سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:درد جو درياهه

صفحو :8

هن پرسرام کي ڪافي ڳوليو، پر اُهو کيس ڪونه مليو. هن سنڌ ۾ الله بخش کي خط لکيو. جواب ايس ته جڳهه ته سلامت آهي، مگر مهاجرن ماري ڇڏيو آهي، هنن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪيا آهن. سنڌين جون لئبرريون جلايون اٿن. سنڌين جي خالي ڇڏيل جڳهن تي قبضو ڪيو اٿن. ڳالهائڻ ۾ شدت ڏيکارين ٿا. پاڪستان سرڪار اردو ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏنو آهي. حالانڪ پاڪسان ۾ ڪو اردو صوبو ڪونهي. سنڌوءَ ۾ اکو پائڻ وارا، پپل ۾ ڌاڳا ٻڌڻ وارا، ڇيڄ ۽ جهمر هڻڻ وارا هليا ويا آهن ۽ سنڌ مان اوچتو ڪافي سونهن گهٽجي ويئي آهي.

خط جو نفس مضمون پڙهي مان جذبات ۾ نٿو اچان. تاريخ ۾ وڏا لوڏا آيا آهن ۽ اسين، اسان ۾ جو سريشٽ آهي، اُن کي بچائي رکون. ٻنهي طرفان گڏيل ڪوشش جو رستو ڪڍندي، هندستان ۽ پاڪستان جي مسئلن جو حل جنگ نه، مگر ٻنهي ملڪن جو ملي هڪ ٿي وڃڻ آهي. راڄنيتي ڦوٽ پئدا ڪري ٿي. ڪلا شايد ايڪتا پئدا ڪري. نه کپن ورهاڱا. نفرتون- سرحدون- شڪ ۽ فوجون. قومي زندگيءَ ۾ مذهب کي جڳهه هجي، مگر سياست ۾ نه هجي. ڪو رستو ضرور نڪرندو. وقت لڳندو؟ لڳي.

هڪ دفعي ڪلياڻ مان ٿي آيس ته هڪ مسلم جوان سائيڪل سان ريس ڪئي. هن جا رستا سڃاتل هئا ۽ هو اڳيان نڪري ويو. مون به هن جو پيڇو ڪيو. هن ڪلياڻ جي ريلوي پل ڪراس ڪري ٺاڪرليءَ ڏانهن رخ رکيو. رستو سٺو هئو. هن اڳرائي قائم رکي. هو ڊميبولي تائين اڳيان رهيو. مون کيس ڪلوا وٽ جهليو ۽ شيل ڦاٽڪ تي پهچي مان هن جو انتظار ڪرڻ لڳس.

هو سهڪي سائيڪل تان لٿو.

چيائين، ”هل ته سامهون هوٽل ۾ هلون. ڏس جو رستو ساڄي ٿو وڃي اوڏانهن بمبئي آهي، ٻئي طرف پونا، گوئا، حيدرآباد دکن، بئنگلور ۽ مدراس آهي. اگر تون هارائين ها ته توکي هڪ ڳالهه چوان ٿو.“

اسين هوٽيل ۾ اَچي ويٺاسين.

”ڪهڙي ڳالهه؟“

هندستان جا مسلمان هندستان سان فقط ٽن شرطن تي وفادار رهي سگهن ٿا.“

”ڪهڙا ٽي شرط؟“

”هڪ ته اردو ٻوليءَ کي قائم رکيو وڃي. ٻيو ته مسلمان جو اهو حق قائم رکڻ گهرجي ته هو شريعت موجب زندگي جيئن......“

۽ ٽيون؟“

”۽ ٽيون عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي جو اِسلامي ڪردار قائم رکيو وڃي.“

مان کلڻ لڳس.

”تون کلين ٿو؟“

”مان ته هندستان جو پرائيم منسٽر ڪونه آهيان.“

”اسان شرط پڄائي.“

”شرط مون کٽي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هندستان جو عوام ٻن قومن جي اصول کي نٿو مڃي؛ ان ڪري نه رڳو مسلمان ڀائرن جا اِهي شرط مڃيا ويندا، مگر کين آرٿڪ ۽ سماجڪ نياءَ پڻ ڏنا ويندا.“

هو مايوس ٿي ويو. چانهه پيئندي چيائين ”“ توکي خبر آهي ته هندستان جو وڌان پاس ٿيو آهي؟“

”ها.“

”توکي خبر آهي ته وڌان ۾ سنڌي ٻولي ڪونهي!“

مان چپ.

”ٻه سال اڳ هنن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي تسليم ڪئي.“

اُها خبر اٿم!“

”هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جا اوهان جي ٻوليءَ لاءِ اُها لپي تسليم ٿي ڪري، جنهن ۾ اوهان جو ڪو ادب، تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب موجود ڪونهن، مگر اِها ئي سرڪار اوهان جي ٻولي تسليم نٿي ڪري. اها چاهي ٿي ته سنڌي هندستان ۾ سمائجي وڃن.“

”پر توکي اُن جي چنتا ڇو آهي؟“

”مان سوشلسٽ آهيان.“

”مگر تو ته مسلمانن جي حقن جي ڳالهه ڪئي.

