سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:درد جو درياهه

صفحو :2

ته حاضرين مان هڪ جوان اُٿي چيو: ”مان آهيان. مان آهيان. انارڪلي“

تاڙيون وڄي ويون.

ناٽڪ ختم ٿيو ته ماڻهو اسٽيج ڏانهن ڪاهڻ لڳا. ڊائريڪٽر ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر وٺي آيو ۽ ٽانگي ۾ وهاري مون کي گهر ڏانهن وٺي هليو. ٽانگو پنهنجي مخصوص انداز ۾ هلڻ لڳو. ٽاپ ٽاپ. ڇم ڇم. ٽاپ ٽاپ. ڇم ڇم. اگر مان ڇوڪري هجان ها ته اُن جوان تي عاشق ٿي پوان هئا.

مون ميڪ اپ ڪونه لاٿي هئي. مٿي ٻه ماڙ تي پهچي مان دريءَ تي پهتس ته ڏٺم اهو ئي جوان بيٺو هئو. سامهون واري نم جي وڻ هيٺيان. ميڪ اَپ بدلايم وري دريءَ تي آيس ته اڃا به بيٺو هو. جمع، ڇنڇر، آرتوار. ٽي ڏينهن ناٽڪ هليو. ٽئي ڏينهن هن اُٿي چيو، مان آهيان! مان آهيان!!.

ڪو مسلم جوان هئو. اکين ۾ درد. فراق ۾ اداس اکيون کڙڪي تي. خبر ڪونه هيم ته ڪنهن وڏيري جو پٽ هئو.

آتوار شام وري مان مٿي ۽ هو وڻ هيٺان. مان سوچڻ لڳس ته آخر هو ڇو ٿو اچي. کيس ڇا کپي؟ اُن شام مان گهر ۾ اڪيلو هوس. مون کيس آڱر جو اشارو ڏنو ۽ هو اُمالڪ مٿي چڙهي آيو. مان کٽ تي ويٺس ۽ هو کڙڪي جي ٻني تي ويهي مون ڏانهن نهارڻ لڳو.

”توکي ڇا کپي. ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن تون هيٺ بيٺو آهين“؟

”مون کي تون کپين اَنارڪلي“

”مگر مان اَنارڪلي نه آهيان.“

”مهلقا آهين تون. جان بهار. جان بلبل. طوفان محبت. جان – من. جاني جان. . .“

”مگر مان مرد آهيان.“

ائين ڇئي مان پنهنجي ساڙهي لاهڻ لڳس. وار به لاٿم. ڇاتي تان ٻڙا به.

شايد کيس صدمو رسيو. هن درد مان چلايو، ”هي ڇا انارڪلي!“

سندس مٿو ڦرڻ لڳو ۽ هو چڪر کائي ٻه ماڙ منزل تان هيٺ ڪري پيو. مان ڇلانگ ماري دريءَ تي پهتس، هو اُبتو ڪريو هئو. سندس مٿو ڦاٽي پيو هئو.

ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا.

توتاڙن تي اعلان ٿيا: هندو زميندار پرتاب راءِ جي پٽ وشنو، وڏيري نصير خان جي پٽ تنوير کي گهر ۾ گهرائي خون ڪيو. خون جو بدلو خون.

سکر جون بزارون بند ٿي ويون. اسان جي جڳهه جي چوڌاري پوليس پهچي ويئي. ڪن هنڌان هندو مسلمان فسادن جون خبرون آيون. گهر جو هڪڙو ئي ڀاتي، پيءُ، خزانچي، سندس خانگي رکوالا، ڌارمڪ اڳواڻ ۽ پوليس عملدار پهچي ويا. مون بيان ۾ حقيقت بيان ڪئي. اٺ ڄڻا مارجي ويا. سکر ۾ اُن ئي رات ڪرفيو لڳو. فساد ٻئي ڏينهن به جاري رهيا. پوليس گوليبازي ٿي. صوبي جا هندو – مسلمان اڳواڻ سکر پهچي ويا. سکر ۾ مارشلا لڳو. شوٽ – آئوٽ – سائيٽ جا آرڊر نڪتا.

گفتگو ڪهڙي؟-

- آهي ڪوئي؟ ڪوئي آهي؟-

- مان آهيان مان آهيان – انارڪلي!-

محبت جي ناٽڪ جو هڪ مقالمو، ويهن ڄڻن جي موت ۽ ٻن سئو ڄڻن جي زخمجڻ جو ڪارڻ بڻيو.

هڪ ناٽڪ جو مون ڪيو.

هڪ ناٽڪ جو اتهاس ڪيو.

هڪ وهم مان نڪتل حقيقت جو جنم ٿيو ته هڪ هندو ڇوڪريءَ جو مسلمان عاشق – اسلام جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي ويو.

گاڏي ڇٽي ۽ ڪراچيءَ ڏانهن هلڻ لڳي. انجڻ جون سيٽيون ڪڏهن ڪڏهن اڃا به ڪنن ۾ وڄن –ڪُو ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ. ڪُو – چيڪلا هليا. گاڏي هلي. دور جا منظر هليا.

فرسٽ ڪلاس جي اُن ڪمپارٽمينٽ ۾ فقط هڪ مان ۽ منهنجو پيءُ. ٻيو انگريزيءَ ڊريس ۾ هڪ مسلمان ۽ سندس هڪ دوشيزه ڌيءُ دريءَ وٽ ويٺي هئي ۽ هٿن ۾ هڪ اردو رسالو ”شمع“ هئس. مسلمان سگريٽ ٿي ڇڪيو.

ڇوڪريءَ کي سلوار ڪرتو پيو هئو ۽ اسان کي گاڏي ۾ چڙهندو ڏسي دُپٽي جو پلاند مٿي تي رکيائين. ائين ڪرڻ سان سندس ڍڪيل ڇاتيءَ جو ڪجهه حصو وائکو ٿي پيو ۽ اُن جو اُڀار ڏسي ڇاتيءَ اندر هڪ ڪڏهن به نه ڄاتل جهٽڪي واري مهڪ جو احساس ٿيم. لڳم ته رت ۾ ڪجهه ٻُرڻ لڳو آهي ۽ ڇاتي ٿوري چوڙي ٿيڻ لڳي آهي. ڪوشش ڪيم ته سندس چهرو ڏسان جو ڍڪيل هو ۽ مان گهڻو وقت اوڏانهن نهاري به نٿي سگهيس.

