سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :14

 

 

 (6)

ٻئي ڏينهن صبح جو سينيٽوريم جي ڦاٽڪن مان بسن جو ڊگهو قافلو لانگهائو ٿيو. اڃا بسون ٻاهر ڪونه نڪتيون هيون. تيسين استروچڪوف، جيڪو هڪ بس جي فٽ پيريءَ تي ويٺل هو، ريبي نا وڻ وارو گيت ڳائڻ شروع ڪيو. پوءِ ته مڙني بسن مان ماڻهن ساڻس سُر ۾ سُر ملايو ۽ اهڙي طرح الوداعي دعا، آخري سلام، نيڪ خواهشون، بورنازيان جا چرچا گهٻا، دريءَ مان زينوچڪا جون اليڪسيءَ کي ڪيل نصيحتون ۽ ٻيو سڀڪجهه ان پراڻي گيت جي سادن ۽ پر معنيٰ ٻولن ۾ گم ٿي ويا، جنهن گيت کي ڪيتري زماني کان وساري ڇڏيو ويو هو، هاڻ اهو گيت ٻيهر زنده ٿي پيو هو ۽ جنهن حب الوطنيءَ جي عظيم جنگ ۾ ماڻهن جون دليون موهي وڌيون هيون.

اهڙي طرح بسن جو قافلو روانو ٿي ويو. استروچڪوف اڃا تائين اتي ئي ويٺو هو. سندس ورديءَ جا بٽن کليل هئا. هو ڏاڍي جوشيلي موڊ ۾ هو. قدرت جي حسين نظارن جي دل کولي واکاڻ ڪري رهيو هو. هو ڪهڙي دستي ۾ وڃي رهيو هو؟ سا خبر کيس به ڪانه هئي، پر دستو کڻي ڪهڙو به هجي، هو ان کي پنهنجي گهر وانگر سمجهندو هو. ميريسئف بنهه خاموش هو. کيس محسوس ٿي رهيو هو ته اڳيان کيس ڏاڍيون مشڪلاتون سامهون اينديون ۽ هو  الاجي  انهن رنڊڪن کي پار ڪري به سگهندو يا نه؟

بس مان لهندي ئي هن سڌو سرجن ميروولسڪيءَ جي آفيس جو گس ورتو. رات رهڻ جو انتظام به ڪونه ڪيائين. هتي کيس پهرين بدقسمتيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. سندس هڪڙو ئي اهو خيرخواه هو، جيڪو ڏاڍيءَ مشڪل سان سندس طرفدار ٿيو هو، سو به غائب هو. سرجن ڪنهن انتهائي ضروري ۽ تڪڙي ڪم سان هوائي جهاز ۾ روانو ٿيو هو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين سندس واپسيءَ جو پڻ امڪان ڪونه هو. جنهن آفيسر سان اليڪسيءَ ڳالهايو هو، تنهن چيو ته قاعدي مطابق هڪڙي درخواست لکي ڏي. هو هڪدم دريءَ وٽ درخواست لکڻ ويهي رهيو. هن درخواست لکي واسطيدار آفيسر کي ڏني، جيڪو بندري قد جو هڪ سنهڙو سيپڪڙو شخص هو. هن جون اکيون ٿڪ ۽ اوجاڳي ڪري پورجي ٿي ويون. هن واعدو ڪيو ته هو پنهنجي وس آهر سندس هرڪا مدد ڪندو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته هو ٻن ڏينهن کان پوءِ وري اچي. اليڪسيءَ کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ نيٺ کيس دڙڪا به ڏنائين، پر وريو ڪجهه به ڪونه! آفيسر چيس ته قاعدو اهو ئي آهي ۽ قاعدي جي خلاف ورزي ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. واقعي، ڪنهن به طرح تڪڙ ۾ ڪجهه ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. اليڪسيءَ نيٺ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ٻانهون ڇنڊي اتان اٿي کڙو ٿيو.

ائين سندس لاءِ جنگ واري شعبي جي هڪ آفيس کان ٻيءَ آفيس تائين ڌڪا ٿاٻا کائڻ وارو دور شروع ٿي چڪو هو. سندس مشڪلاتن ۾ واڌارو ان ڪري به ٿيو هو جو هو اسپتال ۾ اهڙي افراتفريءَ واري ماحول ۾ اچي پهتو هو جو وٽس ڪپڙن، کاڌي ۽ پئسن جا پروانا به ڪونه هئا ۽ نه وري اڃا تائين هن انهن شين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. نه ته وٽس ڪو موڪل جو اجازت نامو ئي هو. توڙي جو انهن معاملن لاءِ هڪ مهربان ۽ مددگار قسم جي آفيسر ساڻس وعدو ڪيو هو ته هو ضروري ڪاغذن لاءِ سندس رجمينٽ کي ٽيليفون ڪري ڪو بندوبست ڪندو، پر ميريسئف کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان قسم جا ڪم ڪيڏيءَ نه سُستيءَ سان ٿيندا آهن ۽ هن سمجهي ڇڏيو هو ته ڪجهه وقت لاءِ کيس بنا پئسن، بنا رهائش ۽ راشن کان سواءِ ئي ماسڪو ۾ رهڻو پوندو.

هن اسپتال ۾ انيوتا کي فون ڪئي. انيوتا جي آواز مان لڳو ٿي ته هوءَ يا ته سخت پريشان هئي، يا وري ڏاڍي رڌل هئي. پر اليڪسيءَ جي اچڻ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ اسرار ڪيائين ته هو ڪجهه ڏينهن وٽس ترسي. اهو ان ڪري وڌيڪ مناسب هو جو هوءَ پاڻ اسپتال ۾ رهندي هئي. تنهن ڪري پويان هو اڪيلو آرام سان رهي سگهيو ٿي.

سينيٽوريم مان ويندڙ هر شخص کي پنجن ڏينهن جو سُڪو راشن ڏنو ويو هو. تنهن ڪري غور ڪرڻ کان سواءِ ئي ميريسئف ان ڄاتل سڃاتل گهر ۾ هليو آيو. هن در تي زور سان ٺڪ ٺڪ ڪئي. در ته کليو، پر اڃا زنجير اٽڪيل هئي، تنهن ڪري در اڌو گابرو مس کليو. هڪ پوڙهيءَ عورت سواليه نظرن سان کيس ڏٺو ۽ پڇيائين ته توهان کي ڪنهن سان ملڻو آهي ۽ نالو ڇا اٿئي؟ جڏهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌايائين، تڏهن وڃي زنجير کلي ۽ هو اندر لنگهي ويو.

