هيڏو آدم، جنهن کي ڌرتيءَ کان ڌڪيو ويو آهي، ۽ هڪ
آدم جو مذهب جي نالي وطن ڇڏي پاڪستان آيو آهي، اُن
۾ ڪا ته نئين سوچ پئدا ٿيندي ته رام سون جي لنڪا
ڇڏي، غريب اَيوڌيا موٽي ويو. ائين ته هيءَ ڌرتي
سڄي خوبصورت آهي مگر الڳ الڳ مٽين جو الڳ الڳ
هڳاءُ آهي جو ٻنڌن ۽ موهه ۾ جڪڙي ٿو ۽ اِهو جيون
جو هڪ سچ آهي.
چاهيان ٿو ته هڪ سگريٽ هجي ته ڇڪيان. دونهين ۾
پنهنجي تنهائي ڦوڪيان، پر ڦوڪيندس دونهون. هڪ مان
هوندس ۽ هڪ منهنجي تنهائي هوندي. مان هڪ تنها روح-
مون کي اُن نسبت ۾ پنهنجي وجود ۽ دنيا کي سمجهڻو
آهي. مون کي اتهاس جي دور، اُن جي روح ۽ مزاج کي
پڙهڻو آهي-
ڪراچيءَ جا قدرتي ڪنارا، جهاز بندر سان لڳل.
بمبئيءَ ۾ جهاز پريان بيٺو. جڏهن پاڻي چڙهيو ته
جهاز اڳيان وڌيو.
هيٺ بمبئي جي پوليس نيوي آفيسر ۽ کاڌي ٽوپي پاتل
اڳواڻ يا سيواڌاري بيٺا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نالو
نه پڇيو، هتي به اِئين اَنام. ماڻهن کي کاڌي جا
پاڪيٽ ڏيئي ٽرڪن م چاڙهيو ويو.
اسان جي ٽرڪ بئلرڊ پيرڊ کان جنرل پوسٽ آفيس جو
پاسو وٺي وڪٽوريا ٽرمينس ڏانهن هلڻ لڳي، مگر موڙ
وٽ بيهي رهي.
مان حيرت ۾ پئجي ويس. ساڄي پاسي کان هڪ لنبي ويڪري
ڪاري ديوار، اُها جا ڪراچي بندر تي مون خواب ۾ ڏٺي
ته واگهو ۽ شينهن منهنجي پٺيان ڪاهي پيا هئا ۽ مان
ديوار جي ڀرسان تيز رفتار سان ڊڪي رهيو هوس- ديوار
قائم هئي مگر شينهن ۽ واگهو گم هئا.
اسان سامان لاهي هڪ لوڪل گاڏيءَ ۾ رکيو ته گاڏي
بنا انجڻ جي هلڻ شروع ڪيو. اها هڪ فاسٽ لوڪل هئي.
مون کي بمبئيءَ جي جڳهن ۾ هڪ چيز اکين کي کائڻ
لڳي. ڇتين تي ڳاڙهيون مئنگلور ٽائيلس، ڪراچيءَ ۾
اک سنوت وارين ڇتين تي هريل هئي. ماڻهو به اڪثر
رنگ جا ڪارا ۽ صفا اوپرا. سندن زبان اسان لاءِ
فارسي. ٻئي پل هو ڪجهه پنهنجا لڳا.
مون بابا کي چيو، ”اوهين سمجهو ٿا ته اسين وري
واپس هلنداسين؟“
”ها.“
”تڏهن جڻئي ۾ سکر جي گهر واري چاٻي رکي اَٿو.“
”ڇا؟“
”مون جهاز جي ڊيڪ تي پهچي اها چاٻي الله بخش کي
ڏني ته اِها منهنجي امانت اٿئي.“
”ڇا!........“
۽ الله بخش چيو: مان اوهان جو چوڪيدار آهيان.
اوهين جڏهن به ايندا، مان بدن تي پيل ڪپڙن سميت
ڪٽنب سان ٻاهر هليو ويندس.“
بابا جي اکين ۾ اڻ لکي پاڻياٺ ڏسي مون ڪنڌ ورائي
ڇڏيو.
۽ گاڏي منزلون هڻندي تيز رفتار سان هلي رهي هئي.
پاڻي منهنجي به اکين ۾ آيو. اُن ڏينهن بابا الله
بخش کي چيو ته ورهاڱو ته عارضي آهي. واپس ايندس
مان سنڌ سنڌين جي آهي.
