پبلشر پاران
سنڌي ادب ۾ موهن ڪلپنا جي حيثيت ڪهاڻيڪار ۽ ناول
نويس جي منفرد ۽ مٿاهين آهي. ورهاڱي کان پوءِ، هن
جيڪي لاڙا پنهنجي لکڻين ذريعي پيش ڪيا آهن، اُهي
نه رڳو ادبي طور تي منفرد آهن، پر پڙهندڙن ۾ اهڙي
قسم جي لکڻين کي بيحد پسند پڻ ڪيو ويو آهي. انهيءَ
ڪري موهن ڪلپنا هند توڙي سنڌ ۾ ريڊرشپ ۾ جيڪو
واڌارو آندو، اُن جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ڪري
سگهجي. سندس هيل تائين 25 کن ڪهاڻين جا مجموعا ۽
ناول ڇپجي پڌرا ٿيا ۽ سندس هر ڪتاب جا ٻه يا ٻن
کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
مرحوم طارق اشرف جڏهن مرتيي کان ٿورو اڳ ڀارت ويو
ته موهن ڪلپنا جيڪو سندس دوست هو تنهن کيس ناول
’درد جو درياه‘ سنڌ ۾ ڇپرائڻ لاءِ ان اُڪير سان
ڏنو ته، ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجو هي ناول سنڌ ۾
ڇپجي.“ طارق جي مهرباني چئجي يا قرب، جنهن محترم
تقي صاحب هٿان نياپو موڪلي، مون کي پاڻ وٽ سڏايو ۽
چيائين، ”جيڪر هي ڪتاب اوهان جو ادارو ڇپائي پڌرو
ڪري ته مون کي خوشي ٿيندي.“ مون سندس ٿورا مڃيندي،
کانئس مسعودو ورتو. پر جڏهن ڪتاب چپائي جي مرحلي ۾
هيو ته طارق اشرف اسان کان جدا ٿي ويو ۽ اڃا ڪي
گهڻا ڏينهن ڪونه گذريا ته اوچتو موهن ڪلپنا به
پنهنجي دل ۾ اباڻي وطن کي وري ڏسڻ جون سموريون
خواهشون کڻي اسان کان الڳ ٿي ويو. ۽ سندس اها
چواڻي سچ ٿي پئي:
”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هيو موهن ڪلپنا جي پاڻ ۾ ملي نه
سگهيا.“
هاڻ جڏهن هي ناول ڇپجي پڌرو پيو ٿئي ته نه طارق
اشرف ئي اسان وٽ رهيو آهي ۽ نه وري موهن ڪلپنا ئي
پنهنجو سنڌ مان ڇپيل هي ناول اکئين ڏسي ٿو سگهي،
نه ته جيڪر ادارو سندن اڳيان سرخرو ٿئي ها.
ڪاش!
ادارو
موهن ڪلپنا ۽ سندس ڇپيل ڪتاب
سڄو نالو: موهن بولچند لالا (اصل سيوهڻ جو)
جَنم: ڇنڇر 22 نومبر 1930ع، ڪوٽڙي، سنڌ.
تعليم: مئٽرڪ
پيشو: اخبار نويسي. ايڊيٽر روزانه ”سنڌڙي“
ڪٽنب: شادي شده: زال (ڪمل)، ڌيءَ (گيتا)
ادبي سنسٿا: چيئرمن: مهراڻ ادبي سنگت
پهرين رچنا: آتم هتيا (ڪهاڻي) 1948ع
ناول: آواره (1953ع)، لگن (1954ع، سنڌ ۾ 1957ع)،
عورت (1956ع)، زندگي (1957ع، سنڌ ۾ 1958ع)، پٿر جو
جگر، ميمڻ جي دل (1958ع)، وشواش (1959ع سنڌ ۾
1960ع)، رڃ ۽ پاڇا (1966ع، سنڌ ۾ 1967ع ۽ 1984ع)،
پيار جي پڇاڙي (1969ع)، جلا وطني (1974ع، سنڌ ۾
1975ع)، تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين (1975ع،
سنڌ ۾ 1991ع)، ماءُ (1979ع، سنڌ ۾ 1989ع)، ڪانءُ ۽
سمنڊ (1981)، اٺين ڪٿا (سنڌ ۾ 1991ع)، درد جو
درياء (سنڌ ۾ 1992ع).
