سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:درد جو درياهه

صفحو :4

مان ٻين کان ته ڀڄي سگهيس ٿي، پر پاڻ کان ڀڄي نٿي سگهيس. مون وٽ ڪتاب هئا. ريڊيو هئو.

اخبارون لڪائي گهرائڻ لڳس. هندستان فرقيوار آگ ۾ جلي رهيو هئو ۽ 15 آگسٽ 1947 تي ان جو ورهاڱو ٿي ويو.

مگر مون ضد ڪيو ته مان سنڌ نه ڇڏيندس. بابا منهنجي ڳالهه مڃي ته ٺيڪ آهي – توڪل کي ترهو ٻڌي رهي ٿا پئون.

ڪليڪٽر وٽ مون اردو سکي ۽ ڪي ڪتاب به پڙهيم. جيل ۾ سڄو قرآن شريف پڙهيم. شريعتي قائدا پڙهيم. گيتا پڙهيل هئم، پوءِ بائيبل پڙهيم. جارج برنارڊشا، برٽينڊ رسل پڙهيم. ڪي ڪتاب فيلسوفيءَ جا به پڙهيم.

مون کي لڳو ته:

- هندستان قوم جي نئين تصور موجب نئين قوم بڻجڻ جي اوسر ۾ هئو.

- هندستان جي سڃاڻپ اُن جو ڪلچر هئو.

- پهرين هتي دراوڙ پوءِ آرين ڪلچر هئو. ٻنهي ڏي وٺ ڪئي. هندو ڪلچر ۽ مسلم ڪلچر مان هڪ مرڪب ڪامپوزٽ بڻيو هو، جنهن موجب سڀ هندستاني برابريءَ جي سطح تي ساڳيا هئا.

- ڪلچر ائين ته ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ويس وڳي، رسم رواج، اُٿڻ ويهڻ، کاڌي پيتي سان لاڳو هئو، مگر ڪلچر پٺيان تاريخ جو اثر هئو ۽ ان مٿان آرٿڪ ۽ سماجڪ دٻآءَ ڪم ڪري رهيا هئا، مگر ڪلچر مکيه طور زمين جي هڪ خطي ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏ ڀوڳيل انڀون مان اُپجيو ٿي. جو جوڙڻ جو ڪم نه ڪري اُهو ڪلچر نه آهي ۽ اُن ڪري هندو ڪلچر ۽ مسلم ڪلچر ٽڪَر ۾ اچن بدران هڪ ٻئي کي پنهنجو بهترين علم ڏين. ٽڪراءُ ورهاڱي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ورهاڱو وڌيڪ درد ۽ مسئلا پئدا ڪندو.

- هندستان جي صوبن جو به ڪلچر مرڪب آهي. سنڌ جو ڪلچر صوفي آهي ڇو ته اهو ڪامپوزٽ ڪلچر آهي.

- هندستان جي آزادي ۽ پاڪستان جو جنم پنهنجي ڪک ۾ اُهي لعنتون کڻي ايندو، جي برٽش راڄ کان اڳ هتي قائم هيون. اسان کي آزادي گهرجي. سڄي مڪمل.

- صوبن جا ڪلچر - سب ڪلچر آهن.

- ورهاڱو تاريخ جي وڏي تجربي، ڪامپوزٽ انڊين ڪلچر کي ختم ڪري سگهي ٿو.

مون اِسڪول جا ٻه چار يار ڳولهي ڪڍيا ۽ جيپ کڻي سنڌ جي سفر تي نڪري پياسين. 15 آگسٽ آئي ۽ ويئي. اسان جو سفر چالو مون چندر شيکر آزاد ڪٽ ڏاڙهي قائم رکي ۽ سلوار پائڻ شروع ڪيم. سفر ۾ ڏٺم ته سکر ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه تاءُ هو. پاڪستاني جهنڊا جتي ڪٿي لڳي ويا هئا. عام ماڻهن ۾ ڪجهه اتساهه هو ته هاڻ اسين هر هندو ظلم کان بچنداسين، جو هنن زمينداري ۽ ڪامورا شاهيءَ ۾ مٿن ڪيو هو. مگر هندو سنڌي سنڌ ڇڏي وڃن اهڙي ڪا ڪالهه نه هئي.