۽ مون کي لڳو هئو ته ورهاڱي جي دکدائڪ حادثي کان
وڏو بابا جو وشواس هئو، ۽ بابا اِهو سوچي ته واپس
موٽي پنهنجي چاٻيءَ سان پنهنجو گهر کوليندس، اُها
چاٻي ئي ڏيئي ڇڏي!؟
يا بابا ائين سوچيو ته مهاجر سکر به پهچندا ۽ اسان
جي گهر جو تالو ڀڃندا، اِن ڪري هن ايمان جو نالو
وٺي چاٻي الله بخش کي ڏني ته سنڌ جو ٽَڪر، ٽڪر جو
هڪ ٽٻڪو، ٽٻڪي جو هڪ ڇلڪو، ڇلڪي جو هڪ خاڪو ۽ اُن
جو به هڪ جزو ته هڪ سنڌيءَ کي هجي ته هندو سنڌي ۽
مسلم سنڌيءَ ۾ جڏهن ڪو فرق ڪونهي ته چاٻي وٽس ڇا
ته هن وٽ ڇا؟
۽ هو هڪ ايماندار شخص، چوڪيدار بڻجي امانت جو
بچاءُ ڪندو- ختم ٿي ويو نظريه پاڪستان، ڀل اُن جو
بوتو باقي هجي.
ڪي ننڍا مندر، هڪ هنڌ مسجد. زمين ڪاري. اوچا جبل.
وچ ۾ سرنگهون. سوا ڪلاڪ بعد گاڏي هڪ اسٽيشن تي
بيٺي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ لکيل هئو، ڪلياڻ. ٻاهر
آياسين ته وري هڪ ٽرڪ ملي ۽ اسين اُن ۾. اُن اڌ
ڪلاڪ ۾ پٿرائين رستي تي جهٽڪا کائيندي هڪ هنڌ هلي
ڇڏيو ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته اُها جڳهه انگريز
فوجين جي خالي ڪيل: ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ هئي. جنهن
کي سنڌين پوءِ سنڌونگر ڪوٺيو، مگر سرڪار اُن جو
نالو الهاس نگر رکيو.
منجهند جو وقت. مکيه رستي تي ڪي وڻ هئا، باقي ڄڻ
ڦٽل شهر، هڪ کنڊهر، آسمان ۾ ڪي ڳجهون. ڪابه هڪ ماڙ
منزل نه. اُن کي ڪابه اسٽيشن نه، نه ڪا پوسٽ آفيس.
رستا اُکڙيل ۽ ڪٿي به بجليءَ جي ٿنڀي ۾ ڪو بلب نه.
سئنيمائون بند.
هڪ پراڻي اسپتال، جيمس سائيڊنگ وٽ ٻه ٽي کاڌي ۽
چانهه جا دڪان. هتي گهر نه هئا، بئرڪون هيون ۽
ڪوٺيون فقط ڪِن ڪِن بئرڪن ۾ هيون. اڳ ۾ آيل شخص
ڳوڻيون هٿ ڪري وچ ۾ هڻي، هڪ بئرڪ ۾ اٺ اَٺ ڪوٺيون
ٺاهيون هيون. ڪٿي به ڪو باغ نه. پکي نه. ٿورا سوئر
جي مون سنڌ ۾ ڪونه ڏٺا. ڪاڪوس ٿورا ۽ بئرڪن کان
ٻاهر. ٻاهر ئي سرڪاري نل. گهرن ۾ ڪوبه رنڌڻو ۽
سنان جاءِ ڪون.
سرڪار طرفان ڪي تنبو لڳل. اُتان مفت کاڌو. کاءُ ۽
کسڪ. اسان ٻنهي سامان کڻي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ
سنيما ڀرسان هڪ خالي بئرڪ م هڪ ڪوٺي ڏسي سامان
اُتي رکيوسين.
بابا چيو، ”پٽ- هي ٿورا پئسا وٺ. ڪلياڻ وڃي پنهنجي
لاءِ سائيڪل خريد ڪر ۽ گهر لاءِ ٿورا برتن، مٽ
گلاس ۽ اناج وٺي اچ. فڪر نه ڪر، ڏک جا ڏينهن گذري
ويندا. تون وڃ ته مان ٿورو ليٽي وٺان. ڏهه سال ٿيا
ته تنهنجي ماءُ گذاري ويئي، اُن بعد ڪڏهن سک جي
ننڊ ڪونه ستو آهيان ۽ هاڻ هتي مان هڪ لمبي ننڊ ڪرڻ
ٿو چاهيان.“
مون پئسا ورتا ۽ مون هلڻ شروع ڪيو. اڍائي ميل پنڌ
ڪري سائيڪل ورتم ته ياد آيو ته آمريڪي سولجرن مون
کي گولي هنئي ته مان زخمي ٿي سائيڪل تان ڪري پيو
هوس، اُها سائيڪل اُتي ڇٽي.
مون سائيڪل سان گڏ اُن جي جوڙڻ جو، پنڪچر ٺاهڻ جو
سامان به ورتو. گهر لاءِ ٻيو سامان خريد ڪيم. اُتي
هڪ ٽانگي ۾ رکايم ۽ گهر..... جو به چئجي.......
کڻي آيس.
نه چاهيندي به هڪ نه جهڙي زندگيءَ کان ٻيهر زندگي
جيئڻ جي شروعات ڪيم. سائيڪل جي گديءَ ڀرسان
انگريزي ۾ هڪ نالو لکايم: سحر.
