، ”آئون توهان جي بت مان پنهنجي ترار کي پار ڪرڻ لاءِ توهان کان معافي وٺان ٿو.“
”مهرباني ڪري انهي معاملي ۾ وڌي ڪجهه نه چئو،“ بئرن چيو؛ ”مون کي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته مون ڪجهه وڌيڪ تڪڙ کان ڪم ورتو هو. پر جيئن ته توهين اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته مون کي ڪهڙي
مقدر ڦيرائي گهيرائي جهاز جي غلام بنائڻ لاءِ هتي آندو، انڪري آءٌ توهان کي ان باري ۾ خبر ٻڌائيندس، ڳالهه هيئن ٿي جو جڏهن منهنجو زخم هڪڙي
پادري ڇٽائي ڇڏيو،جيڪو هڪ پساري ۽ پڻ جراح هو، تڏهن مون تي هسپانوين جي هڪ پارٽي حملو ڪيو ۽ پوءِ اهي مون کي کڻي هليا ويا، جنهن کانپوءِ
انهن پوءِ مون کي بيوناس آير پهچائي، اتان جي هڪ جلي ۾ عين انهي مهل آڻي رکيو، جڏهن منهنجي ڀيڻ اتان کان نڪري چڪي هئي. مون يورپ واپس وڃڻ
لاءِ اجازت گهري پوءِ مون کي فرينچ سفير جي لنگرخاني جي نگران طور قسطنطنيه وڃڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو. پر مون کي انهي ڪم ۾ مصروف ٿئي اڃا ڪي
اٺ ڏينهن به نه گذريا هئا، ته هڪڙي ڏينهن منهنجي ملاقات هڪ نوجوان ۽ صحتمند آئڪو گلان (ترڪ) سان ٿي. انهي وقت ڏاڍي سخت گرمي هئي. نوجوان
اتي سڌو غسل ڪرڻ لاءِ هليو ۽ آئون به اهو موقعو وٺي پاڻ به ساڻس گڏ غسل ڪرڻ لاءِ هليو ويس. مون کي اهو معلوم ڪونه هو ته هڪ عيسائي کي
جيڪڏهن ڪنهن نوجوان مسلمان سان گڏ اگهاڙي حالت ۾ غسلخاني ۾ ڪو ڏسي وٺي ته اهو هن جو ڏوهه موت جي سزا لائق هو. سو هڪ قاضي حڪم ڏنو ته منهنجن
پيرن جي ترين تي ڏنڊي سان هڪ سئو ڌڪ هنيا وڃن، ۽ ان کان پوءِ هن مون کي غلامن جي جهاز ۾ ونجهه هلائڻ جي سزا ڏني. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪنهن به
زماني ۾ انهي کان وڌيڪ بي انصافي جو ڪو ڪم ٿيو هوندو. پر مان هاڻي اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته ڪيئن منهنجي ڀيڻ ٽرانسيلوانيا جي هڪ شزادي جي
بورچيخاني ۾،جيڪو ترڪن وٽ پاڻ ئي هڪ پناهگير آهي، ٿالهين ڌوئڻ جي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي.“
”پر توهين ٻڌايو، منهنجا پيارا پئنگلاس، ڪئنڊيڊ چيو، اهو وري ڪئين ٿيو جو آءٌ توهان کي ٻيهر جيئرو جاڳندو ڏسي رهيو آهيان!“
”اهو واقعي سچ آهي.“ پئنگلاس جواب ڏنو، ”ته توهان پاڻ مون کي ڦاسي تي لٽڪندو ڏٺو، مون کي ته اتي قدرتي طور سڙڻ گهربو هو، پر توهان کي ياد هوندو ته جڏهن هو مون کي باهه تي پچائڻ
وارا ئي هئا، تڏهن ڏاڍي زوردار برسات وسڻ شروع ٿي وئي هئي، طوفان ايڏو ته زوردار ۽ شديد هو، جو انهن وس ڪيا پر باهه انهن کان ٻري ڪانه
سگهي. انهي ڪري مون کي مارڻ لاءِ انهن کڻي مون کي ڦاهي تي چاڙهيو، ڇو ته هو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيا.
