سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :19

 (5)

پره ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ئي هوابازن کي جاڳايو ويو. هيڊ ڪوارٽر کي اطلاع مليو هو ته ان علائقي ۾، جتي روسي ٽينڪن دشمن جي لائين ٽوڙي آهي، جرمن هوائي فوج جو هڪ زبردست دستو اچي ويو آهي. زمين جي نشانين ۽ مخبرن جي اطلاعن ان خيال جي تصديق ٿي ڪئي ته جرمن اڳواڻ ان خطري کي محسوس ڪري ورتو هو، جيڪو ڪورسڪ جي مورچي کي ٽوڙي، روسي ٽينڪن جي اندر گهڙي اچڻ جو سبب پيدا ٿيو هو. انهن ”ريختگوفن“ هوائي ڊويزن کي گهرائي ورتو هو، جنهن ۾ جرمنيءَ جا بهترين هواباز شامل هئا. ان ڊويزن کي آخري ڀيرو اسٽالن گراڊ جي ويجهو ڀڄائي ڪڍيو ويو هو، پر جرمن محاذ جي پٺيان ڪٿي هن ڊويزن جي ٻيهر نئين سر تنظيم ڪئي ويئي هئي. رجمينٽ کي خبردار ڪيو ويو هو ته دشمن جو تعداد به گهڻو آهي ۽ وٽن جديد ترين هوائي جهازن ”فوڪي رولف ـــــــ 190“ به موجود آهن ۽ جنگ جو به تمام گهڻو تجربو اٿن. حڪم جاري ٿيو ته پيادل فوج جي ٻئي جٿي جي پوري پوري حفاظت ڪئي وڃي، جيڪو ان رات ٽينڪن پٺيان دشمن جي صفن ۾ پيل ڏار ۾ اندر گهڙڻ جي لاءِ روانو ٿي چڪو هو.

”ريختگوفن!“ هي نالو تجربيڪار هوابازن کي چڱيءَ طرح ياد هو ۽ هنن کي خبر هئي ته ان ڊويزن کي هرمين گوئرنگ جي خاص رهنمائي حاصل آهي. جڏهن به ڪٿي جرمن تي گهڻو دٻاءُ ٿي پيو ته هو هن ڊويزن کي اوڏانهن روانو ڪندو هو. هن ڊويزن جا هواباز، جن مان ڪجهه اسپين ۾ پنهنجي وحشت پڻي جو مظاهرو ڪري چڪا هئا، ڏاڍا مضبوط ۽ ڄاڻو هواباز هئا ۽ خطرناڪ دشمن جي حيثيت ۾ سندن ڏاڍي هاڪ هوندي هئي.

”ماڻهو ٿا چون ته اسان جي لاءِ ڪو ’يختگوفن‘ موڪليو ويو آهي. ها! آءٌ چاهيان ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي، ان سان ملاقات ٿي وڃي. اسين ان ريختگوفن جي چڱي طرح سان سارَ لهنداسين.“ کاڌي واري ڪمري ۾ پتروف تڪڙا تڪڙا گره ڳڙڪائيندي کليل دريءَ ڏانهن نهاريندي اعلان ڪيو. اتي ماني کارائڻ واري ’رايا‘ بيٺل هئي. ظاهر آهي ته پتروف ’ريختگوفن‘ تي جيڪي ڇوهه ڇنڊيا هئا، سي ڪي اليڪسيءَ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪونه هئا، جيڪو ڪافيءَ جو ڪوپ خالي ڪري چڪو هو. اها ڳالهه ته ان ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ لاءِ چئي هئائين، جيڪا گلن سان کيڏي رهي هئي ۽ جيڪا وَر وَر ڏئي آڏيءَ اک سان خوبصورت ۽ ٺاهوڪڙي جوان پتروف ڏانهن نهاري رهي هئي.

ميريسئف کين شفقت واري مسڪراهٽ سان ڏسي رهيو هو، پر سنجيده ڳالهين ۾ کيس کل ڀوڳ اصل ڪونه وڻندو هو. هن چيو:

”ريختگوفن، ريختگوفن پيو ڪرين. خبر به اٿئي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب آهي ته جيڪڏهن تون اڄ جهنگل ۾ سڙي مرڻ نٿو چاهين ته پوءِ پنهنجيون اکيون کليل رک، پنهنجا ڪن سرلا رک ۽ لاڳاپو ٽٽڻ نه ڏج. سائين منهنجا! ريختگوفن اهڙا وحشي بگهڙ آهن، جو هو پنهنجا نيش تنهنجي گوشت ۾ ٽنبي ڇڏيندا، پر توکي کڙڪ ئي ڪانه پوندي.“

صبح جو سوير، خود ڪرنل جي اڳواڻيءَ ۾ پهريون جٿو اڏاڻو. اڃا اهو مٿي ئي هو ته ٻارنهن ڄڻن جي ٻي ٽولي اڏامڻ لاءِ تيار ٿي وئي. ان جي اڳواڻي گارد ميجر فيدوتوف ڪري رهيو هو. هو روس جو هيرو هو ۽ ڪرنل کي ڇڏي باقي رجمينٽ ۾ سڀني کان تجربيڪار هواباز هو. هوائي جهاز تيار هئا. اليڪسيءَ ڪاڪ پٽ مان ڏٺو ته پهرين ٽوليءَ جا هوائي جهاز مٿان کان هيٺ بلڪل سڌا پئي لٿا، جهڙوڪر آسمان مان وسندا هجن. هن غير ارادي طور کين ڳڻڻ شروع ڪيو. کيس ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي، جيستائين وڃي ٻه آخري جهاز به هيٺ نه لٿا، جن کي لهڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي هئي.

اڃا پهرين ٽوليءَ جو آخري جهاز ميدان تان موٽيو ئي ڪونه هو، تيستائين فيدوتوف جو ”نمبر هڪ“ زمين کان الڳ ٿي اڏاڻو. سندس جٿو ٻن ٻن جي ٽولين ۾ هوا ۾ بلند ٿي ويو. هي جٿو آسمان ۾ اڏندڙ لغڙن وانگر لڏندو لمندو واپس وريو. عين ان گهڙيءَ اليڪسيءَ کي افق تي هڪ ٽڪو نظر آيو ۽ پوءِ اهو سمورو ولر، جيڪو بنهه هيٺ زمين کي ويجهو اڏامي رهيو هو. جرمن! سي به بنهه هيٺ اڏامي رهيا هئا ۽ سندن رخ ان دونهن ڏانهن هو، جيڪو ٻنين مٿان تري رهيو هو. هن بي اختيار مڙي ڏٺو. سندس ڀيچي سندس پٺيان هو ۽ جيترو ممڪن هو، اوترو هو ساڻس گڏ گڏ اڏائي رهيو هو.

هن ڪنن تي زور ڏنو ۽ کيس پري کان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”آءٌ سامونڊي ٻگهه نمبر ٻه فيدوتوف آهيان. آءٌ سامونڊي ٻگهه نمبر ٻه فيدوتوف آهيان. هوشيار! مون سان گڏ اچو.“

گوڙ ۽ شور ۾ ٻيو حڪم ختم ٿيڻ شرط ئي سموري ٽوليءَ ٻن ٻن جي جوڙي ٺاهي، پنهنجو رخ بدلايو ۽ هڪ ٻئي کي بنهه ويجهو ويجهو، اڏامندي جرمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. نظر، ڪن ۽ دماغ انتهائي شدت سان هڪ ئي نقطي تي ڄميل رکيائون. اليڪسيءَ کي دشمنن جي جهازن کان سواءِ ڪجهه به نظر ڪونه ٿي آيو، جيڪي سندس اکين اڳيان ڏاڍو تيزيءَ سان وڏا ٿيندا پئي ويا. کيس آواز ۾ ٻئي حڪم جو انتظار هو، پر ان حڪم جي بدران هن چٽيءَ طرح جرمن ٻوليءَ ۾ وهلور ويل آواز ٻڌو: ”خبردار، خبردار! ”لا – 5“ خبردار!“ هي آواز ضرور جرمن جي زميني ڪنٽرول طرفان پنهنجي هوابازن کي چتاءُ ڏيڻ جو حڪم هوندو.