چڪر لڳائي هڪ نل ڳولهيم. مٽ ۽ بالٽيون ڀريم ته
ڪجهه سنان وغيره ڪجي. سوچيم ته سڀاڻ بابا لاءِ کٽ
وٺي ايندس. مان ڏيندس کيس آرام.
۽ رات جڏهن بابا پٽ تي ليٽيو ته مون فراسيءَ جي
ڪنڊ تي ويهي کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا. هن اکيون کڻي
مون ڏانهن نهاريو. مون کي لڳو، ته کيس سٺو لڳو ته
مون سمجهيو ٿي ته مان سندس سک جو سوچي رهيو هئس ۽
جڏهن کيس ننڊ آئي ته مون لال ٽين جي وٽ هيٺ ڪئي ۽
ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل فراسيءَ تي ليٽي پيس.
پتو نه پيو ته اکيون بند ٿيون. هاڻ ته ڪي واگهو ۽
شينهن نه هئا، پر مان تيز رفتار سان ڊڪي رهيو هوس.
پاسي کان هڪ لمبي اوچي ڪاري ديوار. شايد اڳيان هڪ
چڙهه، پهاڙ جي چوٽي. خال. کاهي. پٿر.
مان جهٽڪي سان اُٿيس. سوچيم ته چانهه ٺاهيان مگر
گهر ۾ نه کير، نه چانهه، نه کڻڊ ۽ نه اِسٽووَ. گهر
بنا عورت جي گهر ڪوٺي ڪيئن ٿو سگهجي؟ بابا ٻي شادي
نه ڪئي ۽ جا منهنجي هئي، سا ته رهي نه هئي. ڪجي
ڇا؟-
مون هٿ منهن ڌوتو، ڪنگو کنيم ۽ سائيڪل ٻاهر ڪڍيم.
سڌو ڪلياڻ ويس. اُتي هوٽل ۾ چانهه پيتم. اُتي نه
مکڻ، نه ڊٻلروٽي، نه پڪوان، نه سيرو ۽ نه پوري.
فقط بصرن جا پڪوڙا ۽ پٽاٽن وارا. مون سگريٽ جو هڪ
پاڪيٽ ورتو ۽ ٻي چانهه پيتم.
شهر کليو ته بابا لاءِ هڪ کٽ ورتم. هڪ وهاڻو ورتم.
هڪ ڪرسي ۽ ٻيون شيون وٺي ٽانگي ۾ رکايم ۽ موٽيس
گهر. ريجمينٽ سينما رستي کان اندر هئي. چوطرف فقط
سڪل گاهه ۽ ٿوهر ۽ اڪن جا وڻ.
سامان کڻائي گهر رکايم. ۽ اسٽوف ۾ گاسليٽ وجهي
اُهو ٻاريم. ڪڏهن چانهه ٺاهي نه هئم مگر خبر هئم
ته ڪيئن ٺهندي آهي.
بابا کي اڃا ننڊ هئي.
مون سوچيو ته منهن ۾ اجايو جهنگ کڻي ٿو گهمان،
مڇون به وڌي ويون آهن، سو وڃي لهرائي ايندس ۽ اُهو
ٿيندس جو سحر ڏٺو هئو.
چانهه ڪوپ ۾ ڀري بابا اڳيان رکيم.
”بابا“.
هو اُٿي ويٺو. ٽنگون سڌيون هئس. چيائين، ”پٽ کڙيون
پوسري رهيون آهن.“ سو هڪ هڪ ڪري ڏٺائين ۽ ڏک مان
چيائين، ”هتي شايد گُسون آهن. پير چَٽي ويون آهن.“
ڏک مون کي ٿيو. مون بابا کي ٽوال ڏنو. هن اهو ورتو
۽ آهستي آهستي اُٿي ٻاهر وڃي منهن ڌوئي آيو. مون
سندس فراسي کڻي اُن کي ڇنڊيو ۽ کٽ تي اُن کي
وڇايم. ڏکڻ پاسي وهاڻو رکيومانس ۽ چانهه جو ڪوپ هٿ
۾ جهلي بيٺس.
هو آيو ۽ کٽ تي ويٺو. چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيائين،
”اوه! تنهنجي ماءُ ياد اچي ويئي. چانهه کي کير ۾
چڱو گهمايو اَٿئي. ٻيو ڪوپ آهي؟“
”ها.“
”ڏاڍي محنت ڪري هيڏو سامان آندو اَٿئي.“
”بابا- خيال نه ڪريو- مان گهر ٺاهيندس.“
اسان سنڌ مان فقط هڪ بئگ آندي. اُن ۾ ٿورا ڪپڙا ۽
گينيون هيون. شاهه جو رسالو هئو. باقي ٻه فراسيون
۽ ٻه چادرون هيون.
”سرڳ مان سڌو نرڳ ۾ ڪريا آهيون.“
مان چپ.