”هڪ جراح پوءِ منهنج لاش خريد ڪيو، ۽ چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ گهر کڻي ويو. هن سڀ کان اول منهنجي بت تي هڪ فيصله ڪن ۽ قطعي نوعيت جو چير ڏنو. پر ڇا ڪجي جو مون کان وڌيڪ بي احتياطي سان
ڪنهن کي به ڦاسي تي نه چاڙهيو ويو هوندو. مذهبي عدالت جو جلاد ماڻهن کي حيرت انگيز حد تائين چڱي طرح پچائي، ڪباب ڪري، سگهندو هو، پر هو
انهن کي ڦاسي ڏيڻ جي فن جو اڃا پورو ماهر ٿي ڪونه سگهيو هو. ۽ رسو، جئين ته آلو هو، انڪري ان جي ڳنڍ چڱي طرح سان ترڪي نه سگهي ۽ سرڪڻ چڱي
طرح سان منهنجي ڳچي کي سوگهو گهٽي نه سگهي! مطلب ته مختصر طور چئجي ته آءٌ اڃا تائين ساهه کڻي رهيو هوس. جراح جي قطعي چير تي مون کان ايتري
ته خطرناڪ رڙ نڪري ويئي جو منهنجو جراح مالڪ هڪدم ٿيڙ کائي، پٺي ڀر وڃي ڪريو ۽ اهو سمجهي ته هو ماڻهو جا نه پر ڪنهن شيطان جا آنڊا ڪڍي رهيو
هو، مرڳو ڊپ ۾ مرڻ تي هو، ۽ جيئن ئي هو ڀڄڻ جي تيارين ۾ هو ته ڏاڪڻ تان هيٺ ڪري پيو هن جي زال گوڙ ٻڌي پاسي واري درواز کان ڊوڙندي ٻاهر ئي
۽ هن مون کي انهي وڍيل حالت ۾ ميز تي ڊگهو پيل ڏٺو ۽ پنهنجي مڙس کان وڌيڪ خوف ۾ وٺجي هوءِ پڻ پويان پير ڪري اتان وڍي ڀڳي ۽ هن مٿان وڃي
ڪري. جڏهن ٻنهي کي ٿورو ٿورو هوش اچڻ لڳو، تڏهن مون ٻڌو ته جراح جي زال هن کي چئي رهيو هئي ته ’ اي منهنجا پيارا، تون اهڙو بيوقوف بڻئين
ڪئين، جوهڪ ڪافر کي چيرڻ شروع ڪيئه ڇا توکي معلوم ناهي ته اهڙن ماڻهن جي بدن تي هميشه شيطان جو واسو هوندو آهي آءٌ اجهو ٿي ٻاهر وڃي هڪ
پادري کي وٺي اچان ته هن تي ڪا جهاڙ ڦوڪ ڪري.‘
آءُ اها ڳالهه ٻڏي ڏڪي ويس ۽ جيڪا ٿوري گهڻي طاقت بدن ۾ باقي رهيل هئي، تنهن کان ڪم وٺي، رڙ ڪري چيم، ”اڙي مون تي رحم ڪريو! نيٺ پورچو گيز جراح همت ڪري منهنجي چيريل چمڙي کي
ٽاڪا هڻي، سبيو ۽ هن جي زال منهنجي اهڙي سٺي طرح خبرگيري ڪئي جو آءٌ اٽڪل پندرهن ڏينهن اندر وري اٿي گهمڻ ڦرڻ لڳس. انهي جراح پوءِ مون کي
هڪ نوڪري وٺي ڏني، جيڪا مالٽا جي هڪڙي فوجي بانڪي جي پيادل خدمتگار جي نوڪري هئي، ۽ اهو وينس ڏانهن وڃي رهيو هو. پر جيئن ته اهو منهنجو
مالڪ مون کي پگهار نٿي ڏيئي سگهيو، انڪري مون کانئس موڪلائي، وڃي وينس جي هڪ واپاري جي نوڪري ڪئي ۽ هن سان گڏجي قسطنطنيه ويس.
” هڪڙي ڏينهن مون کي هڪ خانقاهه ۾ وڃڻ جو خيال ٿيو. انهي مهل اتي هڪ پيرسن شخص ۽ هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونه هو، جيڪا ان وقت عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هئي. ان مهل
هن جي ڳچي اگهاڙي هئي، سندس سيني تي هڪ خوبصورت گلن جو ويٽو پيل هو. جنهن ۾ ڪيئي رنگارنگي گل جهڙوڪ لاله سنبل، سوسن، وغيره پيل هئا، هن جو
اهو گلن جو ويٽو ڪنهن طرح هيٺ ڪري پيو، ۽ مون اهو کڻي انتهائي عزت ۽ احترام سان هن جي اڳيان پيش ڪيو. بهرحال مون اهو گلدستو پيش ڪندي ڪا
