سنڌيڪار طرفان
ڪجهه وضاحتون:
مون جيڪي هيستائين ڪتاب پڙهيا آهن، انهن ۾ به جن ڪتابن کي هڪ ٻه
ڀيرا نه، پر تمام گهڻا ڀيرا پڙهيو اٿم، انهن ۾ هڪ
شيخ اياز جو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ٻيو روسي
ليکڪ بورس پوليوائي جو ناول ”ڏونگر منجهه ڏيئو“
آهي. مون کي خبر ناهي ته مون ڪيترا ڀيرا روسي ناول
جو اردو ترجمو ”چراغ جلتا رها“ پڙهيو آهي، پر تمام
گهڻا ڀيرا پڙهيو اٿم. اهو ناول، جنهن جو مون سنڌي
ترجمو ڪري مٿس نالو ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ رکيو آهي،
سو منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مايوسين جي
اٿاهه سمونڊ ۾ گهيريل، بنهه همٿ هاريل، حياتيءَ
مان ڪڪ ۽ قبر ۾ پير لڙڪائي ويٺل ماڻهوءَ کي پڙهي
ٻڌائجي ته جيڪر هو ٻيهر نئين زندگيءَ جي جذبي، جوش
۽ ولولي سان جيئڻ لاءِ نوان گؤنچ ڪڍڻ شروع ڪري
ڏئي. اها منهنجي راءِ آهي. منهنجي اها پراڻي خواهش
هئي ته آءٌ اهو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريان. ترجمو
ته ڪريان، پر ڇپائڻ جي پهچ مون ۾ ڪانه هئي، سو
ڪجهه سال اڳ عظمت پبليڪشن جي همراهه ڊاڪٽر عمر
ميمڻ سان ڳالهايم. ڪتاب جي ضخامت ۽ لاڳت جو سوچي
ڊاڪٽر صاحب معذرت ڏيکاري. ڊسمبر 1988ع ۾ روشني
پبليڪشن جي دوست محترم علي نواز گهانگهري مون کي
چيو ته مٿيون ڪتاب ترجمو ڪري ڏج. آءٌ ڏاڍو خوش
ٿيس. واعدو ورتومانس ته ڪتاب ضرور ڇپرائي ته جيئن
منهنجي محنت رائيگان نه وڃي. پوءِ 13 ڊسمبر 1988ع
کان وٺي 10 مئي 1989ع تائينءَ جي مسلسل محنت کان
پوءِ مون هي ناول ترجمو ڪري پورو ڪيو.
1988ع کان وٺي حيدرآباد نسلي فسادن جي ميدان جنگ رهندي پئي اچي.
هر ٻئي ڏينهن هل هنگامان، هڙتالون، ڦرلٽ، ڌاڙا،
باهيون، مارڪٽ، مارا ماري، قتل، گولين جي برسات ۽
پوءِ ڪرفيو جو نفاذ – تنهن ڪري سموري ڪاروبار سان
گڏ سنڌي پريسون به تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن. ان
سبب جي ڪري ڪتاب جي ڇپائيءَ تي جيترو پبلشر کي
توجهه ڏيڻ گهرجي ها، سو ڏيئي نه سگهيو آهي. ان جو
ئي نتيجو آهي جو ڪتاب جي پٺيان هڪ ڀلنامو شامل ڪرڻ
بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ٻيو ته روسين جا نالا ڏاڍا
ڊگها هوندا آهن ۽ اسان لاءِ غير معروف به. تنهن
ڪري ڪيترا نالا غلط به ڇپجي ويا آهن. مثال طور
ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي گريگوري جي محبوبه جو
نالو ”انيوتا“ آهي، جيڪو شروع ۾ ’انبوتا‘ ۽ اڳتي
هلي وري ’انيوتا‘ ڇپيو ويو آهي. ساڳي طرح
’فيدوتوف‘ کي ’فيدتون‘ به ڪري ڇپيو ويو آهي. 1990ع
جي شروع ۾، جيئن ئي هي ڪتاب پريس ۾ ويو آهي، تڏهن
کان نسلي فسادن اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو سنڌي
ماڻهن جو حيدرآباد ۾ اچڻ بنهه غير محفوظ ٿي پيو
آهي. ان ڪري ئي هنن وضاحتي جملن جي ضرورت محسوس
ڪئي ويئي آهي.
مون هي ترجمو، جيئن مٿي ڄاڻايو اٿم، اردو ترجمي ”چراغ جلتا رها“
تان ڪيو آهي. ناول جو انگريزي ترجمو ڪوشش جي
باوجود به مون کي ملي ڪونه سگهيو. ترجمي ڪرڻ مهل
اها منظر نگاري، جيڪا اجائي ڊيگهه اختيار ڪري ٿي
ويئي يا اهي شيون، جيڪي بنهه غير ضروري سمجهيون
ويون ٿي، تن کي بنهه ٿورڙو مختصر ڪيو ويو آهي.
يعني اجائي پٽاڙ جو مختصر اختصار ڪيو ويو آهي. ان
ڳالهه جو انتهائي خيال رکيو ويو آهي ته گفتگو يا
ردعمل جا تاثرات هوبهو ڏنا وڃن. اهڙي طرح ڪٿي به
ائين محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته هتان ڪا سٽ يا جملو
ڪٽيو ويو آهي.
ان جي باوجود به اردوءَ مان منهنجو هي پهريون ترجمو آهي، تنهن
ڪري الاهي ڪميون پيشيون ۽ کوڙ ساريون ڪوتاهيون
رهجي وڃڻ ممڪن آهن ۽ سنڌيڪار جي حيثيت سان اڃا
منهنجي هڪ سيکڙاٽ شاگرد واري حيثيت آهي ۽ غلطيون
ته شاگردن کان ئي ٿينديون آهن. مون تي وڏا وڙ
ٿيندا، انهن قربدارن جا، جيڪي هن ڪتاب کي غور سان
پڙهي، غلطين جي نشاندهي ڪري، ان جو مون کي اطلاع
ڪندا. آءٌ سندن لک لائق ڀائيندس.
مٿين چند وضاحتن ۽ گذارشن کان پوءِ ڪجهه ڪتاب جي مهاڳ بابت: هن
ناول جي ليکڪ بورس پوليوائي طرفان هن ناول جي لاءِ
لکيل ڏهن صفحن تي مشتمل مهاڳ، جيڪو هن نومبر 1950ع
۾ لکيو هو، سو هتي وڏي ضخامت جي لحاظ کان ڪونه ڏنو
پيو وڃي. ان کوٽ پوري ڪرڻ جي نقطي کي ذهن ۾ رکي،
آءٌ پنهنجي طرفان هن ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻه اکر عرض
ڪندس.