جيئن ته ان مشهور هوائي ڊويزن جو قاعدو هو، هنن جنگ جي سڄي ميدان ۾ ڏاڍي احتياط سان چوڪيدارن ۽ مشاهدو ڪندڙن جو ڄار وڇائي ڇڏيو هو، جن کي ريڊيو، وائرليس ۽ زميني ڪنٽرول جون ٻيون سهوليتون پڻ مهيا ڪري، گذريل رات جي متوقع جنگي ميدان ۾ هوائي ڇٽين ذريعي لاٿو ويو هو.

پوءِ ڪجهه گهٽ واضح آواز ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ”لعنت هجي اوهان تي. ”لا – 5“ کاٻي طرف، ”لا – 5“ ان آواز ۾ بيزاريءَ کان سواءِ پريشاني پڻ شامل هئي.

’ ريختگوفن‘ ڇا توهان اسان جي ”لا -5“ کان ڊڄو پيا؟“ ميريسئف پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪئي. هو ويجهو ايندڙ دشمن جي صفن کي ڏسي رهيو هو. هن جي نس نس ۾ عجيب خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.

هاڻي دشمن صاف نظر اچي رهيو هو. اهي هئا جنگي هوائي جهاز ”فوڪي وولف 190“ اهي تمام مضبوط ۽ تيز رفتار هوائي جهاز هئا، جيڪي بنهه هاڻ استعمال ۾ اچڻ لڳا هئا.

انهن جو ڳاڻيٽو فيدوتوف جي ٽوليءَ کان ٻيڻو هو. هو نهايت سخت پابنديءَ سان صفون ٺاهيو اڏامي رهيا هئا، جيڪا انهن جي بهترين صفت هئي. هي ٻن جي جوڙي ٺاهي هڪ ٻئي پٺيان هيٺ مٿي چاڙهيءَ جي ترتيب ٺاهي اڏامي رهيا هئا، اهڙي انداز سان ته جيئن هر جوڙي پنهنجي اڳيان واري جوڙيءَ جي پٺئين حصي جي حفاظت ڪري سگهي. فيدوتوف پنهنجي بلنديءَ جو فائدو وٺي دشمن تي حملو ڪيو. اليڪسيءَ پهريائين ئي پنهنجي نشاني جي چونڊ ڪري ڇڏي هئي ۽ ساڳئي وقت هو ٻين جهازن کان پڻ بي نياز ڪونه هوـــــــ هو پنهنجي شڪار ڏانهن وڌيو ۽ کيس نظر کان پري ٿيڻ نه ڏنائين، پر ڪنهن ٻئي وٽانئس نمبر کڻي ورتو. ”ياڪ“ هوائي جهازن جي هڪڙي ٽولي ٻئي طرف کان آئي ۽ انهيءَ مٿان ئي مٿان جرمنن تي حملو ڪري ڏنو. هي وار ايترو ته ڪامياب ويو، جو ان دشمن جي صفن کي صفا ٽوڙي ڇڏيو. ان گهڙيءَ ۾ فضا ۾ هڪ قسم جو هنگامو ۽ افراتفري پکڙجي وئي. ٻئي ڌريون ٻن ٻن ۽ چئن چئن جي ٽولين ۾ ورهائجي ويا ۽ ڇتي ويڙهه وڙهڻ لڳا.

ميريسئف جيڪو شڪار پنهنجي لاءِ چونڊيو هو، سو سندس نظر کان پاسيرو ٿي ويو هو. هن مڙي ڏٺو ته ڪٿي هنگامي ۾ سندس ساٿي ڪيڏانهن رُلي ته ڪونه ويو. نه! هو بنهه سندس پاسي ۾ اڏامي رهيو هو.

”يار، ڪٿي رهجي نه وڃجانءِ.“ اليڪسيءَ ڏند ڪرٽيندي چيو. سندس ڪنن ۾ گوڙ گهمسان ۽ ڳائڻ جو آواز پئي آيو ۽ سندس ڪنن ۾ فتح جي نعرن، دهشت ڀريل رڙين، گارين ۽ وڏن وڏن ساه کڻڻ جو آواز، ٻنهي زبانن ۾ صاف صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

ميريسئف اُٿلي دشمن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو هن کي پگهر اچي ويو؛ بلڪل سندس هيٺان هڪ ”لا – 5“ تي هڪڙو ”فوڪي“ لامارو ڏيئي رهيو هو. هن روسي جهاز جو نمبر ته ڪونه ڏٺو، پر سندس دل چيو ته اهو پتروف هوندو. ”فوڪي وولف“ پنهنجي سمورين مشين گنن سان ان تي گوليون وسائي رهيو هو. پتروف جي زندگي بس هڪ پل کان وڌيڪ ڪانه رهي هئي. هو ٻئي ايترو ته هڪ ٻئي کي ويجها هئا، جو جنگ جي عام قاعدي موجب اليڪسي پنهنجي ساٿيءَ جي ڪابه مدد ڪري ڪونه ٿي سگهيو، پر سندس ساٿيءَ جي زندگي خطري ۾ هئي، تنهن ڪري هن هڪ غير معمولي قدم کڻڻ جو عزم ڪيو. هن پنهنجي هوائي جهاز کي سڌو هيٺ ڪيرايو ۽ گيس تيز ڪري ڇڏي. جهاز پنهنجي وزن ۽ گڏوگڏ انجڻ جي سموري سگهه سبب غير معمولي ڏکائيءَ سان بنهه پٿر وانگر ننڍن پرن واري ”فوڪي“ تي ڪريو. پٿر وانگر نه، راڪيٽ وانگر. هن ”فوڪي“ کي وسندڙ گولين جي منهن ۾ گهيريو. هن محسوس ڪيو ته تيز رفتاريءَ سان هيٺ ڪرڻ جي ڪري سندس مٿو ڦري رهيو هو ۽ هو بيهوش ٿيڻ تي هو. هو هيٺ ڪرندو رهيو ۽ هن فضا ۾ ڇانيل ڌنڌ ۾ فقط ايترو ڏٺو ته سندس پنکي جي بلڪل سامهون ”فوڪي“ ڌماڪي جي دونهين ۾ گم ٿي ويو. پر پتروف جو ڇا ٿيو؟ هو غائب ٿي ويو هو، هو ڪٿي هو؟ ڇا ڪري پيو؟ ڇا هو ڇٽيءَ وسيلي لهي ويو؟ ڇا هو بچي ويو؟

چئني طرفن فضا خاموش هئي. خاموش هوا ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل هوائي جهاز جو پري کان آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”آئون سامونڊي بگهڙ نمبر 2 فيدوتوف آهيان، آءٌ سامونڊي بگهڙ نمبر 2 فيدوتوف آهيان، صفون درست ڪريو، منهنجي پٺيان اچو، گهر واپس هلو. آئون سامونڊي بگهڙ نمبر 2........“

ظاهر هو ته فيدوتوف پنهنجي ٽولي کي واپس وٺي وڃي رهيو هو.

”فوڪي وولف“ کي نشانو بنائڻ ۽ پنهنجي جهاز کي لامارو ڏيئي سڌو ڪرڻ بعد پنهنجي جاءِ تي اليڪسي وڏا وڏا ساه کڻي رهيو هو. کيس خطري جي ٽري وڃڻ ۽ پنهنجي سوڀ جو احساس هو. واپسيءَ جي ڏس جو اندازو ڪرڻ لاءِ هن هر طرف ڏسڻيءَ تي نظر وڌي ۽ پوءِ ٻارڻ جي ڪانٽي کي ڏٺو، سندس ڀرون تاڻجي ويا. ٻارڻ تمام ٿورو وڃي بچيو هو ۽ هوائي اڏي تائين مشڪل سان پهچي سگهيو ٿي. ليڪن ٻئي لمحي هن ٻڙيءَ تائين تائين پهچندڙ ڪانٽي کان به وڌيڪ خطرناڪ شيءِ ڏٺي. وڏن وڏن ڪڪرن جي پٺيان اوچتو ڪنهن نازل ٿيندڙ آفت وانگر هڪ ”فوڪي وولف 190” سڌو ڏانهس اڏامندو پئي آيو. سوچڻ سمجهڻ جو ڪو رستو ڪونه بچيو هو. بچي نڪرڻ يا ڀڄي وڃڻ جو باقي ڪو رستو ڪونه بچيو هو ۽ پوءِ هو تيزيءَ سان دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڙيو.