”مون سنڌين جي حقن جي به ڳالهه ڪئي.“

”تنهنجو نالو؟“

”اڪبر ۽ تنهنجو؟“

”ساحر“

”اوهه، مون سمجهيو تون سنڌي آهين.“

”مان سنڌي آهيان.“

”مون سمجهيو تون هندو آهين.“

”مان هندو آهيان.“

”مگر يار، اِهو نالو ته مسلمانڪو آهي.“

مون مشڪي چيو، ”مان هندستان جي مرڪب ڪلچر کي مڃان ٿو. اِن ۾ منهنجي تعليم ٿي آهي. پاڪستان هڪ شڪ، هڪ نفرت جي پئدائش آهي، جنهن جو فائدو انگريزن ورتو. ههن 1905ع ۾ بنگال جو ورهاڱو ڪيو، مگر اُن ۾ ڪامياب نه ٿيا. اُن بعد اُنهن وڏو منصوبو سٽيو ۽ ورهاڱو ٿي ويو. ڀلا پاڪستان کي ڪو الڳ ڪلچر، ڪا الڳ تاريخ، ڪا الڳ زبان يا پنهنجو ڪجهه الڳ آهي؟ انگريز سامراجي طاقت جي سازش کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندو. اولهه پاڪستان ۾ رابندر سنگيت بند ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان بغاوت ڪئي.......“

”هنن بنگال لاءِ عربي لکڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو، جو هنن قبول نه ڪيو. ٺيڪ جئين اوهين هندي لپي قبول نه ڪريو. پنجاهه سٺ سالن ۾ هڪ نئون جهموري سيڪيولر سماجوادي هندستان وجود ۾ ايندو؛ چاهي اسين هجون نه هجون ورهاڱا ختم ٿي ويندا. فيصلو حڪمرانن کي نه، عوام کي ڪرڻو آهي. اُن کي وقت لڳندو.“

مون هن سان هٿ مليو. اسين ڪلياڻ ۾ الڳه ٿي وياسين ۽ منهنجي وشواس جي ٻوٽي کي پاڻي ملي ويو.

مون کي لڳو ته مان سيما جي سرير جي سونهن، سندس جواني، سندس انداز آواز، ڇهاءُ، هلڻ جو سرگم، هن مان ايندڙ ڪچي انب جي خوشبوءَ، ڊگهن کليل وارن مان هڪ خيالي نم جي وڻ جي ڇانوَ ۽ سندس مڌ ڀريل جسم جي مهڪ مان اکين، ڪنن، نڪ، وات ۽ چمڙيءَ جي حواسن سان دماغ تائين پهچائي، کيس ذهن سان ڀرپور نموني ماڻي رهيو هوس. ڪئلاش تي گنگا جو ڪرڻ ۽ اُڇال ڄڻ رشيڪيش وٽ سانت ۽ ڦهليل پرواهه جو روپ ورتو آهي.

هاڻ صبح جو چانهه کڻي اچي. خود پيئي ۽ پيئاري. آرام ڪرسي تي ليٽي. نه هن ۾، نه مون ۾ ڳالهائڻ جو ڪو ناٽڪي انداز. ڪابه اهڙي ڪوشش نه، جنهن ۾ اسين پنهنجي شخصيت جو بهترين حصو ڏيکاريون.

هن پاڻ ڪنڊ واري دري ۽ هڪ ئي در لاءِ پردا ٺاهيا آهن. وري به ڪڏهن اچي ڪو ڪتاب کڻي وڃي. بابا ٻاهران ئي چوي ته پٽ هلان ٿو.

هڪ دفعي سيما، روي ۽ مان صبح جو سويل امبرناٿ مندر مان پنڌ موٽي رهيا هئاسين ته هڪ هنڌ جهڳڙو ڏٺوسين. زالن ۽ مردن مان ڪي گهاگهرون کڻي ڪنهن وقت هڪ ٻئي ڏانهن اولاري ته ڪي هڪ ٻئي کي هڻي رهيا هئا. ٽي ڏينهن پاڻي گهٽ ٿي آيو ۽ ان جو دٻاءُ به گهٽ هئو.

روي بيهي رهيو ۽ چيائين، ”جيجاجي، هي ماڻهو وڙهن ڇو ٿا؟“

مون کيس هڪ دفعو چيو ته فلمون گهڻيون ٿو ڏسين اِن ڪري مون کي جيجاجي ٿو ڪوٺين، اڙي چريا: اَڃا ته سيما ۽ مون شادي به نه ڪئي آهي!