”انيوتا گهر ڪانهي. هن ٽيليفون ڪري تنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو. اچ ته توکي سندس ڪمرو ڏيکاريان.“ پوڙهيءَ پنهنجي جهڪيءَ نظر سان سندس چهري، ورديءَ ۽ خاص طور تي سندس ٿيلهي جو جائزو ورتو. ”شايد توکي گرم پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. انيوتا جو گاسليٽ وارو چلهو موجود آهي، آءٌ توکي ان تي گرم پاڻي ڪري ٿي ڏيان.“ پر پوءِ پاڻي گرم ڪرڻ جي بجاءِ سڄي جڳ جهان جا قصا پٽي ويهي رهي. ڪنهن جو ابو مئو، ڪنهن جي ادي ڄائي. راشن جي قلت، جنگي محاذ تي جرمنن کي مليل مار، هٽلر جو چريو ٿيڻ، پنهنجي پاڙيسرڻ اليوتينا، جيڪا مزدور نه هوندي به ڪارڊ تي راشن حاصل ڪندي هئي ۽ خود انيوتا ۽ سندس مائٽ، مطلب ته هرڪا ڳالهه جا کيس ياد هئي، پوڙهيءَ جي زبان تکي وهڪري وانگر هلندي رهي ۽ نيٺ وڃي پوڙهيءَ کانئس پڇيو: ”ڇا تون انيوتا وارو ٽينڪ مين آهين، سوويت يونين جو هيرو؟“

”نه، آءٌ هواباز آهيان.“ ۽ هو اهو ڏسي پنهنجي مرڪ مشڪل سان دٻائي سگهيو ته پوڙهيءَ جي رنگ بدلائيندڙ چهري تي حيراني، ڏک، بي اعتمادي ۽ ڪاوڙ گڏيل سڏيل سموريون ڪيفتون اُڀري آيون. هن چپ ڀڪوڙيا ۽ ڪاوڙ مان زور سان دروازي کي بند ڪري هلي وئي. منجهس منڍ واري خوش اخلاقي ڪانه رهي. ”ها، جيڪر توکي گرم پاڻي جي گهرج پوي ته تون پاڻ گاسليٽ واري چلهي تي گرم ڪري وٺجانءِ.“

ميريسئف ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۽ ڌوڙ سان سٿيو پيو آهي. ائين پئي لڳو ته انيوتا اسپتال ۾ تمام گهڻي مصروف ٿي رهي ۽ کيس گهر لاءِ وقت ڪونه ٿو ملي. اليڪسيءَ کي هڪ اٽڪل سُجهي آئي. هن سوچيو ته هو ڪمري جي صفائي ڪري صاف سٿرو ٿي ويهي رهي ۽ جڏهن انيوتا اچي ته اچي ڏاڍي خوش ٿئي. هن پوڙهيءَ کان منٿ ميڙ ڪري ٻهاري ۽ بالٽي ورتي ۽ پوءِ انهيءَ مهم ۾ لڳي ويو، جنهن کي صدين کان مرد حقارت سان ڏسندا آيا آهن. ڏيڍ ڪلاڪ تائين هو ان ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ کيس ان ڪم ۾ ڏاڍو مزو آيو. شام جو هو پل تي ويو ۽ اتان تازا گل وٺي آيو ۽ انهن کي گلدستي ۾ رکيائين. هو ٺاٺ سان آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس مٺي مٺي ٿڪاوٽ محسوس ٿي. هو وڏا وڏا ساهه کڻي کاڌي جي خوشبوءِ جو واس وٺي رهيو هو، جيڪو پوڙهي بورچيخاني ۾ تيار ڪري رهي هئي.

پر انيوتا ايتري ته ٿڪل گهر موٽي، جو هن مشڪل سان سلام دعا ڪئي ۽ صوفي تي ڍڳ ٿي ڪري پيئي. جڏهن هُن ٿورو آرام ڪري ورتو ۽ هڪ گلاس پاڻي پيتائين، تڏهن وڃي سندس اکيون کليون. هن ٿڪل مسڪراهٽ ۽ احسانمنديءَ سان اليڪسيءَ جو هٿ دٻايو ۽ چيو:

”هي سڀ ڪجهه تو ڪيو آهي اليوشا....... ڇا تو پاڻ؟ تون ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهين. آءٌ به چوان ته گريشا تنهنجي ايتري واکاڻ ڇو ٿي ڪئي؟ حالانڪ مون کي ان کان ڏاڍو ساڙ لڳندو هو. ڇا توکي گريشا جي ڪا خبر آهي؟ مون کي ڪالهه سندس خط مليو آهي. تمام ننڍڙو خط آهي، چند سٽون آهن ۽ بس. هو اسٽالن گراڊ ۾ آهي. تون ڇا پيو سوچئين؟ ٻڌاءِ ته هو ڇا پيو ڪري؟ هو ڏاڙهي وڌائي رهيو آهي، سو به هن وقت! اتي تمام گهڻو خطرو آهي، آهي نه؟ ڪيئن اليوشا، آهي نه خطرو؟ ماڻهو اسٽالن گراڊ جي باري ۾ ڪيتريون خوفناڪ ڳالهيون ڪن ٿا.“

هو شام کان وٺي ڪچهري ڪري رهيا هئا. هنن دل ڀري دٻي ۾ بند ٿيل گوشت کاڌو ۽ جيئن ته ٻيو ڪمرو بند هو، تنهن ڪري ٻئي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهي پيا. انيوتا پلنگ تي سُتي ۽ اليڪسي صوفي تي. ٻئي ڄڻا ليٽندي ئي جوانيءَ جي ننڊ ۾ غافل ٿي ويا.

اليڪسيءَ جي اک کلي ته ڪمري ۾ سج جا ڪرڻا نچي رهيا هئا. هو اٿي صوفي تي ويٺو. انيوتا وڃي چڪي هئي. کيس هڪ چٺي ملي: ”مون کي جلد اسپتال پهچڻو آهي. ميز تي چانهه رکي آهي، ڪٻٽ ۾ ماني پئي آهي، کنڊ ختم ٿي ويئي آهي. ڇنڇر کان اڳ واپس ڪانه اچي سگهنديس ــــــــــ انيوتا.“

انهن ڏينهن ۾ اليڪسي ڪيڏي ڪيڏي مهل کان ٻاهر نڪرندو هو. ”ويٺي کان وڳندي چڱي“ وانگر هن پوڙهيءَ جو گاسليٽ وارو چلهو، بجلي جا بٽڻ، ڪافي پيهڻ واري مشين سميت ڪيتريون ئي سنهيون ٿلهيون شيون، جيڪي خراب ٿيون پيون هيون، ٺاهي ڏنيون. اهڙيءَ طرح هن پوڙهيءَ کي خوش ڪيو ۽ سندس مڙس کي پڻ، جيڪو هڪ عمارتي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو. آخرڪار هي پوڙهو جوڙو هن نتيجي تي پهتو ته خير، ٽينڪ مين هونئن به لاجواب ماڻهو هوندا آهن، پر هواباز به ڪي انهن کان گهٽ ڪونهن. جڏهن ماڻهو کين چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، تڏهن خبر پوي ٿي ته هو ڏاڍا ڳنڀير، سنجيده ۽ گهر توڙي ٻارن سان پيار ڪرڻ وارا هوندا آهن، توڙي جو سندن پيشو اهڙو ئي، يعني هوائي هوندو آهي.