مون سکر ۾ اُها جڳهه به ڏٺي، جنهن جي چاٻي بابي جي جڻئي ۾ ٻڌل هئي. ڪٿي ترشي ٿي پيئي ته قوم پرست مسلم سنڌي، هندو سنڌين جي بچاءَ ۾ ٿي آيا.

واپس ورندي نوابشاهه ٻاهران هڪ هنڌ جهنگل ۾ ڪنهن جڳهه هلڪو ٿيڻ لڳس ته جهنگل مان ڪنهن پڪاريو:

”هندو هندو، پڪڙيو پڪڙيو.“

ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا. هڪ جنونيءَ چيو، ”هي ماڻهو هندو آهي، مسلمان هجي ها ته هن جو طهر ٿيل هجي ها. هن مسلم ويس ڌارڻ ڪيو آهي. اڙي او واڻيا ڪلمو ته پڙهي ٻڌاءِ....“

مون قلمو پڙهيو.

چيائين، سڀني اڳيان سلوار لاهه“

جوان اڳيان آيا. هڪ چيو، ”هندو آهي ته ڇا سنڌي ته آهي. انهن سنڌين سنڌ کي ٺاهيو آهي. ٿورائيءَ ۾ آهن، ته ڇا ٿيو. اسان ته پاڻ کين بچايون!“

”نه، هندو هندستان وڃن. اسان کي سندن زمينون ۽ مڪان ملندا. اسين سندن واپار تي قبضو ڪنداسين. سنڌ جو سڄو ڪاروبار اسين هلائينداسين. ماريو ماريو....“

ٻئي جوان لٺيون کڻي اسان جو بچاءُ ڪرڻ لڳا. اسين جيپ ۾ چڙهياسين ۽ ڀڳاسين. هنن مان ٻئي چيو، ”اسين پنهنجي جان ڏيئي به اوهان کي بچائينداسين، خدارا ڊپ سبب سنڌ نه ڇڏجو ۽ مذهب نه بدلائجو.

6 جنوري 1948

ڪراچيءَ ۾ اسپيشل گاڏين مٿان گاڏيون اَچي رهيون هيون. اُتي روز هزارن ۾ گجرات، اُتر پرديش ۽ بهار مان مسلمان پهچي رهيا هئا. هنن اعلان ڪيو ته هنن پاڪستان برپا ڪيو آهي. اُنهيءَ جو عيوضو کين ملڻ گهرجي. هندن کي ماريو، سکن پنجابي مسلمانن کي ماريو آهي - سڄي سنڌو ندي رت سان ڀريل آهي.

اُنهن مهاجرن پڃرا پور وٽ نون سکن کي ماري ڇڏيو. صدر ۾ بزار لٽيائون. رتن تلاءَ تي ڦرون ڪيائون. اسين مٿي پهرين منزل تي هئاسين: مان ۽ بابا.

بابا چيو، ”پٽ، پوليس اڳ ۾ ئي تنهنجي پٺيان آهي. هل ته هندستان هلون. جڏهن حالتون ٺهنديون وري واپس اينداسين. ڪڏهن ته منهنجي به ٻڌ پٽ. اگر ٻه ڀائر گڏ رهي نٿا سگهن ته ڀل الڳ ٿين. هل ته کليل ۽ آزاد هندستان هلون“

”ٺيڪ آهي بابا، جيئن اوهان چوندا.“

ڪراچيءَ ۾ پهريون ڪرفيون ۽ پوءِ مارشل لڳو. ٿورن ڏينهن ۾ ٺاپر آئي. مان بدليل ويس ۾ جيلر وٽ ويس. هن سڃاتو.

