سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

 

صفحو :2

 (3)

اس ۾ چمڪندڙ برف ۾ ڍڪيل انساني جسم جي سامهون رڇ بنهه خاموش ويٺو هو. اهڙي خاموشي فقط جانور ئي اختيار ڪري سگهندا آهن. رڇ جون گدليون ناسون ڦڙڪي رهيون هيون. ان جي اڌ کليل وات مان سندس پراڻا ۽ پيلا ڏند ڏسجي رهيا هئا، جيڪي اڃا تمام مضبوط هئا ۽ وات مان ڳاڙهي گگهه جي لارلڙڪي رهي هئي.

لڙائيءَ سندس موسمي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي ۽ هو بيحد بکيو پڻ هو، پر رڇ مئل شي ءِ نه کائيندا آهن. رڇ اليڪسيءَ جو بي حس ۽ اڻ چرندڙ جسم سونگهيو ۽ ميدان ۾ چڪر لڳايا، جتي ڪيترا ئي انساني لاش برف ۾ اڪڙيا پيا هئا، پر هڪ ڪنجهڪار ۽ سرسر جي آواز کيس وري اليڪسيءَ وٽ اچڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.

هاڻي هو اليڪسيءَ جي پاسي ۾ آسڻ ڄمائي ويهي رهيو هو. بک چَڪَ پائڻ لڳس. مئل شيءِ نه کائڻ واري عادت تي کيس خار اچڻ لڳا. نيٺ بک کان بيزار ٿي رڇ اٿيو ۽ هڪ ڊگهو ساهه کنيائين. هواباز جي جسم کي پنهنجن چنبن سان اٿلايو پٿلايو ۽ ننهن سان ورديءَ کي ڇنڻ ڦاڙڻ لڳو. پر فلائينگ سوٽ پنهنجي جاءِ تي مضبوط ڄميو رهيو. رڇ رنڀ ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ اليڪسيءَ اک کولڻ، پاسو ورائي هڪ طرف ٿيڻ ۽ سندس ڇاتيءَ تي سوار ديو جهڙي رڇ کي کڻي هڪ پاسي اڇلائڻ واري خواهش کي ڏاڍي مشڪل سان دٻائي ڇڏيو. هڪ اهڙي لمحي ۾، جڏهن سندس سمورو وجود کيس بهادري ۽ سر تري تي رکي وڙهڻ لاءِ اڪسائي رهيو هو. هن پاڻ کي مجبور ڪيو ۽ بنهه آهستي آهستي، ايترو آهستي جو ذرو به خبر نه پوي، هن هٿ پنهنجي کيسي ۾ وڌو ۽ پستول جي ڳن کي ڇهيو ۽ انتهائي احتياط سان اهڙي طرح ان جو گهوڙو چاڙهيو جو آواز به نه پيدا ٿئي ۽ آهستي ان کي ڪڍي ورتو.

وحشي رڇ ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي هن کي وڪوڙي ويو ۽ فلائينگ سوٽ کي چيرڻ ڦاڙڻ لڳو، پر سوٽ جو مضبوط چمڙو وٽانئس ڦاٽي نه سگهيو. رڇ غصي ۾ گجڻ لڳو ۽ پنهنجا ڏند فلائينگ سوٽ ۾ بچائي ڇڏيا، جيڪي ڪپهه ۽ پشم جي تهن مان ٿيندا اليڪسيءَ جي بدن ۾ چڀڻ لڳا، پر هن آخري قوت برداشت کان ڪم وٺي ايذاءَ ڀري دانهن کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو ۽ ٺيڪ ان مهل جڏهن رڇ کيس برف تان مٿي کنيو، هن پستول جو گهوڙو دٻائي ڇڏيو.

گوليءَ هلڻ سان ڌماڪي جو آواز پيدا ٿيو ۽ هر طرف پڙاڏو بڻجي گونجندو رهيو. رڇ آهستي آهستي پنهنجي شڪار کي ڇڏي ڏنو. اليڪسي ٻيهر برف تي ڪري پيو. پر پنهنجي نظر رڇ تي رکيائين. رڇ پوين پيرن ڀر ويهي رهيو. سندس ڪارين، پچين سان ڀريل اکين ۾ حيراني جهلڪي پئي. سندس نوڪيلي ڏندن جي وچان وات مان ڪاري رت جي سيڙ ٽپڪڻ لڳي. هو ڳري ۽ خوفناڪ آواز سان گرجيو ۽ پوين پيرن تي اٿي بيٺو پر اليڪسيءَ جي ٻي گولي هلائڻ کان اڳ ئي زمين تي ڪري پيو. رڇ جي مٿي وٽ وگهرندڙ برف ۽ سندس رت شامل ٿيندو رهيو. هو مري چڪو هو.

اليڪسيءَ جنهن جذباتي ۽ جسماني ڪشمڪش دوران هي سڀ ڪجهه ڪيو هو، اها ڪيفيت هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. هن ٻيهر پنهنجي پيرن ۾ اڀرندڙ ايذاءَ جي شيخ محسوس ڪئي. هو وري به برف تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو.

ٻيهر جڏهن کيس هوش آيو، تڏهن سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو. هن جي ذهن ۾ جيڪو پهريون خيال اڀريو، سو هي هو ته ”ڇا مون رڇ خواب ۾ ڏٺو آهي؟“

پاسي ۾ ئي نيري برف تي هڪ ديو جهڙو، ميرو گدلو ۽ ڀورو رڇ پيو هو. سڄو جهنگل آوازن سان ٻري رهيو هو. ڪاٺ ڪٽو رڌم سان وڻ جي ٿڙ تي کٽ کٽ جو آواز ڪري رهيو هو.

”آئون جيئرو آهيان، جيئرو آهيان، جيئرو آهيان!“ اليڪسيءَ پنهنجي مُنهن ڀڻ ڀڻ ڪئي. انهيءَ احساس سان ته هو زنده آهي؛ هن جي سڄي وجود ۾، هن جي سڄي بدن ۾ هڪ جادو جي لهر ۽ بي ست بنائيندڙ دهشت ڊوڙي ويئي. انهيءَ احساس جو تجربو ماڻهو کي فقط اوڏيءَ مهل ٿئي ٿو، جيڏي مهل هو هر ڀيري موت جي منهن مان بچي وڃي ٿو.

انهيءَ ئي زبردست احساس تحت ئي هن ٽپ ڏنو ۽ اٿي بيهي رهيو پر ٻئي لمحي ئي هن کان دانهن نڪري ويئي ۽ ڦهڪو ڪري رڇ مٿان ڪري پيو. هن جي پيرن جي اذيت باهه وانگر سڄي بدن ۾ ڊوڙي ويئي. کيس هر شيءِ جيڪا صاف هئي، سا ڌنڌلي پئي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ آهستي آهستي سرمائي پردي پويان غائب ٿي ويئي. هو ٻيهر بيهوش ٿي ويو.