”مفت ۾ ته ڪا شيءِ نه آندي اَٿئي نه.“
”نه بابا.
”متان ڪجهه ورتو اٿئي. ڌرتي وڃائي اٿئون تهذيب نه
وڃائينداسين.“
مون بابا کي ٻيو چانهه جو ڪوپ ڏنو ۽ هو سڪون سان
پيئڻ لڳو. رکي رکي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.
”پاسي ۾ ڪو ڪاڪوس آهي؟“
”نه!“
”انگريز ڇا ڪاڪوس ڪونه ڪندا هئا ڇا؟“ ٿورو
مشڪيائين.
”خيال نه ڪريو، سامهون خالي سينما آهي. جيستائين
اسين پنهنجو ٺهرايون........“
هو اٿيو ۽ ٻاهران ٿي آيو. انگريز ڪپڙا پائي
چيائين، ”هل ته ڪو ڊاڪٽر ڳولهيون.“
هن گهڻي نه نه ڪئي، مگر کيس سائيڪل تي اڳيان
وهاريم. ساڄي کاٻي، هيٺائين مٿائين هڪ به دڪان نه
هئو. ڪي سنڌي ماڻهو ڏٺم جن ٻڌايو ته فلاڻي طرف هڪ
پراڻي سرڪاري اسپتال هئي.
اُتي ڪافي ماڻهو هئا. اسان کان اڳ آيل ماڻهن کي
بدليل پاڻيءَ سبب خارس ٿي پيئي هئي ۽ گهڻن کي ڦٽ
ٿي پيا هئا. اُنهن لاءِ الڳ قطار هئي. اسين
اِمرجنسي وارڊ ۾ وياسين. ٻاهر بيٺل، هڪ مائي بينچ
تي ويٺي هئي.
اندر ڪي ماڻهو هئا.
”امان تون روئين ڇو ٿي؟“
”پٽ ڇا ٻڌايانءِ! منهنجي نُنهن کي هفتو اڳ پٽ
ڄائو. رات دروازو کليل هئو. هڪ سوئر آيو، جيڪو ٻار
کي وات ۾ کڻي ڀڄي ويو. مان پٺيان پئي مانس ۽ سوئر
کي ڏسي وڃي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وڌيون مانس. هن زور سان
پاسو ورايو. مان هڪ پاسي ته ٻار ٻئي پاسي ڪريو.
ڀڳوان ٻار کي وڏي حياتي ڏئي. پڻهس اندر ڊاڪٽر وٽ
کڻي ويو اٿس، ملڪ ڇا ڇڏيو اٿائون، اچي نرڳ ۾ پيا
آهيون!“
”امان.“ هڪ جوان ٻاهر آيو. ”ڊاڪٽر چئي ٿو ته ٻار
مري چڪو آهي.“
مون سمجهيو ته هوءَ روئندو مگر هوءَ شايد اڳ ئي
اُميد لاهي ويٺي هئي. هن چيو، ”هڪ پتيورتا اِستري
آهيان. ڀڳوان جناح کي..... جو اَسان کي ماري پورو
ڪيو اٿائين.“
هو ويا ته اسين اَندر وياسين. مون ڊاڪٽر سان
انگريزيءَ ۾ ڳالهايو. ڊاڪٽر بابا جا پير ڏسي اُن
کي لوشن وغيره هڻي مٿان ملم هنيو ۽ ٿورو ملم بابا
کي ڏنو ۽ چيائين، ”گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪونهي. ٻ ٽن
ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندا، پر پٽ تي نه سمهو. لڳو ته
خانداني ٿا.“
مون چيو، ”سنڌ ۾ اسين زميندار هئاسين.“
”نوڪرَ چاڪر هوندوَ؟“
”اُتي هئا.“
”هتي؟“
”اڃا ڪالهه آيا آهيون.“
”ماني ۽ جهاڙو پوچي لاءِ مائي کپيوَ ته وٺي
ڏيانوَ.“
”اوهان جو احسان ٿيندو.”
”آهن به اَوهان وانگر سنڌي“
”اوهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“
”هتي سسٽرس جي نوڪري ڪرڻ آيون ۽ پوءِ چيائون ته ڪو
به ڪم ملي......“
ڊاڪٽر اَوهان جو نالو؟“
”ڊاڪٽر گاوڙي.“
”مان آهيان ساحر.....“
”ساحر لڌيانوي؟......
”اُهو ڪير آهي؟“
”شاعر آهي.“
”نه“ مون چيو، ”مان پناهگير آهيان.“
”ٿورو ترسو مايون اَچي وينديون.“
اَٽڪل چاليهن سالن جي هڪ مائي ملي. اُن کي وٺي گهر
آياسين.
”پگهار گهڻو ڏيندا؟“
”جيتري توکي گهرج هوندي“
”تڏهن به ٻڌايو. ويهه رپيا مهينو؟“
”ڀيڻ پاڻ کي نوڪرياڻي نه سمجهه. مان تنهنجو ڀاءُ.