مون کي ان وقت ان جوان جو خيال آيو، جنهن اَنارڪلي جي ڀومڪا ۾ منهنجي نقلي ڇاتي جو اُڀار ڏٺو هئو ۽ کيس به ان قسم جي خلش ٿي هوندي ته کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايان ۽ رات جو هڪ ساهه کڻان.

مون کي اِهو به ويچار آيو ته ان قسم جي ڪشش مون اڳ ڪڏهن به نه محسوس ڪئي. ڇا اهڙا ڪي جسم، اهڙا ڪي رت ٿيندا آهن جي ٻين کان وڌيڪ چڻنگ لڳائيندڙ روح افروز ٿيندا آهن... اهڙي ڪشش ته مون ڦٽندڙ جوانيءَ جي ڪنهن به خواب ۾ محسوس نه ڪئي هئي.

ڪهڙو به چهرو هجي هن جو، مان به هن وڏيري جي پٽ جيان سندس پيڇو ڪندس....

نه نه، هيءَ ڪا ناٽڪ جي اداڪار نه آهي.

هوءَ واقعي هڪ ڪمسن دوشيزه آهي.

سکر ڇڏي وڃڻ تي مون کي ٽي خيال آيا:

- عشق ڌرم ۽ مذهب کان مٿي آهي.

- ڌرم ۽ مذهب هڪ ٻئي لاءِ باعث نفرت آهن.

- ڌرتيءَ سان پيار ايڪتا پئدا ڪري سگهي ٿو.

اسٽيشن تي هندو چانهه – مسلم چانهه، هندو پاڻي – مسلم پاڻي، هندو تعليم – مسلم تعليم، هندو ڌرت – مسلم ڌرتي ۽ هندو راڄ – مسلم راڄ کي جنم ڏيئي سگهيا ٿي.

اسٽيشن تي هندن سان گڏ ڪي چڱا مسلمان به آيا.

”ديوان صاحب صدين کان رهيا پيا آهيو سکر ڇڏي ٿا وڃو“،

”شهر ٿو ڇڏيان – وطن نٿو ڇڏيان.“

”زمينون؟“

”مسلمان هاري ايماندار آهن. اهي سنڀاليندا“

”۽ ٻه - منزلو گهر.“

”ڪلف هنيو اٿم. چاٻي کيسي ۾ اٿم. واپس اچي کوليندس. کيسي ۾ پيئي هوندي. سچ ته جڻئي سان ٻڌي اٿم.“

موڪلائڻ وارن جي اکين ۾ پاڻي هئو.

گاڏي هلي ته بابا چيو، ”تنهنجي لاءِ سکر ٿو ڇڏيان. هاڻ اِتي رهڻ مشڪل آهي. ڪراچيءَ ۾ اِها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج.“

گاڏي واري مسلمان انگريزي اخبار رکندي چيو، ”سائين ڪراچيءَ ٿا هلو.“

”ها.“

”اِتي ڌنڌو ڪهڙو ڪندا – زمينداري ته ڇڏي پيا هلو.“

”توڪل جو ترهو ٻڌو اٿم. ڪو ته رستو نڪري ايندو.“

”رهندا ڪٿيئ،

”اوهين ڪراچيءَ جا آهيو“،

”ها.“

”اوهين ٻڌايو.“

”پرنس روڊ تي سٺيون جڳهون اَٿوَ. چاليهن روپين تي ٽن ڪوٺين وارو فلئٽ ملي ويندوَ. پٺيان آرٽلري مئدان ۾ به سٺيون جڳهيون ٺهيون آهن. بنگلو کپيوَ ته بندر روڊ ايڪسٽينشن تي سٺو ملي ويندو.“

”اوهين ڇا ڪريو؟،

”ڪليڪٽر آهيان“،

”ڪٿي؟“

”ڪراچيءَ ۾“

”ته اوهين ڪجهه مدد ڪري سگهو ٿا.“

”هلو – مون وٽ ڪجهه ڏينهن ٽڪو – سڀ بندوبست ٿي ويندو.“

”پر . . . پر. . . . اوهين ته مسلمان آهيو؟،

”سائين سنڌي آهيان. سنڌي اگر پهرين ۽ آخرين سنڌي رهن ته مسلم ليگ، هندو مها سڀا يا خود ڪانگريس اسان جو ڇا بگاڙي سگهندي؟ هندو سنڌين ته دنيا مان ناڻو ڪمائي سنڌ کي ٺاهيو آهي. مان کين سنڌي هندو ڪونه چوان. مسلمان سنڌي به ايماندار ۽ تصوف جا ماڻهو آهن. مان ڪليڪٽر آهيان. سنڌ ۾ 67 سيڪڙو زميندار هندو سنڌي ۽ باقي 33 سيڪڙو مسلمان سنڌي آهن. زميندار هارين جو رت پيئن ٿا. جهڳڙو زميندارن ۽ هارين وچ ۾ آهي، مگر جيئن ته هندو سنڌين جو آدم گهٽ ۽ لڳ ڀڳ سڄي واپار تي قبضو اُنهن جو آهي، انڪري مسلم ليگي، مسلمان سنڌين کي ڀڙڪائي رهيا آهن ته هندو سنڌي مسلمان جو رت پي رهيا آهن. جهڳڙو طبقاتي آهي جنهن کي هتي مذهبي رنگ ڏنو ٿو وڃي.“