هي ته ڏاڍو خراب ٿيو. ڪرڻ وقت شايد ڌڪو آيو هوندو ۽ لڳي ٿو ته پيرن ۾ ڪا خرابي ٿي پيئي آهي.“ اليڪسيءَ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سوچيو.

هن ٺونٺين ڀر اُٿي جهنگل جي ڪناري کان اڳيان هڪ وسيع ميدان کي حيرت ڀري نگاهه سان ڏٺو، جيڪو نظر جي حد تائين برف سان ڇانيل هو.

ائين پئي لڳو ته سرءُ جي موسم ۾ يا اڃا به هيئن کڻي چئجي ته موسم جي شروعات ۾ هن جهنگل جو آڳر هڪ بچاءُ وارو مورچو رهيو هوندو ۽ انهيءَ مورچي تي روسي فوج جيڪي ٻه ڏينهن قابض رهي هوندي، سا بنهه بهادريءَ ۽ بي جگريءَ سان وڙهي هوندي، جيستائين نه سڀني سپاهين جو خاتمو ٿيو هوندو. جنگ جي انهن زخمن تي برف پنهنجي سفيد ڪپهه جهڙي چادر وڇائي ته ڇڏي هئي، پر پوءِ به انهن تهن هيٺان کڏون، ٽٽل ڦٽل مشين گنن جي ٽڪرن جا انبار، ننڍن وڏن بمن جي ڌماڪن سان ٿيل کڏن کوٻن جو اڻ کٽندڙ سلسلو، جيڪو جهنگل جي ڪناري وٽ تباهه ٿيل، ٻريل سڙيل ۽ اڌ ڪٽيل وڻن جي ٿڙن تائين هليو ٿي ويو، بنهه چٽو ۽ صاف نظر اچي رهيو هو. سموري ميدان ۾ ٽيئنڪن وٽ، کڏن کوٻن جي ڪنارن وٽ ۽ جهنگل جي دنگ وٽ روسي ۽ جرمن سپاهين جا لاشا ٽڙيل پکڙيل پيا هئا. انهن جو ڳاڻيٽو ايترو ته گهڻو هو جو ڪن جڳهين تي ته لاش هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئا. لاش برف ۾ اهڙيءَ طرح اڪڙيا پيا هئا، جنهن طرح کين سرءُ جي موسم کان اڳ ۾ موت اچي ورايو هو.

انهن سڀني ڳالهين مان اليڪسيءَ کي اندازو ٿيو ته هتي ڪيڏي نه زبردست لڙائي ٿي هئي. هن کي معلوم ٿيو ته سندس ساٿي دنيا جي هر ڳالهه وساري فقط انهيءَ عزم سان وڙهيا هئا ته ڪنهن به صورت ۾ دشمن کي اتي ئي روڪڻو آهي ۽ اڳيان وڌڻ ڏيڻو ناهي. هتان کان ٿورو ئي پري، جهنگل جي ڪناري جي ويجهو چيڙ جي هڪڙي ٿلهي وڻ جي ڇانو هيٺان جرمن سپاهين جا لاش پيا هئا. انهن لاشن ۾ هڪڙو گول چهري ۽ وڏي مٿي وارو جانٺو جوان اونڌي منهن پيو هو. هن کي ڪوٽ کان سواءِ باقي سڄي فوجي وردي پاتل هئي. هن جي ويجهو هڪ رائفل پيل هئي، جنهن جي سنگين ٽٽل هئي ۽ ان جو قنداق به رت ۾ ڳاڙهو ۽ ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو.

ٿورو اڃا اڳيان، جهنگل طرف ويندڙ رستي تي واريءَ سان چيلهه تائين ڍڪيل فر جي هڪ وڻ هيٺ بم سان زخمي ٿيل هڪڙيءَ سانوري ازبڪ ڇوڪري جو لاش کڏ ۾  پيو هو. لاش اڌ کڏ ۾ هو ۽ اڌ ٻاهر. هن جو چهرو ڊگهو هو ۽ ائين ٿي لڳو، ڄڻ کيس هاٿي جي عاج مان تراشي ٺاهيو ويو هجي. هن جي هٿ ۾ به هڪ بم هو ۽ هن جي پٺيان وڻ جي ٽارين هيٺان ٻيا به ڪيترا ئي دستي بم پيا هئا.

اڃا به اڳيان، جهنگل ڏانهن ويندڙ رستي سان لڳولڳ خاڪي رنگ جي ٽئنڪن جي ويجهو وڏن بمن جي ڌماڪن سان ٿيندڙ کڏن جي ڪنارن وٽ ڪن پراڻن وڻن جي ٿڙن وٽ کڏن اندر، مطلب هر جاءِ تي رڳو لاش ئي لاش پيل هئا. انهن لاشن کي ڪپهه وارا جيڪٽ ۽ پتلونون پاتل هيون. اهي برف جي ڍڳن ۾ به نظر پئي آيا ۽ جن کي لومڙين، ڪانگن ۽ ڳجهن چهنبون هڻي هڻي چيري ڦاڙي ڇڏيو هو.

ڪيترا ئي ڪانگ ميدان مٿان لامارا ڏيئي رهيا هئا. انهيءَ منظر اليڪسيءَ جي ذهن ۾ ”جنگ ايگور“ جي ڏکوئيندڙ مگر شاندار تصوير اڀاري ڇڏي، جنهن جو نقل سندس تاريخ جي ڪتاب ۾ موجود هو.