آخر اهو ڏينهن به آيو، جنهن ڏينهن کيس فيصلو ٻڌڻ لاءِ خاص شعبي ۾ وڃڻو پيو. اها سڄي رات هن اکين ۾ ڪاٽي. صبح جو اُٿي ڏاڙهي ٺاهي، هٿ منهن ڌوئي روانو ٿي ويو. هو بلڪل پوري وقت تي آفيس پهتو ۽ سڀ کان پهريائين هو انتظامي شعبي جي ان ميجر جي سامهون وڃي حاضر ٿيو، جنهن کي سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو. پهرئين نظر ۾ هن کي اهو ميجر بنهه ڪونه وڻيو. هن اليڪسيءَ ڏانهن اک کڻي به ڪونه ڏٺو، ڄڻ ته هن کيس ايندي ڏٺو ئي نه هجي. هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو. فائيل ڪڍندو ۽ الڳ الڳ رکندو پئي ويو. هن ڪيترا ئي ٽيليفون ڪيا. ڪلرڪ ڇوڪريءَ کي تفصيل سان سمجهايائين ته فائلن تي نمبر ڪيئن لڳندا آهن؟ پوءِ هو ٻاهر ويو ته ڪيتري دير تائين واپس ڪونه وريو. انهيءَ سموري وچ واري عرصي ۾ اليڪسيءَ کي سندس ڊگهڙي چهري، ڊگهي نڪ، ڏاڙهي مڇون چٽ، ڌوتل ڳلن، چمڪندڙ چپن ۽ ويٺل پيشانيءَ (جيڪا مٿي جي گنج سان وڃي گڏي هئي) کان دلي نفرت ٿي چڪي هئي. آخر ميجر واپس آيو، ويٺو ۽ پنهنجي ڊائريءَ جا ورق اڇلائڻ لڳو ۽ تڏهن وڃي اليڪسيءَ ڏانهن ڌيان ڏنائين:

”ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ؟“ هن ڏاڍي شاندار، خود اعتماد ۽ گونجدار آواز ۾ پڇيو.

اليڪسيءَ پنهنجو سمورو احوال کيس ٻڌايو. ميجر ڪلرڪ کان هن جا ڪاغذ گهرايا ۽ جيستائين ڪاغذ اچن، تيستائين پاڻ ميز تي ٽنگون ٽيڙي ڪاٺيءَ سان ڏند کوٽڻ لڳو. ڪاغذ آيا ته هن جانچڻ شروع ڪيا. اوچتو هن تيزيءَ سان هٿ ورايو ۽ هڪ ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪري کيس ويهڻ لاءِ چيو. ظاهر هو ته هو اتي پهچي چڪو هو، جتي وڍيل پيرن جو ذڪر هو. هو پڙهندو رهيو. جڏهن ختم ڪيائين، تڏهن نظر مٿي کڻي پڇيائين:

”چڱو، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

”منهنجي مرضي آهي ته مون کي ويڙهاڪ دستي ۾ شامل ڪيو وڃي.“

ميجر ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان لڳي ڄمي ويو. هن حيرانيءَ سان هواباز کي ڏٺو، جيڪو اڃا تائين سندس سامهون بيٺو هو ۽ هن خود ان لاءِ ڪرسي ڇڪي ويجهي ڪئي. سندس گهاٽا ڀرون سندس سڻڀي ۽ چمڪدار نراڙ تي اڃا به ٿورو مٿي تاڻجي ويا.

”پر تون هوائي جهاز نٿو اڏائي سگهين.“

”آءٌ هوائي جهاز اڏائي سگهان ٿو ۽ ضرور اڏائيندس. مون کي ڪنهن سکيا واري اسڪول ۾ موڪليو وڃي.“ اليڪسيءَ بنهه رڙيون ڪندي چيو ۽ سندس لهجي ۾ اهڙو ته ناقابلِ تسخير عزم ۽ اعتماد هو، جو ڪمري ۾ ٻين ميزن تي آفيسرن جون سوالي نگاهون ڏانهن کڄي ويون ته آخر هي سانورو ۽ جانٺو جوان ليفٽيننٽ ايتري هٺ ڌرميءَ سان ڇا جو مطالبو پيو ڪري؟

ميجر کي يقين ٿي ويو ته سندس سامهون بيٺل ماڻهو يا ته ڪو غير معمولي انسان آهي يا ته ڪو پاڳل. هن آڏيءَ اک سان اليڪسيءَ جي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ٽهڪندڙ چهري ۽ شعلا اوڳاڇيندڙ اکين کي ڏٺو ۽ لهجي ۾ انتهائي نرمي پيدا ڪري چيائين:

”پر ڀاءُ! ٿورو سوچ ته سهي، بنا پيرن جي ڀلا هوائي جهاز اڏائڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ۽ تنهنجي خيال ۾ اهڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو توکي ان جي اجازت ڏيندو؟ اها ڳالهه ته اڻ ٿيڻي آهي. هن کان پهريائين ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي.“

”هن کان پهريائين ڪونه ٿيو آهي ته هاڻي ضرور ٿيندو.“ اليڪسيءَ ساڳئي هٺ ڌرميءَ سان چيو ۽ کيسي مان هڪ نوٽ بڪ ڪڍي، ان مان رسالي جو ڪٽيل صفحو ميجر جي سامهون رکيائين.

