مگر ڪير به ته ڪونهي. باهر هڪ کڙڪي آهي. هڪ ڌرتي،
هڪ آڪاش ۽ هڪ سمنڊ آهي. اُن بعد هڪ ڌرتي آهي. هڪ
قبر آهي. اُتي پيلا گل پيا آهن.
اُن قبر کي ڏسي مان چاهيان ٿو ته منهنجو جوش مري
وڃي. جوش مري ٿو، نٿو مري، خبر نٿي پوي، مگر مون
کي احساس ٿئي ٿو ته اگر مون ۾ ڪو فرشتو آهي ته يا
اُن جو هئڻ وهم آهي يا اُن جو مون کي ڇڏي وڃڻ
حقيقت آهي.
مان مٿي تي هٿ ٿو رکان. مون کي لڳي ٿو ته مون کي
بخار آهي. مان ڄاڻان ٿو مون کي بخار ڪونهي. پهريون
دفعو ڪام پنهنجي پوري زور ۽ رفتار سان، قوت ۽
تلخيءَ سان مون مٿان حاوي پيو آهي ۽ مان اُن کان
نجات حاصل ڪريان: اُن لاءِ مون وٽ ڪو وسيلو ڪونهي.
سحر جي قبر ۾ به مون کي راڌا ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ڪير آهي راڌا؟
ڪاش اچي. ٿورو وقت. بس ٿورو، مون کي منهنجي تپت
کان نجات بخشي. مون کي راحت بخشي. مان آخر ڪيترو
تڙپان؟- سڀاڻ هوءَ ايندي، مان در بند ڪندس. مان
کيس پٽ تي سمهاريندس. اگر رڙ ڪندي ته مان سندس وات
تي هٿ رکندس ۽ مان اُهو ڪجهه ڪندس، جو پهريون دفعو
هوندو ۽ منهنجي اندر شرير جي پوري ڍانچي جي پياس
ٻجهندي.
مان پاسا ٿو ورايان- ننڊ نٿي اچي. هڪ هوءَ آهي،
ٿوري چانڊوڪي آهي. هڪ قبر آهي ۽ ٿورا گل آهن ۽ مان
اُن سڀ سامهون پنهنجي شرير ۽ آتما سان بنهه ننگو
آهيان.
مان پاسا ورائيندو ٿو رهان.
نه هوءَ ٿي اَچي، نه هن جي ڇڪ ختم ٿي ٿئي. ڪاش! هن
کڙڪي وٽ اچي ۽ مان کيس ڇڪيان يا مان ئي ٻاهر هليو
وڃان.
مان آهستي اُٿان ٿو. دروازو کولي ٻيڪڙيان ٿو. وري
گهر اندر وڃي انقلاب جي ٻي چاٻي ٿو کڻان. مان ڪافي
وقت سندس گهر ڏانهن نهاري رهيو آهيان، ڪاش ٻاهر
اچي. ڪاش ٻاهر اچي. يا خدا اگر تون آهين ته ڪڏهن
ته منهنجي ٻڌ.
مون کي پڪ ٿيڻ لڳي ٿي ته هوءَ ايندي. مان پنهنجو
دروازو کولي ٿو ڇڏيان. بتي ٻاريان ٿو. گلن ۽ اُن
خالي جڳهه تي ٻه ٽي ڪتاب ٿو رکان. ٻئي بينچ ملايان
ٿو. مون کي ايترو جوش آهي جو اِهي تختا مون کي نه
لڳندا.
مان بيٺو آهيان.
مان بيٺو آهيان.
مون کي لڳي ٿو ته روشني ۽ اوندهه ۾ وڏو فرق آهي.
روشنيءَ ۾ ٻهروپ آهي. اونده ۾ سچائي آهي. روشنيءَ
۾ سنسڪار آهن- اوندهه ۾ سنسڪار مڪتي آهي.
مان نه معلوم ڪيترو وقت بيٺو آهيان، اڪيلو. هوءَ
نٿي اچي، مان بتي بند ڪريان ٿو. مان دروازو بند
ڪري ان کي تالو لڳايان ٿو. واپس موٽي ٻيو در
کوليان ۽ ٻيڪڙيان ٿو ته متان ڪنهن وقت به اچي.