ڪهاڻين جا مجموعا: موهي نرموهي (1981)، چاندني ۽
زهر (1964ع، سنڌ ۾ ’چانڊوڪي ۽
زهر‘ جي عنوان سان 1971ع)، فرشتن جي دنيا (1967)،
اُها شام (1981ع، سنڌ ۾ 1982ع).
پيار ۽ پاپ (سنڌ ۾ 1977ع)،
رپورتاج: اڃا رات باقي آهي (1955ع)
ٻارن لاءِ ناول: سرڳ جي ڳولا (1958ع، 1981ع ۽ سنڌ
۾ 1991ع)
مقالو: سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش
(1963ع)
جيوني: فنڪار ۽ فيلسوف (1973ع)، آفتاب
انقلاب (1975ع)
آتم ڪهاڻي: بک، عشق ۽ ادب (سنڌ ۾ 1984ع ۽ 1991ع)
خط: منهنجا هم وطني (1975)
شاعري: جهاز جي ڊيڪ تي (1983ع)
موهن ڪلپنا
آئيني اڳيان؟ پر ڪهڙو آئينو؟ من جو”... پر ان
اڳيان ته مان يگن کان بيٺو آهيان ۽ مون پنهنجو
بدلجندڙ روپ ڏٺو آهي. پر هاڻ مون ان آئيني کي ڀڃي
ڇڏيو آهي. هاڻ منهنجو ڪوئي اندر وارو ڪونهي. هاڻ
جو مان آهيان، اهو ٻاهر آهيان. منهنجي اندر سڙيل
ماس جي بدبوءِ آهي. ذهن جون تمام شمعون وسامي ويون
آهن. تصوير جي ندين پنهنجا وهڪرا ڦيرائي ڇڏيا آهن.
ڪلپنا جا ڦول مرجهائي ويا آهن. پکين جا کنڀ ڪٽجي
ويا آهن. وڻن کي باهيون وچڙيل آهن. ڪنهن گمنام ڌنڌ
۾ چنڊ، تارا ۽ آڪاش گم آهن.
شايد ڏاڍو شخص آهيان، ان ڪري هر جڳهه تي مون کي
انڌڪار نظر اچي ٿو. ان انڌڪار ۾ مان اڪيلو آهيان،
منهنجي راهه اڪيلي آهي. راهه نه ڄاڻان ڪهڙيون
راهون ڪٽين ٿيون، مون کي خود پنهنجي منزل جو پتو
ناهي. منهنجي سمرتين جو سڀ پريون بيهوش ٿي ويون
آهن.
اڄ مان مئن جو دڙو آهيان. گريس جو اٿينس، اٽليءَ
جو روم آهيان. کنڊر آهيان. مون ۾ ڄارا آهن.
ڪوريئڙا آهن. مان ٽڪيو پيو آهيان.
مون ۾ اجنتا جي اونده آهي، پر ڪلا نه آهي، مان شو
نه آهيان پر مون زهر پيتو آهي ۽ مان ڊٺو پيو
آهيان، مان چين جي ڊٺل ديوار- مصر جو شاهي مقبرو
آهيان.
مون مارڪنڊيه جي پرليه ڏٺي آهي. مان اڻ جلمئيءَ ۾
ٻڏي ويو آهيان. مون پنهنجي من جو کير ساگر ولوڙيو
پر امرت جو پيالو کڻي ڪا تلوتمان ان مان نه نڪتي.
اندر ۾ ڄڻ ڪورو ۽ پانڊو لڙيا ۽ سڀ سمپت ٿي ويا.
ڪٿي آهي ڪرشن- ڪنهن ان کي تير هنيو؟- تير گهڻا
آهن، ڪرشن جو پتو ناهي.
ڪيترا يگ مان هليو آهيان. پهاڙن مان. برفن جي
چوٽين تان. انهن تان جو مون ڏٺا آهن ۽ مان اتاهين
تان ڪري پيو آهيان ۽ مون کي ڪنهن به وشنوءَ بچايو
نه آهي.