ٻين ميزن تي ويٺل آفيسرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويهي غور سان سندن ڳالهيون ٻڌڻ لڳا. انهن مان هڪ آفيسر پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ميجر وٽ ويو ۽ ماچيس گهرڻ جي بهاني اتي بيٺو رهيو. ميجر رسالي جو صفحو پڙهيو ۽ آخرڪار چيائين:

”اسان هن کي ڪا سَند نٿا تسليم ڪريون. اسان وٽ پنهنجيون هدايتون آهن. انهن هدايتن ۾ ڏاڍي سختيءَ سان وضاحت ڪيل آهي ته ڪهڙا ماڻهو هوائي فوج جي ڪهڙن شعبن لاءِ موزون ٿي سگهن ٿا؟ ٻن پيرن جي غائب هجڻ جي ته ڳالهه ڇڏ، پر جيڪڏهن تنهنجيون فقط ٻه آڱريون به غائب هجن ها، تڏهن به تون هوائي جهاز کي رڳو هٿ لڳائي به نٿو سگهين. هي وٺ تنهنجي رسالي جو صفحو، هي ڪو ثبوت ڪونهي، پر پوءِ به آءٌ تنهنجي همت ۽ جذبي جو قدر ڪريان ٿو ۽ توکي جس ڏيان ٿو، پر........“

ميريسئف غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي دل چاهيو ته ميز تان مس ڪُپڙي کڻي، ميجر جي چمڪندڙ روڏ تي ٺڪاءُ ڪري ڇڏي، پر هن صبر ڪيو ۽ ٻڏندڙ آواز ۾ چيائين:

”ڀلا هن جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟“

ائين چئي هن پنهنجو آخري پتو ميز تي رکي ڇڏيو. هي هو پهرئين درجي جي فوجي سرجن ميروولسڪيءَ جو ڏنل سرٽيفڪيٽ. ميجر ان کي شڪي انداز ۾ ڏٺو. سرٽيفڪيٽ ته باقاعده ۽ باضابطا لکيل هو. ان تي ميڊيڪل ڪور جي شعبي جو ٺپو به لڳل هو ۽ ان تي اهڙي سرجن جي صحيح ٿيل هئي، جنهن جو هوائي فوج ۾ بيحد عزت ۽ قدر ڪيو ويندو هو. ميجر پروانو پڙهيو ۽ سندس لهجو وڌيڪ دوستاڻو ٿي ويو. سندس سامهون ويٺل ماڻهو ڪو پاڳل ڪونه هو. هن غير معمولي نوجوان پيرن جي غائب ٿي وڃڻ جي باوجود به واقعي سنجيدگيءَ سان هوائي جهاز اڏائڻ چاهيو ٿي. هو هڪ اهڙي ماهر ۽ سنجيده فوجي سرجن کي، جنهن جو تمام گهڻو اثر رسوخ هو، قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ته هو هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو. ميجر ٿڌو ساهه ڀري ميريسئف جي فائيل ٿورو پاسي تي ڪري رکيو.

”آءٌ ته تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، پر ڪجهه به ڪري نٿو سگهان. پهرئين درجي جي فوجي سرجن جي دل ۾ جيڪو اچي، سو ڀلي لکي سگهي ٿو. پر اسان وٽ صاف ۽ قطعي هدايتون آهن ۽ انهن جي خلاف ورزي هرگز نه ٿيڻ گهرجي......... جيڪڏهن آءٌ انهن جي خلاف ورزي ڪندس ته ان جو جوابدار ڪير ٿيندو ــــــــــــ ڇا فوجي سرجن؟“

ميريسئف انتهائي نفرت سان ان آسودگي پسند، خوداعتماد، مطمئن ۽ خوش اخلاق آفيسر کي ڏٺو. هن سندس بلڪل صحيح ٺهيل ورديءَ جي سفيد ڪالر کي ڏٺو، هن ان وارن سان ڀريل هٿن، وڌيل ۽ بدصورت منهن کي ڏٺو، آخر ڪير هن کي ڪيئن سمجهائي؟ ڇا هو سمجهي سگهندو؟ ڇا کيس خبر آهي ته هوائي جنگ ڇا ٿيندي آهي؟ شايد هن سندس سموري ڄمار ۾ گولين هلڻ جو آواز ئي ڪونه ٻڌو هوندو. هن پنهنجي پوري قوت سان پاڻ تي ضبط ڪندي چيو:

”ته پوءِ هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“

ميجر ڪلها لوڏيندي چيو:

”جيڪڏهن تنهنجو گهڻو اصرار آهي ته پوءِ آءٌ رڳو ايترو ڪري سگهان ٿو ته توکي صف بنديءَ واري ڪميشن ڏانهن موڪلي ڏيان. پر اهو توکي هينئر ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته ورندئي ڪجهه به ڪونه.“

”ٺيڪ آهي،. ته پوءِ مون کي ڪميشن ڏانهن ئي اماڻ.“ ڪرسيءَ تي بنهه ڪرندي اليڪسيءَ زور سان ساهه کنيو. پوءِ آفيس کان آفيس تائين رلڻ جو دور شروع ٿي ويو. ٿڪ کان چور آفيسر، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڳچيءَ تائين غرق، هن جون ڳالهيون ٻڌندا هئا، حيرت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ ڏاڍي بيوسيءَ مان ڪلها لوڏي ڇڏيندا هئا. واقعي هو ڪري به ڇا ٿي سگهيا؟ هنن وٽ هدايتون هيون ۽ بنهه صاف چٽيون هدايتون، جن جي منظوري اعليٰ ڪمان ڏني هئي. تنهن کان سواءِ گذريل روايتون به. هو انهن جي خلاف ورزي ڪيئن ٿي ڪري سگهيا؟ سو به تڏهن، جڏهن معاملو بنهه صاف هجي. انهن سڀني کي هن اڻ ٿڪ ۽ نه ڌٻجندڙ اپاهج ماڻهوءَ سان دلي همدردي هئي....... هڪ اهڙو ماڻهو، جيڪو هر گهڙي جنگ ۾ وڙهڻ وارن جي صف ۾ وڃڻ لاءِ تڙپي رهيو هجي. انهن آفيسرن مان ڪنهن کي به همت ۽ جرئت ڪانه پئي ٿي جو کيس سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏي، تنهن ڪري اهي کيس عملي جي شعبي کان صف بندي جي شعبي جي هڪ هڪ ميز جو طواف ڪرائيندا رهيا ۽ هر ڪنهن مٿس رحم کائي ڪميشن وٽ موڪليو.

هاڻي اليڪسيءَ تي نه ته انڪار جو اثر ٿي ٿيو ۽ نه ئي دڙڪي داٻ جو، نه وري لفظي همدردي ۽ ڪرم فرمائيءَ جو. جنهن جي به خلاف سندس روح بغاوت تي آماده ٿي ويندو هو ته ان کي جيڪو  هٿ ۾ ايندو هيس، مُنهن تي ڦهڪائي ڏيندو هو ۽ کيس پنهنجو ڪجهه پاڻ تي ضابطو رکڻ جو سليقو به اچي ويو هو ۽ سندس لهجو ڪجهه صلح پسند ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن کيس هڪ ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا انڪار ٻڌڻو ٿي پيو، پر پوءِ به هن اميد جي پلاند کي هٿان نه ڇڏيو. رسالي وارو صفحو ۽ سرٽيفڪيٽ ٻئي، ڏينهن رات کيس ۾ کڻي هلڻ ڪري اهي هنڌ هنڌ تان ڦاٽڻ لڳا هئا، تنهن ڪري مٿن سنهو ڪاغذ چپڪائڻو پيو هو.