گهڻي دير ڪئي، سو اهو پيرسن شخص سخت غصي ۾ اچي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين ته آئون مسيحي آهيان، تڏهن مدد لاءِ وٺي شور ڪيائين. پوءِ ته هو مون کي
پڪڙي قاضيءَ وٽ کڻي ويا، جنهن حڪم ڪيو هت مون کي پيرن جي ترين تي هڪ سئو ڏنڊا هنيا وڃن ۽ پوءِ ٻانهن واري جهاز ۾ ونجهن ڇڪڻ لاءِ موڪليو
وڃي. اهڙِ طرح مون کي ساڳي جهاز ۽ ساڳي بينچ سان زنجيرن سان ٻڌو ويو، جنهن سان بئرن ٻڌل هو. غلامن جي انهي جهاز تي مارسيلس جا چار نوجوان،
پنج نيوپوليٽن پادري ۽ ڪورفو جا ٻه راهب چڙهيل هئا، جن اسان کي ٻڌايو ته اهڙا واقعا روزمره ٿيندا رهندا آهن. بئرن اتي چيو ته هن سان مون
کان وڌيڪ ظلم ۽ ناانصافي ٿي هئي، پر آئون اهو اسرار ڪري رهيو هوس ته هڪ نوجوان حسينه جو هيٺ ڪريل گلن جو ويٽو کڻي هن کي ڏيڻ، انهي فعل کان
وڌيڪ بي ضرر عمل هو، جو ماڻهو ڪنهن ائڪوگلان سان اگهاڙو ڪنهن غسلخاني ۾ گڏ وهنجندي ڏٺو وڃي. اسين جو هميشه انهي معامي ۾ تڪرار ڪندا رهندا
هئاسون تنهنڪري اسان کي هر روز ڍڳي جي پڇ جا ويهه چهبڪ لڳايا ويندا هئا. آخرڪار ڪائنات جي واقعات جي ههڙي هڪ عجيب اتفاق سان توهين اسان جي
جهاز تي اچي رسيا ۽ توهان اسان جو فديو ڏيئي اسان کي آزاد ڪرائي، اسان کي ڇڏايو.“
”چڱو چڱو منهنجا پيارا پئنگلاس“ ڪئنڊيڊ چيو، ”ٻڌايو ته سهي ته ڇا، جڏهن توهان کي پاسي تي لٽڪايو پئي ويو، چيريو ڦاڙيو ٿي ويو، سختي سان ماريو ڪٽيو ٿيويو، تڏهن به توهين هميشه
ائين سمجهي رهيا هئا ته هن دنيا ۾ جيڪي به ٿي رهيو اهي، تنهن ۾ قدرت جي ڪانه ڪا ڀلائي آهي؟“ --- ”هائو، آئون اڃا به انهي پهرين راءِ جو
آهيان، پنهنجي انهي ئي پهرين راءِ جو آهيان.“ پئنگلاس ٻه ڀيرا ڳالهه کي ورجائيندي جواب ڏنو، ”سو ڇاڪاڻ ته آءٌ هڪ فيلسوف آهيان، ۽ ان ڪري
اها ڳالهه منهنجي اخلاق ۽ ڪردار سان مطابقت نه کائيندي، جو آءٌ ٻه مختلف ۽ متضاد خيال دل ۾ رکان--- خصوصن تڏهن جڏهن منهنجو استاد لائيبنٽيز
خدا مٿس رحمت ڪري، هرگز غلط نه پئي ٿي سگهيو، ۽ هن جو يقين ڪائنات جي هم آهنگي ۽ ٺيڪ ٺاڪ هجڻ ۾ بلڪل پختو ۽ اڏول هو.“
باب سورهون
ڪئنڊيڊ
ڪيونيگونڊي ۽ پوڙهي عورت
کي وري ڪئين لڌو؟
هوڏانهن جڏهن ڪئنڊيڊ، بئرن، پئنگلاس، مارٽن ۽ ڪئڪامبو هڪٻئي کي پنهنجا پنهنجا واقعا ٻڌائي رهيا هئا، ۽ دنيا جي اتفاقي ۽ غير اتفاقي واقعن جي متعلق پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا ۽
جڏهن اهي سببن ۽ نتيجن اخلاقي ۽ طبقاتي اڻسڌاين عمل جي اختيار ۽ جبر ۽ انهن طفل تسلين تي بحث مباحثو ڪري رهيا هئا، جيڪي هڪ ماڻهو کي غلامن
جي جهازن ۾ حاصل ٿي سگهن ٿيون، ته اهي اچي پروپونٽيز دريا جي ڪناري تي واقعي ٽرانسلوانيا جي شهزادي جي جاءِ وٽپهتا. هنن جي نظرن جو جنهن سڀ
کان پهرين شيءِ سان ٽڪراءُ ٿيو، سا ڪيونيگونڊي هئي، ۽ ان سان گڏ پوڙهي عورت به هئي، جيڪي انهي مهل دسترخوان واري ميز تي پوشن کي ڌوئي پوئي
ٻاهر ٽنگيل رسي جي مٿان سڪڻ لاءِ وجهي رهيون هيون.