- هي ناول ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ حصو وٺندڙن ۽ متاثر ٿيندڙن انهن
ڪروڙين ماڻهن مان چند ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل
آهي، جن جو تعلق روس ۽ جرمنيءَ سان آهي. جڏهن
جرمنيءَ جي بري ۽ هوائي فوجن روس تي حملو ڪيو هو،
تڏهن روسي ماڻهو پنهنجي ماتر ڀوميءَ جو، پنهنجن
شهرن جو، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين جو ڪيئن بچاءُ ڪيو؟
انهيءَ جي هڪڙي جهلڪ آهي. اهي روسي ماڻهو، جيڪي
سڌيءَ طرح جنگ جي ميدان ۾ وڙهي رهيا هئا، تن ڪهڙا
ڪارناما سرانجام ڏنا؟ جن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾
سميٽي پاڻ تي فخر ڪري رهي آهي ۽ اهي روسي ماڻهو،
جيڪي جنگ جي مورچن پٺيان هئا، سي پنهنجي وطن جو
دفاع ڪهڙي انداز ۾ ڪري رهيا هئا؟ تن جون پڻ ڪجهه
جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. وطن سان محبت، فرض سان
سچائي، محبت جي لطيف جذبن، اوسيئڙي، ايثار ۽
قربانيءَ جي لازوال ۽ اڻمٽ نشانن، ماءُ جي ممتا،
محبوب سان وفاداري، دوستي جو نڀاءُ، پنهنجي پنهنجي
شعبي ۾ ڄاڻ جو معيار، اٽل ارادو، اورچائي، اڻٿڪ
محنت، لگن، جنگي فن ۾ مهارت، جنگي حڪمت عملين جي
ڄاڻ ۽ رٿابندي، هوائي جنگ جي پيچيدگين، سهپ،
رازداري ۽ ضابطي ۽ ثابت قدميءَ جا اهڙا ڪردار هن
ناول ۾ شامل آهن، جيڪي تاريخ ۾ فقط ڪڏهن ڪڏهن جنم
وٺندا آهن ۽ جڏهن به جنم وٺندا آهن، تڏهن تاريخ جي
ورقن ۾ سونهري جاءِ والاريندا آهن.
اهڙن ئي تاريخ ساز ڪردارن مان هڪ ڪردار هن ناول جو هيرو آهي،
اليڪسيءَ ماريسئف، جيڪو هوائي جنگي جهاز جو هواباز
آهي. سندس هوائي جهاز دشمنن جي گهيري ۾ اچي وڃڻ
کان پوءِ تيل ۽ گوليون کُٽي وڃڻ سبب دشمنن جي
مورچن پٺيان جهنگل ۾ ڪري ٿو پوي. پاڻ جهاز ڪرڻ کان
ٿورو اڳ جهاز مان ٽپي ٿو پوي. سندس پير ڄميل سخت
برف تي لڳڻ ڪري خراب ٿي پون ٿا، جن کي نيٺ نگرو
بيماري لڳيو پوي. هو ارڙهن ڏينهن تائين اڃيو بکيو،
بيڪار پيرن سان، برفيلي جهنگ ۾ رڙهي هڪ جرمنن
طرفان اجاڙيل ڳوٺ ۾ پهچي ٿو. پوءِ ماسڪو جي اسپتال
۾ سندس پير ڪاٽيا وڃن ٿا. هو نقلي پيرن سان ٻيهر
جنگي جهاز اڏائڻ ۽ جنگ ۾ عملي طرح حصو وٺڻ جو عزم
۽ ارادو ڪري ٿو ۽ جيستائين ٻيهر هو عملي طور هوائي
جنگ ۾ حصو وٺي، دشمن جا پنج هوائي جهاز تباهه ڪري
ٿو. ان عرصي تائين جو سمورو احوال هن ناول ۾ ڏنل
آهي. سندس عزم، همت، اورچائي، حوصلي، لڳاءُ ۽ ثابت
قدميءَ جو احوال ناول پڙهڻ سان ئي معلوم ٿي
سگهندو. باقي مختصر لفظن ۾ سندس ڀرپور شخصيت ۽
ڪردار کي هوبهو چٽڻ جي همت ٻيلي مون ۾ ته ڪانهي!
جرمنن طرفان اجاڙيل ڳوٺ جي ڳوٺاڻن نانا ميخائيل ۽ سندس نوجوان
پُٽ جي بيوه واريا، ماسي واسي ليسا ۽ ٻه ننڍڙا
ڇوڪرا – جن کيس جنگ ۾ رڙهندي ڏٺو هو، جا ڪردار
لافاني ڪردار آهن. ان کان اڳ جنهن هوائي اڏي تان
پاڻ جنگي هوائي جهاز ۾ چڙهي اڏاڻو هو، اتي جا سندس
دوست، خاص ڪري اندرئي ديگتيارينڪو ۽ ”موسمي سرجنٽ“
وغيره. ”موسمي سرجنٽ“ جي خاموش محبت ۽ ان جو عجيب
۽ انوکي نموني ۾ ڪيل اظهار، ماڻهوءَ جي روح کي
جهنجهوڙيو ٿو ڇڏي. ماسڪو جي اسپتال، ان طبي اداري
جو سربراهه واسيلي واسيلي وچ – هڪ معالج جي حيثيت
۾ ۽ هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ
انقلابي روسيءَ جي حيثيت ۾ - واهه واهه!
اسپتال جي وارڊ نمبر 42 جا مريض خصوصًا گريگوري گووزديف؛
استيپان، ڪامريڊ ڪُميسار ـــــــــ هڪ سچو انسان،
سوويت يونين جو هيرو. ميجر استروچڪوف ۽ مڙني کان
وڌ اسپتال جي نرس ڪلاوديا ــــــــ هڪ ”سوويت
حور!“ ڪوڪو شڪن ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڇوڪري انيوتا.
سڀئي سچا موتي، سچا انسان، جن گڏجي هڪ لڙيءَ ۾
سموئجي هڪ سچن موتين جي مالها ٺاهي هئي. اهڙن
ڪردارن کي پڙهڻ کان پوءِ ئي ماڻهن جي طبيعت سندن
عظيم جذبن ۽ وطن سان وفاداري ۽ مٿانئس سر گهورڻ
جهڙيون ڳالهيون پنهنجي ڀرپور اهميت سان سمجهه ۾
اچن ٿيون. ان کان اڳتي تفريحي سيني ٽوريم ۾ ڳاڙهن
وارن واري ڇوڪري زينوچڪا (زينا) جو لافاني ڪردار –
هوائي فوج جو سرجن ميرو ولسڪي جو همدرديءَ وارو
ڪردار، آزمائشي سکيا واري اسڪول جي استاد ناؤموف
جو ميريسئف سان ورتاءُ ۽ اعليٰ هوابازيءَ جي
اسڪولن جي ليڪچر ڏيندڙ استاد ڪرنل ڪپوستين جو
انسان دوستيءَ ۽ بلند اخلاقيءَ وارو رويو، انهن ۽
ٻين ڪيترن ئي ڪردارن سان گڏ ناول جي هيرو جي پوڙهي
ماءُ وارو ڪردار ۽ سڄي ناول ۾ موجود سمورن ڪردارن
جو مهندار ڪردار يعني هيروئن اوليا يا اولگا، واهه
واهه! ڇا چئجي!! قربتن ۽ محبتن جي عظمتن کي ڇهندڙ
هي ڪردار واقعي هڪ ’سچي انسان‘ هجڻ جو درس ڏين ٿا.