مون کي پڪ ٿي چڪي آهي ته برهمانڊ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير
ڪونهي، مثل هن ۾ خواهشون جاڳي سگهن ٿيون، پر هوءَ
نٿي اچي. جيئن مان هن وٽ وڃي نٿو سگهان تيئن هوءَ
مون وٽ نه ٿي اچي سگهي ۽ جڏهن آئي ته ياداشت جي
کنڊرن ۾ گم ٿي ويس، ۽ فرشتي بڻجڻ جي خوش خيالي ڪرڻ
لڳس. اهو روشني جو دوکو هئو ۽ اوندهه جو يٿارت
اِهو آهي ته مون کي خبر ٿي پوي ته منهنجي زندگي
اڃا بي- زندگي نه ٿي آهي. اُن بي زندگيءَ کان ٻاهر
به زندگيءَ آهي، جتي دک آهي يا سک آهي مگر ڪو خدا
يا گاڊ ڪونهي. ان جي ڪا ضرورت به ڪونهي. فيصلا
ملائين يا الڳ ڪن، فيصلا اسان کي ڪرڻا آهن.......
ڏسان ٿو ته آسمان اڇاڻ طرف مائل ٿيو آهي ۽ اوجاڳو
منهنجي اکين مان گم ٿيڻ لڳو آهي مگر اُن گم ٿيندڙ
اوجاڳي م ڏسان ٿو ته هڪ جسم آهي، جو منهنجي اکين
کي چڀي رهيو آهي.
برتنن جي آواز تي اک کلي. بابا هليو ويو هئو ۽
مٿان ڪمبل وجهي ويو هئو.
مائي چيو، ”پٽ چانهه کڻي اچان.“
”نه-“
”هونءَ نيرن به تيار آهي.“
مون مٿي تي هٿ رکيو ۽ اڱرين سان اکين تي زور ڏنم.
”ڏينهن جي ماني به تيار آهي.“
”ته پوءِ آنٽي تون ڀل وڃ.“
مان اُٿيس ٽوال ۽ پيسٽ کنيم. ٻاهر آيس. ٿلهي تان
اڳيان وڌي ڏاڪي تان هيٺ لٿس. ڪيڏانهن نهاريم ڪونه
۽ تازو ٿي وري اچي بستري تي ليٽيس.
”اگر مان ڪنهن موڙ تان ڦران ته تون مون کي آواز
ڪج.... سحر“
شايد هن ڌرتي کان ٻاهر پتو نٿو پوي جو آڪاش ۾ چڙهڻ
آهي اُهو آڪاش ۾ ڪرڻ ته ڪونهي- ته جو پاتال آهي
اُهو به هڪ آڪاس آهي ۽ چڙهڻ يا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق
آهي، جڏهن ته ٻئي احساس فطري آهن.
مان چاهيان ٿو ته مان ان ڪوٺيءَ ۾ وڃان، جا ڪلهه
تائين مون لاءِ انقلاب هئي، هڪ مندر هئو، شايد
مسجد به هئي، مگر هاڻ شايد هڪ لئبرري هئي، جا
پهرين هڪ ۽ پوءِ ٻن تائين محدود هئي. انقلاب ختم
ٿي ويو ۽ فرشتو انسان ٿي پيو. سورهيائين سوچ تائين
محدود!
چاهيان ٿو ته وڃان متان راڌا آئي هجي. مون کي هن
جي ڇڪ ٿي آهي. اندر ۾ اڪير جاڳي آهي ته کيس ڏسان.
بس فقط پنڌرهن ويهه فوٽ پري هن جو گهر آهي. مگر
هوءَ نه هوندي. هوءَ فقط مون کي ڌتارڻ آئي ۽ مون
کي ٿيڙي پاڻ هلي ويئي. هن ڏيکاريو ته عشق ۾ منهنجي
ثابت قدمي اوستائين هئي جسيتائين اُن جي آزمائش نه
ٿي هئي ۽ آزمائش ۾ مان ڏسان ٿو ته مان هڪ ٻئي عشق
۾ اُلجهي ويو آهيان- هن صحيح چيو: بس، هڪ نظر ۾
ختم!
مان ٻيهر منهن ڌئان ٿو. ڪنگو ڪريان ٿو. آرسيءَ ۾
ڏسان ٿو ته اوجاڳي ۽ ڪاري ڏاڙهي، بس مان شڪل مان
ڪجهه وحشي لڳي رهيو هئس. اکيون جي ڪنهن درويش جيان
ٿوريون وڏيون، اڇيون ۽ نوراني لڳنديون هيون، اُنهن
۾ تناءُ ۽ ڳاڙهاڻ هئي. پوءِ به مون اُن روم جي ٻي
چاٻي کنئي ته ٿورو وقت خلوت ۾ گذاريان.