اُن دوشيزه اکيون کڻي بابا ڏانهن نهاريو ۽ ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڪيائين. ڄڻ گم سم. مون ۾ نه، ڄڻ هزارين ڪوه ڪنهن ٻي منزل ڏانهن نهاريائين. مون کي لڳو اِها نظر منهنجي روح ۾ گهڙي ويئي آهي ۽ جيئن ڪِليءَ ۾ ڪپڙو ٽنگبو آهي، اِها نظر منهنجي روح ۾ اٽڪي پوندي، مون کي ائين به ٿو لڳي ته هن منهنجي اکين جي وادين ۾ هيٺ ۽ گهڻو هيٺ، ڏٺو وري به مون کي آهي. ۽ مون کي ائين به لڳي ٿو کيس ڏسڻ بعد مان هن کان پري رهي نه سگهندس. ڇا هوءَ منهنجي ٿي سگهي ٿي؟ الله سائين اِهي الڳ مذهب ۽ ڌرم ڇو ٺاهيا آهن؟ سانوري آهي. چهري ۾ گهڻو لوڻ ۽ ٽامو اٿس ته ڪنهن سان اڳ عشق نه ڪيو اٿائين. يا خد – دک ته زندگيءَ ۾ ملن پيا پر اهڙي ڪا نظر روح ۾ هڪ ٻئي روح جي ملڻ جو احساس ڏيئي اندروني طاقت کي ٻيڻو ڪري ٿي.

اوه. . . چوي ته هلندڙ گاڏيءَ مان ٽپو ڏي ته ڏيئي ڇڏيان!-

ها فلمن ۾ ڏيکاريندا آهن ته ٻئي عشق ۾ پهرين پيار جا احساس اُن دور جيان عارضي لڳندا آهن، مگر پهريون عشق ٻئين عشق لاءِ تيار ٿو ڪري ان جو اڃا ته مون کي ڪو انڀو ڪونهي.

مان ڪونه ٿو ڇئي سگهان ته سندس من ۾ ڇا آهي. بس هن نهاريو ۽ مان هن جو ٿي ويس. ٿي سگهي ٿو ته مان هڪ نظر جي ڪشش  ۾ پاڻ کي ٺڳيندو هجان ۽ اڳيان هلي ڪو ٺوس عشق ڪنهن ٻئي سان ڪريان، مگر هوءَ منهنجي ذهن جي نمائش گهر مان نڪري سگهي، اهو ممڪن نه آهي. چاهي مان ڪٿي به هجان، آخرين دم تائين مان کيس وساري نه سگهندس. مان کيس جيترو وساريندس – اوترو وڌيڪ مون کي ياد ايندي.

مگر مان وسارڻ جو ڇو ٿو سوچيان؟

وري خيال آيو: اگر مان هن ٽرين ۾ نه چڙهان ها ته هوءَ ته سکر نه اچي ها. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ڪا ٻي ملي ها ۽ مان بلڪل ان ريت سوچيان ها. پر مان ائين ڇو ٿو سوچيان؟-

مان دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هئس. مون کي ٻنين ۾، وڻن ۾ اها ئي هڪ نظر آئي. هڪ گول آڪار رکيا. ان جا خط و خال. شايد گهرائي منهنجي اکين ۾ نه، سندس اکين ۾ هئي. هوءَ گم سم هئي يعني هن سوچي سمجهي مون ڏانهن نه نهاريو هئو.

پر به مون کي لڳو ته هن منهنجي روح ۾ ليئو پاتو هئو، جتي هڪ مندر هئو، جتي هڪ چٽان هئي ۽ ان چٽان تي ڏسان ته هوءَ سلوار ڪرتي دپٽي ۾ ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي مخزن پڙهي رهي هئي.

جيڪي جنگ ڪن ٿا، جيڪي فساد ڪن ٿا، جيڪي هٿيار ٺاهين ٿا تن کي ڇا ڪڏهن محبت نصيب نه ٿيندي آهي؟-

هڪ خيالي انارڪلي جي عشق ۾ هڪ جوان مري ويو ته فساد خون ۽ مارشل لا. دڪان لٽيا ۽ بازاريون بند. ڪهاڙيون ۽ بندوقون هليون! – سڄو شهر بند! ته هڪ عاشق شهيد ٿيو آهي، اُن جي سوڳ ۾ شهر بند ڪيو ٿو وڃي – سڀ روئي گلي ملن ٿا. ڄڻ هر ڪٽنب جو هڪ ڀاتي مري ويو آهي.

اِستري ۽ پرش جو پيار دنيا جي دائمي امن جو ظامن پئجي سگهي ٿو. عشق خدا هجي نه هجي، عشق ڀڳوان هجي نه هجي، عشق مذهب ۽ ڌرم هجي نه هجي، مگر عشق ايڪتا جو احساس آهي....

مون سوچيو، مان جاگرافيءَ ۾ ڪمزور آهيان ۽ گاڏيءَ ۾ عشق فرمائي رهيو آهيان. نه – هر چيز پنهنجي جڳهه تي هجي. هن پل جيڪو سچ منهنجي سامهون آهي، اُن کي اُٿلايان پٿليان، سمجهان، قبول ڪريان. بابا ۽ ڪليڪٽر ڳالهيون ڪرڻ لڳا. دوشيزه به دپٽو سنڀالي مٿي وڃي ليٽي ۽ مون طرف پاسو نه ورائي سڌي سمهي پيئي. ڪليڪٽر به ڳالهيون ڪري اُتي ئي ليٽي پيو. بابا کي ويٺي ئي ننڊ کڻي ويئي.

گاڏي هلي هي هئي. بهار سبب تپت ڪونه هئي ۽ اوچتو مان ڏسان ته پيلي دُپٽي جو آنچل ڦر ڦر ڪندو منهنجي منهن کي ڇهي رهيو آهي. ڄڻ پوپٽن جو هجوم گلن جي جهڳٽي کي ورائي ويو آهي.

مان آهستي اُٿي اُن دپٽي جي آنچل کي مٿين جڳهه طرف رکان ٿو.

اِها شاعري ڀل هجي مگر بدتميزي آهي جو مان هڪ ننڊ ۾ ستل خوبصورت ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريندو رهان – اگر سندس پيءُ ۽ منهنجو پيءُ جاڳيل هجن ته ائين ڪري به نه سگهان.