هن سوچيو ”شايد آئون به انهن وانگر اتي پيو هجان ها!“ ۽ پوءِ سندس نس نس ۾ زندگيءَ جي خوش ڪندڙ لهر ڊوڙي ويئي. هن پاڻ کي جهنجهوڙيو. سندس پير اڳي کان به وڌيڪ ڏکي ۽ جلي رهيا هئا. ائين پئي لڳو، ڄڻ سندس دماغ ۾ جنڊ جا ٻه کهرا پڙا ڦري رهيا هئا. هو رڇ جي مڙهه تي ويهي رهيو. هن سوچڻ شروع ڪيو ته ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، پنهنجي محاذ تائين ڪيئن پهچان؟

هو جڏهن هوائي جهاز مان ڪريو هو، تڏهن سندس نقشن واري پيتي وڃائجي ويئي هئي، پر کيس جنهن رستي تان وڃڻو هو، سو سندس ذهن ۾ بنهه چٽو ۽ صاف هو. جنهن جرمن هوائي اڏي تي روسي جهازن حملو ڪيو هو، سو سندن مورچي کان اولهه طرف سٺ ڪلوميٽر پري هو. هوائي لڙائيءَ ۾ دشمن جي جنگي جهازن کي سندن جهازن ويهه ڪلوميٽر ٻيا به اوڀر طرف ڌڪي ورتو هو. ”ٻٽي چنگل“ مان جند ڇڏائڻ خاطر هو ٻيا به ڪيترائي ڪلوميٽر اوڀر طرف آيو هوندو. باقي ظاهر آهي ته هو اٽڪل 35 ڪلوميٽر سندن مورچي کان پري ڪريو هوندو. حقيقت ۾ ته هو جهنگل جي وچ تي ڪريو آهي. ان سان ٻه پهلو وابسته هئا. روشن به ته اونداهو پڻ. سٺو ان ڪري ٿيو هو جو ساڻس ڪنهن جرمن سپاهيءَ جي منهن پوڻ جو ڪو امڪان نه هو، ڇو ته جرمن سپاهي عام طرح رستن ۽ شهرن کان پري نه ويندا هئا. خراب ان ڪري ٿيو هو جو سندس پنڌ گهڻو نه هئڻ جي باوجود به ڏاڍو اڙانگو ۽ ڏکيو هو. کيس گهاٽن وڻن مان هلڻو هو ۽ کيس ڪنهن انساني مدد جو ڪوبه آسرو ڪونه هو. مٿو لڪائڻ لاءِ ڪنهن اجهي، ماني ڳڀي يا برفاني سيءَ ۾ ڪنهن گرم چانهه جي پياليءَ جي ملڻ جي به ڪا اميد ڪانه هئي. ٻيو ته سندس پير زخمي هُئا...... ڇا اهي کيس اڳتي وٺي وڃي سگهندا؟ ڇا هو هلي به سگهندو؟

هو آهستي آهستي ڪري رڇ تان اٿيو. هن وري به اهو ئي ايذاءُ محسوس ڪيو، جيڪو سندس پيرن مان اُڀري سڄي بدن ۾ ڊوڙي ٿي ويو. اذيت ۽ ڪرڀ وچان سندس دانهن نڪري ويئي ۽ هو ٻيهر ويهي رهيو. هن بوٽن لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بوٽ پيرن مان نڪري نه سگهيا. هر سَٽ سان سندس وات مان ڪيڪ نڪريو ٿي ويئي. پوءِ هو ڏند ڀڪوڙي، اکين کي زور سان بند ڪري، ٻنهي هٿن سان زور لڳائي هڪ پادر لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر هڪدم بيهوش ٿي ويو. جڏهن ٻيهر هوش ۾ آيو ته هن ڏاڍي احتياط سان پير جي پٽي کولي. سندس پير سڄي پيو هو ۽ ڌڪ لڳڻ جي ڪري سڄو نيرو ٿي ويو هو. هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سور جون سوٽون ۽ آڳ ٻري رهي هئي. هن پنهنجو پير برف تي رکيو ۽ اهڙي طرح ٿورو سور جهڪو ٿيو. هن هڪ ڀيرو وري اکيون پوري، ڏند ڀڪوڙي، ٻيو پادر به لاهي ورتو.

سندس ٻئي پير بيڪار ٿي چڪا هئا. ظاهر هو ته جڏهن هن پنهنجي جهاز جي ڪاڪ پٽ مان ٽپو ڏنو هوندو، تڏهن سندس پير ڪٿي اٽڪي پيا هوندا ۽ سندس پيرن ۽ آڱرين جون هڏيون ڀڄي پيون هيون. ظاهر آهي ته عام حالتن ۾ اهڙي خطرناڪ چوٽ لڳڻ کان پوءِ اٿي بيهڻ جو خواب به ڏسي نه سگهجي ها. پر هينئر ته هو اڪيلو هڪڙي ويران ۽ بيابان جهنگل ۾ پيو هو. هو دشمنن جي محاذ پٺيان هو، جتي ڪنهن ماڻهوءَ سان مٺ ڀيڙ جو مطلب آرام ۽ سڪون واري ڪچهري نه پر موت هو. هن فيصلو ڪيو ته هو جهنگل جي اندران ئي اندران اوڀر طرف وڌندو رهي ۽ ڪنهن آسان رستي يا ڪنهن انساني آباديءَ جي ڳولا نه ڪري ۽ اهو ته هر قيمت تي اڳيان وڌندو رهي.

پڪي عزم ۽ اٽل ارادي سان هو رڇ تان اٿيو ۽ ڪنجهندي ڪنجهندي، ڏند ڀڪوڙي هن پهريون قدم کنيو. هو هڪ پل ائين بيٺو رهيو ۽ پوءِ ٻيو پير برف مان ڇڪيائين ۽ ٻيو قدم کنيائين. هن جي مٿي ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون. سندس اکين اڳيان ميدان نچڻ لڳو ۽ آهستي آهستي غائب ٿي ويو.

اليڪسي ٿڪاوٽ ۽ تڪليف کان ماندو ٿيڻ لڳو. هو چپ چٻيندو اڳتي وڌندو رهيو، تان جو هڪ جهنگلي گس تي پهچي ويو، جيڪو هڪ تباهه ٿيل ٽينڪ ۽ هٿ ۾ پڪڙيل بم سان پيل ازبڪ لاش وٽان لنگهي اوڀر طرف جهنگل جي گهرائين ۾ گم ٿي ويو. نرم برف تي هلڻ ايترو ڏکيو ڪونه هو، پر جيئن ئي سندس پير هوا سان سخت ٿي ويل برف سان ڍڪيل سخت رستي تي لڳو ٿي ته سندس ايذاءُ ايترو ته وڌي ٿي ويو جو اڳيون قدم کڻڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ٿي پيو ۽ هو پريشان ٿي بيهي ٿي رهيو. سندس ٻئي ٽنگون عجيب بي ترتيبيءَ سان هڪٻئي کان ڌار هيون. هن جو سڄو بدن لڏي رهيو هو، ڄڻڪ هوا جي لهرن تي اڏامندو هجي. پوءِ اوچتو سندس اکين ۾ ڌنڌ ڀرجڻ لڳي. رستو، چيڙ جا وڻ، وڻن جون ٽاريون، گنبذ جهڙي آسمان جو نيرو گولو، اهي سڀ شيون ڌنڌ ۾ گم ٿي ويون. هو پنهنجي هوائي اڏي تي سندس جنگي هوائي جهاز وٽ بيٺو هو ۽ مستريءَ يورا، جنهن جا ڏنڌ ۽ اکيون سندس وڌيل مڇن ۽ ڏاڙهيءَ ۽ اڻ ڌوتل چهري ۾ هميشه چمڪندا رهندا هئا، کيس هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ڏانهن اشارو ڪري چوندو هجي ”هليا، جهاز تيار آهي، زون ٿي وڃ.......!“ اليڪسيءَ هوائي جهاز ڏانهن قدم وڌايو، پر زمين ٻرندي محسوس ڪيائين ۽ سندس پير لوساٽجي ويا، ڄڻڪ هن تتل ڳاڙهي لوهه تي پير رکيا هجن. هُن ان باهه تان ٽپو ڏيئي سندس جهاز تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ان جي ٿڌي ڌڙ سان وڃي ٽڪرايو. هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته هوائي جهاز جو اهو حصو نه لسو هو ۽ نه ئي ان تي پالش جي چمڪ هئي، بلڪ اهو بنهه کهرو هو جهڙوڪر چيڙ جي وڻن جا ڇوڏا هجن..... ليڪن اتي ڪوبه هوائي جهاز ڪونه هو. هُو ته رستي تي بيٺو هڪ وڻ جي ٿڙ کي هٿ سان ٿڦڪيون هڻي رهيو هو.......!