ڏسان ته دروازو کليو پيو آهي. هوءَ ڪرسيءَ تي ويٺي
آهي. ٽنگون بينچ تي رکيون اٿس، ڪتاب پڙهي رهي آهي.
کيس ڏسڻ سان موڳائي دور ٿي ٿئي.
منهنجي آهٽ سان هوءَ شايد منهنجي هئڻ جو وحشت ڀريو
احساس ٿي ڪري. هوءَ ڪتاب رکي ٿي ۽ ٽيبل تان ٽنگون
هٽائي سڌي ٿي ٿئي. سندس چپن تي مشڪ ٿي اچي، مگر
هوءَ ڄڻ پاڻ کي ڇڪي پاڻ ۾ اَندر ٿي وڃي ٿي ۽ اجنبي
هئڻ جو احساس ٿي ڏئي.
منهنجي ڇاتي ٿوري ڦولجڻ ٿي لڳي. مان چاهيان ٿو ته
ٻاهران دروازو بند ڪريان ۽ وڌي کيس ٻانهن ۾ کڻان ۽
کيس بينچن تي ليٽايان ۽ رات جي تڙپ کان ڇوٽڪارو ۽
راحت پايان.
مگر مان اِئين ڪريان، اُن کان اڳ هوءَ چوي ٿي، ”اڄ
ڪجهه وڌيڪ سهڻو پيو لَڳين.“
لڳي ٿو اُهو آواز منهنجي روح کي ٺنڊڪ ٿو پهچائي.
اکين ۽ ڪنن رستي منهنجي ڪجهه ڪام ترپتي ٿئي ٿي.“
”سڄي رات جاڳيو آهين؟“
مان سندس بنهه سامهون بينچ تي وهان ٿو.
”تو کي خبر آهي؟“
مان اُٿي دروازو بند نٿو ڪريان، پر اهو ٻيڪڙيان ٿو
۽ اڳيان وڌي هن جي گوڏن سامهون اوڪڙو وهان ٿو.
”واقعي جو ڇا مطلب- جاڳيو ته مان آهيان.“
”مون کي خبر آهي.“
۽ هوءَ اُٿي بيهي. ”ته واقعي تون جاڳيو آهين.“ مان
اُٿي هن جي ٻانهن ۾ هٿ ٿو وجهان.
”ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون قبر مان اُٿي آيل
منهنجي سحر آهين؟“
”نه- مان پنهنجو الڳ وجود رکان ٿي ۽ مان ڄاڻان ٿي
ته رات تو منهنجو انتظار ڪيو. تون ٻاهر آئين. تو
بتي ٻاري.“
مون هن جون ٻانهون ڇڏيندي ڄڻ دٻيل چيخ ڪئي، ”پوءِ
به تون نه آئينءَ!“
”تون مون کي مارئي ڪوٺي منهنجي چوڌاري لڇمڻ ريکا
کينچي ڇڏي.“
مون وٽ ڪو جواب ڪونهي.
مان کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايان ٿو ۽ بينچ تي وهان
ٿو. هوءَ به وهندي چئي ٿي، ”تو سمجهيو يا نه، مگر
تنهنجي انتر مَن تو ۾ گناه جو احساس جاڳايو، ان
ڪري تو پنهنجي خدا جي خيالي تصوير اڳيان ڪتاب رکيا
۽ تون خود پنهنجي خدائيءَ کان دور ٿي وئين. اڄ به
شو جي مندر ۾ ڪونه وئين. پيلا گل به ڪونه آندءِ ۽
اهو به ڪونه سوچيئه ته مان ڪيتري لمبي عرصي کان
تنهنجو انتظار ڪري رهي آهيان.“
”راڌا.......“
”اِهو نالو منهنجي مائٽن رکيو آهي. مون توکي چتائي
ڏٺو. مونکي ڪجهه سندر لڳو. مون چاهيو ته توکي مان
موهن ڪوٺيان، مگر تو منهنجي اڳيان سيمائون رکيون.
اِن ڪري مون پنهنجو نالو سيما رکيو آهي.“
مان حيرت ۾ پئجي ويس. مون به ته سحر جي محبت ۾
پنهنجو نالو بدلايو هئو.