”ڪيئن آهين؟،

”وڃان ٿو هندستان.“

 ”ٺيڪ ٿو ڪرين.“

”هڪ عرض آهي...“

”ڪهڙو؟،

”مون کي ڪليڪٽر لطف الله ۽ سحر جون قبرون ڏسڻيون آهن.“

”هتي ڪراچيءَ ۾ ئي آهن.“ جيلر چيو، ”مسافر خاني ڀرسان بندر روڊ تي ئي آهن.“

”اوهان ڏٺيون آهن؟“

”تون اُٿ.“

هن مون کي جيپ ۾ وهاريو. مان ڪراچي ڏسڻ لڳس. لڳو ته اڳ ڄڻ نه ڏٺل اٿم.

مون کي لڳو ته مان اُتي هڪ ڌاريو شخص هئس. سڀ ڪجهه اجنبي. اکين تي هريل منظر پنهنجي فطرت بدلائي رهيا هئا.

هڪ هنڌ جيپ روڪائي مون نرگس جا پيلا گل ورتا. جيلر مون کي ٿورو پريان بيهي ٻئي قبرون ڏيکاريون.

”مان ترسان ٿو.“

”نه، توهان وڃو. خدا ڪري اوهين خوش هجو. پنهنجو خيال ڪجو سلام.“ مون کيس سلام ڪيو.

سندس اکين ۾ پاڻي آيو ۽ جڏهن سندس درد مشڪ ۾ تبديل ٿيو، هن چيو: .خدا حافظ.“

مان پهرين ڪليڪٽر جي قبر وٽ آيس ۽ اُتي هڪ گل رکي، اُن قبر کي سلام ڪيم.

اُن بعد مون جهڪي باقي گل سحر جي قبر تي چاڙهيا ۽ مون ڏٺو ته مان ٻئي ٻانهون ڦهلائي اُن قبر کي لپٽي پيو هوس. اکين جي ڪنڊن ۾ تيزاب... ڄڻ اُتي رت جمع... منهنجي سحر، منهنجي مٺي پياري سحر.... هتي نه بڻجندو ڪو تاج محل، مگر تنهنجي ياد هڪ تاج هوندي. منهنجي جان. . . مان توسان ۽ ڌرتيءَ سان دغا ڪري وڃي رهيو آهيان، اگر ٻيو جنم آهي ته مان تنهنجي زره بڻجندس.... مون هڪ آواز ٻڌو: جب من ڪو ستائي غم. . . اُهو گيت هلندو رهيو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي پيو رهيس ۽ ٻئي ڏينهن بابا سان گڏ ٻنهي گهرن مان ٽپڙ گهرائي، اُٺَ گاڏيءَ ۾ رکايم. اُٺَ جي کنيل هڪ هڪ قدم تي مان پنهنجي وطن کان دُور وڃي رهيو هوس. دور ٿي رهيو هوس ۽ دور ٿيندو پي ويس.

رت جو هڪ درياه پريمين جي پل واري رستي تي وهيو هئو ۽ هڪ درياه ڪراچي بندرگاه ڏانهن ويندڙ رستي تي وهي رهيو هئو.

ڪراچيءَ جو رنگ روپ بدلجي رهيو هئو. اُتي ڪيترن هنڌن تي خيما لڳا ۽ ميرين شيروانين ۽ جناح ڪئمپ سان سنهڙا سيپڪڙا مهاجر اخبارن جون سرخيون بڻجي رهيا آهن. پاڪستان لاءِ اسان قرباني ڏني آهي. پاڪستان لاءِ اسان هندستان ۾ گهر ۽ ڌنڌا ۽ جائدادون ڇڏيون آهن. هر ٽرين جا هندستان کان پاڪستان اچي ٿي، اُن ۾ پاڪستان کي جنم ڏيندڙ بهادر آهن. ڪي زخمي آهن، ڪن جا لاش آهن. هندستان ويندڙ فقط هڪ گاڏيءَ تي حملو ڪيو ويو آهي. سنڌي مسلمان هندن جو بچاءُ ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي سنڌي مسلمانن کان بچايو وڃي، ۽ اسان جو ازم آهي: هنس هنس ڪي ليا (هﻵ) پاکستان- لڙ لڙ (کﻵ) لين (گﻵ) پاکستان!