پر مان شايد اڪيلو نه آهيان. مون سان گڏ منهنجي
غمن ۽ پريشانين جي فوج به آهي. مون پنهنجي حياتي
جون ڪيتريون شامون مندرن ۾ گذاريون آهن ۽ هڪ عمر
کان مون طوائفن جا غزل به ٻڌا آهن. بي رحم زندگيءَ
جي پياس ٻجهائڻ لاءِ مون انيڪ گلاس خالي ڪيا آهن ۽
ڪن حالتن ۾ انهن شيشن سان منهنجو سڄو اندر ڪپجي
ويو آهي.
مون عورت کي ڪڏهن سيرانديءَ کان نه ڏٺو آهي. ان
ڪري هن جي سنجيده روپ لاءِ مان اُڃ به تڙپان ٿو.
اکين ۾ ور مالها کڻي هلڻ وارين کي مون ڪلبن ۾
سويمبر ڪندي ڏٺو آهي ۽ هر ڪار جي ڦيٿن هيٺان
منهنجا سپنا ڪپجي ويا آهن. ڪتاب آهن، ڇا آهي انهن
۾؟... سڀني ڪوڙ جي ڳولها ڪئي آهي ۽ انهن کي سچ
نصيب ٿيو آهي. سک ڪٿي آهي؟
نقاب جي مٿان نقاب چڙهيل آهن. جيترا گهڻا نقاب
اوتري وڏي تهذيب. ڪتاب تهذيب جا گتا آهن. جيترا
گهڻا ڪتاب، اوترو گهڻو نشو- سڀ تصور جي غيب ۾ گم
آهن.
ڪلا هڪ اَڻ سڙيل سگريٽ جو نالو آهي، جنهن جي
ڇڪيندڙ جي ڳولها ۾ سڄو جڳ حيران آهي. سڄو فلسفو
ماچيس ۽ تيلين جو آهي. هڪڙا اونده ۾ روشنيءَ کي ۽
ٻيا روشنيءَ ۾ اونده کي ڳولهي رهيا آهن.
رات جو چنڊ نڪرندو آهي ۽ ماڻهو سمهي پوندا آهن.
شاعري ان جڳهه جو نالو آهي جا مساڻن ۾ چڪر
لڳائيندي آهي. تپسيا اُلوءَ جو ڌرم آهي. تهذيب
ڪپڙي جو وال نه پر ان جو اگهه آهي. تاج محل مزدورن
جو پگهر آهي. شاهڪار ڪمپازيٽر جي ڪمپوزنگ آهي.
مان مڃان ٿو ته مون تهذيب جو ڏيو اڃا نه ڏٺو آهي.
مان ان فن کان به غير واقف آهيان جنهن ۾ عورت
ساڙهي ته پائيندي آهي پر ان ساڙهي جي اندر ڪجهه نه
هوندو آهي، ان ڪري مان آمريڪا جو ”بپٽ- نڪ“ آهيان.
ڪچو ۽ اڻ گهڙيل آهيان. بت- شڪن، روايت شڪن آهيان.
مان گيت- گوندم ۾ جئه- ديوجي ڀڳتي نه پر ڪرشن جو
حوس ڏسندو آهيان مون کي راڌا جي مک کان هن جو سينو
وڌيڪ سندر لڳندو آهي. منهنجو آدرش بنگلا آهي،
ڀرتريءَ کي مان اٽي لپ ڏيئي سگهندو آهيان.
مون لاءِ پل ڪمزورن جو رستو آهي. مون لاءِ ميدان
ٻڍن جي ڇانوڻي آهي. مان لاهين چاڙهين، آنڌين ۽
طوفانن جو طرفدار آهيان.
مان هر جڳهه تي لڙيو آهيان ۽ هر جڳهه تي منهنجو سر
ڪٽيو آهي. پر منهنجو سر به سر آهي رانوڻ جيان جو
هر دفعي پنهنجي جڳهه تي بيٺو آهي. منهنجو دليل سر
وٺڻ، سر ڏيڻ آهي. مان زهر پي سوچيندو آهيان ۽ خون
۾ قلم ٻوڙي لکندو آهيان.
مون لاءِ ادب ٻڪريءَ جي شهادت آهي، مون لاءِ امرتا
ڪاليءَ جو سراپ آهي.