”نه راڌا، تون آسيم آهين. رات مون کي تنهنجي گهرج
هئي.“
”۽ مان تنهنجي لاءِ ڪا چانڊوڪي، ڪا ننڊ بڻجي نه
سگهيس.“
”ڏينهن ۾ ٻهروپ آهي، رات ۾ ئي ڪجهه نئون ڪجهه اَڻ
ڇهيل، ڪجهه اَصل آهي.“
”شايد رات جو ڪير حاضر نه ٿو ٿئي ۽ ماڻهو پاڻ سان
ساکيات ٿئي ٿو. ان ڪري ماڻهو ڏينهن جو ۽ تپسوي رات
جو جاڳندا آهن.“
”راڌا.“
”پر رات جو توکي ٿڌ ۽ زڪام ستايو ۽ ڪام جي گرمي
توکي مون طرف ڇڪيو.“ ۽ هن مرجهايل پيلن گلن ۽ ڀت
تي آڏو رکيل ڪتابن ڏانهن نهاريو.
مون کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايو. مون کي لڳو ته مون
کي سمپورڻتا جو انڀو ٿي رهيو هو. هن پهرين پنهنجا
ٻئي هٿ مٿي ڪيا ۽ منهنجي ڇاتيءَ تي رکيا ۽ آهستي
آهستي مون کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پوءِ ڏٺم ته
هن به مون کي ڀاڪر پاتو هئو ۽ هوءَ منهنجي کاٻي ۽
ساڄي چمي رهي هئي.
”تون فڪر نه ڪر، مان آهيان. ويهه، ڪجهه سڀاڻي لاءِ
بچاءِ. مان چانهه کڻي ٿي اچان.“ هوءَ آهستي آهستي
الڳ ٿئي ٿي.
منهن ۾ لوڻ ۽ ماکيءَ جو پوچو لڳائي، مشڪي ٿي ۽ هلڻ
ٿي لڳي.
هوءَ هلي ويئي آهي ۽ مان ٻنهي ڳلن تي هٿ رکي ويٺو
آهيان. مون کي شڪ ٿو پوي ته اِهو هڪ خواب آهي ۽
مان زور سان پنهنجو پير ڪرسيءَ کي هڻان ٿو. ڪرسي
ٿورو مٿي ٿي پريان ڪري ٿي. مون کي پير ۾ ڌڪ ٿو لڳي
۽ مون کي خوشي ٿي ٿئي ته مان سالن بعد پاڻ کي خوش
ڏسي رهيو هوس.
مان اڳلي شخص کي ڇڏيان ۽ نئون شخص بڻجان؟ نئون
بڻجڻ خود ۾ جوڙجڻ آهي. اگر مان ڪٿي ٽٽان ٿو ته ڪٿي
جڙان به ٿو. اِن ڪري مون کي ضد نه ڪرڻ کپي ته مون
کي ڪجهه نئون نه گهرجي. جنهن ۾ کليل من، جذبات
وانجهيل سوچ ۽ نئين روپ- ريکا هجي.
اِهو طئي ٿي چڪو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته خدا يا
ڀڳوان ڪونهي. آهي يا نه آهي، اهو هڪ بي سود بحث
آهي. هو نه چاهڻ تي مصيبت کان بچائي ٿو ۽ نه چاهڻ
تي سک ئي ڏئي ٿو. هو نه ڀل ته ستين آسمان يا کير
ساگر ۾ ويٺو هجي. منهنجي سامهون ٻه ڳالهيون آهن-
هڪ مان آهيان ۽ ٻيو منهنجا سنسڪار آهن. هڪ حالتون
آهن جن پٺيان سماج ۽ تهذيب جا پنهنجا دٻاءَ ۽ اثر
آهن. اِتهاس ۽ سنسڪرتي آهي. اُٿلائي پٿلائي ڏسان ۽
بهتري ۽ جوڙڻ جي اُميد ڏسي ڪو ويچار، مت يا نقطو
قبول ڪريان. ورهاڱو جوڙي نٿو اِن ڪري اهو غلط آهي.
اِن غلطيءَ جي سزا سبب اُهو نه ڇڏڻو آهي جو سريشٽ
آهي......