جهڳڙي ۾ سڀني جو آواز بلندين تي هئو.

مون کيس چيو، ”هيءَ ماڻهو وڙهن ٿا، اِهو ڏاکاري ٿو ته هنن ۾ وڙهڻ جي طاقت آهي.ڏس ايتري ۾ پاڻي اچڻ لڳو آهي ۽ هو قطارن ۾ بيهڻ لڳا آهن. هن هنن ماڻهن کي خبر نه آهي ته اُن طاقت جو صحيح استعمال ڪجي. اڄ هو پاڻيءَ لاءِ لڙندا، سڀاڻي هو ڌرتيءَ لاءِ لڙندا. ۽ ڌرتي سڀني کي پناهه ڏيئي سگهندي آهي. اِن طاقت جو صحيح استعمال ٿيڻ گهرجي. جڏهن ان جو غلط استعمال ٿيو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ جڏهن صحيح ٿيندو......“

روي پنهنجي ڀيڻ سيما ڏانهن نهاريو. هن چيو، ”پپا جو هڪ دوست حيدرآباد ۾ ئي رهي پيو. چيائين ته مان ڪڪڙيون پاليندس- مگر سنڌ نه ڇڏيندس. پپا جي هڪ انقلابي دوست کي مهاجر شهدادپور ۾ ڳولهڻ لڳا. اُتي جي مسلمان ڀائرن کيس ٻڪريون ڏنيون ته جهنگل ۾ چار ۽ هو پروفيسر ٻڪرار ٿي پيو ۽ اڃان اُتي ئي رهيو پيو آهي ۽ پپا کي خط لکندو آهي.“

اسين هلڻ لڳاسين.

”يونان ۾ هڪ راڪاس پئدا ٿيو. اُن کي ڪير به ماري نٿي سگهيو.“ سيما چيو، ”هن جا پير زمين ۾ تي پختا هئا. هرڪيولس بهادر هئو. هرڪيولس به هن کي ماري نه سگهيو. پوءِ کيس ڪنهن چيو: اِن بهادر جا زمين ۾ پير پختا آهن. هرڪيولس کي ڪنهن ڏاهي چيو: هن جا پير زمين تان پٽ، هن جي طاقت ختم ٿي ويندي! هرڪيولس کيس زمين تان کڻي مٿي ڪيو ۽ کيس ماري ڇڏيو. اسين اگر سنڌ جي زمين تي پنهنجا پير پختا ڪيون ها ته اَسان جو وار به ونگو نه ٿئي ها- ۽ زمين فقط مٽي ڪونهي.

ماڻهو آهن. طاقت ماڻهن وٽ آهي. هنن وٽ طاقت هئي مگر کين خبر نه هئي ته اُن جو ڪيئن اِستعمال ڪجي- ۽ پوءِ اَسان کي اِتهاس جڙن کان اُکوڙي هتي ڦٽو ڪيو. پر ڏس هتي سڀني جا ڪنڌ مٿي آهن. گهڻا ٻار آهن، جي اسڪول پڙهي نه سگهيا ۽ گهر هلائڻ لاءِ لوڪل ٽرين ۾ بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا وڪڻ شروع ڪيائون. ڪن ٽي. ٽيءَ جي ڊپ کان گاڏو بدلايو، هو ڪري پيا ۽ مري ويا. ڪجهه ته مهان آهي سنڌين ۾. وطن ڇڏي آيا آهن، پوءِ به هنن جيڪو پهريون ڪاليج کوليو آهي، اُن جو نالو رکيو آهي! جئه- هند. هند جي جئه هجي. تاريخ ۾ هندستان جو نقشو هميشہ بدلبو رهيو آهي- اسان کي اهو هندستان کپي جو 15 آگسٽ 1947ع کان هڪ رات اڳ هئو ۽ اُهو سڄو سمورو هڪ آزاد گهرجي.“

مون هلندي آهستي تاڙيون وڄايون. کلندي چيو مانس، ”اگر تون چاهين ته ليڊر ٿي سگهين ٿي.“

”نه- اسان کي ليڊرن ئي ماريو آهي.“

”ته پوءِ ڇوٽڪارو!“

”بئلٽ پيپر.“

”ته تنهنجو به ڪو خواب آهي.“

”هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن هندستان اُپکنڊ جا ماڻهو بئلٽ پيپر ذريعي ووٽ ڪندا ۽ هڪ متحد هندستان وجود ۾ ايندو.“