فوٽ پاٿن تي هوٽلون کلي ويون آهن: هوٽل اسلاميه! کاڌي مٿان ڍير مکين جا. چؤطرف برقعن جون قطارون جي اڳ ڪراچيءَ ۾ نه هيون ۽ بندرگاهه ڏانهن ويندڙ اُٺ گاڏين جو ڪاروان.....

ڇاتي ۾ نشتر ٿا هلن ته ڇا فرقي پرستي هندستان ۽ پاڪستان جو مقدر آهي؟..... ڌرتي پتر ڌرتي کان اُکاڙيا ٿا وڃن........ ٻار هوا ۾ ۽ هيٺ نيضا. ڪنهن نه ڏٺيون شرم گاهن ۾ ڪعبيٰ ۽ ڪاشيون.......

او وطن او وطن..... اِها ته اسان جي منزل نه هئي ته اسين توکان ئي الڳ ٿي وڃون!......

منهنجون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. مون کي لڳو ته مان ڪو زخمي پکي آهيان ۽ هيٺ وڻن کي باهه وڪوڙي ويئي آهي، سڄي سنڌ مان دونهان اُٿي رهيا آهن. ڪن پاسن ۾ بادلن مِهَر جو مينهن وسايو آهي. دونهين ۾ اکيون پوسرڻ ٿيون لڳن. بارش سبب چيڪي مٽيءَ جي خوشبو نڪ ۾ گهمڻ ٿي لڳي. مان شيخن پٺيان بند آهيان ۽ ڪير پيانو تي ڳائي رهيو آهي: جب دل ڪو ستائي غم........

هڪ ڪار، رستو، رت ڇڻڪائيندڙ جيپ ۽ مان......

مان اکيون کوليان ٿو: ڪراچيءَ ۾ ڪيترو ڪجهه سهڻو هئو، جو گم ٿي ويو آهي. سحر، ڪليڪٽر ۽ سنڌ؟ لڳي ٿو ته جو ”شاه جو رسالو“ ڪپڙن ۾ لڪائي کنيو اٿم، اُن کي سنڌ وساري ڇڏيو آهي.

۽ مان ۽ مون جهڙا هزارين ڌڪبا، ڌڪاڻبا، ليٿڙيون پائيندا ڪنهن سياهه اونهائي ۾ ڪرندا ٿا وڃون.....

اُن اونهائي جو ڪو ڇيهه آهي يا نه، ڪجهه پتو نٿو پوي، جو اوسان خطا آهن ۽ ڪرڻ بدستور جاري آهي.

ڪراچي مان نڪرڻ وقت ڏٺم ته ماڻهو ڪجهه اِن ريت بهاري رهيا هئا ڄڻ ته اسين هنن لاءِ اوپرا هئاسين. نه اکين ۾ حَسرت نه مسرت. نه عجب، نه خوشي. ڄڻ حالتن تان استعفيٰ ڏنل.

اوٺين جي اکين ۾ ڪجهه چمڪ هئي، شايد ايترو هنن اڳ ڪمايو نه هئو.

بندر گاهه تي پاڪستاني آفيسر چست. پاڻيءَ جا جهاز بيٺا هئا. لنبيون قطارون. ڪي ماڻهو سامان پٽ تي رکي چادرون وڇائي ويٺا هئا. ٻڍن جون اکيون البت آليون.

اسان سان گڏ الله بخش ۽ پرسرام به هئا ۽ مان کين هڪ هنڌ ڇڏي اُن ڦهليل ميدان تي چڪر هڻڻ لڳس. اُتي هر قسم جا ماڻهو هئا. عامل، ڀائيبند، واڻيا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي جا. هزارين ڳوٺن جا.