مون کي خيال ٿيو ته رات مون روشني ۽ اوندهه تي
سوچيو، ٻهروپ ۽ اصل تي سوچيو. ڇا مان صحيح آهيان؟
مگر ڪالهه راڌا طرف منهنجو هڪ رخ هئو ۽ اڄ ٻيو
آهي. ٻيو به ته ڏينهن آهي. ڪالهه به ڏينهن هو. وچ
“ هڪ رات هئي، جنهن تبديل آندي، پر اُهو ڏينهن
هئو، جڏهن مون سحر کي ڏٺو ۽ مون کيس پنهنجي نسبت
سان هن جي پرک ڪئي ۽ مون کي هڪ هئڻ جو احساس ٿيو.
اهو ئي احساس راڌا سان ٿيو اٿم. ٻن مان هڪ هئڻ جو
احساس، اِهو انڀو سيکاريم ٿو ته هڪ هئڻ جو احساس
پنهنجي دائري ۾ وسيع ڦهلاءُ کنيو بيٺو آهي. اُن
سان سحر جي ڀيانڪ اَنت جو درد گهٽ نٿو ٿئي.
مگر اُن دردر ڀرسان بنهه اُن کان مختلف راحت ماڻي
سگهجي ٿي. وفا صادق پيار جي ضامن آهي مگر ٻئي پيار
جي قوت ۽ وسعت بي وفائي نه آهي.
مان هڪ ٻي سچائي کان منهن نٿو موڙي سگهان. بلڪ مان
اُن کي چاهڻ لڳو آهيان.
وري هوءَ آئي، ٻه ڪوپ کڻي.
”تنهنجو فادر ڏسڻ ڪونه اچي ۽ ٻيا؟“
”حيدرآباد ۾ پرنسپال هو، کيس ليڪچرشپ جي آڇ آيل
آهي. مگر نوڪري اڃا ملي نه اٿس. ڀاءُ نائين ۾ آهي
۽ منجهند واري اِسڪول ۾ داخل آهي. ماءُ آهي، اُها
سمهي پيئي آهي. مون به مئٽرڪيوليشن ڪئي آهي. فادر
ئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا. شرت ۽ ٽئگور پڙهيو اٿم.
ڪي فارين جا رائيٽر به پڙهيا اٿم. شرت چندر ڀاوڪ
آهي. مون کي گهٽ وڻي. مون کي ڪجهه اصل ۽ نئون کپي.
ڪوبه دهراءُ نه هجي.“
مون اهستي چيومانس، ”ته ڇا تون وري ڪڏهن منهن نه
چمندينءَ!؟“
هن ڳل تي هٿ رکي نظرون هيٺ ڪيون ۽ چپ ڀيڙيا.
”جواب ڏي.“
روز سنان ڪرڻ دهراءُ ڪونهي. ٻه ڪجن. وڌيڪ ڪجن.“
”ته هڪ ڳالهه مڃ منهنجي.“
”چئه.“
”اچ ته هن بينچن تي ليٽي پئون.“
”منهنجي جان- سر ڪٽي ڏيانءِ!“
”نه، سر نه، تنهنجو شرير کپي.“
”سڀ ڪجهه هڪ وقت، هڪ هنڌ؟“
”مان شايد ڏاڍو سڀاويڪ آهيان.“
”نه.“
”ته؟“
”تون پياسو آهين، شروع کان.“
”تون پياسي نه آهين؟“
”آهيان......“
”تو پوءِ اچ......“ مون چانهه نه پيتي ۽ هن پيئڻ
شروع ڪئي.
وري اُٿي دروازو بند ڪيائين ۽ ڪڙو به پاتائين.
مون پنهنجو چوغو لاهي ڦٽو ڪيو. پر هوءَ مون وٽ نه
اچي ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي.
”اَچ.“
هوءَ کلڻ لڳي.