تنهنجو پگهار پنجاه!“
”اوهه، اَوهان ڪالهه ڪٿي ها؟“
”ڇو؟“
”ڪالهه اڃا ٻن تولن جو آخري چوڙو وڪيم. چاليهه
رپيا مليا!“
”محنت ڪرين ٿي ته برڪت پوندءِ. ڪڏهن ضرورت پويئي
ته حجاب نه ڪج ڀيڻ.“ اِئين چئي بابا کيس ڏهين ڏهين
جا ٻه نوٽ ڏنا. ”هيءَ وٺ سوٿي!“
هن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مان سائيڪل کڻي ٻاهر هليو
ويس.
ڪئمپ چڱي کليلي ۽ ڦهليل هئي. ريلوي پٽن جي ٻئي
پاسي ڪافي سنڌي هئا، اُتي هڪ ڪڇيءَ جي سئلون به
هئي. مون ڏاڙهي ۽ وار لهرايا.
سامهون ٻه وڏا جبل هئا. ڏٺم ته ماڻهن اُن چونڪ جو
نالو گانڌي چونڪ رکيو هئو. ڪي ڪئبنون هيون، جن ۾
هوٽلون کلي ويون هيون، جتي اُهو سڀ ٿي مليو، جو
ڪلياڻ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيم. هڪ پئڪٽ ۾ ٿورا شيخ ڪباب ۽
ڊٻل روٽيون ورتم. سائيڪل تي چڙهيس ۽ اُڏامندو گهر
پهتس.
بابا کي لڳو ته وطن ڇڏڻ بعد مون اُهو سڀ ٿي ڪيو،
جيڪو مون اڳ ڪڏهن نه ڪيو هئو ۽ جو ڪيو ٿي ان سندس
من جو بار گهٽايو ٿي. گهر صاف ڏسڻ ۾ آيم. بابا به
ڏاڙهي لاهي سنان ڪيو هئو ۽ قميص پتلون پائي کٽ تي
ويٺو هئو. هن مشڪيو.
لڳو ڄڻ اوندهه ۾ نوري روشني جرڪي اُٿي هئي.
مون ٽي ڏينهن رفيوجي ڪئمپ جا چڪر هنيا. هڪ پهاڙيءَ
تي چڙهي ويس ۽ وسيع منظر ڏٺم.
هڪ ڪئمپ ۾ ڪل پنج ڪئمپون هيون. ايراضي اٽڪل چوڏهن
چورس ميل. ٽن قسمن جي ماڻهن لاءِ، هر ڪئمپ ۾ ٽن
قسمن جون اڏاوتون هيون.
آفيسر ٽريننگ ڪالوني، جنهن کي سنڌين او. ٽي سيڪشن
سڏيو، اُن ۾ هر بئرڪ ۾ فقط چار ڪوٺيون ۽ ڇت هيٺيان
سنوت ۾ لڳل سيمنٽ جا پترا. اِهي آفيسرن لاءِ هيون.
ان بعد بئرڪون، جن ۾ انگريزي سولجر رهندا هئا. اُن
بعد فالوئرس لائين، جن ۾ انگريزن جا مڪاني مراٺا
ملازم رهندا هئا.
او، ٽي سيڪشن ۾ ڪوٺين ۾ بجلي ۽ ٿورو پرڀرو سهڻا
ڪاڪوس ۽ سنان جايون. بئرڪن ۽ فالوئرس لائين ۾
ڪاڪوس ٿورا. اولهه ۾ ڪلياڻ ته اوڀر ۾ اَمبرناٿ
شهر. پهرين ڏکڻ ڪئمپ کلي يعني چوٿون ۽ پنجون، ڇو
ته اُن پاسي اٽڪل هزار سال پراڻو شو مندر هئو. ريل
پٽن ڀرسان برساتي پاڻي م ڦاٽندڙ هڪ نهر. هڪ وڏي
نهر اُتر ڪئمپ کان ٿورو پَرڀرو.
ڪئمپ جي حدن کان ٻاهر اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ. جهوپڙين
جو نمونو سنڌ جهڙو، پر جهوپڙيون ڪجهه ننڍيون ٺهيل
هيون ۽ آدم به قد ۾ سنڌين کان ٿورو ننڍو هئو. زمين
ڪاري ۽ پٿرائين هئي اِن ڪري اُهي ڳوٺ اکين کي اڳ
ڏٺل ڪونه لڳا ۽ وڻڻ ۾ لمبي وقت جي گنجائش هئي.
سرڪار پنج ڪئمپ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيا ته ڏسن ته هر
ڪئمپ ۾ سنڌين کي کاڌو ۽ پاڻي ضرور ملي.