بئرن اهو نظارو ڏسندي ئي سڄو پيلو ٿي ويو، خود ڪئنڊيڊ جيڪو عاشق صادق هو، پنهنجي خوبصورت ڪيونيگونڊي جو اهڙو ڪاراٽيل رنگ، مٽي ۾ لتل هن جي اکين جا ڇپر گهنجن سان ڀريل هن جي ڳچي
هن جا رڙيل سهنا ڳل هن جون ٻانهون سخت پورهئي سبب ڳاڙهيون ۽ کهريون ٿيل ڏسي اهڙو ته ڏڪي ويو، جو ٽپ ڏيئي هن کان ذري گهٽ ٽي وال پٺتي وڃي
پيو، پر وري پاڻ کي سنڀالي، شرافت جي تقاضا کان مجبور ٿي، هن ڏانهن وڌي آيو. البت ان حالت ۾ هن جي دل ڪنهن محبت جي اڌمي اٿڻ جي ته ڪا
گنجائش ڪانه هئي. جا جهل نه ڏيئي سگهي. سو ڪيونيگونڊي پاڻ اڳتي وڌي اچي ڪئنڊيڊ ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڀاڪر پائي ملي. جن مان هرهڪ ڄڻي پوڙهي کي
به ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ ڪئنڊيڊ ٻنهي عورتن جو فديو ڏيئي کين آزاد ڪرايو.
اتان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ننڍو زرعي فارم وڪري لاءِ پيل هو، جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پوڙهي عورت ڪئنڊيڊ کي مشورو ڏنو، جيسين کين هڪ هنڌ گڏجي رهڻ لاءِ ڪنهن بهتر قسم جي ڪا ٻي وڏي جاءِ
ڪٿي ملي سگهي. جيئن ته ڪيونيگونڊي کي اها ڳالهه معلوم ڪانه هئي ته هو ڪا اهڙي ڪوجهي ٿي ويئي هئي (ڇاڪاڻ ته کيس اها ڳالهه ڪنهن به ڪانه
ٻڌائي هئي) ان ڪري هن ڪئنڊيڊ کي اهڙي ته حجت سان ساڻس شادي ڪرڻ جو وعدو ياد ڏياريو، جو هن کي انڪار ڪرڻ جي همت ئي ڪانه ٿي سگهي. پر جڏهن
بئرن کي انهي ڳالهه کان باخبر ڪيو ويو، تڏهن هن چيو، ”آءُ پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي ڪريل حرڪت هرگز برداشت نه ڪري سگهندس، ۽ نه وري توکي اهڙي
گستاخي جي اجازت ڏيندس. آءٌ اهڙي بدناموسي ڪڏهن به سهي نه سگهندس. منهنجي ڀيڻ جي اولاد کي پوءِ جرمني جي خانداني شجرن ۾ ڪٿي به داخل نه ڪيو
ويندو. نه سائين، منهنجي ڀيڻ، سلطنت جي ڪنهن نواب کان گهٽ درجي جي ماڻهو سان ڪڏهن به شادي نه ڪندي.“
ڪيونيگونڊي اها ڳالهه ٻڌي پاڻ کڻي پنهنجي ڀاءُ جي قدمن ۾ اڇلايو ۽ انهن کي پنهنجن ڳوڙهن سان ڀڄائي ڇڏيو، پر هو اصلي نه مڙيو.
”اي احسان فراموش ڪٿي جا ٻچا!“ ڪئنڊيڊ هن کي ڪاوڙ وچان چيو، ”تون جنهن کي مون غلامن جي جهاز مان آزاد ڪرايو، مون تنهنجي فديي جي رقم ڀري آهي؛ مون تنهنجي ڀيڻ جي فديي جي رقم ادا
ڪئي آهي، جيڪا هتي بورچيخاني ۾ برتنن مانجڻ واري نوڪرياڻي هئي، ۽ ڳهي ڳهي ۽ سڙي سڙي پنهنجي سڄي صورت وڃائي چڪي آهي، اهڙي حالت ۾ به آءٌ هن
کي پنهنجي زال بنائڻ جي شرافت ڏيکاري رهيو آهيان! ۽ تون اهڙو احمق آهين، جو ان جي مخالفت پيو ڪرين! توتي مون کي اهڙي ته ڪاوڙ اچي رهي آهي،
جو چوان ته توکي وري قتل ڪري ڇڏيان.!!
”تون مون کي بيشڪ ٻيهر قتل ڪري سگهين ٿيو.“ بئرن چيو، ”پر جيسين منهنجي بدن ۾ ساهه آهي، تيسين تون منهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري نٿو سگهين.“
پُڄاڻي
ڪئنڊيڊ جي دل ۾ سچ پچ ته ڪيونيگونڊي سان شادي ڪرڻ جي ڪا گهڻي خواهش ڪانه هئي. پر بئرن جي حد کان وڌيڪ گستاخي ۽ بداخلاقي انهي ڪم کي پايي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هن جي ارادي کي
مضبوط ڪيو، ۽ ڪيونيگونڊي هن تي ايتري سنجيدگي سان زرو ڀريو، جو هو پير پٺتي هٽائي نه سگهيو. هن پئنگلاس، مارٽن ۽ قابل اعتماد ڪئڪامبو سان
صلاح مشورو ڪيو. پئنگلاس هڪ بهترين دستاويز لکي تيارڪيو، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته بئرن کي سندس ڀيڻ تي ڪوبه حق ڪونه هو، ۽ هوءِ سلطنت جي سڀني
قاعدن جي طمابق ڪئنڊيڊ جي ساڄي هٿ ۾ پنهنجو ڏائو هٿ وجهي پئي سگهي. مارٽن ته بئرن کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ جي فائدي ۾ هو، ڪئڪامبو انهي راءِ
جو هو ته ن کي وري ليوانٽ جي ڪپتان ڏانهن واپس موڪلي ۽ هن کان وري غلامن جي جهاز جا ونجهه هلائڻ جو ڪم وٺجي. اها صلاح سهڻي سمجهي ويئي،
پوڙهي ان جي منظوري ڏني، ۽ هن جي ڀيڻ کي ان جو ڀڻڪو به ڪن تي پوڻ نه ڏنو ويو. اها تجويز ٿوري رقم خرچ ڪرڻ سان عمل ۾ آندو ويئي، ۽ اهڙي طرح
هنن کي هڪ جرمن نواب جي غرور کي موچڙي هڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ ان مان مزي وٺڻ جي لالچ کان هو رهي نه سگهيا.