”وهم؟ مون کي جيڪو ڌڪ لڳو آهي، ان کان شايد منهنجو دماغ چڪرائجي ويو آهي!“ اليڪسيءَ سوچيو، ”هن رستي تي هلڻ ته عذاب ٿي پوندو. ڇا آءٌ رستي کان هيٺ لهي هلان؟ ائين ڪرڻ سان ته رفتار بنهه سست ٿي ويندي.....“ هو برف تي ويهي رهيو ۽ اهڙي طرح ڏند ڪرٽي هُن بوٽ لاٿو، بوٽ جو مٿيون حصو ڦاڙي ڇڏيائين ته جيئن پيرن کي ڪجهه آرام ملي. پنهنجو اسڪارف ڦاڙي پٽيون  ٺاهي پيرن تي ويڙهي پوءِ بوٽ پاتائين.

هاڻي هلڻ ڪجهه آسان ٿي پيو هو، پر ان کي هلڻ چوڻ مناسب ڪونهي! هن اڳتي هلڻ نه بلڪ اڳتي رڙهڻ شروع ڪيو. هو احتياط سان سنڀالي سنڀالي قدم ائين کڻي رهيو هو، جيئن ڪو ماڻهو ڌٻڻ ۾ هلندو هجي. ڪجهه وکون هلڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ ۽ ايذاءَ کان ساڻو ٿي سندس مٿو ڦرڻ ٿي لڳو ۽ هر ڀيري هو بيهڻ تي مجبور ٿي ٿي ويو. هن اکيون بند ٿي ڪيون، ڪنهن وڻ جي ٽيڪ وٺي يا برف جي ڍڳ تي ويهي ٿي رهيو.

ائين هو ڪيترن ڪلاڪن تائين اڳيان رڙهندو وڌندو رهيو، پر جڏهن هن مڙي پويان نهاريو ته اڃا به کيس جهنگل جو ڪنارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. اليڪسيءَ کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هو مايوس ته ٿيو، پر همت نه هاريائين. ان ڳالهه منجهس ۾ اڃا به تيز هلڻ جي خواهش پيدا ڪئي. هو برف جي ڍڳ تان اٿيو ۽ ڏند ڀڪوڙي اڳتي وڌڻ لڳو ۽ سمورو توجهه ڪنهن ويجهي منزل ڏانهن کپائي هلڻ لڳو ـــــــــ چيڙ جي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين، هڪ ٿڙ کان ٻئي ٿڙ تائين، برف جي هڪڙي ڍڳ کان ٻئي ڍڳ تائين.

(4)

۽ اهڙيءَ طرح هو شام تائين هلندو رهيو، جڏهن سج لهڻ وارو هو، تڏهن هو هڪ اهڙيءَ واديءَ ۾ پهچي چڪو هو، جيڪا صنوبر جي سدابهار ٻوٽن سان ڳتي پيئي هئي. اتي کيس جيڪو منظر ڏسڻ ۾ آيو، تنهن کي ڏسي سندس وار ڪانڊارجي ويا ۽ هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سندس اگهاڙن پٺن کان  پُسيل ٿڌو ٽوال ترڪندو ويندو هجي.

ائين ٿي لڳو ته جڏهن هن ميدان ۾ لڙائي پئي لڳي، تڏهن ڪا ميڊيڪل ڪمپني هن واديءَ ۾ مقرر ٿي هئي. زخمين کي آڻي هتي وڻن جي ٽارين تي ليٽايو ويو هوندو، اهي زخمي اڃا تائين به اتي پيا هئا. ڪي برف ۾ اڌ جيترا ڍڪجي ويا هئا. اهو ته صاف ظاهر هو ته هو زخمن جو سور سهي ڪونه مئا هئا. ڇو ته ڪنهن چاقوءَ سان سڀني جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيا هئا.  اُهي سڀئي هڪ ئي انداز ۾ مئا پيا هئا، ڄڻڪ هو پٺيان مُڙي اهو ڏسڻ چاهيندا هجن ته اتي ڇا پيو ٿئي ۽ اتي به ان ڀيانڪ منظر تان پردو هٽندو پئي معلوم ٿيو. هڪڙي وڻ هيٺ روسي فوجيءَ جي برف سان ڍڪيل جسم وٽ هڪڙي نرس ويٺي هئي، جيڪا به چيلهه تائين برف ۾ ڍڪيل هئي. سپاهيءَ جو ڪنڌ سندس هنج ۾ هو. هوءَ بندري قد جي سنهڙي ۽ نازڪ ڇوڪري هئي. هن کي بُجن واري ٽوپي پاتل هئي. هن جي ٻنهي ڪلهن جي وچان هڪ خنجر جو چمڪدار ڳن چمڪي رهيو هو. پاسي ۾ ئي هڪڙي جرمن جو لاش پيو هو، جنهن کي “SS” واري ڪاري وردي پاتل هئي. ان جي پاسي ۾ ئي روسي فوجيءَ جو پڻ لاش پيل هو، جنهن جي مٿي تي رت ۾ ڳاڙهي پٽي ٻڌل هئي. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي نڙيءَ مان جهليو موت جي آخري لمحن ۾ گهوگهو ڏئي رهيا هئا. اليڪسي هڪدم سمجهي ورتو ته انهيءَ ڪاري وردي واري سپاهيءَ زخمين کي قتل ڪيو هو ۽ پوءِ جيڏي مهل هن نرس تي وار ڪيو هو، تيڏي مهل پاسي ۾ پيل زخمي روسي سپاهي مٿس حملو ڪري ڏنو هوندو.