ماڻهو گهڻا ۽ ڪاڪوس سنان جايون گهٽ هئڻ سبب زالن ۽
مردن لاءِ الڳ ڪچا ڪاڪوس ۽ سنان جايون ٺاهيون
ويون. چار وڪڙا. ٽن پاسي ڳوڻيون ۽ منهن ۾ ڪچي ڪاٺ
جو اڌ دروازو.
هڪ صبح مون ڏٺو ته زالن جي اِنهن سنان جاين جو
حساب اَهڙو هئو جو ڪا اُتي سنان ڪري ته سندس مٿيون
اڌ بدن ڏسڻ ۾ اچي. ڪاڪوس ۾ اُلٽو حساب. اڌ دروازو
اچي پر مٿي ڀل جسم جو هيٺيون حصو ڏسڻ ۾ اچي، پر
منهن لڪل هئڻ کپي!
مان ويهن سالن جو جوان هئس. سحر مون کان ٻه سال
ننڍي هئي. قطارن ۾ سنان. قطارن ۾ ڪاڪوس. اَڌَ
دروازا. ڪٿي ڇاتيون ظاهر، ڪٿي بدن جو هيٺيون حصو.
مون فقط هڪ دفعو هڪ منظر ڏٺو. شرم وچان منهنجو ڪنڌ
جهڪي ويو! اِن روپ ۾ ماءُ ڀيڻ ته ڇا پر ڪير پنهنجي
پريمڪا کي به نه ڏسندو. هڪ بند ۽ تنگ سماج کي ڇڏي
اسين هڪ کليل ۽ آزاد ملڪ ۾ آياسين؟ پر اهڙي آزادي
ته اَسان ڪڏهن چاهي نه هئي.
اُن بعد ان طرف مون ڪڏهن منهن نه ڪيو ۽ ڏٺم ته اُن
طرف ڪنهن به مرد نٿي نهاريو ته سمجهيم ته اسان جي
تهذيب ته باسلامت ۽ مضبوط مگر اسين وقت ۽ تاريخ ۾
کليءَ طرح وائکا ۽ اُگهاڙا ٿي ويا هئاسين. پنهنجي
وطن ۾ ته مون نه ڪڏهن اِهو ڏٺو نه ٻڌو ۽ نه پڙهيو،
اگر اتي ڳوٺ هئا ۽ شهري سهولتون نه هيون ته اُتي
وڻ، ٻوٽا ۽ ڌرتي جا ننڍڙا دڙا ۽ لاهه هئا، جتي شرم
۽ مرم قائم رهيو ٿي.
ڪيتري مختصر گذاريل زندگيءَ ۾ ڪيترو ڏٺو آهي مون.
مان هڪ خسيس مانهو، مگر ڇا مان همت ۽ چاهت سان هت
ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهان؟
مان راڄنيتي ڪونه ڄاڻان، مگر هڪ سڀيه سماج جي
سڀيتا قائم رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ جدوجهد نٿو ڪري
سگهان؟ هيءَ زندگي جا اَسان جي مرضي جي خلاف اَسان
خلاف مڙهي ويئي، اُن کان ڇوٽڪارو پائڻ ناممڪن آهي؟
يا مان فقط اُڀامان ٿو ۽ منهنجي سورهيائي فقط
منهنجي سوچ تائين محدود آهي؟
ٺيڪ آهي. مان شايد ڪو سورهيائيءَ جو ڪارنامو نه
ڪري سگهان مگر مان صحيح سوچان ته مون لاءِ اوترو
ڪافي آهي.
مان ڪو رام نه آهيان جو هٿ ۾ تير جهليان ۽ سمندر
ديوتا هٿ جوڙي اڳيان اچي بيهي. مان ڪو هنومان به
نه آهيان، جنهن هٿ ۾ جبل کنيو- مان ڪرشن به نه
آهيان جنهن سُدرشن چڪر سان وناش ليلا رچائي، پر
مان آهيان. منهنجو هئڻ هنن ماڻهن جي نسبت ۾ مون
کان تقاضا ٿو ڪري ته مان اُهو ڪريان. جو کين اِن
زندگيءَ کان بچائي ۽ هڪ مان ته نه آهيان، هن غيرت
مند سماج ۾ مون جهڙا لکين هوندا. اسين هڪٻئي کي
ڳولهي لهنداسين، پر اهو سلسلو جڙڻ کان مان، ڀل
اڪيلو، سوال ڪندس ته هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جنهن
اسان کان وطن ڇڏائيو، مگر اسان جي رهائش لاءِ ڪا
رٿا نه بڻائي؟ هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جا جيئڻ جا
وسيلا ميسر نٿي ڪري ۽ مفت جو راشن کارائي اسان جي
هڏ ۾ ڀريل محنت جي جذبي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي؟-
پنڌرهن لک سنڌي هندو ڪيڏانهن ويندا؟
هڪٻئي کان الڳ ۽ ڪٽيل رهي اسين پنهنجو وجود ۽
سڃاڻپ قائم رکي سگهنداسين؟
فيصلو وقت ڪندو ته جن دارا، سڪندر ۽ هزارن حمله
آورن کي منهن ڏنو آهي ائين سٿرا مرڻ وارا ڪونه
آهن. مارڻ وارا ختم ٿي ويا ۽ سنڌي اڃا قائم آهن ۽
اُهي قائم رهندا، ايڏي سگهه هنن جي تهذيب ۾
آهي.....