”مگر خواب زندگيءَ جا ڀيانڪتا کي ٿڌو ڪن ٿا.“

”ڄاڻان ٿي. ڪڏهن هتي نانگ گهمندا هئا. ڪافي ماڻهو ماريائون. هتي سوئر هئا ۽ اڃا به ٿورا آهن. گهڻا ٻار وات ۾ کڻي ويا. گيسون هيون، ننڊ اَچي ته پير چٽين ۽ پوءِ پيرن جا ٽڪر کائي وڃن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻيون نديون هندستان ۾ آهن. هتي برسات به مهينن جا مهينا پوي. پوءِ به هتي سوڪ گهڻي آهي ۽ ماڻهو پاڻيءَ لاءِ لڙن ٿا، کين پوري زندگي هڪ خالي گهاگهر ۾ ڏسڻ اچي ٿي. اَڃا به ماڻهو هتي جي پاڻيءَ تي هريا ڪونهن، ۽ کين ڦٽ ٿي پيا آهن. کين رات جو ننڊ به نصيب نه ٿيندي هوندي ۽ هتي گهر ڪونهن اڪٿر طنبيلا آهن..... رستي تان هل ته پيرن مان کلون لهي وڃن. مگر مڪاني ماڻهو سٺا آهن، هو اسان کي مهاجرن جيان ڦورو ۽ لٽيرو ڪونه ٿا سمجهن. اَسين محنت ٿا ڪريون.

ماڻهن ان ٺهي ٺڪي هلون ٿا. الڳ الڳ لڳون ٿا. اهي سڀ زندهه رهڻ جون نشانيون آهن.

روي هوا ۾ بانهن مٿي ڪئي ۽ آهستي مگر مضبوط آواز ۾ چيائين: بولو ڀارت ماتا ڪي...... ۽ پوءِ پاڻ ئي چيائين: جئه جئه.......

هڪ خانگي بس لنگهي. جهٽڪا کائي هلي رهي هئي. ڇت ڪلهن تائين. ٽمٽار ڀريل. ڪي ماڻهو لٽڪيل. هڪ وڏي جهٽڪي سبب پوڙهو وڃي پريان ڪريو ۽ گول ڪلابازيون کائي پئجي رهيو.

ڪي ماڻهو اُتي جمع ٿيا.

ڏسون ته مئو پيو آهي.

مون سيما جي چوڻ تي، جنهن کي شايد سندس پروفيسر پيءُ ڪشنچند آڏواڻي چيو هو، مان هڪ درخواست ٺاهي ايس اي. ايس اِسڪول جي چيئرمين وٽ ويس ۽ جنهن نوڪري جي اِنٽرويو لاءِ هڪ سنڌي ڪميونسٽ ٽرسٽي ڏانهن موڪليو، جنهن ڪجهه هن طرح سوال جواب ڪيو.

”تون انگريزيءَ جي فائدي ۾ آهين يا خلاف؟“

فائدي ۾ آهيان، پر جتي سنڌي آدم گهڻو هجي اُتي پڙهائيءَ جو ميڊيم سنڌي هجي. جتي ٿورائي ۾ آهي اُتي هو سنڌي وشيه ضرور کڻن.“

”لپي؟“

”لپيءَ جو فيصلو سنڌين کي ڪرڻو آهي. فرقي پرست ۽ موقعي پرست، هندي لپيءَ جو طرف وٺندا، مگر ماڻهو اُن لپيءَ کي قبول نه ڪندا.“

”سنڌي هڪ جاتي آهي – قوم آهي – قوميت آهي؟،

”هندستان جي قوم ٺهڻ تي هئي ۽ هندستان ۾ اُن جو بنياد پئجي چڪو آهي، جڏهن فرقيوار بنياد تي ورهاڱو ٿيو. هندو مسلمان ٻئي فرقا نه جاتيون آهن ۽ ٻين سان ملي هو قوم بڻجن ٿا. سنڌي نه قوم آهن، نه جاتي آهن – اُهي هڪ قوميت آهن – جيئن بنگلا ۽ پنجابي آهن. ڪشميري ۽ دراوڙ آهن.“

”تون سمجهين ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي بعد اسٽابلشڊ سنڌين کي کائڻ لڳندو؟،

”مگر فقط ميڊياڪر ان جو کاڄ ٿيندا.“

۽ پوءِ ڪجهه تعليم ڏيڻ ۽ پڙهائي جي ٽيڪنڪ بابت – اُن بعد مون کي نيتاجي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي ويئي. اُن شام اُن ڪامريڊ مون کي چانهه تي گهرايو ۽ سيما سان ڪن ڪلاڪن جو موهه ڇڏي هن وٽ ويس. رستي تي خيال آيم ته جيتوڻيڪ ورهاڱي اَسان کي ڳٿڙ کان جهلي ڪنهن اوجهڙ ۾ اُڇلايو آهي، مگر سنڌين ۾ سياسي سجاڳي اچڻ لڳي آهي. ٽيهن ڪئمپن ۽ چوطرف پندرهن لک سنڌي ڦهلجي ويا آهن، مگر جتي ڏس اُتي سنڌين بابت سوچ.