لهو هي جڳهه لهو آهي. آئينو ڪٿي آهي؟ هر ڪو خون ۾
لوٿ پوٿ ٿيو پيو آهي. ڪاليداس جي اُروشي جڏهن جڏهن
لڪشميءَ جو پارٽ کنيو آهي تڏهن هن پنهنجي ور مالها
وشنوءَ کي نه پر پرور کي پاتي آهي. بي آبرو ٿي صرف
غالب ڪونه نڪتو آهي، هڪ موهن ڪلپنا به آهي. پر هر
نانڪ سان مڪو پنهنجي جڳهه بدلائيندو آهي.
سڀ پٺيون کڻي هلن ٿا. ڪنهن جو سر ڦاٽل آهي؟... مان
جانسن نه آهيان. منهنجي مٿان برابر هئلمٽ جو دهو
پيل آهي ۽ مان ڪيٽس جيان ٽٽو پيو آهيان ۽ منهنجو
معيار هئلميٽ جي محبوب اوڦيلا جيان ڦول چونڊيندي
سرن درياه ٿي ويو آهي.
مان پريمچند جي گهر ٻاهران ڪڏهن به نه لنگهيو
آهيان. ايام ٿيا جڏهن مون شرت جي گهر چلم ڇڪي هئي.
مان هن جو وڃايل اندر ناٿ آهيان. مون کي هڪ رات هن
جي ڪمل سان به گهارڻ جو موقعو مليو آهي. پر مون کي
هن جي ڪروڻا مئي، ديواڪر بڻائي نه سگهي آهي. مون
هر جڳهه سويه- ساچيءَ سان ٽڪر کاڌا. مون شريڪانت
کي مساڻن ۾ راج لڪشمي کي ياد ڪندي ڏٺو آهي.
مون کي پوري خاطري آهي ته مان سرسوتي جي چوٽيءَ
مان ڪريل ڦول جي هڪ پنکڙي نه آهيان.
پر ڪڏهن، ڪٿي ڪنهن پنهنجو پير رکيو هو، مان ان پير
جو نشان آهيان ۽ مان ان پير جي ڳولها ۾ آهيان.
مان مردانا ڪپڙا لاهي، زنانا ڪپڙا پائي رهيو هوس.
مونکي تمام خراب لڳي رهيو هئو. جواني منهنجي جسم ۾
داخل ٿيڻ لڳي هئي ۽ منهنجي خوابن ۾ اُهي چهرا
اُجاگر ٿي ٿيا، جن ۾ گلاب جي پنکڙين ۾ گهوٽيل مکڻ
۽ چانڊوڪيون هيون. ڪا ڄڻ، کٽ اڳيان اَچي بهندي.
اکيون کوليان ته ڏسان ڪڪڙ ٻانگ ڏيئي رهيو آهي. نم
جي وڻ جون ٽاريون ٻه منزلي کڏ ڀرسان ڀوت داخل ماتا
جيان جهومي رهيون آهن. جهرڪين جي چهڪ. مٽيءَ جي
مهڪ.
ها منزل گاه جا فساد ٿي چڪا آهن. ڀڳت ڪنور مارجي
ويو آهي ۽ سنڌ کان ٻاهر جا آيل اڳواڻ اسان جي وڏن
کي سمجهائي چڪا آهن ته اسان سنڌين ۾ ڪي هندو ۽ ڪي
مسلمان آهن. ته سنڌين به ائين وهسڻ شروع ڪيو آهي
ته پهرين هو هندو ۽ مسلمان آهن ۽ کين وسرڻ لڳو آهي
ته پهرين هو سنڌي آهن.
مون کي خراب لڳي رهيو آهي ته مونکي هڪ ناٽڪ ۾
ڇوڪريءَ جي ڀومڪا ادا ڪرڻي آهي. مون کان ريهرسل
ڪرائي ويئي آهي. مڪالما مون کي ياد آهن. سکر ۾
ڀڳتون گهڻيون ٿيون آهن ۽ هاڻ ناٽڪ به ٿيڻ لڳا آهن.