روس جي عورتن جنگ جي زماني ۾ پنهنجي مردن سان گڏ
ڇا ڇا نه ڪيو، سي عظيم ڪردار هن ناول جي جان آهن.
مورچن تي وڙهندڙ جانبازن ۽ زخمي ٿيل ويڙهاڪ جوڌن اڳيان اسپتال ۾
پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ پنهنجي محبوبائن جا خط
ڪيتري اهميت رکندا هئا، تن جو ذڪر وَرَ وَرَ ڏيئي
ڪيو ويو آهي. انهن خطن جي سهاري اسپتال ۾ زخميءَ
کي ترياق جيترو فائدو ٿيندو هو ۽ هو جيڪي مورچن تي
وڙهي رهيا هئا، تن کي ڄڻ ته اهي خط هڪ نئين ڪُمَڪَ
پهچائيندا هئا. خطن جي اهميت کي جهڙيءَ ريت هن
ناول ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، تنهن جو شايد ئي ڪو
مثال هجي.
روس جي ماڻهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس جي جيڪا نئين سر
اڏاوت شروع ڪئي آهي، سا اڃا اڄ تائين به جاري آهي.
محترم گوربا چوف جي تازن کنيل اهم قدمن کي ڏسي،
اهو چئي سگهجي ٿو ته روسي اڄ به ”ڏونگر منجهه
ڏيئو“ جي اهم ڪردار اليڪسئي ماريسئف وانگر سامهون
ايندڙ هر رڪاوٽ ۽ مسئلي کي ساڳي اٽل ارادي، همت ۽
جرئت سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
هوائي حادثي جي هن واقعي کي ۽ ان واقعي مان جنم وٺندڙ داستان کي
جنهن نموني ۾ حادثي جي شڪار ٿيل اليڪسيءَ ماريسئف
بيان ڪيو ۽ ان کي سهيڙي سميٽي، ترتيب ڏيئي جنهن
ڪمال فن سان روس جي معتبر ليکڪ ۽ صحافيءَ محترم
بورس پوليوائي هڪ ناول جي حيثيت ڏني آهي، ان مان
سندس گهري مشاهدي، جنگي فن جي ڄاڻ ۽ مختلف ڪردارن
جي نفسيات جي پرک جي بخوبي پروڙ پوي ٿي. سندس هيءَ
تخليق دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي
۽ هن ئي تخليق کيس بين الاقوامي شهريت جو مالڪ
بنائي ڇڏيو آهي.
هروڀرو ائين به ڪونهي ته اهڙا ڪردار، جيڪي هن ناول ۾ شامل آهن،
تهڙا دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ موجود ڪونهن يا
ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو ايترو
شديد ڪونهي. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. هٿ هٿن کان
ڀلا پيا آهن. هر آزاد ٿيندڙ ملڪ جي آزاديءَ جي
جدوجهد واري تحريڪ کي ڏسبو ته اها بيشمار بيش بها،
املهه هيرن ۽ سر گهور ڪندڙ سورهيه سرواڻن سان سٿي
پئي آهي، جن پنهنجون ڪنواريون ڪُهايون ۽ پنهنجا
ڪونڌر قربان ڪيا. ڪيترن ملڪن جا نالا کڻجن! رڳو
اسان پنهنجي سنڌ تي ئي نظر وجهنداسين ته سنڌ جي
تاريخ جو فخر کان ڳاٽ اوچو نظر ايندو. پر ڪڏهن
ڪڏهن تاريخ ۾ اهڙا به موڙ ايندا آهن، جڏهن ڌرتيءَ
ڌڻي دشمنن جي وڇايل ڪوڙڪين، اڇليل ڄارين ۽ سٽيل
سازشن جو کاڄ ٿي، پنهنجو ايڪو ۽ ٻڌي وڃائي، ڇڙوڇڙ
ٿي، بنهه ڪَکُ پَنُ ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ ڌاريون
دشمن ديسي دلالن جي نالي ۾ ڏيهه ڌڻين تي قهري
قيامتون برپا ڪندا آهن. ويجهڙي ماضيءَ ۽ حال ۾
اسان سنڌ واسين سان به ڪجهه اهڙو ئي لقاءُ آهي.
انگريزن کان آزاديءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين سنڌي ماڻهو
پنهنجي وطن سوڌو، آزاديءَ جي نالي ۾ غلام آهيون.
اسين سنڌي قوم هڪڙي عجيب صورتحال ۾ رهون ٿا.
آزاديءَ هوندي به آزادي ڪانهي ۽ وري دنيا جي ڪنهن
به ٻئي ملڪ اسان تي قبضو ڪري، اسان کي غلام به
ڪونه بنايو آهي. ڏاڍي مزي جهڙي صورتحال آهي. هر
مارشل لا ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ سنڌي هوندو آهي ۽
جڏهن به ملڪ کي مارشل لا کان واندڪائي ملندي آهي،
تڏهن ملڪ جو وزيراعظم پڻ سنڌي هوندو آهي ۽ سنڌ جي
ڪابينه ته هونئن ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي هوندي آهي. پر
پوءِ به اسين پاڻ کي آزاد چوائڻ جي لائق ڪونه
آهيون. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ ان تي
سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڳڻڻ کان ٻاهر
گروهه، ٽولا، تنظيمون ۽ تحريڪون آهن، محاذ ۽ اتحاد
به آهن. پر پوءِ به اڃا تائين مسئلو پنهنجي جاءِ
تي قائم آهي. هر ماڻهوءَ آزادي جي ضرورت کي محسوس
ڪيو آهي. هر ماڻهوءَ ٻڌيءَ جي اهميت کي به مڃيو
آهي، پر پوءِ به سنڌي قوم گڏ ٿيڻ بدران اڃا تائين
ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي! جيستائين سنڌي قوم ۾ مڪمل
ٻڌي نٿي ٿئي، تيستائين آزادي اسان کي ويجهو به
ڪانه ايندي.