چانهه جي ڪوپ پيئڻ بعد مون ڪامريڊ کان پڇيو، ”اڳ ڪٿي هئا؟،

”ٻيا ڪانگريسي اڳواڻ ته دهليءَ ۾ طاقت کي چهٽي پيا، مگر ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ريفيوجي فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن مون کي بيڪانير سنڌي رفيوجي ڪئمپ، ضلعه مارواڙ جنڪشن ۾ جونيئر رفيوجي آفيسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگهار ٽي سئو سٺ ۽ اُهي به رپيا! ڪئمپ جو نالو صبحان ڳڙهه. اُتي ڪل چار هزار سنڌي پناهگير، جن ۾ ٻه هزار واگهڙي هئا.

ٻين کي ته ڌرم شالائون مليون مگر واگهڙين کي وڏين ڇٽين جيان گول طنبن ۾ رهايو ويو. ان جا پڙدا زمين کان هڪ فوٽ مٿي، ڀل ڪير اندر گهمي اچي. زمين وارياسي، تپي ته ڄڻ تتل تئو. روز ماڻهو سوڪ پلي جيان پچندا رهيا ۽ هر روز چار پنج سنڌي مرندا رهيا!

اُها آزاديءَ جي قيمت هئي!

اُتي بيڪانير جي مهاراجا جو محل ٺهي چڪو هئو، جنهن ۾ گهوڙين هاٿين، سهسن، پهلوانن ۽ نوڪرن جي اجهي جو به بندوبست ڪيل هو ۽ اُن وقت خالي هئو.

مون جواهر لعل نهروءَ کي خط لکيو ته جڏهن ته اُهو محل خالي آهي، اُن ۾ اجهو ڏيئي سنڌ جي آدي – واسين کي بچائي نٿو سگجي؟

پرائيم منسٽر نهرو اُهو خط هوم منسٽر سردار ولڀ ڀائي پٽيل کي ڏنو. پٽيل جنهن ڇهه سئو رياستون هندستان ۾ شامل ڪيون هيون، هن بيڪانير جي مهاراجا کي گهرايو ۽ کائنس خالي پني تي صحيح ورتائين. مون کي نهرو ۽ پٽيل ٻنهي الڳ خط لکيا ته تون اُن محلات تي قبضو ڪر. مون واگهڙين کي اوڏانهن لڏايو. هو منهنجي جئه جئه ڪار ڪرڻ لڳا. پر پوءِ مهاراجا پنهنجي روينيو منسٽر معرفت منهنجي اُتان بدلي ڪرائي ۽ مان جڏهن بوري بسترو کڻي بس اسٽاف ڏانهن هلڻ لڳس ته محلات جي ڪوٺڙين مان آواز آيو. وير بهادر زنده باد – وير بهادر زندهه باد...“ ۽ هن پنهنجو نالو به نه کنيو.

”آدي – واسين جي خاتمي لاءِ مڪاني سرڪار طريقو به آدي – واسي قبول ڪيو هو.“

هو مشڪڻ لڳو ۽ هن سان منهنجي ملاقاتن جو سلسلو قائم هليو.

پهريون پگهار مليو ته سائيڪل تي اُڏاميس. سيما انقلاب ۾ ئي هئي، مون چيو: هٿ کول ۽ مون پنهنجو پگهار هن جي هٿ تي رکيو. هن اُن پگهار کي پهرين پنهنجي دل وٽ، پوءِ ٻنهي اکين تي واري واري رکيو. اُن کي چُميائين ۽ پوءِ اُهو واپس ڪندي چيائين، ”بابا کي ڏي اُهو خوش ٿيندو ته پٽ ڪمائڻ لڳو آهي ۽ پهريون پگهار مون کي ڏنو اٿائين ۽ اُن مان هڪ رپيو به نه کنيو اٿائين!“

مون پئسا وٺي پئنٽ جي پٺئين کيسي ۾ رکيا. هن منهنجي اچڻ جي وقت جو اندازو لڳائي. ٽري ۾ چانهه جو ڪوپ ۽ جڳ ۽ ڪوپ آڻي رکيا هئا.

مون سوچيو. خدا هِيلا هلائي فقط هڪ جنت ٺاهي آهي، اسان پنهنجون به بڻائيون آهن.

ڪنڌ کي ساڄي ڪيرائي چوانس ٿو، ”رات ايندينءَ؟“

”پهرين پگهار جي خوشي ملهائڻ ٿو چاهين؟،

”نه توکي.“

”مان ته آهيان.“

”پر به رات اچ...“ مون چيو، ”ڪڏهن ته منهنجي ڳالهه مڃ.“

”اينديس!“

مان آرام ڪرسيءَ، تي ليٽي ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هوس، جو سگريٽ دکائڻ وقت ڏٺم ته اُبتو هئو. مون اُن ڪتاب کي سبتو ڪرڻ بنا ئي ٽيبل تي رکيو. ساڄي ٻانهن ورائي مٿي ڪيم ۽ مٿي هيٺان هٿ رکيم. کاٻي هٿ جي چيچ ۽ ٻاچ ۾ ست سال اڳ مون پهريون سگريٽ ڪراچي پورٽ تي ڇڪيو هئو. نظر پردي لڳل کليل در تي آهي ۽ آڌي رات گذري چڪي آهي.