قدرتي طور ماڻهو هيئن سمجهندو ته ڪئنڊيڊ هيڏين سارين مصيبتن کان پوءِ هاڻي پنهنجي محبوبه سان پرڻجي، پئنگلاس جهڙي فيلسوف مارٽن جهڙي عقلمند انسان، ڪئڪامبو جهڙي سمجهو غلام ۽
پوڙهي سان گڏ رهڻ ڪري، ۽ خاص طرح هن ڪري جو هن قديم ”انڪاس“ بادشاهن جي ديس مان تمام گهڻا هيرا جواهر ساڻ آندا هئا، يقينن اهڙي ته خوشگوار
زندگي گذارڻ لڳو هوندو، جنهن جهڙي سڄي دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جي نصيب ۾ ئي ڪانه هوندي. پر هن کي يهودين اهڙو ته ٺڳيو هو، جو هاڻي هن وٽ سندس زرعي
فارم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچيو هو، ۽ سندس زال، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بڇڙي يا بدصورت ٿيڻ ڪري، ڏاڍي تيسر ۽ ناقابل برداشت بڻجي پيئي
هئي. پوڙهي به هاڻي ڏاڍي ضعيف ٿي ويئي هئي ۽ اها وري ڪيونيگونڊي کان به وڌيڪ تيز طبيعت ج جي ٿي پيئي هئي. ڪئڪامبو جيڪو سڄو وقت باغيچي ۾
پورهيو ڪندو رهندو هو ۽ باغ جي پيدائش کڻي قسطنطنيه ۾ وڪڻڻ لاءِ ويندو هو محنت ڪري ڪري ٿڪي ٽٽي پيو هو ۽ پنهنجي قسمت تي پيوروئيندو هو.
پئنگلاس پڻ نااميد ٿيڻ وارو ئي هو، ڇاڪاڻ ته افسوس و هو جرمين ۾ ڪنهن يونيورسٽي جي سربراهه جي حيثيت ۾ چمڪي، پنهنجو ڪو نالو ڪڍي نه سگهيو
هو. باقي جيسين مارٽن جو معاملو هو، سو، جيئن ته هن کي پڪو يقين هو ته هرهڪ شيءَ سڄي جي سڄي هڪ ئي طرح جي خراب هئي، تنهنڪري هو هر ڳالهه کي
ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪندو ٿي رهيو. ڪئنڊيڊ، مارٽن ۽ پئنگلاس ڪڏهن ڪڏهن مافوق الطبيعات ۽ اخلاقيات جهڙن مسئلن تي بحث مباحثو ڪندي،
هڪٻئي سان اختلاف ڪندا هئا. هو گهڻو ڪري پنهنجي فارم واري جاءِ جي درين هيٺيان گاڏيون لنگهندي ڏسندي هئا. جيڪي اهڙن بيگن، افندين، بادشاهن
۽ قاضين سان ڀريل هونديون هيون، جن کي ليمنوس، مطائيلين ۽ آرزيرم جي رڻن پٽن ۽ سڃن جابلو علائقن ڏانهن جلاوطني ۾ موڪليو پئي ويو. هنن ڏٺو
ته ٻين بيگن ۽ افندين ۽ ٻين بادشاهن ۽ ٻين قاضين کي به، جيڪي اڳين جلاوطن ٿيل اهڙن عهديدارن جي پٺيان انهن جي جاين تي آيا هئا. ڪجهه وقت
کان پوءِ سندن واري اچڻ تي وري جلاوطن ڪيو پئي ويو. اهي نظارا هنن جي بحث مباحثي ۾ اضافو ڪندا هئا، ۽ جڏهن اهي بحث مباحثي کان پوءِ واندا
ٿيا ويٺا هوندا هئا تڏهن سندن خامشي وري اهڙي بيزاري واري هئي، جو پوڙهي عورت اڪثر تنگ ٿي، هنن کي چوندي هئي ته ”آئون اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي
ته ڪهڙي ڳالهه سڀني کان وڌيڪ خراب آهي--- شيدي قزاقن جي هٿان سئو ڀيرا عصمت دري ٿيڻ، بلگيريا وارن جي ٻن قطارن جي وچان سندن ڏنڊن ۽ ڌڪن جي
ضربن کان جيئري نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڍڳي جي پڇن جا چهبڪ کائڻ ۽ پوءِ ڦاهي چڙهڻ، جراح جي نشتر سان چيرجڻ ۽ ڦاڙجڻ، ونجهن هڻندڙ غلامن جي حيثيت
۾ سامونڊي جهازن جي زنجيرن ۾ ٻڌجي ويهڻ، مختصر طور چئجي ته اسين جن مصيبن مان گذريا آهيون، انهن جو برداشت ڪرڻ، يا ڪجهه به نه ڪندي، هتي
بيڪار ويهي وقت گذارڻ وڌيڪ اذيتناڪ آهي؟“.