ناٽڪن ۾ هندو مسلمان سڀ اچن. کُلو کُلو کلن ۽ لڪي
لڪي روئن. ناٽڪ ڪلا کين هندو ۽ مسلمان بدران سنڌي
بڻايو ڇڏي. دراصل اهي فرق به اسان کي ٻاهران آيلن
ٻڌايا آهن. سڀني مندرن ۾ ويٺل پُڄاري اُتر هندستان
مان آيل آهن. مڪي ۽ سنڌ ۾ فقط هڪ سٽ ساڳي ڳالهائي
ويندي آهي: لا اِلله اِل الله محمد رسول الله. اها
سٽ به سنڌ ۾ ڪعبي کان بغداد معرفت محمد بن قاسم
712ع ۾ سنڌ آندي. سو هندو ۽ مسلمان پڻا سنڌ ۾ ٻاهر
کان آيا ۽ هاڻ ٻاهر کان آيل اڳواڻ اسان کي اسان جا
فرق ٻڌائي رهيا آهن ته پهرين سنڌي نه پر هندو ۽
مسلمان آهيو.
هندو اُهو جو ڀڳوان کي مڃي. مسلمان اُهو جو خدا کي
مڃي. هندو ڌرم هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور آهي. جنم لاءِ
برهما. پالڻ لاءِ وشنو. مارڻ لاءِ شَو. وگهن ناس
ڪرڻ لاءِ گڻيش. وديا لاءِ سرسوتي. ڌن لاءِ لڪشمي.
جنم کان اڳ زندگي. موت کان پوءِ زندگي. جنمن جو
چڪر. اسان جي ديوتائن کي چهرا- انهن جا بت.
محمد خدا جو پيغام پهچائيندڙ. الله هڪ. ان جو ڪوبه
روپ نه. هڪ پيغمبر محمد. هڪ ڪتاب: قرآن. برابريءَ
جو هڪ ئي رستو.
هندن ۾ ويد، پراڻ، اپنشد، سمرتيون، درگا جا نَو
روپ.
مسلمانن ۾ قيامت، سڀ لاش قبر مان هڪ وقت اُٿندا ۽
خدا کين سندن ڪرمن موجب جنت يا دوزخ ۾ موڪليندو.
منهنجو پيءُ زميندار. ان وٽ هاري ناري ۽ اڳواڻ اچن
۽ بحث ڪن. مان اُهي ٻڌان، نه ته پڙهڻ ۾ مشغول. چار
درجا سنڌيءَ جا پڙهڻ بعد چار انگريزي پڙهي پنجين ۾
داخل ٿيو آهيان ۽ ان جو امتحان ڏيئي چڪو آهيان ۽
هاڻي راجا مندر کان ٿورو اڳڀرو ماڊل هاءِ اسڪول ۾
پڙهندو آهيان. ماستر صاحب اخبارون پڙهڻ تي زور ڏي،
جنهن مان خبر پيم ته ٻي مهاڀاري جنگ چالو ٿي چڪي
آهي. مهاتما گانڌيءَ، ”انگريزو ڇڏيو هندستان“ جو
نعرو هنيو آهي. سباش چندر، آزاد هند فوج ٺاهي آهي
۽ محمد علي جناح مسلمانن جي هوم لينڊ لاءِ پاڪستان
جي گهر ڪئي آهي. پر مان اِهو سچ چئي ڏيان ته مون
اڳيان اِهي ڳالهيون وقت گذرڻ بعد کُلڻ لڳيون ۽
صحيح پس منظر ۾ سمجهه ۾ اچڻ لڳيون. گهڻا ڪوڙ سچ
مون اڳيان ظاهر ٿيا آهن.
مان پنهنجي المستيءَ ۾، سنڌ ۾ ناٽڪ جي جڙ پوڻ لڳي.
مگر سکر ۾ اَڃا اِها حالت نه هئي ته ڪا ڇوڪري
اسٽيج تي اَچي، جا حالت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪڏهن
هئي.
سنڌ ۾ ناٽڪن جي شروعات حيدرآباد جي ڪاسائين ڪئي.
اردوءَ تان الٿا ڪري ”خوبصورت بلا“، ”دل – نادان“،
”فرياد مجنون“. تڏهن ناٽڪ اڪادميون ڪونه هيون جو
کين اَڪادمي انعام ۽ سنڌ گورو پرسڪار ڏين. خيرپور
رياست جي چُڪِي پي اُهي موتمار ڊائلاگ چوندا هئا
جو سڄي دنيا جون نعمتون اُتي سجدا ڪنديون هيون.