اسان کي پنهنجي انفرادي، گروهي ۽ مجموعي ڪمزورين تي نئين سر
نگاهه وجهڻي پوندي. پاڻ منجهان هوڏ، انا ۽ ليڊريءَ
جي چڪر جهڙيون بدعتون تڙي ڪڍڻيون پونديون. الڳ الڳ
ڀونگي ٺاهڻ بدران گڏيل حڪمت عملي ۽ طريقي ڪار
ڳولڻو پوندو. اڪيلو اڪيلو ٿي دشمن وٽ استعمال ٿيڻ
بدران گڏيل قوت ٺاهي، دشمنن جي چالاڪين جو مقابلو
ڪرڻو پوندو. هڪ ٻئي ۾ اعتماد ڪرڻو ۽ هڪ ٻئي کي
برداشت ڪرڻ سکڻو پوندو. رڳو ٻين تي الزامن جا تير
وسائڻ ۽ پنهنجي عيبن ۽ ڪمزورين تي ڪک به نه سهڻ
واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. ”غداري ۽ ايجنٽي“ جهڙن
ٺپن ٺاهڻ جون فيڪٽريون بند ڪرڻيون پونديون. سموري
قوم جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. ڪارِ ميدان ۾ جيڪي
پنهنجا، پنهنجا نٿا رهن، تن کي نظر ۾ رکي پنهنجو
قبلو درست ڪرڻو پوندو. وقت اچي ويو آهي ته هاڻي
سنڌي عوام پنهنجي ڇڙواڳ سياستدانن ۽ قوم جي تقدير
سان کيڏيندڙ سياسي ٻهروپين جو احتساب ڪري ۽ وڌيڪ
اجايو وقت زيان ڪرڻ جي کين اجازت نه ڏين. سنڌي
عوام کي پاڻ منجهان پنهنجي لاءِ ”ڏونگر منجهه
ڏيئو“ جهڙن ڏيئن کي ڳولي اڳيان آڻڻو آهي. اهڙن
هيرن ۽ سچن انسانن کي پنهنجي مهنداري سونپڻي آهي،
جيڪي واقعي ”سچا انسان“ هجن ۽ اهڙا سچا انسان،
اسان ۾ موجود به آهن. رڳو سڃاڻڻ واري اک جي ضرورت
آهي. سنڌي ماڻهن کي اکيون پوري عقيدتمنديءَ جو
مظاهرو ڪرڻ بدران ڏويئو کڻي سچا ماڻهو ڳولڻا پوندا
– جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
ٻاريم ٻاروچل لئه ڏونگر منجهه ڏيئو!
چڱو ساٿ سلامت
20 آگسٽ 1990ع
پرويز
سنڌ ميڊيڪل اسٽور
ميرپور بٺورو، ٺٽو، سنڌ.
ڏونگر منجهه ڏيئو
(يوويت يونين جي ليکڪ ۽ صحافي بورس پوليوائي جي روسي ناول جي
اردو ترجمي ”چراغ جلتا رها“ جو سنڌي ترجمو)
(1)
تارا سڄي رات جو سفر طئي ڪري صبح کي ويجهو پهچي رهيا هئا، پر
منجهن سندن پرنور ۽ ٿڌي روشنيءَ واري چمڪ اڃا به
موجود هئي، توڙي جو اوڀر کان آسمان ۾ پرهه ڦٽيءَ
جي ڌنڌلي ڌنڌلي اڇاڻ پکڙجي رهي هئي. آهستي آهستي
اونداهيءَ ۾ وڻ پنهنجا ڪَرَ کڻندا پئي محسوس ٿيا.
اهڙي ماٺ واري ماحول ۾ اوچتو ئي اوچتو تکي، تيز ۽
تازي هوا وڻن جي پالوندرن کي جهنجهوڙڻ لڳي ۽ سڄو
جهنگل هڪ زوردار ۽ گونجدار آواز سان ٻُري اٿيو.
جهنگل جا صدين کان پراڻا وڻ هن اوچتي آفت کان
بيقرار ٿي سُرٻاٽن ۾ هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا ۽ ٻوري
جهڙي خشڪ برف وڻن جي پالوندرن تان ڇڻندي ڦهڪو ڪندي
اچي پَٽ تي ڪرندي رهي.
هوا جيترو اوچتو ۽ جلدائيءَ سان لڳي هئي، اوترو ئي تيزيءَ سان
بند ٿي ويئي. وڻ هڪ ڀيرو وري پاري جهڙي ٿڌاڻ ۾
گهيريل ننڊ ۾ پڄي ويا ۽ تنهن کان پوءِ ئي جهنگل ۾
اُهي سمورا آواز گونجڻ لڳا، جيڪي پرهه ڦٽيءَ جو
پيغام ڏيندا آهن. پاسي واري جهنگلي ميدان مان
بکايل بگهڙن جي گهيرٽن جو آواز آيو، لومڙين جي ڊنل
اونائي ٻڌڻ ۾ آئي ۽ پوءِ وري ڪاٺَ ڪٽي جي مبهم کٽ
کٽ جو آواز آيو، جيڪو جهنگل جي ماٺيڻي ماحول ۾
ايترو ته مترنم پئي معلوم ٿيو، ڄڻڪ هو پنهنجي چهنب
ڪاٺ تي هڻڻ بجاءِ ڪو وائلن وڄائي رهيو هجي.
پوءِ چيل جي وڻن جي پالوندرن ۾ هوا سوسٽ ڪري نچڻ لڳي. صاف ٿيندڙ
آسمان ۾ آخري تارا بنهه آهستي آهستي جهڪا ٿيندا گم
ٿيندا پئي ويا. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ آسمان خود
سوڙهو ٿي بنهه ڳتيل ٿي ويو آهي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ
جهنگل پاري واري راتوڪي اوڍيل چادر پري اڇلائي
پنهنجي سمورين سونهن، ساوڪ ۽ شادابين سان مهڪي
رهيو آهي . چيڙ ۽ فر جي گهاٽين چوٽين کي ڇهندڙ
گلابي لڪير ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي رهي هئي ته سج
اڀري چڪو آهي ۽ هڪڙي روشن، فرحت ۽ تازگي بخشيندڙ
پاري جهڙي ٿڌي ڏينهن جو آغاز ٿي چڪو آهي.
هاڻ روشني گهڻي قدر پکڙجي چڪي هئي. بگهڙ راتوڪي ڪيل شڪار کي هضم
ڪرڻ لاءِ جهنگل جي گهاٽن جهڳٽن ۾ وڃي چڪا هئا.
لومڙي به ميدان مان وڃي چڪي هئي، پر پنهنجي چالاڪي
۽ عياريءَ کان ڪم وٺندي برف تي اهڙي طرح وڪڙ
کائيندي پئي ويئي ته جيئن ڪو سندس پيرن جا نشان
کڻي وٽس پهچي نه سگهي. سمورو جهنگل هڪ اڻ کٽندڙ
آواز سان گونجي رهيو هو. ان طويل، بيقرار ۽ سحر
انگيز گونج ۾ جيڪا موسيقيءَ جي ماٺيڻي لهرن جيان
مسلسل ٻُري رهي هئي، فقط ڪاٺ ڪٽي جي کٽ کٽ يا ته
جهرڪين جي چون چون جي ڪري ڪو وقفو پيو ٿي، نه ته
اها گونج مسلسل گونجي رهي هئي.