”اهو واقعي هڪ وڏو سوال آهي،“ ڪئنڊيڊ چيو.
اها قيل مقال هنن جي دلين ۾ نون خيالن کي جنم ڏيندي رهي، ۽ مارٽن انهي سڄي معاملي کي ٻڌي، مجموعي طور فيصلو ڏنو ته انسانذات يا ته بي اطميناني ۽ جنون جي ڪشمڪشن يا نااميدي جي
ڪراهت ۾ رهڻ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. ڪئنڊيڊ هن جي انهيءَ راءِ سان اتفاق نه ڪيو، پر هو گومگو جي حالت ۾ رهيو. پئنگلاس اعتراف ڪيو ته هن هميشه
وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آهن، پر هڪ دفعو اهو موقف اختيار ڪرڻ ڪري، ته سڀ ڳالهيون ڏاڍي تيز ڪنهن عجب نموني ۾ ٺيڪ ٺاڪ ئي هلن ٿيون ۽ گذّري
وڃن ٿيون انڪري هو پنهنجي انهي قياس آرائي تي سختي سان ڄميو رهيو، جيتوڻيڪ اها ڳالهه سندس تڏهوڪن حقيقي جذبات جي برعڪس هئي.
انهيءَ پاڙي ۾ هڪ ڏاڍو مشهور درويش رهندو هو، جنهن کي ترڪي ۾ وڏي ۾ وڏو فيلسوف تسليم ڪيو ويندو هو. انڪري هو انهي سان صلاح ڪرڻ لاءِ ويا. پئنگلاس کي سڀني جو ترجمان بنايو ويو ۽
هن درويش کي چيو ته ”اي آقا، اسين اوهان وٽ هي خواهش کڻي آيا آهيون ته اوهين اسان کي اهو ٻڌائيندا ته انسان جهڙو عجيب حيوان آخر ڇالاءِ
خلقيو ويو!“
”توکي ان سان ڪهڙو واسطو؟“ درويش چيو، ” ڇا اهو ڪو تنهنجو ڪم آهي.“
”پر اي منهنجا معزز بابا!“ ڪئنڊيڊ چيو، ”دنيا ۾ حد کان زيداهه بڇرائي ۽ ذلت پکڙيل آهي.“
”ان سان ڪهڙو فرق پوندو،“ درويش چيو، ”دينا ۾ نيڪي آهي، يا برائي؟ جڏهن مقدس اعليٰ حضرت مصر ڏانهن جهاز موڪليندو هي، تڏهن ڇا، کيس هيءَ ڳالهه ستائيندي آهي ته جهاز ۾موجود ڪئا
آرام سان آهن، يا اتي کين ڪا تڪليف آهي؟“
ته پوءِ توهين هڪ انسان کي ڪهڙو ٿا مشورو ڏيو. ته هو ڇا ڪري! پئنگلاس چيو،
”پنهنجي زبان بند ڪر!“ درويش چيو.
”آءُ ته اميد رکي آيو هوس ۽ دل ۾ خوش ٿي آيو هوس ته توهان سان ڪارڻن ۽ نتيجن، امڪاني جهانن مان بهترين جهان برائي جي سرچشمي روح جي نوعيت ۽ اڳواٽ مقرر ڪيل ڪامل نظام ۽ ڪائنات جي
هم آهنگي جهڙن موضوعن تي بحث مباحثي ڪرڻ جو لطف حاصل ڪندس..“
انهن لفظن ٻڌڻ سان درويش اٿي هنن جي منهن ۾ زور سان کڙاڪ ڪري، دروازو بند ڪيو.