سندس آفيسن ۾ رلڻ واريون سختيون ان ڪري به ويتر وڌيڪ خطرناڪ ٿينديون پئي ويون، جو هڪ طرف ته هو رجمينٽ جي جواب جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ٻئي طرف کاڌي، ڪپڙي ۽ پئسن جي سرٽيفڪيٽ کان محروم هو. سينيٽوريم جيڪو کاڌي پيتي جو سامان ڏنو هيس، سو ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انيوتا جي گهر ۾ رهندڙ پوڙها زال مڙس، جن سان هاڻ سندس ويجهڙائپ ٿي وئي هئي، جڏهن ڏسندا هئا ته هو هاڻ رڌو پڪو نٿو ڪري ته زوريءَ کيس پاڻ سان گڏي ويهاري ماني کارائيندا هئا، پر کيس اها به خبر هئي ته هي پوڙهو جوڙو درين جي ڇانوَ ۾ زمين جي هڪ تختي تي ڪيئن نه رت ۽ پگهر هڪ ڪري ڇڏيندو هو. هن کي خبر هئي ته هڪ گجر ۽ هڪڙو بصر سندن لاءِ ڪيترو نه قيمتي هو. هو صبح جو سندن راشن واري مانيءَ مان ائين حصا پتيون ڪندا هئا، جيئن ننڍڙا ٻار ڪنهن شيءِ جا حصا ڪري ورهائي کائيندا آهن. تنهن ڪري هن ڪوڙ ڪري چيو ته وٽانئس کاڌي پچائڻ جي تڪليف نٿي ٿئي، تنهن ڪري هو آفيسرن جي کاڌي واري ڪمري مان ماني کائي ايندو آهي.

ڇنڇر آيوــــــــــ يعني اهو ڏينهن، جڏهن انيوتا کي موڪل ملڻي هئي. ان کان اڳ واري سڄي عرصي دوران هو انيوتا کي فون تي پنهنجي غير اطمينان بخش حالات جي رپورٽ ٻڌائيندو رهندو هو. ان ڏينهن هن آخري قدم کنيو. سندس ٿيلهي ۾ پڻس جي چانديءَ جي پراڻي سگريٽن جي دٻي پيل هئي. ان تي هڪ گهوڙا گاڏيءَ جا ڪارا نقش اُڪريل هئا، جنهن کي ٽي ڊوڙندڙ گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. مٿس لکيل هو: ”تنهنجي شاديءَ جي 25 هين سالگره جي موقعي تي تنهنجي دوستن طرفان سوکڙي.“ اليڪسي سگريٽ ڪونه پيئندو هو، پر سندس ماءُ خاندان جي هيءَ قيمتي يادگار محاذ تي وڃڻ وقت سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏي هئي ۽ هن هميشه ان اڻ ملهه شيءِ کي پاڻ سان گڏ رکيو هو. جڏهن هو جهاز ۾ چڙهي اڏامندو هو، تڏهن هو سٺي سوڻ خاطر هيءَ دٻي پنهنجي کيسي ۾ رکندو هو. هن اها سگريٽن جي دٻي سامان مان ڪڍي ۽ ڪٻاڙيءَ جي دوڪان تي ويو.

هڪ سنهڙيءَ عورت، جنهن مان فنائل جي گورين جي بوءِ پئي آئي، چيو ته عبارت لکيل شيءِ وڪري جي لاءِ ڪانه وٺبي آهي.

”پر مون کي ان عيوض ڪا وڏي رقم ڪانه کپي. توکي جيڪو وڻي، سو کڻي ڏي.“ اليڪسيءَ چيو.

”نه نه ڪامريڊ! تنهن کان سواءِ تنهنجي اڃا ايتري عمر ئي ڪانهي جو تون پنهنجي شاديءَ جي 25هين سالگره تي اهو تحفو قبول ڪرين.“ ان عورت اليڪسيءَ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين گهوري جانچيو ۽ ڏاڍي رکي لهجي ۾ اهو اظهار ڪيو.

اليڪسيءَ جو چهرو ڪاوڙ ۽ غصي مان تپي ڳاڙهو ٿي ويو. هن دٻي کنئي ۽ ٻاهر نڪري ويو. ڪنهن سندس ٻانهن کان جهليو ۽ هن سندس ڪن جي ويجهو شراب ۾ ٻڏل ساهه جي گرمي محسوس ڪئي.

”دٻي ڏاڍي خوبصورت ۽ سهڻي آهي. تو ڇا چيو ته سستي به آهي؟“ ان بدصورت شخص پڇيو، جنهن جون ڏاڙهي مڇون ڪُوڙيل هيون. سندس نڪ ڊگهو ۽ نيرو هو. هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ دٻيءَ ڏانهن وڌايو ۽ چيو: ”زبردست، حب الوطنيءَ جي جنگ جي هڪ هيرو جي اعزاز ۾ تحفو. آءٌ توکي ان جي عيوض پنج سرمائي نوٽ ڏيندس.“

هن پنج سئو روبل جا نوٽ ورتا ۽ ڪٻاڙ خاني مان نڪري آيو. هن ويجهي بازار مان گوشت، چرٻي، ماني، بصر، پٽاٽا ۽ ويڳر ۽ مصالح ورتو، سامان سان سٿجي گهر پهتو.

”مون ٻيهر پنهنجو راشن وٺڻ ۽ خود پچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. کاڌي جي ڪمري ۾ هو ڏاڍو خراب کاڌو کارائين ٿا.“ هن سامان ميز تي رکندي پوڙهي زال مڙس سان ٻيو ڀيرو ڪوڙ ڳالهايو.

شام جو بهترين کاڌو انيوتا جو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن هوءَ آئي ته ٿڪ کان بنهه چور ۽ سڄي هيڊي ٿي ويئي هئي. هن زبردستيءَ پاڻ کي گهلي هٿ منهن ڌوتو ۽ ڪپڙا بدلايا. هنن گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ئي انيوتا ننڊ ۾ غلطان ٿي ويئي. هن جيليءَ جو به انتظار ڪونه ڪيو، جيڪا نلڪيءَ جي هيٺان ٿڌي ٿي رهي هئي.