سروڪا جهرڪيءَ پنهنجي ڪاري نوڪدار چهنب بانس جي ٽاريءَ تي صاف
ڪندي پويان مڙي نهاريو ۽ غور سان ڪجهه ڏسڻ کان
پوءِ اڏامڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳي. وڻن جي ٽارين جو هڪ
ٻئي سان لڳڻ جو آواز پيدا ٿيو. ڪو ديو جهڙو مضبوط
۽ وڏو جانور وڻن ٻوٽن مان اڳتي وڌي رهيو هو. ٽارين
۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، چيڙ جون چوٽيون بي چينيءَ ۾
لڏڻ لڳيون، سروڪا دانهن ڪئي ۽ اڏامي ويئي.
برف سان ڍڪيل چيڙ جي وڻن مان هڪ ڦاڙهو ظاهر ٿيو، جنهن جي مٿي تي
مختلف شاخن وارا سنڱ موجود هئا. هن وڏي ميدان جو
جائزو ورتو. هن جي اکين ۾ خوف هو ۽ سندس نڪ جون
ناسون زور زور سان ڦڙڪي رهيون هيون ۽ منجهائن گرم
گرم ساهن کڻڻ ڪري ٻاڦ نڪري رهي هئي.
پوڙهو ڦاڙهو چيڙ جي وڻن جي پاڇي ۾ ڪنهن مجسمي وانگر بيٺو هو.
صرف سندس پٺن جي کل ڦڙڪي رهي هئي. خطري جي احساس
کان سندس ڪن اُڀا هئا ۽ هر آواز تي متوجهه ٿي ٿيا.
هن جي ٻڌڻ واري حس ايتري ته تيز هئي جو هُن ان
ڀونئري جو آواز پڻ ٻڌي ورتو هو، جيڪو چيڙ جي وڻ ۾
پنهنجي سُنڍ کپائي رهيو هو. پر هن کي جهرڪين جي
اُڏامڻ ۽ ڪاٺ ڪُٽي جي کٽ کٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.
ڦاڙهي جي ڪنن کي ته اطمينان ٿيو ته ڪو خطرو ڪونهي. پر سندس نڪ
جي ناسن خطري جي بوءِ سونگهي ورتي هئي. ڳرندڙ برف
جي خوشبوءِ ۾ هڪ تيز، گندي ۽ اڻ وڻندڙ ڌپ به مليل
هئي، جيڪا ان گهاٽي جهنگل لاءِ بنهه اجنبي هئي. ان
جانور جي غمگين ۽ ڪارين اکين کي چمڪندڙ سفيد برف
جي تهن ۾ ڪارا ڪارا پاڇولا نظر آيا. هو ذرو به
ڪونه چريو. هو ڇلانگ لڳائي جهنگل ۾ ڀڄڻ لاءِ تيار
ٿي ويو، پر برف تي پيل پاڇولا، جيڪي هڪ ٻئي جي
ويجهو هئا ۽ ڪن هنڌن تي هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا
هئا، بنهه خاموش هئا. انهن جو تعداد ته گهڻو هو،
پر انهن مان ڪوبه چريو پريو ڪونه ٿي. اتان ئي
اڻوڻندڙ ۽ تيز بوءِ اچي رهي هئي.
پوڙهو ڦاڙهو جهنگلي ميدان جي ڪناري تي بيٺو خوفزده نگاهن سان
ڏسي رهيو هو. هن جي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هن خاموش ۽
ساڪت ۽ بظاهر غير نقصانڪار ماڻهن جي وَلَرَ کي ڇا
ڪو نانگ سونگهي ويو آهي!
مٿان هڪ آواز آيو ۽ ڦاڙهو ڏڪي ويو. هن جي پٺن جي کل ۾ ڏڪاڻي اچي
ويئي ۽ هن جون پٺيون ٽنگون ڀڄڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ
تيار ٿي ويون. پر اهو آواز به بي ضرر هو. اهو آواز
انهن ڀونئرن جي ڀون ڀون وانگر هو، جيڪي تازن گلن
مان رس چوسڻ مهل چڪر هڻندي ڪندا آهن. ور ور ڏيئي
هڪ گهوگهاٽ پيدا ڪندڙ آواز ان ڀون ڀون ۾ شامل ٿي
ويو.
پوءِ پاري ۾ ڏڪندڙ نيري آسمان ۾ اهي ڀونئرا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي
پنهنجي چمڪندڙ پکن سان نچي رهيا هئا، هر ڀيري اهي
پکي اڃا به وڌيڪ بلنديءَ تان گجندا نظر آيا. انهن
مان هڪ ڀونئرو پنهنجي پکڙيل پکن سميت زمين تي اچي
ڪريو. باقي ٻيا ڀونئرا نيري آسمان ۾ نچندا رهيا.
ڦاڙهي پنهنجي جسم کي ڍرو ڇڏيو ۽ ميدان ۾ قدم رکيو
۽ آسمان ڏانهن آڏي اک سان نهاريندي سخت برف کي
چٽيائين. اوچتو ئي هڪ ٻيو ڀونئرو ان نچندڙ ٽولي
مان الڳ ٿيو ۽ پنهنجي پويان دونهن جي هڪ لاٽ
ڇڏيندي سڌو جهنگ جي اڻ کليل ميدان ۾ لامارو لڳايو.
اهو وڏو ٿيندو ويو ۽ ايترو ته تيزائي سان وڌيو جو
مشڪل سان ئي ڦاڙهي کي ڇلانگ لڳائي جهنگ ۾ ڀڄڻ جو
موقعو ملي سگهيو هوندو. ان وقت ڪا بنهه وڏي آفت،
جيڪا خزان جي موسم واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ
هئي، وڻن جي چوٽين سان ٽڪرائجندي هڪ زبردست ڌماڪي
سان اچي زمين تي ڪري، جنهن جي ڪري سمورو جهنگل
گونججي ويو.
هيءَ گونج چيڙ جي سرسبز گهراين ۾ ٻڏي ويئي. ٻوري جهڙي برف، جيڪا
ڪرندڙ جهاز جي ڪري درهم برهم ٿي ويئي هئي، سا وڻن
جي چوٽين تان اڏامندي هوا ۾ ترندي چمڪندي ۽ جڳمڳ
ڪندي اچي زمين تي ڪري چڪي هئي. ٻيهر مڪمل خاموشي
ڇانئجي ويئي. انهيءَ مڪمل سانت واري ماحول ۾ هڪ
انسان جي ڪنجهه ۽ هڪڙي هلندڙ رڇ جي پيرن سان
لتاڙجندڙ برف جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
رڇ تمام وڏو پڙهو ۽ مضبوط هو، پر اڀرو ٿي لڳو ۽ رڳو ڪلهن وٽ ۽
پوين ٽنگن وٽان ميرا ۽ ڀورا وار لڙڪي رهيا هئا.