دل ٿي ته هڪ سگريٽ ڇڪيان ۽ مون پنڌ ڪري هڪ دڪان تان گولڊ فليڪ ورتو. لٽڪندڙ نوڙيءَ جي جليل پڇڙيءَ تان دُکايم ته ڌيان ٽن ڪاليجي جوانن ڏانهن ويو، جي ڪنهن بحث ۾ مشغول هئا.

مون کي لڳو ته اُهي ٽي جوان ڄڻ هندو سنڌين جي خيالات جي ترجماني ڪري رهيا هئا.

- مان؟ نه، هميشہ لاءِ نٿو وڃان، هسٽريءَ ۾ اهڙا ڪئي دور آيا آهن، جڏهن جاتيون ۽ قومون هاليڊي ڪن- مان ڄاڻان ٿو ته مان وري واپس ايندس. هيءُ وڇوڙو عارضي آهي.

- گهٽ ٻوسٽ ۽ بند سماج واري پاڪستان کان آزاد کليل سماج وارو آزاد هندستان، اسان جو دائمي اجهو رهندو. هندو هئڻ سبب اسان کي  تناؤ ۾ نه رهڻو پوندو. ٿورو وقت تڪليف ٿيندي ۽ پوءِ اسين سک ۽ آزاديءَ جي زندگي جئنداسين.

اَڃا ٻه سال اڳ سيڪنڊ ورلڊ وار ختم ٿي آهي، جنهن ۾ ڇهه ڪروڙ ماڻهو مري ويا آهن. تاريخ اڳ ڪڏهن گئس چئمبر، زوري زنا ۽ عالمگير بربادي نه ڏٺي آهي. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽمي بمن جو ڪرڻ ۽ جرمني، ڪوريا، هندستان جو ورهاڱو، هن صديءَ جون وڏيون دکدائڪ حقيقتون آهن. هاڻ اسان بي وطن، بنا ڌرتي وارا اڀاڳا جلا وطن شخص ٿي ويا آهيون. هندستان اسان کي پناهه خير ڏيندو، مگر اسان جي آتما اُتي کاڄڻ لڳندي ۽ اسين اندران پورا ٿيندا وينداسون.

مون کي سگريٽ ڇڪڻ ۾ مزو آيو، پر من هڪ نامعلوم خوف ۾ ويڙهجي ويو. اسين هڪ اُن زمين ڏانهن وڃي رهيا هئاسين جا شاهي مگر اڻڄاتل هئي. پتو نه هئو ته اسان جو مستقبل ڪهڙو ۽ ڪيئن هئو. من ۾ گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي.

۽ مون پنهنجو هلڻ جاري رکيو.

چؤطرف نظر ڦري رهي هئي. اُٺَ گاڏيون، وڪٽوريا ٽرڪون ۽ موٽرون اچي رهيون هيون. پاڪستاني هوم پوليس ۽ گارڊس نهايت فضيلت ۽ انتظام سان ملڪ بدر ٿيندڙ ماڻهن کي مدد ڪري رهيا هئا. کاڌي، چانهه، پان لاءِ الڳ قطارون هيون. البت ڪن ڪسٽم وارن جون ڀرون تاڻيل هيون.

هڪ ڪٽنب، زال مڙس ۽ ڌيءُ مزدور کان سامان کڻائي پي ويا. اوچتو ڌيءُ ماءُ کي ڪجهه چئي رڪجي ويئي. ته هڪ جوان اچي اڳيان بيٺس. مان هلندي پٺ ڀرو بيهي رهيس. جوڙو هڪ ٻئي ۾ ائين مهو هو ڄڻ ليلا مجنون قبر مان نڪري اُتي پهچي ويا هئا، ۽ الڳ ويسن ۽ ٻولن ۾ هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيا هئا.