(6)

جن رستن تان حملو ڪرڻ وارين فوجن جي پٺيان انتظام سنڀاليندڙ ڪاروان اچي رهيو هو، انهن رستن مٿان فضا جي وسعتن ۾ لڙي ويندڙ جنگ جو گوڙ گهمسان نه فقط وڙهندڙن هوائي جهازن جي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هواباز ٻڌي رهيا هئا، پر اهو آواز گارد ويڙهو جٿي جي اڳواڻ ڪرنل ايوانوف به پنهنجي هوائي اڏي تي ويٺو ريڊيو تي ٻڌي رهيو هو. هو پاڻ به تجربيڪار هواباز هو، تنهن ڪري آواز مان ئي هن اندازو پئي لڳايو ته ويڙهه ڏاڍي زور شور سان ٿي رهي هئي. دشمن ڏاڍو مضبوط ۽ سخت جان هو ۽ هو آسمان مان هٽڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. اها خبر سڄي هوائي اڏي تي باه وانگر پکڙجي وئي ته فيدوتوف کي پاڻ کان ٻيڻي سگهه سان وڙهڻو پيو پوي. جنهن کي به موقعو مليو، سو جهنگل مان نڪري ميدان ۾ اچي بي چينيءَ سان ڏکڻ طرف تڪڻ ٿي لڳو، جتان هوائي جهازن کي موٽڻو هو.

سرجن مانيءَ جو گرهه چٻاڙيندي ۽ چادر ٺيڪ ڪندي کاڌي واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو. ايمبولينس جون گاڏيون، جن جي ڇتين تي ڳاڙهي منڌيئڙي (ريڊڪراس) جو نشان لڳل هو، وڻن مان نڪتيون ۽ انجڻ چالو ڪري وقت جو انتظار ڪرڻ لڳيون.

سڀ کان پهريائين نمبر هڪ ۽ نمبر ٻه هيٺ لٿا ۽ پوءِ آهستي آهستي هڪ ٻئي پٺيان ستون، اٺون، نائون ۽ ڏهون نمبر به لٿا. ٻه هوائي جهاز اڃا غائب هئا. دلين ۾ خبر ناهي ڪهڙن وسوسن ۽ انديشن جنم ورتو ۽ انتظام ڪندڙ هجوم تي خاموشي ڇانئجي ويئي. ڏاڍي تڪليف واري سستي سان گهڙيون گذري رهيون هيون.

”ميريسئف ۽ پتروف!“ ڪنهن خاموشي سان چيو. اوچتو هڪ خوشيءَ سان ڀريل عورتاڻو آواز ٻنين مان اڀريو:

”هڪڙو هوائي جهاز هو پيو اچي.“

هڪ هوائي جهاز جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نمبر 13 برچ جي وڻن کي ڇهندو هيٺ لٿو. هوائي جهاز کي نقصان پهتو هو. کاٻي پر جو هڪ حصو ڪٽجي چڪو هو ۽ ڪنهن تار سان ٻڌو لڙڪي رهيو هو. لهڻ کان پوءِ جهاز عجيب نموني ۾ ڌچڪا کائيندو، هيٺ مٿي ٿيندو، ميدان جي ڪناري تائين هليو ويو ۽ اتي هڪدم پڇ مٿي کڻي بيهي رهيو. ايمبولينس جون گاڏيون، جن جي فٽ پيريءَ تي سرجن بيٺا هئا، ڪيتريون جيپون ۽ سمورو هجوم، جيڪو انتظار ۾ بيٺو هو، سو هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙيو. ڇت هٽائي وئي. پتروف پنهنجي جاءِ تي رت ۾ ڳاڙهو ٿيو پيو هو. سندس مٿو انتهائي مايوسيءَ جي عالم ۾ سندس ڇاتيءَ تي لڙڪيو پيو هو. سندس چهرو ڀنل سونهري وارن جي چڳن ۾ لڪو پيو هو.

سرجنن ۽ نرسن پتروف کي ڪاڪ پٽ مان ٻاهر ڪڍيو. سندس ٻانهن ۽ ٽنگ زخمي ٿيون هيون. هو بي سُڌ پيو هو؛ کيس شروعاتي ملم پٽيءَ کان پوءِ اسٽريچر تي لٽايو ويو ۽ جيڏي مهل کيس ايمبولينس گاڏيءَ ۾ ليٽايو پئي ويو، اوڏيءَ مهل هن اکيون کوليون. هن چپن چپن ۾ ڪجهه چيو، پر ايترو ته آهستي ڳالهايائين جو سمجهه ۾ ڪونه آيو؛ ڪرنل مٿس جهڪيو.

”ميريسئف ڪٿي آهي؟“ زخميءَ پڇيو.

”اڃا تائين ڪونه لٿو آهي.“

اسٽريچر ٻيهر کنيو ويو، پر زخميءَ زور زور سان ڪنڌ لوڏي ڪيڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اسٽريچر تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪيائين.

”نه نه! مون کي نه وٺي وڃو. آءٌ ڪيڏانهن به وڃڻ نٿو چاهيان. آءٌ ميريسئف جو انتظار ڪندس. هن منهنجي حياتي بچائي آهي.“ هواباز ايترو ته زبردست احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي ملم پٽي لاهي اڇلائڻ جي ڌمڪي ڏنائين جو ڪرنل کين هٿ سان اشارو ڪري، منهن ڦيري ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو: ”چڱو چڱو، هن کي ڇڏي ڏيو. مرڻ کان ته بچي ويو آهي. هاڻي ميريسئف به اچڻ وارو آهي. سندس جهاز اچڻ ۾ باقي هڪ منٽ جو تيل آهي.“

ڪرنل اسٽاپ واچ تي اکيون ڄمائي ڇڏيون ۽ سيڪنڊ واري ڳاڙهي ڪانٽي کي چڪر ڪاٽيندو ڏسڻ لڳو. باقي ٻيا سڀ ماڻهو سُرمائي جهنگل ڏانهن ڏسندا رهيا، جنهن جي مٿان آخري جهاز اچڻو هو. سڀني جا ڪن پڻ اوڏانهن لڳل هئا، پر ڏور ڏور تائين صرف توپن جو ئي گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ ويجهو ئي ڪٿان ”ڪاٺ ڪُٽي“ جي کٽ کٽ جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.

واقعي ڪڏهن ڪڏهن هڪ پل به ڇڪجي ڪيترو نه ڊگهو ٿي پوندو آهي، جو کٽڻ جو نالو ئي ڪونه وٺندو آهي.

(7)

ـــــــــ ميريسئف دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مُڙيو.

”لا – 5“ ۽ ”فوڪي وولف 190“ ڏاڍا تيز جهاز هئا. ٻئي بجليءَ جهڙي تيزيءَ سان هڪ ٻئي کي ويجها ٿيندا ويا. اليڪسي ميريسئف ۽ مشهور ”ريختگوفن“ جو اڻڄاتل جرمن هواباز هڪ ٻئي جي بنهه آمهون سامهون هئا. اهڙي طرح سامهون وارو ٽَڪَر – کن پل ۾ قصو ختم ڪريو ڇڏي. هيءُ بنهه مختصر گهڙي ٿئي ٿي، پر اهو هڪڙو پل به اهڙي اعصابي ڇڪ پيدا ڪريو ڇڏي، هڪ مجاهد جي حيثيت ۾ هواباز جي اعصابن کي هڪ اهڙيءَ آزمائش ۾ وجهيو ڇڏي، جنهن جو تجربو زمين تي سڄو ڏينهن وڙهندڙ سپاهيءَ کي به نٿو ٿئي.