اهڙي طرح برف جي طوفان سڀني کي دفن ڪري ڇڏيو هو. اليڪسي اتي ڪي گهڙيون بنهه بت ٿي بيٺو رهيو. پوءِ نرس ڏانهن وڌيو ۽ سندس پٺن مان خنجر ڇڪي ڪڍي ورتائين. هي خنجر به جرمنيءَ جو هو ۽ مٿس “SS” جو نشان لڳل هو. خنجر جي رنڱيل ڦر تي هي لفظ لکيل هئا ته ”سڀ ڪجهه جرمني لاءِ.“

اليڪسيءَ جرمن جي جسم مان خنجر جو پوش کوليو ۽ خنجر ان ۾ وجهي پاڻ وٽ رکيائين. رستي ۾ خنجر جي ضرورت پوندي. هن برف ۾ ڍڪيل سَوڙ کوٽي ڪڍي ۽ نرس جو لاش ان ۾ ڏاڍي محبت سان ويڙهي دفن ڪيائين ۽ مٿانئس وڻن جون ٽاريون رکي ڇڏيائين.......

تيستائين منهن انڌارو ٿي ويو ۽ پاري وسائيندڙ انڌاري ان ننڍي واديءَ کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇڏيو. چؤطرف ماٺ ماٺوڙو هو. سنهي سنهي برف وسي رهي هئي.

هو ”والگا“ جي هيٺاهن ميدانن ”لامي شن“ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ شهر جو رهاڪو هو، تنهن ڪري کيس ڪاٺين ميڙڻ جي ڪا سُڌ ڪانه هئي. ٻيو ته پيرن جي روح ڏکوئيندڙ ايذاءَ منجهس ڪاٺين گڏ ڪرڻ جي سگهه به ڪانه ڇڏي هئي. هن رات گذارڻ يا ٽانڊي ٻارڻ جي ڪابه تياري ڪانه ڪئي. اونده به گهري ڇانئجي ويئي هئي، تنهن ڪري هو گهاٽي وڻ هيٺ سري وڃي ويٺو ۽ گوڏن تي مٿو رکي سانت ۽ سڪون مان لطف وٺڻ لڳو.

هن پنهنجي پستول جو گهوڙو چاڙهي ڇڏيو، پر اهڙو ڪوبه امڪان ڪونه هو جو هو ان کي پهرين رات استعمال به ڪري ها. هن کي ٿڪاوٽ ايڏو ته ساڻو ڪري ڇڏيو هو جو هو دنيا جهان کان بي خبر هو؛ تانجو صبح ٿي ويو. هو ائين ڇرڪي اٿي ويٺو، ڄڻ کيس ڪنهن ڌونڌاڙي اٿاريو هجي. سجاڳ ٿيڻ تي کيس ياد آيو ته هو ڪٿي هو، مٿس ڇا وهي واپري چڪو هو ۽ هُن رات ڪيڏي نه بي پرواهي سان گذاري هئي. انهيءَ خيال ئي کيس خوفزده ڪري ڇڏيو. تيز سردي جي لهر سندس بجن واري فلائينگ سوٽ اندر داخل ٿي وڃي ڇاتي جهلي هئي. هو ڏڪي رهيو هو، پر سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ته سندس پيرن جي هئي. هينئر جڏهن هو آرام ڪري رهيو هو ته تڪليف پهريان کان ڪيترا ڀيرا وڌي چڪي هئي. اٿي بيهڻ جي خيال کان ئي سندس ساهه ٿي نڪتو، پر وقت ڏاڍو ملهائتو هوندو آهي. هن ڪالهه جيئن ڏند ڀڪوڙي بوٽ لاٿو ۽ انهيءَ ئي عزم سان هو ٽپ ڏيئي اٿيو.

اليڪسيءَ کي جيڪي مصيبتون سامهون هيون، تن ۾ ويتر بک جو به واڌارو ٿيس. ڪالهه جڏهن هن نرس جو لاش سَوڙ ۾ پئي ويڙهيو، تڏهن کيس اتي پيل ٿيلهو هٿ آيو هو، جنهن تي ريڊ ڪراس جو نشان هو. پر اوڏي مهل هن ان تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو هو. اڄ هن اهو ٿيلهو کنيو، جنهن ۾ جنگ جي ميدان جو ملم پٽيءَ جو سامان، گوشت جو دٻو، خطن جو هڪ پيڪٽ ۽ هڪ ننڍڙي آرسي پيل هئي. ٿيلهي ۾ ماني پڻ پيل هئي، پر جهرڪين ۽ جانورن کائي ڇڏي هئي. اليڪسيءَ گوشت جو دٻو ۽ پٽيون کيسي ۾ وڌيون ۽ پنهنجي منهن چيائين ”مهرباني منهنجي پياري.“ هن ان جوان ڇوڪريءَ جي پيرن تي ٻيهر سوڙ پاتي، جنهن کي هوا هٽائي ڇڏيو هو ۽ هو اوڀر طرف هلڻ لڳو. هاڻي هن وٽ هڪ ڪلوگرام گوشت هو. هن طئي ڪيو ته روزانو هڪ ڀيرو منجهند جو هو گوشت کائيندو.

(5)

سور جي اذيت مان جند ڇٽائڻ خاطر اليڪسيءَ رستي جي باري ۾ سوچڻ ۽ حساب لڳائڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن هو روزانو ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پنڌ ڪري ته هو ڇيهه ۾ ڇيهه ٽن منزلن تي پهچي سگهي ٿو.

”اهو ٺيڪ آهي! چڱو ڀلا، ڏهن ٻارهن ڪلوميٽرن جو پنڌ ڇا ٿيو؟ هڪ ڪلوميٽر ۾ ٻه هزار قدم ٿين ٿا، ان جو مطلب هي ٿيو ته ڏهن ڪلوميٽرن ۾ ويهه هزار قدم ٿيا، پر اهي ته تمام گهڻا آهن، ڇو ته مون کي ته هر پنج ڇهه سؤ قدمن کان پوءِ ساهي کڻڻي ٿي پوي......“

گذريل ڏينهن سفر کي آسان بنائڻ خاطر اليڪسيءَ ڪي منزلون مقرر ڪري، هڪ کان ٻيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيڙ جو وڻ، وڻ جو ڪو ٿڙ يا رستي ۾ موجود ڪا کڏ ۽ هو هڪ شيءِ کان ٻيءَ تائين پهچي ساهي پٽي وري اڳتي وڌيو ٿي. اڄ هن وري انهن شين کي انگن ۾ بدلائي ڇڏيو ته هيترن قدمن هلڻ کان پوءِ ساهي پٽڻي آهي. هن فيصلو ڪيو ته هر هزار قدمن يعني اڌ ڪلوميٽر تائين هلبو ۽ پوءِ گهڙي ڏسي پنج منٽ ويساهي کائبي ۽ بس! هن اندازو لڳايو ته هو سج اڀرڻ کان وٺي لهڻ تائين مشڪل سان ڏهه ڪلوميٽر هلي سگهي ٿو.