مون کي خراب لڳي رهيو هئو ته مون کي ساڙهي ٻڌي پئي
ويئي. ڇاتي تي به ڪپهه ۽ ڪپڙي جون ٺهيل ٻه ابتيون
شئمپين لڳايائون. اکين ۾ ڪجل، چپن تي لعلي، ڳلن تي
سرخي. ڪانٽن سان لڳل لمبا وار. ڪمر وٽ ڪشي اٺ ڏهه
اڳٺ ٻڌايائون، جن جا ڳن هفتا قائم رهيا ته هلي ته
نانگن جيان بل کائي. پنجي پئسي سير کير ته پيسي
پلو ۽ ماڻهو ڳائين: هلو ڀائي هلو پائيءَ لڳو پلو.
تڏهن رپئي ۾ هڪ سئو ٻيانوي پايون هيون. هڪ پائيءَ
۾ چار پوريون ۽ دال يا نَوَ مرچائي تريل پڪوڙا
ملندا هئا. سال شايد 1944 جو هئو ۽ سکر ناٽڪ
منڊليءَ جو اهو فيصلو ته جيڪڏهن ناٽڪ ڪامياب ويو
ته منڊليءَ کي سنڌ جو سفر ڪرائينداسين. ناٽڪ هئو
اَنارڪلي. لاهور ۾ انارڪلي اسٽريٽ آهي. اُتي
انارڪلي جي هڪ خيالي قبر به آهي جتي پڙهڻ ۾ نه
ايندڙ اردوءَ ۾ لکيل آهي: اي بادِ صبا (صبح جي
هوا) – ذارا آهستي چل – يها سوئي هئي هي انارڪلي.
انارڪليءَ کي ته اڪبر جيئري چوطرف ڀتيون لڳائي
پورائي ڇڏيو، جنهن ڀيانڪتا تي اڃا ڪنهن نه لکيو
آهي – مگر اها جڏهن مري ٿي – سندس دم ٽٽڻ ٿو لڳي –
اکيون ڦاٽل ٿيون لڳن – ڄڀ ٻاهر نڪري ٿي اَچي ته
شاعر هوا کي چون ٿا – ڏس هتي انارڪلي سمهي پيئي
آهي – ڏس آهستي هل – زور سان هلندينءَ ته سندس ننڊ
۾ رخنو پوندو. سو، اڪبر، دي گريٽ ته کيس مارائي
ڇڏيو، مگر ماڻهن هميشہ لاءِ کيس دل ۾ جاءِ ڏيئي
ڇڏي.
ماڻهو....
ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، اگر کين خبر پوي ته
کين ڇا ڪرڻو آهي. اِهو مان ڄاڻان ٿو ۽ وقت گذرڻ
سان ٻڌائيندس ته کين ڇا ڪرڻو آهي. ڇو ته مان هڪ
اُهو سنڌي آهيان، جنهن کي جڙ کان ڪٽي ڪنهن اوپري
جڳهه تي ڦٽو ڪيو ويو. اَنارڪلي ته ڀتين ۾ ڳاڙهي
ويئي، پر تون کليل زمين، کليل آڪاس ۾ اڪيلو، بيوس،
ٿڪل، اُڃايل، ماندو پيو رهه ۽ ايترو پري جو تنهنجي
نظر به اسان تائين نه پهچي ۽ مون کي ڪنهن شاعر
جيان چوڻو پوي: سرحد پار نظر کي وڃڻ ڏيو.
ناٽڪ ۾ مان پرنس سليم کي انارڪليءَ جي ڀومڪا ۾
چوان ٿو: ”مان آگري جي ٻانهي. منهنجو ڪهڙو ملهه.
مون کي ته اهو پريمي کپي، جنهن کي منهنجي گهرج
هجي. جو منهنجون ننڍيون ننڍيون خواهشون پوريون
ڪري، مان نه اچان جو وڻ هيٺان بيهي منهنجو انتظار
ڪري. جو سدا سلامت هجي، مگر جو منهنجي لاءِ جان
ڏيڻ لاءِ تيار هجي. آهي ڪوئي؟ ڪوئي آهي؟“ |