ڪنهن زماني ۾ هن جهنگل ۾ سواءِ شڪارين ۽ ٻيلن جي
رکوالن جي ٻيو ڪير به ڪونه ايندو هو، سو به ڪڏهن
ڪڏهن. پر هن خزان جي موسم ۾، اڃا رڇ پنهنجي مڪمل
آرام جي تياري پئي ڪئي ته جنگ شروع ٿي ويئي ۽ رڇ
کي پنهنجي ٿم مان نڪرڻو پيو. هاڻي هو بک ۾ ساڻو
هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو. کيس هڪ پل به آرام
ڪونه هو.
رڇ ميدان جي ڪناري تي انهيءَ جاءِ تي اچي بيٺو، جتي ٿورو اڳ ۾
ڦاڙهو بيٺل هو. رڇ ڦاڙهي جي پيرن جا نشان سونگهيا.
سندس وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن وڏا وڏا ساهه کنيا ۽
ڪن اُڀا ڪيائين. هن کي محسوس ٿيو ته ڦاڙهو ته هٿان
نڪري چڪو آهي، پر کيس ويجهڙائيءَ کان هڪ اهڙو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڪنهن زندهه ۽ شايد ڪمزور شيءِ جو
ٿي سگهيو ٿي. پوءِ هو تمام آهستي آهستي پنهنجن نرم
پيرن سان برف تي بنهه سنڀالي سنڀالي قدم کڻندو ان
انساني جسم ڏانهن وڌيو، جيڪو تقريبًا برف ۾ ڍڪيو
پيو هو.
(2)
هوا باز ميريسئف فضائي جنگ جي ٻٽي ’چنگل‘ ۾ ڦاسي پيو هو. هوائي
جهازن جي ويڙهه ۾ ڪنهن شخص سان ان کان وڌيڪ ٻي
ڪابه خراب ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. هن وٽ موجود
سموريون گوليون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ کيس چار جرمن
جهاز گهيرو ڪري سندن اڏي ڏانهن هلڻ لاءِ مجبور ڪري
رهيا هئا.
ٿيو هيئن ته ليفٽيننٽ ميريسئف جي سنڀال هيٺ جنگي هوائي جهازن جو
هڪ دستو ’ايل‘ هڪ ٻئي هوائي جهازن جي دستي جي
نگهبانيءَ لاءِ روانو ٿيو، جيڪو دشمن جي هوائي اڏي
تي حملو ڪرڻ پئي ويو. هي دليرانه حملو ڪامياب ٿيو.
هڪ قسم جا روسي هوائي جهاز، جن کي بري فوج وارا
”اڏامندڙ ٽينڪون“ چوندا هئا، چيڙ جي وڻن جي چوٽين
کي بنهه ڇُهندي آهستي آهستي هوائي اڏي تي پهچي
ويا، جتي ڪيترا ئي ’يونڪرس‘ جرمن جهاز قطارون ڪري
بيٺا هئا. روسي جهاز اوچتو ئي هوائي اڏي تي اچي
ڪڙڪيا ۽ انهن جون مشين گنون ۽ توپون انهن وڏن
ٽرانسپورٽ جهازن تي گوليون وسائڻ لڳيون ۽ دونهن
وارا بم اڇلڻ لڳيون. ميريسئف پنهنجي چئن هوائي
جهازن جي دستي سان ان حملي واري علائقي جي سنڀال
ڪري رهيو هو. هن چٽي طرح ڏٺو پئي ته هوائي اڏي تي
ماڻهو پاڇولن وانگر ڀڄي ڊڪي رهيا هئا. برف سان
ڍڪيل ميدان تي ٽرانسپورٽ جهاز اڏامڻ لاءِ رڙهي
رهيا هئا. روسي جهاز ور ور ڏئي حملو ڪري رهيا هئا
۽ ’يونڪرس‘ جرمن هوائي جهازن جا هواباز ان باهه جي
طوفان ۾ به پنهنجن جهازن کي رن وي تي ڊوڙائي اڏائي
رهيا هئا.
انهيءَ گهڙيءَ ئي ميريسئيف کان اها موتمار غلطي ٿي هئي. حملي
واري علائقي جي ويجهڙائيءَ کان نگهباني ڪرڻ بجاءِ
هوابازن جي زبان ۾ ’وجهه ۾ آيل شڪار‘ جي لالچ جو
هو خود شڪار ٿي ويو. هن پنهنجي جهاز کي لامارو
ڏياريو ۽ ان تمام ڳري ٽرانسپورٽ جهاز تي ڇپ وانگر
وڃي ڪريو، جنهن اوڏيءَ مهل زمين تان اڏامڻ جي ڪوشش
ڪئي هئي. ان پنج رنگي هوائي جهاز جي مستطيل ڌڙ کي
گولين لڳڻ سان پرڻ ڪرڻ ۾ کيس تمام گهڻو مزو آيو.
هن کي ايترو ته اعتماد هو جو هن دشمن جي جهاز کي
زمين تي ڪرندو ڏسڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي.
هوائي اڏي جي ٻي ڇيڙي تان هڪ ٻيو يونڪرس جهاز
اڏاميو ۽ اليڪسيءَ ميرسئيف ان جي پويان لڳي چڙهيو.
هن حملو ڪيو، پر ناڪام ٿيو. گوليون دشمن جي جهاز
جي مٿان ئي هليون ويون. هن ڦڙتائيءَ سان جهاز کي
گهمايو ۽ ٻيهر حملو ڪيو ۽ ٻيهر به ناڪام ٿيو. هن
پنهنجي شڪار کي هڪ ڀيرو وري وڃي جهليو ۽ هن ڀيري
هن جهاز جي سگار جهڙي ڌڙ کي نشانو بنائي کيس جهنگل
۾ ڪيرائي ڇڏيو. يونڪرس جهاز کي ڪيرائڻ ۽ فتح جي
خوشيءَ ۾ دونهين جي انهيءَ ڪاري مينار جي چوڌاري
ٻه چڪر لڳائڻ بعد هو دشمن جي هوائي اڏي ڏانهن وري
موٽيو.
پر هو اوستائين پهچي نه سگهيو. هن پنهنجي ٽن جهازن کي دشمن جي
نون ”ميسر“ جهازن سان وڙهندي ڏٺو، جن کي ظاهر آهي
ته جرمن هوائي اڏي جي ڪمانڊر روسي جهازن جي حملي
جو جواب ڏيڻ لاءِ گهرايو هو. سندس دستي جا جهاز
وڏي دليريءَ سان دشمن تي حملو ڪري رهيا هئا، جيڪي
تعداد ۾ کانئن ٽيڻا هئا.