”نه.“
”ته پوءِ در ڇو بند ڪيئه.“
”متان اِن حالت ۾ توکي دنيا جو پتو نه پوي.“
”پتو ته هاڻ نه پوندو.......“
”هڪ هئو گوتم........“
”ڪير، ڪو پير مرد؟“
هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
نه هڪ راجا هئو. هن ڪڏهن ڪو بيمار، ڪو ٻڍو ۽ ڪو
مئل اِنسان نه ڏٺو هئو........“
منهنجو تناءُ گهٽيو. سندس اکين جو تيج ڏسي مان
اُٿيس. مون قميص پاتي. چانهه جو ڍڪ ڀريم ۽ ڪوپ
رکي، مشڪي هٿ جوڙي کيس چيم، ”ان چيو آهي ته
ترشنائون دک جو ڪارڻ آهن.“
هن ڪرسي اڳيان وڌائي ۽ منهنجي ٻنهي ٻڌل هٿن کي
پنهنجي هٿن سان جهلي پنهنجي ڳلي لڳايائين. هن
اکيون بند ڪيون ۽ هن هڪ لمبو ساهه کنيو ۽ ڇڏيو ۽
پوءِ منهنجا هٿ به ڇڏيا. هن پوءِ منهنجو ڪوپ کڻي
مون کي ڏيندي چيو، ”پي.“
مون چانهه کي ختم ڪندي چيو، ”پوءِ؟“
”واقعي تون سٺو آهين.“
”پر تون ڪنجوس آهين.“
”تون چاهين ٿو ساڙهي لاهي ڦٽي ڪريان.“
”ها.“
هوءَ کلڻ لڳي.
”چڱو بابا- معافي! گوتم ٻڌ ڇا چيو آهي. ساڙهي نه
لاهيو“ هوءَ وري به کلڻ لڳي.
مون سگريٽ دکايو ۽ اڳيان ٿي کيس چيم،
”هن چيو آهي: ترشنائن جو غلام نه ٿجي. هن چيو آهي:
ترشنائن جو تياڳ به نه ڪرڻ گهرجي.“
”ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي: ٻڌم شرڻم گڇامي؟“
”نه.“
”ته.......“
”يڪي ٻولي يا حسين، هڪدم ٽٻي نه ڏجي، ڪجهه ڀرت جو
ڪم ڪرڻ گهرجي: چٽ ساليءَ جو- سنگتراشيءَ
جو.......“
مان کيس سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
”سمهي مان سگهان ٿي. توکي چاهيان ٿي. هينئر به چئه
ته ساڙهي لاهي ڦٽي ڪريان. ڪنهن پهاڙ تي مان وئي نه
آهيان، پر جيڪر چاهيان ته ٿورو مٿي وڃان، هيٺ
ڏسان، اڃا ٿورو مٿي وڃان. اڃان ڪجهه مٿي. اُن
ياترا ۾ سرجڻ آهي. سنتوش آهي.“
هاڻ مان کلڻ لڳس.
”ته تون چاهين ٿي ته سڀ ڪجهه قسطن ۾ ٿين گهرجي.“
۽ هن ساڙهي لاهڻ شروع ڪئي. هوءَ اُٿي ته رات جي
ياد آئي.
”تون مون کي نٿو سمجهين ته اَچ......“
”نه راڌا.........“
”بس؟“
”مون کي لڳي ٿو ته مهان اِهو شخص آهي، جو رواجي ۽
سڀاويڪ شخص آهي. سڀاويڪ بڻجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي-
مان ترشنائن جو تياڳ ته ڪري نه سگهندس، مگر سفر
ڪندي ڪٿي بيهندس ۽ پٺيان نهاريندس.“
هن ساڙهي ٺاهي. اسين ٻئي ڪافي وقت ماٺ ويٺا
رهياسين.
”تون بمبئي ڪونه وڃين؟“
”سائيڪل آهي، هتي ئي ڀٽڪندو رهيو آهيان. پڙهائي به
پنهنجو پاڻ رهجي ويئي آهي.“
”۽ سائيڪل تي تو هن جو نالو رکيو آهي.“
”راڌا.....“
”نه سيما.“
”سيما! سيما ختم ٿي چڪي آهي.“
”نه، شرير سيما نه آهي.“
”هل ته ڪڏهن گهمڻ هلون. سائيڪل تي. ڪڏهن مندر.
ڪڏهن حاجي ملنگ.....“
”ڪڏهن بمبئي. ڪڏهن سينٽرل لئبرري. ڪڏهن آرٽ گئلري.