انهي ڳالهه ٻولهه جي هلندي اها خبر آندي وئي ته ٻن وزيرن ۽ هڪ مفتي کي قسطنطنيه ۾ گهٽي ماريو ويو هو ۽ انهن جي گهڻنئي دوستن کي وري ميخون ٺوڪي ماريو ويو هو. انهي زبردست حادثي
جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين وڏو هل هنگامو برپا رهيو. پئنگلاس، ڪئنڊيڊ ۽ مارٽن کي پنهنجي ننڍڙي فارم ڏانهن واپس ويندي، رستي تي هڪ خوبصورت
شڪل وارو پيرسن شخص مليو، جيڪو پنهنجي در اڳيان نارنگين جي وڻن جي جهڳٽي هيٺان، هواخوري ۾ مشغول هو، پئنگلاس، جنهن کي جيتري حڪمت ۽ جيترو
عقل هوندو هو اوترو حيرت ۽ استعجاب به هوندو هو، اتي بيهي، ان پيرسن شخص کان انهي مفتي جو نالو پڇيو، جنهن کي تازو ئي گهٽي ماريو ويو هو.
”مون کي انهي باري ۾ ڪجهه به معلوم ناهي.“
انهي نيڪ مرد جواب ڏنو، ۽ ان کان به وڌيڪ هي ڳالهه آهي ته مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ هڪ به مفتي يا ڪنهن هڪ به وزير جو نالو معلوم ڪونه رهيو آهي. توهين جيڪو قصو بيان ڪري رهيا
آهيو، سو مون لاءِ بلڪل نئون ۽ اڻ ٻڌل آهي ۽ مهنجو اندازو ته اهو آهي ته جيڪي ماڻهو مملڪت جي معاملن سان پنهنجا مٿا ويهي کپائيندا آهن، تن
جو موت ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڊيڄاريندڙ هوندو آهي، ۽ اهو ڪو بي سبب به نه هوندو آهي، پر آءٌ پنهنجو مٿو انهن معاملن ۾ ڪڏهن به ڪونه کپائيندو
آهيان.، ته قسطنطينه ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي، آئون ته بس فقط پنهنجي باغ جا گل، ميوا ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ اوڏانهن موڪلڻ تي اڪتفا ڪندو
آهيان. جيڪي آئون پنهنجن هٿن سان پاڻ پوکيندو آهيان.!“
ايترو ڪجهه چئي، هو اجنبين کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ اتي هن پنهنجي گهر ڀاتين سان هنن جو تعارف ڪرايو. هن جي ٻن ڌيئرن ۽ ٻن پٽن کين ڪيترن ئي مختلف قسمن جا شربت پيش ڪيا، جيڪي
انهن پاڻ ۾ گڏجي ٺاهيا هئا. انکان علاوه اتي هنن جي خاطر تواضع اهڙن ميون ۽ مٺاين سان ڪئي وئي جن ۾ نارنگين، ليمن، ترنجن جي مٺين کلن،
ڪيلن، پستن، جي مغزن ۽ خالص قسم جي اصلي ”موچا“ قهوي جون پليٽون ۽ دور هليا. انهن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوت ٿيل ڪانه هئي. ۽ انهن ۾ بٽيويا ۽
اتان جي ويجهن ٻيٽن جو خراب قهوو به مليل ڪونه هو. ان کان پوءِ انهي نيڪ دل مسلمان جي ڌيئرن ڪئنڊيڊ، مارٽن ۽ پئنگلاس کي عطر جا ٻڙا ڏنا ۽
انهن جي ڏاڙهين کي گلاب جي عرق سان معطر ڪيو.
”توهين ضرور ڪنهن تمام وڏي ۽ ڏاڍي شاهوڪار جاگير جا مالڪ هوند، ڪئنديڊ انهي ترڪ کي چيو،
”نون وٽ فقط ويهه ايڪڙ آهن، ترڪ جواب ڏنو، جيڪي آئون پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏجي پوکيندو آهيان. محنت ۽ پورهيو اسان کي دنيا جي ٽن وڏي کان وڏين براين کان پري رکندو آهي، آرس،
برائي ۽ احتياج“
ڪئنڊيڊ، جيئن فارم طرف موٽي رهيو هو، ته رستي ۾ ويندي هو ترڪ جي ڳالهين تي گهرو سوچ ويچار ڪندو رهيو. هن پئنگلاس ۽ مارٽن کي چيو ته ”هن نيڪ دل پوڙهي شخص جي حالت منهنجي خيال
موجب، انهن ڇهن بادشاهن کان بهتر آهي، جن سان گڏ اسان کي ماني کائڻ جو شرف حاصل ٿيو هو.“
”شاهاڻي شان شوڪت جون ڳالهيون“ پئنگلاس چيو، سڀني عالمن حڪمين ۽ ڏاهن جي راءِ ۾، انتهائي خطرناڪ ۽ نازڪ هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته مختصر طور کڻي اوهان کي ٻڌايان ته موئبائيٽس جي
بادشاهه ايگلون کي ايهود قتل ڪيو، آبسلوم کي سندس مٿي جي وارن سان ٻڌي لٽڪايو ويو هو ۽ پوءِ هن ۾ ٽي خنجر آرپار ٽنبيا ويا هئا، جيروبوم جي