اجنبيت جي پنهنجي مرجاتا آهي. اڃا ته هوءَ مون لاءِ اجنبي آهي. مگر اُهو دپٽي جو ڦڙ ڦڙ ڪري منهنجي منهن کي لڳڻ جو رومانس به مان ڪڏهن وساري نه سگهندس. مگر مان ور ور کيس وسارڻ جو ڇو ٿو سوچيان؟-

هوءَ منهنجي بلڪل نزديڪ سمهي پيئي آهي ۽ مان کيس ڇهي نٿو سگهان، چمي نٿو سگهان. ڪي اَجنبي دوريون قائم آهن. مگر لڳي ٿو ته هوءَ اگر آهي ته منهنجي ئي آهي.

هوائن جي خوشبوئين ۾ مون کي ننڊ کڻي وئي. حيدرآباد بعد جڏهن ڪوٽڙيءَ جي پل آئي ته گرگراهٽ جي اواز ۾ اکيون کليون. پهرين مٿي نهارين، اُتي هوءَ ڪانه هئي. پيشانيءَ تي لٽڪي آيل وارن کي ٺاهي پهرين هڪ پل سامهون ۽ اُن بعد هيٺ نهاريم. درياه شاهه کي ڏسي اڪثر منهنجي ذهن ۾ ڪي اڻ سڃاتل برفاني چوٽيون ظاهر ٿينديون ۽ مان اڪيلو برفاني وادين ۾ هلندو رهندس. ڄڻ ڪنهن جي تلاش. مگر هاڻ اُهي برفاني چوٽيون اکين ۾ نٿيون اچن. اُن موسم ۾ سنڌوءَ مان پاڻي ڪجهه گهٽ هئو. ڪٿي ڪٿي ڪي ٻيٽاريون ڄڻ تنها روح، ڪوٽڙي آئي ته نظر منگهن ڏانهن ويئي. پوءِ ڪجهه ساوڪ. اُن بعد ڪوٽڙي اسٽيشن ۽ وري سفر چالو. مان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ نيپڪن کڻي باٿ روم ۾ ويس ۽ وارن ۾ هلڪو گل ٺاهي واپس اچي جڳهه تي ويٺس.

ڪليڪٽر چئي رهيو هو، ”ته اِها ڳالهه آهي! خوامخواه جوان جي حادثي سبب مارشل لا لڳو. ٺيڪ آهي. ڀل اوهان الڳ رهو. ڪليڪٽر آهيان بندوبست ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي، سون ۽ چاندي کڻي آيا آهيو ته وياج جو ڌنڌو سٺو ڪري سگهندا.“

مون هن ڇوڪريءَ کي چيو، ”مان هيءَ اخبار ڏسان؟،

هن جواب نه ڏيئي رسالو مون کي ڏنو ۽ چاهڻ جي باوجود ڪو هٿ جو ڇهاءُ نه ٿيو.

ڪليڪٽر پڇيو ”پٽ توکي اردو اچي ٿي؟“

”نه.“

”ڪراچيءَ ۾ سکي ويندين. ڪراچيءَ ۾ اردو ائين هلي، جيئن لنڊن ۾ فرينچ.“ پائيپ مان سوٽو هڻندي پڇيائين، .تو ڪراچي ڏٺي آهي – سئيز ڪئنال جي اوڀر ۾ ايشيا جو خوبصورت ۽ صاف شهر.“

”هاڻ ڏسندس. ڀلا اوهان لنڊن ڏٺي آهي؟،

”ڏٺي اٿم. اُتان ئي آءِ.سي.ايس ڪئي اَٿم. ٿورا مسلمان سنڌي آهن جن آءِ.سي.ايس ڪئي آهي. تو جيترو هئس ته فيصلو ڪيم ته ڪليڪٽر ٿيندس. هاڻ ڌيءُ پئي چوي ته پان مئجسٽريٽ ٿيندي.“

بابا پڇيس، ”گهڻو پڙهي؟“

”پهرين ۾ پهريون نمبر آئي ته ٻيو ٽيون هڪ سال ۾ گڏ ڏنائين. وري هن سال چوٿون پڻ پاس ڪري پنجين جو امتحان ڏنو اٿائين.“

”پٽ تون؟“

”مون به پنجين جو ڏنو آهي.“

”تنهنجو نالو؟“

”وشنو“

”هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي. نالو اَٿس سحر. کيس ماءُ جو پيار ملي نه سگهيو. گهر ۾ هڪ نوڪرياڻي ۽ هڪ گورنيس اٿس. ڪار هوندي به سائيڪل تي اسڪول وڃي. کيس احساس برتري آهي ئي ڪانه. آخر به ڪليڪٽر جي ڌي آهي.“

”پوءِ اوهان ٻي شادي نه ڪئي؟،

”مذهب ته چئن جي موڪل ڏني آهي ۽ مان ماڻهو به بهادر آهيان، مگر اولاد هوندي ٻي شاديءَ ۾ هڪ مسئلو پئدا ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. جي زال کي اولاد ٿيندو ته پهرين زال مان موهه نڪري سگهي ٿو. اِهو جوکم کڻڻ ٺيڪ نه سمجهيم.“

سحر هرڻ جهڙيون ڪاريون اکيون کڻي پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو ۽ اکين مان چيائين ”ابا، منهنجا پيارا ابا.“

مون چاهيو ته هن جو آواز ٻڏان، مگر هن نه ڳالهايو. ڊرگ روڊ بعد ڪليڪٽر لطف الله ڪراچي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪئنٽونمينٽ. لورس برج. ڪياماڙي. منهوڙو منگهو پير. ڪلفٽن. ٽائون هال. ڪارپوريشن. نه نه. ڪراچيءَ ۾ هندو – مسلم فساد ڪونه ٿئي. منهنجي ڌي ڪڏهن ساڙهي به پائي. کليل سماج ۾ ساڙهيءَ سان هندو مسلم جو پتو ڪونه پوي. ها، مان ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي پئدائش آهيان. رهيس ميٺارام هاسٽل ۾. . . . ۽ اُهي ڏينهن . . . . . . . . . . .“

ڪراچي پوليس اسٽيشن تي کيس وٺڻ لاءِ ڪمشنر آف پوليس. ڪراچيءَ ڪارپوريشن جو ڪمشنر ۽ ٻيا اڳواڻ آيا. هڪ سندس بندوق کنئي، ڪن اسان جو سامان کنيو.