پر پهريان هڪ هزار قدم ڪيترا ڪٺن هئا، توبهه! هن ايذاءَ کان ڌيان هٽائڻ لاءِ پنهنجا قدم ڳڻڻ شروع ڪيا، ليڪن پنج سؤ ڳڻڻ کان پوءِ هو ڀلجي پيو ۽ ان کان پوءِ کيس بي انتها اذيت کان سواءِ ٻي ڪابه سوچ ڪانه هئي. ها، پر پوءِ به هن هزار قدم پورا ڪري ٿي ساهه پٽيو. جيڏيءَ مهل هن پهريان هزار قدم پورا ڪيا، اوڏيءَ مهل منجهس ويهڻ جي به سگهه ڪانه رهي هئي. هو منهن ڀر برف تي ڪري پيو ۽ ڏاڍي بي ڍنگي نموني برف چٽڻ لڳو. هن پنهنجي جلندڙ پيشاني ۽ ٻرندڙ لونڌڙيون برف تي رکي ڇڏيون ۽ انهيءَ برفيلي ڇُهاءُ ۾ هن کي هڪ ناقابل بيان راحت محسوس ٿي.

هو ڏڪي ويو ۽ گهڙي ڏٺائين. پنج منٽ پورا ٿي رهيا هئا. جيئن ئي پنج منٽ پورا ٿيا، هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڪنجهندي اڳتي وڌڻ لڳو. ٻنپهرن تائين هو مقرر منزلن مان رڳو چار منزلون طئي ڪري سگهيو. آخري منزل تي هو برف ۾ ڪري پيو هو. ڇو ته هاڻ منجهس ايتري به قوت ڪانه رهي هئي جو رڳو هڪ هٿ جيترو وٿيرڪي وڻ تائين پهچي سگهي. اتي هو ڪيتري دير تائين ويٺو رهيو؟ هن جو مٿو سندس ڇاتيءَ تي ڍرڪي پيو هو. هن نه ڪي سوچيو ٿي، نه ڪجهه ڏٺو ٿي ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌو ٿي. هاڻ ته کيس بک به ياد ڪانه هئي.

هن گهرو ساهه کنيو ۽ ڪيترا ڀيرا چپٽيون ڀري برف وات ۾ وڌي ۽ پنهنجي بي حسي ۽ غفلت تي قابو پائيندي پنهنجي کيسي مان زنگيل دٻو ڪڍيائين ۽ جرمن خنجر سان ان کي کوليائين. هن چرٻيءَ جو هڪ ٽڪرو وات ۾ وجهي ڳڙڪائڻ چاهيو، پر اهو ڳري ويو. ان سان گڏ زبردست بک به جاڳي پيس. هن ڪيتري ئي ڪوشش ڪئي، پر هو گوشت جو دٻو پري هٽائي نه سگهيو ۽ نيٺ هن برف ڦڪڻ شروع ڪئي. ڪا ته شيءِ هجي جيڪا کائجي، جيڪا نڙيءَ مان هيٺ لهندي رهي.

اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ هن پنهنجي لاءِ صنوبر مان ٻه لٺيون وڍيون ۽ هو انهن لٺين جي سهاري سان اٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، پر هر قدم کان پوءِ کيس اڳيون قدم کڻڻ بنهه مشڪل ٿي لڳو.

(6)

........ ان گهاٽي جهنگل ۾ اليڪسيءَ جي دردناڪ سفر جو ٽيون ڏينهن هو. ان دوران کيس ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. پر ٽئين ڏينهن تي هڪ غير متوقع واقعو پيش آيس.

هو جڏهن سج اڀري مهل اٿيو ته سندس جسم سيءَ ۽ بخار ۾ ڏڪي رهيو هو. کيس پنهنجي فلائينگ سوٽ جي هڪڙي کيسي مان لائٽر هٿ آيو، جيڪو کيس مستريءَ يورا رائفل جي هڪ خالي ڪارتوس مان ٺاهي، سوکڙي طور ڏنو هو.

هن ڪجهه ڪاٺيون گڏ ڪيون ۽ ٽانڊو ٻاريو. ٽانڊي جي پاسي ۾ ويهي اليڪسيءَ کي ڏاڍو سڪون ۽ آرام مليو. اتي ويٺي هن فلائنگ سوٽ جي زنجير کولي ۽ کيسي مان مروڙيل سروڙيل خط ڪڍيا. انهن مان هڪ خط منجهه ڪاغذ ۾ ويڙهيل تصوير پيل هئي. اها تصوير هڪڙي سهڻي سلوڻي ڇوڪريءَ جي هئي، جنهن کي ڇيٽ جو فراڪ پاتل هو ۽ هوءَ ڇٻر تي ويٺل هئي. هو ڪجهه دير تصوير کي غور سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاغذ ۾ ويڙهي لفافي ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ سمورا خط کيسي ۾ رکي ڇڏيائين.

”پرواهه ناهي! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن اهي لفظ ڇوڪريءَ کي چيا يا پنهنجو پاڻ کي، سو ٻڌائڻ مشڪل آهي. هن سوچيندي چيو ”ڪا ڳالهه ڪانهي!“

هو ٽپ ڏيئي اٿيو، بوٽ لاٿائين، پيرن جون پٽيون کولي کين ڏسڻ لڳو. پير پهرين کان وڌيڪ سڄي ويا هئا ۽ آڱريون سوڄ کان مختلف پاسن ڏانهن پکڙجي رهيون هيون.