ڪجهه دير کان پوءِ انيوتا جي اک کلي ۽ سڀني جيليءَ جي هڪڙي هڪڙي پليٽ چٽ ڪئي. پوءِ ڪچهري شروع ٿي وئي. هنن هر هڪ موضوع تي ڳالهايو ۽ خوب ڳالهايو. ڄڻ ته منجهن ڪو معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت هنن گووزديف ۽ ميريسئف متعلق ڪونه ڳالهايو. باقي هر شيءِ بابت ڳالهايائون. پوءِ ٻنهي سمهڻ جي تياري ڪئي. انيوتا ٻاهر نڪري وئي ۽ اليڪسيءَ جي نقلي پيرن جي پٽ تي ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. پوءِ هن بتي وسائي، ڪپڙا بدلايا ۽ هنڌ ۾ گهڙي ويئي. ڪمري ۾ اونداهي هئي. ٻئي خاموش هئا، پر چادر جي سرسراهٽ ۽ پلنگ جي اسپرنگن جي چيڪٽ مان ظاهر هو ته هو ٻئي جاڳي رهيا هئا. نيٺ انيوتا پڇيو:

”ڇا تون ستو پيو آهين اليوشا؟“

”نه.“

”سوچين پيو.“

”ها، ۽ تون؟“

”آءٌ پڻ سوچيان پئي.“

ٻئي خاموش ٿي ويا. ٻنهي جون اکيون کلي پيون هيون ۽ ننڊ جو ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ڏس پتو ڪونه هو.

........... ان ڏينهن اليڪسيءَ انيوتا کي پنهنجي بيڪار رلڻ ڦرڻ متعلق ڪجهه ڪونه ٻڌايو هو، پر پوءِ به هن تاڙي ورتو هو ته معاملو مڙيئي ڦڏي ۾ پئجي ويو آهي ۽ شايد هاڻي هن جو بي پناهه جذبو مايوسين کان شڪست کائي جواب ڏيڻ لڳو آهي. سندس اندر عورت جي دل کيس ٻڌايو ته هو ماڻهو ڪيڏي نه اذيت، درد ۽ پيڙا ڀوڳي رهيو آهي ۽ ان دل کيس اهو به ٻڌايو ته ڏک چاهي ان تي ڪيڏو به ستم ڪري رهيو هجي، پر همدرديءَ جو هڪ لفظ به هن جي اذيت ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن به قسم جي تسڪين ۽ دلاسو کيس اڃا وڌيڪ صدمو پهچائيندو.

ٻئي طرف هو ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکيو ليٽيو پيو هو ۽ ان حسين ڇوڪريءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪا سندس بستري کان صرف چند قدم پريان ستي پئي هئي. هوءَ سندس دوست جي محبوبا ۽ هڪ بهترين ساٿي هئي. هو فقط ٻه چار قدم کڻي ان ڇوڪريءَ وٽ پهچي سگهيو ٿي. پر دنيا جي ڪابه طاقت کيس اهي چند قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪري نٿي سگهي، جيئن اها ڇوڪري به ائين نٿي ڪري سگهي. ان ڇوڪريءَ کي هو تمام گهٽ سڃاڻندو هو، جنهن کيس پناه ڏني هئي. پر هو ان کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو هو. شايد ميجر استروچڪوف ٻڌي ته ڪر مٿانئس مسخري ڪري ۽ مٿس اعتبار ئي نه ڪري، پر کيس ڪهڙي خبر ته انيوتا ڪهڙي نه سٺي ڇوڪري آهي. ويچاري ڪيترو نه ٿڪجيو پوي ٿي، پر پوءِ به اسپتال جي ڪم ۾ ڪيڏو نه جوش ۽ جذبو ڏيکاري ٿي.

”اليوشا!“ انيوتا آهستي آهستي پڇيو.

اليڪسي صوفي تي سُتو پيو هو. انيوتا پنهنجي هنڌ تان اٿي ۽ اگهاڙن پيرن سان آهستي آهستي قدم کڻندي هن وٽ پهتي. هن جو وهاڻو ٺيڪ ڪيو ۽ مٿانئس ڪمبل ٺاهي وڌو.

 

(7)

ڪميشن سڀ کان اڳ ۾ اليڪسيءَ کي گهرايو. تمام ٿلهو متارو فوجي سرجن، جيڪو پنهنجي مهم تان واپس اچي چڪو هو، وري به ڪميشن جي صدارت ڪري رهيو هو. هن اليڪسيءَ کي هڪدم سڃاڻي ورتو ۽ سندس استقبال لاءِ اٿي بيٺو.

”هو توکي نٿا کڻن نه؟“ هن محبت ۽ همدرديءَ ڀري لهجي ۾ چيو. ”ها، تنهنجو معاملو ئي ڪجهه ڏکيو آهي. توکي قانون جون سموريون ديوارون اورانگهڻيون پونديون. تنهنجو مسئلو اَڪ مان ماکي لاهڻ مثل ناهي، پر ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.“

ڪميشن اليڪسيءَ جي چڪاس ڪانه ڪئي. فوجي سرجن سندس درخواست تي ڳاڙهي مس سان لکيو ته ”عملي جو شعبو ـــــــــ هن نوجوان کي آزمائشي سکيا اسڪول ۾ موڪليو وڃي.

ان ڪاغذ سميت اليڪسئي سڌو عملي واري شعبي جي اعليٰ عملدار وٽ پهتو.  پر کيس جنرل سان ملڻ نه ڏنو ويو. هو بنهه باهه ٿي ويو. جنرل جو نائب هڪ ڪارين ڪارين مڇن وارو نوجوان، قد ڪاٺيءَ ۾ سهڻي جسم جوهڪ ڪئپٽن هو، جنهن جو چهرو ايترو ته دوستاڻو، خوش مزاجيءَ سان ڀريل ۽ ٻاجهارو هو جو اليڪسي سندس ميز جي سامهون ويهي رهيو. هن ان ڪيپٽن کي سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي. جڏهن هن کيس اهو ٻڌايو ته ڪيئن نه هڪ آفيس کان ٻيءَ تائين رلايو ويو آهي، تڏهن هو تپي باه ٿي ويو.

”شيطان ڪٿي جا! توکي ائين دربدر ڪرڻ جو کين ڪوبه حق ڪونه هو. تون بنهه لاجواب ماڻهو آهين. واقعي آءٌ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪري نٿو سگهان. تون بنهه مختلف ماڻهو آهين....... پر بهرحال، هو به حق تي هئا. ڏس! بنا پيرن وارو ماڻهو ته هوائي جهاز نٿو اڏائي سگهي نه.“

”ليڪن بنا پيرن وارو ماڻهو هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو. ٿورو هن کي ته ڏسجو.“ ۽ ميريسئف کيس رسالي جي ڪٽنگ، فوجي سرجن جي راءِ ۽ اهو ڪاغذ ڏيکاريو، جنهن ۾ کيس عملي جي شعبي ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ”پر تون بنا پيرن جي هوائي جهاز ڪيئن اڏائيندين؟ تون ڏاڍو پرلطف ماڻهو آهين. توکي هيءَ چوڻي ته ياد هوندي ته پيرن بنا ماڻهو نچي نٿو سگهي.“

ٻيو ڪير ائين چوي ها ته يقينًا اليڪسيءَ کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي ها ۽ هو تپي باه ٿي وڃي ها ۽ ڪا نه ڪا خراب ڳالهه ڪري وجهي ها، پر ڇاڪاڻ ته ڪيپٽن جو چهرو نيڪ دليءَ سان اهڙي طرح چمڪي رهيو هو جو اليڪسي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ ڇوڪراڻي حجت مان چيائين: ”توهان اهو ناچ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي؟ ته چڱو، هاڻي ئي ڏسو.“ ۽ انهن لفظن سان ئي هن آڌر ڀاءُ واري ڪمري ۾ سموريءَ وحشت سان نچڻ شروع ڪري ڏنو.