هوءَ بنهه ڀر ۾ ئي آهي. پر لڳي ٿو ته تمام پري آهي. اسان جي وچ ۾ لمبي کاهي اهي. اکين اڳيان اُهو بندر ٿو ڏسڻ اَچي. مون ته ٽي. ايس.اليٽ جو ”دي ويسٽ لئنڊ“ کنيو هو جو اڳ پڙهي چڪو هئس، پر مون کان پڙهڻ نه ٿيو. بس ٿورو وقت ٿيو ته آيو هئس. اُها ئي ڪاري رات، اَڇا جرڪندڙ ڪپڙا، هٿ ۾ سگريٽ جو دٻو، مون آڪاش ڏانهن نهاريو. اهو ئي ته هئو جو سنڌ ۾ ڏٺو هئم. جڏهن ته آڪاش ساڳيو آهي ته پوءِ ڌرتي ٻي ٻي ڇو آهي؟ بس بندر تي اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ جيلر جي جيپ مان لهي، هڪ قبرستان ويو هوس. ڪافي لمبو عرصو ٿيو. وري اُتي ڪڏهن وڃي سگهندس؟- آڪاش ساڳيو آهي، ڌرتي ٻي ڇو آهي؟

۽ سيما ڇو اڃا نه آئي آهي؟

”ڪراچيءَ هلنداسين، ڪڏهن رستو کلندو؟ ڪڏهن هيرآباد جي هير اُلهاس نگر ۾ لڳندي....“ سيما چيو هو. تڏهن منهنجو منهن هن جي سٿرن ۾ هئو. مون کي اُنهن رانن ۾ هڪ اِسپرنگ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن من جي ڪليش کي گهٽ ڪيو هئو. اڄ وري من ۾ درد ڀرجڻ ٿو لڳي.

سحر ڳايو هئو، ”هڪ فرشتو منهنجي گهر ۾ گيت ڳائڻ ٿو اچي.“

۽ هڪ اهڙي ئي رات هن چيو، ”سائين ڪجهه سڀاڻ لاءِ به ڇڏيو....“

منهنجي هٿ مان سگريٽ ڪري ٿو پوي. مان اُن کي کڻان. ٿو.

هن به ته ڪجهه سيما وانگر ڳالهايو. ڪو اوچو پهاڙ. منزل. منزل مٿي. اُن ۾ سرجڻ آهي. چٽ سالي. سنگتراشي....

مان ٻيو سگريٽ دکايان ٿو.

ڇا سيما اَڀيسارڪا بڻجي ايندي؟- هو در تي بيهندي ۽ آهستي آهستي هن جي ساڙهي بنا هيٺ ڪرڻ جو گم ٿيڻ لڳندي. منهنجي ڇاتي ڦنڊڻ ٿي لڳي.

ڏسان ٿو، سامهون پردو هٽي ٿو. هن پهرين منهن اندر ڪيو آهي. هاڻ هوءَ خود اندر آهي. کيس هاڻ پيلي سلوار ۽ سائو ڪرتو پيو آهي ۽ دوپٽي ۾ سائو پيلو ٻئي رنگ آهن. ڪويتا سندس شرير ۾ مٿي به آهي. هيٺ به آهي. پر مان اُٿان نٿو.

کيس هٿ ۾ ٿرماس آهي.

اڳيان اچي ٿي. مان کيس ٻانهن ۾ وڪوڙي زور ٿو ڏيان. هوءَ بدن جو مٿيون حصو پٺيان ٿي ڪري. ٻانهن مٿي، هٿ ۾ ٿرماس، هن جو شرير جو بار منهنجي کاٻي ٻانهن تي آهي، مگر مون کي سندس ڇاتيءَ جو اُڀار محسوس ٿو ٿئي.

”سيمان، منهنجي سيما تون اَچي وئينءَ؟“

”ڪجهه سڀاڻ لاءِ به ڇڏ راجا...“

مون کي لڳي ٿو ته مون پنهنجي ڳل تي پاڻ کي چماٽ هنئين آهي.

هاڻ هوءَ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي آهي ۽ مان ڪرسيءَ تي، ٽيبل لئمپ جي روشنيءَ جو دائرو ڪجهه گهڻو ڦهليل ڪونهي. ڄڻ هن مٿان چانڊوڪي پئجي رهي آهي. ٻئي رات جي ٽئين پهر ۾ چانهه پي رهيا آهيون.