ٿورو سوچيو ته سهي ته هڪ ٻئي تي آمهون سامهون حملو ڪندڙ ٻن هوائي جهازن مان هڪ ۾ توهين آهيو، ٻئي جهاز هڪٻئي تي بجليءَ جهڙي تيز رفتاريءَ سان حملو ڪري رهيا آهن. دشمن جو جهاز توهان جي اکين جي سامهون وڏو ۽ وڏو ٿيندو پيو وڃي. پوءِ هڪدم اهو پنهنجي سموري ساز ۽ سامان سميت سامهون اچي وڃي ٿو. سندس پر، نچندڙ چرخي جو چمڪندڙ، گول ۽ ڪارا ڪارا توپن جا منهن – بس هڪ کن پل کان پوءِ ٻئي هوائي جهاز هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ٽڪرائجي ڀسم ٿي ويندا جو هوائي جهازن جي تباهه ٿيل باقيات مان هوابازن جي جسمن جي ٽڪرن کي جدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. بس انهيءَ ئي هڪڙي پل ۾ هواباز جي نه رڳو قوت ارادي جو، پر اخلاقي جرئت جو پڻ امتحان ٿي وڃي ٿو. ڪمزور اعصابن وارو شخص انهيءَ ڪشمڪش کي برداشت نٿو ڪري سگهي. هڪ اهڙو ماڻهو، جيڪو آزاديءَ لاءِ مرڻ نه چاهيندو هجي، سو بي اختيار اسٽيئرنگ گيئر ڇڪي وٺندو ۽ پاڻ ڏانهن وڌندڙ موتمار طوفان جي مٿان پاسو ڏيئي هليو ويندو ۽ ٻئي لمحي سندس هوائي جهاز پنهنجي پرڻ ٿيل پيٽ يا ڀڳل پر سان هيٺ ڪرندو نظر ايندو. ڪابه طاقت کيس بچائي نه سگهندي. تجربيڪار هواباز اها ڳالهه خوب چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ۽ فقط اهي ئي پنهنجي جان جي پرواه نه ڪندڙ، آزاديءَ جا متوالا، وطن دوست، اڻ موٽ انسان ئي آمهون سامهون ائين وڃي ٽڪر هڻن ٿا.

ٻئي هوائي جهاز هوا ۾ تير جيان هڪ ٻئي طرف وڌي رهيا هئا.

اليڪسيءَ کي خبر هئي ته سندس سامهون جيڪو هواباز اڏامندو پئي آيو، سو ڪو اناڙي ڪونه هو. پر هي ”ريختگوفن“ ڊويزن جو مڃيل ۽ سلجهيل هواباز هو. هو هڪ اهڙي هوائي جهاز ۾ سوار هو، جنهن جي پاسن کان فضائي جنگين ۾ حاصل ڪيل هنن جا ڪيترا ئي نشان لڳل هئا. هي هواباز نه گهٻرائيندو ۽ نه ئي پنهنجي رستي تان هٽندو ۽ نه ئي ويڙهه کان ڪترائيندو.

”هوشيار ’ريختگوفن‘ هوشيار!“ اليڪسيءَ ڏند ڪرٽيندي چيو. هو ڏندن سان چپ ڪاٽي رهيو هو، ايتري قدر جو انهن مان رت نڪرڻ لڳو. هن پنهنجو بدن سيٽي ڇڏيو ۽ اکيون نشاني واري سوراخ تي ڄمائي ڇڏيون ۽ اهڙي طرح هن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ته جيئن سامهون کان حملو ڪندڙ دشمن جو مقابلو ڪندي سندس اکيون پورجي نه وڃن.

هن پنهنجي احساسن کي ايترو ته تيز ڪري ڇڏيو، جو کيس محسوس ٿيو ته گهمندڙ چرخيءَ جي پردي مان کيس دشمن جي ڪاڪ پٽ جو شفاف پردو نظر اچي رهيو هو. پردي جي پٺيان ٻه اکيون کيس گهوري رهيون هيون ۽ اهي اکيون انتهائي نفرت کان جلي رهيون هيون. هيءَ تصوير اعصابي ڪشمڪش يا وهلورجي وڃڻ جو نتيجو ڪانه هئي، پر اليڪسيءَ کي پختو يقين هو ته هن اهو سڀ ڪجهه سچي پچي ڏٺو آهي. ”چڱو، معاملو ختم ٿيو.“ هن مشڪن ۾ اڃا به وڌيڪ ڇڪ پيدا ڪندي سوچيو. ”ڀانيان ٿو ته معاملو ختم ٿيو.“ کيس سامهون وڌندڙ هوائي جهاز نظر آيو. اهو ڏانهس هوا جي جهوٽي وانگر وڌي رهيو هو. ”نه، جرمن به رستو ڪونه ڇڏيندو. بس ڪم پورو ٿيو.“

هو انهيءَ لمحي مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر بنهه انهيءَ گهڙيءَ، جڏهن کيس محسوس ٿيو ته جرمن هوائي جهاز صرف هڪ هٿ جي پنڌ تي رهجي ويو آهي، جرمن هواباز جي همت جواب ڏيئي وئي ۽ سندس جهاز مٿئين پاسي ٽپ ڏنو. جرمن هوائي جهاز جو اُس ۾ چمڪندڙ نيرو پيٽ سامهون نظر آيو. انهيءَ لمحي اليڪسيءَ پنهنجي سڀني گهوڙن کي دٻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي جهاز ۾ گولين جون قطارون ٽنبي ڇڏيون ۽ پنهنجي جهاز کي لامارو ڏياريو.

”اوليا!“ هن فتح جي احساس جي انتهائي شادمانيءَ ۽ سرشاريءَ واري جذبي سان نعرو بلند ڪيو ۽ سڀ ڪجهه وساري هو هڪ تنگ گولائي ۾ چڪر ڪاٽيندو، جرمن هوائي جهاز جي آخري سفر ۾ گڏ هلڻ لڳو، تانجو جرمن هوائي جهاز گاه سان ڀريل ڳاڙهي زمين تي وڃي ڪريو ۽ ان مان دونهن جا آسمان ڏانهن اڏامندڙ سڌا ڪڪر بلند ٿيڻ لڳا.

تڏهن مس مس وڃي سندس اعصابي ڇِڪ گهٽ ٿي ۽ سندس مشڪون ڍريون ٿيون. کيس ٿڪاوٽ جي زبردست احساس اچي ورايو. هن تيل جو ڪانٽو ڏٺو. ڪانٽو ٻڙيءَ جي بنهه ويجهو ڏڪي رهيو هو.

ٽن يا وڌ ۾ وڌ چئن منٽن جو ٻارڻ باقي بچيل هو ۽ هوائي اڏي تائين پهچڻ ۾ کيس گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ لڳندا ۽ پوءِ ٿورو وقت ته مٿي چڙهڻ ۾ به لڳندو. واقعي، هن کان بيوقوفي ٿي ويئي جو هو ڪرندڙ جهاز سان گڏ هيٺ لٿو هو. بنهه هڪ بيوقوف ٻار وانگر هن پاڻ ئي پاڻ کي ڇينڀيو.

جيئن هڪ بهادر ۽ ٿڌي دل ۽ دماغ  وارن ماڻهن سان خطري جي گهڙين ۾ ٿيندو آهي، هن جو ذهن بلڪل صاف هو ۽ بلڪل گهڙيءَ وانگر صحيح صحيح ڪم ڪري رهيو هو. پهرين ڳالهه ته کيس بلنديءَ تي پهچڻو هو، چڪر ڪاٽيندي نه پر سڌو هوائي اڏي ڏانهن اڏامندي.