اليڪسيءَ جيڏي مهل سوچيو ته هو وجهه آيل شڪار جي لالچ ۾ اچي ويو
آهي، اوڏي مهل هن پنهنجي مِٽِن کي ٻرندو محسوس
ڪيو. بهرحال، هن پنهنجو شڪار تاڙيو ۽ ڏند ڪرٽي
باهه جي انهيءَ طوفان ۾ ٽپي پيو. هن هڪ ميسر هوائي
جهاز کي تاڙيو، جيڪو نسبتًا ٻين جهازن کان الڳ ٿي
ويو هو. اليڪسيءَ انتهائي تيزي سان جهاز کي موڙي
دشمن جي جهاز جي پاسي کان مٿس حمله آور ٿيو. هن
هوائي جنگ جي فن جا سمورا گر استعمال ڪري حملو ڪيو
هو. جڏهن هن گهوڙو دٻايو، تڏهن دشمن جي جهاز جو ڌڙ
نشاني تي بنهه صاف ظاهر هو. پر دشمن جي جهاز جو
وار به ونگو ڪونه ٿيو ۽ اهو پاسي مان لنگهي ويو.
اليڪسيءَ جو نشانو ڪڏهن به گسي نٿي سگهيو. شڪار
ويجهو به هيو ۽ نشاني تي به بنهه پورو هو.
”گوليون!“ اليڪسي سمجهي ويو ۽ هڪدم جسم ۾ هڪڙي ٿڌ
جي لهر ڊوڙي ويئي. هن آزمائڻ خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر
گهوڙو دٻارو پر کيس گولين هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه
آيو، جيڪو هر هواباز پنهنجي مشين گن هلائڻ مهل
پنهنجي بدن ۾ محسوس ڪندو آهي. گولين جا سمورا خانا
خالي هئا. هن گولين جو سمورو ذخيرو ٽرانسپورٽ
هوائي جهازن تي حملا ڪرڻ ۾ ختم ڪري ڇڏيو هو.
پر دشمن کي ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي! اليڪسيءَ فيصلو ڪيو ته
مرڪزي لڙائي ۾ ٽپي پئجي ته جي جيئن ٻيو ڪجهه نه ته
به لڙڻ وارن جهازن ۾ ته هڪ جو واڌارو ٿيندو ئي. پر
اها سندس سوچ بلڪل غلط هئي. جنهن جهاز تي پاڻ
ناڪام حملو ڪيو هئائين، ان جو هواباز بنهه
تجربيڪار ۽ تيز ذهن هو. ان جرمن هواباز محسوس ڪري
ورتو ته دشمن جون گوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽
پنهنجي ساٿين کي هدايت جاري ڪيائين. چار ’ميسر‘ جهازن
ٻين ساٿين کان الڳ ٿي اليڪسيءَ جي جهاز کي گهيرو
ڪري ورتو. هڪ هڪ جهاز پاسن کان، هڪ هيٺان ۽ هڪ
مٿان. انهن جهازن چئني پاسن کان گولين جي برسات
وسائي اليڪسيءَ کي هڪ خاص رخ ڏانهن هلڻ لاءِ مجبور
ڪيو ۽ پنهنجي ٻٽي ”چنگل“ ۾ جڪڙي ورتو.
ٿورا ئي ڏينهن الڳ اليڪسيءَ ٻڌو
هو ته اولهه کان بهترين هوابازن جي ڊويزن
”ريختگوفن“ هتي آيل آهي، جنهن جي اڳواڻي سڌي طرح
گوئرنگ جي هٿ ۾ هئي. اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هو
انهن فضائي بگهڙن جي چنبي ۾ ڦاسي ويو آهي ۽ ظاهر
آهي ته اهي کيس پنهنجي اڏي تي وٺيو پيا وڃن ته
جيئن کيس گرفتار ڪري سگهن. اهڙي قسم جا واقعا ٿي
چڪا هئا. پاڻ خود اکين سان ڏٺو هئائين ته سندس
دوستن، سوويت يونين جي هيرو، اندرئي ديگتيادينڪو
جي سربراهيءَ ۾ هڪ هوائي دستي ڪيئن نه هڪ جرمن
هوائي جهاز کي هيٺ لهڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ هواباز
کي قيد ڪيو هو.
جرمن
قيديءَ جو ڏک جهڙو چهرو ۽ سندس ٿرندڙ قدم اليڪسيءَ
جي اکين اڳيان ڦري آيا. ”قيدي ٿيان؟ ڪڏهن به نه!
اها چالاڪي مون سان هلي نه سگهندي!“ هن فيصلو ڪري
ڇڏيو.
پر هر ڪوشش جي باوجود به هو بچي نه سگهيو. جرمن
هواباز کيس جنهن رستي تان وٺي وڃڻ تي مجبور ڪري
رهيا هئا، اتان هو تر جيترو به هٽيو ٿي ته انهن
سندس رستي ۾ گولين جي ديوار کڙي ڪري ٿي ڇڏي. هڪ
ڀيرو ٻيهر اليڪسيءَ جي اکين ۾ جرمن قيدي، سندس
چچريل چهرو ۽ لڙڪيل واڇون اُڀري آيون. هن جي اکين
۾ خوف جي جهلڪ صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي.
ميريسئف زور سان ڏند ڪرٽيا ۽ انجڻ جي سموري گئس
خارج ڪري ڇڏي ۽ عمودي پوزيشن اختيار ڪري هن ان
جهاز جي هيٺان لامارو ڏنو، جيڪو کيس هيٺ لهڻ تي
مجبور ڪري رهيو هو. هو دشمن جي جهاز هيٺان نڪرڻ ۾
ته ڪامياب ٿي ويو، پر دشمن هواباز سندس جهاز تي
پوري وقت تي گهوڙو دٻائي ڇڏيو هو. اليڪسيءَ جي
جهاز هم آهنگي غائب ٿي ويئي ۽ ٿوري ٿوري دير بعد
انجڻ بيهڻ لڳي. سڄو هوائي جهاز ننهن کان چوٽيءَ
تائين ائين پئي ڏڪيو، ڄڻ کيس سيءَ وارو بخار ٿيو
هجي.
”مون
تي وار ٿي چڪو آهي!“ اليڪسيءَ سفيد ڪڪرن جي هڪڙي
ڍير ۾ لامارو ڏيئي، پويان ايندڙ جهازن کان جان
ڇڏائي ويو. پر هاڻي ڇا ڪجي؟ هو زخمي جهاز جي لرزش
پنهنجي سڄي جسم ۾ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ اها
زخمي انجڻ جي تڙپ نه، پر سندس پنهنجي بخار جي ڪرڀ
آهي، جيڪا سڄي بدن ۾ ڏڪاڻي پيدا ڪري رهي آهي.