”ست سال ٿيا آهن، مون ڦليلي نه ڏٺي آهي.“

مان کيس ڏسڻ ۾ ٿو لڳان. پتو نٿو پوي ته هن جون اکيون مون ۾ آهن يا منهنجي اَندر منهنجي روح ۾.

”ڪڏهن ته هلنداسين ڪڏهن ته ملنداسين.“ هوءَ منهنجو هٿ ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکي ٿي، اُن کي چمي ٿي.

مون کي لڳي ٿو ته هوءَ مون وٽ هوندي به مون کان ڪجهه پري آهي، اُتي مان به آهيان. ڪرسيءَ تي منهنجو فقط شرير آهي.

هوءَ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي ٿي. منهنجو هٿ ڇڏي ٿي، مگر هوءَ ڳالهائي رهي آهي ۽ مان سگريٽ ڇڪي رهيو آهيان.

”ڪڏهن کلندو اُهو رستو؟- ڪڏهن هيراباد جي هوا پنهنجو طرف بدلائي مون طرف ايندي ۽ مان لمبو ساهه کڻي اندر ڪندس ۽ تنهنجو وات کولي، اُن هير جو هڪ ٽڪر تنهنجي وات ۾ وجهندس. تون ساهه اٰندر کڻندينءَ ته اُهو ٽڪر به تنهنجي اندر ويندو ۽ توکي وطن ۾ هئڻ جو احساس ٿيندو.“

هوائي جهاز ۾ ويٺا آهيون، تون ۽ مان!

بس ٿورو پري، ٿورو، اِجهو ٽڪر پري تنهنجي ڪراچي، منهنجي حيدرآباد آهي، مگر هي جهاز جهرڪيءَ جي رفتار جيان ڇو ٿو اُڏامي...“

منهنجي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجڻ لڳي.

.بس، هن چمڪندڙ تاري جي هيٺان سنڌ آهي. مگر جهاز اڃا سڌو هلي رهيو آهي، ڪا به پڌرائي نٿي ٿئي. ڪٿي پهتا آهيون“ – ڪو هلڪو جهوٻو نٿو اچي ته محسوس ٿئي ته جهاز هيٺ ٿي رهيو آهي...

ماڻهو وطن جي پيار لاءِ لڙندا آهن. اُهو پيار ڏسي کين سونا ٻلا ڏنا ويندا آهن. اسان جو پيار ته ڪير ڏسي نٿو. وطن مان ڪڏهن ڪنهن آواز ڪونه ڏنو آهي: ”اَچو – پنهنجي ڌرتيءَ تي اچو. ست سال ٿيا آهن. سنڌ اوهان کي نه ڏٺو آهي. هتي ڪجهه کٽل آهي، اهو اوهين ڀريو...“

پر به، آخر هي سفر ختم ڇو نٿو ٿئي ساحر! منهنجا وشنو، منهنجا موهن؟- منهنجا آڪاش!

جهاز هلي رهيو آهي. سنڌو. جنهن کي هر ٽين رات خواب ۾ ڏٺو اٿم، آهي ڪجهه ڌنڌلو.... ڪجهه مبهم ٿي رهيو آهي. ستن سالن ۾ سنڌ برهمانڊ جي آخرين ڇيڙي تي وڃي بيٺي آهي ۽ اڃان ته اڳي جو ڪو پتو ڪونهي.

هڪ دفعو، بس هڪ دفعو تلڪ چاڙهي ڏسان. ٽانگو تيز مٿي چڙهندو وڃي. ڪمبخت هي جهاز آهي جو هيٺ نٿو لهي. ڪيترو پري آهي سنڌ. اڃان ته ان جو ڪنارو، ڪا سرحد ڏسڻ نٿي اچي.

ڇا اسان هسٽري ۾ هاليڊي تي آهيون؟

ڇا اسين هتي پڪنڪ ڪرڻ آيا آهيون؟

اهڙو ڪهڙو هاليڊي، اها ڪهڙي پڪنڪ جو واپس موٽڻ جو ڪو رستو ئي نٿو ڏسڻ اچي...

چوطرف ويراني آهي. ڪٿي ڪو وڻ ڪونهي. ڪٿي ڪو رستو ڪونهي. آسمان ۾ ڌنڌ آهي. طرف جي خبر نٿي پوي.

آخر به اسين ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟، هندستان جي وڻ جو پاڇو اُتي پهچي سگهي ٿو. هوا جو جهونڪو، اڏامندڙ پنو اتي پهچي سگهي ٿو. اسين نٿا پهچي سگهون!“

هيءَ ڪهڙي واهي آهي، جتي بن ڪونهي؟ هڪ گهري ڦهليل؟ رڃ ۽ چوطرف ڀڄندڙ ڊڪندڙ پاڇا آهن.... نااميدين جا جلسا. مايوسي جا پردا اُميدن جا ڦاها...“

مون هن کان چانڊوڪي ۽ ننڊ جي طلب ڪئي هئي، مگر اُن جي کيس به اوتري ضرورت هئي. هن جو آواز جهيڻو پوندو وڃي ٿو. کيس ننڊ اچي ويئي آهي.