هن پنهنجي هوائي جهاز کي ان طرف موڙيو ۽ ٿڌيءَ دل سان غور ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ٻارڻ ڏيکاريندڙ ڪانٽي ۾ کڻي ڪا غلطي به هجي، ته به اهو هوائي اڏي تائين پهچڻ لاءِ ناڪافي هو، تنهن ڪري ٻارڻ تي ڀروسو ڪرڻ فضول هو.

ڇا هوائي اڏي تي پهچڻ کان اڳ ۾ لهي پئجي؟ پر ڪٿي؟ هن دل ئي دل ۾ مختصر رستي جو حساب لڳايو: جهنگل، اڻ سڌي ڌٻڻ، مستقل مورچن جي کڏن سان ڀريل ٻنيون، جن ۾ آڏا ابتا هر ڏنا پيا هئا، جتي بم گولن سان کڏون ٺهي پيون هيون ۽ جتي ڪنڊن واريون تاريون وڇايون پيون هيون.

”نه! جيڪڏهن آءٌ ڪٿي لٿس ته مارجي ويندس.“ ته پوءِ ڇا ڇٽيءَ وسيلي ٽپو ڏيان؟ ها، اهو ممڪن آهي. هاڻي ئي ڪاڪ پٽ جي ڇت کوليو، هوائي جهاز جو رخ موڙيو،   بٽڻ دٻايو ۽ بس. پر هوائي جهاز جو ڇا ٿيندو؟ هن شاندار، بجليءَ وانگر تيز رفتار ۽ چوڪس پکيءَ جو ڇا ٿيندو؟ ان جي جنگي خوبين جي صلاحيتن اڄوڪي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا سندس جان بچائي هئي. ان کي ائين ڇڏي ڏيان، ان کي ائين ڀور ڀور ڪري ڇڏيان، ان کي ٽٽل ڦٽل لوه جي ڍڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏيان؟ ائين به ڪونه هو ته ڪو ان ڳالهه جو مٿس الزام مڙهيو ويندو. کيس ان ڳالهه جو ذرو به ڊپ ڪونه هو، پر حقيقت ته قاعدي موجب اهڙيءَ صورتحال ۾ کيس ڇٽيءَ وسيلي ٽپي پوڻ جو بنهه پورو پورو اختيار ۽ حق هو. پر تنهن وقت کيس هي هوائي جهاز هڪ مضبوط ۽ ڪشادي دل وارو، جيئرو جاڳندو لڳي رهيو هو. نه، ان کي ائين ڇڏي ڏيڻ دغابازي ٿيندي ۽ پوءِ ـــــــ پنهنجي شروعاتي اڏامن ۾ بنا جهازن جي موٽان ۽ واندو ويٺو واري اچڻ جو انتظار ڪريان؟ هن وٺ پڪڙ جي عرصي ۾ آءٌ هٿ هٿ تي رکيو ويٺو هجان؟ جڏهن محاذ تي عظيم الشان سوڀ جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ آءٌ اهڙي وقت ۾ بيڪار بيٺو رهان؟ اهو مون کان ڪونه پڄندو.

”نه، ائين ڪم ڪونه هلندو.“ اليڪسيءَ زور سان چيو، جهڙوڪر ڪنهن ٻئي جي صلاح مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو هجي. ان وقت تائين اڏامندو رهه، جيسين انجڻ بند نه ٿي وڃي ۽ پوءِ؟ پوءِ ڏٺو ويندو.

هو اڳيان اڏامندو رهيو. پهرين ته ٽن هزار ميٽرن جي بلنديءَ تي ۽ پوءِ چئن هزار ميٽرن جي بلنديءَ تي. هو هيٺ زمين جي به جانچ ڪندو پئي ويو ته شايد ڪٿي ڪو سڌو ميدان نظر اچي وڃي. اهو جهنگل، جنهن جي پٺيان هوائي اڏو هو، هاڻي پري افق کان نظر پئي آيو، اهو اٽڪل پندرهن ڪلوميٽر پري هو. تيل جي ڪانٽي جي ڏڪاڻي بند ٿي چڪي هئي. هاڻي اهو آخري نقطي تي اطمينان سان بيٺو هو، پر انجڻ اڃا ڪم ڪري رهي هئي. هو ڪهڙي شيءِ جي ڏڍ تي اڏامي رهيو هو؟ مٿي، اڃا مٿي...... صحيح آهي!

اوچتو هوائي جهاز جو هڪ جهڙو آواز تبديل ٿي ويو. آواز جي اها هڪ جهڙائيءَ هواباز محسوس به ڪونه ڪندو آهي، جيئن هڪ صحتمند ماڻهو پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ جي آواز کان بي نياز رهندو آهي. اليڪسيءَ انهيءَ تبديليءَ کي هڪدم سمجهي ورتو. جهنگل هاڻي صاف نظر اچي رهيو هو. جهنگل ست ڪلوميٽر اڃا پري هو ۽ اٽڪل ڪري چار ڪلوميٽر ويڪرو هو. هي پنڌ ڪو گهڻو ڪونه هو، پر انجڻ جي ڌڙڪڻ ۾ اها خوفناڪ تبديلي اچي چڪي هئي، جنهن کي هواباز جو سمورو وجود محسوس ٿو ڪري، ڄڻ ته اها انجڻ ڪانه هئي پر خود هو پاڻ ساه کڻڻ لاءِ ڦٿڪي رهيو آهي. آخرڪاراهو ئي هيبتناڪ ”چڪ، چڪ، چڪ“ جو آواز اچڻ شروع ٿيو، جيڪو سندس سموري جسم ۾ درد ۽ پيڙا جي اذيت ڏيندڙ سوٽ پيدا ڪري ٿو وجهي.......!

”نه، ٺيڪ آهي، ڪا ڳالهه ڪانهي. جهاز صحيح نموني ۾ ڪم ڪري پيو. اڙي، هي ته ڪم ڪري پيو. ٺيڪ آهي، هاڻي ٿيو نه مزو ۽ جهنگل به اجهو هي پهتو.“ کيس برچ وڻن جون چوٽيون سمنڊ وانگر ڇوليون هڻنديون محسوس ٿيون. ها، جهنگل! هاڻي هوائي اڏي کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به لهڻ ممڪن ڪونهي. هاڻي فقط هڪڙو ئي رستو هو ته اڳتي وڌ ۽ اڳتي وڌ.

چڪ، چڪ، چڪ............!

انجڻ ۾ ٻيهر شور پيدا ٿيو. ڇا اهو گوڙ ڳچ دير تائين جاري رهندو؟ هو جهنگل مٿان اڏامي رهيو هو. چڪ، چڪ، چڪ! ۽ اوچتو خاموشي ڇانئجي ويئي. هيءَ ماٺ ايتري ته گهري هئي جو کيس ايريل جي تار جو هوا ۾ پيدا ٿيندڙ سوسٽ ٻڌڻ ۾ آيو. چڱو، معاملو پورو ٿيو. ميريسئف جي جسم ۾ سيئانڊڙو ڊوڙي ويو. ڇا ڇٽي کڻي ٽپي پوان؟ نه! ٿورو اڳيان هل. هن هوائي جهاز جو رخ لاهيءَ طرف موڙيو ۽ پاسيرو هيٺ ترڻ لڳو. هو ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيستائين ممڪن ٿي سگهي، توازن قائم رکي ۽ هوائي جهاز ڪنهن چڪر ۾ ڦاسي نه پوي.

هوا ۾ هيءَ موت جهڙي ماٺ ڪيڏي نه اذيت ناڪ هئي. هيءَ ايڏي ته گهري ماٺ هئي، جو کيس ٿڌي ٿيندڙ انجڻ جي ٽڙڪاٽن جو آواز، پنهنجي ڪنن جي پاپڙين جي ڦڙڪڻ جو آواز ۽ تيز غوطو کائڻ جي ڪري سندس ڪنن ۾ سوسٽ ٻڌجي رهيا هئا. زمين ڏاڍو تيزيءَ سان کيس گلي لڳائڻ لاءِ مٿي اڀري رهي هئي، جهڙوڪر هڪ زوردار چقمق کيس هوائي جهاز ڏانهن ڇڪي رهي هئي.