اسين ٻاهر اچڻ لڳاسين.

سحر چار قدم پٺيان رهجي ويئي.

مون موقعي جو فائدو وڍي کيس چيو، ”مان توسان ملڻ ٿو چاهيان، ممڪن آهي؟“

هن هلندي جواب ڏنو، ”ڪنهن به شام بنگلي تي اچج.“

من ۾ ڄڻ پيانو هلڻ لڳو. لڳو ته سامهون پيانو پيو آهي ۽ مون هن کي ڇهيو ڪونهي ۽ ان وڄڻ شروع ڪيو. هڪ ڪڏهن به بند نه ٿيندڙ سنگيت. بنگلي تي اچج. مصري ته وات سان کائبي آهي مگر لڳو ته ڪنن ۾ جو آواز داخل ٿيو، ان ۾ مصريءَ جو ميٺاج هئو. اگر اکر ڀڃي سگهجن ۽ هوا ۾ ڦٽا ڪجن ته لڳي ته هڪ هڪ اکر پوري وڇوٽي ۽ دٻاءَ سان ٻاهر نڪتو آهي. اگر اکرن ۾ روشني يا مهڪ هجي ته سامهون تارن جي هڪ دنيا يا گلن جي هڪ ڦلواڙي ٺهي پوي.

مون کي ناٽڪ ۾ ڪمر لچڪائي هلڻ لاءِ چيائون ۽ زور سان اَٺَ ڏهه اڳٺ به ٻڌائون ته ڪمر کي نانگ وانگر بل کارائيندو هل. مگر سحر جي هلڻ ۾ اهڙو ڪو ناٽڪي انداز نه هئو. البت ڏٺم ته سندس هلڻ وقت سندس پيلي ڪرتي ۾ پهرين چُڻَ هڪ هنڌ تي ٺهيا ۽ رفته رفته الوپ ٿي ٻئي هنڌ تي ٺهيا. ڪي پل سمجهيم ته ڪنهن نشي ۾ مان جهومي رهيو آهيان، مگر پان سنڀاليم جو هن پٺيان نهاريو.

مون قدم تيز ڪيا ۽ سندس ڀر ۾ هلڻ لڳس. سوچيم ته مون دنيا کي پنهنجي نسبت ۾ کڻي ڏٺو آهي ۽ مون پاڻ کي هڪ تنها روح سمجهيو آهي. هن سان گڏ ٿو هلان ته لڳي ٿو ته اسين نٿا هلون – ڌرتي ٿي هلي، آسمان ٿو هلي.

ڪليڪٽر گاڏيءَ ۾ ته ڏاڍي آزاديءَ سان ٿي ڳالهايو، مگر هان چپ چاپ هلي – رهيو هئو. ڪاريون اچي هڪ ڊاڪ بنگلي تي بيٺيون.

اسان جو سامان اندر رکيو ويو.

مون همٿ رکي ڪليڪٽر کي چيو، .سر، ڪڏهن اوهان جي دولت خاني تي اچان؟“

”اهو ته مان توکي چوڻ وارو هئس. ڏس مون وٽ ڏاڍا سٺا سنڌي ڪتاب اٿئي، شاهه جو رسالو پڙهيو اٿئي؟“

”نه.“

”پوءِ تون پاڻ کي سنڌي ڪيئن ٿو سڌائين؟ اڄ ئي کڻي وڃ.“

”بابا ڏانهن منهن ڪندي ”ڪلاڪ بعد ڪار ايندي. اوهين به اچجو. رات جو ماني اسان وٽ کائجو. پنهنجو خيال ڪجو. خدا حافظ.“

ٻي مهاڀاري جنگ سبب ڪراچيءَ ۾ هلڪي بليڪ – آئوٽ هئي. بلبن چوڌاري ڪارا پنا. رستي تي، گهرن ۾، ڪارين جي بجلين چوڌاري – ڪراچي هڪ اها عورت لڳم جنهن وٽ ڪو زيور نه هئو، جو زيب بخشيس. پر رات جيتري وڌيڪ ڪاري اوتري رات جو گهرو احساس. اسين پيءُ پٽ سنان پاڻي ڪري تيار ٿياسين ته ڪار به اچي ويئي ۽ ڪار هلڻ لڳي. ڪار هلي رهي هئي ۽ رستو پٺيان ٿي رهيو هئو. هن جي رفتار وڌيڪ تيز هئي ان ڪري ڪار ڄڻ آهستي هلي رهي هئي. ڪار هلي ۽ هلي رهي هئي. اُن بعد به هلي رهي هئي. ڇا هن رستي جو ڪو انت ڪونهي؟- هي سفر آخر ڇو نٿو ختم ٿئي؟ پاڻي مان پي رهيو آهيان؛ مگر مون کي هيءُ ڪهڙي پياس لڳي آهي. اُساٽ اکين کي به لڳي آهي. ۽ منهنجو نالو ڪهڙو آهي؟ وشنو! بس مائٽن رکيو ۽ مون قبول ڪيو. اڄ کان مان پنهنجو نالو بدلايان ٿو. ڪو نالو جو سحر سان ٺهڪي اچي! ڪهڙونالو؟ مجنو؟ نه نه، فرهاد؟ نه نه، پنهون؟ نه نه. اِهي آخر ۾ الڳ ٿي ويا. ڪو نئون نالو. ساحر؟ ها ها، ساحر. هوءَ سحر مان ساحر. مگر هيءَ ڪهڙي پياس؟ هيءَ ڪڏهن به نه ٻجهندڙ پياس. ۽ هي رستو؟ ائين ته ڪونهي ته جو رستو مان لنگهي آيو آهيان، اُهو ڦري اڳيان وڃي هن رستي سان جڙي ٿو وڃي؟