مان به ٽيبل لئمپ جو بٽڻ مٿي ڪري بينچ تي ليٽان ٿو. مون کي به محرومين جو اَحساس ٿئي ٿو. چاهي ته اٰسين خود ۾ ٻه جنسون آهيون، مگر اَسان ٻنهي لاءِ هڪ ٻي به جنت آهي. بس ٿورو ڀرسان اِجهو اِتي ڪٿي ئي، ٻه قدم اڳتي اها آهي... هي ٿورو پنڌ ڪرڻو آهي. بلڪل ٿورو  -آخر به برهمانڊ جي آخرت ايتري پري ته ڪونهي.

اسين هلي رهيا آهيون، يا بيٺا آهيون ۽ وقت هلندو ٿو وڃي.

چوطرف ويراني آهي. نه ڌرتي آهي ۽ نه آڪاش آهي. وچ ۾ ڪو جهُولو آهي. اُن جون رسيون الاءِ ڪيترو مٿي آهن. ڌرتي الاءِ ڪيتري هيٺ آهي.

سيما ۽ مان جهُولي تي ويٺا آهيون. مان مٿي ٿو نهاريان. هوءَ هيٺ ٿي نهاري. ڪڏهن ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن. پوءِ لڳي ٿو اسين ڪنهن خوف هيٺ هڪ ٿنڀي تي چڙهي رهيا آهيون. مان مٿي چڙهي ويو آهيان ۽ هوءَ مون کي جهلي بيٺي آهي.

مون کي لڳي ٿو، هينئر، بس هينئر اسين عدن جي باغ مان هڪاليا ويا آهيون. اسان جو وڃايل سرڳ، اسان جو پنهنجو وطن سنڌ آهي. پر ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. ڪو ڄاڻڻ وارو ڪونهي. ڪو انتظار ڪري، اهڙو به ڪو ڪونهي.

هڪ جهاز آهي جو آڪاش ۾ هلندو ٿو وڃي.

آرنڀ پٺيان رهجي ويو آهي.

اَنت جو ڪو اُهڃاڻ ڪونهي.

جهاز جا پَرَ ڪرڻ ٿا لڳن.

اڳيان پٺيان سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.

پل. گهڙيون. پهر. موسمون. حسرتون.

ڪو وقت، ڪا جڳهه ڪانهي.

روشني ۽ اوندهه ڪونهي.

ڪو چت، ڪا چنتا، ڪو چنتن، ڪا چيتنا ڪانهي.

هڪ تختو آهي جو هوا ۾ هلي رهيو آهي.

اُن مٿان هڪ آرام ڪرسي آهي ۽ بينچ آهن.

هڪ آهي سيما. ٻيو اُن جو آڪاش آهي.

هڪ خاليپڻو آهي جو شونيه ۾ داخل ٿي ارٿ هيڻ بنجي ويو آهي.

۽ هڪ سيما کڻي هڪ تختو آڪاش ۾ انت – هيڻ ياترا ۾ برهمانڊ جي تسلسل کي اورانگي رهيو آهي ۽ اُڏامي ۽ اُڏامي ۽ اُڏامي رهيو آهي....

موهن ڪلپنا

14 اپريل 1991

2 جون 1991

لفظن جي سمجهاڻي (Glossary)

(الف)

(س)

اڀيسرڪا =  اها عورت جيڪا رات جو لڪي محبوب سان ملي.

سڀيه سماج  = عام سماج

سريشٽ  = اعليٰ، اتم

ارٿ هيڻ  = بي معني

سمپورڻتا  = تڪميل

اسيم  = لاحد

سنسا  = ڀرم

انڀو  = تجربو

سيمائون  = سرحدون

انت – هيڻ  = لا محدود

(ش)

اَدي رشي  = ولي

شونيه = پولار

شرير = جسم

(ب)

(ر)

برهمانڊ = ڪائنات

رومانچڪاري = رومانٽسزم

(ٻ)

(ن)

ٻڌم شرڻم گچامي  = ٻُڌ جي پناهه وٺان ٿو

ناگرڪ سهوليتون = شهري سهولتون

(پ)

(ڪ)

پتيورتا استري  = باوفا زال

ڪام = جنسي خواهش

پرليه  = يوم حساب، حساب جو ڏينهن

ڪام ترپتي = جنسي خواهش جو پورو ٿيڻ

پرَڪرتي  = ڪائنات

ڪليش = دک

(ت)

(و)

ترشنا  = اڃ

واسنا = خواهش

(ج)

وڌان = آئين

جلمئه  = پاڻي جو سيلاب

وشيه = مضمون

(چ)

(ي)

چيتنا  = شعور

يٿارٿ = سچ، حقيقت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org