جهنگل جو ڪنارو ويجهو پهچي ويو ۽ کيس هوائي اڏي جو ميدان ڏسڻ ۾ آيو. تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي؟ پنکو هڪ طرف جهڪي بيهي رهيو. ان کي هوا ۾ ائين بيٺل ڏسڻ ڏاڍو ڀيانڪ هو. ڇا هيءَ پڄاڻي هئي؟ ڇا اوليا کي ڪڏهن به خبر پئجي سگهندي ته هن جو انت ڪيئن آيو؟ گذريل ارڙهن مهينن ۾ هن ڪيتري نه زبردست ناقابل يقين محنت ڪئي هئي ۽ هن آخرڪار پنهنجي منزل ماڻي هئي. هو هڪ سچو، ها واقعي هڪ سچو انسان بنجي چڪو هو ۽ هي سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ ڇا هن کي ائين ڪِري فنا ٿيڻو هو؟

ڇٽي کڻي ٽپي پوان؟ وقت هٿان وڃي چڪو هو! هوائي جهاز هيٺان جهنگل تيز تيز ترندي پئي نظر آيو. ان طوفاني ڊوڙ ۾ وڻن جون چوٽيون هڪ هموار ۽ سلسليوار ميدان وانگر نظر اچي رهيون هيون. هن پهرين به ان قسم جو نظارو ڏٺو هو. ڪڏهن؟ بيشڪ بهار جي موسم ۾ پنهنجي خوفناڪ حادثي وقت! هن آخري ڪوشش ڪئي ۽ اسٽيئرنگ گيئر ڇڪي ورتو.

(8)

گهڻو رت وهي وڃڻ جي ڪري پتروف کي ڪنن ۾ سيٽيون وڄنديون پئي ٻڌڻ ۾ آيون. هر شيءِ ــــــ هوائي اڏو، ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ ٽپهريءَ جا سونهري بادل ــــــــ ها، هر شيءِ اوچتو غائب ٿيڻ لڳي. آهستي آهستي بنهه گم ٿي ويئي ۽ پوءِ جهڙوڪر ڌنڌ ڇانئجي ويئي. هن پنهنجي زخمي ٽنگ چوري ۽ درد جي اذيت ۽ شدت کان هوش ۾ اچي ويو. ”ڇا هو اڃا تائين ڪونه آيو آهي؟“ هن پڇيو. ”نه، اڃا ڪونه پهتو آهي. پر تون ڳالهاءِ نه.“ جواب مليو.

اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ان ڏينهن بنهه ان گهڙيءَ، جڏهن پتروف جي سامهون موت جو فرشتو ناچ ڪري رهيو هو، تڏهن ميريسئف عقاب وانگر جرمن جهاز تي اچي ڪڙڪيو هو ۽ کيس موت جي منهن مان ڇڪي ڪڍي آيو هو، سو هينئر اهو ساڳيو ميريسئف پاڻ سڙيل گوشت جي ڍڳ کان سواءِ ڪجهه به ڪونه هوندو – گوشت جو ڍڳ، جيڪو بم گولن سان ڇيهون ڇيهون ۽ پرڻ ٿيل زمين تي ، خبر ناهي ڪٿي پيل هوندو؟ ڇا سرجنٽ ميجر پتروف پنهنجي مهندار جون ڪاريون، وحشت ڀريل وڻندڙ ۽ کلندڙ اکيون وري ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهندو؟ ڪڏهن به نه؟ ڇا اهو ئي انت آهي؟

ونگ ڪمانڊر پنهنجي ٻانهن هيٺ ڪري ڇڏي. هاڻي کيس گهڙي ڏسڻ جي ضرورت ڪانه رهي هئي. هن پنهنجي هموار وارن کي ٻنهي هٿن سان ٺيڪ ڪندي چيو.

”بس!“

”ڇا هاڻي ڪابه اميد ڪانهي؟“ ڪنهن پڇيو.

”نه، تيل ختم ٿي چڪو. شايد هن ڪٿي هوائي جهاز لاٿو هوندو يا ڇٽيءَ وسيلي لهي ويو هوندو...... هاڻي هي اسٽريچر هتان کڻي وڃو.“

ڪرنل مڙيو ۽ بي سري انداز ۾ ڪنهن ڌُن تي سينڍ وڄائڻ لڳو. پتروف کي ٻيهر ڪا شيءِ نڙيءَ ۾ ڦآسندي معلوم ٿي، جيڪا ايڏي ته وڏي ۽ گرم هئي، جو سندس نڙي گهٽجڻ لڳي. کنگهه جو هڪ عجيب قسم جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوائي اڏي جي وچ تي اڃا تائين سڀئي ماڻهو سانت ۾ بيٺا هئا. انهن مُڙي ڏٺو ۽ هڪدم ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيائون. زخمي هواباز ميجر پتروف اسٽريچر تي سڏڪا ڀري روئي رهيو هو.

”هن کي کڻي وڃو. ڇا ٿي ويو آهي توهان کي.....؟“ ڪرنل گهٽيل آواز ۾ رڙ ڪري چيو ۽ وڃڻ لڳو. هو هجوم کان نظر بچائيندو وڃڻ لڳو ۽ اکيون چنجهيون ڪري ڇڏيائين، ڄڻڪ تيز هوا کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.

ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا، ليڪن بلڪل ان سمي جهنگل جي ڪناري مٿان لومڙيءَ جهڙي خاموشيءَ سان هڪ هوائي جهاز ترندو نظر آيو، جنهن جا ڦيٿا وڻن جي چوٽين کي ڇهندا ترڪي رهيا هئا. هڪ جادوءَ جي جهاز وانگر اهو ماڻهن مٿان ترندو هليو ويو ۽ ان جا ٽيئي ڦيٿا هڪ ئي وقت زمين تي لڳا، ڄڻڪ ڪنهن شيءِ کيس پاڻ ڏانهن ڇِڪي ورتو هجي. گهٽيل کڙ کڙ جو آواز اڀريو. بجريءَ جي چر چر ۽ گاه جي سر سر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيءَ هڪ غير معمولي ڳالهه هئي. ڇو ته جڏهن هواباز لهندا آهن، تڏهن انجڻ جي گوڙ ۾ هي آواز ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندا آهن. هي سڀ ڪجهه ايترو ته اوچتو ٿيو، جو ڪنهن کي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ته ڇا ٿيو آهي؟ حالانڪ معاملو انتهائي معمولي هو؛ هڪ هوائي جهاز لٿو ۽ اهو هو نمبر 11. اهو ئي هوائي جهاز، جنهن جو سڀ ايتري دير کان انتظار ڪري رهيا هئا.

”ساڳيو آهي.“ ڪنهن بنهه جنوني ۽ غير فطري آواز ۾ رڙ ڪئي، جنهن سان سمورن جي خاموشي ٽٽي پئي.

هوائي جهاز ڊوڙڻ بند ڪيو ۽ هوائي اڏي جي ڪناري سان بيٺل سفيد کل واري برچ جي نَون ۽ گهاٽن وڻن جي سامهون اچي بيهي رهيو.

ڪاڪ پٽ مان ڪير به ٻاهر ڪونه نڪتو. ماڻهو بي اختيار هوائي جهاز ڏينهن ڊوڙڻ لڳا. دل ۾ هر قسم جا انديشا کنيو ڊوڙندا ويا. ڪرنل انهن جي اڳيان اڳيان ڊوڙي رهيو هو. هو ٽپ ڏيئي پَرَ تي چڙهي ويو ۽ هن ڇت هٽائي ڪاڪ پٽ ۾ ليئو پائي ڏٺو. ميريسئف اگهاڙي مٿي سان ويٺو هو. سندس چهرو اونهاري جي ڪڪرن وانگر سفيد ٿي چڪو هو، سندس رت کان خالي سانواڻ مائل چپن تي هلڪي مسڪراهٽ پکڙيل هئي. ڏندن سان چٻيل چپن مان رت جون ٻه سيرون سرڪي رهيون هيون.