اليڪسيءَ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وسامندڙ باهه تي آخري نگاهه وجهي، اڳيان وڌڻ لڳو. تڪليف کان پنهنجا چپ چٻيندو اڳتي وڌندو رهيو. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هو بيهوش ٿي ٿي ويو. اوچتو کيس هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جهنگل جي هر آواز کان هو ايترو ته واقف هو، جو هو هن اوپري آواز کي هڪدم سڃاڻي ويو. پري کان هن موٽر جو گوڙ ٻڌو. پهرين ته هن سمجهيو ته اهو سندس وهم آهي، پر پوءِ آواز صاف ٻڌڻ ۾ آيو. ظاهر هو ته اهي جرمن سپاهي هئا ۽ ڏانهس وڌي رهيا هئا. اليڪسيءَ کي هڪدم پيٽ ۾ عجيب قسم جي ٿڌاڻ محسوس ٿي. ڊپ منجهس قوت پيدا ڪئي، هو پنهنجي ٿڪاوٽ ۽ پيرن جي تڪليف وساري ويٺو. تڪڙ ۾ رستي تان لهي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ وڃي لڪو. اتان هو رستو چٽو ڏسي پئي سگهيو، پر کيس ڪير ڪونه ٿي ڏسي سگهيو.

آواز هاڻ بنهه سندس ويجهو پهچي چڪو هو. اليڪسي ويتر وڌيڪ برف ۾ لڪي ويو. هن وڻن جي ٽارين وچان هڪ سفيد رنگ جي بڪتر بند گاڏي ڏٺي. موٽر گاڏي لوڏا کائيندي رستي جي ان حصي وٽ پهتي، جتان اليڪسي سڙڪ تان لهي وڻن ۾ لڪو هو. گاڏي اڳتي وڌي ويئي. ان کان پوءِ هڪ کليل گاڏي آئي، جيڪا هر طرف ڊوڙي سگهي ٿي. هڪ ماڻهو، جنهن کي ڊگهي ٽوپي پاتل هئي ۽ ڊرائيور جي پاسي ۾ ويٺو هو. ان جي پٺيان مشين گن هلائڻ وارا ڪيترا ئي سپاهي ڀوري رنگ جا ڪوٽ ۽ رُڪ جا ٽوپَ پايو بينچن تي ويٺا ڌڏڪا کائي رهيا هئا. هڪ ٻي به کليل گاڏي پٺيان پئي آئي، جنهن ۾ ٻن قطارن ۾ پندرهن کن سپاهي ويٺا هئا.

اليڪسي برف ۾ اڃا به وڌيڪ لڪي ويو. موٽر گاڏيون ايترو ته ويجهو اچي چڪيون هيون جو سڙيل پيٽرول جو دونهون سندس چهري تائين پهچي ويو. هن محسوس ڪيو ته سندس لنڱن جا وار ڪانڊارجي ويا آهن. پر موٽر گاڏيون اڳتي وڌنديون هليون ويون. پيٽرول جي سڙيل بوءِ پري ٿيندي ويئي ۽ پوءِ جلد ئي انجڻن جو آواز دور گهڻو دور ٿيندو ويو.

جڏهن هر طرف سانت ڇانئجي ويئي، تڏهن هو رستي تي نڪري آيو ۽ اوڀر طرف هلڻ لڳو. هو مقرر ڪيل حساب سان منزل به منزل اڳتي وڌندو رهيو ۽ اڌ ڏينهن جي سفر کان پوءِ طئي ٿيل پروگرام ۾ آرام ڪيو ۽ ماني کاڌائين. هاڻي هو هڪ جهنگلي جانور وانگر بنهه احتياط سان اڳتي وڌڻ لڳو ۽ بنهه معمولي کڙڪي تي به هوشيار ٿي ٿي ويو.

هواباز هجڻ جي ڪري هو هميشه هوا جي بلندين ۾ وڙهڻ جو عادي هو. هينئر هن پهريون ڀيرو زمين تي دشمن کي ڏٺو هو. ”پرواهه ناهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ اليڪسيءَ پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ خاطر چيو ۽ اهو وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پيرن جو درد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿو رهي ۽ اهو ته سندس قوت ختم ٿيندي پئي وڃي. هاڻ سندس پيٽ فر جا ڇوڏا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جن کي هو مسلسل چٻيندو ٿي رهيو ۽ نه ئي ٻين وڻن جي گونچن يا ڳڀ جو مٿس ڪو اثر ٿي ٿيو، جيڪو هو کاڌي طور استعمال ڪندو هو.

شام جو منهن انڌاري تائين هو فقط پنج منزلون طئي ڪري سگهيو هو. رات جو هن زمين تي پيل وڻ تي سڪل پن ۽ ڪاٺيون وجهي، انهن کي باهه ڏيئي وڏو مچ ٻاريو. وڻ جو ٿڙ جهڪيءَ روشنيءَ سان سڙندو ۽ دونهون ڪڍندو رهيو ۽ هو مزي سان برف تي ٽنگون ٽيڙيو ستو پيو رهيو. کيس ننڊ ۾ به زندگي بخش گرمي ڪيڏي مهل هڪ پاسي ته ڪيڏي مهل ٻئي پاسي سڪون پهچائيندي رهي. هو خود بخود ننڊ مان جاڳي اٿيو ٿي ۽ باهه ۾ تازيون ڪاٺيون وجهي مچ کي مچايائين ٿي. آڌي رات جو برف جو طوفان لڳو، وڻ لڏندا لمندا، جهڪندا، سر سر ڪندا ۽ وحشت مان آه زاري ڪندا رهيا. چڀندڙ برف جا ڪڪر زمين تي ڪرندا رهيا. ڀڙڪندڙ ۽ چمڪندڙ باه جي چوڌاري گهگهه اوندهه نچندي رهي. پر ان طوفان به اليڪسيءَ کي تنگ نه ڪيو. هو گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ باهه جي گرمي سندس رکوالي ڪري رهي هئي.

باهه کيس جهنگل جي جانورن کان محفوظ رکيو. باقي رهيا جرمن سپاهي، سو اهڙي رات ۾ انهن جي لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانه هئي. اهي برف جي طوفان ۾ جهنگل جي گهراين ۾ قدم رکڻ جي جرئت به نٿي ڪري سگهيا. انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به هن جو ٿڪاوٽ کان چور بدن، باهه جي گرمي ۾ آرام ڪري رهيو هو. پر هر آواز تي سندس ڪن کڙا ٿي ٿي ويا. پرهه ڦٽڻ واري هئي، جڏهن برف جي طوفان جو زور جهڪو ٿيو ۽ خاموش ڌرتي تي کير جهڙي برف ڇانئجي ويئي. تڏهن اليڪسيءَ کي ائين لڳو، ڄڻ پري کان لڙائي جو آواز سندس ڪنن تائين پهچڻ لڳو. ڌماڪا، مشين گنن جي ٽڙ ٽڙ ۽ رائفلن جي ٺڪا ٺوڪي. ڇا محاذ ايترو ويجهو ٿي سگهي ٿو؟ ايترو جلدي؟

(7)

پر جيئن ئي صبح صاف ٿيو ۽ پکي پکڻ جو آواز پکڙجي ويو، تيئن اليڪسيءَ کي جنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. هن گهڻو ئي ڪنايو، پر نه توبن جو آواز هيو ۽ نه وري رائفلن جا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ آيا.