”رجني، چاهيان ٿو مان به انڊيا هليو هلان، سنڌ جا اصل مالڪ هندو آهن، سنڌ ديس مان نيڪالي مون کان سٺي نه وڃي. ٻڍن ماءُ پيءُ سبب مان هلڻ کان مجبور آهيان.“

”هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. تون به اجايو نوابشاهه کان لڪي لڪي پيو پٺيان اچين. توسان محبت ڪئي اٿم ته اُن تي ثابت قدم رهديس. هميشہ تنهنجي ٿي رهندس.“

”خدا جو قسم- مان به تنهنجو ٿي رهندس. مان قيامت تائين تنهنجو انتطار ڪندس.“

ڇوڪريءَ جو اکيون ڄڻ هڪ هنڌ بيٺل. ڪيڏانهن ڦريون ڪونه. اُها گفتگو ٻڌي منهنجو من سحر ڏانهن ڊڪڻ لڳو. ڏسان ٿو ته ورهاڱو آدم کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، مگر دلين کي الڳ ڪري نه سگهيو آهي. هي ٻه شخص جن جي محبت ورهاڱي جو شڪار ٿي آهي، اُها محبت پنهنجي صداقت سبب ورهاڱي کي رد ڪري چُڪي آهي.

مان وري هلڻ لڳس. هڪ ڪسٽم آفيسر مُڇ کي تاءُ ڏيئي، آڪڙ مان هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ سنڌيءَ کي چيو، ”ديوان، هٿين خالي پيو وڃين؟“

مسيحا جيان اکيون کڻي ديوان مشڪي چيس، ”تلاشي وٺندين جهلجي پوندس! هٿين خالي ڪونه ٿو وڃان- مان پنهنجي سيني ۾ شاهه، سچل ۽ سامي کنيو پيو وڃان.“

پرڏيهي فوٽو گرافر ڳجهن جيئن لامارا ڏيئي رهيا هئا. هڪ جوان کيسي مان سنڌ جو نقشو ڪڍيو ۽ فوٽوگرافر ڏنهن نهاري مشڪڻ لڳو، ته سنڌ ڇڏي ٿو وڃان ۽ سنڌ پاڻ سان کڻي ٿو وڃان!

ٻه ٻڍيون مٿي تي هٿ رکي ويٺيون هيون. سندن اکين سامهون ڪا چتا هئي، جتي سندن سپنا جلي ڀسم ٿي رهيا هئا ۽ هو ڊگها ساهه کڻي رهيون هيون.

مان اُتي بيهي رهيس.

”اوچتو ڄڻ ڌرتي ڌڏي آهي! سنڌڙي کي لوڏا اڳ به آيا، پر ائين ڪونه ٿيو جو ملڪ ڇڏڻو پوي.“

”اڳواڻ ته هوائي جهازن ۾ ڀڄي ويا! نه ته مسلمان ڀائر سڳن کان به وڌيڪ. عيد جا طعام موڪلن. شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿين. هاڻي ڌاريا آيا آهن ته کين رهڻ لاءِ جڳهه، زمين واپار ڌنڌا کپن، سو وٺي ويل وهايو اٿن. جناح ۽ نهرو کي ڇا، اِهي ته بنگلن ۾ رهندا- دربدر فقط ماڻهو ٿي رهيا آهن.“

اهڙو ڪو شخص نه هو، جنهن پنهنجي شهر، گهر ۽ ڳوٺ جي ڳالهه نٿي ڪئي. اِن ڪري مون فيصلو ڪيو ته هاڻ ڪٿي بيهندس ڪونه ۽ سڌو بابا وٽ ويندس.

سيٺ پرسرام فلحال لڏڻ جو ارادو ڪونه ڏيکاريو. چيائين ته مون پاسي هندو گهڻا آهن، ٻيا نڪتا ته پوءِ مان به نڪرندس. هفتو ٻه ڏسان.

رات جو فراسي تي ليٽيس. رات جو اکين ۾ واگهو ۽ چيتا ڏسڻ ۾ آيا. مون کي لڳو ته مان ڊڪندو پي ويس ته بچان. ساڄي پاسي کان هڪ ڊگهي ڪاري ڀت ۽ مان اُن ڀرسان تيز ڊڪي رهيو هوس.

صبح جو مختصر سامان کڻي جهاز ٻاهر وڇايل ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳاسين.

بابا ۽ الله بخش ڀاڪر پائي موڪلايو.