”جيئرو آهين؟ ڌَڪَ ته ڪونه لڳا اٿئي؟“

ميريسئف انتهائي هيڻائيءَ سان مسڪرايو ۽ بنهه ٿڪل اکين سان ڪرنل ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ چيائين:

”بنهه ٺيڪ آهيان. ٿورو هراسجي ويو هيس.... اٽڪل ڇهن ڪلوميٽرن کان هوائي جهاز ۾ هڪ ڦڙي به تيل جي ڪانه هئي.“

هوابازن جو هجوم اليڪسيءَ جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهي رهيو ۽ کيس زور زور سان مبارڪون ڏيڻ ۽ ساڻس هٿ ملائڻ لڳا.

”يارو ٿورو سنڀاليو ته سهي. مون کي نڪرڻ ته ڏيو. ائين ته توهان هوائي جهاز جو پر جهوري وجهندؤ. خدا جي واسطي ائين نه ڪريو.“

ٺيڪ انهيءَ مهل هن پنهنجي مٿان جهُڪيل هجوم مان هيٺان کان ڪو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو. پر هي آواز ايترو ته جهيڻو هو، جهڙوڪر گهڻو پري کان اچي رهيو هجي.

”اليوشا! اليوشا!“

ميريسئف جي سگهه يڪدم ٻيهر بحال ٿي وئي. هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. هن ٻانهن جي سهاري زور ڏئي پاڻ کي مٿي کنيو ۽ پنهنجي پيرن کي ڪاڪ پٽ کان ٻاهر ڪڍيو. پَرَ تي بيٺل ڪنهن ماڻهوءَ سان ٽڪرائجندي مس مس بچيو ۽ ٽپ ڏيئي هيٺ لهي ويو.

ان وقت تائين پتروف جو زخمي چهرو سُڄي دڙو ٿي ويو هو ۽ سندس وڏين گهرين اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا.

”اڙي يار! تون جيئرو آهين. تون..... اڙي بدمعاش!“ اليڪسيءَ گوڏن ڀر اسٽريچر جي هڪ پاسي ڪِرندي دانهن ڪئي. هن پنهنجي ساٿيءَ جو بيوسيءَ ۾ پيل مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهليو ۽ سندس ايذاءُ کان بي چين ۽ مسرت جي چڻنگن سان روشن اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو.

”تون جيئرو آهين!“

”تنهنجي مهرباني اليوشا، تو منهنجي جان بچائي. تون..... اليوشا..... تون.....!“

”بس هاڻي گهڻو ٿيو. زخميءَ کي هتان کڻي وڃو. اُتي چرين وانگر وات ڦاڙيو ڇا پيا ڏسو؟“ ڪرنل گجندڙ آواز ۾ چيو.

”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف، پنهنجي اڏام جي باري ۾ رپورٽ ڏي. ڪو جهاز ڪيرايئي به؟“ ڪرنل آفيسراڻي لهجي ۾ مطالبو ڪيو.

”جي ها ڪامريڊ ڪرنل، ٻه فوڪي وولف.“

”ڪهڙي نموني؟“

”هڪ آڏي پاسيري حملي ۾، اهو جهاز پتروف جو پيڇو ڪري رهيو هو ۽ ٻيون آمهون سامهون واريءَ جهڙپ ۾. هي واقعو عام لڙائيءَ واري علائقي کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ٿيو هو.“

”مون کي خبر آهي. زمين تان نظرداري ڪندڙ هينئر هينئر مون کي اطلاع ڏنو آهي.... ٺيڪ آهي، مهرباني.....“

”آءٌ اوهان جي خدمت ۾ ڪجهه........“ اليڪسيءَ فوجي قاعدي موجب چوڻ چاهيو، پر ڪرنل کيس روڪي ڇڏيو، توڙي جو قاعدي ۽ ضابطي واري معاملي ۾ هو ڏاڍو سخت هو، پوءِ به هن غير رسمي لهجي ۾ چيو:

”تمام سٺو! سڀاڻي توهان ڪمانڊر ٿيندؤ..... ٽئين جٿي جو ڪمانڊر هوائي اڏي تي ڪونه پهتو آهي.“

هو گڏجي ڪمانڊ پوسٽ ڏانهن وڃڻ لڳا. ان ڏينهن جون اڏامون پوريون ٿي چڪيون هيون، تنهن ڪري سمورو هجوم انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. هو اڃا ڪمانڊ پوسٽ وٽ پهتا ئي مس ته اتي ڊيوٽي تي موجود آفيسر ڊوڙندو آيو. هو تيزيءَ سان ڪرنل جي اڳيان سڌو بيهي رهيو. هن جو مٿو اگهاڙو هو ۽ هو بنهه خوش هو ۽ وهلور پئي ويو. هُن اڃا ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو ئي مس ته کيس ڪرنل رُکي ۽ سخت آواز ۾ روڪي ڇڏيو.

”تنهنجي مٿي تي ٽوپي ڇو ڪانهي؟ تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ ڇا تون شاگرد آهين ۽ وچ واري موڪل جي ڪلاڪ ۾ مزا پيو ماڻين؟“

”ڪامريڊ ڪرنل! مون کي اطلاع ڏيڻ جي موڪل ڏيو.“ جوش ۾ ڀريل ليفٽيننٽ جي وات مان نڪتو ۽ هو سڌو ٿي بيهي رهيو ۽ سهڪي رهيو هو.

”ڇا آهي؟“

”اسان جي ڀر واري ڪمانڊ پوسٽ جو ونگ ڪمانڊر توهان سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ چاهي ٿو.“

”اسان جي پاڙيوارو؟ ان کي ڇا کپي.......؟“

ڪرنل تکا تکا قدم کڻندو خندق جي چاڙهيءَ تان لهڻ لڳو. ”ضرور ڪا تنهنجي باري ۾ ڳالهه آهي.....، ليفٽيننٽ اڃا اليڪسيءَ کي چوڻ شروع ئي مس ڪيو ته هيٺان ڪرنل جو آواز آيو: ”ميريسئف کي مون ڏانهن موڪليو.“

جڏهن اليڪسي ضابطي تحت سڌو ٿي، سندس سامهون بيٺو، تڏهن هن آواز جهٽڻي تي هٿ رکيو ۽ غصي مان گرجيو: ”تو مون کي غلط اطلاع ڇو ڏنو؟ اسان جو پاڙي وارو پڇڻ ٿو چاهي ته ”يارهون نمبر“ ڪير اڏائي رهيو هو؟ مون جواب ڏنو ته سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف. وري هن پڇيو ته تو اڄ سندس هٿان ٿيل گهڻا شڪار لکيا آهن؟ مون چيو ٻه، پر هو چوي ٿو ته هن جي نالي وڌيڪ هڪ ٻيو به لکج. هن هڪ ٻيو به ”فوڪي وولف“ ڪيرايو هو، جيڪو منهنجي پٺيان پيو هو. مون خود پاڻ ان کي ڪرندي ڏٺو هو. ها؟ خاموش ڇو آهين؟ ٻڌاءِ اهو سڀ ڪجهه سچ آهي؟“ ڪرنل جا ڀرون تاڻجي ويا ۽ هن ڪاوڙ ڀريل نگاهن سان اليڪسيءَ کي ڏٺو. اهو چوڻ ڏاڍو مشڪل هو ته هو ڀوڳ ڪري رهيو هو يا سنجيدگيءَ سان چئي رهيو هو؟ ”ڇا اهو صحيح آهي؟ هان وٺ، تون پاڻ ڳالهائيِ ڏس...... هيلو! ڇا تون آهين؟ ميريسئف هتي موجود آهي، ساڻس ڳالهاءِ.“

ٽيليفون مان هڪ اڻڄاتل ڳرو آواز آيو:

”تنهنجي مهرباني سينيئر ليفٽيننٽ! توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو. توهان کي شابس هجي، توهان منهنجي جان بچائي آهي. ها، آءٌ ان سان گڏ زمين تائين ويو هوس. مون کيس زمين تي ڪرندي ڏٺو هو. ڇا تون پيئندو آهين؟ تون مون وٽ اچ، تنهنجي نالي جي بوتل مون وٽ آهي. اچ ته گڏجي پيون. چڱو، هڪ ڀيرو وري به تنهنجي مهرباني، باقي جڏهن روبرو ملنداسين ته ڀاڪر پائينداسين، چڱو پنهنجي مهم جاري رک.“

ميريسئف فون رکي ڇڏي. ان ڏينهن هو جن تجربن مان گذريو هو، تنهن کان پوءِ هو ٿڪجي بنهه چور ٿي چڪو هو. کيس فقط هڪڙو خيال ذهن ۾ هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح خندق تائين پهچي ــــــــ هو نقلي پير لاهي پري اڇلي ۽ ٽنگون ٽيڙي سنئون ڊگهو ٿي سمهي پوي ۽ پوءِ ٽيليفون رکي آهستي آهستي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو.