پٽ، نداب بادشاهه کي بئشا هٿان مارايو ويو، بادشاهه ايلاهه کي زمري ماريو اهاز ياه کي جيهوءَ قتل ڪيو؛ اٿالياه کي جيهوايئاداه ماريو،
جوڪيملو، جيڪونياس ۽ زيديڪيئاس، ائستئيجز، دارا، سائريڪيوز، واري ڊيئونيسيس، پائرس، پرسيوز، هئنيبال، جُگُرٿا، آئريووسس، قيصر، پامپي،
نيرو، هنيري ڇهين، رچرڊ ٽين، ميري اسٽوئرٽ، ايڊورڊ ٻئي، انگلينڊ جي چارلس پهرين، فرانس جي ٽن هينرين، ۽ شهنشاهه هينري چوٿين جي پڇاڙي جي ته
چڱي طرح سان ڄاڻ آهي. توهان کي معلوم ......“
”مون کي چڱي طرح معلوم آهي“ ڪئنڊيڊ چيو، ته اسان کي رڳو پنهنجي باغ جي سنڀال ڪرڻ گهرجي.“
”توهين سچ ٿا چئو“ ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان کي عدن جي باغ ۾ رکيو ويو هو ته کيس ان کي آباد ڪرڻ لاءِ رکيو ويو هو، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته انسانذات کي سست ٿي رهڻ لاءِ نه خلقيو
ويو هو.“
”اچو ته هاڻي ڀلا، اجائي بحث کي ڇڏي، ڪم ڪريون.“
مارٽن چيو، ”زندگي کي سهڻ جي لائق بنائڻ جو اهوئي هڪ رستو آهي.“
هنن جي سموري جماعت، پنهنجي پنهنجي لياقت ۽ اهليت مطابق انهي تعريف لائق تجويز تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، هنن جي ننڍڙي ايراضي ڀرپور فصل ڏنو. ڪيونيگونڊي سچ پچ ته ڏاڍي ڪوجهي ٿي پئي
هئي، پر هو نهايت سٺي بورچياڻي بڻجي پئي هئي. پاڪوئيٽا ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي، ۽ پوڙهي ڪپڙن لٽن جي سنڀال جو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کنيو. سڄي
جماعت ۾ هاڻي هڪ به ماڻهو بيڪار نه رهيو هو، ايتريقدر جو گيروفلي کي به نه ڇڏيو ويو، هو ڏاڍو ڪاريگر واڍو ٿي پيو هو، ۽ هڪ انتهائي ايماندار
ماڻهو بڻجي پيو هو.
جيستائين پئنگلاس جو تعلق هو، سندس دل ۾ هڪ خيال کٽڪي رهيو هو ته دنيا ۾ سندس نظريي کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوشش مٿان ڪوشش ۽ پورهئي جي ضرورت هئي. انهي ڪري هو ان تي آخر تائين
مضبوطي سان قائم رهيو. سندس ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جي قوتن کي هڪ گهڙي لاءِ به ڪو انهي خيال کان ڦيرائي نه پئي سگهيو. هن وري وري ۽ هر موقعي تي
ڪئنڊيڊ کي هيئن پئي چيو ته ”سڀني امڪاني جهانن مان هي جهان بهترين جهان آهي. ان جون سڀ ڳالهيون تعريف لائق نموني ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيون پيون
آهن جيڪڏهن انهي وڏي زنجير ۾ هڪ ڪڙي به ڇڏي ڏجي يا ڪٽ ۾ ڪٽجي پنهنجي چرپر ڇڏي ڏي ته پوءِ سڄي ڪائنات جو نظام ۽ ربط ناس ٿي ويندو. جيڪڏهن
توهان کي مس ڪيونيگونڊي سان محبت ڪرڻ لاءِ، انهي خوبصورت قلعي مان اهڙيون زودار لتون هڻي ٻاهر نه ڪڍيو وڃي ها، جيڪڏهن توهان کي ’مذهبي
عدالت‘ جيل ۾ بند نه ڪري ها، جيڪڏهن توهان کي آمريڪا جي کنڊ وچان پيرين پنڌ سفر نه ڪرڻو پوي ها ۽ اتان اوهان کي انڪاس جي بادشاهن جا هيرا ۽
موتي هٿ نه اچن ها، جيڪڏهن شروع ۾ توهين بئرن جي پيٽ ۾ پنهنجي ترار ٽنبي نه ڪڍو ها، جيڪڏهن توهان جون سڀ رڍون وڃائجي نه وڃن ها، جيڪي توهان
انهي خوبصورت ملڪ آلڊوريڊو کان انهي سموري دولت سان گڏ آنديون هيون جيڪا انهن جي مٿان سٿيل هئي، ته اڄ توهان هتي ويهي هيئن نارنگين جو مربو
۽ پستن جا مغز ڪونه کائو ها.“
”اها ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي اٿو ۽ اها سڄي سچ ئي سچ به ٿي سگهي ٿي،“ ڪئنڊيڊ چيو، ”پر ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پهرين اچو ته هلي پنهنجو باغ پوکيون.“
|