”ته پرتابراءِ هميشہ لاءِ ٿو وڃين.“

”نه!“ بابا چيو، ”مان واپس ايندس. جڻئي ۾ چاٻي ٻڌي پيئي آهي. جڻيون بدلبو، چاٻي قائم رهندي، ڇو ته سنڌ تي فقط سنڌين جو حق آهي. اُهو ڏينهن ايندو، جڏهن مانهو اِها ڳالهه سمجهندا.“

اُن وقت مون کي خيال آيو ته مون دنيا تي سوچيو آهي، تاريخ ۽ ادب پڙهيو اٿم، پر مون ڪڏهن پنهنجي بابا تي نه سوچيو آهي. اڪيلو هن ڪيترو سَٺو آهي. ورهاڱو تاريخ جو ڏاڍو وڏو دکدائڪ حادثو آهي. مگر اُن کان وڏو وشواس آهي، جو بابا پاليو آهي ته سنڌ سنڌين جي آهي. ته سنڌي پهريون سنڌي آهن، پوءِ هو هندو يا مسلمان ٿي سگهن ٿا. ڀلي اِن سچ جو سبب نڪرڻ ۾ هڪ يُگ گزري وڃي.....

ماڻهن سان ٽمٽار جهاز آهستي آهستي هلڻ لڳو. اسين آهستي آهستي ڪراچي کان پري ٿيڻ لڳاسين. ڏٺم ته سمنڊ ۾ پاڻي ڪجهه وڌيڪ ئي هئو ۽ اُن جو رنگ ڳاڙهسرو هئو......

لطيف جي هڪ سٽ ڪنن ۾ وڄڻ لڳي:

اکين ڪجهه نه ڪيو- رت نه رنائون!......

من ۾ گفتگو هلي، ”هي ماڻهو روئن ڇو ٿا؟ نه ته وطن ڇڏي ڇو رهيا آهن!“

”وطن ڇڏي رهيا آهن، اِن ڪري روئي رهيا آهن.“

ڪراچي دور ٿيڻ لڳي.

ڪراچي دور ۽ دور ٿيڻ لڳي.

۽ ڪراچي دور ٿي ويئي.

رات جو اڪيلو جهاز جي ڊيڪ تي بيٺو آهيان. هزارين ماڻهو جوان، ٻڍا، ٻار، زالون، مرد، هڪ ٻئي سان ڀرسان ڪريا پيا آهن: ڇا خدا، قيامت اچي ويئي آهي؟- هتي ته هر ماڻهو هڪ قبر آهي ۽ سڀ روح تنهنجي فتويٰ لاءِ منتظر آهن. تون آهين يا نه آهين، اُهو تون ڄاڻ- اگر آهين ته يا خدا ڌرتيءَ جي هن خطي کي امن بخش......

رات ڪاري آهي. جهاز هزارين لاش ڍوئي رهيو آهي. تاريخ جي گهري غفا ۾ هڪ لنبو سفر آهي منهنجو – پوءِ اِن جو انت ته هوندو...... ڪٿي ته روشني هوندي- منهنجي اکين جي سامهون منهنجو وطن آهي- مگر اُن کي ڏسي نه ٿو سگهان- اکين ۾ ڪارو ڌنڌ آهي جو ڪجهه ڏسڻ نٿو ڏي. جهاز رت جي سمنڊ مٿان هلي رهيو آهي....... هلندو ٿو رهي، هلندو پيو وڃي..... ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. ۽ مون کي خيال ٿو اچي ته ڀڳوان کي مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي، مگر انارڪلي ناٽڪ حادثي بعد مون کيس اڪثر ياد ڪيو آهي ۽ پوءِ ٿيو ائين آهي ته منهنجو پاڻ منهنجو ڀڳوان مون لاءِ خدا ٿي ويو آهي ۽ منهنجي خيالات ۾ پنر- جنم بدران قيامت جا تصور پيا اُڀرن. ڇا اِهو ئي ڪنهن قسم جو نئون ڪلچر آهي، جنهن ڏانهن ڪليڪٽر ڌيان ڇڪايو هئو.......