”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڪرنل سندس رستو روڪي ڇڏيو. هن ميريسئف جو هٿ پنهنجي هڏائين هٿ ۾ ورتو ۽ ايترو ته زور سان دٻايائينس جو سندس هٿ ڌکڻ لڳو.

”چڱو، مون وٽ تنهنجي واکاڻ لاءِ لفظ ڪونهن. سواءِ ان جي ته بس تون انتهائي ڀلو ماڻهو آهين. مون کي فخر آهي ته تو جهڙا ماڻهو به منهنجا ماتحت آهن...... ان کان وڌيڪ آءٌ ڇا چوان......؟ تنهنجي مهرباني ۽ ها، هو تنهنجو يار، منهنجو مطلب آهي پتروف، اهو به ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي ۽ ٻيا به...... آئون چوان ٿو ته اسان وٽ جيسين توهان جهڙا سرويچ موجود آهن، اسين هيءَ جنگ هارائي نه ٿا سگهون.“

۽ هن ٻيهر زور سان ميريسئف جو هٿ دٻايو.

ميريسئف پنهنجي خندق ۾ پهتو ته رات پئجي چڪي هئي، پر هو سمهي نه سگهيو. هن وهاڻي کي اٿلايو پٿلايو، هزار تائين انگ ڳڻيائين ۽ وري ابتڙ ڳڻپ ڪيائين. هن پنهنجي سمورن سڃاڻو ماڻهن جا نالا ياد ڪيا، جن جا نالا الف ۽ ب سان شروع ٿيندا هئا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه........ ۽ پوءِ هن ٽِڪَ ٻڌي گاسليٽ جي ٻرندڙ چمنيءَ کي گهورڻ شروع ڪيو، پر ننڊ جي ديويءَ کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ڪين ويو. اکيون بند ڪرڻ سان ئي مختلف ڄاتل سڃاتل چهرا، ڪي چٽا ته ڪي ڌنڌلا سندس سامهون اچي ٿي بيٺا. ڪن کي ته سڃاڻڻ به مشڪل ٿي پيس ـــــــــ چاندي جهڙن اڇن وارن جي چڳن مان لياڪا پائيندڙ ۽ فڪر ۾ ٻڏل نانا ميخائل جون اکيون، آندرئي ديگتيارنيڪو جون وڏيون وڏيون پکڙيل پکڙيل اکيون، جيڪي هميشه پٽبيون ۽ پوربيون رهنديون هيون، واريا جون پنهنجي وَرَ لاءِ منتظر اکيون، واسيلي واسيلي وچ، جنهن جا گهاٽا وار هميشه لڙڪندا رهندا هئا ۽ هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن کي دڙڪا ڏيندو رهندو هو، هو پوڙهو نشاني باز، سندس سپاهين جهڙو چهرو، جنهن تي مسڪراهٽ سان گهنج پئجي ويا هئا، کيس ڪميسار وروبيوف جو ميڻ جهڙو چهرو نظر آيو، جيڪو وهاڻي تي رکيو هو ۽ هو پنهنجي ڏور رس، چڀندڙ ۽ دل تي پهو رکندڙ مرڪندڙ اکين سان گهوري رهيو هو. کيس ڪلاوديا ميخائيلونا ’سوويت حور‘ جو چهرو نظر آيو. سندس اکين ۾ زينوچڪا جا ڳاڙها وار تري آيا. تصور ئي تصور ۾ ننڍي قد واري جوشيلي استاد نائوموف مسڪرايو ۽ سندس دل جي ڳالهه سمجهندي، کيس اک ڀڳائين. تمام گهڻن شاندار ۽ پنهنجائپ وارن چهرن کيس ڏٺو ۽ اونده مان لياڪا پائيندي مسڪرايو. انهن چهرن ڪيترين يادگيرين کي تازو ڪري وڌو ۽ سندس دل کي، جيڪا پهريائين ئي جذبات کان وهلور پئي وئي، خوش ڪري وڌو. پر پوءِ انهن سمورن دوستاڻن چهرن جي وچ مان اوليا جو چهرو اڀريو ۽ ٻيا سڀ چهرا آهستي آهستي گم ٿي ويا. سنهڙو چهرو، آفيسر جي فوجي ورديءَ مان لياڪا پائيندڙ، ڇوڪرن جهڙيون وڏيون وڏيون ۽ ٿڪل ٿڪل اکيون. اهي اکيون کيس ايتريون ته صاف ۽ چٽيون پئي ڏسڻ ۾ آيون، ڄڻڪ هوءَ واقعي سندس سامهون اچي بيٺي هجي ـــ ۽ ڪجهه اهڙي انداز سان جو هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به کيس اهڙي انداز ۾ ڪونه ڏٺو هو، تصور جا خواب اهڙا ته روشن ۽ واضح هئا جو هو ڇرڪي پيو.

سمهڻ جي ڪوشش بيڪار آهي. هو خوشيءَ ۽ سرشاريءَ جي مستيءَ ۾ جهومندو اٿيو ۽ چمنيءَ جي وَٽِ صاف ڪري هن اوليا کي خط لکڻ شروع ڪيو.

”منهنجي پياري!“ هن خط صاف صورتخطيءَ ۾ لکيو. هو انهن خيالن کي مشڪل سان سميٽي پئي سگهيو، جيڪي سندس ذهن ۽ دماغ ۾ گردش ڪري رهيا هئا. ”اڄ مون ٽن جرمن جنگي هوائي جهازن کي ڪيرايو آهي، پر اها ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. روزانو اسان جا ساٿي اهو ئي ڪجهه ڪري رهيا آهن. منهنجي جند، منهنجا روح! اڄ آءٌ چاهيان ٿو ۽ اڄ مون کي اهڙو حق پڻ حاصل ٿي چڪو آهي ته آءٌ توکي ٻڌايان ته ارڙهن مهينا اڳ مون تي ڪهڙي قيامت ڪِري هئي ۽ جنهن لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ، خدا جي واسطي مون کي معاف ڪجانءِ، جنهن کي مون توکان لڪايو هو؛ پر اڄ مون فيصلو ڪري ئي ورتو آهي.......“

۽ اليڪسي پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويو. کليل دروازي مان ٿڌڙي هوا سان گڏ گاهن ۽ گلن جي سرهاڻ اندر پئي آئي. سڳنڌ سان گڏ پکين جو آواز پڻ آيو پئي. ڪٿان پري کان گهاٽيءَ جي ٻي پار کان، شايد آفيسرن جي کاڌي واري ڪمري کان ٻاهر ڪنهن مرد ۽ عورت جي آواز ۾ ”ريبي نا“ جي وڻ واري گيت جا ٻول جهونگارجي رهيا هئا. ڏوريءَ ان گيت جي ڌن ۾ هڪ عجيب ڌيرج پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڌيرج رات جي وقت ان گيت ۾ هڪ انوکو لطف ۽ جادوءَ ڀريو رس ڀري ڇڏيو هو. گيت اليڪسيءَ جي دل کي هڪ مٺاس ڀري اداسي ــــــ انتظار، اوسيئڙي ۽ اميد سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو.......!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org