مان تاڻ ۾ اکيون بند ٿو ڪريان. لڳي ٿو جسم جون رڳون سخت ٿي رهيون آهن ۽ ڪا زبردست ننڊ منهنجي اکين ۾ داخل ٿي رهي آهي. مان اندر ۾ جدوجهد ٿو ڪريان. اُهي ئي برفاني پهاڙ ۽ وايون. ويراني ۽ خاموشي ۽ مان اڪيلو. مان چاهيان ٿو ته رڙ ڪريان جو ڏسان ٿو ته بابا چئي رهيو آهي، ”پٽ اُٿ. ڪليڪٽر صاحب ڇا چوندو؟“

ته آخر هيءُ رستو ختم ٿي ويو! نه. ڪمبخت اڃا به اڳيان ٿو وڃي، البت ڪار بيهي رهي آهي. مان لهان ٿو. ڪليڪٽر خود مٿي وٺي هلي ٿو. هوءَ ڪانه آئي آهي. لڳي ٿو، مٿي ۾ سور پوڻ لڳو آهي.

اسين هال ۾ پهچي ٿا وڃون.

هوءَ پياني ڀرسان بيٺي آهي. کيس ڏسان ٿو ۽ هڪ کن ۾ مٿي جو سور لهي وڃي ٿو.

بابا سان رسمي طور ڳالهائڻ بعد ڪليڪٽر چيو، ”سحر پٽ، هن کي پنهنجي لئبرري ڏيکار ۽ کيس شاهه جو رسالو ڏج“. مون ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”جنهن ڏينهن سنڌين شاهه لطيف کي وساريو، سنڌي صفحه هستيءَ تان مٽجي ويندا.“

مان آهستي اُن پياني ڏانهن وڌيس. چاهيم ته فاصلو ڪار واري رستي جيان اٰننت ٿي پوي، جيئن مان کيس گهڻو گهڻو ڏسي سگهان مگر پتو به نه پيو ته ايترا قدم هڪ کن ۾ ڪيئن کنيم.

هوءَ هڪ روم ۾ وٺي هلي، جتي ڪتابن جا ڪيترا ڪٻٽ هئا. انگريزي، سنڌي اردو.

”ڪهڙا ڪتاب پسند ڪرين وشنو؟“

”مان وشنو ڪونه آهيان.“

”پر ٽرين ۾ مون اهو نالو ٻڌو.“

ا:ها صبح جي ڳالهه آهي.“

هن آنچل جي ڪنڊ وات ۾ اٽڪائيندي چيو، ”اوهو، اهو صبح هئو! يعني اوهان جو نالو الڳ پهرن ۾ الڳ. صبح هڪ، شام ٻيو. منجهند هڪ، رات ٻيو. سنجها هڪ، سحر ٻيو.“ ۽ هوءَ مشڪڻ لڳي ۽ ٿورو کلي به. لڳو ڪنهن جهرڻي يا چئجي ڪنهن فائونٽين ڀرسان بيٺو آهيان.

”منهنجو نالو آهي ساحر. منهنجو پنهنجو چونڊيل نالو. سوچيم ته ... چئي ڏيان.“

”ها.“ هن مون طرف منهن ڪيو.

”سوچيم ته توسان مئچ ڪندو.“

لڳو ته ڪنهن گمنام ٽارچ مان هلڪي ڳاڙهي روشني سندس چهري تي پيئي.

”مگر تو ته مون کي فقط اڄ ڏٺو آهي.“

”نالو به اڄ بدلايو اٿم.“

”ڇا عشق ۾ گرفتار ٿي چڪو آهين؟“

مان چپ.

ٻڌاءِ.“

”عشق ڪو انڊين پينل ڪوڊ ڀڃڪڙيءَ جو عدالتي آرڊر ڪونهي جو  گرفتار ٿيان. فقط هڪ انجام ڪر.“

”ڪهڙو؟“

”پنهنجي زندگي بابت ڪو به فيصلو ڪرين، اُن کان اڳ مون سان صلاح ڪج.“

”تيستائين توسان ملندي رهان- ڪئين؟“ اُهائي جهرڻي واري کل.

”اري ڀائي، مون وٽ اندر ۾ هيترو ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ تو وٽ ڪجهه آهي ئي ڪونه!“

هن گنڀير ٿي پنهنجو ساڄو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ وجهي چيو، ”ٻڌ ساحر، تون ٽرين ۾ سمهيو پيو هئي ۽ مان جيءُ ڀري توکي ڏسي رهي هيس، مون کي لڳو ته تون ڪنهنجو به هجين مگر مان تنهنجي آهيان. خدا مون کي فقط تنهنجي لاءِ ٺاهيو آهي. مون کي لڳو ته تون مون وٽ ايندين- اچڻ کان اڳ اچڻ جو پڇندين.“

”ته سحر ٻڌ، اسين ڪا جلد بازي نه ڪنداسين ۽ هاڻ هلون بس شاهه جو رسالو ڏي. يا تون کڻي اچ، مان هلان ٿو.“

”نه ترس.“ هن هٿ هٽائيندي چيو، ”من ۾ ڪو گناهه جو احساس نه ڪر. بابا کي مان سڃاڻان، گڏ ٿا هلون.“

مان اُن بنگلي جو ڪهڙو بيان ڪريان، جڏهن ته هوءَ منهنجي سامهون هئي، ڊگهي هئي، مان وڌيڪ ڊگهو ۽ قداور، ڪلها موڪرا.

اوهه- هيءَ زندگي ڪيتري خوبصورت آهي. اُن جو درد خوبصورت آهي. ان جا زخم خوبصورت آهن. هن جي هئڻ سان مون لاءِ زندگيءَ ۾  ڪو مطلب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪر ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايانس. نه، مان فقط ايستائين سوچي ئي سگهان ٿو.

”توکي لڳي ٿو ته اسين اڳي به ڪڏهن مليا آهيون؟ جڏهن عمر ۾ اڃا به وڏا هئاسين؟“ سحر پڇيو.