ڪجهه دير ته ڪيپٽن بت بنجي کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ هڪ لفظ به ڳالهائڻ کان سواءِ هن اليڪسيءَ جا ڪاغذ کنيا ۽ اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ غائب ٿي ويو. گهڻيءَ دير کان پوءِ، ڪافي بحث مباحثي بعد هو ڏاڍو خوش، مسڪرائيندو ٻاهر نڪتو ۽ چيائين:

”ظاهر آهي ته جنرل هوابازن جي ٽولي ۾ توکي شامل ڪرڻ جي ته ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. پر ڏس ته سهي ڇا لکيو اٿس: ’پگهار يا راشن ۾ ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ کان سواءِ ئي درخواست ڪندڙ کي هوائي اڏي جي انتظامي بٽيلن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي مامور ڪيو وڃي.‘ سمجهيئي؟ بنا ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ جي........“

ڪيپٽن اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته مسرت جي بدران اليڪسيءَ جي چهري تي ڪاوڙ ۽ غصي جي آڳ ڀڙڪڻ لڳي.

”انتظامي بٽالين! ڪڏهن به نه.“ هن وٺي دانهون ڪيون. ”ڇا توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟ آءٌ پگهار ۽ راشن لاءِ پريشان ڪونه آهيان. آءٌ هواباز آهيان ۽ آءٌ هوا ۾ پرواز ڪرڻ چاهيان ٿو. آءٌ وڙهڻ چاهيان ٿو........! ماڻهو اها ڳالهه ڇو نٿا سمجهن؟ انهن کان وڌ ڪهڙن سادن لفظن ۾ آءٌ توهان کي سمجهايان........؟“

ڪيپٽن گهٻرائجي ويو. واقعي هي ماڻهو عجيب ۽ غريب هو. ڪير ٻيو هجي ها ته ان ڳالهه تي خوشيءَ مان ٽپ ڏئي ها...... پر هي ماڻهو! بنهه ڪو چريو آهي. پر ڪيپٽن کي هي چريو ماڻهو ڏاڍو وڻڻ لڳو. هو دل وجان سان هن سان همدردي محسوس ڪري رهيو هو ۽ هن مصيبت ۾ سندس مدد ڪرڻ پئي چاهيائين. اوچتو کيس هڪ ڳالهه سجهي. هن اليڪسيءَ کي اک ڀڳي ۽ اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ کليل در ڏانهن آڱر سان اشارو ڪري چيائين: ”جنرل جي وس ۾ جيڪو ڪجهه هو، سو هن ڪيو. هاڻي هن جي اختيار ۾ ٻيو وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي. اها ڳالهه آءٌ پنهنجي عزت جو قسم کڻي ڪريان ٿو. جيڪڏهن هن تنهنجي مقرري هوابازن جي عملي ۾ ڪئي ته ماڻهو خود هن کي ئي پاڳل سمجهندا. تون سڌو اسان جي اعليٰ ترين عملدار وٽ هليو وڃ. فقط اهو ئي تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو.

اليڪسيءَ جي ان نئين دوست سندس لاءِ هڪ پاس حاصل ڪئي ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اليڪسي اعليٰ ترين عملدار جي آفيس جي غاليچي سان ڍڪيل فرش تي بيقراريءَ سان اچ وڃ ڪري رهيو هو. هُن هِن باري ۾ پهرين ڇو ڪونه سوچيو؟ بيشڪ اها ئي جاءِ آهي، جتي کيس ٻئي هنڌ وقت کوٽي ڪرڻ کان سواءِ ئي هليو اچڻ کپي ها. هاڻي هار يا جيت جي سڌي سنئين بازي هئي.

اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا، پوءِ تون کٽين يا مان کٽان...... چيو وڃي ٿو ته اعليٰ ترين عملدار پاڻ به پنهنجي زماني جو مشهور هواباز رهي چڪو آهي. هو ضرور منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندو. هو هڪ جنگي هواباز کي انتظامي بٽالين ۾ ڪونه موڪليندو.“

ڪيترا ئي جنرل ۽ ڪرنل آڌرڀاءُ واري ڪمري ۾ ويٺا آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا. ’ڪي‘ جيڪي ڪجهه گهٻرايل گهٻرايل ٿي لڳا، تن وري زور زور سان ڪش پئي هنيا. سينيئر ليفٽيننٽ پنهنجي عجيب وغريب ڌڏڪي واري چال سان هيڏانهن هوڏانهن رڙهي رهيو هو. جڏهن سڀ ملاقاتي هليا ويا ۽ ميريسئف جو وارو آيو ته هو تيزي سان ميز ڏانهن وڌيو، جنهن وٽ گول گول چهري وارو ميجر وات ڦاڙيو ويٺو هو.

”ڇا تون پاڻ اعليٰ ترين عملدار سان ملڻ چاهين ٿو ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ؟“ ميجر پڇيو.

”ها، مون کي ساڻس هڪ انتهائي اهم ۽ ذاتي ڪم آهي.“

”شايد توهان مون کي اڳواٽ ان باري ۾ ڪجهه ٻڌايو هو. ڪرسي سيري وٺو. ويهو! ڇا توهان سگريٽ ڇڪيندا آهيو؟“ ۽ هن ميريسئف ڏانهن سگريٽ وڌايو.