ڪڏهن ميوزيم. ڪڏهن مرين ڊرائيو ۽ ڪڏهن هئگنگ
گارڊن- ايليفنٽا- ڪنهيري ڪيوز- مڌ آئلئنڊ........“
”مگر هڪ ڳالهه آهي سيما.“
”ڪهڙي ساحر؟“
”اسين ڪنهن اڪيلي جڳهه تي نه وهنداسين.“
”ٺيڪ آهي. پر ڇو؟“
”اها هڪ ڪاري رات هئي، جڏهن مان ۽ سحر........“
مان جڏهن هوش ۾ آيس ته ڏٺم، هوءَ بينچ تي ويٺي هئي
۽ مان ڪرسيءَ تي منهنجو منهن هن جي گوڏن ۾ هئو. هن
جو هڪ هٿ منهنجي منهن تي هئو ۽ هوءَ آهستي اهو هٿ
هلائي رهي هئي.
مون گردن مٿي ڪئي.
”ايترو درد....... تو مٿان ايترو ظلم؟“
”تو کي ڏٺم ته لڳو سحر آهي.“
”هڪ ڏينهن مان هلندس- اُن قبر تي. مان اُتي گل
رکندس. پر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا اُن ٻڌايو
ته تنهنجا زخم ڪافي گهرا آهن. ۽ تنهنجا ڳوڙها
اُنهن گهرائين جي وٿين ۾ گم ٿي ويا اهن.“
”تون نه ڇڏج.“
”اِئين نه چئه.“
”ڇا چوان؟“
”ڪجهه به نه منهنجا راجا.“
هن اُٿي مون کي چمي ڏني، وارن ۾ هٿ ڦيرايائين ۽
پوءِ چيائين، ”سوچينداسين ڪونه.“ هن منهنجو منهن
پنهنجي سٿرن ۾ آندو. ”ڪراچي هلنداسين، ڪڏهن رستو
کلندو، ڪڏهن حيدرآباد جي هير الهاس نگر پهچندي.
تاريخ کي پنهنجو منطق آهي.“
هن دروازو کوليو ۽ هوءَ هلي ويئي.
هڪ جنت هوءَ پاڻ ۾ کڻي ويئي ۽ هڪ جنت هوءَ مون ۾
ڇڏي ويئي.
مون انقلاب ۾ هڪ آرام ڪرسي آندي ته منهنجي سيما
وهي. هڪ پنکو آندم. هڪ گهگهي ۽ ٻه گلاس آندم. آرسي
وٺي واپس ڪيم. سوچيم نه، اُهو اِنقلاب منهنجو بيڊ
روم نه ٿيندو. هڪ ٽئبل لئمپ آندم. ڪي نوٽ بوڪ،
خالي پنا ۽ فائونٽين پينون ورتم. مون خود گهر کي
ٺاهيو.
مون مرجهايل پيلا گل کنيا ۽ شاهه جي رسالي ۾ وجهي
رسالو شيلف جي هيٺئين حصي ۾ رکيم، جتي رامايڻ
مهاڀارت ۽ ڀاڳوت پيا هئا. اُن خيالي جڳهه جي ٻن
پسان کان هئنڊي ڪرافٽ جا ٻه هاٿي رکيم ۽ اُن وچ ۾
ڪي ڪتاب رکيم: ان کان اڳ ان خالي جڳهه کي سلام
ڪيم.
ٻاهر چار ڪوٺيون هيون. باقي ٻن ۽ اَسان جي وچ ۾
ٺهيل ٿلهي مٿان خانگيت جي خيال کان ڀتيون. ٻن
ڪوٺين لاءِ هڪ الڳ ڪاڪوس ۽ سنان جاءِ. پر مون شروع
۾ اِهو بندوبست ڪيو ته هڪ پاسو فقط زالن ۽ ٻيو
فقط مردن لاءِ هجي.
پاڻيءَ لاءِ لازمي طور قطار.
سائيڪل تي سحر هيٺان به سنهڙا نالا ٻيا به لکايم.
سحر- سيما- ساحر. اُها ڀت پاسي رکندو هوس.
بابا جي چهري تي سک واريون خوشيون واپس ورڻ لڳيون.
شايد هن جي ڌيان جو مرڪز مان هئس ۽ سمجهائين پي ته
مان خوش هوس. اها ڪوٺي هن ئي ٺهرائي. ڪنڊ ۾ رنڌڻو،
پاسي کان کليل ٿلهو ۽ هيٺان نيسارو. پٺيان نالي.
هن هنڊين تي پئسا ڏنا ٿي. وري اهي هنڊيون بئنڪ ۾
جمع ڪرائي اُن تي پئسا ٿي ورتائين. ان ريت هن گهڻو
پئسو ڪمائي ورتو. کيس فرسٽ ڪلاس جي پاس هئي. |