هاڻ ڏسان ٿو ته جهاز جي ڊيڪ تي مان اڪيلو نه آهيان ٻيا به ڪافي بيٺا آهن، ان ڪري چاهيان ٿو ته سوچ جي رفتار کي گرفت ۾ آڻيان.

منهنجي اکين جي سامهون منهنجو وطن مون کان کسجي ويو آهي ۽ مان ڪجهه ڪري نه سگهيو آهيان. مان هڪ ٿڪل، بيوس ۽ لاچار شخص.

ڪراچيءَ جون هلڪيون روشنيون ائين ٿيون لڳن ڄڻ سنڌ جي سينڌ تي ڪا ڪهڪشان ڪري آهي.

اکين ۾ ڪجهه صبح ٿيڻ ٿو لڳي ۽ مان من ۾ چوان ٿو: اوڪي- مادرِ وطن گڊ باءِ........

بمبئيءَ جي پهرين ڪنارِي ۽ پوءِ ڪنارو نظر آيو. پرهه ڦٽڻ تي هئي ۽ لڳندڙ هير بدن کي فرحت بخشي رهي هئي. هڪ کن لاءِ لڳم ته جو ڪجهه اکين سامهون آهي، خوبصورت آهي.

اُن کن، کن جي هڪ ٽٽل حصي جيتري اُڏامندڙ پول ۾ مون کان پنهنجو وطن، پنهنجي سحر، پنهنجي جلا وطني وسري ويئي. مان هڪ ڪولمبس ۽ منهنجي سامهون هڪ نئين دنيا، نئين اُميد، نئون اُتساهه...... خوبصورت زندگي. لڳو ته مان پنهنجي ماضيءَ کان صفا ڪٽجي ويو آهيان. هڪ خيالي ليڪ کان هڪ نئين شروعات. پٺيان نهارڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي. سڀ اُن ليڪ کانه شروع ٿئي ٿو. خواب. پور. وهم. اٺسٺا. چاهنائون. اُمنگ. آس....... ڀرم! سنسا- ڌنڌلا ۽ مبهم احساس.

ڏسان ته قبر تي ٻئي بانهون ڦهلائي ڪو شخص ڦهليو پيو آهي.

ڇا مان پنهنجي اڳلي شخص کان الڳ ٿي سگهان ٿو؟ شايد ٿي سگهان ٿو. پر اُهو مان نه هوندس ڪو ٻيو هوندو ۽ مون کي ٻيو نه بڻجڻو آهي، زندگي جيئن آهي، تيئن تلخ، شيرين، بي مروت قبول ڪندس. پل پل جيئندس، چاهي ڪيترو به ڀوڳيان. مان زندگي هٿان هار نه کائيندس. مان حقيقتن کان ڀڄندس ڪونه! منهنجي پريمڪا کي ريپ ڪيو ويو، هن آتم هتيا ڪئي. هڪ جوان وهمي عشق ۾ حادثي جو شڪار ٿيو. اِهي ٻئي درد مون لاءِ بي پناهه هئا ۽ پوءِ به مون کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو.

ڇو؟-

هن سماج جي رچنا ۾، تاريخ ۾، قانون ۾، مذهب ۾، سنسڪرتيءَ ۾ ڪٿي ڪجهه غلط ضرور آهي، جو مون کي سمجهڻو آهي چاهي ته مان اڪيلو جڳ بدلي نٿو سگهان مگر هڪ نئين سوچ مون کي رستو ڏيکاريندي ته مون کي ورثي ۾ جو مليو آهي، اُهو ڪيئن ۽ ڪيترو سخت ۽ گهرو غلط آهي، اُن کان مان ڪٿي ٽٽان ۽ ڇا سندر آهي، بامطلب آهي، جنهن ۾ عجب ۽ آنند جو انڀو آهي، اُن کي پڪڙڻ جي، قابو جهلڻ جي ڪوشش ڪريان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org