”ها لڳي ٿو. مگر ڪڏهن ڪٿي، ڪجهه ياد نٿو اچي!“

”مون کي لڳي ٿو تون منهنجي احساس جو روح آهين ساحر.“

”مون کي لڳي ٿو تون منهنجي روح جو احساس آهين سحر.“

۽ اسين واپس هال ۾ آياسين.

بابا ۽ ڪليڪٽر ڳالهين ۾ مشغول هئا ۽ کُلا ۽ ٻڌا ٽهڪ ٿي ڏنائون. بابا به ڌوتي نه، انگريزي پتلون پاتي. ڪليڪٽر اسان ٻنهي مان ڪنهن ڏانهن به نه نهاري پنهنجي ڪردار جي واقفيت ڏني. هو ٻئي ڪو شراب پي رهيا هئا ۽ سحر پنهنجي هٿن سان شربت جو هڪ گلاس آڻي مون کي ڏنو.

”۽ تون؟“

آهستي چيائين ”مون ته ڪافي پيتي آ سائين.“

مون کي لڳو ته هزار دفعا ٻڌل اِهو لفظ مون کي صاف، ڌوتل، اڇوتو اڳ نه ٻڌل لڳو. پورو هڪ برهمانڊ هئبسو ۾ بند آهي.

بابا هڪ دوست وٽ مٺي در هليو، جنهن کي سکر ۾ دارونءَ جو ڌنڌو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي هئي. ٻڌم ته تنهن زماني ۾ لک ڪمايا هئائين. پيو سکر ايندو ويندو هو. نالو هئس پرسرام. بابا جون ڳالهيون ٻڌي هن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ بابا چيائين، ”سو تون بندر روڊ تي رهندين ايڪسٽينشن تي؟“

بابا ٻئي ٽنگون ٻئي موڙي تي رکندي چيو، ”ڪراچي سهڻو شهر آهي يار. هتي ڪجهه ڏينهن گهمڻ اچجي ته مزو اچي. باقي آهي ڇا؟ ايڪسٽينشن جا بنگلا سٺا آهن، مگر گهٽيون ويران. رات جو ڄڻ راڪاس گهميو وڃي. ڪٰنٰ سکر جي گوڙ شور تي هريل. اکيون به ماڻهو ڏسن ته لڳي هتي ڪا سماج آهي. ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ انداز. ٺيڪ آهي، ٿورا گهڻا فساد ٿين ٿا. جيئن ماڻهن جي صحت ڪڏهن خراب ٿيندي آهي ته قوم به ڪڏهن بيمار پوندي آهي ۽ ”تنگ آيد- جنگ آيد“ وانگر ڪجهه ٿي پوندو آهي، سو وقتائتن فسادن تي هري ويو آهيان. پر هاڻي وشنو جي جان کي خطرو هئو، ان ڪري ڪراچي هلي آيو آهيان. ڏوهه ته هن جو ڪونه آهي پر ماڻهن کي جنون چڙهي ته ڇا ڪجي؟!“

”کارو در ائين اٿئي جهڙي سکر جي غريب آباد! اتي رهندين.“

”برنس روڊ وري به ٺيڪ آهي. ڪجهه اچ وڃ ته آهي“

سو اسين ڪراچي شهاڻي لا ڪاليج ڀرسان مين روڊ جي هڪ بلڊنگ ۾ رهڻ لڳاسين. مون سائيڪل ورتي. روز ”جنت نما“ بنگلي تي وڃڻ شروع ڪيم.

پريمئر هاءِ اسڪول ڇهين درجي ۾ داخلا ورتم. گهر ۾ هڪ بورچي رکيوسين جو کاڌو ٺاهيندو هو ۽ صفائي به ڪندو هئو. کيس هڪ الڳ ڪوٺي ڏني سين.

شام ڪجهه هن ريت گذرڻ لڳي. سائيڪل. هاءِ ڪورٽ جو چڪرو. کاٻي کان وڏو مئدان ۽ وچ ۾ مٽيءَ جا ڪجهه اسپيڊ بريڪر ٺهيل. سائيڪل مٿي وڃي ۽ اٽڪل ڇهه فوٽ هوا ۾ ترندي، پٽ تي وڌيل رفتار سان هيٺ ڪري. اُن بعد صدر جو رستو. وري کاٻي ريگل طرف ايم. جي روڊ تي هاڻ محمد علي جناح روڊ آهي. ساڄي ٽرام کاٻي مان. ٽرام تيز ۽ مان اڃا به تيز.

اسڪول جا ٻه چار گهرا سنگتي پٺيان پوندا، مگر مان کين نڪ تي هٿ رکي ويچارا ڏيندو اُڏامندو ويندس. سائيڪل جي حرڪت من ۾ شهنشاهي احساس ٿي بخشيو.

فقط هڪ دفعو دڪان بند هئڻ سبب پنڪچر ٺهي نه سگهيو. بس ۾ ويٺس ته صدر مان ٻه ڇوڪريون چڙهيون. مون کان اڳيان واري جڳهه تي ويٺيون. نه چاهيندي به اُنهن جي گفتگو ٻڌم، جنهن ظاهر ڪيو ته ڪنواريون هيون.

”ته توکي ڪهڙو گانو پسند آهي؟“

”ڇڪ ڇڪ سيان- سيان- ڇڪ ڇڪ....“

”ته پوءِ هو به وڻيو هوندءِ؟“

ڪهڙو؟“

”جواني ڪي ريل چلي جائي ري. يهه چلي. يهه چلي....“

هه هه... ۽ توکي!“

ڇاتيءَ تي هٿ رکي، ”مار ڪٽاري مر جانا. يهه اکيان ڪس ڪو دکانا نا!....“

لهندڙ سج جي پيلي روشني ۾ سون جي ٺهيل ڪراچي. وڏا شاهي رستا. فٽ پاتون ۽ تنهائي. اُهو شهر جو خود ۾ هل اسٽيشن. پاسن کان وڻ. مارچ جا پيلا گل. وڻن ۾. زمين تي. اکين ۾. ڪا به گپا گيهه نه. هلندو وڃجي. ڪلفٽن وڌيڪ تنها ۽ صدر بزار ڄڻ وهندڙ سنڌو. ماڻهو بيٺا آهن ۽ رستو هلندو ٿو وڃي. بورڊن تي فقط ٻه ٻوليون؛ سنڌي ۽ انگريزي، اُردو لائيٽ هائوس ۽ ڪارپوريشن بعد ڏسڻ ۾ اچي.