انجڻ کي ڪٿي نقصان پهتو آهي؟ اڃا ڪيتري دير هوائي
جهاز هوا ۾ اڏامي سگهي ٿو؟ ڇا تيل جي ٽانڪي ڦاٽي
پوندي؟ اليڪسيءَ انهن سوالن جي باري ۾ جيترو سوچيو
ٿي، ان کان وڌيڪ محسوس ڪيو ٿي. هن محسوس ڪيو ته هو
هڪ اهڙي ڊائناميٽ جي ڍڳ تي ويٺل آهي، جنهن جي
رسيءَ کي باهه لڳل آهي. هن هوائي جهاز جو رخ
پنهنجي هوائي اڏي ڏانهن موڙيو ته جيئن جيڪڏهن مرڻو
ئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ماڻهن هٿان ته دفن
ٿجي.
اوچتو ئي اوچتو سمورو واقعو پنهنجي انتها تي پهچي
ويو. انجڻ بيهي رهي، هوائي جهاز زمين طرف ڪرڻ لڳو.
هن جي هيٺ جهنگل هڪ لامحدود سرمائي ۽ نيري سمنڊ
وانگر ساهه کڻي رهيو هو........ ”خير آءٌ قيدي ته
نه ٿيندس.“
ويجهي ۾ ويجها وڻ، جيڪي هڪڙي پکڙيل پٽيءَ وانگر
پئي لڳا، هن جي هوائي جهاز جي پکن هيٺان ڊوڙڻ لڳا.
جڏهن جڏهن جهنگل هن تي هڪ وحشي بگهڙ وانگر ڇلانگ
ڏنو ته هن بي اختيار هڪ سَٽ سان انجڻ بند ڪري ڇڏي.
هڪ زبردست ڌماڪي جو آواز گونججي ويو ۽ هڪ پَل ۾ ئي
هر شيءِ اکين کان اوجهل ٿي ويئي. ڄڻ هو ۽ سندس
هوائي جهاز، ٻئي گهري ۽ ڪاري سمنڊ ۾ ٽپي پيا هجن.
هوائي جهاز هيٺ ڪرندي صنوبر جي وڻن جي چوٽين سان
ٽڪرايو، ان ڪري سندس ڪرڻ جي تيزي ڪجهه گهٽ ٿي
ويئي. ڪيترن ئي وڻن کي ٽوڙيندو هوائي جهاز پاڻ به
ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، پر اليڪسيءَ ان کان چند لمحا
پهرين هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ مان ٽپي چڪو هو. هو
سوين سال جهوني فر جي وڏي وڻ
تي
ڪريو ۽ ان جي ٽارين تان ترڪندو برف جي ان ڍڳ تي
اچي ڪريو، جيڪو تيز هوائن وڻ جي پاڙ وٽ گڏ ڪيو هو.
برف سندس جان بچائي ورتي.
اليڪسيءَ کي بلڪل ياد ڪونه هو ته اتي ڪيتري دير
بيهوش، بي حس ۽ بنا چرڻ پرڻ جي پيو رهيو؟ هن محسوس
ڪيو ته اڻ چٽا انساني پاڇا، عمارتن جا نقش ۽ عجيب
وغريب مشينن جا اولڙا طوفاني تيزي سان هن وٽان
لنگهي هليا ٿي ويا. انهيءَ احساس سندس سموري بدن ۾
سور جون سوٽون جاڳايون. پوءِ تمام وڏي ۽ گرم شيءِ
انهيءَ طوفاني هنگامي مان ظاهر ٿي، جنهن جي شڪل
شبيهه بنهه اڻ چٽي هئي ۽ سندس چهري تي گرم ۽
بدبودار ڦوڪون هڻڻ لڳي. هن پاسو ورائي انهيءَ آفت
کان پري ٿيڻ ٿي چاهيو، پر هن محسوس ڪيو ته هو برف
۾ بنهه ڍڪجي ويو آهي. هن هڪ اڻ ڄاتل دهشت کان
مجبور ٿي، جيڪا سندس چوطرف ڦري رهي هئي، سٽ ڏيئي
پاسي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن پنهنجي ڦڦڙن ۾ ۽ مٽن
وٽ هڪ ٿڌي هير جو ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ
زبردست سور جي سوٽ پڻ. پر هن ڀيري سور جي اها سوٽ
سڄي بدن ۾ نه پر فقط سندس پيرن ۾ هئي.
”جيئرو
آهيان!“ هن جي دماغ ۾ اهو خيال اڀريو. هن اٿڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر ويجهو ئي کيس ڪنهن جي پيرن جي آهٽ ۽
گرم گرم ساهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
”جرمن!“
هڪدم کيس خيال آيو ۽ هن اک کولڻ شرط ٽپ ڏيئي
پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي خواهش کي دٻائي ڇڏيو.
”قيدي!
نيٺ قيدي ٿي ويس. هاڻي آئون ڇا ڪريان؟“
کيس
ياد آيو ته ڪلهه ئي هر فن موليٰ مستري يورا سندس
پستول جي خول جي ٽٽل حصي جي مرمت ڪرڻ لاءِ چيو هو،
پر هو مرمت ڪرائي نه سگهيو هو. ڇاڪاڻ ته پستول
سندس فلائينگ سوٽ جي کيسي ۾ وجهي هلڻو ٿي پيو.
کيسي مان پستول ڪڍڻ لاءِ کيس پاسو ورائڻو ٿي پيو ۽
ائين ڪرڻ سان دشمنن متوجهه ٿي ٿي سگهيو. هو منهن
ڀر پيو هو. هن پستول جا تيز ڪنارا پنهنجي ران ۾
چڀندا محسوس ڪيا. پر هو بي حرڪت پيو رهيو. شايد
دشمن کيس مردو سمجهي ڇڏي هليو وڃي!
جرمن
هن جي ويجهو هلي رهيو هو ۽ ڪجهه عجيب انداز ۾ ساهه
کڻي رهيو هو. پوءِ هو سندس ويجهو آيو. اليڪسيءَ
سندس وات مان نڪرندڙ بدبوءِ ٻيهر محسوس ڪئي. هاڻي
هو سمجهي ويو ته اتي فقط هڪڙو ئي جرمن موجود آهي ۽
انهيءَ خيال سندس بچڻ جو امڪان وڌائي ڇڏيو. جيڪڏهن
هو جرمن کي مسلسل تاڙيندو رهي ۽ موقعو ملڻ تي هڪدم
ٽپ ڏئي مٿس حملو ڪري ڏي ۽ کيس هٿيار استعمال ڪرڻ
کان اڳ ئي گهوگهو ڏيئي ڇڏي ته......... پر اهو سڀ
ڪجهه انتهائي احتياط ۽ ڦڙتائيءَ سان ڪرڻو پوندو.
پاسو ورائڻ کان سواءِ ئي اليڪسيءَ آهستي آهستي
اکيون کوليون ته
کيس
جرمن جي جاءِ تي هڪ ڀورو ڳرو ڍير نظر آيو. هن اڃا
به وڌيڪ اکيون کوليون ۽ هڪدم زور سان وري بند ڪري
ڇڏيائين. هتي ته سامهون هڪ تمام وڏو رڇ ۽ اڀرو رڇ
ويٺو هو. |