اليڪسيءَ صبح جو ئي باقي بچيل گوشت کائڻ جو فيصلو ڪيو. گوشت ڪهڙو هو، مڙيئي ڪي ٻه ٽي ڇيڇڙا سوادي چرٻي ۾ لڳا پيا هئا. هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن هينئر اهو گوشت نه کاڌو ته هو اتان چري به ڪونه سگهندو. هن خالي ٽين کي آڱرين سان اگهي سگهي بنهه اڇو ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو دٻي جي ڪٽيل چهنبدار نوڪن کي لڳي، سندس آڱريون رتو رت ٿي ويون، پر هن محسوس پيو ڪيو ته ڄڻ اڃا به چرٻي جا ڪي ذرڙا اندر چهٽا پيا آهن. هن دٻي ۾ برف وجهي ٽانڊي تي رکيو ۽ پوءِ گرم پاڻيءَ کي ڏاڍي مزي سان ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو. پاڻي ۾ گوشت جي خوشبوءِ کيس ڏاڍو لطف ڏنو. پاڻي پي هن دٻو کيسي ۾ وڌو. سندس خيال هو ته ڪڏهن ڪڏهن هو دٻي ۾ چانهه ٺاهيندو ۽ گرم گرم چانهه پيئندو، گرم چانهه آه! هي هڪ خوشگوار احساس هو. جيڏي مهل هو سفر تي روانو ٿيو ته هو ڏاڍو خوش هو.

پر هتي هڪ ٻي مصيبت سان کيس واسطو پيو. راتوڪي برف جي طوفان سندس گس گم ڪري ڇڏيو هو. هر طرف برف جا ڍڳ ئي ڍڳ لڳا پيا هئا. سندس سُڄيل پير برف جي ڍڳن ۾ گپيو ٿي ويا ۽ کين ڇڪي ڪڍڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي محسوس ٿي. اوڏي مهل لٺيون پڻ سندس ڪا گهڻي مدد ڪري ڪونه پئي سگهيون.

ٻن پهرن تائين، جيڏي مهل سج وڻن جي مٿان اچي چڪو هو، اليڪسي صرف پندرهن سؤ قدم هلي سگهيو هو. هو ٿڪ کان ايترو ته چور ٿي چڪو هو، جو کيس هر اڳيون قدم کڻڻ لاءِ بي پناهه قوت ارادي کان ڪم وٺڻو ٿي پيو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ سندس پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي. ٿوري ٿوري دير بعد هو ڪري ٿي پيو ۽ برف تي بنا چرڻ پرڻ جي پيو ٿي رهيو. وري ٿي اٿيو ۽ چند قدم اڳتي ٿي وڌيو. هن کي سمهڻ، ليٽڻ، هر شيءِ کي وسارڻ ۽ بي حس پيو رهڻ جي خواهش اچي سوڙهو ورايو. هاڻ چاهي ڇا به ٿئي، هو بيهي رهيو. بنهه خاموش بيٺو لڏندو رهيو. هن ٻيهر پنهنجا چپ ڀيٽيا ۽ پنهنجي سموري قوت گڏ ڪري مشڪل سان پيرن کي اڳيان گهلي ٻه ٽي قدم کنيائين.

آخر هن کي محسوس ٿيو ته هاڻ هو هڪ قدم به هلي نٿو سگهي. ڪابه طاقت کيس اتان چرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن هينئر هو اتي ويهي رهيو ته پوءِ ڪڏهن به اٿي ڪونه سگهندو. هن حسرت سان چؤطرف نظر ڊوڙايو. رستي جي ڪناري تي چيڙ جو هڪ گهاٽو نئون ٻوٽو موجود هو. هو پنهنجي قوت جو آخري ڦڙو سميٽي ان طرف وڌڻ لڳو ۽ ٻوٽي تي وڃي ڪريو. سندس ڏاڙهي ٻه شاخي تي رکيل هئي. ان ڳالهه سندس پيرن جو بوجهه ڪجهه هلڪو ڪيو ۽ کيس آرام محسوس ٿيو. هن وڌيڪ آرام حاصل ڪرڻ لاءِ ٽاريءَ جي ٻه شاخيءَ تي کاڏي جو زور وجهي پهرئين هڪڙو پير ۽ پوءِ ٻيو پير گهيريو. پير برف مان آسانيءَ سان نڪري آيا ۽ انهيءَ سان کيس هڪ شاندار اٽڪل به سمجهه ۾ اچي وئي.

”اڙي واهه! واقعي، جيڪڏهن هن ننڍڙي ٻوڙي کي وڍي، سندس ٽاريون ڪپي ڇڏجن ۽ باقي ٻه شاخون وڃي رهن، پوءِ ڏنڊي کي پريان ڪري ٻه شاخي تي کاڏي رکي سڄو بار ان تي وجهجي ۽ پوءِ پير اڳتي وڌائجي، جيئن هينئر آءٌ ڪري رهيو آهيان. ان طريقي سان رفتار تمام سست ٿي ويندي. ها، رفتار ته سست ٿي ويندي، پر آءٌ ايترو گهڻو ڪونه ٿڪندس ۽ اوستائين اڳتي وڌندو رهندس، جيستائين برف جا ڍڳ ڄمي سخت ٿي نٿا وڃن.“

هو گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ پنهنجي خنجر سان ننڍي وڻ کي وڍيائين، ٽاريون ڪٽي الڳ ڪيائين. پنهنجو رومال ڪڍي پٽيون ٺاهي، ڪاٺيءَ کي ويڙهي هڪدم اڳتي روانو ٿي ويو.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪوبه انسان هن ماڻهوءَ کي صبح کان شام تائين هن قسم جي برف جي عجيب ڍڳن مان ڪڇونءَ جي رفتار سان هلندو ۽ سڄي ڏينهن ۾ صرف پنج ڪلوميٽر سفر ڪندو ڏسي ها ته کيس بلڪل حيرت وٺي وڃي ها. پر اتي ته سواءِ ڳجهن جي ٻيو ڪير به ڪونه هو، جيڪو هي منظر ڏسي. ڳجهن به جڏهن سمجهي ورتو ته هي ٽن ٽنگن وارو عجيب غريب بي ڍنگو جانور ڪو نقصانڪار ناهي ته انهن به کانئس ڊڄڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويجهو اچڻ تي صرف ٽپي ٿورو پرڀرو ٿي، کيس عجيب مسخريءَ واري انداز سان گهورڻ لڳنديون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org