اليڪسي سگريٽ پيئندو ته ڪونه هو، پر ڪنهن سبب هن سگريٽ ورتو ۽ پنهنجي آڱرين جي وچ ۾ کيس چيڀاٽي ميز تي رکيو ۽ پنهنجي مصيبتن جي ڪهاڻي ڇيڙي ويهي رهيو، جهڙي طرح هن ڪيپٽن اڳيان پنهنجو قصو بيان ڪيو هو. ميجر سندس ڪهاڻي ٻڌي. هن ۾ خوش اخلاقيءَ جو ايترو جذبو ڪونه هو، جيتري منجهس همدردي ۽ دوستاڻو لحاظ هو. هن رسالي جي ڪٽنگ ڏٺي ۽ پهرئين درجي جي فوجي سرجن جي راءِ پڙهي. سندس همدردي ميريسئف جي ايتري ته همت وڌائي جو هن چاهيو ته هو نچڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري ڏيکاري ۽ ...... عين اوڏي مهل سمورو معاملو ڦڏي ۾ پئجي ويو. ڇو ته بلڪل انهيءَ گهڙيءَ آفيس جو دروازو زور سان کليو، هڪ ڊگهو ۽ سنهڙو آفيسر ٻاهر نڪتو، جنهن جا وارا ڪانگ جهڙا ڪارا هئا. اليڪسي هڪدم کيس سڃاڻي ورتو. هن سندس تصوير ڏٺي هئي، هو پنهنجي ڊگهي ڪوٽ جا بٽن لڳائيندي هڪ جنرل کي ڪجهه چئي رهيو هو، جيڪو سندس پٺيان پئي آيو. هو ايتري قدر ته پريشان هو جو هن اليڪسيءَ کي به ڪونه ڏٺو.

هن پنهنجي گهڙي ڏسندي ميجر کي چيو ته: ”آءٌ ڪريملن وڃان پيو. ڇهين وڳي اسٽالن گراڊ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جو حڪم جاري ڪر. ويرخنايا پوگرومنايا ۾ جهاز لهندو.“ اهي لفظ چئي، هو اهڙي تيزيءَ سان غائب ٿي ويو، جهڙي تيزيءَ سان آيو هو.“

ميجر هڪدم هوائي جهاز جو حڪم ڏنو ۽ کيس ياد آيو ته ميريسئف ڪمري ۾ ئي موجود آهي. هن معافي وٺندي چيو: ”تنهنجي ته ڪا قسمت ئي ڦٽل آهي. اسين وڃون پيا. توکي ٻيهر اچڻو پوندو. ڇا تنهنجي رهڻ جو ڪو بندوبست آهي؟“

ان غير معمولي مهمان جي سانوري چهري تي، جنهن مان چند گهڙيون پهرين عزم ۽ قوت ارادي جهلڪي رهي هئي، ان تي هڪدم ايتري ته مايوسي ۽ ٿڪاوٽ ڇانئجي ويئي جو ميجر کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پئي.

”چڱو چڱو........ مون کي خبر آهي ته اعليٰ ترين عملدار به اهو ئي ڪجهه ڪري ها.“

ائين چئي هن هڪ سرڪاري ڪاغذ تي ڪجهه سِٽون لکيون ۽ ڪاغذ کي لفافي ۾ وڌو ۽ ان تي پتو لکيو:

”عملي جي شعبي جي اعليٰ ترين عملدار جي نالي.“

هن لفافو ميريسئف کي هٿ ۾ ڏنو ۽ ساڻس هٿ ملائيندي چيو: ”آءٌ دل وجان سان تنهنجي ڪاميابي ڏسڻ چاهيان ٿو.

ان چٺيءَ ۾ لکيل هو: ”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف اعليٰ ترين عملدار سان ملايو آهي. هن تي پورو پورو توجهه ڏنو وڃي. کيس هوابازن جي صفن ۾ واپس وڃڻ ۾ سندس هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.“

هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ننڍين مڇن واري ڪيپٽن اليڪسيءَ کي پنهنجي اعليٰ ترين عملدار جي ڪمري ۾ پهچايو. پوڙهو جنرل تمام ٿلهو متارو ٿي لڳو. هن چٺي پڙهي ۽ وڏو ٽهڪ ڏنو. ”ته تون هتان به ٿي آئين؟ ايترو آءٌ ضرور چوندس ته تون ڏاڍو تيز ماڻهو آهين. تون اهو ئي آهين نه جيڪو ان ڪري باهوڙجي ويو هئي، ڇو جو مون توکي انتظامي بٽالين ۾ موڪليو هو.“ ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. هو کلندي ۽ ٽهڪ ڏيندي ڳالهائي رهيو هو: ”نوجوان! تون ڏاڍو سٺو ڇوڪر آهين. آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون پڪو هواباز آهين. تون انتظامي بٽالين ۾ وڃڻ نٿو چاهين. اها ڳالهه توکي ڏکي لڳي – آهي نه ائين......؟ ڪهڙي ڏچي ۾ پئجي ويو آهيان؟ نچڻ وارا نوجوان، ڀلا ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ تون بنهه مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهين، پر جيڪڏهن آءٌ توکي بحال ڪريان ته پوءِ مٿيان همراه وري بحاليءَ جي سزا ۾ مون کي پوڙهو خطبي چئي منهنجي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندا. پر ڪهڙي خبر تون ڇا ڪري ويهين؟ هن جنگ ۾ اسان جي نوجوانن ان کان به وڌيڪ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي..... کڻ ته تنهنجا ڪاغذ ڏسان.“

اهو چئي جنرل بي پرواهيءَ سان اڀري سڀري صورتخطيءَ ۾ مشڪل سان لفظن کي مڪمل ڪندي ڪاغذ تي لکيو: ”اميدوار کي سکيا واري اسڪول ۾ موڪليو وڃي.“ اليڪسيءَ ڏڪندڙ هٿن سان ڪاغذ ورتا ۽ ان بيٺي بيٺي تحرير پڙهي ۽ پوءِ چاڙهيءَ تان لهندي ٻيهر پڙهيائين ۽ پوءِ هيٺ، جتي سپاهي تلاشي وٺندو هو، اتي پڙهيائين. پوءِ ٽرام ۾ هلندي پڙهيائين ۽ آخر ۾ رستي تي هلندي مينهن وسندي پڙهيائين. دنيا ۾ هو واحد شخص هو، جيڪو انهن ڇڪي تاڻي لکيل لفظن جو مقصد سمجهي سگهيو ٿي ۽ انهن جي قدر وقميت کان واقف هو.

ان ڏينهن اليڪسي خوشيءَ وچان پنهنجي گهڙي وڪڻي ڇڏي، جيڪا کيس ڊويزنل ڪمانڊر سوکڙي طور ڏني هئي. انهن پئسن مان هن قسمين قسمين کاڌي جون شيون ورتيون ۽ شراب جي بوتل به. هن انيوتا کي فون ڪري منٿ ڪئي ته هوءَ ڪنهن به طرح ٻن ڪلاڪن جي موڪل وٺي اچي. هن پوڙهي زال مڙس کي پڻ دعوت ڏني ۽ پنهنجي عظيم الشان فتح جي خوشيءَ جو جشن ملهائڻ جو انتظام ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org