هڪ ڀريل وڻ هيٺان بيهي مون سگريٽ دکايو. نه فقط
سوچڻ سان ڪجهه ٿيندو. مان ڪجهه ڪندس ۽ مان اُهو سڀ
ڪندي، پنهنجي وطن ۽ هنن ماڻهن کي ڏسي ڪندس! اِتهاس
ڀل چوي ته هندو سنڌين سنڌ وڃائي آهي، مگر سنڌ
سنڌين ۾ وَسي ٿي.
دل ٿي ٿئي ته گهر موٽي لطيف جي ڪوتا پڙهان. مگر
ڏسان ٿو ته مون ٻه ڪلف ورتا آهن ۽ او. ٽي سيڪشن ۾
اُهي ٻن ڪنڊن وارين ڪوٺين ۾ هنيا اَٿم. ڀرسان نل،
پٺيان ڪاڪوس ۽ سنان جاءِ. ساوڪ بدران سڪل گاهه.
مان سوچڻ ٿو لڳان جو مون کان ٿيو اُهو ڪيئن ٿيو؟
مون کي هڪ ڪوٺيءَ جي ضرورت آهي مگر مون ٻه ڪوٺيون
ڇو والاريون؟- ڇا وڏن جي زميندار ذهنيت جو رنگ
منهنجي رت ۾ آهي ته جڏهن ٻيا ڳوڻين جو ڀتيون هڻي
سٿيا پيا آهن، تڏهن مون به ڪوٺيون قبضي ۾ ڪيون
آهن؟ اگر رت ۾ ڪا خرابي آهي ته ڪا چڱائي به هوندي،
جنهن ۾ هزارين سالن جي شرافت ڀريل هوندي. ٺيڪ آهي،
هڪ روم م اسين پيءُ ۽ پٽ رهنداسين ۽ ٻئي ۾ منهنجو
انقلاب رهندو. اُها ٻي ڪوٺي اُنهن جوانن جي نالي
رهندي، جي پنهنجي سماج جي حقن لاءِ لڙندا. صرف
کائڻ ۽ سمهڻ زندگي نه آهي.....
مون بابا کان ڪجهه پئسا ورتا.
هڪ روم ۾ بابا ۽ مان ۽ سڀ سامان. ٻي روم ۾ هڪ
ٽيبل، هڪ ڪرسي، هڪ ريڍيو، ٻه بينچ ۽ ٽيبل تي رکيل
شاهه جو رسالو. ڀرسان پيلا گل ۽ سحر جو هڪ خيالي
چتر.
آهستي آهستي سنڌي ايندا ويا. آدم اَڌ لک جو انگ
اورانگي ويو..... ايترا سنڌي فقط ڪراچيءَ ۾ هئا ۽
ٻيو ڪٿي به نه هئا. هت حيدرآبادي هجي يا واڻيو،
ٻئي دٻو کڻي هڪ قطار ۾ ٿي بيٺا. لاڙڪاڻي جا بيهه
به هتي پهچي ويا. مڇي پهتي مگر ڪوٽڙيءَ جو پلو نه
پهتو. پاسي واريون ٻه ڪوٺيون به ڀرجي ويون. شايد
حيدرآبادي هئا. ڪافي دڪان کلي ويا. ڪي اِسڪول به
کليا.
ڍنڍورو ڏياريو ويو ته اَئڊمنسٽريٽر جي آفيس مان
راشن ڪارڊ ۽ رفيوجي سرٽيفڪيٽ وٺي وڃو. مون ’سحر‘
کنئي ۽ اُن جڳهه تي پهتس جنهن کي هاڻ ’پوائي’ چيو
وڃي ٿو.
سرڪار ماڻهن کي مفت راشن ڏيڻ جا الڳ ته پيسن تي
راشن ڏيڻ لاءِ الڳ دڪان کوليا ته خبر پوي ته گهڻا
سنڌي غيرت وارا آهن ۽ گهڻا سنڌي مجبور يا لالچي
آهن. خبر پيئي ته آيل اَئڊمنسٽريٽر چيف منسٽر جو
ڀائٽيو هئو.
مون کي ٿورو عجب لڳو ته راشن ڪارڊ جي قطار تمام
وڏي هئي، مگر رفيوجي سرٽيفڪيٽ کڙڪيءَ ٻاهران هڪ به
ماڻهو ڪونه بيٺو هئو. سمجهيم ته شايد ڪلارڪ موڪل
تي هوندو مگر اُتي پهچي ڏسان ته ڪلارڪ ٽيبل تي
پنهنجي معشوقا سمجهي آرام سان اُن تي ٻانهون رکي،
اکيون ٻوٽي پٿاريو پيو آهي.