اسان مئٽرڪ پاس ڪئي سين مگر سحر نه ڪڏهن منهنجي گهر آئي ۽ نه ڪڏهن مان کيس سندس گهر کان ٻاهر وٺي ويس.

مان بنگلي جا ڏاڪا چڙهندس ته ڏاڪا ڄڻ سنگيت جا پد بڻجندا هوا ۾ سنها پردا لهرائيندا. هوءَ اهو ڄاڻندي ته منهنجو وقت ٿي ويو آهي، پيانو وڄائڻ شروع ڪندي. ڪنڌ ۽ ڪلهن ۾ لوڏ. اکيون کاٻي- ساڄي مون ۾.

پوءِ ايندي وهندي ۽ شعر ٻڌائيندي. ڪڏهن ڳائيندي؛ جب من ۾ ستائي غم- تو ڇيڙ سکي سرگم.....

مان اڪثر چپ- سوچيندس: مون زندگي ڏٺي آهي ۽ زندگي ٿوري وقت ۾ مخصوص ماحول ۾ ڏٺل رومانچڪاري آهي. محبت ڪجهه بچائي رکجي. پوري محبت ختم ڪرڻ بعد زندگيءَ ۾ ڪو خاص مطلب نٿو رهي. ڪجهه هجي، جو مسلسل هجي. ۽ نئون هجي. پيار ڀل پهرين اکين تائين هجي. ا:هي ڦهليل گيسو. اِهي اُڀار. هاٿيءَ جي رانن جهڙيون لچڪ ڀريل ٽنگون- مرمري ٻانهون. پري ڏسندڙ اکيون. رس ڀريل چپ ۽ هڪ محبت جو اظهار ڪندڙ ننڍو وات. ڀاڪر ۾ ڀري کيس آڪاس کڻي وڃي، اهڙي دعوت ڏيندڙ نوڪ وٽ معمولي وراڪو کيئيندڙ نڪ. خوابن ۾ سمايل هئڻ جو احساس ڏيندڙ ڊگهي ڳچي. سانوري. ڄڻ ته رات ۽ پرڀات وچ ۾ سرجڻ جو تلخ احساس ڏيندڙ پرهه ڦٽڻ جي شروعات.

ڪڏهن مان به ڳائيندس.

وه ڪون آج آيا- سويري سويري،

ڪ دل چونڪ اُٺا- سويري سويري.

سحر سان منهنجي پهرين ملاقات مون لاءِ ڏينهن جي شروعات آهي.

ڪليڪٽر ايندو ته اسانجي شربتن جا گلاس خالي ٿي چڪا هوندا. ٽوپلو هٿ ۾، ڪنڌ سان هيلو ۽ هڪ مشڪ ۽ سڌو اندر. ٻه سال مون اِن جنت نما بهشت ۾ ماني کاڌي. هڪ ئي ڊائيننگ ٽيبل. ڪليڪٽر جون ڳالهيون: هٽلر کي آخر روس ماريندو. مگر حيدرآباد جا هندو سنڌي ڇتا ٿي پيا آهن. ڪراچيءَ ۾ بارود گڏ ڪري رهيا آهن. اري ڀائي، جي گڏ رهڻو اٿوٰ ته اِهي ڦوٽ جون ڳالهيون ڇڏيو. شاهه پڙهو، ڪنور ٻڌو ۽ سحر ۽ ساحر ڏسو. ڀائي هاڻ تون لڄ ڇڏ. صرف مون کي نه ڏس، کاءُ به. ڀلا هاڻ توهان مئٽرڪ پاس ڪئي آهي ۽ هاڻ ٿورو ٻاهر به ڏسو. مون کي هڪ هندو ڇوڪري نه ملي؟ منهنجو ڏوهه؟ مان مسلمان هئس! پوءِ مون حليما سان شادي ڪئي. ڀائي اڪبر جوڌ ٻائيءَ سان شادي نه ڪري ته پوءِ انصاف جو فرشتو جهانگير ڪيئن پيدا ٿئي؟- اڙي ٻئي شرم ٿا ڪريو؟- ٻن الڳ نسلن جو رت اعليٰ انسان پيدا ڪندو آهي.... ان ڪري گاڏيءَ ۾ اک ٽيٽ ڪري مون توکي ڏٺو ۽ خدا جو قسم تون مون کي جچي وئين ۽ جڏهن ڪراچيءَ اسٽيشن تي سحر چار قدم پٺيان رهجي وئي ۽ تون به مون ڏانهن نهاري پيلي شڪل سان چار قدم پٺيان ٿِئين ته مون فيصلو ڪيو اگر اوهين دوست ٿيو ٿا.......

دوست!..... ها ها ها..... ته مان وچ ۾ نه ايندس! عورت ۽ مرد دوست رهي سگهندا آهن. شادي ڪجي نه ڪجي اُها ٻي ڳالهه آهي. ملاقات جي پهرين شام تون جڏهن سحر سان لئبرري مان ٻاهر نڪتين ته نه تنهنجو چهرو سهميل هئو ۽ نه اکين ۾ چمڪ هئي. اِهو سنڌي ڪلچر آهي. اشرافت.

اِن ڪري تون هتي اَچڻ لڳين ته وڻڻ لڳين. مان لبرل آهيان جو يورپ ڏٺو اَٿم. مون کي هندو عورت نه ملي ته اُن هڪ سبق سيکاريو ته مذهب رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. اُهو سڀ قبول ڪجي، جنهن مان ڪجهه جُڙجي. ڪم جوڙڻ جو ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org