شايد وري منهنجا زمينداري سنسڪار جاڳڻ لڳا.
”اي مسٽر، تون پگهار ڇا حرام جو ٿو کائين؟“
طاقتور ڪلارڪ ڳاڙهين اکين سان سڌو ٿي چيو، ”ڀيڻان،
پاڪستان مان ڀڄي آيو آهين هتي داداگيري ٿو
ڏيکارين؟“
اِن جو جواب مون وٽ آهي مگر اهو ڪنهن چيف منسٽر يا
پرائيم منسٽر کي ڏيندس. تون اِن لائق ڪونه آهين.“
ڪلارڪ جون اکيون ڪنن تائين ڦاٽي ويون.
”پر توکي کپي ڇا؟“
”رفيوجي سرٽيفڪيٽ.“
”راشن ڪارڊ اٿئي؟“
”نه!“
”ته پوءِ مون کي ڪهڙو ثبوت ته تون رفيوجي آهين.“
”ڪلارڪ آهين پنهنجو ڪم ڪر.“
پهرين راشن ڪارڊ ڪڍاءِ.“
”مگر راشن ڪارڊ وٺندڙ به ته رفيوجي آهن.“
”ها.“
”ته ڪهڙي ثبوت تي ڏنا ٿا وڃن.“
”اِهو پاليسي مئٽر آهي مان ڇا ڪريان؟“
مان ڇهه فوٽ ڊگهو. ڪراچيءَ ۾ اڇي ڊريس، اڇو بوٽ
هئو، اَڇا جوراب پائيندو هوس ۽ رومال به اڇو کڻندو
هئس. هڪ دفعي سحر چيو هئو:
هڪ فرشتو.
منهنجي گهر ۾
گيت ڳائڻ ٿو اَچي......
پر هتي ڪنهن مل جي چوڪيدار جيان سخت تري وارو بوٽ
ورتو هئم، جو چڀندڙ پٿرن پيرن جون کلون لاهي ڇڏيون
هيون، جو هڪ شاعر کي دانهن ڪندي ٻڌو هئم:
جبلن تي ٿا جتيون گسايون.
لوهه جا بوٽ وٺي ڪي پايون.
۽ سحر به ته نه رهي هئي جا بوٽ جي ڪپڙن سان نسبت
ڏسي.
مان سڌو ائڊمنسٽريٽر وٽ ويس ته چپراسيءَ روڪيو ۽
اندران موڪل وٺي پوءِ ڇڏيائين.
صاحب گول ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ويٺو هئو. هٿن ۾ ’ٽائيمس
آف انڊيا‘ هئس. اها هيٺ ڪيائين ته ڏٺم ته وات ۾
چروٽ هئس. وات جي هڪ ڪنڊ کولي چيائين ”چئه.“
”وهڻ لاءِ ڪونه چوندا.“
”ڪم جي ڳالهه ڪر.“
”سر، اگر رفيوجي سرٽيفڪيٽ لاءِ راشن ڪارڊ کپي ته
راشن ڪارڊ لاءِ رفيوجي سرٽيفڪيٽ کپي، مگر اِهو
ڪيئن ممڪن آهي ته بنا هڪ جي ٻيو ملي سگهي.“
هن چروٽ کاٻي هٿ ۾ جهلي چيو، ”رفيوجي سرٽيفڪيٽ
لاءِ ماڻهو موڪلي جاچ ڪرڻي پوندي آهي، ڇو ته فري
راشن ڪارڊ ته فقير به وٺي سگهندا ۽ رفيوجي
سرٽيفڪيٽ سان ڀارت جي ناگرتا ملي سگهندي آهي.“
منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ لڳيون.
هن مشڪيو ۽ ناٽڪي انداز ۾ چيائين، ”ڳلا ڦوڪليل
اٿئي يعني گهڻن سان ئي سمهيو آهين ۽ هتي ته حسن جي
بزار کلي پيئي آهي ڪنهن کي به هٿ کان جهلي ڪيڏانهن
وٺي وڃ..... هڪ مون کي آڻي ڏي ته جو گهرين سو
ڏيانءِ.......“
مون طوفان جي رفتار سان رکيل ڪرسي کنئي، مٿي ڪئي ۽
پوريءَ طاقت سان کيس هنئي. هن ٻئي هٿ مٿي ڪري ڪرسي
ڦيري ۽ زور سان ڪرسي لڳڻ سبب پاڻ پنهنجي ڪرسيءَ
سوڌو پٽ تي ڪريو. جوان هئو، اِن ڪري ترت اُٿڻ لڳو
۽ پاسي ۾ لٽڪيل روالور ڪڍڻ لڳو.
”مادر...... تون منهنجي ماءُ ڀيڻ کي وئشيا ٿو
ڪوٺين؟“
”هٿ مٿي ڪر، نه ته شوٽ ڪندوسانءِ.“ |